نورمحمد ’نورل‘ ڪنڀار
وهرو شريف
غزل
ڪنهن سان ته تنهنجي به اک اڙي هوندي،
ڪنهن ڏانهن ته تنهنجي به دل لڙي هوندي.
وعده فردا تي جيئڻ به ڪيڏو مشڪل آ،
گذري فراق ۾ ساعت سا ڪيڏي ڪڙي هوندي.
عشق جي پيچرن جي ڪهڙي خبر زاهد،
پنبڻيون پُسيون هونديون دل سڙي هوندي.
ڇا ڇا چوان ۽ ڪيترو روئي رُئندس،
وڇڙي ولر کان ڪُونج ڪا هِت رڙي هوندي.
دِلبر جو شهر ڇڏي جڏهن روانو ٿيو هوندين،
وِک وِک تي اي ’نورل‘ پوئتي نظر لڙي هوندي.
غزل
ڪيو اڄ نازنين حملو نئين انداز سان آهي،
ڪري دل تي صنم قبضو بنايو آستان آهي.
ڪري جو ڏاڍ زورائي اجازت کانسوا آيو،
ڌِڪي هن کي ڪڍڻ مشڪل حَسين آهي جوان آهي.
وفا دل کان نه پهتي جو وئي نڪري اشاري سان،
ٻڌي اڄ ٻول ڪي مٺڙا وئي ٿي بدگمان آهي.
نه سمجهائڻ سان هو سمجهي ورڻ جي ڪين ٿي واري،
اِهوئي داستانِ غم جو بنيو ڪارڻ فغان آهي.
سِري سامهون سڄڻ ويهي سينگاري سينڌ ائين آهي،
ڪڪر ڪاري وچان ڪهڙي نه سهڻي ڪهڪشان آهي.
ادا آهي نئين هن جي، نوان هن ناز ۽ نخرا،
خبر ناهي ته ’نورل‘ هي سکيو آخر ڪٿان آهي.
عاجِز ڪريمُ پوري
دڙو
ڪافي
ڏنو ڏاجُ ڏيرن، ڏُکيءَ کي ڏکن جو،
کنڀي وَر کڻي ويا، سانحو ٿيو سُکن جو.
ڪيو ڏاڍُ ڏيرن، سَسيءَ سان سراسر،
لڳي هوتَ پويان، پَٽيو پنڌ لَڪن جو.
وئي جيڪا رَڙهندي، پُنهون ڪاڻ پَٻَ ۾،
کنيو پير پياديءَ، آريءَ جي اُٺن جو.
هُئا جوءِ جَبل ۾، ڌِڪا خُوب کاڌا،
ويو هوت هِن کان، هٿن مان لکن جو.
هُيو عشق جنهن جو، پَڪو ڏِس پُنهل سان،
لاهي سانگو سِرَ جو، ڏِٺو مُنهن لنگهن جو.
سُجهي ڪونه ٿي ڪا، هينئان دار هيڏي،
ٿي عورَت اَڪيلي، وَرتو گَسُ جهنگن جو.
اَمر ٿي دُنيا ۾، وئي آ کَٽياڻي،
نِڀايو آ ناتو، هَلي جنهن سڱن جو.
گڏيس غير گَس تي، جهلي جنهن سَتاڙي،
رکيس لَڄُ موليٰ، کُليو در چَمَنَ جو.
رهي جيڪا قائم، آخر تاءِ عَزم تي،
مِليو هوت ’عاجز‘، سُڃيءَ سان سُخن جو.
آغا نياز مگسي
ديرا مراد جمالي
غزل
سڄي ڳوٺ جي جان هڪ ڇوڪري آ،
ڏسڻ ۾ لڳي ٿي جا هڪ پوپري آ.
گهڻي سونهن جنهن کي ملي آھي شايد،
گهمي ٿي لڳي ٿي ته هڪڙي پري آ.
اتر ۾ ڏکڻ ۾ نه ٿر ۾ ڪا اهڙي،
الائي هتي ڪنهن جي قسمت وري آ.
سڄي ڳوٺ ۾ خاص هڪڙو ئي گهر آ،
سڀن جي اميدن جي هڪڙي دري آ.
نه ڪاليج آھي نه اسڪول ڪوئي،
تڏهن ڇوڪري جي مٿي تي ڀري آ.
ڪڍي ڪاڻ ڪنهن جي نه ڪنهن جي سلامي،
نه ڪنهن جي ڪري ئي ڪندي نوڪري آ.
سنيهو نه نياپو نه ڪو رابطو آ،
طبيعت ۾ آغا وڏي خود سري آ.
ميرزا دبير حسين بيگ
حيدرآباد
غزل
پَل ڀَر به تون سڄڻ ٿي نه مون کان پَري پَري،
لمحو نه زندگيءَ جو ٿو تو بِن سَري سَري.
ڪايائون ڪوڙين تنهنجون ٿيون، پريم تنهنجا پار،
لکندين لکيو ٿو تنهنجو هي شيدا مَري مَري.
مستيءَ ۾ پنهنجا زلف سنواري ڇڏيئي ائين،
جيئن چنڊ سان ٿو رانديون ڪڪر ڄڻ ڪَري ڪَري.
تو سان ملين پرين ٿو وڃان موڪلائي جڏ،
ٻيهر ملڻ لئه توسان ٿي دلڙي وَري وَري.
فوٽن سان گڏ رکياسين ٿي گل ڪتاب ۾،
ڏينهڙا هي ياد ڪيو ٿي جوان دل ٻَري ٻَري.
هٿ هٿ ۾ ڏئي هلڻ ۽ کِلڻ ڳالهه ڳالهه تان،
المنظر جا ياد ڏينهن ڪيو دل ٺَري ٺَري.
ڏئي چانهه مون کي چيائين ته ڇا پيو لکين تون اڄ،
ڪاڳر کڻي ڏسي پوءِ چيائين هَري هَري.
ٻَنڌڻ ۾ تنهنجي ٻَڌجي ويس، ڏس ته ڪيئن پيو
حسنين
پنهنجي هنج ۾ رانديون ڪَري ڪَري.
دلبر تون پنهنجا رازَ محبت جا ڇڏ سَلي،
ڪاڳر تي ڇا قلم سان لکين ٿو ذَري ذَري.
بيهه بيهه ’دبير‘ پنهنجي هي ڳالهيون پريت
جون،
ڪيڏانهن هلين بيان ڪرڻ تون اَري اَري!
امداد علي سروري
آراضي
نعت
يامحمّد مصطفيٰؐ، آئين ڀلي، آئين ڀلي،
ٿو پڙهان صلّي عليٰ، آئين ڀلي، آئين ڀلي.
نور تنهنجي سان زمين ۽ آسمان هِن گڏ مٺا،
چوڏهن طبق روشن ٿيا، آئين ڀلي، آئين ڀلي.
ميلاد جي محفل ۾ اڄ ٻار، ٻڍڙا، نوجوانَ،
ٿا چون صد مرحبا، آئين ڀلي، آئين ڀلي.
يَاشَفيع المدنبين، يارَحمته اللعَالمين،
هر طرف آئي صدا، آئين ڀلي، آئين ڀلي.
آسمانن تي جڏهن پهتو وڃي منهنجو نبيؐ،
ٿي چيو ات خود خدا، آئين ڀلي، آئين ڀلي.
ڇا چوان صورت سيّد جي سيرت به آهي بيمثال،
شمس الضحيٰ، بدرالدجا، آئين ڀلي، آئين ڀلي.
’سروري امداد‘ آقا، عرض ٿو هر هر ڪري،
پنهنجي محبت ڪر عطا، آئين ڀلي، آئين ڀلي.
نعت
محبوب منهنجي جي آمد آ، چئو صَلي عليٰ سبحان الله،
جنهنجي آمد سان بت ڀورَ ٿيا، چئو صَلي عليٰ سبحان
الله.
ڪيڏا مالڪ جا احسان ٿيا، جنهن جا ٿورائتا انسان
ٿيا،
جنهن جنّت جا در کولي ڇڏيا، چئو صَلي عليٰ سبحان
الله.
ڪيڏو ڪعبي کي هو مانُ مليو، جنهن کي خالي بُتن کان
ڄام ڪيو،
ڪيئن مولا عليؑ بُت ٽوڙيا ها، چئو صَلي عليٰ
سبحان الله.
ڪيئن دائي حليمه خوش ٿي کنيو، ڪيئن ٻڪرين ۾ گهڻو
کير ٿيو،
ٿي ان جا ٻيڙا پار ويا، چئو صَلي عليٰ سبحان الله.
ڪهڙي پنهنجي نبيءَ جي ڳالهه ڪيان، ان جهڙو ڪاٿي
ڪين ڏسان،
جيڪو پاڻ آهي محبوبِ خدا، چئو صَلي عليٰ سبحان
الله.
جيڪو رحمت، رحمت، رحمت آ، الله جي اُن سان محبت آ،
سڀ اُمتي آهيون ان جا ادا، چئو صَلي عليٰ سبحان
الله.
ٿو عرض آقا ’امداد‘ ڪري، ۽ روئي در تي دعائون
گهري،
تنهنجي رحمت شل ٿئي سڀ کي عطا، چئو صَلي عليٰ
سبحان الله.
معراج منگي
شڪارپور
غزل
سيتاڦل تي ڪوئل ڳائي، مٺڙا مٺڙا گيت ٻڌائي.
پرتم پرتم ٻولي ويئي، ڪاٿئون آئي درد پرائي.
ڪو مور نچي ٿو ڊيل اڳيان، جهومي جهومي ڦيرڙي پائي.
گلڙن کي ٿي ماڪ چُمي، جنهن ۾ مرڪي سون سمائي.
لال گلابي هولي آئي، چهري تي وئي رنگ سمائي.
اُڀ تي اڀريو چنڊ نه آهي، ڏيئو چمڪيو جوت جلائي.
تيز گهڻو طوفان لڳي ٿو، ناکئون بيٺو ناو لڳائي.
هڪڙي گوري ’معراج منگي‘، گهورن سان دل کي گهائي.
وائي
ڇو نه بادل ٿيان، مان گجان ۽ وسان!!
ٿرُ اُڃارو الا...!!
ڪيسَ ڪيڏا ٿيا، سنڌ ڌرتيءَ مٿان!
ٿرُ اُڃارو الا...!!
مورَ تڙپي مَرن! سي اُڃايل اڃان!
ٿرُ اُڃارو الا...!!
درد تن جا ڏسي، روز نوحا چوان!
ٿرُ اُڃارو الا...!!
شال آڪاش تي، کليل کنوڻين ڏسان!
ٿرُ اُڃارو الا...!!
ڪر ڪرم اي خُدا، ٿر جي گهر گهر مٿان!!
ٿرُ اُڃارو الا...!!
آهي مارون سندو، درد ’معراج‘ سان!
ٿرُ اُڃارو الا...!!
ڊاڪٽر آفتاب
..........
يا رَسولَ اللهؐ اَوهين اَعليٰ سَڄي سَنسارَ ۾،
ڪونه ڪو مَٽُ آ اَوهان جو هِن وڏي سَنسارَ ۾.
جِت مَزو جَنت کان وڌ آ سو اوهان جو آ شهر،
ٻِي ڀَلا اهڙي ڀَلي جا ڪِٿِ مِلي سَنسارَ ۾.
بَس اٿم دل ۾ خواهش مان اچي يَثرب رَهان،
هَرڪو مومنُ هيءَ دُعا هَرَ هَرَ گهُري سَنسارَ ۾.
تازَگي خوشبُو گُلن ۾ چانڊوڪي چَنڊ جي ٿڌي،
تِن کي صَدقي سان اوهان جي ٿي ملي سَنسارَ ۾.
طاهِر و طَيبُ ۽ صادِقُ عالِم و نُورِ جَلي،
ڪو اوهان جي مِثل مِيرَل ڪيئن ٿئي سَنسارَ ۾.
اي حَبيب ڪِبريا خَتَمُ الرُسُلؐ هادِي هُدا،
ڪيئن اوهان کان ڏُور ٿي پوءِ ڪو رَهي سَنسارَ ۾.
ڇو ڀَلا سَمجهان اَڪيلو پاڻ کي مان مومِنو،
ڪافي آ مُرسَلُؐ مِٺو ٻيو ڇا کپي سَنسارَ ۾.
ڍُونڍَ دُنيا ۾ ٻُڏل مان پَرَ اوهان جِي يا نبيؐ،
هَر گهڙي رَحمتَ حفاظت ٿي ڪَري سَنسارَ ۾.
شاههِ بَطُحا شافِعَ روزِ حَشَر خيرُالبَشَر،
سِرِ اوهان تاجِ رِسالت ٿو ٺَهي سَنسارَ ۾.
ٿو خُداج تَعريف قُران ۾ اوهان جي خُود
ڪَري،
۽ ثناگر نَعتُون هَردَم ٿو پَڙهي سَنسارَ ۾.
سيد شاهه مردان شاهه
ڇاڇرو
تون نه ايندين جي پرين، مون وٽ ڀلا ٻيو ايندو به
ڪير
دل دُکي کي دلرُبا، ٻيو ڏَڍَ اچي ڏيندو به ڪير۔
ھِت ستايو مون کي سورن، تون سڄڻ سئو ڪوھ تي۔
آ ھلي ھڪدم ھتي، ٻيو ڏَڍَ اچي ڏيندو به ڪير۔
حال اوري ڪنھن سان اوريان، ڪو سُڻڻ وارو ناھي سڄڻ.
ڏيان نياپو توڏي نينھن جو، سو مِٺا نيئندو به ڪير.
ھڪ ته پنھنجا ٿي پراوا، وڏيون وڇوٽييون ويا وجھي۔
دانھن اُنھي جي در کڻي، وَٽن ڀلا ويندو به ڪير
ھئم دل ھڪڙي، سا مون ڏني توکي مِٺا.
محب ’مردان‘ جي مدد، تو سواءِ ٿيندو به ڪير.
*
چوڻ مڃ اي چرِي دلڙي، زمانو بي وفا آھي،
سڄڻ سمجھين ٿي جنھن کي تون، اُتان جِيءَ کي جفا
آھي۔
دغا دوڪو ڪرڻ ڪنھن سان، اڄڪلھه آئين ٿيو آھي،
ڀلين جانچيءَ جونچي ڏِس ڪو، سون مھڪ صفا آھي.
رنون ٿي رت جنھن لاءِ تو، اُھو اج بيوفا بنيو،
تو سڄڻ ٿي سمجھيو سدا جنھن کي، سو ٿيو خدا جو
سونھن خفا آھي.
رِلِيو مِليو رقيبن سان، ڪري پيو روز رھاڻيون ھُو،
ڏِيڻ جوکو تنھن جِيءَ کي، اِھو دشمنن ڪيو دفا آھي.
آھي مريض محبت جو، مدامي ڪو ’مردان‘ چئي.
جي راضي آھي راڻل، سمجھه اُن لاءِ شفا آھي.
غلام رسول گل
سٺ ميل
غزل
ندي جا پاڻي لئه ڪنارا اڃا ھا،
پکي ھنج به ويٺل ويچارا اڃا ھا.
پني تي قلم کي رکي سوچيان ٿو،
گلابي رتن جا نظارا اڃا ھا.
صنم جي ھٿن ۽ حنائي اکين جا،
ڏٺا مون چتائي اشارا اڃا ھا.
مٺي ماھرو لئه ته گلشن جا سھڻا،
گھمڻ ڪاڻ رستا ۽ چارا اڃا ھا.
ڪنوارين حورن جي بدن تي ته پاتل،
وڳا ڀرت وارا ڇو ڪارا اڃا ھا.
سوا مالھي جي سڀ صنوبر چنبيلي،
۽ رابيل جا ’گل‘ پيارا اڃا ھا.
غزل
قسم ٿئي قسم ٿئي حُسن جو قسم ٿئي،
ڪرا دل سان درشن گلن جو قسم ٿئي.
ھتي ۽ ھتي تون مٺا منھنجو ٿيجان،
چنبيلين ھوائن رتن جو قسم ٿئي.
پنھنجي سھڻي سنڌ کي اڪيلو ڇڏجان،
ڀٽائي جي سڀني سُرن جو قسم ٿئي.
لُڪي تي بيٺو ساھه آھي ڏسڻ لئه،
وري آ تون واپس وطن جو قسم ٿئي،.
ڪڏھن ڪنھن به ظالم جي آڏو نه جھڪجان،
انھن سرخ سھڻن چپن جو قسم ٿئي.
ڪجان روز سيوا پيو تون ته ’گل‘ جي،
جواني ۽ سھڻي چمن جو قسم ٿئي.
راز نواز ٻارڻ
جاتي- سجاول
فعولن فعولن فعولن فعولن
ڀلي يار آ
ئين
اسان گيت ڳايا،
ڀلائي
ڪري ڪا ڀلا يار آيا.
سڪي سار مٺڙو لڳي دل سجائي،
ڪيو پاڻ الفت سڀن سان سچائي،
اميدن پڄايو پڇي پنڌ کٽايا.
چڪر چار گھڙ يون پڳو يار توکان،
وڏا وڙ ڪيا تو رھان ڌار توکان،
ڀري يار ڀا ڪر گلي تو لڳايا.
لھي سور ويئڙا
سڄڻ يار ٿيئڙا،
صدي ساک ڏيندي مٺا مور مٺڙا،
چڳاءي چڱن جي چڳا ڳڻ سجايا.
للا ڪاڻ دوست گھڻو دل گھري ٿي،
سخا ڄاڻ سان دلڙي سهڻا ٺري ٿي،
اٿي سج سويري گلن سر ورهايا.
نوان نينھن لائي نواز ي ٿو ٻارڻ
ڳجھو راز دل جو لڪائي ٿو ٻارڻ
ڀلي بک ڀرم جي ڀلا شان چايا
امداد جسڪاڻي
پنوعاقل
غزل
ٻاٽ جي راڄ ۾ سوجهرو ٿو ملي،
واءُ کان واٽ ۾ حوصلو ٿو ملي.
پاڻ ڀي قرب سان آجيان ڪا ڪيون،
پنڌ ۾ پيار سان قافلو ٿو ملي.
جي چئي جيءَ ۾ جاءِ تو جي ڏني،
ڪو جيئڻ جو وري آسرو ٿو ملي.
وک کڻان ٿو سوين ڏک ڏسان ٿو مٿي،
هڪ خوشي سان نئون مامرو ٿو ملي.
جان ’امداد‘ کان جي گهرين مان ڏيان،
عشق کان اي پرين ڏس اهو ٿو ملي.
غزل
دلبرن جي ڳالهه ڇڏيان،
دوستن جي ڳالهه ڇڏيان.
سورمن جي ڳالهه ڇڏيان،
ڇا وطن جي ڳالهه ڇڏيان؟
بيت آهن ڳالهه دل جي،
ڇو سخن جي ڳالهه ڇڏيان؟
عاشقي ۾ تو ڏنا ها،
تن غمن جي ڳالهه ڇڏيان؟
تون پيو بندوق تاڻين،
مان بمن جي ڳالهه ڇڏيان؟
گل ٽڙن ٿا پيار جا جِتَ،
ان چمن جي ڳالهه ڇڏيان؟
نجم سرهيو
مورو
بيت
گهگهيريون گهُورين، کڻي ٿڌڙا ساهه،
جيئري مون پُورين، سندءِ اکين پُڙ ۾.
ڏاڻي ڇوري! ٻَڌُ نه تون، ڪانهي توکي ڪَلَ،
سِڙهَه لئه وڃئي سِرُ متان، ڇوليءَ ڇا ته اُڇَلَ.
سپنو ڇا ته حَسين هو، ڇا ته هئي وهي،
پئي آن هاڻ ڊَهي، واريءَ تي ليڪن جيان.
نِڀَ ۾ وڏو نور آ، چوڏهينءَ چمڪيو چَنڊُ،
ڌرتي ڄڻ ڪا جَنڊُ، تنهنجي آهِه طواف ۾.
تنهنجي ڇاتيءَ کي ڇُهي، ڀانئيم ڌرتيءَ تي،
ڄڻ ڪارونجهرڪي، اُڀا هِن آکاڙَ ۾.
سپنو ساڀيان ٿي پيو، سپنو سارو سچ،
آڌيءَ ٻاري مچ، اُڃ اُجهايئي آڳ سان.
گهٽائون گهنگهور، موهِن ٿيون ڪيئن مَنَ،
هئه هئه، هئه جوڀن! موڳا ماڻهو ماٺ ۾.
ها! مان ڀي آهيان مٽي، خوشبو منهنجي ڀيڻ،
توجا ٻري ميڻ، کول ڳجهي سا ڳالهڙي.
توکي شال پروڙ! پئي پِرڪِرتِيءَ جِي،
ڪيڏي سُندرتا هِي، خالق خلقِي خلق لئه. |