ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو
ڄام شورو
عبدالقادر منگي
(هڪ مهان شخصيت)
سنڌ جي ڌرتيءَ تي ڪيترين اهڙين مهان شخصيتن جنم
ورتو آهي، جن پنهنجي علم، عقل ۽ دانائيءَ کان ڪم
وٺندي ڌرتيءَ ۽ رهواسين جي خدمت ڪندي کين سڌو دڳ
ڏسيو آهي.
ادا عبدالقادر هڪ اُها شخصيت آهي جنهن جو نالو مون
پنهنجي خاندان ۾ شعوري دور کان ٻڌو، سنڌ جو هڪ
ننڍو شهر رتوديرو آهي پر اتي اهم شخصيتن جنم ورتو،
جن سياست توڙي سماج ۽ علم ذريعي نه صرف پنهنجو
ڪيريئر ٺاهيو، پر ٻين جي به مدد ڪئي.
منهنجو وڏو چاچو رتيديري ۾ رهندو هو، کيس جهجهو
اولاد هو. ڪجهه ٻار اسڪول ويندڙ هئا جن ۾ منهنجي
سؤٽ صفيعه جيڪا هن وقت منهنجي وڏي ڀاءُ جي گهرواري
آهي ۽ لنڊن ۾ رهائش پذير آهي، ان اسڪول ۾ پڙهندي
هئي جت ادا عبدالقادر منگي، ڊاڪٽر پرڪاش، اڳوڻو
ڊي.اءِ.جي ڀٽي به پڙهندا هئا. ان وقت کان منگي
صاحب اسان جي خاندان جي هر فرد ۽ فيمليءَ سان
ڀائرن جهڙو ناتو نڀايو، مان منگي صاحب لاءِ چوندي
ئي هئس، اسان جو فيملي برادر يا فيملي فرينڊ.
وري هن جيڪا شادي کرل فيمليءَ جي نياڻي عزيزه
فاطمه سان ڪئي ته اهي رشتا اڃا پختا ٿيا ڇاڪاڻ ته
عزيزه هڪ ملنسار محبت ڪندڙ، رشتا نباهيندڙ پڙهيل
لکيل ۽ خانداني ليڊي ثابت ٿي، هيءَ به ادا وانگر
هر ماڻهوءَ جو خيال رکڻ ۽ ڏک سک جو ساٿي رهندي
آهي.
منگي صاحب جن اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ مختلف
کاتن تي فائز رهيا، 1979-1988ع تائين سنڌ جي مختلف
شهرن کپرو، ٽنڊوالهيار وغيره ۾ ايس.ڊي.ايم ٿي
رهيا. 92-1997ع تائين ٿرپارڪر، خيرپور ۽ لاڙڪاڻي ۾
ڊپٽي ڪمشنر ٿي رهيا. سندن دوستيءَ جو دائرو وسيع
کان وسيع تر ٿيڻ لڳو، جن ۾ عام ماڻهوءَ سان گڏ
اديب، شاعر، تاريخدان ۽ آفيسرن جو هڪ وڏو تعداد
هو. 2005ع کان حيدرآباد، سکر ۽ نوابشاهه ۾ ڪمشنر ۽
ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر ٿي رهيا، ان کان پوءِ سيڪريٽري
ڪلچر اينڊ ٽوئرزم، سيڪريٽري سروس، جنرل
ايڊمنسٽريٽو، اسپيشل سيڪريٽري ايجوڪيشن اينڊ
لٽريسي رهيا. فنانس پلاننگ اينڊ پلاننگ ۾ پروجڪيٽ
۽ اي.ڊي.او ٿي رهيا، ڪيترين
Doner Agencies
۽
NGO’s
سان وابسته رهيا.
سندن زندگيءَ ۾ اهم موڙ
هنن جي ٿر ۾ پوسٽنگ دوران ظاهر ٿيو، ٿر جو بر،
جبل، برسات کانپوءِ جا نظارا ميدان، مورن سان گڏ
اُتان جي رهواسين جي طرزِ زندگي، ثقافت ۽ محبت کان
متاثر ٿيا جن کي اُجاگر ڪرڻ لاءِ منگي صاحب
ڪيترائي سيمينار ڪرايا، جيئن دنيا کي سنڌ جي
وساريل ورقن جي خبر پوي، هن ڀنڀور ۽ ديبل تي
سيمينار ڪرايو جنهن ۾ اُن جي اهميت، حيثيت ۽ تاريخ
کي اُجاگر ڪيو ويو هن سيمينار ۾ پڙهيل مقالن کي
ڪتابي شڪل ڏني. 1985ع ۾ ٽنڊوالهيار ۾ وتائي فقير
تي سيمينار ڪرايو ۽ اسڪالرز طرفان پڙهيل مقالن کي
ڪتابي صورت ڏياري. 1985ع کانپوءِ به منگي صاحب
جيستائين حياتي هئا وتائي فقير تي ٿيندڙ سيمينارن
۾ حاضري ڀريندا رهيا. سندن سهيڙيل ۽ لکيل ڪتابن ۾:
(1) وتايو فقير (سيمينار) سهيڙيندڙ: عبدالقادر
منگي، روشني پبليڪيشن، (2) ٿر (تاريخ ۽ آثار،
ثقافت ۽ ادب، وسيلا ۽ حقيقتون، سهيڙيندڙ:
عبدالقادر منگي، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2019ع (3)
جي مون گهاريا ٿر ۾ (ٿر جون ساروڻيون، آتم ڪٿا جو
هڪ باب (ٻه دفعا ڇپيو) عبدالقادر منگي، روشني
پبليڪيشن ڪنڊيارو 2017ع (4) جوئي آهيان سوئي
آهيان، هيءُ ڪتاب به ٻه دفعا يا اڃان وڌيڪ دفعا
ڇپيو، اها منگي صاحب جن جي آتم ڪٿا آهي جيڪا 2018ع
۾ سنڌيڪا وارن ڇپائي. ان ڪتاب کي سنڌي لئنگئيج
اٿارٽيءَ طرفان بهترين ڪتاب قرار ڏنو ۽ کين ايوارڊ
سان نوازيو ويو.
منگي صاحب جي لکيل آتم ڪٿا به هڪ ان سلسلي جي ڪڙي
آهي، جيڪا دنيا ۾ قبل مسيح دور کان رائج آهي، آتم
ڪٿا جو رواج مغرب ۽ مشرق جي مختلف شعبن جي اهم
ماڻهن ۾ هو، هنن پنهنجي آسپاس جيڪو ڪجهه محسوس ڪيو
جيڪي ڪجهه واقعا، حادثا، خوشيون يا غم هن آڏو
آيون، انهن کي لفظ ڏئي جملا بڻائي تحقيقي ادب جي
وڏي خدمت ڪئي آهي.
منگي صاحب جيئن ته هڪ بيوروڪريٽ هو. سندس تعلق
لاڙڪاڻي سان هو، جنهنڪري هن ۾ سياسي سمجهه، علم،
عقل ۽ دوستي سندس رت ۾ شامل هئي، پنهنجي ڄم کان
رٽائرمنٽ تائين جيڪي به واقعا هن اڳيان رونما ٿيا،
جنهن ۾ هن جي گهرو زندگي، پڙهائي، پوسٽنگ، عهدا،
پيپلزپارٽيءَ سان وابستگي ۽ ڀٽي صاحب سان محبت ۽
ملاقات، پير پاڳاري سان عقيدت دوستن ۽ آفيسرن سان
محبت، سيمينارن جي اهميت ۽ سنڌ جي تاريخ اُجاگر
ڪرڻ جي جاکوڙ کي وساري نٿو سگهجي.
هڪ دفعي منگي صاحب ٿرجا ڊي.سي هئا. ٿر ۾ سخت ڏڪر
هو، اسان کي ڪنهن تعليمي تنظيم جي طرفان اسٽڊي
ٽوئر تي ٿر موڪليو ويو، جن ۾ يونيورسٽي ۽ ڪاليجز
جا استاد جنهن ۾ ليڊيز جو به هڪ وڏو تعداد هو،
وياسين ته ٿر جي هر شهر ۾ اسان جو ويلڪم ڪيو پيو
وڃي، بهترين کاڌو ۽ ريفريشمنٽ ۾ بمبئي بيڪري جا
ڪيڪ ۽ ميرپورخاص جي ڦوٽي واري جو حلوو به شامل هو،
مون ٿرين کي چيو ته اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته ٿر ۾
ڏڪر، بک ۽ بيماري آهي ۽ توهان هيءُ ايڏو خرچ ڪيو
ٿا اسين ڪهڙي وڃي رپورٽ ڏيون.
عمرڪوٽ کان مٺيءَ تائين بيشمار ٿرين سان جنهن ۾
هنن جو ليڊيز به هيون، ملندا احوال وٺندا مٺي
ڊي.سي هائوس پهتاسون، ادا عبدالقادر اسان جو ويلڪم
ڪيو، اسين ليڊيز هن جي گهر ۾ وياسون، ان وقت ۾
منگي صاحب جي پهرين بيگم انتقال ڪري وئي هئي ۽
ٻارن جي منهن تي ڏک جون ريکائون هيون.
ڀاڀي عزيز فاطمه هڪ اهڙي نيڪ ۽ محبت ڪندڙ پيدا ٿي،
جنهن ٻارن کي سڳي ماءُ کان به وڌيڪ توجهه ڏنو ۽
مون پنهنجين اکين سان اها سنڀال ۽ محبت ڏٺي، جيڪا
اڄ تائين هلي پئي، مٺيءَ مان لنچ کانپوءِ اسين
حيدرآباد روانا ٿياسين.
ذاتي طور تي منگي صاحب مون کي لکڻ ۾ همٿائيندو هو،
جڏهن به کيس ڪو پنهنجو لکيل ڪتاب موڪليو ته پهرين
ته هن کي پڙهندو هو پوءِ فون ڪري مبارڪ ڏئي ڪجهه
ٽاپڪس تي ڳالهائيندو هو، سندن وفات کان ڪجهه وقت
اڳ ۾ عزيز فاطمه فون ڪئي آپا مان حيدرآباد ۾ آهيان
۽ توهان ڏي اچان ٿي. ٿوري دير ۾ بمبئي بيڪري جي
ڪيڪ سان گڏ آئي، پڇيم ادا نه آيو چيائين ڪم هوس
اتي ويو آ، عزيز فاطمه سان ڳالهائڻ ۽ ڪچهري ڪرڻ
مون کي ان لاءِ به سٺو لڳندو آهي، جو هڪ ته هوءَ
پڙهيل لکيل آهي پر اسان جو سبجيڪٽ به ساڳيو آهي،
هوءَ مون سان تاريخي ڄاڻ شيئر ڪندي ڪتابن تي ڊسڪس
تاريخي ڪتابن جي لکندڙ تي ڳالهه ٻولهه ۽ خاص ڪري
سنڌ جي تاريخ تي هن منهنجي انڊر ۾
Ph.D
به ڪئي آهي، وڃڻ وقت مون کيس ۽ ادا منگيءَ لاءِ ٻه
نوان ڇپيل ڪتاب جنهن ۾ سيرت النبي ۽ ايشيا جون
تهذيبون ڏنا، کين جيئن ئي ڪتاب مليا فون ڪيائون
تعريف ڪيائون ۽ شاباس ڏنائون.
2019ع ۾ جڏهن سنڌي ادبي بورڊ جي انتظاميه جي نئين
سر جوڙجڪ ٿي ۽ جناب مخدوم سعيدالزمان ”عاطف“ صاحب
چيئرمين ٿيا ته منگي صاحب کي به ”بورڊ آف گورنرس“
جي ميمبر طور رکيائون، منگي صاحب هن منسب کي به
خوب نباهيو ۽ بورڊ جي ميٽنگن ۾ موجود رهي، بورڊ جي
بهتريءَ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو.
هڪ دفعي مون کين هڪ تحقيقي مقالن جو ڪتاب جيڪو
اردوءَ ۾ لکيل هو موڪليو، ان ۾ مخدوم محمد هاشم
ٺٽويءَ تي به هڪ جامع مقالو هو، هڪ هنڌ مون تحقيقي
ريفرنس سان لکيو هو ته مخدوم صاحب جون جيڪي به
تصنيفات آهن هڪ حاشيي ۾ لکيو اٿس ته:
چار ہزار کتابیں پڑہیں جن سی چار باتیں حاصل کیں:
(۱) اے میرے نفس اگر اللہ تعالیٰ کی عبادت کرسکتے
ہو تو کرو ورنہ ان کا رزق مت کہاؤ۔
(۲) اے میرے نفس جس سے اللہ تعالیٰ نے منع کیا ہے
ان سے الگ ہوجاؤ ورنہ ان کی دنیا سے نکل جاؤ۔
(۳) اے میرے نفس جو ازلی قسمت سے تجھے ملے ان پر
صبر کرو ورنہ دوسرے خدا کو ٹھونڈو جو تمہاری روزی
بڑھائے۔
(۴) اے میرے نفس اگر گناہ کا خیال آئے تو ایسی جگہ
تلاش کرو جہاں خدا تمہیں دیکہ نہ سکے ورنہ نہ کرو۔
اهي مقالا منگيءَ صاحب شايد رات ۾ پڙهيا ۽ اهو
ريفرنس منهنجي وڏي ڀاءُ جيڪو منگي صاحب جو جگري
دوست رهيو ها صبح جي پيغام ۾ منهنجي ڀاءُ کي
موڪليو.
بس موت برحق آهي هر ڪنهن کي وڃڻو آهي، قرآن پاڪ ۾
حڪم رباني آهي ”کل نفسً ذائقته الموت“ ادا منگي به
اوچتو بيمار ٿي پيو، وڏين اسپتالن ۽ بهترين ڊاڪٽرن
سندس علاج ڪيو، پر بيسود پر منهن تي مُرڪ، ائين
ڊاڪٽر کيس ڪنهن ٽيسٽ ڪرائڻ لاءِ چيو، منگي صاحب
چيو کلندين هٿ مٿي ڪري چيو: ”ها صاحب چلين“ ۽ ائين
ساهه جو پکيئڙو سندس جسم مان نڪري جنت الفردوس
ڏانهن روانو ٿي ويو.
ڊاڪٽر دُرمحمد پٺاڻ
لاڙڪاڻو
ايم.آر.مائيداساڻيءَ جو لکيل هڪ تاريخي خط
ڊاڪٽر ايم.آر مائيداساڻي جو تعارف
ميلهارام رنگو مل مائيداساڻي 13، آڪٽوبر 1911 ع
تي ابجي، تعلقي نوشهرو فيروز، ضلعي نواب شاھه ۾
ڄائو. پرائمري تعليم ڳوٺ جي اسڪول ۾ وٺڻ کانپوءِ
انگريزي تعليم لاءِ ”اي.وي اسڪول مٺياڻي“ ۾ داخل
ٿيو. ليڪن تعليم جي پورائي ڪرڻ لاءِ کيس ”اين.ايڇ
ائڪيڊمي“ حيدرآباد، ”ڪوڙو مل چندنمل ائڪيڊمي“
ڀريا، ۽ ”هاءِ اسڪول“ ٺارو شاھ ۾ به پڙهڻو پيو. ان
کانپوءِ ميڊيڪل ايڊيوڪيشن وري ”ميڊيڪل اسڪول“
حيدرآباد مان ورتائين.
هن طالب العلميءَ جي زماني ۾ ادبي دنيا ۾ قدم
رکيو. سندس رچنائون پهريون پهريون ”حيدرآباد گزيٽ“
۽ ”ميڊيڪل اسڪول“ جي مخزن ”محبت“ ۾ شايع ٿيون.
ميڊيڪل اسڪول کي ڇڏڻ کانپوءِ صحافت جي دنيا
وسايائين. 1936ع ۾ ”حيدرآباد گزيٽ“ جو سب ايڊيٽر ۽
ان سان گڏ ڪراچيءَ جي ”سنسار سماچار“ جو خاطو ٿيو.
1937ع ۾ جڏهن حيدرآباد مان ”ڊيلي گزيٽ“ جاري ٿي ته
ان جو ايڊيٽر ٿيو. 1938ع ۾ ڪراچيءَ مان روزانه
”سنسار پتريڪ“ ڪڍيائين، جيڪا ٿوري عرصي کانپوءِ
بند ڪرڻي پيس. پوءِ وري هفتيوار ”هندستان“ جاري
ڪيائين. 1939ع ۾ ”قرباني“
ڪراچي، ۽ 1940ع ۾ ”سنسار سماچار“ ڪراچيءَ ۾ ڪم
ڪيائين. 1943ع ۾ حيدرآباد مان (جڳت آڏواڻي وارو)
”ڪهاڻي“ رسالو جاري ڪيائين، جيڪو 1947ع تائين جاري
رهيو. انهي عرصي دوران ڪيترائي مهينا روزاني ”ديش
متر“ اخبار به هلائيندو رهيو.
هن شاعر، ايڊيٽر، ليکڪ، پرنٽر، پبلشر ۽ مترجم جي
حيثيت سان سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي خدمت ڪئي. سندس
لکيل ڪتابن جو وچور هن ريت ٿئي ٿو:
”ڪانگريس گولڊن جوبلي بڪ“ (1935ع)،
”بغاوت“ (ناول ترجمو 1943ع)، ”ماتا ڪستورا“
(1943ع)،
”سج ٻه پاڇا“ (ناول 1944ع) ”ارملا“ (ترجمو ناول
1945ع)، ”بکايل“ (ترجمو ڪهاڻيون1945ع)، ”خوشبوءِ“
(ترجمو ٿيل ڪهاڻيون 1944ع)، ”مائيداساڻيءَ جون
آکاڻيون“ (1945ع)، ”ڪلنگيڌر مهراج“ (سوانح 1945ع)،
”سوامي ديانند“ (1945ع)، ”ننڍي ڀيڻ“ (ترجمو ناول
1945ع)، ”نيتاجي“ (1946ع)، ”راجسٿان“ (ترجمو ناٽڪ
1945ع)، ”ٻُچي رمضان“ (ڪهاڻيون ترجمو 1946ع)، ”ست
سورما“ (1946ع)، ”مظلوم سنڌ“ (سياست ۽ تاريخ
1947ع).
ڊاڪٽر ايم.آر مائيداساڻي ڀارت لڏي وڃڻ کان
پوءِ به سنڌي ٻولي ۽ علم ادب جي خدمت ڪئي. هن هيٺ
مون کي موڪليل لکيل هڪ خط هيٺ ڏجي ٿو:
ناگپور، 4 جون 1976ع
پريه متر جناب در محمد صاحب
مون توهان کي سوالنامو ڀري موڪليو، تنهن کانپوءِ
مون کي دل جي تڪليف ٿي ۽ 8 مئي کان 15 مئي تائين
”ميئو اسپتال“ ۾ انڊور پيشنٽ طور ڀرتي ٿيو هوس.
پورو هفتو اسپتال ۾ رهيس، مگر خاص فائدو ڪونه ٿيو،
ڇاڪاڻ ته نه پوري تپاس ٿَي ٿِي ۽ نه پورو علاج.
ائين ته 16 سالن کان هاءِ بلڊ پريشر ۽ دل جي تڪليف
اٿم، سو دوائون ته هڪيون تڪيون رکيون هونديون آهن.
ڪڏهن ڪا گوري يا ڪڏهن ڪا هڪ دوست جي آيرويدڪ دوا
وٺندو رهندو آهيان. بدقسمتيءَ سان ڪٽنب ٻن اڌن ۾
(اڃا به ٽن حصن ۾) ورهائجي ويو آهي. سنڌ ۾ هئاسين
ته گهر هڪ هنڌ هوندو هو. هتي ناگپور ۾ مان اڪيلو ۽
منهنجي وچئين ڀاءُ جا ٻار آهيون. منهنجي زال، پٽ،
ننهن ۽ سندن پنج ٻار دهليءَ جي هڪ نگر ۾، منهنجو
ننڍو ڀاءُ ٻارن سميت ٻئي نگر (دهليءَ ۾) ۾ رهندا
آهن. سوا ٽن سالن کان مون پنهنجي اسپتال بند ڪري
ڇڏي آهي. گهر ۾ دوائون رکيون اٿم. ڇٺ- ڇهه ماهين
ڪو مريض ايندو آهي ته انڪار ڪري نه سگهندو آهيانس.
اجهو هن هفتي مان ٻن ميلن تان شهر مان (جنهن
علائقي ۾ منهنجي اسپتال هئي) ٽن مريضن کي سيون به
هڻي آيس ۽ دوائون به ڏيڻ آيس، پر سڀ اوڌر تي.
منهنجا پريمي گراهڪ مون سان حجائتا هئا. اوڌر گهڻي
هلندي هئي، جڏهن اپراسو گهٽ هو. ڪو الله لڳ ڪونه
ڏيندو هو سان، پر ڪاساين وانگر ڪهندڙ ڊاڪٽرن وارو
منهنجو ڪٺور هردو ڪونه هو. تنهنڪري مون ڪو محل ته
ٺهيو، پر جهوپڙي به ڪونه اڏي. ها! وري به لک
شڪرانا سائين جا، جو منهنجي ڀائٽين جي بازن ۾ برڪت
وڌي اٿس، ۽ هنن مڙسي ڪري مٿي لڪائڻ جيترو اجهو هٿ
ڪيو آهي. سو نه ته آسمان ڇت ۽ پراين جاين جون
ڀتيون منهنجي رهڻ جو آستان آهي. هڪ سال ٿيو آهي جو
مسواڙيءَ مان مالڪ مڪان بڻيا آهيون. خير ڳالهه ٻي
هئي. توهان جو ڪارڊ 14 مئي وارو 25 مئي تي مليو
هو. هن وقت هتي وئل جي گرمي ۽ تپت آهي، سو ڪجهه
لکي نه سگهيس. هاڻي چوماسو ويجهو آهي. بعضي بادل ۽
بعضي ڪو وسڪارو ٿئي ٿو. شاهه صاحب جي بيت وانگر
اڃا: ”اڄ به منهنجي يار وسڻ جا ويس ڪيا“ ڪو نه ٿيو
آهي (جيئن سر سارنگ ۾ سهڻي شاعر چيو هو). سنڌ جون
ڳالهيون ٻيون هيون. هتي ٻيون آهن. سنڌ ۾ مون جهونن
رسالن- ”سندر ساهيته“، ”رتن“، ”آشا“، ”ڀارت جيون“
کي شهه ڏئي پنهنجي ”ڪهاڻي“ رسالي کي اڳرو بڻايو
هو. هتي ناگپور ۾ نه ڪو ساهتڪار آهي ۽ ساهتيڪ
کيتر، بٺ ملڪ آهي. بمبئي ساهيته ۽ ساهتيڪارن لاءِ
ڀلي زمين. ٻج پيو ناهي ۽ سلو نڪتو ناهي. پوءِ ان
جا به انبار ۽ ميون جا به ٽوڪرا ميڙي ٿا وڃن.
پڙهندڙ به ججها ۽ اشتهار به جام. ان ڪارڻ ته
ويچارو بولچند راجپال (سر ڳواسي) آگري، دهلي ۽ انت
۾ احمد آباد ۾ خاڪ ڇاڻي راھ رباني وٺي ويو، مگر هن
جو سنڌ وارو ناميارو ”سنڌو“ رسالو زور وٺي ڪونه
سگهيو. هن جي احمد آباد مان جاري ڪيل ”سنڌو“ ۾
منهنجو هڪ لنبو ليک ”سنڌي ساهتيڪارن سان منهنجي
واقفيت“، قسطن ۾ ڇپيو هو. مگر آخري قسط جنهن ۾
پرنسپال لعل سنگهه اجواڻي، ڪيرت، اُتم، گوبند،
موهن ڪلپنا، سڳن، ڪرشن راهي، سندري اتم چنداڻي،
موتي پرڪاش، ۽ ڪلان پرڪاش، پوپٽي هيراننداڻي وغيره
اچي ٿي ويا، سو پريس ۾ ئي هو ته ملڪ الموت هن
(بولچند راجپال) کي لقمو بڻائي ڇڏيو. ليک جو به
ساڳيو حال ٿيو. ڪيڏانهن ويو اهو مسودو تنهنجي خبر
خاوند کي. سنڌ ۾ اسان جن شروعات کان وٺي نڪتل
ڪتابن ۽ اخبارن جو جملي خزانو اڄ به سنڌ جي .
Oriental Translator of the Sind Govt.
وٽ موجود هوندو. اتان توهان کي جيڪو خزانو ملندو،
سو پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ جو ڪتاب ”سنڌي نثر
جي تواريخ“ به ڪونه ڏئي سگهندو.
مان اڃا ننڍو هوس، جڏهن ڪراچيءَ مان مهراج تيجو
رام روچيرام شرما جو ”سنساتن ڌرم“ رسالو ۽ ڪتاب
نڪرندا هئا. ساڳئي وقت سکر مان ”هرسينگهه سنس“ ۽
شڪارپور مان ”پوڪرداس ائنڊ سنس“ خواھ ٻيا پرڪاشڪ
ڪتاب ڪڍندا هئا. ڄيٺمل پرسرام جي بلئوٽسڪي پريس به
انيڪ ننڍا وڏا پستڪ ڇپي ظاهر ڪيا. ڀائينڊ پريس
(شاهي بازار) مان سردار سمير سنگهه جو ”سک ٽرئڪٽ“
۽ ساڳئي وقت حيدرآباد ۽ پوءِ ڪراچيءَ مان
ميلهارام واسواڻي جو ”سندر ساهتيه“ ڪافي وڏي انداز
۾ ڪتاب ڪڍي سگهيا. حيدرآباد جي قلعي ڀرسان هوش
محمد جي قبر ڀرسان جوتشي ٺاڪر داس جي پريس مان به
ڪيترائي ناول نڪتا، جهڙوڪ: ”راجا ڏاهرسين“. مکڪي
گهٽيءَ ۾ به هڪ پبلشر هو. اڀرندي ڪچي ۾ (کاهي روڊ
جي ڇيڙي وٽ- دومڻ واھ جي مٿان) هري سندر جو
”ڪوڙومل ساهتيه مندل“ ڪتاب ڪڍڻ ۾ ڪنهن کان به
پوئتي ڪونه هو. ٻيا به ڪيترائي پبلشر هئا. سکر
چاهي حيدرآباد ۽ ڪراچي مان جاسوسي ناول (”چندر
ڪانتا“، ”ممتاز دمساز“ ۽ ”چار يار“ وغيره) به جام
نڪتا هئا. اسان جو محترم دوست عثمان ڏيپلائي به
گهڻو پوءِ ميدان ۾ آيو. پرمانند ميوارام، خانچند
درياني، ليلارام ٺارومل ماکيجاڻي، ڌرمداس
ميرچندراڻي، ”گرسنگت“ جي ماستر مينگهراج آڏواڻي ۽
ڪرمچند کانسواءِ ٻين به ڪيترن پنهنجي طرفان ڪتاب
ڪڍي ڇپايا هئا. ليکراج ”عزيز“ به پوئتي ڪونه پيو
هو. خود ”اين. ايڇ.ائڪڊميءَ (حيدرآباد) جي سامهون
جيڪا نئشنل پريس هئي، تنهن مان به ڪيترا شايع ٿيا.
هڪ نوجوان ڀڳوان تولاڻيءَ به ڪيترا ڪتاب ڇپايا
هئا، ۽ پڻ ٻيو نوجوان هو موهن پنجابي، جنهن به ڪي
ڪتاب ڪڍيا. ”حيدرآباد گزيٽ“ جي ايڊيٽر ۽ مالڪ دليپ
سنگهه چتر سنگهه ماڻڪاڻيءَ جي نه رڳو ”حيدرآباد
گزيٽ“ يا
”صوفي ڪلام“ اخبارون نڪرنديون هيون، پر ڪجهه وقت
هڪ رسالو ”محبت“ نالي به ڪڍيو هئائين. ڪيترا ڪتاب
به ڇپيا هئائين. اتر سنڌ جي مشهور شاعر لطف الله
”جوڳي“ رويندر ناٿ ٽاگور جي گيتا نجلي سنڌيءَ ۾ سڀ
کان اڳ ڪڍي ظاهر ڪئي هئي. ان بعد ڪراچيءَ جي ”رتن“
رسالي وارن پروفيسر ايم. يو ملڪاڻيءَ جو نثراڻي
نظم ۾ ترجمو ڪيل ”گيتا نجلي“ ڇپيو ۽ هاڻي هتي
بمبئي جي ”سنڌي ٽائيمس“ وارن گوبند رام سلامتراءِ
رائسنگهاڻي ”سائل“ جو ”گيتا نجلي“ جو نظم ۾ ترجمو
ڇپيو آهي. حيدرآباد مان جشنمل جوتشيءَ جو جوتش تي
لکيل ڪتاب ”ڪوڙيمل منڊل“ وارن ڇپايو هو.
توهان کي ته سنڌ جي ليکڪن ۽ ساهتيڪارن، اخبار
نويسن ۽ پبلشرن خواھ پريس وارن جو ذخيرو کپي. مان
ڪن ٿورن جو مختصر احوال ڏيان ٿو:
منهنجي ڳوٺ ”ابجي“ ۾ ٻه شاعر هئا، جن جا نظم جا
ڪتاب ”نئشنل پريس“، حيدرآباد مان ڇپيا هئا. هڪ
منهنجي بزرگ سوٽ گاگنداس گهنشيامداس مائيداساڻيءَ
بتخلص ”نهوڙيل“ جو ڪتاب هو. هو صاحب سنجهوري ۾
سپروائيزنگ تپيدار هو. شعر بحر وزن تي پورو ۽
مائيدار هوس. هن جي شعر جا ٻه يا ٽي دستخط ڪتاب
موجود هئا، جي سندس ناٺيءَ وٽان ڪو پوني جو صاحب
وٺي ويو ته ڇپائيندس. مگر نه ڇپايائين ۽ نه واپس
ڪيائين. ٻيو ڪتاب هو ”ڄيٺمل جو ڪلام“، ”ننڍي ابجي“
جو ڀڳت ڄيٺانند به حيدرآباد جي مشهور سيٺ وشنداس
مانجهوءَ واري وانگر (جنهن جو ”ڦليليءَ“ تي سندس
جيئري ميلو لڳندو هو) هر سال ميلو لڳائيندو هو. هو
گلاب داسي هو. اهو ميلو ڀڳت صاحب باغ اندر لڳندو
هو. هونءَ ته گلاب داسين جي درٻار ”ابجيءَ“ جي
ويجهو ”سونهن“ ۾ هئي، جتي پڻ هر سال ميلو لڳندو
هو. حيدرآباد جي ”سک ٽرئڪٽ“ وارن مهراج هوند راج
شرما جا به ڪي ڪتاب (ترجمو ٿيل) ڇپايا هئا. خود
”سنسار سماچار“ اخبار وارن به ”خوني سماج“ ۽ ٻيا
ڪتاب (اول ”سنسار سماچار“ ۾ قسطن ۾ ڇپي) ڪڍيا هئا.
مشهور ڪتاب ”بندي جيون“ جو صحيح معنيٰ ۾ ترجمان
ٺاڪرداس اگناڻي مالڪ ”سنسار سماچار“ هو، پر هن
ڪتاب تي نالو پنهنجي سوٽ ريجهومل اگناڻيءَ جو ڏنو
هئائين.
حيدرآباد جي ڇوٽڪي گهٽي خواھ مولي ٻٻر واري گهٽيءَ
جي پريسن جي مالڪ چيتن ديو ورما ”يمراج“ به ڪئين
ڪتاب لکيا ۽ ڇپايا هئا. ڪجهه هن جي ”آرين“ پريس
مان ڇپيا هئا. اها پريس تلڪ چاڙهي تي هئي. پوءِ
کيساڻي بلڊنگ جي ڀرسان آئي، ۽ پاڪستان ٿيڻ بعد
“مهراڻ’’ وارن جي هٿن ۾ آئي هئي.
پنهنجي باري ۾ ڇا چوان؟ ڪراچيءَ ۾ ”الوحيد“ جي
ايڊيٽر مولوي دين محمد ”وفائي“ ۽ مئنيجر دين محمد
”عليگ“ سان السلام عليڪم جو رستو هو. هنن وٽ هڪ سب
ايڊيٽر ڌڻي بخش هو تنهن سان ته چرچي ڀوڳ جو به
رستو هو. جڏهن ”آزاد“ اخبار نڪتي ته ٻوڏ سبب اخبار
جو ايڊيٽر مولوي عبدالڪريم چشتي وقت سر پهچي نه
سگهيو. پهرين پرچي جو ايڊيٽوريل وغيره مون کي لکڻو
پيو، جيتوڻيڪ مان مئنيجر هوس ۽ قيمت ڇڳاڻي جنرل
مئنيجر ٻه ٻيا ساٿي ڪم ڪندڙ سب ايڊيٽر هئا: گوبند
ڀاٽيا (جو هن وقت ڪلياڻ، بمبئي ۾ وڪيل آهي) ۽ ٻيو
مولائي شيدائي، هو ٻئي صاحب روزاني اخبار ۾ بلڪل
نوان هئا. جڏهن قيمت ڇڳاڻيءَ اخبار جي مالڪ
خانبهادر الله بخش سان غداري ڪري پريس ۾ اندر پير
الاهي بخش ۽ خانبهادر کهڙي وغيره سان منصوبو پئي
سٽيو ته ڪيئن خانبهادر الله بخش کي عهدي تان موقوف
ڪرائجي يا اسيمبليءَ ۾ کيس شڪست ڏجي تڏهن مون
پنهنجو فرض سمجهي وڃي خانبهادر الله بخش کي سموري
تحقيقات ڏني، مگر هُو هڪ ڪمزور انسان هو، سو انجام
ڪري به ته توکي انصاف پلئه وجهندس، تنهن تان ڦري
ويو ۽ قيمت جي هٿن ۾ منهنجي قسمت وڌائين ته مان
استعيفا ڏئي ويس، خانبهادر جي پئسي سان برپا ٿيل
اخبار جا نمڪ کائيندڙ ملازم ئي هن جي ٽنگن کي
پٺيان ڇڪي کيس ڪيرائڻ ۾ فخر سان پارٽ ادا ڪندا
رهيا، ۽ اهڙيون حرڪتون هنن کي ڦٻي ويون. مان جڏهن
1943ع ۾ ڪشمير ويندي لاهور ويو هوس ته ”پرتاب“
اخبار جو هڪ ملازم اوم پرڪاش ٽنڊي جو منهنجو دوست
هو، سو مون کي مشهور ليکڪ، ڪهاڻي نويس، شاعر ۽
اخبار نويس نانڪ چند ”ناز“ وٽ وٺي ويو. ياد رهي ته
نانڪ چند ”ناز“ اول ”پرتاب“ اخبار جو ايڊيٽر هو.
اتان ڪنهن ڪارڻ استعيفا ڏئي وڃي روزاني ”ميلاپ“ جو
ايڊيٽر ٿيو، ۽ رڻيبر سان گڏ ڪهاڻيون لکندو هو. وري
اتان ”وير ڀارت“ ۾ وڃي ايڊيٽر ٿيو، پر ان ۾ به
گهڻو وقت ڪونه رهيو، ۽ ان اخبار جي مينيجرپنڊت
درگا پرساد شرما سان گڏجي نئين اڙدو روزاني اخبار
”پرڀات“ ڪڍي هئائين. منهنجي ساڻس پهرين ملاقات
”پرڀات“ جي آفيس ۾ ٿي. هن مون کان جيڪو پهريون
سوال پڇيو هو، سو هو خانبهادر الله بخش جي باري ۾.
مون کيس چيو ته هو ته بي دپو انسان آهي ۽ اها بي
ڊپائي هن جي جان وڃائي ڇڏيندي. مان لاهور مان ڄمون
ويس ۽ هڪ رات رهڻ بعد سرينگر ويس. مان ميرا قدل
(پهرين پل) وٽ هائوس بوٽ ۾ وڃي لٿس. جيئن ئي ڪچن ۾
ماني کائڻ لاِءِ گهڙيس ته فقط ٻه ياتري ويٺل ڏٺم،
جي گورا هئا. ان وقت ريڊيو تان انگريزيءَ ۾ خبر
ملي ته اڄ شام جو شڪارپور- سکر روڊ تي ٽانگي ۾
ويندي خانبهادر الله بخش ڪنهن قاتل جي گوليءَ جو
شڪار ٿي قتل ٿي ويو. مان حيران ته ڪونه ٿيس پر ڊپ
ٿيم ته متان نانڪ چند پنهنجي اخبار ۾ منهنجي ظاهر
ڪيل شڪ کي خبر جي صورت ۾ ڇپي.
منهنجي آزاد خيالن سبب ڪيترائي منهنجا دوست به مون
مان ناراض هوندا هئا. ڪانگريس جي ميمبر هوندي به
مان خود ضرورت وقت ڪانگريسين يا ڪانگريس جي
پاليسيءَ تي ٽيڪا ڪندو هوس، تنهنڪري مان هنن لاءِ
اختلافي ماڻهو سمجهيو ويندو هوس. ڊاڪٽر چوئٿرام ۽
جيرامداس دولترام به مون کي پسند ڪونه ڪندا هئا.
ٻيو ڪارڻ اهو به هو ته مان سوامي گووندانند جي ڌڙي
جو هوس، ۽ جڏهن سنه 1937ع جي اسيمبليءَ جي چونڊن
لاءِ ڪانگريس ڪراچي تڪ لاءِ سوامي گووندانند جي
بجاءِ رستم خورشيد سڌوا کي ٽڪيٽ ڏني وئي ته سوامي
گوندانند کي اهڙو ته صدمون پهتو هو جو هن کي دماغ
جو اڌ رنگ ٿي پيو.
جڏهن هن جي حالت ڪجهه سڌري هئي، تڌهن مان کيس
پنهنجي خرچ تي حيدرآباد، ٽنڊي آدم، شهدادپور،
نوابشاهه، سکر، روهڙي، پني عاقل، گهوٽڪي، شڪارپور،
سلطان ڪوٽ، ميان جي ڳوٺ ۽ جيڪب آباد وٺي وڃڻ بعد
ميرپورخاص، ٽنڊي محمد خان، ٽنڊي ڄام ۽ بدين به وٺي
ويو هوس. خود سوامي گووندانند به هڪ قابل ليکڪ هو.
هن جا به سنڌيءَ ۾ ڪي ڪتاب (دستخط) لکيل آهن: جي
مائي پاروتي آڏواڻيءَ وٽ هئا. پتو ناهي ته انهن جو
ڇا ٿيو. سنڌ ۾ ڪو وقت هو، جو ٻه فصيح زبان شخص
مڃيا ويندا هئا، اڄ ته پرنسپال اجواڻيءَ کي اهميت
ملي رهي آهي. پر ان وقت هڪڙو ساڌو واسواڻي هو ۽
ٻيو سوامي گووندانند. سوامي گووندانند جي سنڌي ۾
”ڪيسري“ هفتيوار اخبار ۽ انگريزيءَ ۾ ”وائيس آف
انڊيا“ هفتيوار اخبارون مشهور هيون.
پروفيسر ڊاڪٽر محمد اشرف سمون
(قسط 3)
راڄو ڳوٺ- سال
ڪراچي ون يونٽ کان اڳ ۽ پوءِ
اسان جي طالب العلمي واري زماني ۾ يعني 1968ع کان
وٺي پاڪستان ٽٽڻ تائين مدرسن ۾ بنگالين جو وڏو
تعداد هو. اهڙيءَ طرح خود ڪراچيءَ شهر ۾ ڪافي
آبادي بنگالين جي هئي ايتريقدر جو اڄ به بنگالي
ڪالونيون ڪراچيءَ ۾ مشهور آهن. ملڪ جي مشهور مدرسي
جامعه اسلاميه بنوري ٽائون جو مفتي عبدالسلام
چاٽگامي جنهن جي فتوى ڪراچيءَ ۾ آخري فتويٰ سمجهي
ويندي هئي چاٽگامي بنگالي هو.
پر حيرت جي ڳالهه هيءَ آهي ته سڀ جا سڀ مغربي شيخ
مجيب جا حامي هئا. ملڪ جي تقسيم تي به کين ڪو وڏو
ڏُک نه هو شايد مغربي پاڪستانين جي ظلم کين انهي
سوچ تي مجبور ڪري ڇڏيو هو. بهرحال ديني رجحان
ڪراچيءَ ۾ گهڻو هو. رات ڏينهن محفوظ ۽ امن آتشي
هئي، مهاجر بحيثيت قوم جو ته ڪو وجود ئي نه هو.
ڪراچي فيڊل بي ايريا ۾ هڪ وڏي زمين هئي ۽ اڃا به
آهي، اهل تشيع وارن جي استعمال ۾ آهي. دراصل اها
علامه جارجوي جيڪو مسلم ليگي ليڊر ۽ قائد اعظم جو
ساٿي وڏو دلچسپ مقرر هو، ان الاٽ ڪرائي هئي، جتي
هڪ وڏو ادارو قائم ڪرايائين جنهن جو نالو ”خراسان
اسلامڪ سينٽر“ رکيائين. مون کيس جلسن ۾ تقرير ڪندي
ڪافي ڀيرا ڏٺو هو ۽ پوءِ ٻڌو ان اداري جو ڊائريڪٽر
پروفيسر ڪرار حسين ٿيو، جيڪو بلوچستان يونيورسٽيءَ
جو پهريون وائس چانسلر هو. عليڳڙهه يونيورسٽيءَ ۾
پروفيسر هو، انهن ڏينهنِ ۾ سائين غلام مصطفى شاهه
سابق وائس چانسلر سنڌ يونيورسٽي سندن شاگرد رهيو
هو، اها خبر به تڏهن پئي جو هڪ تقرير ۾ سائين غلام
مصطفيٰ شاهه چيو ته آءٌ خوشنصيب آهيان جو هڪ اهڙي
مجلس کي خطاب ڪري رهيو آهيان جتي منهنجو انگريزيءَ
جو استاد به ويٺل آهي يعني ’پروفيسر ڪرار حسين‘:
پروفيسر صاحب پيپلز پارٽيءَ جي ڪراچيءَ جي صدر
’تاج حيدر‘ جو والد ماجد هو منهنجي به ساڻس عليڪ
سليڪ احترام جي حد تائين هئي. سنڌين سان کيس وڏي
محبت هئي پاڻ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف هو ۽ ڪافي
ڪتابن جا ترجما ڪيائين سندس گفتگو ۽ تقرير جو
انداز نرالو هو شايد 1972_ 73 جي ڳالهه آهي.
منهنجو هڪ دوست جيڪو حال حيات ڪينيڊا ۾ مقيم آهي
ڊاڪٽر حسن رضوي ان وقت اهو به نوجوان هو چيائين ته
اڄ جي ايم سيد جي سالگرهه آهي خراسان سينٽر ۾ کاڌو
پيتو هوندو تون به اچجانءِ. خير آءٌ ويس ڪافي حد
مهاجر گهڻي حد تائين اهل تشيع هئا. مهمان خاص امير
حيدر شاهه هو علي نثار رضوي پيش پيش هو. ويهارو کن
ڇوڪرا هڪ نوجوان کي نعرا هڻي وٺي آيا پر کيس ڪا
لفٽ نه هئي. اچي اسٽيج تي ويهاريئون منهنجي پاسي
ڀر ويٺو هو سندس نالو به اسٽيج تان نه ورتو ويو ۽
نه ئي ڪا کيس اهميت. ايتري قدر جو خود مون کان
پروفيسر ڪرار حسين پڇيو ته هي ڇوڪرو ڪير آهي تڏهن
مون هڪ ٻئي کان پڇيو ان چيو منهنجو نالو الطاف
حسين آهي. اسٽوڊنٽ ليڊر آهي جي.ايم.سيد جو حامي
آهي پوءِ ڏسو اهو ڇا مان ڇا ٿي ويو. ويهن مهاجر
ڇوڪرن کان شروعات ڪيائين اها ڪهڙي طاقت هئي جو کيس
ايڏو وڏو ليڊر بڻائي هميشه کان هن ملڪ کان روانو
ڪري ڇڏيو. ان وقت مهاجرن ۾ به ڪيتريون هندستان کان
آيل علمي شخصيتون، شاعر، اديب ۽ اهل علم هئا. جيڪي
سڀ هندستان کان هجرت ڪري آيا بقيه حيات هئا ڪيترن
سان ملاقاتون ٿيون ڪيترا اسان جا اُستاد هئا، پر
منجهن تعصب قوميت ۽ ڪرپشن جي بُوءِ نه هئي، انهن
کي اسان اکين سان ڏٺو وائٺو. دنيا ۾ چڱا مٺا هر
قوم ۾ هوندا آهن. پنهنجي قوم سان محبت فطري عمل
آهي اهو نسل هاڻي زير زمين آهي. اڃا نوڪري نه ملي
هئي آءٌ شايد انٽر پاس هئس، مدرسي جي سَنَدَ هئي.
1971ع جو واقعو آهي پي پي جي حڪومت قائم ٿي چڪي
هئي مون کي نه ڪو سُڃاڻي نه ڄاڻي لسٻيلي ۾ رهائش
هئي نوڪريءَ جي چڪر ۾ وڏن ماڻهن جي ڳولا جاري هئي،
پر ٺٽي جهڙي پوئتي پيل ضلعي جو اوهي نه واهي هڪ
ماڻهوءَ ٻڌايو ته ڪجهه پنڌ تي هڪ سنڌي وڏو ماڻهو
رهندو آهي، وٽس وڏا ماڻهو ايندا آهن، اخبار ۾ به
ايندو آهي ان وقت جنگ اخبار ملڪ جي وڏي ميڊيا هئي،
هڪ ٽي. وي.
T.V
چينل هو نالو پڇيومانس چيائين پير علي محمد شاهه
راشدي‘. ٻئي ڏينهن اهو سوچي سڌو سندس گهر تي. اهو
گهر لسٻيلي کان اڳيان گارڊن باغيچي کان پهريان مين
روڊ جي اولهه پاسي وڏو بنگلو هو ٻاهر چوڪيدار بيٺل
هو نه ڄاڻ نه سڃاڻ نالو لکي موڪليومانس. جديد علم
۽ سوچ کان اڻ واقف انگريزي انڌي منڊي عربي فارسيءَ
جو مولويت جي دنيا کان واقف چاڪف سو پنهنجي نالي
جي اڳيان مولويءَ جو لفظ لکي موڪليومانس. 11 بجي
جو ٽائم هو سرديءَ جي موسم هئي. ٻاهر بنگلي جي
هيٺان ٻه چار گاڏيون بيٺل نظر آيون مون کي اها به
ڄاڻ نه هئي ته هيءُ ڪو وڏو اهم ليڊر رهيو آهي.
تازو اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي جي مقابلي ۾ دادوءَ کان
بيٺو ۽ هارائي ويو يا ڪو وڏو اڳواڻ رهيو آهي ڪا
خبر نه! بس منهنجو ڪاغذ ويو. هن به گهرائي ورتو ڄڻ
ڪو ٻاڙيو ويٺو هو ته ڪو اچي ۽ اچي ڳالهائي. بنگلي
جي مٿئين پورشن ۾ اڱڻ جي وچ تي هڪ آرامده ڪُرسيءَ
تي ويٺل هو. مون کي مٿي تي ٽوپي ننڍي ڏاڙهي مولويت
نمايان ڪجهه نوڪريءِ جو عرض ڪيومانس تيستائين
منهنجي باري ۾ سڀ معلومات وٺي ويو. هڪدم سندس
اهليه محترمه کي چيائين ته مولويءَ کي چانهه بسڪوٽ
کاراءِ. نوڪر ٽيبل لڳائي. عربي ۽ فارسيءَ جا شعر
پڇيائين ڪتاب پڇيائين، کيس مزو اچڻ لڳو. چند ڏينهن
اڳ سندس هڪ ڪالم مشرق مغرب پڙهيو هئم جنهن ۾ هن هڪ
فارسي شعر لکيو هو چيومانس سائين اهو بوستان جو
شعر آهي اوهان حاخظ جو لکيو آهي.
درين ورطه ڪشي فروشد هزار، ته ظاهر نه شيد تخته
برکنار
ترجمو: هن درياءَ جي ڪُن ۾ نه ڄاڻي ڪيتريون ٻيڙيون
ٻڏي ويون جن جو تختو به ڪناري تي نه پهتو.
ان وقت آءٌ هڪ مدرسي ۾ عربيءَ جو اُستاد هئس. عمر
24 يا 25 سال هئي. ڪجهه خرچي پاڻي ڏيندو هو ۽ سندس
لائبريري مون کان ٺيڪ ڪرائيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن
سياسي مختصر گفتگو ۽ جملي بازي ڪندو هو. منهنجي
باري ۾ اها پڪ ٿي ويس ته عربي فارسيءَ جو ڄاڻو.
باقي دنيا کان مڪمل بي خبر آهي، ان لاءِ ڪڏهن ڪڏهن
سمجهائيندو به هو. سندس ويهڻ جو انداز شاهانا هڪ
وڏي صوفي تي گهر جي وچ دالان ۾ ڪمبل ويڙهي سگار
پيئندو هو ۽ هڪ الڳ ڪرسي منهنجي لاءِ رکرائي ڪچهري
۽ ڪتابن بابت معلومات ڪندو رهندو هو. منهنجي
سامهون سندس نوڪر کي ڪجهه سامان وٺڻو ڏنائين جنهن
تي هو ها ها ڪندو رهيو ان کي چيائين زياده ها ها
نه ڪر۽ نه ئي گهڻو اعتماد ڏيار، گهڻي هاها ڪرڻ
وارو شيون ڀُلجي ويندو آهي. هڪ ٻئي موقعي تي سندس
ڪو ڳوٺ کان ڪو هاري آيل هو ان سان ليکو چوکو
ڪيائين آءٌ به ويٺو رهيس پير صاحب جي پاسي ۾ هڪ
سفيد رنگ جو روسي ڪُتو ويٺل هو گهڻو ڪري پنهنجي
اچڻ کان پوءِ ان ڪُتي کي موڪلي ڇڏيندو هو ان ڏينهن
ڪُتي کي پاسي ۾ ويهاريو ويٺو هو سندس هاريءَ چيس
ته سائين منهنجي ڇوڪري کي سرڪاري نوڪري وٺي ڏيو
تڏهن چيائين ته منهنجي ڪير ٻڌندو. اليڪشن ۾ بيٺس
ڪِري پيس (1971ع واري اليڪشن) تڏهن ان سندس
هاريءَ چيو سائين پوءِ به اوهان وٽ وڏا وڏا ماڻهو
ايندا آهن، ان کي چيائين مون وٽ هاڻ ڪير ڪونه ٿو
اچي، هي هڪ مولوي آهي ٻيو هيءُ روسي ڪُتو آهي.
قارئين اندازو لڳايو.
جي.ايم.سيد جي تمام گهڻي تعريف ڪندو هو مون کيس
چيو ته سائين ’جيئن ڏٺو آهي مون‘ ۾ اسلام جي خلاف
لکيو آهي، چيائين اهو مهاجرن ۽ مولوين جي ضد ۾
لکيو اٿس پاڻ خود نماز پڙهندو آهي.
هڪ دفعي سندس اهليه محترمه جيڪا مون کان پردو نه
ڪندي هئي چيائين هيءَ شير بنگال جي پوٽي اٿئي
سڃاڻين شير بنگال کي. مون چيو (نه) تڏهن چيائين
تون صرف مولوين کي سڃاڻين ٿو. هڪ دفعي پڇيائين
ڊاڪٽر فريده ڪير آهي مون چيومانس مولانا شاهه احمد
نورانيءَ جي وڏي ڀيڻ آهي، چيائين مون سان گڏ
ڪراچيءَ کان بئنڪاڪ سفر ڪيائين پر پردي ۾ هئي اها
وڏي ڳالهه آهي وڏي با پرده خاتون آهي.
مرحوم ذوالفقار علي ڀٽي کيس پاڪستان نيشنل سينٽر
جو چيئرمين بڻايو. اها پوسٽ وفاقي وزير جي برابر
هئي، پر غير سياسي هئي. اخبار جنگ ۾ اها خبر پڙهيم
پاڻ ان کي پاڻ لاءِ مناسب نه سمجهيائين. ڪجهه
ڏينهن کان پوءِ وٽس ويس پڇيومانس چيائين ان کان
ته بهتر آهي ڪا شگرمل جي پرمنٽ وٺي، ڪنهن چودري کي
وڪڻي ڏيان ته اهو بهتر آهي. اڄ افسوس اٿم ته ڪاش
مون ۾ ڪا سمجهه ٻجهه هجي ها ته وڏيون دلچسپ
ڪچهريون ڪريون ها، پر جيئن ته هو پوڙهو ٿي چڪو هو
۽ مون وارو علمي حال به ڏسي ورتو هئائين ان جي
باوجود پنهنجي مزاج ۽ عادت کان نه مُڙيو. سندس
بنگلو پاڪستاني ڪواٽرگارڊن جي اولهه پاسي ڊبل منزل
هو. هڪ موقعي تي مير خليل الرحمان پي.ٽي.وي.
انٽرويو ۾ چيو جنگ اخبار ۾ پير علي محمد راشدي کان
وڏو ڪو به ڪالم نويس نه آهي.
پاڪستان ٺهڻ کان پهريائين صدر جي علائقي ۾ ٻه
وڏيون مسجدون هيون هڪ ميمڻ مسجد ۽ ٻي ڪاسائين واري
نالي سان مشهور هئي. ميمڻ مسجد جو امام مولانا
ظهورالحسن درس هو ۽ سندس هڪ مدرسو به هو. صدر جهڙي
قيمتي ۽ قديم علائقي ۾ سندس گهر به هو ۽ شايد قائد
اعظم به سندس گهر آيو هو ۽ مسلم ليگين جون ميٽنگون
سندس گهر تي ٿينديون هيون. مولانا ظهورالحسن درسؒ
جي قبر به ڪلاٿ مارڪيٽ جي سامهون جامع مسجد ۾
آهي. سر غلام حسين هدايت الله جي ڀرسان جو مشهور
عالم منهنجو بهترين دوست اڪبر درس ۽ سابق ڪائونسلر
اصغر درس به صدر ۾ رهندا آهن. سندن گهر سندن والد
صاحب جي زماني جو ٺهرايل صدر ۾ واقع آهي. پاڻ
ڪراچيءَ جا پراڻا سنڌي آهن. سندن زبان به هاڻي
اردو ٿي وئي آهي سندن اولاد کي ته بلڪل سنڌي نه
ايندي آهي. مولانا ظهورالحسن درس ميمڻ مسجد جو
امام هو پوءِ اها مسجد شاهه احمد نورانيءَؒ جي جي
حصي ۾ آئي ۽ مولانا ظهورالحسن درس جي پٽن کان مسجد
هميشه لاءِ کسجي ويئي جهڙي طرح ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾
مهاجرن جي اچڻ سان اصلي سنڌين سان ٿيو.
پر جيئن ته هُو ان علائقي ۾ مشهور ۽ معروف آهن هڪ
دفعي بلديه جي اليڪشن ۾ جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي
به ان علائقي مان منتخب ٿي ويو. اصغر درس بهرحال
ڪراچيءَ ۾ مشهور معروف آهن. مون کي دير سان خبر
پئي ته 2020ع ۾ منهنجو نالو وائس چانسلر فتح محمد
برفت سينڊيڪيٽ جي لاءِ منتخب ڪري فائل مراد علي
شاهه ڏانهن موڪليو. شاهه صاحب قلم سان منهنجو نالو
ڪاٽي مولانا اصغر درس ڪراچيءَ واري جو لکي موڪليو.
ڪراچيءَ جي پراڻن علائقن ۾ ”پير ڪالوني“ به مشهور
آهي. هيءُ علائقو سينٽر جيل جي پويان واقع آهي.
مدرسي جي طالب العلم جي حيثيت سان حافظن ۽ مولوين
سان گهڻي واقفيت هئي. شايد هيءُ 1970ع وارو زمانو
آهي، جتي منهنجو هڪ دوست مينگل بروهي حافظ محمد
حسين رهندو هو. جنهن وٽ گهڻي اچ وڃ هئي. اهو هڪ
مسجد جي پاسي ۾ مدرسي ۾ پڙهائيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن
ان سان گڏ پير ڪالونيءَ جي جامع مسجد ۾ نماز لاءِ
وڃڻ ٿيندو هو. هُو پوڙهو سفيد رنگ جو ڳورو جيئن
مسجد ۾ ايندو هو ته سڀ جماعتي ان جي لاءِ اُٿي
بيهندا هئا. جماعتي سڀ جا سڀ مهاجر جڏهن ته هيءُ
عمر رسيده بزرگ سنڌي هو ۽ ان حافظ کي به پنهنجن
پوٽن کي پڙهائڻ لاءِ مسجد ۾ مقرر ڪيو هو. مسجد جو
سربراهه به اهو پوڙهو بزرگ هو ڏاڙهي ته نه هئس پر
ديني قدرن جو علمبردار مسجد ۽ مدرسي جو انتظامي
نگهبان، پرسنلٽي، شخصيت وڏي هم گير ترڪي ڳاڙهي
ٽوپي هميشه پائيندو هو. ماڻهو کيس پير صاحب پير
صاحب ڪريو وڏو احترام ڪندا هئا. ڪراچيءَ جهڙي هن
بهترين علائقي ۾ ايڪڙ کن زمين تي سندس بنگلو هو.
وڏيون جايون ۽ اوطاقون هيون، پر منهنجي ڪم جو ته
اهو دوست هو جيڪو ماني ٽڪي کارائيندو هو ان حافظ
مينگل چيو ته هن جو نالو پير الاهي بخش آهي. حافظ
جي ماني به سندس گهران ايندي هئي پوءِ خبر پئي ته
پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ پنهنجي وزارت
عظميٰ جي دور ۾ هن اهو علائقو آباد ڪري مهاجرن کي
آباد ڪيو. ان ڪري سندس ئي نالي سان اها پير الاهي
بخش ڪالوني مشهور آهي. غرض اهو ته تحريڪ پاڪستان
جي هيءَ عظيم شخصيت هتي اسان ان وقت سندس تاريخ
کان بي خبر هئاسين. پير الاهي بخش جي قبر ان جامع
مسجد جي پاسي ۾ آهي ۽ سندس پراڻو بنگلو تاحال
ساڳيو آهي. اگرچه سندس پٽ پوٽا هاڻي وڃي ڊفينس ۾
آباد ٿيا آهن، پر سندس بنگلو اڃا تائين ۽ قبر
سڳوري اُتي واقع آهي. ڪراچي لالو کهيت 10 نمبر تي
سندس نالي سان پير الاهي بخش لائبريري هئي.
مهاجرن ان کي ختم ڪري پلاٽ تي هوٽل ٺهرائي ڇڏي
آهي. مشهور مهاجر مسلم ليگي ليڊر مولانا
عبدالحامد بدايوني، جيڪو 1269ع ۾ گذاري ويو. وڏو
مقرر ۽ خطيب هو. ان سان نه صرف ملاقات هئي، پر آءٌ
سندس جنازي ۾ به شريڪ ٿيس. پير صاحب جي بنگلي جي
ويجهو رهندو هو. سندس نالي سان ڪراچيءَ ۾ عبد
الحامد بدايوني ڪاليج اڄ به قائم آهي. بلڪ بدايوني
صاحب جي آخري آرامگاهه به انهيءَ ڪاليج ۾ آهي.
ڪاليج جو افتتاح ايوب خان ڪيو هو. ڪاليج جي بيروني
دروازي تي ”باب ايوب“ لکيل آهي. البته ڪيترن سنڌي
ليڊرن جي نالي جا روڊ بلديه وارن ختم ڪري مهاجرن
جي نالي سان لکي ڇڏيا آهن.
دلچسپ احوال هيءُ آهي ته 1970ع ۾ ملڪ ٽٽي ويو.
مشرقي پاڪستان الڳ ملڪ بنگلاديش بنجي ويو. پوءِ
ملڪ ٽٽڻ کان پهريائين بنگال جا حالات خراب ٿي ويا.
خود پاڪستان ۾ عجيب ڪيفيت هئي. يحيٰ ملڪ جو صدر
هو. عين ان ڏينهن ۾ منهنجي هڪ دوست قاري فيض
الرحمان مون کي چيو ته ڪينٽ اسٽيشن تي آرميءَ جي
پوري يونٽ آهي جن کي
R.T
(رليجس ٽيچر) جي ضرورت آهي
تعليم جيڪا گهري اٿن اها تون پوري ڪرين ٿو هل توکي
وٺي هلان. مون کي ڪينٽ وٺي هليو، چئني پاسن کان
فوج ئي فوج هئي، ميجر صاحب منهنجا ڪاغذ ۽ سَنَدَون
ڏٺيون، جيڪي پوريون هيون چيائين آخري انٽرويو ڪرنل
صاحب ڪندو، جيڪو ظهر جي نماز تي ويل آهي، بس اچڻ
وارو آهي. اوهان جي مناسب پگهار هوندي. اوهان جي
رينڪ صوبيدار جي برابر هوندي. گڏوگڏ اوهان کي هڪ
بيڊ مين مليل هوندو يعني نوڪر. سال ۾ 2 ڀيرا اوهان
کي موڪل هوندي. آءٌ ڏاڍو خوش ٿيس ته نوڪري ملي وئي
سا به عزت آبروءَ واري. ايتري ۾ ڪرنل صاحب آيو
ديني ماڻهو باشرع هو. مون کي چيائين ته اوهان کي
آرڊر هاڻي ٿو ڏيان پر اسان جي يونٽ کي آرڊر ملي
ويو آهي ته هوءَ بنگلاديش وڃي اُتي جا حالات خراب
آهن ٽن ڏينهن جي اندر اوهان کي هلڻو آهي. سوچي
وٺو، مون بنا ڪنهن سوچ جي انڪار ڪيو. يونٽ بنگال
وئي جيڪا اُتي هار کائي انڊيا جي قيدي بنجي ويئي.
(هلندڙ) |