سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3/ 2019ع

باب:

صفحو:4 

ڊاڪٽر آزاد قاضي

 

 

 

      تاريخِ بزمِ صوفياءِ سنڌ

                                (چوٿين سنڌ ثقافتي ڪانفرنس)

بزمِ صوفياءِ سنڌ وارن خطبن کي سمجهڻ لاءِ ان سموري پس منظر کي ڏسڻ جي ضرورت آهي، جيڪي سنڌ بابت گهڻ رخي نموني سان عوام ۾ شعور پکيڙڻ وارو مقصد سان ڏنا پئي ويا. انهن کي ذڪر ڪيل پس منظر ۾ ڏسڻ کان سواءِ پوري ريت سمجهي نه سگهبو.

چوٿين سنڌ ثقافتي ڪانفرنس:

بزمِ صوفياءِ سنڌ طرفان هي ”چوٿين سنڌ ثقافتي ڪانفرنس“ شاهه عبداللطيف جي سداحيات ڀٽ  جي، شاندار آڊيٽوريم ۾ وڏي پئماني تي منعقد ڪئي ويئي، جنهن جي صدارت محترم پير جڙيل شاهه سجاده نشين درگاهه ڀٽ شاهه ڪئي.“ (ٽه ماهي مهراڻ 3-4/1966ع) ورڪرن پاران ڪيل محنت جي نتيجي ۾ باوجود مخالفانه پرچار جي هن پروگرام ۾ اٺ هزار ماڻهن شرڪت ڪئي، پسگردائي جي عام و خاص شخصيتن کانسواءِ، ڪراچيءَ مان پير حسام الدين راشدي ۽ شمشيرالحيدري، حيدرآباد مان مولانا غلام محمد گرامي، حيدر بخش جتوئي، رسول بخش پليجو، حفيظ قريشي، صاحب خان چنو، نور عباسي، پروانو ڀٽي، الطاف عباسي، انور هالائي، جمال رند ۽ سيف ٻنوي سميت سکر مان ڪامريڊ برڪت علي آزاد ۽ نوابشاهه مان قاضي فيض محمد، سانگهڙ مان خانبهادر وساڻ شريڪ ٿيا. هي ڪانفرنس هالا پراڻا جي زميندار جناب عبدالقيوم ميمڻ جي تعاون سان سڏائي وئي هئي.

ڪانفرنس جي ٺيڪ 7 بجه سائين جي.ايم.سيد جي افتتاحي خطبي سان شروعات ڪئي ويئي. سيد صاحب بزمِ صوفياءِ سنڌ طرفان جاري ڪيل هن تحريڪ جو ذڪر ڪندي، ظاهر ڪيو ته ”طريقت يا ڪلچرل تحريڪ کي ڪن خاص مقصدن ۽ مرادن سان هٿ ۾ کنيو اٿم.“ انهن مقصدن مان مکيه مقصد قومي شيرازي جي هيٺ ذڪر ڪيل ڪمزورين کي قرار ڏئي ٿو:

”(1) خودمطلبي، (2) قومي شعور جي عدم موجودگي، (3) نفرت ۽ نفاق جو وجود، (4) بزدلي ۽ بي همتي جي موجودگي.“

سنڌي قوم ۾ موجود مٿي ذڪر ڪيل ڪمزورين جو ذڪر ڪري داد شهيد واري خطبي ۾ نفرت ۽ نفاق جا هيٺيان ٽي ڪارڻ بيان ڪيا ويا هئا:

(1) مذهب جي غلط تشريح، (2) شخصي ۽ طبقاتي مفادن لاءِ چٽاڀيٽيون، (3) فسطائي نظريا.

ان سلسلي جي ٽين سنڌ ثقافتي ڪانفرنس ميرپوربٺوري واري پروگرام ۾ مٿي ذڪر ڪيل ڪارڻن مان پهرئين ڪارڻ مذهب جي غلط تشريح تي روشني وڌي ويئي هئي. هن چوٿين ثقافتي ڪانفرنس جي موقعي تي ذڪر ڪيل ڪارڻن مان ٻئي نُڪتي يعني ”شخصي ۽ طبقاتي مفادن لاءِ چٽاڀيٽيون“ بابت روشني وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. ان مسئلي کي پوري طرح پرکڻ پروڙڻ ۽ سمجهڻ واري خيال سان سنڌي سماج ۾ موجود مختلف گروهن کي هيٺين چئن حصن ۾ ورهائي بيان ڪيو ويو:

(1) غريب عوام جو گروهه يعني هاري، مزدور، مڇي ماريندڙ، مال چاريندڙ، ننڍا تنخواهه دار، نوڪري پيشي وارا فرد.

(2) وڏن ماڻهن جا گروهه يعني زميندار، سردار، پير، جائداد جا مالڪ.

(3) ڪامورڪي طبقي جو گروهه يعني تنخواهه دار ننڍن ملازمن کان سواءِ سڀ سرڪاري يا خانگي وڏين نوڪرين ۽ پيدائشن وارا ڪامورا.

(4) تاجر ڪارخانيدار يعني واپاري ۽ ڪارخاني جا مالڪ.

سيد صاحب مٿي ذڪر ڪيل سڀني گروهن جي طبقاتي بنيادن تي ورهاست ڪري ظاهر ڪري ٿو ته: ”پهرين گروهه جا غريب هيٺين طبقي ۾ ٻيا ٽي گروهه مٿين طبقي ۾ يا ان سان لاڳاپيل شمار ٿي سگهندا.“

(خطبات سيد، 1975ع، ص 51)

مٿي ذڪر ڪيل حقيقت جي باوجود، سنڌ جي حالتن جو تجزيو، طبقاتي ننڍ وڏائي واري فرق کان مختلف آهن، ان مخصوص صورتحال جو تجزيو ڪندي سيد صاحب لکي ٿو:

”سنڌ جي حالتن کي چتائي ڏسبو ته سواءِ مکيه ڪارخانيدارن ۽ سندن مزدورن جي ماڻهن ۾ اڃا طبقاتي شعور يا تصادم پيدا نه ٿيو آهي.“ (خطبات سيد، 1975ع، ص 51)

هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪڏهن طبقاتي شعور پيدا نه ٿيو آهي ته پوءِ سماجي صورتحال ڪهڙي آهي، ان سلسلي ۾ سيد صاحب ٻڌائي ٿو ته:

”هن وقت سنڌين ۾ جا به چٽاڀيٽي هلي رهي آهي، ان جو زياده تر بنياد شخصي خودمطلبي آهي.“ (خطبات سيد، 1975ع، ص 51) ۽ اها به حقيقت آهي ته جيڪا به قوم طبقا توڙي فرد سياسي ۽ سماجي شعور کان وانجهيل هوندا ان جو اولين ڪارڻ شخصي خودمطلبي هجي ٿو.

شخصي خودمطلبيءَ واري ان چٽاڀيٽي جا سيد هيٺيان ڪارڻ بيان ڪري ٿو:

(1) قبضي جي خواهش، (2) خوديءَ جي تعليم.

قبضي جي خواهش يعني حرص لالچ، مال ميڙڻ جي طلب  خودي يعني پاڻ پڻو (Ego) اهي ٻئي نُڪتا هڪ ٻئي سان لازم ملزوم آهن، انهن جي اثر هيٺ فرد، طبقا توڙي قومون برتري ۽ قبضي گيريءَ ڪارڻ جاکوڙ ڪنديون آيون آهن.

سيد صاحب پنهنجي هن چوٿين سنڌ ثقافتي ڪانفرنس واري خطبي ۾ انهن ذڪر ڪيل ڪارڻن جي سببن ۽ نقصانڪار پاسن بابت تفصيل سان بيان ڪيو آهي. هن سيد صاحب خطبي ۾ ايگو (Ego) يا انائيت جي وصف بيان ڪرڻ کان پوءِ ان ڳالهه جو اظهار ڪري ٿو ته:

”اها نفس اماده جي پيداوار آهي. ان کان نجات حاصل ڪرڻ سان اصلاح نفس ۽ اخلاقي درستي پيدا ڪري ماڻهو مهذب ۽ متمدن بنجن ٿا، انهيءَ ڪري ئي جملي قومن جي مصلحن ۽ مذهب جي صاحبِ طريقت بزرگن، ماڻهن کي خوديءَ کي کائڻ جي تلقين ڪري ايثار ۽ قرباني جي تعليم ڏني آهي.“ (خطبات سيد، 1975ع، ص 54)

پر غور ڪري ڏٺو وڃي ته دنيا ان حيواني صفتن مان جان ڇڏائي نه سگهي آهي، جيڪڏهن ان جي تفصيل ۾ وڃبو ته عالمي معاملن کان وٺي ملڪي ۽ صوبائي معاملن کان وٺي قبيلائي، گروهي، خانداني شخصي مسئلن تائين ان رجحان جا اثر آهن، اهوئي رجحان آهي جيڪو خودمطلبي ۽ خودغرضي واري رجحان کي وڌائي ٿو. ان رجحان جي وڌڻ ويجهڻ ڪري ملڪ ۽ قوم ۽ دنيا ۾ جهيڙا جهڳڙا ۽ انتشار پکڙجن  ٿا. ان سموري عمل جي جڙ سَڌُن ۽ خواهشن ۾ رکيل آهي، جنهن جي صوفين درويشن ۽ صحتمند سوچ جي مالڪ فيلسوفن، راحبن پرچار پئي ڪئي آهي. ان نُڪتي کي سولو ڪري سمجهائڻ لاءِ سيد صاحب لکي ٿو:

”انهيءَ خواهش مطابق هر شخص ۾ کاڌي، لٽي ۽ اجهي جي هٿ ڪرڻ جي وسيلن، يعني زمين، پيسي ۽ جائداد کي قبضي ۾ آڻڻ جي سڌ رهي ٿي. انهيءَ مطابق جنس جي بقا لاءِ عورت هٿ ڪرڻ تي هن جي دل ٿئي ٿي. بدني حفاظت ۽ خودنمائيءَ خاطر اقتدار ۽ نالي ناموس جي حاصل ڪرڻ جو خيال به کيس رهي ٿو.“

(خطبات سيد، 1975ع، ص 52)

غور ڪري ڏسبو ته خود نمائي، تن آسائش ۽ جنسي خواهش اهي ئي جذبا آهن جيڪي سموري انسانذات  ۾ جنگ جدل ۽ افراتفريءَ جو ڪارڻ بنبا پئي رهيا آهن. اهي ئي خود غرضيءَ جي جڙ پاڙ آهن، ان خودغرضيءَ واري رجحان کي صوفي درويشن نفس اماره (Animal Instinct) يعني حيواني خواهش سڏيو آهي، ۽ اها حيواني خواهش جيڪا افراتفري پيدا ٿيڻ جو ڪارڻ بنجي ٿي، سوسائٽيءَ کي اهڙن رجحانن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ ”دنيا جي جملي صالحن، درويشن ۽ اهل طريقت بزرگن جي گهڻي وقت کان اها خواهش پئي رهي آهي ته صحيح تعليم ۽ تربيت وسيلي ماڻهن مان حيواني خواهش کي ڪڍي سندن نفس جي اصلاح ڪري، انهن کي خليق ۽ شفيق بڻايو وڃي.“ (خطبات سيد، 1975ع، ص 53)

سائين جي.ايم.سيد سڄي زندگي ثقافتي حوالي سان اهڙن ئي خيالن جي پرچار ڪندو رهيو، ڇاڪاڻ ته سندس خيال هو ته :

”ڪلچر ۽ ثقافت جو مقصد به ساڳيو اهو (اصلاح آڻڻ) ئي آهي.“

(خطبات سيد، 1975ع، ص 53)

سيد اهڙي ڪوشش وسيلي قومي يڪجهتي پيدا ڪرائڻ پئي گهري. ان سلسلي ۾ سيد صاحب پنهنجون سموريون صلاحيتون علمي، قلمي ۽ عملي طور ڪوششون ڪندو رهيو. سندن خيال هو ته:

”جڏهن اهڙيءَ طرح آهستي آهستي ترقي ڪري ٿو ته وحشياڻي خواهشن کان آزاد ڪري ٿو. خود مطلبي ۽ ان مان پيدا ٿيندڙ نتيجي يعني نفاق کي ترڪ ڪري هو قومي ۽ ملڪي مفاد کي ترجيح ڏيڻ لڳي ٿو ۽ مهذب بنجي ٿو.“

(خطبات سيد، 1975ع، ص 53)

سيد خود مطلبي يا شخصي چٽاڀيٽي واري رجحان جو ٻيو ڪارڻ خوديءَ واري تعليم کي تصور ڪري ٿو، جيڪا حيواني صفتن کي وڌائڻ جو ڪارڻ بنجي ٿي ۽ اهي ئي حيواني صفتون آهن، جيڪي انسان ۾ خودمطلبي پيدا ڪرائين ٿيون. ۽ ان خودمطلبيءَ سبب خودي جنم وٺي ٿي. اها خودي ئي آهي، جيڪا سماج ۾ خرابي ۽ افراتفريءَ جو سبب بنجي ٿي. خوديءَ جي اهڙي صحيح تصور ۽ ان جي اثرن جو ذڪر ڪندي، سائين جي.ايم.سيد چوي ٿو:

”خوديءَ جو ڪهڙو به تفسير ڪيو وڃي، ان کي شخصي خودي سڏيو وڃي يا قوم جي خودي سڏيو وڃي. بهرحال ان نظريي پويان هيٺيون ٻه ڳالهيون موجود رهن ٿيون، (1) حيواني خودمطلبي جي خواهش ترقي يافته شڪل ۾ (2) ماڻهن جي ورهاست، برن ۽ ڀلن، لائق ۽ اڻلائقن ۽ ڌڻيل ۽ ڌڪاريل، چونڊيل ۽ پست پيلن ۾.“

(خطبات سيد، 1975ع، ص 55)

انهن ذڪر ڪيل ٻن ڳالهين کي سيد صاحب ٻن قديم فيلسوفي مسئلن جو جزو ظاهر ڪري ٿو، جنهن کي جبر ۽ قدر جي نالي سان سڏيو ويو آهي.

ان حوالي سان مسئلي قدر وارو تصور رکندڙن وٽ اشرف المخلوقات وارو تصور، ڪائنات جي هر شيءِ تي حاوي ٿيڻ جو لاڙو پيدا ڪري ٿو، ۽ اهو تاثر ڇڏي ٿو ته:

”جيڪڏهن بلند پرواز ۽ اعليٰ هستي کان ڪم وٺندو ته دنيا جي هر شئي کي جيتي سگهي ٿو ۽ پنهنجي تابع ڪري سگهي ٿو.“ (خطبات سيد، 1975ع، ص 43)

دراصل اهوئي برتريءَ وارو تصور ٻين کان پاڻ کي مٿانهون تصور ڪندي، خودي پيدا ڪرڻ جو سبب بنجي ٿو، اهڙو رجحان رکندڙ ئي ٻين کي سستي ۽ ڪاهليءَ سان تعبير ڪن ٿا ۽ ان کي قومن جي تنزلي جو ڪارڻ ظاهر ڪندي مسئله قدر واري لاڙي کي وڌائڻ تي زور ڏين ٿا. ان لاڙي جي ڀيٽ ۾ مسئله جبر وارن جو خيال آهي ته تبديل ٿيندڙ ماحول سبب انسان برتري سپرميسي  وارن خيالن لاءِ خودمختيار ڪونهي. سندس هٿ پهچ ۽ قادر پڻو محدود آهي. ان سلسلي ۾ سيد صاحب طرفان هيٺين سببن جي مختصر تشريح پيش ڪئي آهي:

(1) عنصري خوادث ۽ قوتون، (2) تاريخي ارتقا ۽ ماضي جون روايتون، (3) نسل ۽ معاشري جو اثر، (4) ماحول جا اثر ۽ قوتون.

ذڪر ڪيل انهن عنصرن سبب ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان انساني اڏام محدود ٿي وڃي:

”مٿي ذڪر ڪيل جبل ۽ قدر واري لاڙي بابت سمجهاڻي ڏيڻ کان پوءِ انهن ٻن فلسفن جو بيان ڪيو اٿس جن سڄي دنيا کي ٻن لاڙن ۾ ورهائي رکيو آهي. اهي ٻه لاڙا آهن: (1) آئڊيلزم (روحانيت) (2) مٽيريلزم (ماديت) سيد جي خيال موجب ”پهريون فلسفو (آئيڊيلزم)  روحانيت (ترقي يافته نفس يا عقل) کي ترجيح ڏئي مادي شين کي ثانوي حيثيت ڏئي ٿو. ٻيو فلسفو مادي (طريقن) کي ترجيح ڏئي، روحاني مسئلن کي ثانوي حيثيت ڏئي ٿو.“

(خطبات سيد، 1975ع، ص 59)

ڳالهه عجب ٿي لڳي ته ٻه ڌار ڌار فلسفا ۽ انهن ٻنهي جو بنياد هڪڙو هجي، ان مسئلي کي سمجهڻ لاءِ سيد صاحب عام فهم مثال پيش ڪندي لکي ٿو: ”آئيڊليسٽ ته انهيءَ حد تائين ويا آهن جو چون ٿا ته:

”لاتحرڪ ذرت الاباذت الله“ يعني (ڪابه شيءِ چُري نه ٿي سگهي، سواءِ الاهي حڪم جي) انهن، سڀ طاقت جو خدا جي هٿ ۾ هئڻ ظاهري ڪري ۽ ماڻهن کي صرف ان جو مظهر شمار ڪري، ماڻهوءَ جي قوت کي محدود ڄاتو آهي… مٽريلسٽن پڻ مٿي ذڪر ڪيل ”جبر“ لاءِ دليل جي بنا تي شخص کي سوسائٽيءَ جي مشين جو پرزو ۽ ارتقائي قانون جي ماتحت ڄاڻي، ڊٽرمنزم (Determinism) جبر جي تائيد ڪئي آهي.“ (خطبات سيد، 1975ع، ص 60)

جبر ۽ قدر واري ان بظاهر ڌار ڌار نظر اچڻ جي اصل ۾ هڪ هئڻ واري تصور جي آسان سمجهاڻي ڏيڻ بعد، انسانذات ۾ پيدا ٿيل ان لاڙي جو ذڪر ڪري ٿو، جيڪو خودمطلبي کي وڌائڻ جو سبب بنجي ٿو ۽ سيد پنهنجو پاڻ کي (آئيڊيلسٽ) طور ظاهر ڪندو هو. وڌيڪ دلچسپ ڳالهه اها ته آئيڊيلزم توڙي ميٽريلزم ٻنهي فلسفن ۾ پيدا ٿيل ساڳي جبر واري لاڙي کان به پاڻ پرهيز ۾ رهيو ۽ سدائين عدم تشدد جي پرچار ڪندو رهيو، ڇاڪاڻ ته سندس راءِ ۾ ٻنهي فلسفن جي حامين هڪ حد تائين مسئلي جبر جي فوقيت بيان ڪئي آهي.“ ۽ حقيقت ۾ اهوئي رجحان آهي جيڪو معاشري جي بگاڙ جو ڪارڻ پئي بنيو آهي ۽ نتيجي طور دنيا ۾ قتل و غارت گري پئي ٿي آهي. بظاهر ان خودغرضي ڏانهن راغب ڪري قبضي گيريءَ وارو رجحان کي هٿي ملي ٿي. ان سلسلي ۾ سيد لکي ٿو:

”ماڻهن ۾ حيواني خواهش موجود هئڻ ڪري، خودمطلبي ان جي فطرت ۾ ويهي ويل هئي، پوءِ ان خودمطلبيءَ شخصي صورت ٿي اختيار ڪئي يا قومي صورت انهيءَ جو بنياد، بهرحال انسانذات جي مجموعي مفاد ۽ مساوات جي خلاف پنهنجي ڌڻيل هئڻ ۽ پنهنجي برتري جي تخيل تي رهيو ٿي.“ (خطبات سيد، 1975ع، ص 60) انهيءَ برتريءَ جنهن کي سيد فطري اثر سڏي ٿو. ان جي پيدا ٿيڻ ڪري بقول سيد: ”ڪي شخص(1) قومن(2) ۽ مذهب(3) ۾ اهو رجحان پڻ رهيو آهي ته پاڻ کي ئي حق تي ڄاڻڻ ۽ پاڻ کي ئي اعليٰ طاقتور، عاقل ۽ چونڊيل يا ڌڻيل سمجهن ۽ ٻين کي ناحق تي ڄاڻي ڪمزور، پست پيل، جاهل، ڌڪاريل يا عدوليل شمار ڪن پوءِ لياقت جي بنياد تي پنهنجي تسلط قائم رکڻ جي ڪوشش ڪن.“

(خطبات سيد، 1975ع، ص 60)

دراصل اهوئي لاڙو آهي، جنهن کي جديد دنيا ۾ فسطائيت سڏيو وڃي ٿو، جيڪ قومن، قبيلن ۽ فردن وچ ۾ ٽڪراءَ جو ڪارڻ بنبو پئي رهيو آهي. سيد ان حوالي سان هٽلر ۽ ميسولني طرفان اهڙو رجحان پيدا ڪرائيندڙ لاڙي طرف اشارو ڪندي علامه اقبال واري خوديءَ کي بلند ڪرڻ ۽ مسلمانن کي جهاد واري تصور لاءِ اُڪسائڻ وارن خيالن جهڙوڪ: میں تم کو بتاؤں کہ تقدیر ام  کیا ہے، شمشیر و سنان اول، طائوس و رباب آخر۔

شمشي ۽ سنان جهاد جا نشان آهن، جنهن جي اثر هيٺ موجوده دور واري دنيا به بچي نه سگهي آهي، جيتوڻيڪ وقت ۽ حالتن جي روشنيءَ حڪمران به هاڻ اهڙي لاڙي جي مخالفت ڪرڻ لڳا آهن. سيد اهڙي لاڙي جو بنياد خودي تصور ڪري ٿو، انڪري خودي کي ختم ڪرڻ ۽ پاڻ پڻي واري لاڙي کي گهٽائڻ جي تلقين ڪندي نظر اچي ٿو، پر اهو تصور ڪندي ته متان اهڙي پرچار کي ڪو نڪمائي، سستي ۽ ڪاهليءَ سان تعبير ڪري، انڪري پاڻ لکي ٿو:

”ان مان اسان جو مطلب ماڻهن کي تارڪ الدنيا، بيڪار سست ۽ ڪاهل بنائڻ نه آهي. ان جي معنيٰ صرف شخصن ۽ مخصوص قومن جي مفاد تي انسانذات جي مجموعي مفاد کي ترجيح ڏيڻ آهي.“

ان وضاحت کان پوءِ صوفين طرفان نفس مارڻ ۽ خودي ختم ڪرڻ وارن ٽن درجن: (1)  فنا في الشيخ، (2) فنا في الرسول، (3) فنا في الله واري تعليم جي جديد دور جي تقاضائن موجب شاندار سمجهاڻي ڏني اٿس:

غور ڪري ڏسبو ته خودي، مڙني خرابين جو بنياد نظر ايندي، ايتريقدر جو، خودمطلبي جو پيدا ٿيڻ به ان ساڳي سوچ تحت ٿئي ٿو. اهڙي رجحان کان سمورن صوفي بزرگن ۽ شاعرن پاسو ڪرڻ جي تلقين پئي ڪئي آهي. سيد صاحب پڻ خودي کي وڌائڻ ناهي بلڪ ان کي کائڻو آهي، عنوان هيٺ خودي ختم ڪري مَنُ مارڻ بابت تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. آخر ۾ پنهنجي ان خيال کي وزن وٺرائڻ خاطر نامور صوفين ۽ شاعرن جهڙوڪ: شمس تبريز عليہ الرحمة، مولانا جلال الدين رومي عليہ الرحمة، عبدالقادر محي الدين عليہ الرحمة، خواجه معين الدين اجميري عليہ الرحمة، سلطان باهو عليہ الرحمة، شاهه عبداللطيف ڀٽائي عليہ الرحمة، سچل سرمست عليہ الرحمة جا اهڙا شعر پيش ڪيا آهن، جن ۾ انهن بزرگن به خوديءَ کان پاسو ڪرڻ جي تلقين ڪئي آهي، ان سموري غور ويچار ۽ اظهار جي نچوڙ طور سيد صاحب سنڌ جي ماحول ۾ ڪم ڪندڙ ڪارڪنن کي مشورو ڏيندي لکيو آهي ته:

(1) ”خودي دوئيءَ جو ڪارڻ بنجي ٿي.

(2) خودي تشدد جو رجحان پيدا ڪري، اڳرائيءَ ۽ سامراجيت جو بنياد بنجي ٿي.

(3) شخصي يا قومي خودي، نفاق ۽ نفرت پيدا ڪري، بدامنيءَ جو ڪارڻ بنجي ٿي.

(4) خودي جي تعليم اسان جي سنڌي درويشن جي تعليم ۽ قديم روايات جي خلاف آهي.

(5) جيڪڏهن اسان قوم مان نفرت ۽ نفاق دور ڪري، اتحاد، محبت ۽ ايثار جو مادو پيدا ڪرڻ گهرون ٿا ته خوديءَ کي ختم ڪرڻو پوندوسون.“ (خطبات سيد، 1975ع، ص 68)

غور ڪري ڏسبو ته ڪنهن به قوم جي ترقيءَ جو راز نفرت کي محبت ۾ تبديل ڪرائڻ نفاق کي دور ڪري اتحاد قائم ڪرڻ ۽ قومي مفادن لاءِ قرباني ڏيڻ واري عمل ۾ سمايل آهي، جن به قومن ۾ مٿي ذڪر ڪيل صفتون ٿين ٿيون، اهي ئي ڪاميابيءَ سان همڪنار ٿي منزل ماڻين ٿيون، پر سيد اهوئي سبق ڏئي ٿو ته اهي سڀ صفتون تڏهن ئي پيدا ڪري سگهجن ٿيون، جڏهن خودي (Ego) پاڻ پڻو ۽ انا واري رجحان کي ختم ڪيو وڃي، پنهنجو پاڻ مٽائڻ بعد ڪجهه حاصل ڪرڻ واري ڳالهه ۾ ئي اهو راز سمايل آهي.

سيد جي افتتاحي خطبي بعد مولانا غلام محمد گرامي، پير حسام الدين راشدي، قاضي فيض محمد، حيدربخش جتوئي، رسول بخش پليجي ۽ صاحب خان چني سنڌ جي تاريخ تصوف جي اهميت ۽ افاديت، ترقي پسندانه فڪر رواداري روشن خيالي ۽ سنڌي ڪلچر جي اعليٰ قدرن ۽ روايتن بابت تقريرون ڪيون. ڪانفرنس جو پهريون حصو ٻن ڪلاڪن تائين هليو، تنهن بعد 9 بجي ٻيو حصو يعني محفل مشاعرو شروع ڪيو ويو، ”جنهن ۾ شمشيرالحيدري، حيدربخش جتوئي، برڪت علي آزاد، نور عباسي، پرواني ڀٽي، الطاف عباسي، انور هالائي ۽ سيف ٻنوي بهرو ورتو، ان بعد جمال رند لولي ٻڌائي مسرور ڪيو.“ (ٽه ماهي ”مهراڻ“ 3-4/1966ع)

مشاعري کان پوءِ مانيءَ جو وقفو ڪيو ويو، وقفي کان پوءِ راڳ رنگ جي محفل شروع ڪئي ويئي، جنهن ۾ لطيف جي روضي جي خاص راڳيندڙ فقيرن واري ٽوليءَ کانسواءِ ريڊيو فنڪار فقير عبدالغفور، حسين بخش خادم، زرينه بلوچ ۽ مصري فقير پنهنجي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري سامعين کي وندرايو.

اهڙيءَ ريت سنڌي ڪلچر بابت هيءَ محفل رات جو 2 بجي تائين هلندي رهي.

مٿي ذڪر ڪيل ماحول بابت محترم محمد ابراهيم جويو صاحب پنهنجي هڪ اديب دوست کي لکيو:

”سو منهنجا جوڻيجا ڀاءُ اهي آهن اسان جي سنڌ جا ڪي…… جيڪي سنڌ جي ڀلائيءَ واريءَ ڪنهن به ڳالهه ۾ خوش ڪينهن، هنن کي فقط پنهنجو اڊنبر، پنهنجي دولتمندي، طاقت ۽ وڏائي گهرجي، شال سنڌ کي ڪي صالح ۽ سر گهورڻ وارا سپوت ملن!“  (جويو، 1999ع، ص 38)

اهو ان وقت وارو ماحول هو، جنهن ۾ بزمِ صوفياءِ سنڌ کي سنڌ جي ثقافتي تحريڪ وارو سفر جاري رکڻو هو.

 

ببليوگرافي:

1.       جويو محمد ابراهيم، ”خط ٻن اديبن جا“، 1999ع، سنڌي اديبن جي ڪوآپريٽو سوسائٽي، حيدرآباد

2.      سيد، جي.ايم، ”خطبات سيد“، 1975ع، نئين سنڌ پبليڪيشن ڪراچي.

 

(1) اهو جڏهن شخصن ۾ جنم وٺندو آهي ته پاڻ کي ٻين کان مٿانهون Super سمجهندي، سوچ ۽ عقل ۾ آمريت جنم وٺندي آهي. جنهن جا دنيا ۾ ڪيئي مثال موجود آهن.

(2) اهو جڏهن قومن ۾ پيدا ڪرايو ويندو آهي تڏهن هٽلر جي جرمن قوم ۽ مسيولني واري اٽلين قوم جنم وٺندي آهي.

(3) اهو جڏهن مذهبن جي آڙ ۾ پيدا ڪرايو ويندو آهي تڏهن نه کٽندڙ مذهبي منافرت جنم وٺندي آهي. (آزاد قاضي)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org