سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 04/ 2023ع

باب:

صفحو:16 

صلاح الدين پنهور

ڪراچي

 

نثري نظم

پھر رات جو زلفن  جيان

 ڊگھو ٿي وڃي

پرڀات تائين  ڇانوء جو

 ڇانورو ٿي وڃي

تارن ڪتين سان ڳالھيون

ڪندي ڪندي 

سانوريء جو پيار

بانورو  ٿي وڃي

نگاھن جي تاب سان ٿو

چنڊ   ڪڪرن م.لڪي وڃي

پرڀات تائين ڇانوء biجو

ڇانورو ٿي وڃي 

پھر رات جو زلفن جيان

ڊگھو ٿي وڃي.

 

محمد سليم فَراشُ

هالا

 

 

 

غزل

 

کِلائي کِلائي، روئاري وڃي ٿو،

خُشيون منهنجي دل جون ٻُهاري وڃي ٿو.

 

ڪيون مون به منٿون، هڪ نه مَڃيائين،

ڇڏي مون کي ڪنهن جي سهاري وڃي ٿو.

 

ڪري قول مون سان، سعودي وڃي ٿو،

جهازن پنهنجو جاني اُڏاري وڃي ٿو.

 

’سليم فراش‘ موٽي ڪونه ايندو،

عمر لاءِ هُو مون کي، روئاري وڃي ٿو.

*

ماڻهو جيڪو مرندو آه، قدر پوءِ ان جو ٿيندو آهي،

قدر پوءِ ان جو ٿيندو آهي، هرڪو اچي روئندو آهي.

 

نفرت جيئري ان کان ڪري، پوءِ اچن ٿا قدم ڀري،

هاڻي اچي اٿئي قُل پڙهيا، ڪلهه تو ڪهڙا ٻول ٻوليا،

’سليم فراش‘ هيو، اڄ مري توکان ڌار ٿيو.

 

شمس صابر

.......

غزل

مئڪدي ۾ جنهن گهڙي، هُو مَسند آرا ٿي ويو،

حُڪم نيڪالي جو مون لئه، لا محاله ٿي ويو.

مون دعا اُن کي ڏني، هُن ڌما مون کي ڏنا،

قرض جو هِڪ ٻئي تي هو، سو آجا پاجا ٿي ويو.

هُن جي مُرڪڻ تي ڏٺم، واعظ اچي پابوس ٿيو،

خلقَ حيرت ۾ پئي، هي ڇا منجهان ڇا ٿي ويو.

خاڪ پا کي مون چُميو، فتويٰ اُٿي زاهد ڏني،

آهي پَڌري بُت پرستي، ڪُفر بَرپا ٿي ويو.

ضبط غَم لئه لَب سبيم، پر نيرَ نيڻن کان ٽميا،

جو گهڻو مخفي رکيم، سو رازُ اَفشا ٿي ويو.

صبر ڪيئن ’صابر‘ نه ايندو، هن دل بيمار کي،

جو مريض عشق جو دُشمن مسيحا ٿي ويو.

 

غزل

هڪ نظر سان سهڻا سائين، گهايل کي تون گهائي وئين،

نيڻ کڻي تون اُلفت جا، دل ۾ جوت جَلائي وئين.

 

مخمور نگاهن تنهنجن مون کان  پنهنجو پاڻ ڀُلايو،

ڇا توکي خبر اي سهڻا، جا عشق جي آڳ لڳائي وئين.

 

هڪڙي ساعت ۾ تون سائين، ڪوڙين قُرب ڪيا،

محبت جي اي مٺڙا، منهنجي مَنَ ۾ ميخ ملائي وئين.

 

’صابر‘ جهڙا سُهڻا سائين، مُحب لکين مُشتاق ڏٺم،

محبوبَ سَوين مجبور ُ مٺا، جي راهُن ۾ تون رلائي وئين.

 

مُستقيم ’بازيدپوري‘

ڪنڊيارو

 

 

 

بيت

سَڄي سنڌ يَڪ آواز، سَيَد تُنهنجي سَڏ تي،

آديسين هي انداز، اُتم آهي اَزل کان.

جاني پَنهنجي جِندِ، جيسين آهي جَهانَ ۾،

سَيد ۽ سِنڌ، سَدا رهندا سَريرَ ۾.

تُنهنجا ٻَهه ٻَهه ٻولَ، اَمر آهن اَزل کان،

سيَدَ تُنهنجا قولَ، ڪارائتا آهن قوم لاءِ.

ٻئي دَر نه دانهي قومَ تُنهنجي ديواني،

سَيَدَ تُنهنجو ثاني، سُجهي نَٿو ساڻيهَه ۾.

سُجهي نَٿو ساڻيهَه ۾، ڪو جو ٻُڌي سَچُ،

رُڳو ئي ڪَچُ، ڪاهي پيو آهي قومَ ۾.

جَرڪي پيو سَنُ، سَيَدَ تُنهنجي سَڏَ تي،

سڀنِ اِهو وَچن، ته ساٿُ ڏيندا سَچَ جو.

 

غزل

ڪَٿيان ڪيترو ڪو به ڪاٿو نه ھو،

پَڪو ھو پيار ڪو، دِلاسو نه ھو،

اَزل کان لَھوء کي وِلوڙي  پَيو،

درد قَديم ته ھو ڪو تازو نه ھو،

زھر مِثل ذائقو زندگي سَندو،

چَکيو جَنهن، چَيو تَنهن، پَتاشو نه ھو،

ٻَيو ڇا ھُيو مَڱريئي وٽ پِرين؟

سِوا ھڪَ شخص ڪو اَثاثو نه ھو ،

 

اورنگزيب عاجز

سکر

 

 

 

نعت

عجب ڪيڏو نالي ۾ اسرار آهي،

چپ ٿا چمن چپ اهڙو اظهار آهي.

 

ڏٺو ناهي پوءِ ڀي حسن کان حسين آ،

گُلن کان ته نازڪ سهڻو دلنشين آ،

گواهي ڏئي دل ٿي اهڙو يار آهي.

 

محمّدؐ چوڻ سان چمن چپ ادب ۾،

نه اهڙو آ نالو پوري عجم و عرب ۾،

سڀئي نانوء هڪ ڀر هي سردار آهي.

 

اسم نالو احمد ازل کان ته آهي،

مٺو نانءُ محمّد ازل کان ته آهي،

نرالو ته نالو نيارو ۽ نروار آهي.

 

ٺري هانو ٿو پئي زبان تي اچڻ سان،

ملي ٿو سڪون دل کي نالي ته وٺڻ سان،

ارض و سما ۾ اهوئي اذڪار آهي.

 

ڪلمو پڙهن ٿا ڏس بي جان پٿر ڀي،

مٿان صدقي سهسين هن جن و بشر ڀي،

صلوات مٿي پڙهندو خود ڏاتار آهي.

 

مدح ڪهڙي ڳائي هي ’زيب عاجز‘،

زبان آهي قاصر سعدي رومي حافظ،

کٽي ٿي ثناء جت اهڙو انوار آهي.

 

ساگر مستوئي

ٽنڊو جان محمد

 

 

 

وائي

اُماس جي تون گهيرن مان،

فڪرات جي تون ڦيرن مان،

وفا جي ڪا اُميد نه ڪر.

چؤڦير ڏسي خوش چهرا تون،

تِن کِلندڙ مڙني چهرن مان،

وفا جي ڪا اُميد نه ڪر.

سڀ پاسا ٿي برباد ويا،

ويران ته هن بسيرن مان،

وفا جي ڪا اُميد نه ڪر.

ويا ڦرجي خزانه خوشبوءِ جا،

ڪاغذ جي گل ڍيرن مان،

وفا جي ڪا اُميد نه ڪر.

هر پاسي کان ويا درد کڻي،

دردن جي هن ديرن مان،

وفا جي ڪا اُميد نه ڪر.

جيڪو آيو لوڙهي ويون ’ساگر‘،

ساگر جي تون لهرن مان،

وفا جي ڪا اُميد نه ڪر.

وائٿي

دردن جي ته گهاڻي ۾،

ڪا نماڻي پيڙهجي وئي.

رت جي رشتن هٿان،

ڳري ڪنهن ناڻي ۾.

ڏاڏي جيڏي گهوٽ سان،

پنهنجي گهر اباڻي ۾.

بند ڪمري جي اندر،

بستري، وِهاڻي ۾.

ڏوڪڙن لاءِ ’ساگر‘،

ڏس ته وڏ گهراڻي ۾.

 

ناشاد شوڪت شنباڻي

ڪوٽڏجي

 

 

 

 

وائي

دل جي جاري ۾،

يادن جو ٿو ديپ ٻري.

لڙڪ ڳڙن ٿا پيا،

ڪمري ساري ۾،

يادن جو ٿو ديپ ٻري.

آئون جتان ٿو گذران،

چاري چاري ۾،

يادن جو ٿو ديپ ٻري.

درد جهڪو ناهي ٿيو،

ڏس وسڪاري ۾،

يادن جو ٿو ديپ ٻري.

نيڻن ننڊ ڪٿي آ،

من اوتاري ۾،

يادن جو ٿو ديپ ٻري.

غزل

ڪيڏا توبن جُهڙَ جهڙالا ٿيندا آهن،

نيڻ اسان جا ساري آلا ٿيندا آهن.

ڪين خبر آ توکي هرهڪ لمحي جي،

درد نسورا هل پل ڀالا ٿيندا آهن.

جنهن سن جيءَ جو ناتو جُڙجي ويندو آ،

تنهن بن من ۾ ڪين اُجالا ٿيندا آهن.

جن سان تنهنجو ساٿ رهي ٿو او پيارا،

تِن جا ئي بس ڀاڳ نرالا ٿيندا آهن.

هام هڻن ٿا جيڪي هر پل محبت ۾،

سچ ۾ تن کان ڪين ڪشالا ٿيندا آهن.

مُرڪون ناهن رهنديون ڌار ٿيڻ کان پوءِ،

پيرَ رِڻن ۾ رُلندي ڇالا ٿيندا آهن.

 

فقير دائود لغاري

خيرپورناٿن شاهه

 

 

 

 

سرائيڪي نظم

تونسان تونسان روز روز ملندي ڪرو،

تونسان روز روز ڀاڪر پابندي ڪرو.

نا ايڏيان روز روز جدايان ڪرو،

اسان تي پابنديان سختيان هڻ دور ڪرو.

فقير مسڪين ماڻهون ڪون در ڪون نا ڌڪالو

اسان تونسان ڏي تونسان اسان ڏي رهو.

نازڪ نفيس شفاف چهرا آپڻا رکو،

اِها محبت تساڏي هميشه اسان نال رکو.

فقير دائود ڪون آپڻي در دا خادم رکو،

آ اسان ڪون تونسان آپڻي گلڙي لائو.

سرائيڪي نظم

 آ يار اساڏا،

آ پيار اساڏا.

آ قربدار اساڏا،

آ رهبر دلربا اساڏا.

فقير دائود هي توساڏا،

آ ميلا مچائو اساڏا.

غزل

تو ڇا ڇا نه زيادتيون ڪيون اسان سان،

تو ڇا ڇا نه سختيون ڪيون اسان سان.

تنهنجو هاڻي قرب نه رهيو اسان سان،

ڇو تو ڌڪاري ڪڍيو پنهنجي گهر مان.

هيو تنهنجو وير ساڙ اسان سان،

رکيو تو رشتو ڌارين سان.

ڪيڏو فقير دائود رکيو قرب توسان،

ميرو سمجهيو تو هيو انهن مان.

ڦٽو ڪيو گهر اسان جو خوش رهن،

ڪهڙو سڪون مليو ڌارين مان.

 

لطيف دانش پلي

عمرڪوٽ

 

 

 

نظم

جڏھن کان ھو جھوري ڪري ويو ويراڳي،

ڪٽيون ڪيئي راتيون اسان جاڳي جاڳي.

وري سر گھرڻ لئي سدائون پيون گونجن،

سورٺ جا سڏڪا ۽ دانھون پيون گونجن.

وري ساز ساڳيو وري راڳ ساڳي،

ڪٽيون ڪيئي راتيون اسان جاڳي جاڳي.

ڏسو ٿر تي مورن ڪيو رقص آهي،

وٺي جو ڀٽن تي چٽيو عڪس آهي.

لڳي ٿو ته ڇيڙيو آهي گيت ڀاڳي،

ڪٽيون ڪيئي راتيون اسان جاڳي جاڳي.

ٽھڪن ۾ تنهنجي ملھاريءَ جو سرگم،

مُرڪون تنھنجون ڄڻ ته گلڙن تي شبنم.

تنهنجي سونهن جو راڳ ڇيڙيو جيئن راڳي،

ڪٽيون ڪيئي راتيون اسان جاڳي جاڳي.

تنھنجا يار دانش ديوانا ھياسين،

 محبت جي منزل جا راھي ٿياسين.

خبر ناھي ڪيئن توسان دل اھڙي واڳي،

ڪٽيون ڪيئي راتيون اسان جاڳي جاڳي.

غزل

بارشن جــا نظارا آھن،

نيڻ پوءِ ڀي اڃــارا آھن.

اچڻ جو چئي ڪون   آئين،

ايترا    ڀي وســـارا  آھن.

حجاب ۾ ھن  گھـرن  نٿا  پر،

ٻار  ۽  بيواھ  بکارا   آھن.

بچاء  ٻيڙي ٻڏڻ نه ڏي تون،

پريان ئي ويجھو ڪنارا آھن.

صدين پڄاڻ به سور ساڳيا،

ديس واسي    ڏکارا    آھن.

ميڙ ۾  آ   اڪيلو    ناھي،

چنـــڊ سان    گڏ  تارا  آھن.

ڪون  ماڻيم توکي ’دانش‘،

گردشن ۾ ستارا آھن.

 

حسيب ناياب منگي

شڪارپور

 

 

 

 

 

نثري نظم

دل جي پُڪار

عاجزي سان پنهنجا هٿ کڻي،

تنهنجي خدا کان،

تنهنجي چوڻ تي،

توکي ئي گهريم پئي،

ته ڪئين تو منهنجي ڀر ۾ بيهي،

مرڪي چئي ڏنو هو،

بس! وڌيڪ نه ٻاڏائيس،

ٻُڌي ورتائين تنهنجي دل جي پُڪار،

راضي ڪري پيار جي ويرين کي،

بلڪل اهڙي طرح تو وٽ اچي پهتي آهيان،

جيئن ڪو مالهي وڻ جي ٽام مان،

گلاب کي پَٽي ڪنڊن کي اڪيلو ڇڏي ايندو آهي

تڏهن! ها چري تڏهن!

مون مُرڪي مڃيو هو،

بيشڪ خدا ڀي ٿيندو آهي.

خواب

تنهنجي شهر ۾ هر روز،

سوين ماڻهن جا خواب ڊهندي ڏٺا،

حسين خوابن کي،

رسمن جي صليب تي،

شهر جي گهٽين ۾ رولائيندي ڏٺو،

آخر اهڙي ڀيانڪ سزا ڇو؟

ڪڏهن محبت جي نالي تي،

ڪڏهن رشتن جي نانءَ تي،

خوابن جي جسم تان چَم لاٿو وڃي ٿو،

مون سمجهيو فقط تون ئي،

 بي وفا آهين،

پر تنهنجي شهر جي،

هر گهٽيءَ ۾،

بي وفائي عام ڏٺي.

 

برج لال بيوس

دادو

 

 

 

غزل

ڏُکن کي ڏي به تون مُنهن بندا،

سکن کي ڇڏ به تون ماڻ ادا.

 

سمجهه کي خيال ۾ به رک ته تون،

ڪر به تون رات ڏينهن ڪر سدا.

 

ڪر به محنت ته تون ڏي منهن،

اچي وئي آ ته پرواهه ناهي مدا.

 

جُڙي کي جَس ته آ ڪم به وٺ،

سوچ به نه چستي ڪر ڇڏ بندا.

 

اُن جي ’بي وس‘ به چوي ڪر نه سُستي،

ڏکن کي ڏي به تون منهن ادا.

ترائيل

اهڙو پيار ڀلا مان ڪٿان هٿ ڪيان.

 

من کي ته تن کي به جو اِهو پيو ريجهائي،

اهڙو سڪون به مان اڄ ته ڪٿان هٿ ڪيان.

 

اهڙي به چاهه ڀلا مان ڪٿان هٿ ڪيان،

تون ئي علاج ٻڌاءِ ڪٿان هٿ ڪيان.

 

دل منهنجيءَ کي پيو اهو ته پرچائي،

اهڙو پيار مان ڪٿان هٿ ڪيان.

 

من کي ته تن کي به جو اهو پيو ريجهائي.

 

چنيسر ڏهوٽ

اُڏاڻي/ ڇاڇرو

 

 

 

ڪلام

موٽ مٺا تون محب جاني، قرب وارا ڪيئن ڪري،

ڀري پيالو پريت جو، ويئين پياري پُر ڪري.

 

ياد تنهنجي يار آهي، تن ۾ تنهنجي تنوار آهي،

ويو لڳي واپار آهي، پل نه ٿي مون کان پري.

 

ويهه مٺا تون هِت لڏي، ڀونگو ڀونگي سان گڏ،

تون نه وڃ مون کي ڇڏي، نٿي توکان سواءِ سري.

 

چوي ’چنيسر‘ يار تون، قول پنهنجا پار تون،

نه ٿي دلبر ڌار تون، آ ته پرچون پيار ڪري.

 

ڪلام

ان جدائي جان اندر، ڳڻتي رڳو ڳاريو آ،

يار تنهنجي يادگيري، مون کي مٺا ماريو آ.

 

يار ويٺين تون وساري، ڪئين روز ڪانگ اُڏاري،

هتي صبح سانجهي ساري، ڪيڏو ڏکن ڏاريو آ.

 

ڪاوڙ هجي ڪابه تنهنجي، ٿيئي ميار تنهنجي منهنجي،

دنيا آهي ڪونه ڪنهنجي، چورت ڪنهن جي چوريو آ.

 

’ڏوهٽ چنيسر‘ تنهنجو آهي، توکي ڏي ٿو ڪلام ٺاهي،

دل ۾ پڙجان دل سان لائي، ڪيڏو نه توکي ساري.

 

نجمه پنهور

ڄام شورو

 

 

 

گيت

سي ڏينهن ويا خوف جا، سڏڪن جي پُڄاڻي آ،

هي ڳالهه نئين ناهي، جذبن جي ڪهاڻي آ.

هي ڌرتي منهنجي ماءُ مٺي، سونهن جي ساکي آ،

هِن ديس جي هر نار، نئين دؤر جي ٻاگهي آ.

چئي پيءَ منهنجي ڌيءَ ڏسو ڪيڏي سڀاڳي آ،

هيءَ هاڻي نه ڌڪبي ڪڏهن، هيءَ ديس ڌياڻي آ.

سي ڏينهن ويا خوف جا، سُڏڪن جي ڪهاڻي آ.

 

هَٽ هاڻ سندس راهه تي شيشا نه ڪي رکجان،

ڪا ڳالهه ڪري ڪوڙي ڪو الزام نه مڙهجان،

ٻُڌ ڏينهن ويا ڊوهه جا، سي ڏينهن نه سڏجان،

هي راڄ سڄو هُن جو آ، هُو راڄ جي راڻي آ،

سي ڏينهن ويا خوف جا، سڏڪن جي پڄاڻي آ.

 

هٿ ناٽ تنهنجي هٿ جا سڀئي ڪيئن نه ڊهي پيا،

جي ڪات ڪيا تيز اُهي توتي وهي پيا،

اڄ ڏس ته سڄي ڏيهه ۾ ڇا گهاٽ ٺهي پيا،

هن موت کي ڏئي مات، وري واڳ ورائي آ،

سي ڏينهن ويا خوف جا، سُڏڪن جي پڄاڻي.

 

هڪ تڙپ، پنهنجي ڏيهه سان سڀ ڏرت پڄايان،

ڪنڊن کي هٽائي رڳو گُل ئي ورهايان،

مان پاڻ جيئان، سک جا پر احساس ورهايان،

هيءَ سوچ کڻي سنڌ جي نڪتي هوءَ نياڻي آ،

سي ڏينهن ويا خوف جا، سڏڪن جي پڄاڻي آ.

هي ڳالهه نئين ناهي، جذبن جي ڪهاڻي آ.

 

ماهين هيسباڻي

ڪئنيڊا

 

 

 

غزل

رات به مون کي ننڊ  نه هئي،  آرامُ  نه هَو،

چپڙن تي ڪا مُرڪ نه هئي، ڪو جام نه هو.

 

گيتَ  غزلَ  سڀ  تو  سان ئي  منسوب هيا،

تون ئي تون هئين، تنهنجو ڪوئي نام نه هو.

 

تو بن ڪوئي رنگ نه هو، ڪو سنگ نه هو،

محفل ۾ ڪو خاص نه هو، ڪو عام نه هو.

 

تون هئين مان هئس چوڏهين جو بس چنڊ هيو،

ڪجھه  به  نه هو  ۽  پيرن هيٺان بامُ نه هو.

 

تو  ته خريديو  نيڻن  جو  ڏئي  واڪ پرين!

 منهنجو ڪوئي مُلھه نه هو؛ ڪو دام نه ھَو.

 

اسد ’جمال‘ پلي

عمرڪوٽ

 

 

 

غزل

گڏ گذارڻ لئه اچ، جيءُ جيارڻ لئه اچ،

يا ته جيئندان ڏي، يا ته مارڻ لئه اچ!

لڙهه ۽ لس ليٽ، لهرن حوالي ئي ڪر،

يا ’ڪُنن‘ مان ’ڪنڌي‘ ڏي اڪارڻ لئه اچ!

اچ اچي لوڪ اڳيان ٿي ڌُريان ڌڻي،

ڪَرِ اچي ڪاڄ سَرها، سنوارڻ لئه اچ!

تنهنجي ايندي اچن، روشنيون ۽ بهار،

ڀاڳ وارڻ لئه اچ، نيڻ ٺارڻ لئه اچ!

جي سيھ بخت، توکان پٺيرا ٿيا،

تن جي ٻيڙي ٻڏل کي به تارڻ لئه اچ!

اچ اچي ڪر مون کي، ساٿ ۾ سُرخرو،

’پنهنجو‘ مون کي پرين، تون پڪارڻ لئه اچ!

مون کي مارين ٿيون، هجر جون هي گهڙيون،

هاءِ! هاڃا سڀيئي، سِر تان ٽارڻ لئه اچ!

مون نه سوچيو ڪڏهن، توکان ٿيندس پري،

ٿي نه مون کان پري، گڏ گهارڻ لئه اچ!

تاحياتي رهي، جنهن جو مون کي خمار،

اهڙو ساجن چُڪو، تون پيارڻ لئه اچ!

’ڪين ويڇو وچان، هاڻ ايندو ڪڏهن‘،

پنهنجو وعدو سڄڻ، پاڻ پارڻ لئه اچ!

تو سِوا آهي جيون اڌورو ’جمال‘،

ساٿ پنهنجو ڏيئي سو سنوارڻ لئه اچ!

 

ثمينه ميمڻ

ڄام شورو

 

 

 

غزل

سانورا بانوار، زندگي اولڙو تِرورو،

صبح زندگي شام زندگي پهر، پويون اوپرو.

 

سُک زندگي ڏک زندگي ۽ ساهه سُڏڪو،

هر پَل ۽ هر گهڙي آهي ڄڻ، ڪو ڪَڙو.

 

محبتون چاهتون ۽ زندگي ڀر جون ساعتون،

کوڙ رهجي وڃن، ڪجهه وسري وڃن ائين جئن اولڙو.

 

ڪو سُک مِلي مُرڪائي وڃي، ڪو ڏک اچِي مُرجهائي وڃي،

اهوئي سفر آهي زندگي ۽ اهو زندگيءَ جو فلسفو.

 

ڏک ڏوراپا ڪنهن ڏنا، ڪنهن کي ڏنا پر ناهن ياد،

رهجي ويون يادگيريون ۽ يادون کوڙ ساترون.

 

ڀلا ائين به ڇو هجي، جيئن چاهجي، ائين ٿئي،

ڇو نه ائين ٿئي ڪو چاهي ٿو هُجي پرڀرو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org