ڊاڪٽر الطاف حسين جوکيو
محرابپور
سنڌي ٻوليءَ ۾ پڇاڙين سان ’فاعل‘ جُڙڻ جو مختصر
اڀياس
ڪنھن به ٻوليءَ جي ساخت ۾ جملي جي بيھڪ پنھنجي
پنھنجي ٿئي ٿي. عربي ٻوليءَ جي ساخت ۾ جملي جي
شروعات فعل سان ٿيندي آهي، انگريزي ٻوليءَ جي ساخت
۾ فعل وچ ۾ ٿئي ٿو، البت امري جملي ۾ فعل سان
شروعات به ٿيندي آهي، سنڌي ٻوليءَ جي ساخت ۾ وري
فعل آخر ۾ ٿئي ٿو، جڏهن ته فاعل شروع ۾ رهندو آهي.
ڪڏهن ڪڏهن ڳالهائڻ واري ٻوليءَ ۾ فاعل جا هنڌ به
تبديل ٿي ويندا آهن، پر اهو سڄو ڪجهه ڳالهائڻ ۽
سمجهڻ واري تي هوندو آهي، مثال طور:
·
تون وڃين ٿو، ان سان منھنجو ڪھڙو مطلب!
·
تون ٿو وڃين، ان سان منھنجو ڪھڙو مطلب!
·
وڃين تون ٿو، ان سان منھنجو ڪھڙو مطلب!
مٿيان ٽئي جملا درست ليکيا ويندا، البت لکڻ واري
ٻوليءَ ۾ جملي جي بيھڪ کي نظر ۾ ضرور رکيو ويندو
آهي. جملو گهڻي قدر فاعل سان شروع ٿيندو آهي. مٿين
جملن ۾ ’تون‘ ته فاعل آهي ئي، ليڪن ’وڃين‘ به فاعل
جي جڳھه تي بيٺو آهي. ان حالت ۾ ان کي فاعل طور
سمجهڻ مشڪوڪ ٿي وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته ساڳئي جملي ۾
’تون‘ فاعل به موجود آهي.
ڪنھن به ٻوليءَ جي جملي ۾ مبتدا
(subject)
۽ خبر
(predicate)
نھايت اهم ليکي ويندي آهي. مبتدا، فاعل بابت
ڏسيندي ۽ خبر، فعل يا مفعول بابت ڏسيندي. مبتدا جي
حصي ۾ ’فاعل‘ اچي ٿو. انگريزي ٻوليءَ ۾ فاعل به
مبتدا
(subject)
جي حصي ۾ ٿيندو آهي. بھرحال، سنڌي ٻوليءَ ۾ فاعل
جو هنڌ، جملي جي شروعات آهي، ليڪن ان ۾ اهو شرط
آهي ته اهو ڪم جو ڪندڙ يا ڏسيندڙ ضرور هجي.
فاعل معنى ڪم جو ڪندڙ، هر ٻوليءَ ۾ فاعل ٿيندو
آهي. عربيءَ ۾ اسم فاعل گهڻي قدر فعل مان جوڙيندا
آهن، جيئن: قَتل مان قاتل، ڪَتب مان ڪاتب، حَمد
مان حامد وغيره. سنڌي ٻوليءَ جو مزاج ٻين ٻولين
کان نرالو آهي، ان لاءِ فعل کان علاوه اسم مان به
جڙندا آهن، جيئن:
·
مصدر/ فعل: پوڄڻ مان پوڄاري/ ڏيڻ مان ڏيندڙ- ڏاتار
·
امر: مارِ مان مارِي
·
اسم: واپار مان واپاري/ هر مان هاري
·
ظرف: مدار مان مداري
ڀيرومل آڏواڻيءَ ’مصدر‘ جي صورت کي به فاعل ۾ شمار
ڪيو آهي، لکي ٿو: ”پھريائين جملي جو فاعل ڳولي هٿ
ڪجي ۽ پوءِ فعل. جيڪڏهن ’خبر‘ جدا ڄاڻايل هجي ته
اهو به ڪڍي ڌار ڪجي. جنھن صورت ۾ پھريائين فاعل
ڳولي ڪڍڻ ضروري آهي، تنھن صورت ۾ هيءَ ڳالهه
ڄاڻائجي ٿي ته هيٺين قسمن جا لفظ فاعل ٿي سگهن ٿا.
1. گهوڙو ڊوڙيو. گهوڙو-
فاعل- اسم
2. هُو ويو. هو-
فاعل- ضمير
3. جيئڻ جنجال آهي. جيئڻ- فاعل- اسم
مصدر.“ (ڀيرومل، 182: 1985)
ڀيرومل، جملي جي مبتدا ۽ خبر کي نظر ۾ رکندي، مٿين
ڳالهه ڪئي آهي ۽ فوٽ نوٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته ’فاعل کي
عام طرح سڏين ’مبتدا‘ يعني جنھن سان جملي جي ابتدا
يا شروعات ٿئي ٿي.‘ (ڀيرومل، 182: 1985)
مٿئين حوالي مان خاص ڳالهه اها سامهون آئي آهي ته
’مصدرَ‘ به فاعل ٿي سگهي ٿي. هن معاملي پٽاندر،
جملي ۾ لفظن جي حالت
(position)
اهم آهي. لفظ جيڪڏهن فاعل جي جڳھه تي آهي ۽ ٻيو ڪو
فاعل موجود ناهي ته ان صورت ۾ ڪم آندل مصدرَ
(اسم) کي به فاعل چئي سگهجي ٿو. يعني اهو واضح
هجڻ گهرجي ته لفظ جي حالت ئي ڏسيندي آهي ته ڪھڙي
صورت ۾ ڪم آيو آهي. ان لحاظ کان جملي ’جيئڻ جنجال
آهي‘ ۾ ’جيئڻ‘ فاعل آهي.
’فاعل‘ بابت واحد بخش شيخ لکي ٿو: ”اهو اسم، جو
مصدر مان جڙي يا فعل ۽ ٻين حرفن يا لفظن جو مرڪب
هجي ۽ جملي ۾ فاعل يا مفعول جي صورت ۾ ڪم اچي،
تنھن کي اسم فاعل چئبو آهي. فاعل ۽ اسم فاعل ۾ فرق
آهي. اسم، جامد هجي يا مشتق، ٻيئي فاعل جي صورت
وٺي سگهن ٿا؛ فاعل جملي اندر هميشہ فاعل جي صورت
۾ هوندو آهي، مگر اسم فاعل، جو مشتق هوندو آهي،
فاعل توڙي مفعول، ٻنهي مان ڪابه صورت وٺي سگهي ٿو.
اسم فاعل صفت به ٿي ڪم ايندو آهي.“ (واحد، 1986:
97)
شيخ صاحب جي وضاحت ۾ مونجهارو ضرور آهي، سندس
ڄاڻائڻ موجب، اسم فاعل لفظ جي اهڙي صورت آهي، جيڪا
فعل ۽ ٻين حرفن مان جڙي ٿي ۽ اها صورت فاعل توڻي
مفعول طور ڪم اچي ٿي. جڏهن ته فاعل جملي ۾ فاعل جي
هنڌ تي ئي هوندو آهي. مبادا سندس اشارو ’ضمير
متڪلم، حاضر يا غائب‘ ڏانھن هجي. بھرحال، اها به
حقيقت آهي ته ڪڏهن ڪڏهن فاعل جي صورت وارا لفظ به
مفعول جي صورت ۾ ڪم ايندا آهن. يعني شيخ صاحب جي
مراد، جملي ۾ لفظ جو هنڌ آهي. جيئن: لفظ ’چورُ‘ جي
بيھڪ ’فاعل‘ واري آهي، ليڪن اهو لفظ جملي ۾ مفعول
طور به ڪم اچي سگهي ٿو، جيئن: ’چور کي پڪڙيو ويو‘.
يعني ان جملي ۾ ’فاعل جي صورت وارو لفظ (چورُ)،
مفعول جي حالت ۾ ڪم آيو آهي.
بھرحال، لفظ جيڪي فاعل جي صورت ۾ ڪم اچن ٿا، سي
گهڻي قدر اسم، ضمير يا صفت طور ڪم آندا ويندا آهن.
سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم ايندڙ لفظ/ اصطلاح: ’فاعل‘ عربي
ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنھن جي معنى آهي ’ڪم جو
ڪندڙ‘. عربي ٻوليءَ جو ’فاعل‘ اڪثر ’فعل‘ مان
جڙندو آهي. عربي لفظ/ صَرف جو مدار گهڻو ڪري اکرن
جي وزن تي هوندو آهي.
پرائمري درجن ۾ اسان کي ٽي وزن سيکاريا ويندا آهن، جن ۾ ’فعل‘
(ڪم) ٽه اکرا، ’فاعل‘ (ڪم جو ڪندڙ) چار اکرا ۽
’مفعول‘ (ڪم جو سھندڙ) پنج اکرا، سڀ کان پھريائين
سيکاريا ۽ سمجهايا ويندا آهن. هتي فعل مان جڙندڙ
فاعل جي وزنن جي مختصر جدول پيش آهي، جيڪي اسم يا
صفت وغيره طور ڪم آندا ويندا آهن، جيئن:
فعل (ٽه- اکرا) ڪم |
فاعل (پھرئين
اکر بعد ’الف‘ جو اضافو) ڪم جو ڪندڙ |
فعل |
فاعل |
قتل |
قاتل |
حسد |
حاسد |
جھل |
جاهل |
شڪر |
شاڪر |
حڪم |
حاڪم |
ولد |
والد |
مٿيان فعل- فاعل- جا وزن عام آهن، ايئن ئي ’مفعول‘ جي وزن تي
مفعول جڙندا آهن، جيئن: ’قتل‘ مان ’مقتول‘ وغيره
۽ اسان وٽ استعمال ۾ آندا ويندا آهن.
ياد رهي ته عربي ٻوليءَ ۾ ٽه اکرا لفظ ’فعل‘ جي
وزن تي، زمان ماضي ڏيکاريندا آهن ۽ ان ۾ فاعل
’ضمير غائب واحد‘ ڄاتو ويندو آهي، جيئن: ’قَتَلَ‘
معنى ’هن ماريو‘.
ان کان علاوه فاعل جا اهڙا وزن به آهن، جيڪي مختلف مصدرن موجب،
مختلف وزنن تي به جڙندا آهن، جيئن:
’مدح‘ مان ’مدّاح‘ (فعّال)- جبر مان ’جابر‘
(فاعل)، جبّار (فعّال)
’حمل‘ مان ’حامل‘ (فاعل)، ’حمّال‘
(فعّال)
’فتح‘ مان ’فاتح‘ (فاعل)، ’فتّاح‘ (فعّال) وغيره.
(نوٽ: چند عربي لفظ ’فاعل‘ جي وزن تي سنڌي ۾ اسم
يا صفت طور به ڪم آندا ويندا آهن، جھڙوڪ: آخر-
باطل- باعث- ثابت- جائز- حاصل- خاطر- خالص- ساحل-
شامل- صاحب- صالح- طاهر- ظاهر- عاجز- فالج- قابل-
لازم- ماهر- ناقص- نائب- واجب- واحد- واقف وغيره.)
مٿين ’فاعل‘ ۽ ’فعّال‘ وزن کان هٽي ڪري، چند فاعل
جا وزن اهڙا به هوندا آهن، جيڪي مصدرن موجب بيھندا
آهن، جيئن:
·
مصدر ’افعال‘ موجب، مُفعِل جي وزن تي: مُجرِم-
مُحسِن- مُخلِص- مُرشِد وغيره
·
مصدر ’تفعِيل‘ موجب، مُفعِّل جي وزن تي:
مُبلِّغ- مُحدِّث- مُحقِّق- مُرتِّب- مصنِّف وغيره
·
مصدر ’تَفعُّل‘ موجب مُتفَعِّل جي وزن تي:
مُتَڪَبِّر- مُتَڪَلِّم- مُتَحَرِّڪ- مُتَاثِـّر
وغيره
·
مصدر ’تَفَاعُل‘ موجب ’مُتَفاعِل‘ جي وزن تي:
مُتَبادِل- مُتَضاد- مُتَعارِف- مُتَرادِف وغيره
·
مصدر ’مُفَاعَلَة/ مُفَاعَلَه‘ موجب ’مُفاعِل‘
جي وزن تي: مُجاهِد- مُخالِف- مُلازِم- مُخاطِب
وغيره
(نوٽ: ياد رهي ته انهن مصدرن مان ٺھندڙ فاعل ۽ مفعول ۾ ’زير ۽
زبر‘ جو فرق نمايان رهي ٿو. جيئن ’مخاطِب‘ ۾ ’ط‘
تي ’زير‘ ان لفظ کي فاعل بڻائي ڇڏيندي،
جڏهن ته
’مخاطَب‘ ۾ ’ط‘ تي ’زبر‘ ان لفظ کي مفعول بڻائيندي
آهي.)
·
مصدر ’اِفتِعال‘ موجب ’مُفتَعِل‘ جي وزن تي:
مُتَّفِق- مُنتَظِر- مُحتَسِب- مُتَّقِي وغيره
·
مصدر ’اِسۡتِفۡعال‘ موجب ’ مُسۡتَفۡعِل‘ جي
وزن تي: مُستَحِقّ- مُستَفِيد- مُستَقبِل-
مُستَشرِق وغيره
·
مصدر ’اِنفِعَال‘ موجب ’مُنفَعِل‘ جي وزن تي:
مُنحَرِف- مُنفَرِد- مُنسَلِڪ- مُنحَصِر وغيره
(نوٽ: هن مصدر ۾ مفعولي وزن ’ مُنفَعَل‘ وارا لفظ سنڌي ٻوليءَ ۾
گهڻو ڪري ڪم نه ايندا آهن. ليڪن ڊاڪٽر محمد بن عمر
دائود پوٽي جي ڄاڻائڻ موجب سنڌي ٻوليءَ ۾ هن مصدر
مان جڙندڙ فاعل ڪٿي مفعول جو مفھوم به ڏيندا آهن.
(دائودپوٽو، 1950: ح)
جيئن ته عربي ٻوليءَ جي صرف جو مزاج، وزنن تي آهي، ان لاءِ عربي
فاعلن جا گهاڙيٽا، وزنن تي جاچيا ويا آهن؛ جڏهن ته
سنڌي ٻوليءَ جي مزاج موجب فاعلن جوڙڻ لاءِ پڇاڙين،
وچياڙين کان سواءِ سُرن وغيره کان پڻ ڪم ورتو
ويندو آهي. ايئن ئي مختلف ٻولين ۾ مختلف ڍنگ هوندا
آهن. انگريزي ٻوليءَ ۾چند فاعل
‘er/ or / ar’
پڇاڙين
(suffixes)
سان به جڙندا آهن، جيئن:
writer/ lover, coordinator/ supervisor, bursar/
registrar etc.
·
فاعل جي مراد
لفظ ’فاعل‘، عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، لفظ جي حيثيت
موجب، ان جو گهاڙيٽو ’فعل‘ مان جوڙيو ويندو آهي.
مراد ان جي ’ڪم جو ڪندڙ‘ هوندي آهي.
سنڌي ٻوليءَ پٽاندر، جن لفظن کي فاعل سمجهيو وڃي
ٿو، سو مختلف وياڪرڻ جي لفظن مان ٺھندو/ بيھندو
آهي، جيئن: اسم، ضمير، صفت، فعل/ امر، ظرف وغيره،
جيئن:
ü
اسم (ساهوارو) ’ٻار‘ مان ’ٻاراڻو/ ي‘ (ٻارن وارو/
ي)
ü
اسم (شيءِ) ’هرُ‘ مان ’هارِي‘ (هر ڏيندڙ)
ü
اسم (جاءِ) ’ٺٽو‘ مان ’ٺٽوي‘ (مخدوم ابوالحسن
ٺٽوي)
ü
اسم (ڪم) ’لکڻ‘ مان ’لکندڙ/ ليکڪ/ لکاري‘
ü
اسم (حالت) ’اميري‘ مان ’اميراڻو‘
ü
اسم (خاصيت) ’ڀلائي‘ مان ’ڀلائي ڪندڙ/ ڀلو‘
ü
ضمير (خالص) ’مان‘، ’تون‘، ’هيءُ‘، ’اُهي‘ وغيره
(ڪم جا ڪندڙ)
ü
فعل ’مارِ/ مارڻ‘ مان ’ ماريندڙ/ مارِي‘
ü
ظرف ’مدارُ‘ مان ’مداري‘ (حرفتون ڪندڙ)
اهوئي سبب آهي جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ’فاعل‘ کي عربيءَ
جيان ’اسم فاعل‘ بدران عام طور ’فاعل‘ ڪوٺجي ٿو،
ڇاڪاڻ ته ضميري صورت ۾ ڪم آيل لفظ به فاعل طور
سڃاتا وڃن ٿا، جيئن: مان/ آءٌ، اسان/ اسين، تون،
توهان/ توهين، هيءُ/ هيءَ، اُهي وغيره. دراصل، اهي
ضمير به اسم جو ئي بدل آهي، پر تنھن هوندي به سنڌي
ٻوليءَ ۾ عام طور ’فاعل‘ (ڪم جو ڪندڙ) ئي ڪم آندو
ويندو آهي. اهي ڪم ايندڙ فاعل، مرڪب صورت ۾ (ڪئا
مارِ) يا اصطلاحي مراد (ڪار مُنھون) سان پڻ بيھندا
آهن، جيڪي سنڌي ٻوليءَ ۾ صفت طور ڪم ايندا آهن.
هونئن به جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ’فاعل‘ ان کي چئجي،
جيڪو فعل مان جڙندو هجي، جيئن گهڻي قدر عربي
ٻوليءَ ۾ مستعمل آهي؛ پر جيئن ته هر ٻوليءَ جو
مزاج پنھنجو پنھنجو ٿئي ٿو، ان لاءِ سنڌي ٻوليءَ ۾
اهو لفظ صرف هڪ اصطلاح
(term)
طور ڪم آندو ويندو آهي.
·
فاعل جا گهاڙيٽا
امر مان فاعل جو جڙڻ: جيئن عربيءَ ۾ لفظ جو بنياد
’فعل‘ جي وزن تي ٽه- اکرو هوندو آهي، جنھن مان
مختلف وزنن تي ٻيا لفظ جڙندا آهن، جڏهن ته سنڌي
ٻوليءَ جو بنيادي لفظ ’امر‘ ڄاتو ويندو آهي، ’ڻ‘
پڇاڙي لڳائڻ سان مصدر جڙندي، جنھن کي اسم ۾ شمار
ڪيو ويندو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي جملي ۾ امر ۽ فعل،
زمان ڏسيندو آهي، ان لاءِ ’فعل‘ جي دائري ۾ ’امر‘،
’مصدر‘ ۽ ’زمان‘ اچي وڃن ٿا. اصولي طور، امر ۽
مصدر الڳ الڳ خانن ۾ رکڻ گهرجي، ليڪن هتي صرف مصدر
ڏئي، لفظ جا ’فاعل‘ ڄاڻائڻ جي ڪوشش ورتي وئي آهي.
جتي مصدر مرڪب صورت کان وڌي، ترڪيب جي صورت وٺي
ٿي، اتي فاعل جي صرف معنى يا مراد رکي وئي آهي.
چند فارسي يا عربي لفظ به رکيا ويا آهن، جيڪي سنڌي
اصولن موجب فاعل طور ڪم آندا وڃن ٿا، ليڪن انهن ۾
به عربيءَ جي بجاءِ، فارسي لفظن قدري وڌيڪ استعمال
۾ اچن ٿا.
سنڌي ٻوليءَ ۾ اڳياڙين سان به ’فاعل‘ (وڏ جگرو- وڏ
ڀاڳيو- ٿور کائڪ- ٿور ڳالهائُو- پرمتڙيو وغيره) ڪم
آندا ويندا آهن، ليڪن هتي چند اهڙا فاعل ڏئي، انهن
جي پڇاڙيءَ وارن آوازن کي مرڪوز رکيو ويو آهي.
سنڌي ٻوليءَ جي آخري ڇوٽن سُرن، ڊگهن سُرن، دهرن
سُرن ۽ انهن جي نڪوين سُرن جون پڇاڙيون ان حوالي
سان نھايت اهم آهن، جو انهن سان لفظن جا مذڪر-
مؤنث، واحد- جمع، حرف جر، حرف اضافت،
فاعل- مفعول
وغيره جڙندا آهن. ان ڪارڻ ’فاعل‘ ڄاڻائڻ ۾ آخري
سُرن جي ترتيب وارو فارميٽ رکيو ويو آهي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ فاعل جوڙڻ لاءِ گهڻي قدر ’...يندڙ/
...ندڙ‘ پڇاڙي لڳائي ويندي آهي. مرڪب صورت ۾ ’ڪندڙ
يا وارو‘ جي پڇاڙي لڳي ٿي، ان کان علاوه ڪي مخصوص
پڇاڙيون ۽ سُر آواز
(vowels)
به لڳن ٿا، جن سان فاعل جي صورت جڙي ٿي. هتي سڀ
کان پھرين گڏ ڪيل ڊيٽا کي سر آواز (اَ، آ، اِ، اُ،
اي، اِي، اَي، او، اُو، اَو) ۽ جي، ڪي لفظ ملي
سگهيا ته گهُڻن سُر آوازن
(nasal vowels)
جي پڇاڙين سان رکي، ان جي اندر مخصوص پڇاڙين جي
گروهبنديءَ بعد، لفظن جي مخصوص ڪيل جدول ۾ فاعل کي
الف- بي وار پڻ رکي، ڇنڊڇاڻ ڪئي ويندي.
واضح ڪندو هلجي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم ايندڙ ’فاعل‘
جي چونڊ ٽن ڪتابن مرزا قليچ بيگ جي ’سنڌي وياڪرڻ‘،
ڀيرومل آڏواڻيءَ جي ’وڏو سنڌي وياڪرڻ‘ ۽ واحد بخش
شيخ جي ’سنڌي ٻوليءَ جو صرف و نحوَ‘ مان ڪئي ويئي
آهي.
اسم مان فاعل جڙڻ جا مثال مرزا قليچ هن ريت ڏنا
آهن: ”(1) واپاري، پيري، ويري، پساري، دانھي. (2)
ميھار، ڳنوار، ٻڪرار، ڌنار، پتيار. (3) ڳوٺ وارو،
گهر وارو، هوند وارو، عقل وارو. (4) لاڙائي،
باغائي، چوپائي. (5) حلوائي، معاملائي، ساڪرائي،
پکيڙائي ۽ (6) ناچو، ويڙهُو، گهومُو ۽ ميڙو.
فعل مان اسم فاعل: (1) ڏيڻ وارو، وٺڻ وارو، وغيره.
(2) ڏيڻاٽ، نپڻاٽ، وٺڻياٺ. (3) لکڻھارو، هلڻ هارو،
جوڙڻ هارو. (4) اپائڻھار، ڏاتار، مڱڻھار. (5)
کائُو، رهاڪُو، پينُو ۽ (6) پيڃارو، واڍو.“ (قليچ،
2015: 174)
سنڌي فاعل جي لفظن جي ڊيٽا گڏ ڪرڻ ۾ واحد بخش شيخ
جي ڪتاب ’سنڌي ٻوليءَ جي صرف و نحوَ‘ (شيخ، 2006:
97- 113) مان ڪافي مدد ملي آهي.
·
سنڌي سُر آوازن جي پڇاڙين سان فاعل جي بيھڪ
ü
’اَ‘ ۽ ’اَن‘ پڇاڙين سان فاعل جو جڙڻ
هن پڇاڙيءَ سان فاعل ملي نه سگهيا آهن.
ü
’آ‘ ۽ ’آن‘ پڇاڙين سان فاعل جو جڙڻ
فعل |
اسم |
يندڙ/ ندڙ/ وارو پڇاڙي |
‘آ‘ پڇاڙي |
ڏيڻ |
ڏيب |
ڏيڻ وارو/ ڏاتر |
داتا |
راڄ ڪندڙ- حاڪمي هلائيندڙ |
راجا |
راهه ڏيکاريندڙ- سُونھون |
رهنما |
مٿين جدول ۾ ڪم ايندڙ پڇاڙيون:
?
’آ‘ جي ئي پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيڪا ڪنھن لفظ سان ملي
فاعل جي صورت جوڙي ٿي، جيئن: داتا- راجا وغيره.
?
’آن‘ پڇاڙيءَ سان ڪي فاعل ملي نه سگهيا آهن.
ü
’اِ‘ ۽ ’اِن‘ پڇاڙين سان فاعل جو جڙڻ
مصدر/ فعل |
اسم |
يندڙ/ ندڙ/ وارو پڇاڙي |
’اِ‘ پڇاڙي |
ميڙِڻُ |
ميڙَ |
ٻير ميڙيندڙ |
ٻيرن ميڙِ (ڇوڪرو) |
پير ٻوڙِڻُ |
ٻوڏِ |
پير ٻوڙيندڙ |
پيرَن ٻوڙِ (پاڻي) |
مارِڻ |
مارَ |
ماريندڙ |
ڪئا مارِ (دوا) |
ڇوڙِڻُ |
ڇوڙَ |
ڏوڪڙن جي ڳنڍ ڇوڙيندڙُ |
ڳنڍيڇوڙِ |
وَڍِڻ |
واڍِ/ ي |
وڻ وڍيندڙ |
وڻَ وڍِ (ڪھاڙِي) |
فعل کان سواءِ معنى ۽ مراد سان ’اِ‘
پڇاڙيءَ وارا فاعل |
اکيون ڍاريندڙ |
اکيُن ڍارِ (ماڻهو) |
اڪ جي ڀَر وارو |
اڪ ڀَرِ (ٻوٽو) |
دُهرن کي دسيندڙ |
دُهرا دَسِ (پھلوان) |
قلم ڇڏيندڙ |
قلم ڇڏِ (هڙتال) |
مٿين جدول ۾ ڪم ايندڙ پڇاڙيون:
?
’اِ‘ جي ئي پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيڪا امري صورت ۾ ئي
فاعل جي صورت جوڙي ٿي، جيئن: ڪئامارِ- قلم ڇڏِ
وغيره.
?
’اِن‘ پڇاڙيءَ سان لفظ ملي نه سگهيا آهن.
·
وضاحت: سنڌي ٻوليءَ موجب،فعل يا اسم مصدر جو بنياد
’امر‘ مان بيھندو آهي. هتي مرڪب صورت ۾ صرف امر ڪم
آڻڻ سان به فاعل جڙي ٿو.
ü
’اُ‘ ۽ ’اُن‘ پڇاڙين سان فاعل جو جڙڻ
مصدر/ فعل/ مرڪب فعل |
اسم |
’يندڙ/ ندڙ‘/ وارو پڇاڙي |
’اُ‘ پڇاڙي |
اڏامڻ |
اڏام |
اڏامندڙ |
اڏامڪُ |
اٺ چارڻ |
اُٺ |
اُٺ چاريندڙ |
اوٺارُ |
اَڏِڻُ |
اڏاوت/ اَڏَ |
اڏيندڙ |
اوڏُ |
بخشڻ |
بخشش |
بخشيندڙ |
بخشڻھارُ |
ٻڪريون چارڻ |
ٻڪرُ/ ٻڪري |
ٻڪريون چاريندڙ |
ٻڪرارُ |
ڀڄڻ |
ڀاڄ |
ڀڄندڙ |
ڀاڄوڪڙ |
پالڻ |
پالنا |
پاليندڙ |
پالڻھارُ |
پنڻُ |
پِنَ |
پنندڙ |
پينارُ |
پيئڻ |
پيئڻ/ پاڻي |
پيئندڙ |
پيئاڪُ |
ٺَڳِڻُ |
ٺَڳِي |
ٺڳيندڙ |
ٺَڳُ |
ٽَھَڻُ |
ٽاههُ |
ٽھندڙ |
ٽاهڙُ |
جهپڻ |
جهپ |
جهپيندڙ |
جهپرُ |
جهيڙڻ |
جهيڙو |
جهيڙيندڙ |
جهيڙاڪ |
چوري ڪرڻ |
چوري |
چوري ڪندڙ |
چورُ |
چڙڻ |
چڙَ/ چيڙ |
چڙندڙ |
چيڙاڪ |
ڍَڪِڻُ |
ڍَڪُ |
ڍڪيندڙ |
ڍڪڻھارُ |
ڏيڻ |
ڏيبُ |
ڏيندڙ |
ڏاتارُ |
ڌاڙو هڻڻ |
ڌاڙو |
ڌاڙو هڻندڙ |
ڌاڙيلُ |
ڌڻ چارڻ |
ڌڻُ |
ڌڻُ چاريندڙ |
ڌنارُ |
رڱڻ/ رنگڻ |
راڱو |
رڱيندڙ |
رنگريزُ |
رُلڻ |
رُلَ/ رولاڪي |
رُلندڙ |
رولاڪُ |
رُلڻ |
رولاڪي |
رولُ/ رُولُو |
رولاڪڙُ |
رڍون چارڻ |
رڍَ |
رڍون چاريندڙ |
ريڍارُ |
سچ ڳالهائڻ |
سچُ |
سچ ڳالهائيندڙ |
سچارُ |
سڌارڻ |
سڌار/ سڌارو |
سڌاريندڙ |
سُڌارڪ |
گهڙِڻ |
گهَڙَ |
سٺو گهڙيندڙ |
سُگهڙُ |
سکَڻ |
سيکت |
سکندڙ |
سيکڙاٽُ |
کائِڻ |
کاڌو |
کائيندڙ |
کائڪُ |
گهائِڻ |
گهاءُ/ گهات |
گهاتو |
گهاتڪُ |
ڳالهائڻ |
ڳالهه |
ڳالهائيندڙ |
ڳالهرُ |
ڳائڻ |
ڳائڪي |
ڳائيندڙ |
ڳائيڪُ |
ڳئون چارڻ |
ڳئون |
ڳئون چاريندڙ |
ڳنوارُ |
لکڻ |
ليک |
لکندڙ |
ليکڪُ |
مينھون چارڻ |
مينھن |
مينھون چاريندڙ |
ميھارُ |
وڙهڻ |
ويڙه |
ويڙه ڪندڙ |
ويڙهاڪُ |
هِرڻ |
هيرَ |
هِرندڙ |
هيراڪُ |
·
فعل کان سواءِ معنى ۽ مراد سان ’اُ‘ پڇاڙيءَ وارا
فاعل
پڙهائڻ وارو |
استادُ |
اڳواڻي ڪندڙ- سرواڻي ڪندڙ |
اڳواڻُ |
آسرو ڪندڙ- اميدوار |
آسروندُ |
ٻچڙو- ننڍڙو- ننڍي عمر وارو |
ٻچٽُ |
ٻاڪري ڪنڊ وارو- اتر اوڀر ڪنڊ وارو
مينھن |
ٻڪروالُ |
ٻل وارو- پھلوان |
ٻلوانُ |
ٻيڙي هلائڻ وارو- درياه پار ڪرائڻ
وارو |
ٻيڙيائتُ |
ڀاڱا/ ڀاڳ ورهائيندڙ |
ڀاڳونتُ |
ڀاڳ وارو- سٺي بخت وارو |
ڀاڳوندُ |
ڀنڊڻ ۽ ڀنڻ ڪندڙ- ڳائي دان وٺندڙ |
ڀانُ |
ڀٽِڻَ (ڳالهائڻ) وارو- ڳائي وڄائي
ڳالهيون کڻندڙ |
ڀٽُ |
ڀاڱا/ ڀاڳ ورهائيندڙ |
ڀڳوانُ |
ڀوري رنگ وارو |
ڀورلُ |
پاٺ ڏيندڙ- پڙهائيندڙ- سيکاريندڙ |
پاٺڪُ |
پورهيو ڪندڙ |
پورهيتُ |
پھرو ڏيندڙ |
پھريدارُ |
پيغام کڻي ايندڙ |
پيغمبرُ |
ٽوپي پائيندڙ |
ٽوپِرُ |
جاگير رکندڙ |
جاگيردارُ |
اٺ چاريندڙ |
جَتُ |
جهيڙو ڪندڙ |
جهيڙاڪارُ |
نقش ٺاهيندڙ |
چترڪارُ |
چيو مڃيندڙ |
چئيوانُ |
سمجهه رکندڙ |
داناءُ |
درُ سنڀاليندڙ |
درواڻُ |
خراب نيت وارو |
دُشمنُ |
ڏک ڏيندڙ |
دکدائڪُ |
ڏک ڏيندڙ |
دکدائڪُ |
دل کڻي ويندڙ/ دل ڦريندڙ |
دلبرُ |
دل کسي، پاڻ وٽ رکندڙ |
دلدارُ |
وڏي دل رکندڙ/ بھادر |
دليرُ |
سنگت نڀائيندڙ |
دوستُ |
دَيا ڪرڻ وارو- ٻجهارو |
دَياوانُ |
خوشي بخشيندڙ |
ڍولڻُ |
راند ڪندڙ |
رانديگرُ |
رکوالي/ رکپالي ڪندڙ |
رکپال- رکوالُ |
راهه سان وٺي هلندڙ/ رهنمائي ڪندڙ |
رهبرُ |
زمين رکندڙ |
زميندارُ |
ساڌپائي ڪندڙ- ڌرمي ماڻهو |
ساڌُ |
طاقتورُ- همٿ ڀريو |
سَتياوانُ |
ڌيان ڏيندڙ- هوشائتو |
سُچيتُ |
اڳواڻي ڪندڙ |
سرواڻُ |
سِر جو سانگو نه ڪندڙ/ دليرُ |
سَرويچُ |
سماج وارو- راڄوڻي |
سماجڪُ |
سونھن سوڀيا وارو- ٺاهوڪو |
سوڀياوانُ |
سونھن رکندڙ |
سھڻلُ |
طاقت رکندڙ |
طاقتوَرُ |
عقل رکندڙ/ وارو |
عقلمندُ |
غيرت رکندڙ |
غيرتمندُ |
فرمان کڻندڙ/ حڪم مڃيندڙ |
فرمانبردارُ |
ڦل ڏيندڙ- ميويدار |
ڦلدائڪُ |
سٺي قد وارو |
قداورُ |
کاتو رکندڙ- ملڪيت جو حق رکندڙ-
زميندار |
کاتيدارُ |
منھن تي مرڪ رکندڙ |
کَلمُکُ |
ڪاٺيون ڪندڙ (ڪپيندڙ/ ميڙيندڙ) |
ڪاٺيرُ |
ڪو هنر ڄاڻندڙ |
ڪاريگرُ |
ڪاشيءَ جو ڪم ڪندڙ |
ڪاشيگرُ |
گهر وارو- دلوارو- مڙس |
ڪانڌُ |
مٽيءَ جا ٿانوَ (ڪنڀ) ٺاهيندڙ |
ڪنڀرُ |
رستي سان سواري هلائيندڙ |
ڪوچوانُ |
ڪنڌ/ گردن ٽوڙيندڙ |
گردن ٽوڙُ |
گهڙيءَ وارو- وقت ڏسِيندڙ |
گهڙيالُ |
گهوڙي جي سواري ڪندڙ |
گهوڙي سوارُ |
ڳنڍ جو چورُ |
ڳنڍي ڇوڙُ |
لڄ وارو- شرميلو |
لڄوندُ |
لُچائي ڪندڙ/ لوفرُ |
لُچُ |
لوههَ جو ڪم ڪندڙ |
لوهرُ |
لھڻو رکندڙ- قرض گهرندڙ |
لھڻيدارُ |
پڪو/ ڪنجوس |
مُٺ ڀيڙُ |
وڏيون مڇون/ شھپر رکندڙ |
مُڇِرُ |
مقصد ماڻيندڙ |
مرادوندُ |
ڪنجوس/ پڪو |
مکي چوسُ |
مڱڻ وارو- گهور وٺندڙ |
مڱڻھارُ |
ملهه راند ڪندڙ |
ملهُه |
عقل نه رکندڙ |
مُورکُ |
هاٿي هلائيندڙ |
مھاوَتُ |
اڳواڻي ڪندڙ- سردارُ |
مھندارُ |
پاڻ ڳالهائيندڙ |
وات وڪيلُ |
وڏي جي حيثيت رکندڙ |
وڏلُ |
ڍوئڻ جو ڪم ڪندڙ جانور |
وَهَٽُ |
ويد يا حڪمت ڄاڻندڙ |
ويڄُ |
سون ۾ ميناڪاري ڪندڙ |
وينجهارُ |
هاڃو رسائيندڙ |
هاڃيڪارُ |
گهڻ خرچائو/ اجايو خرچ ڪندڙ |
هٿ ڦاڙُ |
هنر وارو |
هنرمندُ |
دل ڏاريندڙ |
هنياءُ ڦاڙُ |
نوٽ: مٿين لفظن ۾ فاعل طور ڪم ايندڙ مرڪب لفظ پڻ
شامل ڪيا ويا آهن.
·
’اُ‘ پڇاڙيءَ وارين جدوَلُن ۾ فاعل لاءِ ڪم ايندڙ
پڇاڙيون
?
’اُ‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيڪا ڪنھن لفظ سان ملي فاعل
جي صورت جوڙي ٿي، جيئن: مَلهُه- ٺَڳُ- چورُ-
سُگهڙُ- هٿ ڦاڙُ- رنگريزُ- استادُ- ڀَٽُ- ويڄُ
(ويدُ)- سُچيتُ- داناءُ وغيره.
(ياد رهي ته داناءُ بنيادي طور فارسي لفظ ’دانا‘
آهي، جڏهن ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ان جي صورت ’داناءُ‘
ڪم اچي ٿي.)
?
’اَتُ/ اِتُ‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: پورهيَتُ-
مھاوَتُ- ٻيڙيائِتُ وغيره.
?
’اَٽُ‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جئين: ٻَچَٽُ- وَهَٽُ
وغيره
?
’اِرُ/ اَرُ‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: ڳالهِرُ-
جهپِرُ- لوهرُ- ڪنڀرُ وغيره.
?
’اَڙُ‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: ٽاهَڙُ وغيره.
?
’اَڪُ/ اِڪ‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: سڌارَڪُ-
کائِڪُ- گهاتِڪُ وغيره.
?
’اي- اَڪُ/ آڪ‘ وچياڙي ۽ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن:
ليکَڪُ- ويڙهاڪُ- چيڙاڪُ وغيره.
?
’ايرُ‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: دليرُ وغيره.
?
’آرُ‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: سچارُ- ميھارُ
وغيره.
?
’آل/ پالُ/ والُ‘ پڇاڙيءَ سان: ’گهڙيالُ‘-
’رکپال‘- ’ٻڪروال‘ وغيره.
?
’آوَرُ/ وَرُ‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: قداوَرُ-
طاقتوَرُ وغيره
?
’دارُ‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: مھندارُ- لھڻيدارُ-
کاتيدارُ وغيره.
?
’دائڪُ‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: ڦلدائڪُ- دکدائڪُ
وغيره.
?
’ڙاٽُ‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: سيکڙاٽُ وغيره.
?
’ڪارُ‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: هاڃيڪارُ- چترڪارُ-
جهيڙاڪارُ وغيره.
?
’ڪَڙُ‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: ڀاڄوڪَڙُ- رولاڪڙُ
وغيره.
?
’گَرُ‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: ڪاريگَرُ- ڪاشيگرُ
وغيره.
?
’لُ‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: ڌاڙيلُ- سھڻَلُ-
وڏَلُ- ڀورلُ وغيره.
?
’ڻَھارُ‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: بخشڻَھارُ-
پالڻَھارُ- مڱڻَھارُ وغيره.
?
’وانُ‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: ڀڳوانُ- ٻلوانُ-
چئيوانُ- سوڀياوانُ وغيره.
?
’واڻُ‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: اڳواڻُ- سرواڻُ-
درواڻُ وغيره.
?
’وندُ‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: مرادوندُ- ڀاڳوندُ-
لڄوندُ وغيره.
?
’اُن‘ پڇاڙيءَ سان ڪي فاعل لفظ ملي نه سگهيا آهن.
·
وضاحت: سنڌي ٻوليءَ موجب،فعل يا اسم مصدر جو بنياد
’امر‘ مان بيھندو آهي. ان سبب ڪافي اهڙيون پڇاڙيون
جيڪي ساڳي صورت ۾ ته ڪم اچن ٿيون، ليڪن ’امر‘ نسبت
انهن جي صورت ۾ تبديلي ٿئي ٿي، مثال طور: سگهَڙُ ۽
ٽاهَڙُ جي پڇاڙي ’اَڙُ‘ ساڳي آهي، ليڪن جڏهن ’امر‘
جي صورت ۾ ڏسبو ته ’مذڪر: سُگهَڙُ، مؤنث: سُگهَڙِ‘
۾ ’سُ + گهَڙِ (امر)‘ ۾ مذڪر صورت ۾ صرف ’اُ‘ يعني
پيش جو اضافو ٿئي ٿو. ان ڪارڻ ان کي ’اُ‘ جي
پڇاڙيءَ سان رکيو ويو آهي؛ جڏهن ته ’ٽاهَڙُ‘ لفظ،
’ٽَھُ‘ امر ۽ مصدر ’ٽھڻُ‘ مان ’ٽاههُ‘ اسم آهي ۽
ان کي مرڪب صورت ۾ آڻڻ لاءِ ٻيو به ’امر/ فعل‘
ڳنڍي سگهجي ٿو، ان لاءِ ان جي اسم ’ٽاهُه‘ سان
’اَڙُ‘ پڇاڙي ڳنڍي، ’ٽاهَڙُ‘ بڻايو ويو آهي. اهو
ئي سبب آهي جو ان کي ’اَڙُ‘ واري پڇاڙيءَ سان رکيو
ويو آهي. ياد رهي ته جڏهن ’اَڙُ‘ پڇاڙي ڄاڻائجي ٿي
ته اتي ’اَ‘ مان مراد ’زبر‘ آهي.
ü
’اي‘ ۽ ’اين‘ پڇاڙين سان فاعل جو جڙڻ
ڄاڻايل سُر آوازن جي پڇاڙيءَ سان فاعل نه ملي
سگهيو آهي.
ü
’اِي‘ ۽ ’اِين‘ پڇاڙيءَ سان فاعل جو جڙڻ
مصدر/ فعل |
اسم |
’يندڙ/ ندڙ‘ پڇاڙي |
’اِي/ رِي‘ پڇاڙي |
ڀيچِڻ |
ڀِيچَ |
ڀچِي ايندڙ |
ڀيچِي |
پوڄڻ |
پوڄا |
پوڄيندڙ |
پوڄارِي |
ڏهڻ |
ڏهائِي/ ڏوڀ |
ڏهندڙ |
ڏوڌِي |
ڌوٻِڻ (لوڏڻ)/ ڌوئڻ |
ڌوٻُ/ ڌوپُ |
ڪپڙا ڌوٻيندڙ/ ڌوئيندڙ |
ڌوٻِي |
سَڏِڻ |
سَڏِڻُ/ سَڏُ |
سڏيندڙ |
ساڏِي (ڏيندڙ/ ڀريندڙ) |
لکڻُ |
لکت/ ليک |
لکندڙ |
لکارِي |
مارڻ |
مارَ |
ماريندڙ |
مارِي (شڪارِي) |
ü
مرڪب فعل سان
بندوق هلائڻ |
بندوق |
بندوق هلائيندڙ |
بندوقچي |
پنڌ ڪرڻ |
پنڌُ |
پنڌ ڪندڙ |
پانڌِي |
پيرو کڻڻ |
پيرو |
پيرو کڻندڙ |
پيرِي |
جوڳ ڪرڻ |
جوڳُ |
جوڳ ڪندڙ |
جوڳِي |
جهڳڙو ڪرڻ |
جهڳڙو |
جهڳڙو ڪندڙ |
جهڳڙائِي |
حج ڪرڻ |
حج |
حج ڪندڙ |
حاجِي |
درز هڻڻ |
درز (ٽوپو) |
درز هڻندڙ |
درزِي |
سنياس
(تياڳ)
ڪرڻ |
سنياسُ |
سنياس وارو |
سنياسِي |
سوال ڪرڻ |
سوالُ |
سوال ڪندڙ |
سوالِي |
ڪاپو
(محنت)
ڪندڙ |
ڪاپو |
ڪاپو ڪندڙ
(ڪاپيو) |
ڪاپڙِي |
ڪسب ڪرڻ |
ڪسبُ |
ڪسب ڪندڙ |
ڪاسبِي |
ڪنڌ ڏيڻ/ ڪانڌي ٿيڻ |
ڪانڌپو |
ڪانڌي ٿيندڙ |
ڪانڌِي |
ڪم ڪرڻ |
ڪمُ |
ڪم ڪندڙ |
ڪَمي |
گيان ڪرڻ |
گيانُ |
گيان ڪندڙ |
گيانِي |
ناٽڪ ڪرڻ |
ناٽڪُ |
ناٽڪ ڪندڙ |
ناٽڪِي |
واپارُ ڪرڻ |
واپار |
واپار ڪندڙ |
واپارِي |
ويرُ رکڻ |
ويرُ |
ويرُ رکندڙ |
ويرِي |
هر ڏيڻ |
هرُ/ هارپو |
هر ڏيندڙ |
هارِي |
·
فعل کان سواءِ معنى ۽ مراد سان ’اِي‘ پڇاڙيءَ وارا
فاعل
’يندڙ/ ندڙ‘/ وارو پڇاڙي |
’اِي‘ پڇاڙي |
اتر جي پاسي وارو |
اترادي |
اوطاق سنڀاليندڙ/ مھماننوازي ڪندڙ |
اوطاقِي |
آل اولاد وارو |
اولادِي |
باغ جي سنڀال ڪندڙ |
باغائِي |
رڌ پچاءَ جو ڪم ڪندڙ |
بورچِي |
پاڙي ۾ رهڻ وارو (پاڙيشري؟) |
پاڙيسرِي |
پسار جو سامان وڪڻندڙ |
پسارِي |
توب وارو/ نشاني باز |
توبچِي |
جواهرات جو واپار ڪندڙ |
جوهرِي |
جهنگ جو رهاڪو |
جهانگِي |
ڄڃ سان هوندڙ/ ويندڙ |
ڄاڃِي |
گهاڻي وارو چَڪ هلائيندڙ |
چاڪِي |
حلوي ۽ مٺائيءَ جو ڪم ڪندڙ |
حلوائِي |
خزانو سنڀاليندڙ |
خزانچِي |
ڌن ۽ ڌڻ جي مالڪي رکندڙ |
ڌڻِي |
سنڌ ۾ رهڻ وارو/ سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ |
سنڌِي |
عرب علائقي جو رهڻ وارو/ عربي ٻولي
ڳالهائيندڙ |
عربِي |
ڪورڪو ڪم ڪندڙ |
ڪورِي |
گهڙن کي سنڀاليندڙ |
گهڙا منجِي |
سنڌ جي لاڙ واري حصي ۾ رهندڙ |
لاڙِي/ لاڙائِي |
باغ جو ڪم ڪندڙ |
مالهِي |
مدار ۾ ويھي ڪرتب ڪندڙ |
مَدارِي/ مدارِين |
پئنچائت جو مک ماڻهو هوندڙ |
مُکِي |
موچڪو/ موچياڻو ڪم ڪندڙ |
موچِي |
ٻئي جو درد ڀائيندڙ |
هڏ ڏوکِي |
مٿين لفظن ۾ مرڪب صورت وارا فاعل به شامل ڪيا ويا
آهن.
·
’اِي‘ پڇاڙيءَ وارين جدوَلُن ۾ فاعل لاءِ ڪم ايندڙ
پڇاڙيون
?
’اِي‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيڪا ڪنھن لفظ سان ملي
فاعل جي صورت جوڙي ٿي، جيئن: ڀيچِي- ڌوٻِي- مارِي-
ڌڻِي- لاڙِي- پسارِي- اوطاقِي وغيره.
?
’آ- اِي‘ وچياڙي ۽ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: پانڌِي
(پنڌ = پ + اَن > پ + آن، ڌ + اِي)- جهانگِي (جهنگ
= جهه + اَن > جهه + آن، گ + اِي)- ڄاڃي (ڄڃ = ڄ +
اَ > ڄ + آ، ڃ + اَ > ڃ + اِي)- جهڳڙائي (جهڳڙو
= جهه + اَ، ڳ + اِ، ڙ + او > ڙ + آ + ء + اِي)-
حلوائِي- باغائي- لکاري- ڪانڌِي- لاڙائي وغيره.
?
’او- اِي‘ وچياڙي ۽ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: هڏ
ڏوکي (ڏُکُ = ڏ + اُ > ڏ + او، ک + اِي)
?
’اِچِي‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: خزانِچي- توبِچي-
بندوقِچي- بورِچي وغيره.
?
’رِي‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: پوڄارِي وغيره.
?
’ڙِي‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: ڪاپڙِي وغيره.
?
’سِرِي‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: پاڙيسِرِي وغيره.
·
وضاحت:
اهم ڳالهه اها به ذهن نشين ڪرڻ واري آهي ته فرض
ڪريو ته ’ڙي‘ پڇاڙيءَ واري گروهبنديءَ ۾ ’لاڙي‘
لفظ به ٿي سگهي ٿو، ليڪن جيئن ته لفظ ’لاڙ‘ مان
’لاڙي‘ بيٺو آهي، ان لاءِ ان کي ’اِي‘ پڇاڙيءَ ۾
رکيو ويو آهي. اهو ميزان رکي ئي لفظن جي ورڇ ڪئي
ويئي آهي.
ü
’اِين‘ پڇاڙيءَ سان فاعل جو جڙڻ
معنى ۽ مراد |
’اِين‘ پڇاڙي |
دانھن ڪندڙ- فريادي |
دانھِين |
ü
’اَي‘ ۽ ’اَين‘ پڇاڙيُن سان فاعل جو جڙڻ
ڄاڻايل سُرن واري پڇاڙيءَ سان فاعل ڪونه ملي سگهيو
آهي.
ü
’او‘ ۽ ’اون‘ پڇاڙيءَ سان فاعل جو جڙڻ
مصدر/ فعل/ مرڪب فعل |
اسم |
’يندڙ/ ندڙ‘/ وارو پڇاڙي |
’او‘ پڇاڙي |
آهوڙڻ |
آهوڙ |
آهوڙيندڙ |
آهوڙو |
بڇڙائي ڪرڻ |
بڇڙائي |
بڇڙائي ڪندڙ |
بڇڙو |
ٻاتائڻ |
ٻاتائپ |
ٻاتائيندڙ |
ٻاتو |
ٻاجهه ڪرڻ |
ٻاجهه |
ٻاجهه ڪندڙ |
ٻاجهارو |
ٻَڌڻ |
ٻَڌَ |
ٻَڌندڙ |
ٻاڌو |
ٻانگ ڏيڻ |
ٻانگَ |
ٻانگ ڏيندڙ |
ٻانگو |
ٻانهپ ڪرڻ |
ٻانهپ/ ٻانهپي |
ٻانهپ ڪندڙ |
ٻانهو |
ٻوڙائڻ |
ٻوڙٽ/ ٻوڙاڻ/ ٻوڙائِي |
ٻوڙاڻ وارو |
ٻوڙو |
ٻولڻ |
ٻولُ |
ٻوليندڙ |
ٻولڻو |
ٻه اکيون ڪرڻ |
ٻه اکيائي |
ٻه اکيائي ڪندڙ |
ٻه اکيو |
ڀڄڻ |
ڀاڄَ |
ڀڄندڙ |
ڀڄڻو |
ڀُرڻ |
ڀورَ |
ڀرندڙ |
ڀُرڻو |
ڀڙڪو کائڻ |
ڀڙڪو |
ڀڙڪو کائيندڙ |
ڀڙڪِيلو |
ڀلو ڪرڻ |
ڀلائي |
ڀلو/ ڀلائي ڪندڙ |
ڀلارو |
پِڃُ/ پڃڻ |
پِڃَ |
پڃيندڙ |
پڃارو |
پڪائي ڪرڻ |
پَڪائي |
پڪائي ڪندڙ |
پَڪو |
ٽٻي هڻڻ |
ٽُٻي |
ٽٻي هڻندڙ |
ٽوٻو |
جوش رکڻ |
جوش |
جوش رکندڙ |
جوشيلو |
جيءُ رکڻ |
جيءُ/ جيون |
جيءُ رکندڙ |
جِيئرو |
چار پاوا/ پير هجڻ |
چارپائي |
چئن پيرن وارو |
چوپايو |
ڊڄڻ |
ڊڄُ/ ڊپ |
ڊڄندڙ |
ڊڄڻو |
ڏک سھڻ |
ڏکُ |
ڏک سھندڙ |
ڏُکارو |
ڏڪار ڪرڻ |
ڏڪار |
ڏڪار ڪندڙ |
ڏڪاريو |
رڌڻ |
رَڌَ |
رڌيندڙ |
راڌو |
روءُ/ روئڻ |
روڄ |
روئندڙ |
روئڻو |
سپت ڪرڻ |
سُپت |
سپت ڪندڙ |
سُپتيو |
سُر سمجهڻ |
سُر |
سُر سمجهندڙ |
سُرِيلو |
سگهڻ |
سگهَه |
سگهه وارو/ رکندڙ |
سَگهارو |
سوڀ ماڻڻ |
سوڀَ |
سوڀ ماڻيندڙ |
سوڀارو |
شرمائڻ |
شرم |
شرم ڪندڙ |
شرميلو |
ڦڙڪڻ |
ڦڙڪَ |
ڦڙڪندڙ |
ڦڙڪڻو |
کِلُ/ کلڻ |
کِلَ |
کلندڙ |
کلڻو |
کوٽ ڪرڻ |
کوٽَ |
کوٽ ڪندڙ |
کوٽو |
ڪپت ڪرڻ |
ڪُپتِ |
ڪُپت ڪندڙ |
ڪُپتيو |
ڪرڪڻ |
ڪرڪ |
ڪرڪندڙ |
ڪُرڪڻو |
ڪوڏ ڪرڻ |
ڪوڏَ |
ڪوڏ ڪندڙ |
ڪوڏيو |
ڪوڙ ڳالهاءِ/ ڳالهائڻ |
ڪوڙ |
ڪوڙ ڳالهائيندڙ |
ڪوڙو |
ڪوهه ۾ رهڻ |
ڪوهه |
ڪوهه ۾ رهندڙ |
ڪوهيارو |
گنگُ هجڻ |
گنگپڻ |
گنگَ وارو |
گُونگو |
ڳائڻ |
ڳائڪي |
ڳائڻ وارو |
ڳائڻو |
ڳوٺ ۾ رهڻ |
ڳوٺُ |
ڳوٺ ۾ رهندڙ |
ڳوٺاڻو |
ماٺ رهڻ |
ماٺِ |
ماٺ ۾ رهندڙ |
ماٺيڻو |
مارڻ |
مارَ |
ماريندڙ |
مارو |
مرڪُ/ مرڪڻ |
مُرڪَ |
مرڪندڙ |
مرڪڻو |
موڳو ٿيڻ |
موڳائپ |
موڳائپ رکندڙ |
موڳو |
مَھو مارڻ |
مَھو |
مھو ماريندڙ/ پڪڙيندڙ |
مُھاڻو |
وات هڻڻ |
واترائپ |
وات هڻندڙ |
واتيرو/ واتراڌو |
وڍڻ |
وَڍَ |
وڍ ڪندڙ |
واڍو |
وڻج ڪرڻ |
وڻجُ |
وڻج ڪندڙ |
وڻجارو |
هٺ ڪرڻ |
هٺُ |
هٺ ڪندڙ/ رکندڙ |
هٺِيلو |
هلڻ وارو ٿيڻ |
هلڻھار |
هلڻ وارو ٿيندڙ |
هلڻھارو |
·
فعل کان سواءِ معنى ۽ مراد سان ’او‘ پڇاڙيءَ وارا
فاعل
’يندڙ/ ندڙ‘/ وارو پڇاڙي |
’او‘ پڇاڙي |
اڃ رکندڙ- پياسو |
اڃارو |
اڳڙين وارو/ چتيءَ لڳل ڪپڙا پھريندڙ |
اڳڙيارو |
اڳ وارو |
اڳوڻو |
اوڳاڙي ڪندڙ- وصولي ڪندڙ |
اوڳاهيو |
آنيءَ وارو |
آنيارو |
بڻياد وارو/ خانداني |
بڻيادو |
ٻاجهه ڪندڙ |
ٻاجهه ڀريو |
ٻارن وارو |
ٻاراڻو |
ڀاڳ رکندڙ/ ڀاڳوند |
ڀاڳڀريو |
ڀاڳ رکڻ وارو- خوشحالُ |
ڀاڳيو |
پاڙي ۾ رهندڙ |
پاڙيچو |
پڳ وارو/ اڳواڻ |
پاڳارو |
پاڻياٺ- پاڻيءَ وارو |
پاڻياٺو |
ٻين جي مت تي هلندڙ |
پرمتڙيو |
گذريل سال وارو |
پَروڪو |
بعد جو ڍاولُ/ بد بڻيادو |
پوءِ ڍائو |
ٿر وارو |
ٿريلو |
ٿورا مڃيندڙُ |
ٿورائتو |
هٺ ڪاٺ وارو- متارو |
جانٺو |
يوڌڪ/ دليري ڪندڙ |
جوڌو |
جهڙ وارو |
جهڙالو |
چورن وارو |
چوراڻڪو |
چورن وارو |
چوراڻو |
عيب جاچڻ وارو- بد نظر |
ڌُوتو |
ڇٻر وارو |
ڇٻراٺو |
ڍولڻ- خوشي بخشيندڙ |
ڍوليو |
رات وارو |
راتوڪو |
رازڪو ڪم ڪندڙ/ روز ڪمائيندڙ |
رازو |
رنگ رکندڙ/ رنگين |
رنگڀريو |
سَجهه وارو- وقتائتو |
سجهائتو |
جهٽ ٻڌندڙ |
سَرلو |
دلير/ بھادري رکندڙ |
سورمو |
سوڳ ڪندڙ/ سوڳوارو |
سوڳارو |
سون جو ڪم ڪندڙ |
سونارو |
رستو ڏيکاريندڙ |
سونھارو |
سونھون/ رستو ڏيکاريندڙ |
سونھارو |
سونھن وارو |
سونھن ڀريو |
کري ڳالهه ڪندڙ |
کرو |
ڪاري ڄڀ وارو (ناظرُو) |
ڪار ڄڀو |
رکوالي ڪندڙ |
ڪارائو |
ڪالهه وارو |
ڪالهوڪو |
آفيس جا ڪم سنڀاليندڙ |
ڪامورو |
ڪمائيندڙ |
ڪمائتو |
خراب مھل وارو |
ڪُمھلو |
گودڙيءَ وارو |
گودڙيو |
خير خواه/ گهڻو چاهيندڙ |
گهڻگهُرو |
گهڻن جي مَت تي
هلندڙ |
گهڻمَتيو |
گهورَ ڪرڻ وارو |
گهورڙيو |
سٺن ڳڻن وارو |
ڳڻن ڀريو |
دهل وڄائڻ وارو |
لنگهو |
لوڻياٺ- لوڻ وارو |
لوڻياٺو |
مارواڙ ۾ رهندڙ |
ماڙيچو |
مان شان رکندڙ |
مانوارو |
مان وارو/ عزت وارو |
مانوارو |
بد خواه/ برو سوچيندڙ |
مَٺگهُرو |
مڙسن وارو (واعدو) |
مڙساڻو |
گهرندڙ |
مڱتو/ منگتو |
مند وارو |
مندائتو |
بينائي نه رکندڙ (انڌو/ اکين سڄو) |
نابينو |
نالي وارو/ مشھور |
ناليرو |
نالو ڪمائيندڙ/ ناليوارو |
نامڪٺيو |
نالي وارو |
ناميو |
وڻجارن وارو- واڻين وارو |
واڻڪو |
همٿ ڀريو/ سورهيه |
وڏ جگرو |
وڏي ڦڙي وارو (وسڪارو) |
وڏ ڦڙو |
مھندار- چڱي مڙسي رکندڙ |
وڏيرو |
هاڪ وارو |
هاڪارو |
مٿين لفظن ۾ مرڪب صورت ۾ فاعل پڻ رکيا ويا آهن.
·
’او‘ پڇاڙيءَ وارين جدوَلُن ۾ فاعل لاءِ ڪم ايندڙ
پڇاڙيون
?
’او‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيڪا ڪنھن لفظ سان ملي فاعل
جي صورت جوڙي ٿي، جيئن: مارو- پڪو- ڪُوڙو- ٻوڙو-
ڪار ڄڀو- وڏ جگرو- ٻانگو – ڪُمھلو- کوٽو وغيره.
?
’اَرو/ ايرو‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: جيئَرو-
ناليرو- واتيرو- وڏيرو وغيره.
?
’اُو- او‘ وچياڙي ۽ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: گُونگو
وغيره.
?
’اوڪو‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: ڪالهوڪو- راتوڪو-
پَروڪو وغيره.
?
’اِيلو‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: شرمِيلو- جوشِيلو-
هٺِيلو- ٿرِيلو- سرِيلو وغيره.
?
’اِيڻو‘ وچياڙي ۽ پڇاڙي ڪم اچي ٿي جيئن: ماٺيڻو (م
+ آ، ٺ + اِ > ٺ +اِي + ڻو) وغيره.
?
’آ- او‘وچياڙي ۽ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: ٻاڌو
(ٻَڌَ = ٻ + اَ > ٻ + آ، ڌ + او)- واڍو (وَڍَ = و
+ اَ > و + آ، ڍ + او)- راڌو- رازو وغيره.
?
’آ- ڪو‘ وچياڙي ۽ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: واڻڪو-
چوراڻڪو وغيره.
?
’آٺو‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: پاڻياٺو- ڇٻراٺو
وغيره.
?
’آرو‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: پڃارو (پڃ = پ + اِ،
ڃ + اَ > ڃ + آ، ر + او)- ڀلارو- ٻاجهارو- ڏُکارو-
هاڪارو- سگهارو- وڻجارو- پاڳارو- سوڀارو- سونارو
وغيره.
?
’آلو‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: جهڙالو وغيره.
?
’آڻو‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: ڳوٺاڻو- مُھاڻو-
ٻاراڻو- مڙساڻو وغيره.
?
’آئتو‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: مندائتو- ڪارائتو-
ٿورائتو- سَجهائتو وغيره.
?
’آئو‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: ڪارائو وغيره.
?
’ڀريو‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: ڀاڳڀريو- رنگڀريو-
ٻاجهه ڀريو- سونھن ڀريو وغيره.
?
’تو‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: ڪمائتو- منگتو وغيره.
?
’ٺو‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: جانٺو وغيره.
?
’چو‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: پاڙيچو- ماڙيچو
وغيره.
?
’راڌو‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: واتراڌو وغيره.
?
’ڙيو‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: گهورڙيو وغيره.
?
’ڪٺيو‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: نامڪٺيو وغيره.
?
’ڻو‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: ڳائڻو- ڊڄڻو- مرڪڻو-
ڦڙڪڻو- کلڻو- ٻولڻو وغيره.
?
’وارو‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: مانوارو وغيره.
?
’هارو‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: هلڻھارو- وڃڻھارو-
وغيره.
?
’يارو‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: ڪوهيارو- آنيارو
وغيره.
?
’يو‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: ڏڪاريو- سُپتيو-
چوپايو- ڪوڏيو- ٻه اکيو وغيره.
ü
’اون‘ پڇاڙيءَ سان فاعل جو جڙڻ
معنى ۽ مراد |
’... اون‘ پڇاڙي |
ڪاري منھن وارو- بد شڪلو- بڇڙائي
ڪندڙ- بي حياءُ |
ڪار منھون |
ڪکن وارو |
ڪکائون |
هڏن وارو |
هڏائون |
ü
’اُو‘ ۽ ’اُون‘ پڇاڙين سان فاعل جو جڙڻ
مصدر/ فعل/ مرڪب فعل |
اسم |
’يندڙ/ ندڙ‘ پڇاڙي |
’اُو‘ پڇاڙي |
پڙهڻ |
پڙهائي |
پڙهندڙ |
پاڙهُو |
جنگ ڪرڻ |
جنگ |
جنگ ڪندڙ |
جنگجُو |
جهڳڙو ڪرڻ |
جهڳڙو |
جهڳڙو ڪندڙ |
جهَڳڙالُو |
ڄاڻِ/ ڄاڻِڻ |
ڄاڻَ |
ڄاڻندڙ/ ڄاڻيندڙ |
ڄاڻُو |
خرچڻ |
خرچ/ خرچي |
خرچ ڪندڙ |
خرچائُو |
ساڌپائي ڪرڻ |
ساڌپائي |
ساڌ هوندڙ |
ساڌُو |
سھڻ |
سھپ |
سھندڙ |
سَھُو |
چُٽِڻُ |
چُٽَ |
چُٽِيندڙ |
چيٽائُو |
کوٽِڻ |
کوٽَ |
کوٽندڙ |
کاٽُو |
کاءُ/ کائڻ |
کاڌو/ کاڄ |
کائيندڙ |
کائُو |
ڪَمائڻ |
ڪمائِي |
ڪمائيندڙ |
ڪمائُو |
گُر سيکار/ سيکارڻ |
گُر |
گرُ سيکاريندڙ |
گرُو |
گهائڻ |
گهات |
گهائيندڙ |
گهاتُو |
گهورَ ڪرڻ |
گهور |
گهورَ ڪندڙ |
گهورارُو |
لڏڻ |
لَڏَ |
لڏيندڙ |
لاڏائُو/ لاڏُو |
لڙڻ (وڙهڻ) |
لڙائي |
لڙائي ڪندڙ |
لڙاڪُو |
نَچُ/ نچڻ |
ناچ |
نچندڙ |
ناچُو |
نظر هڻڻ |
نظرَ |
نظر هڻندڙ |
ناظرُو |
·
فعل کان سواءِ معنى ۽ مراد سان ’اُو‘ پڇاڙيءَ وارا
فاعل
’يندڙ/ ندڙ‘/ وارو پڇاڙي |
’اُو‘ پڇاڙي |
ڌرم رکندڙ- ڌرم تي هلندڙ |
ڌرمائُو |
کاٽ هڻندڙ- چورُ |
کاٽائُو |
واهرَ ڪندڙ/ مددگار |
واهرُو |
گهڻو ڳالهائيندڙ |
گهڻ ڳالهائُو |
·
’اُو‘ پڇاڙيءَ وارين جدوَلُن ۾ فاعل لاءِ ڪم ايندڙ
پڇاڙيون
?
’اُو‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: گرُو- گهاتُو-
کاٽُو- کائُو- ڄاڻُو- ڪمائُو وغيره.
?
’آ- اُو‘ وچياڙي ۽ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: ناچُو-
پاڙهُو- لاڏُو- ناظرُو وغيره.
?
’آرُو‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: گهورارُو وغيره.
?
’آڪُو‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: لڙاڪُو وغيره
?
’آلُو‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: جهڳڙالُو وغيره.
?
’آئُو‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي، جيئن: خرچائُو- کاٽائُو-
ڌرمائُو وغيره.
?
’جُو‘ پڇاڙي ڪم اچي ٿي،جيئن: جنگجُو وغيره.
?
’اُون‘ پڇاڙيءَ وارا فاعل ملي نه سگهيا آهن.
·
نتيجو/ حاصل مطلب
هتي فاعل مذڪر صورت ۾ رکيا ويا آهن، انهن جا مؤنث،
مخصوص اصولن موجب بيھندا. سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم ايندڙ
مذڪر ’فاعل‘ جا لفظ گڏ ڪري، انهن کي سنڌي سُر
آوازن
(vowels)
جي پڇاڙيءَ
(suffix)
سان گروهبنديءَ ۾ آندو ويو. هرهڪ سر آواز سان
ملندڙ لفظن کي مختلف جدولن ۾ رکي، آخري خاني کي
الف- بي وار رکيو ويو. حاصل ٿيندڙ اهم پڇاڙيون
هيٺينءَ ريت بيٺيون:
×
’آ ۽ آن‘ پڇاڙين مان ’آ‘ پڇاڙيءَ سان ’داتا‘-
’راجا‘ وغيره فاعل مليا.
×
’اِ ۽ اِن‘ پڇاڙين مان ’اِ‘ پڇاڙِيءَ سان ’ڪئا
مارِ‘- ’قلم ڇڏِ‘ وغيره فاعل مليا.
×
’اُ ۽ اُن‘ پڇاڙين مان ’اُ‘ پڇاڙيءَ ۾ اهم ’تُ‘،
’ٽُ‘، ’دارُ‘،
’دائڪُ‘، ’رُ‘، ’ڙُ‘،
’ڙاٽُ‘،
’ڪُ‘،
’ڪارُ‘، ’ڪَڙُ‘، ’گرُ‘، ’لُ‘،
’وال‘،
’وانُ‘، ’واڻُ‘، ’ورُ‘،
’وندُ‘،
’هارُ‘ وغيره، پڇاڙيون مليون.
×
’اِي ۽ اِين‘ پڇاڙين مان ’اِي‘ پڇاڙيءَ ۾ اهم
’اِي‘، ’چِي‘، ’ڙِي‘، ’سرِي‘
وغيره، پڇاڙيون مليون. ’اِين‘ پڇاڙيءَ
سان: دانھِين وغيره.
×
’او ۽ اون‘ پڇاڙين مان ’او‘ پڇاڙيءَ ۾ اهم ’ڀريو‘،
’تو‘، ’ٺو‘، ’ٺيو‘، ’چو‘، ’ڌو‘، ’رو‘، ’ڙيو‘،
’ڪو‘، ’لو‘، ’ڻو‘،’وارو‘، ’هارو‘، ’يارو‘، ’يو‘،
’ئو‘ وغيره پڇاڙيون مليون. ۽ ’اون‘ پڇاڙيءَ سان
’ئون‘ وغيره پڇاڙي ملي.
×
’اُو ۽ اُون‘ پڇاڙين مان ’اُو‘ پڇاڙيءَ ۾ اهم
’جُو‘، ’رُو‘، ’ڪُو‘، ’لُو‘، ’ئُو‘ وغيره پڇاڙيون
مليون.
×
اَ، اَن، اُن، اَي، اَين ۽ اُون‘ پڇاڙين سان فاعل
نه ملي سگهيا.
·
حوالا/ ذريعا
ü
آڏواڻي، ڀيرومل، مھرچند
[1925] 1985. وڏو سنڌي وياڪرڻ. ڄامشورو: انسٽيٽيوٽ
آف سنڌالاجي.
ü
شيخ، واحد بخش
[1986] 2006. سنڌي ٻوليءَ جو صرف و نحوَ (گڏيل
ڀاڱا). ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ.
ü
مرزا قليچ بيگ (2015)
سنڌي وياڪرڻ. ڄامشورو: سنڌي ادبي بورڊ.
دائودپوٽو، عمر بن محمد- ڊاڪٽر
(1950) پيش لفظ. تعليم مادري زبان. ليکڪ: رحيم بخش
ميمڻ. حيدرآباد: مدينه پرنٽنگ پريس. |