سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3/ 2019ع

باب:

صفحو:9 

اُستاد لغاري

 

 

 

مڪليءَ جي مختصر تاريخ

 

’مڪلي‘ پالي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جيڪو گرامر موجب اسم خاص، عدد واحد ۽ جنس مونث طور ڪم آيل آهي. ’مڪلي‘ لفظ جي لغوي معنيٰ آهي ’يوگي‘ يا ’نانگو فقير‘. مڪلي لفظ جون، جدا جدا وقتن تي، جدا جدا پڙهڻيون قائم ڪيون ويون. مثلاً: ’مڪلي‘، ’منگلي‘، ’منڪلي‘ يا ’مڪه لئي‘ وغيره. ڪتاب ’مڪلي نامو‘ جي صفحي نمبر 731 تي لکيل آهي، ته گوسائين جي ڌرم جي هڪ شاخ ۽ فرقي جو نالو ’ڊيگامبر‘ آهي. ڊيگامبر فرقي جي باني ’منڪلي‘ جي نالي پٺيان، انهيءَ ٽڪري تي ’منڪلي‘ نالو پيو، جيڪو بعد ۾ بگڙي ’مڪلي‘ ٿي ويو. وري ايندڙ حڪمرانن ’مڪلي‘ نالي کي مٽائي، هن علائقي جو نالو ’مڪه لئي‘ يعني ’هيءَ جڳھ منهنجي لئي مڪو آهي‘ رکيو.

عام روايتن ۾ اچي ٿو، ته ’مڪلي‘ نالي سان هڪ عورت هتي رهندي هئي، جيڪا انتهائي پاڪباز، پرهيزگار ۽ متقي هئي، جنهن جي مزار، شيخ حماد جمالي رحه جي خانقاھ سان متصل جوڙايل مسجد شريف جي ٻاهرين ديوار سان موجود آهي. ان جي نالي پٺيان هن ٽڪريءَ جو نالو ’مڪلي‘ مشهور ٿي ويو. تحفة الڪرام جو ليکڪ مير علي شير قانع ٺٽوي هڪ هنڌ لکي ٿو ته، ”مڪلي ٽڪري هاڙهي جبل ۽ پٻ ٽڪر جي هڪ ننڍڙي شاخ آهي“. ليڪن اڳتي هلي جاگرافي دانن ثابت ڪيو آهي ته ’مڪلي نڪو هاڙهي جبل ۽ نڪو ئي پٻ جبل جي شاخ آهي، بلڪه مڪلي ٽڪري، کيرٿر جبل جي هڪ دورافتاده ٽڪريءَ جو نالو آهي، جيڪا ٺٽي شهر سان متصل اولهندي طرف کان موجود آهي“.

مڪليءَ جي ٽڪري تي، آءٌ سڀ کان اول سال 1976ع ۾، دعا ۽ زيارت خاطر ويو هوس. ان وقت منهنجي عمر اندازاً 20 سال هئي. تڏهن مون مڪليءَ تي ڏٺو، ته ڪيترائي ماڻهو نانگ ۽ نور جي لڙائيءَ مان لطف اندوز ٿي رهيا هئا. مڪلي ماڳ جي آس پاس رهندڙ ڪجھ لوڪل ماڻهو، جن کي جوڳي يا سامي به چئي سگھجي ٿو، اهي نانگ ۽ نور جي لڙائيءَ وارو رؤنشو ۽ ڪاروبار، هن مڪليءَ واري ماڳ ۽ ٽڪريءَ تي، قديم زماني کان وٺي ڪندا پيا اچن. هيءُ سلسلو اڄ به جيئن جو تيئن جاري ۽ ساري آهي.

1976ع ۾ پهريون ڀيرو مڪليءَ ماڳ تي وڃڻ سان مون ڏٺو هو، ته هتي جي قبرن تي ڇيڻي ۽ هٿوڙيءَ سان ڪيل چٽسالي، ٽُڪ ۽ اُڪر جو ڪم، نهايت ڏاڍي نفاست، نزاڪت ۽ شاندار نموني سان ٿيل هو. بادشاهن، وزيرن، اميرن، اُمرائن ۽ سپھ سالارن جا مقبرا ته هونئن ئي خوبصورت طرز تي تعمير ڪرايل هئا، پر تا حدِنظر ميلن جا ميل سفر ڪرڻ کان پوءِ به، مون ڏٺو ته چٽسالي ۽ گھاڙي قبرون موجود هيون، جن کي ’روميون قبرون‘ به ڪوٺيو ويندو آهي

مڪلي ٽڪريءَ تي موجود قبرستان کي، تاريخي لحاظ سان، چئن حصن يا چئن دورن ۾ ورهائي سگھجي ٿو. 1. اتريون حصو سما خاندانن جي آخري آرامگاهن جو آهي، 2. ان کان لڳولڳ ڏکڻ طرف، ارغون خاندانن جون قبرون اچن ٿيون، 3. ان کان اڃا ڏکڻ طرف، يعني ٽيون حصو ترخانن جي مزارن تي مشتمل آهي، ۽ 4. آخر ۾ ڏاکڻي طرف کان، مغل خاندانن جون مزارون اچي وڃن ٿيون. هيءَ صورتحال ٺٽي کان ڪراچي ڏانهن ويندڙ قومي شاهراھ جي اتر طرف جي آهي. هن روڊ کان ڏکڻ طرف ڏانهن به، ڪيتريون ئي مزارون موجود آهن، جن ۾ مخدوم محمد ھاشم ٺٽوي رحه جن جي مزار ۽ مسجد شريف به گھڻو مشهور ۽ ڏسڻ وٽان آهن.

ٺٽي جو شهر، چوڏهين صدي عيسويءَ کان وٺي، ارڙهين صدي عيسويءَ تائين، پورا چار سؤ سال، سنڌ جي آزاد ملڪ واري حيثيت ۾، ملڪ جو تخت گاھ ۽ گاديءَ وارو هنڌ رهيو آهي. سڀ کان پهريان سما حڪمران حڪومت ڪندا هئا. بعد ۾ ارغون قابض ٿي آيا. انهن کان پوءِ، ترخانن اچي حڪومت قائم ڪئي ۽ آخر ۾ وري مغلن پنهنجو وارو ورتو ۽ ڌاڪو ڄمايو. مذهبي نُڪتهء نظر کان هٽي ڪري، جڏهن تاريخي طور هن علائقي، يعني سنڌ جو جائزو وٺنداسين، ته معلوم ٿيندو ته سنڌي ماڻهو ڏاڍا مهربان، سٻاجھا ۽ مهر و مروت وارا هوندا هئا. انهن وٽ هٿيار نه، پر هٿ جوڙي هئي. انڪري دنيا جا جيڪي به ڦورو حڪمران سنڌ ۾ داخل ٿيا، ته انهن سنڌ کي خوب لُٽيو ۽ ڦُريو.

حيرت جي ڳالھ اها به آهي، ته اُها لُٽ ۽ پٽ اڄ به عملي طور، مڪليءَ جي ماڳ تي، ساڳِي شدت ۽ طور طريقي سان جاري ۽ ساري آهي. اڳي زنده انسانن سان ڪِيس ۽ قهر ٿيندا هئا، هاڻي قبرن سان ڪِيس ۽ قهر ٿي رهيا آهن. مون ڏٺو آهي، ته تا حدِنظر قبرن جي ڀڃ ڊاھ ٿيل آهي ۽ اڃا مسلسل ٿي رهي آهي. هتان جون قبرون ڊاهي، انهن تي لڳل چٽساليءَ وارا پٿر، پيس ۽ قبرن جا حصا ڪڍي، ماڻهو وڪڻي رهيا آهن. ڪوئي پڇڻ ۽ ڪڇڻ وارو ڪونهي. ڪير ٿو چوي ته رڳو موهين جو دڙو، ڪاهو جو دڙو يا دلور جو دڙو برباد ۽ ڀڙڀانگ ٿيل آهن؟ توهان هن وقت مڪليءَ جو مقام ته هلي ڏسو. ويڙهن جا ويڙها ويران ڪيا ويا آهن. قبيلائي قبرون، جن جي پٿرن تي خوبصورت چٽسالي ٿيل هوندي هئي، اهي الائي ڪيڏانهن گم ٿي ويون آهن؟ رڳو برباد ٿيل ڀڙا ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جن کي ڏسي، افسوس ۽ هٿ مَلڻ کان سواءِ، ٻيو ڪجھ به ڪري نه ٿو سگھجي.

26 مارچ 2019ع بروز اڱارو، آءٌ (استاد لغاري) ۽ مشڪور ڦلڪارو صاحب، مڪلي ماڳ ڏسڻ وياسين. اسان کي اهو ڏسي اطمينان ٿيو، ته هتي ڪلچر ڊپارٽمينٽ حڪومتِ سنڌ جي طرفان، آفيسون قائم ڪيون ويون آهن، جن ۾ باقاعده آفيسر ويٺل هئا. انهن اسان جو نه صرف آڌرڀاءُ ڪيو، بلڪه مڪلي قبرستان جي تحقيقي تجزيي ڪرڻ جي لاءِ، اسان کي اليڪٽرانڪ شٽل پڻ مهيا ڪري ڏني، اتي موجود هڪ آرڪيالاجيڪل ڪنزرويٽر سرفراز نواز جتوئي صاحب جنهن طريقي سان، اسان سان تعاون ڪيو، اهو بيمثال هو. ثقافت کاتي جي مڪليءَ تي موجود آفيس مان ويهي، اسان ڊائريڪٽر جنرل منظور احمد ڪناسري صاحب سان ٽيليفونڪ گفتگو به ڪئي، جنهن جي تعاون ۽ خلوص جا اسين بيحد شڪرگذار آهيون. اسان کي مڪليءَ تي موجود آفيسر صاحب جي طرفان، ’مڪلي گائيڊ ناما‘ پڻ مفت ۾ مهيا ڪيا ويا، جن جي روشنيءَ ۾، اسان کي تحقيق ڪرڻ ۾ وڌيڪ آساني ٿي. هن گائيڊ نامي ۾ لکيل آهي، ته مڪلي ايريا 912 ايڪڙن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ سڃاتل قبرن جو تعداد 20044 آهي. ڪل ٽوٽل مقبرا 64 آهن، انهن مقبرن جي اندر موجود قبرن جو تعداد 917 آهي. سما ايريا ۾ قبرن جو تعداد 1979، ارغونن ۽ ترخانن واري ايريا ۾ قبرن جو تعداد 4596 ۽ مغل ايريا ۾ قبرن جو تعداد 2677 آهي. اهڙيءَ ريت سراسري طور ڳڻپ ڪيل ۽ نشان لڳل قبرن جو تعداد 20044 ٿئي ٿو. هونئن مشهور روايت آهي، ته مڪلي ٽڪريءَ تي، صرف اولياءَالله ۽ برگزيده ٻانهن جو تعداد سوا لک آهي. باقي ماڻهن جون مزارون ۽ آرامگاهون انهن کان علاوه آهن. اهڙيءَ ريت مڪليءَ تي موجود ڪل ٽوٽل قبرن جو تعداد، اندازاً پنج لک آهي. هن قبرستان جي ڊيگھ، اتر کان ڏکڻ طرف ڏانهن، ٻارهن ميلن کان به وڌيڪ ٻڌائي وڃي ٿي. يعني هيءُ قبرستان، لڳ ڀڳ 18 کان 20 ڪلوميٽرن تائين ڦهليل آهي.

سما حڪمرانن جو دور 1340ع کان 1520ع تائين، ارغونن جو دور 1520ع کان 1555ع تائين، ترخانن جو دور 1555ع کان 1592ع تائين ۽ مغل حڪمرانن جو دور 1592ع کان 1734ع تائين هليو. هتي سهڻين قبرن، بارونق مقبرن ۽ من موهيندڙ قبن جي تعميرات ٿيل آهي. مڪليءَ جي آخري ڇيڙي اتر ۾، ساموئي ڳوٺ آهي، جتي سما خاندان جي پونئرن جا ٻه چار گھر موجود آهن، جنهن کي غلام حسين جو ڳوٺ به سڏين ٿا. هن ڳوٺ کان اڃا اتر ۾، هڪ قبو آهي، جنهن لاءِ چيو ويندو آهي، ته اهو سومرا خاندان جي ستن ڀينرن جو قبو آهي.

مڪليءَ تي جوڙايل ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو بن سلطان صدرالدين سمي جو مقبرو سڀ کان پراڻو آهي. جيڪو 951 هجري موجب 1509ع ۾ جوڙايو ويو هو. هيءُ مقبرو پٿر جي نقش نگاريءَ سان ڀرپور ۽ ان تي نڪتل خاڪا هندو طرز جا جوڙيل آهن. هن مقبري جي عمارت ڇت کان سواءِ، چورس شڪل ۾، تمام گھڻي چٽساليءَ سان چٽيل آهي، جيڪا مڪمل طور تي پٿر سان تعمير ڪئي ويئي آهي. هيءُ سما خاندان جو هڪ عظيم حڪمران هو، جنهن پُرامن ۽ خوشحال سنڌ تي، سڄا سارا 48 سال حڪومت ڪئي، جنهن جي جھلڪ سندس مقبري مان معلوم ٿئي ٿي. چون ٿا ته ڄام تماچي ولد ڄام انڙ، فيروز شاھ تغلق جي وفات کان پوءِ، 1388ع ۾ دهليءَ کان آزاد ٿي ٺٽي پهتو. جنهن شيخ حماد جماليءَ جي خانقاھ ۽ ان سان متصل مسجد شريف به تعمير ڪرائي هئي، جيڪا 793 هجري موجب 1391ع ۾ جڙي راس ٿي. هيءَ مسجد شريف جامع مسجد جي طور استعمال ٿيندي هئي. ملڪ راڄپال انڙ بن ملڪ انڙ بابت لکيل آهي، ته هو فيروزالدين ڄام انڙ جي اولاد مان هو. هن جي مقبري اندر، عربي رسم الخط ۾، هيٺين تحرير هن ريت اُڪريل آهي: ”ھذا المقام الر جي رحمت الله تعاليٰ ملڪ راجبال بن ملڪ اُنر بن ملڪ راهُو بن ملڪ رائيدن بن ملڪ راهُو بن فيروز شاھ سلطان...“

هتي سما خاندان جي ڪن گمنام شهزادن جا مقبرا ۽ مزارون پڻ موجود آهن. هن مقبري تي، سن 875 هجري ۽ 1479ع لکيل آهي. ڄام نظام الدين جي مقبري کان اتر طرف، سيد علي شيرازي جو مقبرو جوڙايل آهي. هن جي مٿان ٻه ننڍا قٻا، پلستر سان ڍڪيل اڇي رنگ جا آهن. ان چوديواريءَ جي اندر، ڪجھ ٻين مقبرن تي نقش نگاري پڻ ٿيل آهي. هن بزرگ 1572ع ۾ وفات ڪئي. ٺٽي شهر جي ويجھو دابگير مسجد، امير خسرو تعمير ڪرائي هئي، جيڪا ٽن سؤ سالن کان به وڌيڪ پراڻي آهي. اها مسجد شريف ڪنهن زماني ۾، شهر جي وچ ۾ هوندي هئي، پر هن وقت شهر کان ٻاهر موجود آهي. هن جو مکيه گنبذ ڪري چڪو آهي ۽ سامهون لڳل ڪاشيءَ جون سرون غائب آهن. ٺٽي جي بادشاهي مسجد شاهجهان جي جوڙايل آهي. هن جي تعمير جي شروعات 1644ع ۾ ۽ مڪمل 1647ع ۾ ٿي. سندس فرش بنديءَ جو ڪم، يارهن سالن کان بعد ۾ ڪرايو ويو. هن مسجد شريف تي، ان وقت نوَ لک روپيا خرچ آيو هو. هن جي اڱڻ ۾ 90 قبن سان ڍڪيل ڪمرا موجود آهن، جن جي ڊيگھ 315 ۽ ويڪر 190 فوٽ آهي. هيءَ مسجد شريف 6316 چورس وال ميدان تي تعمير ٿيل آهي. ٺٽو سنڌ جو هڪ اهڙو علمي مرڪز هو، جو چون ٿا ته هتي هڪ ئي وقت ۾ چار سؤ مدرسا قائم هئا.

مرزا جاني بيگ ۽ مرزا غازي بيگ جا مقبرا به مڪليءَ تي موجود آهن. مرزا جاني بيگ ٺٽي جو آخري آزاد حڪمران هو. هُو 1599ع ۾ فوت ٿيو. غازي بيگ پنهنجي پيءُ مرزا جاني بيگ جو گادي نشين مقرر ٿيو، ليڪن هن کي قنڌار جو گورنر بڻايو ويو. غازي بيگ کي سن 1611ع ۾ قتل ڪيو ويو. ٻنهي پيءُ ۽ پٽ جون مزارون هڪڙي ئي مقبري ۾ موجود آهن. مرزا عيسيٰ خان ٺٽي جو پهريون ترخان حڪمران هو. هن کي مغل بادشاھ جهانگير 1627ع ۾، ڏکڻ سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو. جنهن جو خاتمو 1644ع ۾ ٿيو. مرزا عيسيٰ خان ترخان جو مقبرو، مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي، سڀ کان نمايان نظر اچي ٿو. مرزا عيسيٰ خان ترخان ٻيو، ڏکڻ سنڌ جو حڪمران هو. سندس مقبرو 1573ع ۾ تعمير ڪيو ويو. هن جي مقبري سان گڏ، اڱڻ ۾ ٻيا به مقبرا تعمير ٿيل آهن، جيڪي سڀ جا سڀ پٿر سان جوڙايا ويا آهن. مرزا طغرل بيگ هڪ نالي وارو ڪمانڊر هو. هن جو مقبرو هن وقت زبون حالت ۾ آهي. مرزا طغرل بيگ بابت گھڻي معلومات دستياب ٿي نه سگھي آهي. ديوان شرفا خان ارغون، دهليءَ جي حڪمران طرفان، ٺٽي ۾ مقرر ڪيل ڪنهن گورنر جو وزير هو. سندس مقبرو، هن پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي سن 1638ع ۾ تعمير ڪرايو هو. نواب امير خليل خان جو مقبرو، 1585ع کان 1672ع جي درميان تعمير ڪيو ويو. نواب امير خليل وصيت ڪئي هئي، ته کيس مقبري جي اندر دفن نه ڪيو وڃي، ليڪن تقدس جي خيال کان، کيس مقبري جي اندر مدفون ڪيو ويو. هن مقبري تي پرڪشش ۽ منفرد عربي اکرن ۾ نقش نگاري ڪيل آهي.

هتي ملڪ قائوس خان سلطانيءَ جو مقبرو پڻ موجود آهي، جنهن تي سن 919 هجري 1513ع لکيل آهي. هتي جي مقبرن تي مقرر هڪ سرڪاري چوڪيدار مليو، جنهن پنهنجو نالو عطا محمد ولد فقير محمد ولد علي محمد ذات خاصخيلي ٻڌايو. هن ڳالھ ڪئي ته آءٌ ڳوٺ ڄام واھ جو ويٺل آهيان. هن وٽان به اسان کي ڪجھ وڌيڪ معلومات ملي، جنهن جا به اسين نهايت گھڻا شڪرگذار آهيون. ثقافت کاتي پاران قائم ڪيل، مڪلي ٽڪريءَ جي آفيس تي مقرر آرڪيالاجيڪل ڪنزرويٽر سرفراز نواز جتوئي صاحب کان معلوم ڪيو ويو، ته ”هتي ڪن قبيلن ۽ ذاتين جا ماڻهو، پنهنجن وفات ڪيل عزيزن قريبن کي دفنائڻ جي لاءِ اڄ به ايندا هوندا؟ ته انهن جي لاءِ، مزار جي کوٽائيءَ وارو ڪم، ڪيترو ٽائيم وٺي سگھي ٿو؟“ تڏهن پاڻ اسان جي معلومات ۾ اضافو ڪندي فرمايائين، ته ”هتي جا گورڪن اڳواٽ قبرون کوٽي، انهن کي ريتي ۽ بجريءَ سان پُوري، نشان لڳائي ڇڏيندا آهن. جيئن ئي ڪنهن جو ماڻهو گذاري ويندو آهي، ته ان جي لاءِ، اها اڳواٽ کوٽيل ۽ تيار ڪيل قبر، رقم (مزدوري) ڏيئي حاصل ڪئي ويندي آهي“. ان وقت اسان جي ذهن ۾، اوچتو هڪ سوال هيءُ به اُڀري آيو، ته ”صديون پراڻيون لاوارث قبرون، هتي جا گورڪن خالي ڪري، انهن تي نشان لڳائي رکي سگھن ٿا ۽ پوءِ اهي قبرون مطلوب ماڻهن کي وڪڻي به شايد ڏيندا هوندا؟“ (والله اعلم). البت قبرن جي مٿان آويزان ڪيل، چِٽساليءَ وارا انتهائي قيمتي پٿر، جنهن بيدرديءَ سان ڪڍيا پيا وڃن، ته انهيءَ پٽ پٽان ۽ ڦر ۽ لٽ مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو، ته اُها جنگ، جيڪا ٺٽي شهر ۽ ان جي آس پاس وارن علائقن کي فتح ڪرڻ جي لاءِ، ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي طرفان شروع ڪئي ويئي هئي، سا  صديون گذري وڃڻ جي باوجود، اڃا اڄ به جيئن جو تيئن جاري ۽ ساري آهي. يعني صديون اڃا تائين سوڳ ۾ آهن. ڪالھ زنده ماڻهن کي ماريو، ڦريو، لٽيو ۽ ڀيليو پئي ويو ۽ اڄ وري انهن مئل ماڻهن جي قبرن سان، ساڳي حالت ۽ جٺ جاري ۽ ساري آهي، جيڪا اکين سان ڏسي سگھجي ٿي ۽ ان جو صرف افسوس ئي ڪري سگھجي ٿو. ڪوبه اهلِ دل، مڪليءَ جي حالت ته اچي ڏسي. اگر اهو ماڻهو واقعي ئي اهلِ دل هوندو، ته ضرور روئي پوندو.

مڪليءَ سان وابسته ڪجھ مشهور ماڻهن، مقبرن، بادشاهن، سپھ سالارن، اميرن، وزيرن ۽ اوليائن جا نالا، جيڪي اسان کي معلوم ٿي سگھيا آهن، اهي هن ريت آهن: ڄام نظام الدين (عرف ڄام نندو)، ڄام تماچي ۽ نوري، ڄام ٻانڀيڻو، ڄام جوڻو، ڄام انڙ، ڄام فيروز، ڄام طغاچي، مَلڪ راڄپال انڙ، مَلڪ قائوس خان سلطاني، شيخ عيسيٰ لنگوٽي، شيخ حماد جمالي، ڀِٽايارو (هالي درويش)، مائي مڪلي، قاضي عبدالله پٽ تاجي جو، ڄام تغلق، مبارڪ خان (عرف دولھ دريا خان)، مُلان عبدالله لُٽر، شيخ جيئو، سيد عبدالله شاھ اصحابي، سيد علي شيرازي، سيد ميران شاھ، مرزا عيسيٰ خان ترخان پهريون، مرزا عيسيٰ خان ترخان ٻيو، مرزا سلطان سليمان، مرزا صالح بيگ، مرزا باقي بيگ، مرزا بديع الزمان، مرزا طغرل بيگ، مرزا جاني بيگ، مرزا جان بابا، مرزا محمد افضل، مرزا معدالدين، مرزا محمد، مرزا محمد صالح، مرزا محمد صلاح، مير سلطان محمد، مير ابوالقاسم نمڪين، مير عبدالرحيم، مير عتيق الله، مير عبدالرزاق، مير عبدالبقا، مير عبدالواحد، مير عبدالفتاح، مير اسفند يار، مير ابو النصر، مير عبدالڪريم، مير امين الدين، مير متين الدين، مير محمد غوث، مير محمد گدا، مير محمد عطا، مير حافظ الدين، ديوان شرفا خان،سلطان ابراهيم خان، هبشاد (اهنسا ٻائي)، بي بي خانم، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، مخدوم ابوالقاسم نقشبندي، مخدوم محمد معين ٺٽوي، مخدوم آدم، پير عالي، سيد محمد يوسف بکري ۽ سيد حسام الدين شاھ راشدي وغيره.

هن وقت مڪليءَ تي موجود بزرگن ۾، سڀني کان وڏي ۽ آباد درگاھ، حضرت سيد عبدالله شاھ اصحابي رحه جن جي آهي. حضرت سيد  عبدالله شاھ اصحابي رحه، حضور ڪريم صلي الله عليہ و آلہ وسم جن جي صحبت ۾، روبرو ويٺل اصحابي ڪو نه آهي. البت ’اصحابي‘ سندن تخلص ۽ لقب آهي. هيءُ بزرگ شاھ بيگ ارغون جي زماني ۾، سن 928 هجريءَ ڌاري، گجرات مان ٺٽي آيو هو. پاڻ حضرت سيدنا شيخ عبدالقادر جيلاني رحه جن جي پونئرن مان هو. ٺٽي ۾ اچڻ کان پوءِ، آخري دم تائين هتي رهيو. فوت ٿي وڃڻ کان پوءِ، سندس مزار جو پتو ڪنهن کي به ڪونه هو. گجرات جي بزرگ شاھ حافظ پنهنجا ٻه خليفا ۽ مريد ٺٽي موڪليا، جن مڪليءَ تي اچي مراقبي ۾ ويهي، ڪشف جي ذريعي سندس مزار مبارڪ جو تعين ڪيو. ان بعد ٻنهي خليفن پٿر گڏ ڪري، مزار کي پنهنجن هٿن سان جوڙي نمودار ڪيو. سندس درگاھ جي اڏاوت، سن 1175 هجريءَ جي لڳ ڀڳ ٿي. درگاھ جي اولهندي طرف کان، هڪ ننڍڙي مسجد شريف به موجود آهي، جنهن جي محراب مٿان، هڪ ڪتبو فارسي ٻوليءَ ۾ اُڪريل آهي، جيڪو هن ريت آهي: ”سرفراز شد احمد از مصطفيٰ، بنام ڪرد مسجد بنام خدا. بغير از عبادت نه باشد درو، بود قبه اش پر زنور و ضيا. خدا اين سر خداد و عزو قبول، ڪه تا هست دوزان بماند بجا. زهي فيض مسجد ڪه از يڪ دعا، شود حاجت مستمندان روا. بتاريخ هفدهم ماھ صفر، ... ختم باالخير و ظفر.“

حضرت سيد عبدالله شاھ اصحابي رحه جن ڏانهن ڪيتريون ئي ڪرامتون منسوب آهن. بزرگ جي موجوده مقبري کي، 1350 هجري، يعني 1931ع ۾ ٻيهر تعمير ڪيو ويو. سندس عرس مبارڪ، شعبان مهيني جي 13، 14 ۽ 15 تاريخ تي، هر سال ملهايو ويندو آهي. صوفي سرمد به انهيءَ ئي ٺٽي جي شهر ۾، ديوان اڀيچند کي دل ڏيئي ويٺو هو. سڄو ايران ڦِريو، سمورو هندستان ڏٺائين، پر ٻئي پاسي ڪٿي به دل ڪو نه لڳس. نيٺ وجد ۽ جنون واريءَ ڪيفيت ۾ اچي چيائين: ”خدا يت ڪيست؟ اي سرمد! درين دير، نمي دانم اڀيچند است يا غير.“ صوفي سرمد نيٺ دهليءَ ۾، قطب مينار جي هيٺان، وقت جي بادشاھ جي ور چڙهي ويو. جنهن تلوار جي هڪڙي ئي ڌڪ سان، سندس سسي ڌڙ کان ڌار ڪرائي ڇڏي، ته صوفيءَ جي نس نس ۽ لُونءَ لُونءَ مان، وحدانيت ۽ رسالت جا واڄا وڄڻ لڳا. ڀٽائي رحه فرمايو آهي: ”رَڳُون ٿِيُون رَبابُ، وَڄَنِ ويلَ سَڀڪَنهِين“. يا ”تَندُون جي طَلبَ جِيُون، وَحِدَتَ سِرَ وَڄَنِ، وَحدهُ لَا شَرِيڪَ لَہُ، اِهو راڳُ رَڳَنِ“. مڪليءَ جي قبرستان ۽ ماڳ مڪان ۾، اسان جي تاريخ جو ايڏو وڏو اڻ کٽ خزانو مدفون آهي، جو سالن جا سال تحقيق ڪرڻ جي باوجود به، حرفِ آخر تائين پهچڻ ناممڪن آهي.

مقالي جي آخر ۾، انهن سڀني سهڻن سڄڻن ۽ دلبر دوستن جو شڪريو بجا آڻڻ پنهنجو اولين فرض ٿو سمجھان، جن هن تحقيقي سفر ۾، منهنجو سهڻو ساٿ ڏنو. انهن ۾ سنڌ جو وڏو ڏاهو، عالم، اديب، اسڪالر، تاريخدان، ۽ محقق مشڪور ڦلڪارو صاحب، سرفراز نواز جتوئي صاحب، حاجي عبدالله ڪنڀار کپري وارو، سگھڙ، شاعر ۽ فنڪار نذير احمد کوکر کپرائي ۽ گاڏيءَ جو ڊرائيور عمران کوکر جا نالا، منهنجي لاءِ انتهائي اهم ۽ احترام جي لائق آهن. منظور احمد ڪناسرو صاحب جا به وڏا وڙ، جنهن مڪليءَ تي موجود ڪلچر ڊپارٽمينٽ جي ملازمن کي، موبائيل فون ذريعي، اسان سان مڪمل تعاون ڪرڻ جون خاصئون خاص هدايتون ڏنيون. اهڙيءَ ريت مولوي احمد علي شر سڪندري صاحب جو به تھِ دل سان، بلڪه گھڻي کان گھڻو شڪر گذار آهيان، جنهن عربي توڙي فارسيءَ جون عبارتون، مون کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ڏنيون. ”ٿورا نه ٿورا، مُون تي مارُوئَڙَنِ جا.“

ڪجهه مددي ڪتاب:

  1. ڀنڀرو، عطا محمد، (2004ع)، ’ٺٽي جا قديم اسلامي يادگار‘، ڄام شورو: سنڌي ادبي بورڊ

  2. بلوچ، نبي بخش خان ڊاڪٽر (1984ع)، ’جنگناما‘، ڄام شورو: سنڌي ادبي بورڊ

  3. ٺٽوي، مير علي شير قانع، (1986ع)، ’تحفة الڪرام‘، ڄام شورو: سنڌي ادبي بورڊ

  4. ٺٽوي، سيد محمد طاهر نسياني، (1995ع)، ’تاريخ طاهري‘، ڄام شورو: سنڌي ادبي بورڊ

  5. بکري، مير محمد معصوم، (1985ع)، ’تاريخ معصومي‘، ڄام شورو: سنڌي ادبي بورڊ

  6. راشدي، سيد حسام الدين، (2005ع)، ’تذڪره امير خاني‘، ڄام شورو: سنڌي ادبي بورڊ

  7. راشدي، سيد حسام الدين، (1994ع)، ’مڪلي نامو‘، ڄام شورو: سنڌي ادبي بورڊ

  8. ابڙو بدر، (2009ع)، ’ڪوهستان جو سفر‘، ڪراچي: ثقافت ۽ سياحت کاتو، حڪومت سنڌ.

  9. ڪناسرو، منظور احمد(؟) ’اي گائيڊ ٽو مڪلي‘، (انگلش)، ڪراچي: ڪلچر اينڊ ٽوئرزم ڊپارٽمينٽ، گورنمينٽ آف سنڌ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org