پــيــر مـجــدد سرهندي
مٽياري شريف
نظم
حواس منتظر هئا حجاب منتظر هئا،
اوهان جي آس ۾ پرين شباب منتظر هئا.
اگرچه آس پاس هئا مگر صفا نِراس هئا،
جي سچ پڇين ته ميڪدا به تو سوا هئا،
سوال هئا نه هئا مگر جواب منتظر هئا،
اوهان جي آس ۾ پرين.
چَڪور چنڊ کي ڇڏي اوهان جي جُستجو ڪئي،
طلب ۽ تات بلبلن اوهان جي روبرو ڪئي،
اوهان سان گفتگو جي لئي رباب منتظر هئا،
اوهان جي آس ۾ پرين.
شراب منتظر هئا اوهان جي انتخاب لئي،
مزاج منتشر هئا وري ڪنهن انقلاب لئي،
گناهه پهنجي جاءِ تي ثواب منتظر هئا،
اوهان جي آس ۾ پرين.
سراپا دلربا اوهين نمونو چاهه جو لڳئو،
حوالو ساهه جو لڳئو رسالو شاهه جو لڳئو،
سمورا سونهن تي لکيل ڪتاب منتظر هئا،
اوهان جي آس ۾ پرين.
ڪڪر به ڪَانبَ ڄڻ ٻَڌي هوا به هير ٿي گهُلي،
سِنڌوء تي سَاڳ يا وري ڪٿي کُنڀيون بڻي اُٿي،
جُوئر جي جَهار ٻاجهريءَ جا لاڀ منتظر هئا،
اوهان جي آس ۾ پرين.
ڀِٽُن جو ڀاڳ پيو کُلي، رِڻن جو روح پيو رَلِي،
وڻن بي ڇانوَ هئي جهلي ٽِڙي پيا موتيا وري،
چمن جا گُل ٻيا ته ڇڏ گُلاب منتظر هئا،
اوهان جي آس ۾ پرين.
امير منتظر ڏٺم غريب منتظر ڏٺم،
عزيز دوست يار ۽ قريب منتظر ڏٺم،
رڳو نه ’پير‘ هَو وڏا نواب منتظر هئا،
اوهان جي آس ۾ پرين.
سرفراز راڄڙ
کپرو
غزل
کڻي
جي ڪٿي ڪُوڪ ڪوئل ڪري،
ته دل منهنجي دانهن تي هڪدم وري.
انهيءَ کي پيو ياد پنهنجو پرين،
اسان جو اندر ياد توکي ڪري.
رکڻ نينهن ناتو ته آسان هو،
نه ڄاتم انهيءَ مان رڳو دُک سري.
ڏکيا ڏينهن ڏاڍا جدائيءَ سندا،
ته فرقت سندي رات کائڻ وري.
ٿي لُڙڪن جي بارش وئي بي اثر،
لڳل آگ دل ۾ اڃا پئي ٻري.
پُڇين جي تون هڪوار پاٻوهه مان،
خدا جو قسم پوءِ دلڙي ٺري.
ڪٿي تون ڪٿي تنهنجو آهي ’فراز‘
نه هُن جي سِري تنهنجي ڪيئن ٿي
سِري.
نياز پنهور
ڄام شورو
گيت
چاهت تنهنجي چرنن ۾ مون جيڪو گيت به ڳاتو ڙي!
آڪاس انهيءَ لئه آتو ڙي!
پيار به پاڳل پاڻ به پاڳل، پاڳل آهي ناتو ڙي،
آڪاس انهيءَ لئه آتو ڙي!
توبن منهنجا پيارا جاني! جيون آ پاراتو ڙي!
آڪاس انهيءَ لئه آتو ڙي!
رم جهم سانوڻ! توکي آهي لونءَ لونءَ ۾ مون لاتو
ڙي!
آڪاس انهيءَ لئه آتو ڙي!
ڄاڻ ڄڀي آ منهنجا سائين! ڇا تو ڄر کي ڄاتو ڙي!
آڪاس انهيءَ لئه آتو ڙي!
گيت
ناوَ هلندي رهي، ناوَ هلندي رهي،
پيار جي پار ڏي، ناوَ هلندي رهي،
ناوَ هلندي رهي،
ناوَ هلندي رهي.
گيت سڏڪن منجهان روز اُڀري پون،
ڀل ته بادل هجن ڀل ته بوندون وسن،
ڀل ته مهڪي مٽي، هير گهلندي رهي،
ناوَ هلندي رهي.
ناوَ هلندي رهي.
ريت اهڙي اچي سچ تي ميڙو مچي،
پيار جي ساز تي جڳ سمورو نچي،
نينهن وڌندو رهي، رات کلندي رهي،
ناوَ هلندي رهي.
ناوَ هلندي رهي.
سپنا جيڪي هجن، ساڀيا ٿي پون،
چنڊ چمڪي پوي، گل مرڪي ٽڙن،
پيار سامهون هجي، ڏات لهندي رهي،
ناوَ هلندي رهي.
ناوَ هلندي رهي.
زاهد ڪنڀار
ٽنڊو جان محمد
غزل
نقاب هي جي حجاب جو آ،
ستم اسان تي جناب جو آ.
ڏسان پيو مان پرين اچي پيو،
ارادو ڄڻ ڪو خطاب جو آ.
قسم خدا جو آ ماري وجهندو،
ڏهاڙو جي هي حساب جو آ.
هزارين آهن چمن ۾ گلڙا،
گل پرين ڄڻ گلاب جو آ.
ڏسڻ جي ڪيڏي ٿو سڪ وڌائي،
ڪمال سارو نقاب جو آ.
خاموش لب ۽ جهڪيل نگاهون،
سوال منهنجي جواب جو آ.
حُسن تي ڪوئي غزل چئي ڏي،
حڪم اسان تي نواب جو آ.
جيئاري وجهندو اسان کي ’زاهد‘،
خيال جيڪر ثواب جو آ.
غزل
پيار آ دلڙي دڙڪو ناهي،
هن جي چپن تي ڀڻڪو ناهي.
وسندڙ بادل يار آ پنهنجو،
ڪاڙهي جو ڪو تڙڪو ناهي.
ايڏو ڇرڪ ڀرين ٿي ڇا لئه،
خاموشي آ کڙڪو ناهي.
هن جو جوڀن چنڊ سرهائي،
باهه جو ڪوئي ڀڙڪو ناهي.
هيڏي هوڏي ڇا ته ڏسين ٿي،
ڇيرن جو ڪو ڇمڪو ناهي.
تنهنجي سونهن جي دهشت آهي،
ڌرتيءَ ۾ ڪو ڌڙڪو ناهي.
اکڙين کي هر بار ڇنڀي ٿو،
ڪوئي پکين ۾ ڦڙڪو ناهي.
پرک جي ساري ڳالهه آ ’زاهد‘،
هيرو آهي، مڻڪو ناهي.
ج.ع. منگهاڻي
ڪراچي
غزل
هر گهڙي هر پل نڪوري وارتا،
سنڌ جيجل جي ڪريان ڪهڙي ڪٿا.
ماءُ جهڙا پَٽَ ڀي سوديو ڇڏين،
ڪيترو هلندا اهي ڪوڙا سڪا.
سمنڊ درياءَ حيرتن ۾ پيا هلن،
ٻيٽ ڀي وڪڻيو وڃن پيا ڇاڙتا.
ڇوڪرين جيئن ناز مان ڇو پيو هلين،
مرد جهڙي چال ڪا سک ٻالڪا.
لوهه جهڙا لڱ ۽ ڇاتيون ڇپر،
سنڌ جي اهڙي سڃاڻپ آهي ڪا.
وقت ڪهڙا سنڌ سان هاڃا ڪيا،
تون ڇا ڄاڻين وات ڳاڙها ڇوڪرا.
سچ کي تاريخ ظاهر جي ڪيو،
پاڻ ڏسجو سنڌيت جا سوجهرا.
ڳاٽ اوچي ساڻ اڄ ڀي سنڌڙي،
سرخ روء آهي ابد کان انتها.
تون نٿو ڄاڻين سگهين ڌوتا ڪڏهين.
هن مٽيءَ جا معجزا ۽ ڪرشما،
واءُ ورندو نيٺ پنهنجي مرڪ جو،
ايئن نه هنجون هار موهن جا دڙا.
حيرتن ۾ ويڙهجي مڪلي ويئي،
هاءِ هيڏا وقت جا ڦيرا ٿيا.
شاهه کي سڏ ڏي ڪلهوڙا جانشين،
ريت ڪهڙيءَ تو وچن پاريا نه ها.
موٽ ڏيو ڪيئن سنڌڙيءَ کي مات ٿي،
چچ، ڏاهر، سومرا، او ڙي سما.
ڏس ڪراچي وينتيون پيئي ڪري،
ورُ ڪراچيءَ ڏي وري تون مورڙا.
تون ڪٿي پُنرا بڊاماڻي قندهار،
ڀٽ ڌڻي توکي سڏي ٿو ڀرجهلا.
اچ وري ٻيلي ڌڻي رونجها سپڙ،
ثبت آ تاريخ ۾ تنهنجي سخا.
هانءَ تي لاکو ڦلاڻي پيو هُري،
سنڌ تي حملا ڏٺم جو غير جا.
سندليءَ پوٽا اي ڪاٺيا جا سپوت،
تون بڪڪ وارا وڄائج ذات جا.
ڪين رهندا ڳل ڳوڙها سنڌ جا،
ڪر ’منگهاڻيءَ‘ کي اچي ڏي آسرا.
سلطانه وقاصي
ڪراچي
مُون وَٽ نه اَچجان،
نيڻن ۾ کڻي نِراسايون،
ڌيما قَدم کڻي تُون،
ڪَنهن کان ڏَس نه پُڇجان.
مَڃان ٿي، مُنهنجا سُپرين،
گهايل آهين گهُور مان،
ڪَريان ڇا، سانورا سُپرين،
وچن آ مُنهنجو ڌرتيءَ سان.
ڌرتيءَ سان مون لانوَ لَڌي آ،
شاهد آهن، چنڊ ستارا،
چانڊوڪين ۾ ملايوسين گوڏو،
پُڇي ڏس چَنڊ کان پيارا.
منهنجي جي مَن ۾ جهاتي نه پاءِ،
ڪجهه نه ملندءِ سُوچي آءُ،
مان راڳي، مان ويراڳي،
جُهول منهن جي ۾ ڪُجهه نه آ.
وهائو تارو
مُوت نه ڪَندو پاڻ کي مات،
پَري نه آهي پنهنجو ماڳ.
وَنجهه کي تون ٿورو تيز هلاءِ،
مان به ڇيڙيان ٿي ڪُو راڳ.
لَهرن ۾ ٿي ٻيڙي لُوڏا کائي،
سامهون مَنزل آ، پَرواه ناهي.
لَهرن ۾ ڪين لُڙهنداسين ساٿي،
هِمت آ، جَذبا جَوان آهن ساٿي.
دُو رڦُٽي آ باک ڀليري.
جُهرمُر جُهرمُر، پيارا پيارا،
ڏس گُم ٿي ويا سڀ تارا.
ڄاڻ ڪي اُڀريو وِهائو تارو،
ماڳ تي پهچنداسين صبح سَويرو.
وسيم سومرو
نوابشاهه
وائي
هوءَ جا پوڙهي هئي،
لڙڪن لوڙهي هئي،
بابا! منهنجي ماءُ هئي.
وقت قداورِ قيد ڪئي،
ڏک ڪئي ڏوڙهي هئي،
بابا! منهنجي ماءُ هئي.
چئن پٽن هوندي به ڇو؟
سُک لئہ سوڙهي هئي.
بابا! منهنجي ماءُ هئي.
هن جي مُک تي ماٺ ڄڻ،
رت جي ڳوڙهي،
بابا! منهنجي ماءُ هئي.
قسمت ڪا نه وسيم ڪئي،
مرضن ڪوڙهي هئي،
بابا! منهنجي ماءُ هئي.
هدايت بلوچ
ڪراچي
ويا سي وقت پيار جا، نه ھو غلط نه مان غلط،
رهي ٿو ھو خفا خفا، نه ھو غلط نه مان غلط.
اسان کي عشق ٿيو ھيو ۽ ھن به پيار ھو ڏنو،
ھينئر نه ڳالهه آ اھا نه ھو غلط نه مان غلط.
نه چاھتون اھي رھيون نه حجتون اھي رھيون،
نه ٿا پڇون ڪا ڇو ۽ ڇا نه ھو غلط نه مان غلط.
نه ھو تجربو عشق جو الھڙ ھياسين ٻئي اسين،
زماني ھئي ڏني سکيا نه ھو غلط نه مان غلط.
نه ٿو ڪري سگهي وفا ته ان کي ڇو چوان جفا،
نه ٿو چوان جفا جفا نه ھو غلط نه مان غلط.
ثبوت ڪو نه ٿا گهرون سبب به ڪون ٿا پڇون،
ڪبي نه پيار ۾ پڇا نه ھو غلط نه مان غلط.
روئيندن
جي رات ڏسين ھا،
روئيندن
جي رات ڏسين ھا،
لڙڪن جي برسات ڏسين ھا.
سورن جي شب ڪاٽڻ کان پوءِ،
پورن جي پرڀات ڏسين ھا.
ڦٽي نظر سان ڏٺئي نه ڦٿڪڻ،
يا نه ڏسين ھا يا ته ڏسين ھا.
تون معصوم ته آهين ليڪن،
توئي
ھنيا جي ڪات ڏسين ھا.
منهنجي دل ۾ ڇاھي جاني،
دل ۾ پائي
جھات ڏسين ھا.
نالو تنهنجو نير اکين ۾،
عاشق جي سڪرات ڏسين ھا.
ھاءِ
’ھدايت‘
ھارائي
وئين،
عشق ۾
پنهنجي مات ڏسين ھا.
’جمال‘
مراد گبول
ميرپور- ساڪرو
گهڻا ئي سالَ ٿي ويا پَر، اُها ئي رات ڪاري آ،
غريبن کي غمن ۾ ٿي، اچي اڄ بيقراري آ،
مَهانگائي ايڏي ٿي وئي، جو هرڪا شئي اُڌاري آ،
اڃان تائين ته اڳواڻن، نه هڪڙي ڳالهه پاري آ،
اُهوئي دور آمر جو، اُهو قانُون جاري آ،
رڳو خالي دِلاسن ۾، عُمر ساري گُذاري آ.
اَٽو کنڊ، کير ۽ ڀاڄيون، مَٽر، مُوري مَٿي آهي،
ڀلاريون ڀينڊيون پالڪ، بَصر، گوبي گهٽي ناهي،
مَڇي ڏاڍي مَهانگي آ، ڇڏيو مُرغيءَ ليکو لاهي،
چڙهي
ويو تيل چوٽيءَ تي، وڃون ڪيئن ڪار کي ڪاهي،
اَٽو ناهي، لَٽو ناهي، اَجهي جي انتظاري آ،
رڳو خالي دِلاسن ۾، عُمر ساري گُذاري آ.
جڏهن کان ”نورَ“ نانگن سان، اچي ياري رکي آهي،
تڏهن کان مُلڪ هِن ۾ ٿي، اچي بس بيوَسي آهي،
پريشانيءَ ۾ هرڪو آ، نه ڪنهن کي ڪا خوشي آهي،
سواءِ چند ماڻهن جي، ٻين لئه خُودڪشي آهي،
”رڍن“ جي رُوپ ۾ ”بگهڙن“، ڪئي تخريبڪاري آ،
رڳو خالي دِلاسن ۾، عُمر ساري گُذاري آ.
روبينه ابڙو
لاڙڪاڻو
بيت
"سُرُ ڪارُونجهر"
ڌَرمي ڌُوڙِ ڀَڀوتي بابُو، پٿرَ کان نه پَري،
ڪارُونجهر جي سُونهن جِي، ساڌُو ساکَ ڀَري،
صحرائن جي سِينڌِ ۾، ڳاڙهو سونُ ٻَري،
پُوڄا پاٺُ ڪَري، ساڙڌرُوءَ جي سانجَھه
ٿي.
اُوچو آ آڪاسَ کان، ڪارُونجهر جو ڪَرُ،
مهنگو سَنگ سَماقَ جو، پارڪري پَٿرُ،
جنهن تي اُڏندي ٿي ڏسان، سونو، رُوپو پَرُ،
جبل جي جولان جو، ڪيرُ ماپيندو بَرُ،
چوٽيءَ تي چَنڊرُ، جنهن جي اُڀري روزُ ٿو.
تيرٿُ جيوت - دانُ، جنھن جا ڪيئي ياتري،
ديوتا جو رُوپُ وَنتُ، ڪارونجهر مهانُ،
جنهن جي هَر ڏِسا لڳي، مونکي سَرڳَ سَمانُ،
اهڙو ٻيو اَسٿانُ، مون نه ڏٺو ڪنھن خُوابَ ۾.
ڳاڙها پٿرَ ڳاٽَ سان، بيٺا اُڀُ ڪَڇن،
ڪئميرا جي اکِ ۾، ڪيڏا رنگَ رَچن،
ڇانگون، ننڍڙيون ڇيلڙيون، ڪئن ٿيون ٽُپا ڏيَن،
سياحَن کي تن، سَڃيو پنهنجي سُونهن سان.
طارق امام جوڻيجو
دادو
غزل
سچ ڳالھه اِها آهي، تنهنجي تات وڏي آ،
ٿي تُنهنجي جدائي ۾ پرين رات وڏي آ.
رخسار تي، نيڻَن جي ڪجَل نقشَ بڻايا،
گجگوڙ کنوڻ ساڻُ ٿي برسات وڏي آ.
هر صبح ڏيان شام مٺا حاضري تُنهنجي،
ٿي موت کان اڳ منهنجي ڇو سڪرات وڏي آ.
نڪري ئي نٿو ساهه، نڪو جِي ئي سگهان ٿو،
مونکي ته ملي پيار ۾ بس مات وڏي آ.
مون آهي ٻڌو ايندو مٺو موت کان اڳ ۾،
مس هاڻ اماسي ۾ ٿي پرڀات وڏي آ.
محبوبَ ملن روز ٿا، هر ڳوٺ ۾ ’طارق‘،
تون جي نه ملين مون سان، اِها بات وڏي آ.
غزل
هر ڪلِي ٿي ٽِڙي نيٺ ڪُومائجي،
ڳالھه ان تي ڀلا ڇا ته ڳالهائجي.
پاڻ ئي پاڻ ۾ ويڙهجِي ٿي وڃي،
شَرم ٻوٽِي جيان ٿي هو شرمائجي.
ڪجھه ڪجي ڪين ٻيو ٿورڙو ئي کڻي،
پيار سان پاڻ پارن کي سمجهائجي.
جو مِلي اُن سان مِلجي ته اخلاص سان،
تڙ تڪڙ ۾ نه رويي کي بدلائجي.
زندگي چار ڏينهَن جو آهي سفَر،
قُرب جو ڀي ڏِئي، ان کي ڳل لائجي.
ڳالھه ’طارق‘ ته توري تکي ئي ڪجي،
پاڻ تي لوڪ کي ڪين کِلرائجي.
فضل الله ’فدا‘ چانڊيو
ڪُنري
غزل
دوست تنهنجي دوستيءَ مان دل شڪسته ٿي پيس،
حال ۾ بي حال آهيان حال خسته ٿي پيس.
پنهنجي محبت جي مخالف سان مقابل ٿي مِٺا،
اٽل ارادو ڪري اڄ ڪمربسته ٿي پيس.
تو ڀُلايو بي سبب هن باوفا کي بيوفا،
اِن ڪري مايوس توکان رفته رفته ٿي پيس.
مون ته سمجهيو محبتي آهين مِٺا محبوب پر،
مان حراسان عشق کان هاڻي هميشه ٿي پيس.
ڪونه ايندو هي ڪڏهن ’چانڊيو‘ اوهان جي اڱڻ تي،
آ ’فدا‘ توکان جدا، هي ازم پُخته ٿي پيس.
غزل
حصو ڪو حُسن يوسفؑ جو، سڄڻ تو ۾ سمايل آ،
ڀُليو ناهيان بلڪه پورو، سندئي ورثي ۾ آيل آ.
ڪِرڻ ديدار سان هڪدم مچي ويا هُل حواسن ۾،
خزانهءِ حُسن خالق مان اِها صورت سجايل آ.
سندئي چهرو ڏسي ساراهيم سرڪار صاحب جي،
نظم هي نازنين تنهنجي بڻاوٽ تي بڻايل آ.
مِٺا هڪ مُرڪ ئي تنهنجي ڇڏيو محبوب من موهي،
اوهان جي لال لبڙن تي نه لالي ڪا لڳايل آ.
صنم تو خوبصورت تي جُڙيا جُملا هي جهٽ پٽ ۾،
’فدا‘ غمگين گس ويندي سندئي گهورن جو گهايل آ.
قادربخش ’مخلص‘ چانڊيو
دڙيلو
غزل
وٺ چڱائي جو سبق ڪو ڪنهن چڱي انسان کان،
بي حيائي ۽ بُرائي ڪِيم سِک شيطان کان.
ڏس پروڙي پنهنجي حالت، سادگي ڏي ڌيان ڌر،
تان سڏي توکي زمانو، شان سان ۽ مان کان.
وجهه دَسي دوئي دلاور ڌوڙ ۾، دانانءُ ٿي،
ڊڄ نه ڪنهن جي ڊاءُ کان ۽ آڇ کان اعلان کان.
حق حقيقي در جهان، پختو پروڙي پيرُ ڀَر،
دور رهجان ڪين ڪنهن پر، دوست جي دامان کان.
فڪر هردم ڪج فضيلت جو، نه ڦاسج فسق ۾،
فيصلا آڻج سڀئي، فائق سندي فرقان کان.
ڪا عنايت جي نظر، مولا ڪجان ’مخلص‘ مٿي،
مسئلا سڀ حل ٿين قادر سندي قرآن کان.
غزل
تُنهنجي نينهن ڪيا ناسور مٺا،
پيا پلپل پلجن پور، مٺا.
هِت راتيون روئندي رڙندي ڙي،
هي نيٺ ته ويندا نور، مٺا!
تن ويرين کي ڪي، وات وجهن،
شل سَنڌ سَنڌ ۾، سنگچور، مٺا!
چئو ڪهڙا چوان هت سورن جا،
تو محب اڳيان مذڪور، مٺا!
وئين ’مخلص‘ ڪيئي ماري ڙي،
ڏئي گهوڙا ڙي! تون گهور، مٺا! |