عبدالقادر کوسو
شاهه سائينءَ
جي رسالي ۾
تقدير جو ذڪر
’تقدير‘ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ
آهي- ڌڻيءَ طرفان مقرر ڪيل حصو. الاهي حڪم، لِکيو،
ڀاڳُ، بخت، قسمت.
ڀٽائي صاحب تقدير لاءِ هيٺيان لفظ ۽ سِٽُون
استعمال ڪيون آهن- تقدير، الـٰـهي حڪم، لکيو،
ڀاڳُ، بخت، قسمت، قضا، نصيب، موت، اَجلُ ارادو،
ازل، گهرَ، مرضي، قَصد، نيت، رب جي رضا، ڳُجهاندر
ڳاهه، اڻ ڏٺا انگڙا، اَلَستان، لوح جي لکيو، قيدُ
الماءَ، ڪاغذ قلم، لکيو جو نراڙ، قيد قضا جو،
نِهاڻِي، لڌو لوڙڻ، تفائَل، اَمرُ، جِت ٻئي جي رسي
نه ٻانهن، باب ۾ هُجڻ، پُکي ۾ پوڻ، لکئي جُون
ليهان، اڳ لِڌو، ڏوهه منهنجي ڏينهن، قضا جا ڪَريم
جي، ٻئي پُور نماڻيءَ نصيب ٿيا، واڳ ڌڻين هٿ ۾،
واڳ ڌڻي تنهنجي وَسِ. قلم ڪاتب هٿ ۾، ڪو جو واءُ
ورڻ، اڳهين منهنجي انگ ۾ لکيو هو پاڻي، قَلم جي
ڪاني آڻي اولِيس اول ۾، توڙي وِلاڙُون ڪرين توڙي
هلين وِک، ڪُسڻ هوڪوئي، ڪُسڻ جو قرار، ڪنهن کي سُڌ
نه انگَ جي، عَدد ڏونهه اچڻ، ڪَرم، پريان پُورا
ٿيڻ، نه ڪاني نه ڪانهين، نه ڪو ڏوهه قلم جو،
الـٰـهي امر، قادر جي قضا. اِنَّ الله عليٰ کُل
شيءِ قديرٌ، جَنَ الَقَلم بِما هُو کائِنُ، کُل
شيءِ يَرُجِعُ اِلا اَصَلَہِ
مٿين سٽن ۽ الفاظن کان سواءِ ڀٽائيءَ جا ڪيترا بيت
۽ سِٽوُن قدير بابت سڄي رسالي ۾ ٽِڙيل پکڙيل آهن
جيڪي موتين مثال آهين.
ڀٽائيءَ جي رسالي ۾ اڻ ڳڻيا موضوع ۽ ڪردار آهن جن
تي لکڻ ۽ قلم کڻڻ نهايت اوکو آهي.
تقدير جي موضوع تي لکڻ لاءِ سوچيان ٿو ته هِيءُ
ايڏو ته وسيع ۽ اڻ کٽ موضوع آهي جو سمجهه ۾ نه ٿو
اچي ته ڳالهه جي شروعات ڪٿان ڪجي ۽ ان کي ختم ڪٿي
ڪجي؟ ڀٽائيءَ جي رسالي تي ڪافي تحقيق ٿي آهي. هن
موضوع بابت ڪيترائي عالم اڪابر، پنهنجون لکڻيون
لکي وڃي اَبدي آرامي ٿيا آهن، پر ڀٽائيءَ جو فڪر
اهڙو ته اُونهو ۽ بي ڪران بَحر آهي جو ان تي روز
قيامت تائين پيو لکبو. ڀٽائيءَ جي فڪر کي سمجهڻ
لاءِ ڪيتريون ئي حياتيون کپن. پوءِ ئي وڃي هن
سَرتاج الشعراء جي ڪلام کي سمجهڻ جو حق ادا ٿيندو.
باقي ٻيو هيستائين جيڪي ڪجهه لکيو ويو آهي ۽ سمجهڻ
جي ڪوشش ڪئي وئي آهي اهو تمام ڀلو قدم آهي، پر
اسان اڃا ڀٽائي جي پهرئين بيت جي فڪر کي به چڱيءَ
طرح سمجهي ڪونه سگهيا آهيون.
اَول الله عليم اعليٰ عالم جو ڌڻي،
قادر پنهنجي قدرت سين، قائم آهه قديم،
والي واحد وحده، رازق رب رحيم،
سو ساراهه سچو ڌڻي، چئي حمد حڪيم،
ڪري پاڻ ڪريم، جُوڙُون جوڙَ جهان جي.
(شاهه)
تقدير جي موضوع تي ڀٽائيءَ جي رسالي جي سڀني سُرن
۾ هن موضوع تي اُپٽار ٿيل آهي، پر ڀٽائيءَ جي سُر
مارئي، سُر سهڻي، سسئي، سامونڊي، ڪلياڻ، يمن
ڪلياڻ، برووسنڌي، گهاتو، ڪارايل، ڏهر، معذوري،
ديسي، ڪوهياري، حُسيني، راڻو، ليلان، رِپ، رامڪلي،
آسا، اهڙا سُر آهن جن ۾ تقدير بابت ڀٽائي صاحب
ڪافي مثال پيش ڪيا آهن.
اسلامي نقط نگاهه کان مشهور روايتون آهن ته جڏهن
اڃا سارو عالم عَدم جي اوڙاهه ۾ غرق هو تڏهن الله
تعاليٰ پنهنجي ذات ۽ صفات جي مخفي خزاني کي ظاهر
ڪرڻ لاءِ ’ڪُن‘ چئي ڪائنات خلقي ۽ انسان جا جڏهن
روح خلقيائين تڏهن کانئن پڇيائين ......... ”ڇا
مان توهان جو رب آهيان“ تڏهن سڀني انساني ارواحن
اقرار ڪيو ’قالُو بَليٰ‘، ’بيشڪ هائو‘ ........
(هيٺ لهو) جو حڪم ڪيو.
سنڌي ادب جي وسيع ميدان ۾ لطيف کانسواءِ ٻيو اهڙو
ڪوبه دانشور ڪونهي، جنهن انسان جي تخليق جي مقصد
پويان جيڪي گهرا روحاني راز آهن، انهن کي مثبت،
مؤثر نموني ۾ واضع ڪيو هجي. شاهه سائين جي هر سُر
۾ اهڙا راز سمايل آهن ۽ انسان جي نصيحت ۽ هدايت
لاءِ ڪونه ڪو پيغام سمايل آهي. انسانن ۾ ڪُجهه
صفتون ملائڪن جُون، ڪُجهه صفتون حيوانن جون ۽ ڪجهه
صفتون شيطانن جون شامل آهن، انسان کي ان مان بهتر
وصف جي سُڃاڻپ ڪرڻي آهي. قرآن پاڪ ۾ ارشاد آهي
ته:، ”حقيقت اها آهي جو جڏهن به ارادو ڪري ٿو ڪنهن
شيء کي پيدا ڪرڻ جو ته هُو ان کي چوي ٿو ته ٿيءُ
ته اُهو ٿي پوندو آهي.“ (سوره يسٰ).
ٻي جاءِ تي قرآن ڪريم ۾ ارشاد آهي ته ”۽ تحقيق
جيڪڏهن جيڪي به زمين ۾ وڻ آهن اُهي سڀ قلم ٿين ۽
سمنڊَ مَسُ ٿين ۽ مدد ڪن اُن سمنڊ جي. انهيءَ
کانپوءِ ست ٻيا سمنڊ ته به ختم نه ٿينديون الله
تعاليٰ جون ڳالهيون، تحقيق الله تعاليٰ هر شيءِ تي
غالب ۽ وڏي حڪمت وارو آهي.“ (سوره لقمان).
ٽئين جاءِ تي ارشاد باري تعاليٰ آهي ته ”۽ نٿو
ڄاڻي ڪوئي شخص ته ڪهڙا ڪهڙا ڪم ڪندو سڀاڻي ۽ نٿو
ڄاڻي ڪوئي شخص ته ڪڏهن ۽ ڪهڙي سرزمين ۽ جڳهه تي
مرندو، تحقيق الله تعاليٰ هر شيءِ کي ڄاڻندڙ ۽ هر
هڪ شيءِ کان پوري پوري خبر رکڻ وارو آهي.“ (سوره
لقمان) چوٿين جاءِ تي باري تعاليٰ فرمائي ٿو
”تحقيق اسان پيش ڪئي امانت آسمانن جي اڳيان ۽ جبلن
جي اڳيان پوءِ ڪنڌ ڪڍرائي ويا انهيءَ ڳالهه کان ته
کڻڻ انهيءَ امانت کي ۽ ڊڄي ويا، ان کانپوءِ کنيو
ان کي انسان، حقيقت اها آهي ته انسان پنهنجو پاڻ
تي وڏو ظلم ڪرڻ وارو ۽ وڏو بي سمجهه آهي“ (سوره
الاحزاب)
ڀٽائي صاحب انهيءَ صورتحال جي هيٺئين بيت ۾ منظر
نگاري ڪئي آهي.
اول لوح قلم ۾، جڏهن پيئي پرت پچار،
ته مَلڪن ۾ ماتام ٿيو، عرش ڏني اوڇنگار،
سندو بِرههَ بار، خاڪيءَ کنيو خيز ڪري.
(شاهه)
ڀٽائي صاحب جي رسالي ۾ ڪائنات جي تخليق بابت ڪافي
اشارا ملن ٿا ۽ قرآن پاڪ، حديثن جي ڪتابن ۾ پڻ
ڪائنات جي پيدائش بابت هيٺين ڳالهه بيان ٿيل آهي.
ڪائنات جي پيدائش:
پهرين زمين جو مادو ٺهيو، اڃا زمين جي موجوده هيئت
ڪانه ٺهي هئي ته آسمان جو مادو ٺهيو، جيڪو دونهين
جي شڪل ۾ هو. ان کانپوءِ زمين کي موجوده هيئت ۾
پکيڙيو ويو. پوءِ زمين تي جبل ۽ وڻ وغيره پيدا ڪيا
ويا. پوءِ آسمان جي دونهين واري مادي مان ست آسمان
بنايا ويا. مديني جا يَهُوذِي حضور جن صلي الله
عليہ وآلہ وسلم جي خدمت ۾ آيا آسمانن ۽ زمين جي
پئدائش متعلق سوال ڪيائون. حضور صلي الله عليہ
وآلہ وسلم جن ارشاد فرمايو ته الله تعاليٰ زمين کي
آچر ۽ سومر ڏينهن پئدا فرمايو، جبل ۽ ان ۾ جيڪي
معدنيات وغيره آهي ان کي اڱاري جي ڏينهن وڻ،
پاڻيءَ جا چشما، شهر، عمارتون ۽ ويران ميدان اربع
جي ڏينهن پئدا ڪيا. اهي ڪل چار ڏينهن ٿيا. اڳتي
پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وآلہ وسلم فرمايو ته خميس
جي ڏينهن الله تعاليٰ آسمان ٺاهيا ۽ جمع جي ڏينهن
سِتارا، سج، چنڊ ۽ ملائڪ، جمع جي ڏينهن ۾ اڃا ٽي
ساعتون باقي هُيون جڏهن اُهي پُوريُون ٿيون تڏهن
انهن مان ٻِي ساعت ۾ آفتون ۽ مصيبتون جيڪي هر شيءِ
تي اچڻ واريون آهن پيدا فرمايون آخري ٽين ساعت ۾
حضرت آدم عليہ السلام کي پيدا فرمايو.
(الحديث بطوطه اِبن ڪَثير)
صحيح مسلم جي هڪ حديث ۾ حضرت ابوهريره کان روايت
آهي ته هِن جهان جي پئدائش جي ابتدا ڇنڇر جي ڏينهن
کان ٿي.
جيڪڏهن اها ڳالهه مڃجي ته ان حساب سان آسمان ۽
زمين جي تخليق جو سُتن ڏينهن ۾ هُجڻ معلوم ٿئي ٿو،
پر قرآن پاڪ ۾ ڪائنات جي تخليق جو هُجڻ معلوم ٿئي
ٿو. پر قرآن پاڪ ۾ ڪائنات جي تخليق جو هُجڻ ڇهن
ڏينهن ۾ صراحاً مذڪور آهي.
ترجمو: ”اسان پيدا ڪيو آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي
ڪجهه انهن ۾ آهي ڇَهن ڏينهن ۾ ۽ اسانکي ڪا ٿڪاوٽ
پيش ڪونه آئي.!
اِبنٻ ڪثير چوي ٿو ته ابوهريره رضه ڪعب بن اخبار
جي حوالي سان اها روايت نقل ڪئي آهي. رسول ڪريم
صلي الله عليه وآله وسلم جن جو ارشاد نه آهي ۽
فرمايائين ته اهو ئي صحيح آهي جيڪو قرآن ٻڌايو
آهي. ”(ابن ڪثير صفحه 94 جلد 04)“ قرآن پاڪ جي
متعدد آيتن مان معلوم ٿئي ٿو ته زمين، آسمان جي
ٺهڻ کانپوءِ ٺهي، زمين جون مُڪمل ضرورتون پُوريون
ٿيون ۾ اُتي جِن ۾ شيطان رهڻ لڳا، ان کانپوءِ حضرت
آدم عليہ السلام کي موڪليو ويو. انسان جسم ۽ روح
جو مرڪب آهي. جسم فاني آهي جڏهن ته روح ازل کان
آهي ۽ ابد تائين رهندو. انسان جي پيدائش، روح جي
پيدائش يا شروعات نه آهي ۽ اهڙيءَ ئي طرح موت روح
جو موت يا پُڄاڻي نه آهي. جڏهن الله پاڪ ڪائنات
خلقي هئي ۽ اڃا تائين انسان جو جسم تخليق نه ڪيو
هُئائين تڏهن به روح عالم ارواح ۾ موجود هئا. موت
انسان جي جسم جي فنا ٿيڻ جو نالو آهي، جسم جي فنا
ٿيڻ سان روح فنا نه ٿو ٿئي ۽ اهو جسم جي فنا ٿيڻ
کانپوءِ عالم ارواح واپس وڃي آرامي ٿئي ٿو. اصل
اهميت روح کي آهي.
روح رب ڪريم جي امر هيٺ آهي. ڀٽائي صاحب تقدير جي
مسئلي تي اهڙو ته سگهارو قلم کنيو آهي، جو سنڌ اڃا
تائين اهڙو ڪو ناميارو عالم، شاعر، مفڪر يا ڪو اهل
ڪتاب انسان پيدا نه ڪري سگهي آهي ۽ اسان سنڌي قوم
کي ان تي تاقيامت فخر رهندو. ڀٽائيءَ جو ڪلام هر
فقير توڙي شاهوڪار، ڳوٺاڻي توڙي شهري پڙهيل توڙي
اڻ پڙهيل، هندو توڙي مسلمان کي ان لاءِ وڻي ٿو جو
ڀٽائي صاحب پنهنجي ڪلام ۾ زندگيءَ جي اعليٰ اصولن
کي چمڪايو آهي ۽ انساني زندگي، انسانذات جي منزل
بابت عالمگير نظريا قائم ڪيا آهن.
سُرمارئي ۾ انساني تقدير جو ذڪر:
شاهه سائين جو سُر مارئي انساني تقدير جو ڄڻ ته
آئينو آهي، جنهن ۾ ڀٽائي صاحب انساني تقدير کي
اهڙو ته چٽو ۽ شفاف انداز ۾ بيان ڪيو آهي جو ان کي
پڙهڻ سان اندر مان واه واه! نڪري ٿي وڃي ۽ ڄڻ
تقدير جا اولڙا اُن آئيني مان نڪري ڪري انساني
اکين اڳيان پيا چمڪن.
بيت 1:
اول نام الله جو، مڙنئون مٿاهون،
ڪيئن ڪري قبوليان، عُمر کي آئون،
رازق رضائون، مون مٿي تي مڃيون.
تشريح: بيشڪ سڀ کان اڳ الله تعاليٰ جو ۽ سندس ذات
جو نالو آهي. اهوئي سڀني شين کان بلند ۽ بالا آهي،
آئون عمر کي جيڪو مونکي زوريءَ ڪوٽ ۾ کڻي آيو آهي.
ڪهڙيءَ ريت ۽ ڇو ان کي پنهنجو گهوٽ ڪري قبوليان؟
آئون هُن پنهنجي مالڪ رزاق جي رضا جو اَمرُ اڳيئي
عالم ارواح ۾ مڃي چُڪي آهيان، جنهن مطابق مُنهنجو
سڱ مُنهنجي مائٽن ۾ ٿيل آهي.
بيت 2: نَڪا ڪُن فَيڪون هُئي، نڪو مورت ماهه،
نڪا سُڌ ثواب جي، نڪو غرض
گناهه،
هيڪائي هيڪ هئي، وحدانيت واهه،
لکيائين لطيف چئي، اُت ڳُجهاندر ڳاهه،
اکين ۽ ارواح، سائِي ساڃاهه سومرا.
تشريح: الله تعاليٰ اڃا پنهنجو فرمان ’ڪُن‘ يعني
ٿيءُ ته ٿي پوي ٿي ٿو. ’فَيَڪُون‘ جاري نه ڪيو هو.
۽ جڏهن چنڊ وغيره ٻي آسماني مخلوق جو نقشو ئي ڪو
نه جُڙيو هو، ثواب ۽ گناهه به موجود ڪونه هو. فقط
پاڻ الله جي وحدانيت ۽ هيڪڙائي هُئي. عبداللطيف رح
چوي ٿو ته اوڏيءَ مهل اهو ’رازدان جو رازُ
رکيائين‘ جو مُون مارئيءَ کي پنهنجي مارُو سان نيڪ
۽ سچائيءَ واري ساڃاهه ڏنائين.
بيت 3:
نڪا ڪُن فيڪون هُئي، نڪو لِڱُ لَحَمُ،
بنيو هو نه بت ۾، اڃا ڪو آدم،
مُوم ماروءَ سين سَڱ، سو ئي آهي سومرا.
تشريح: اڃا ڪُن فيڪون جو آواز ئي ڪونه هو، نه وري
ڪنهن انسان جسم يا انساني تخليق جو آغاز ٿيو هو ۽
سومرا سردار انهيءَ گهڙيءَ کان منهنجو تعلق يا
ناتو منهنجي محبوب ماروءَ سان قائم ٿي چڪو هو. اها
محبت هن ظاهري جهان جي تخليق کان اڳ جي آهي.
مولانا رومي چوي ٿو ته ’ڪُن فيڪون‘ جي حڪم آڏو سڀ
جهُڪن ٿا ۽ اهو حڪم مڪان ۽ لامڪان ۾ هرهنڌ لاڳو
آهي.
بيت 4:
قسمت قيد قويءَ، نا ته ڪير اچي هِن ڪوٽ ۾،
آڻي لکيي لوح جي، هنڌ ڏيکاريُم هيءَ،
پرچي ڪِينَ پنوهاريءَ، جان جُسو ۽ جِيءَ،
راجا راضي ٿيءُ، ته مارُن ملي مارئي.
تشريح: مارئي چوي ٿي ته قسمت ۾ لکيل قيد يا بندُ
ڏاڍو مضبوط آهي. اُن کان ڪير به بچي نٿو سگهي.
وَرنهَ هِن شاهِي ڪوٽ ۾ ڪير اچي ها؟ اهو لوح قلم
جو لکيو آهي. جنهنڪري مونکي هيءُ هنڌ اچي ڏسڻو پيو
آهي. منهنجو جسم توڙي روح پنهنجي پرينءَ کانسواءِ
حيران ۽ پريشان آهي ۽ اهو ڪڏهن به خوش رهي نٿو
سگهي. اي عُمر بادشاهه تون مهربان ٿيءُ ته مارئي
وڃي پنهنجي مائٽن سان ملي.
بيت 5:
قيدُالماءَ ڪَهَن جو، سو مُون پاند پيو،
جَفَ القَلم بِما هُو کائن، وَهي قَلم ويو،
ايُ قَضا ڪم ڪيو. جيئن ٿَرِ مارُو آئون ماڙئين.
تشريح: مارئي چوي ٿي ته جنهن کي داڻي پاڻيءَ جو
قيد ٿا چون منهنجي نصيب ۾ اهو ئي هو، تڏهن ته عُمر
جي قيد ۾ آئي آهيان. قلم سُڪي ويو اُن وقت جيڪي
ڪجهه اُن لکيو. ”جيڪي لکيائين سو لکيائين ۽ پوءِ
خشڪ ٿي ويو.“ تقدير جي قلم منهنجي لاءِ هي قيد لکي
ڇڏيو آهي. هيءُ سڄو معاملو خدا جي حڪم موجب آهي،
جو اڄ آئون هِتي عُمر جي ماڙين ۾ قيد آهيان ۽
منهنجا مائٽ هُتي ٿر ۾ پريشان آهن (جَف القَلم
عربي مقولو آهي)
بيت 6:
قيدُالماءِ ٿيومِ، هِتِ اَڙانگِي گهاريان،
هُنَاڪَ جِسمي وَاَلفَوادَ لَدَيڪُم، هنيون هُتِ
سندوم،
قادرُ شال ڪندومِ، ميڙائو سينَ مارُئين.
تشريح: مارئي چوي ٿي ته هي داڻي پاڻيءَ جو قيد
آهي. ”جتي داڻو پاڻي نصيب ۾ هوندو اَوَس اُتي ئي
گهارڻو پوندو.“
جنهنڪري مُونکي هيءُ ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پيا آهن. هتي
هتي فقط منهنجو جسم آهي باقي منهنجي دل هُتي آهي.
عربي مقولي موجب منهنجو روح مارُن وٽ آهي.
بيت7:
وطن مُون ملير، قَضا آنديسِ ڪوٽ ۾،
چانڪِ پيئندس پرينءَ سين، پائر جو پنيرُ،
هاڃا ڪيو هَمير، باالله نئي ٿو بند ۾.
تشريح: منهنجو ملڪ ملير آهي. توڙي جو قسمت مونکي
عُمر بادشاهه جي ڪوٽ ۾ آڻي قابو ڪيو آهي. منهنجي
دل ۾ هر وقت اهائي تمنا پلجِي رهي آهي ته آئون
پنهنجي پرينءَ سان گڏجي پنهنجي ديس پائر ۾ وڃي
پنير وارو پاڻي پئان، پَر عُمرَ جهڙو اَمير
مُونسان نسورو ناحق پيو ڪري ۽ الله جو قسم ته هُو
مونکي زوريءَ بند ۾ پيو رکي.
بيت 8:
اُنهين جو اَڀاڳُ، ڪونهي قادر ڪو ٻيو،
قُل لَن يُصيبُنا اِلا ماکتبَ الله لَناهُو
مولانا، اِيءُ معذرت ماڳ،
سَڀوئي سَڀاڳُ، مارئيءَ مَساوِي ٿيو.
تشريح: هر ڪنهن جو پنهنجو اَڀاڳ يا ڀاڳُ آهي، باقي
قادر سڀ ڪجهه ڪرڻ وارو ساڳيو آهي، ٻيو ڪونهي. قرآن
جي آيت ترجمو: چئو اي پيغمبر! ته جيڪي الله اسان
لاءِ لکيو آهي. ان کانسواءِ اسان کي ٻيو ڪجهه به
ملي نٿو سگهي ۽ هُو اسان جو مولا آهي، گويا هِيءَ
دنيا عُذر قبول ڪرڻ جي جاءِ آهي. اهو اَڀاڳ به
سَڀُ سڀاڳُ آهي، مارئي لاءِ اِهي ٻئي برابر يا
هڪجهڙا آهن.
مارئي لاءِ اِهي ٻئي برابر يا هڪجهڙا آهن.
بيت 9:
نه سو ڪاغذ قلم هو، نه هُئي مُوران مَسُ،
لکڻ واري لکيو، ناهي ويچاري وَسُ،
ايءَ پنوهار عَجب پَسُ، اُڻَ ڏِٺا پاڙي انگڙا.
وائي:
آئون مارو جي آهيان، مُون ماروُ جو آسرو،
مارو مُون نه ڇڏيندو.
ميڙو ٿيندو مومنين، قَضا پاڻ ڪَريندو،
اتي ملير ڄايُون، سڀ نوازي نيندو،
والي ٿي وڳ جو، هِئائين هَلندو،
ڪوٺي ڪوثر ڪنڌئين، پاڻي پياريندو.
تشريح: مارئي چوي ٿي ته آئون ماروُ جي آهيان،
منهنجو آڌار ۽ آسرو اُهوئي آهي. مونکي اميد آهي ته
هُو ڪڏهن به مونکي ڇڏي نه ويندو جتي ايمان وارا گڏ
ٿيندا ته هُو پاڻ فيصلو ۽ نياءُ ڪندو. اُتي هُو
سڀني ملير جي رهواسين کي سُرخرو ۽ سرفراز ڪندو،
اُهوئي سموري ساٿ جو سرواڻ ٿي رهبري ڪندو، هُو پاڻ
ئي ڪوثر يعني جنت جي نهر جي ڪناري تي جام
پياريندو. هتي لفظ قَضا بابت اها ڳالهه لکندو هلان
ته قَضا جي معنيٰ آهي پڌرو ڪرڻ، انصاف، عدالت،
نياءُ.
سُر سُهڻيءَ ۾ تقدير جو ذڪر:
ڀٽائي رح جي سُورمِي سهڻي اُها سُورمي آهي جنهن کي
سَڀني سُورمين کان وڌيڪ فضيلت حاصل آهي. ڀٽائي
صاحب سُهڻيءَ جي تقدير لاءِ سندس لکيو ميهار سان
جائز ڄاڻايو آهي ۽ سندس مُڙس ڏم لاءِ چيو آهي ته
ڪوڙهيو ڏَمُ ڪُوڙو، مُون ميهارُ ئي مَن ۾.
ڀٽائي جي فڪر ۾ تقدير بابت بيت:
1- اَلست اَرواحن کي، جڏهن چيائون جيئن،
قالو بليٰ قلب ۾، ٿيو تَفاءُل تيئن،
مَحبتي ميهار جي آئون نهوڙي نينيهن،
سَرتيون ساهڙ سينءَ، هَلڻ مون حق ٿيو.
تشريح: مالڪ حقيقي جڏهن روحن سان اَلست جو خطاب
ڪيو تڏهن ئي منهنجي دل ۾ قالو بليٰ هائو ”تون
منهنجو مالڪ آهين“ واري فال مون لاءِ نڪتي. تڏهن
کان وٺي ميهار جي محبت مونکي قابو ڪري ڇڏيو آهي.
او! سرتيون تڏهن ته ساهڙ سان نڀائڻ مون لاءِ حق سچ
آهي.
2- اَلست اَرواحن کي، جڏهن اَمرڪيو اَحَدَ،
مومن ڪاڍو ميهار ڏي، سُهڻي سِڪڻ سڌ،
دلو دور درياءَ جي، ڪيو ارادي اَڌُ،
جيڪي آيس ڏُونہ عدد، سو پاڙي مُنڌ پاتار ۾.
تشريح: الله جي ذات جڏهن روحن کي الست جو حڪم
فرمايو تڏهن کان وٺي سُهڻيءَ جي نظر ۾ ميهار جي
ڪَشش پيدا ٿي ۽ سِڪڻ جي سَڌ ۾ سوگهي ٿي وئي، ليڪن
درياءَ جي زور دلي کي تقدير موجب ٻه اڌ ڪري ڇڏيو.
”هوء ڇا ڪري“ هن جي قسمت ۾ جيئن لکيل هو تيئن ان
جي پورائي هُن کي اونهي پاڻيءَ ۾ ڪرڻي پئي.
3- اڳي ان تَڙان، ويندي مون وَرهيه ٿيا،
قَضا آنديس ڪُن ۾، گهرائي گهران،
جڏهن پورا ٿيا پَريان، تڏهن تانگهو ئي تارُ ٿيو.
4- نه ڪاني نه ڪانه، نڪو ڏوهه قلم جو،
انگ اُتي ئي لکيو، جت ٻئي جي رَسي نه ٻانهن،
ڪنهن کي ڏيان دانهن، جيئن قضا قلم وهايو.
5- ڪير ڪُن آئون ڪير، ڪير ڏمر سهي ڏم جا،
قضاريءَ ڪير ڌَري، مٿي پاڻيءَ پيرُ،
ڀينر ڀنيءَ وير، لِڌو تي ٿي لوڙيان.
6- ٻيون سڀ گهڙن ڏينهن، هيءَ روئي ۽ راتيان گهڙي،
وه پيو واهڙَ تري، ڪي نهاڻي نينہ،
ميڙائي جا مينهن، ويچاريءَ وَسائيا.
7- چٽايوم چَئي، عشق پئي غميق جي،
آڻي رکيم آب تي، مَٿي ڪُن ڪَهي،
لَهرين منجهه لطيف چئي، پُرزا ٿيو پَئي،
سُپڪ هو صحي، پر ڪرم کڻي ڪچو ڪيو.
8-ڪو جو وريو واءَ، واسُ وَٿاڻن مَٽيو،
ساهُڙَ مٿان ساههُ، گهوريو گهوريان جندڙو.
9- ڪوجو وريو واءَ، جيئن ٻَرُ ٻانهن ڇڏيو،
اڳي ان تڙان، اونداهيائين اُڪران.
10- قلم وَس ڪريم جي. هُيس جي آئون،
ته ڪيم هوند دانهُون، وجهي مٽي مُنهن ۾.
11- قلم وس ڪريم جي، لُولَٽ لک ڪيام،
ميٽڻ مُون نه ٿيام، انگَ ورائي اڳيان.
12- پَڪا رَڇ ڪُنڀارَ جا، پَڪي نهائين،
مونکي تِئائين، ڀيلو ڀاڱي آئيو.
13- توڏيءَ کي تقديرَ، آڻي اونهي گهِيڙيو،
اصل اُتان اُن جو، کنيو هو خَنبيرُ، خَمير،
ڪيو جو قديرَ، سوئي ٿِي سَهي سُهڻي.
14- آئون جا ڄاڻان ائين، ته جَرَ گهڙي جوکو ٿئي،
قضا جا ڪريم جي، تنهن کان ڪنڌ ڪڍبو ڪيئن،
هڪ لکيي ٻيو نينهن، آڻي اوليس اول ۾.
15- تران لئه طَعني، مٿي وَه واڪا ڪِيو،
آڻي وڌيس آر۾، دَرياءَ ديواني.
قَلم جي ڪاني، آڻي اولَيس اول ۾.
16- قضا قلم وَهائيو، نه ته اڳ آئون سِياڻي،
پاڻان پَليس ڪيترو، ڏَمَ ڏينهاڻِي،
اڳهين منهنجي انگ ۾ لکيو هو پاڻي،
تيلانهين ڄاڻين، ڪِران ڪُنن وچ ۾.
سُرسسئيءَ ۾ تقدير جو ذڪر:
سنڌ جي لوڪ داستانن ۾ سُگهڙن ۽ سالڪن وٽ اها ڳالهه
عام مشهور آهي ته شاهه سائينءَ جون ٽي سُورميون.
مارئي، سُهڻي ۽ سسئي اُهي عورتون آهن، جيڪي تقدير
جُون ڪُٺل آهن. انهن سگهڙن ۾ نڙ بيت جو مشهور سگهڙ
شاعر گنهور فقير ڏيٿو (مرحوم)، محمد عمر بروهي
(مرحوم) گودڙ فقير، جڏهن نڙ بيت تي انهن ٽنهي
سُورمين جا قصا ڳائيندا هئا ته ڇُٽي فقير جي حوالي
سان اها ڳالهه ڪندا هئا ته ڇُٽو فقير شهدادپور
علائقي جو هو ۽ سهڻيءَ جو مُرشد هو. سَاهَڙُ
”ميهار جو وٿاڻ ميان ڇُٽي جي پتڻ لڳ هو ۽ ڇُٽو
فقير درياء ۾ مُصلو وڇائي نماز پڙهندو هو ۽ سُهڻي
دلي تي درياءَ تري ميهار سان ملڻ ويندي هئي.
اهڙيءَ ڀُل لاءِ ڇُٽي فقير سُهڻيءَ کي هدايت ڪئي
هئي ۽ ڇينڀيو هُئائين. سنڌ ۾ سُهڻيءَ پنهنجي مرشد
کي جواب ۾ جيڪو بيت چيو هو اُهو عام طور ڀٽائيءَ
جي نالي سان مشهور ٿيو، پر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
لوڪ ادب جي مشهور ڪتاب ’مناظرا‘ ۾ اها ڳالهه لکي
آهي ته اهو بيت شاهه سائينءَ جو نه آهي پر سنڌ جي
ڪنهن اڪابر سُگهڙ جو ڀانئجي ٿو جنهن ۾ سهڻيءَ کي
تقدير جي ڪُٺل ڪري ڄاڻايو ويو آهي ۽ اُهو بيت هيٺ
لکجي ٿو.
ڇينڀ نه ڇُٽا مُئيءَ کي، پُل نه مونکي پيرَ،
تون ٿو نيو نمازون پڙهين، ان ساهُو مَٿي سير،
(سَاهُو معنيٰ وڏو درياء)
ڪُٺيون جي تقدير، سي گهر گهارينديُون ڪيترو.
ساڳيءَ طرح جڏهن سسئيءَ جو قصو فقير خان محمد شيخ،
گنهوار فقير ڏيٿو، محمد عمر بروهي ۽ گودڙيو فقير
ڳائيندا هئا ته اُهي سسئيءَ کي به تقدير جي ڪُٺل
عورت ڪري پيش ڪندا هئا ۽ ڀٽائيءَ جي مشهور بيت سان
قصي جي شروعات ڪندا هئا. جنهن ۾ سسئيءَ جي تقدير
جو ذڪر سمايل آهي.
سِرجي تان سُورَ، سامائي ته سک ويا،
اُهي ٻئي پُورَ، سناڻيءَ نصيب ٿيا.
ڀٽائي صاحب سسئي لاءِ سڄا سارا پنج سُر ڳايا آهن،
سسئي آبري، معذوري، ديسي، ڪوهياري ۽ حُسيني شامل
آهن. انهن سڀني سُرن مان چونڊ ڪري اختصار طور هِتي
اُهي بيت ڏجن ٿا جن ۾ سسئيءَ جي تقدير جو ذڪر
سمايل آهي.
1- وَڏا وَڻَ وڻڪار جا، جِت چِٻُون ۽ چِيها،
منزل دور من تنها، اوت ٻولن ٻاٻيها،
رائي پيرَ رت ڪيا، لڳي لُکَ ڏينها،
لکيئي جُون لِيها، لوڙيان ٿي لَڪن ۾.
2- ڀَڄي جان ڀنڀور کان، ڏُونگرُ ڏوريو مُون،
ڪاهي رَسيس ڪيچَ کي، جِتي پاڻ پُنهون،
سَڀت آهين تون، قضا ڪندين ڪن سين.
هن بيت جي تشريح لکڻ واجب سمجهان ٿو.
تشريح: سسئي چوي ٿي ته آئون ڀنڀور کان
ڀَڄي نِڪتيس ۽ ڪيترا سارا جبل جهاڳيمِ آخر اچي
پنهونءَ جي ديس ڪيچ پُهتي آهيان جت هُو پاڻ آهي.
تڏهن خبر پئي سُڀ ڪجهه ڪندڙ“ (هرهنڌ ۽ هرجاءِ تون
پاڻ آهين. آئون عجب ۾ آهيان ته پوءِ تون ڪهڙو
انصاف ڪندين، ڪنهن کي ڏوهه ڏيندين ۽ ڪنهن کي سزا
ڏيندين؟
3- دوست ڏٺائين دِل سين، وِرچي تا نهَ وِهي،
لانچُو لَڪَ لطيف چَئي، پَهڻن منجهه پِهي.
سندي نينهن نِهي، ڪِي سرفرازُ سسئي.
4- ڄاڻي جي ڄاتوم، ته پوندو فلڪَ فراق جو.
اکر ارادت جو، ڌُريان ئِي ڌوتومِ،
پوءِ تان ڪونه ڪِيوم، هُوند ڪشالو ڪيچ ڏي.
5- ڏکيءَ ڏورڻ پاڻ تي، ويچاريءَ وِڌو،
ڏيل تنهنجو ڏُک سين، سَڀوئي سِڌو،
هُئڙس اڳ لِڌو، پوءِ ٿي ڪري پنڌڙا. (معذوري)
6- ڇَپر اوتارا ڪري، ماڻيائين مَزا،
پَرٽ کي پَٻَ ۾ ڪاريو پنڌ قَضا،
وَسُ نه ويچاريءَ جو، جيڪا رب رَضا،
مٿان جان جَزا، لاٿائين لطيف چئي.
7- توڙي وِلاڙُون ڪَرين، توڙي هَلين وِکَ،
لِکيئي منجهان لک، ذرو ضايع نه ٿِئي.
8- لکيو جون راڙ، سوانگُ ڪِياڙيءَ نه ٿِئي،
پاڙيو ويٺي پاڙ، جيڪين لکيو لوح ۾،
9- جتي جيتريُون، لِکيون لوح قلم ۾،
تتي تيتريُون، گهَڙيون گهارڻ آئيون.
10- ڏاگهن ڏيرن ڏونگرن، ڏُکن آئون ڏَڌِي،
پُڇان پير پنهونءَ جو، وجهان وِکَ وڏي،
لکيي آئون لَڌي، نا ته پَٽِن ڪيرُ پنڌ ڪري. (ديسي)
11- ڇا جي ڏنگا ڏير، منهنجو ڏينهن ڏِنگو مَ ٿِئي،
اُٺن اوٺيئڙَن جي، ڇا وَهيڻو ويرُ،
هيءَ ڪميڻي ڪير، جا اَمُر کي آڏِي ڦري.
12- جڏهن ڪُن فيڪون، تَڏ نيو آرياڻيءَ اَرواحُ،
انگ اڳهين لکيو، منهنجو ميثاقاههُ،
من طلب شيئا وَجَدڊ وجَدَ، اُتو علي شاهه،
اڃا ان حديث جو، آسرو مُون آههِ،
پنهونءَ جي پيزار تان، مُنهنجو موتُ مُباح،
سرتيون دعا ڪجاه، مانَ ميڙائو مون ٿئي.
13- جيئن سو هرڻ هُماء، سَرگردان سنسار ۾،
پَک نه کوڙي پٽئين، ڌر سر ڌري نه ساهه،
جيڪُسِ تِنہ مُلاء، سسئيءَ سُور پرائيا،
14- نڪا طلب طعام جي، نَڪا بُک نه اُڃَ،
اَصل اَباڻي ڏيجَ تي، ساري ڏٺيم سُڃ،
رائو رُلڻ رُڃَ، ڪميڻيءَ قوُتُ ٿِيو.
تشريح بيت 14- سسئي چوي ٿي ته مونکي کاڌي پيتي جي
ڪابه خوهش نه آهي بلڪ ڪنهن به قسم جي اڃ بُک نه
اٿم. اهو اُنڪري جو اَباڻن جي ڏنل ڏاج ۾ منهنجي
قسمت ۾ رُڳي سُڃَ ئي سُڃ لکيل هئي. مطلب ته رِڻن
جارولا ۽ اڃ بُک مون نيج عورت لاءِ کاڄ ۽ طعام
آهن. ”مونکي نصيب ۾ کائڻ لاءِ اهي ئي مليا آهن.“
بيت ۾ 14: بيت جي ٻِي سِٽ ڊاڪٽر بلوچ صاحب واري
رسالي جي ترتيب سان لِکي وئي آهي. جڏهن ته ٻين
رسالن ۾ اها سِٽُ هيٺين ريت لکيل آهي. ”اصل اباڻي
ڏيهه تي، ساري ڏٺيم سُڃَ.“
بلوچ صاحب واري ڏنل سِٽ سان هن بيت ۾ سسئي جي
تقدير ۾ مائٽن طرفان ڏنل ڏاج ۾ رُڳي سُڃَ ئي سُڃ
اها نشاندهي ڪري ٿي ته سسئي جي قسمت ۾ ڏک ۽ مصبتون
ازل کان لکيل هُيون.
بيت 15:
جيڪُس آئون نه تيئن، جيئن پريتڻون پِرينءَ سين.
جي ٻَڌي سُتيس سوگهو، ڇلور ڇاتيءَ سينءَ،
ته ڪيچي ڪاهي ڪرهيا، مونکان وڃن ڪيئن،
ڏوهه منهنجي ڏينہ، نا ته گهڻو سٻاجها سپرين.
وائي:
منهنجي شهر ڀنڀور ۾، گِلا ڪامَ ڪري،
لکيو تان نه ٽري، ٻَڙي جيڏيون، گلاڪام ڪري.
جو سينگار سَرتيئن، سو مُون ناه ڳَري،
جهڙي تهڙي حال سين، وڃان پير ڀري.
جنهن وڻ ويهي هليا، سڄڻ سانگُ ڪري،
لامُون تنهن وڻَ سنديون، لوڏي لايان ڳُري،
قضا جا ڪريم جي، ڪنهن تان ڪين ٽري،
جيڪين لکيو لوح ۾، پاريان سو پَري.
تشريح: سسئي چوي ٿي ته اڙي جيڏيون! اوسَرتيون!
ڀنڀور جي شهر ۾ منهنجي ڪا برائي نه ڪري (مونکي
ڏوهه نه ڏيو مهڻا ۽ طعنا نه هڻو) اهو سڀ ڪجهه
منهنجي لکيي ۽ نصيب ۾ هو. ۽ جيڪو لکيل هوندو آهي
اُهو ٽَرِي نه سگهندو آهي. (آئون ڇا ڪريان؟)
منهنجي سرتين کي جيڪو سونهي ٿو (اُهي گهرن ۽ وَرَن
واريون آهن) سو منهنجي ڀاڳ ۾ ڪونهي. مان ڪيئن به
هُجان (ڪيڏي به اَڀاڳي ڇو نه هُجان) پر هرحال ۾
محبوب ڏانهن وينديس. منهنجا سڄڻ سفر ۾ جنهن وڻ هيٺ
آرام ڪري وري اُٿي هليا آئون اُن وڻ جي هَر ٽاريءَ
کي (آسيس خاطر ڳچيءَ ڳَل لائينديس) (چُمنديسَ)
بيشڪ قادر جي مُقرر قضا ڪنهن تان به ڪانه ٿي ٽري ۽
جيڪي لوح قلم ۾ لکيل آهي اُهو ضرور پورو ٿيڻو آهي.
شهنشاهه لطيف جي سُر ڪوهياريءَ ۾ تقدير وارا بيت
هيٺ ڏجن ٿا.
(1) ڏونگر مُون سين رو، ڪڍي پار ٻنهونءَ جا،
سَڄڻ هُئومِ هيڪڙو، وئو ڦوڙائي سو،
جَفَ القَلم بِما هُو کائِنُ، وَهي قلم وئو،
ڪنهن کي ڏيان ڏوهه، مون سين ايرادي ائين ڪيو.
(2) ڏونگر تُون ڏاڍو، ڏاڍا ڏاڍايُون ڪرين،
مون تن اندر تيئن وَهي، جيئن وَڻُ وڍي واڍو،
ايءُ ڪرم جو ڪاڍو، نا ته پَٿرِ ڪير پنڌ ڪري.
(3) سُمهو ڪيم سرتيون، جيڏيُون ڙي جاڳو،
هلڻ جو هُل ٿيو، سَنڀُوڙو ساڳو،
ڏيندي سُنگُ سڀڪا، لڪ مٿي لاڳو،
اديون اوجاڳو، ڀينر مُون ڀاڱي پيو.
(4) ڪنهن پَر روئان پرينءَ کي، پار نه ڄاڻان پير،
ڀَنَڻُ مُون ڀيڙو ٿيو، سُرن لايو سَير،
آري لئه اُلير، رقص ڀاڱي رَن جي.
سُر حُسينيءَ ۾ تقدير وارا بيت
(1) هُو جي سُور سُڄن، سي مون پينگهي ۾ پرائيا،
سانڍياس سُکن، سُورنِ ڪارڻ سَرتيون.
(2) پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي هَلي هيڪا ندِي،
سسئيءَ جي سِڙيءَ سين، ڪيچ ڌني ڪا نڌي،
لکيئي مُنڌَ لطيف چئي، ارادي آندِي،
پنهونءَ پيراندي، نماڻيءَ نصيب ٿِي.
(3) سِرجي تان سُورَ، ساماڻِي تان سُک ويا،
اِهي ٻَئي پُورَ، نماڻيءَ نصيب ٿيا.
(4) مونهان مَهند ٿيا، سُورن ٻڌا سندرا،
ڏور ته ڏوريون اُنکي، وندُر جي وِئا،
سيڻ منهنجا سرتيون، قضا هي ڪئا،
اَڙيسِ آر:اڻيءَ سين، ڪوه ڄاڻان ڪِئا،
ڪنديسِ ڪين ٻيا، هوت مَٽائي اڳيان.
(5) سُورن سانڍياسِ، پُورَن پالي آهيان،
سُکن جي سيد چئي، پُکي آئون نه پياس،
جيڪُس آءُ هُياس، گُري گُوندرِ وَلِ جي.
سُر ليلان ۾ تقدير وارا بيت:
(1) ڪَل نه پيم ڪا، ته ڪي ڌِڪيندُم داسڙو،
نڪي مٽيائين دِلڙي نَڪي مَٽيائين ساءَ،
انگ اڳهين لکيو. منهنجو ميثا قاه،
وڏائيءَ جو واءُ، ڪانڌ ڪنهن جو نه سَهي.
(2) مڻئي اُتي موهجي، چريو چت ٿيو،
هارُ کڻي هوڏ مان، ڪُڄاڙو سَريوءِ،
اڳهين انگ ونگوءِ، آئيي ڏَنءُ ڏهاڳَ جو،
(3) ليلان لکايو، ڀوري مَت ڀاڳُ ويو،
وَالله عليٰ کُل شيءِ قدير، ڪنهن جو ڪونهي ڏوهه،
انگ اڳهين لکيو، پوءِ آيئي ڏَنءُ ڏُهاڳَ جو.
(4) ڪونروءَ کي ڪوهه چَوان، ڏوههُ منهنجي ڏينهن،
ڦوڙائي فِراق جا، مُون سِر وَسن مينهن،
ڪيس نماڻي نينهن، دليان وَڻيمُ داسڙو.
(5) لوڌيس هن لهور مان، سُڻيو ڳالهه سَهي،
لآ اِلٰہ اِلا الله کان، ڪيئي محمدصه،
سو ورهيه سجدا ڪري، پُنس اِتي ئي،
ته اکر اهوئي، ڊاهيندي ڊَهي پيس.
(6) ڊاهيندي ڊَهي پيس، ورَ وڌو مون ويرُ،
وَما خَلقتُ الجِن
والانس اِلا لَيعبدون، سڀ ڌوتم پير،
اڄ ڪاڻياري ڪير، متان ڪا مون جهري ٿئي.
(7) مون جهڙي متان ٿِئي، ڏسو ايءُ ڏُهاڳ،
دوست دل مٽي ويو، آيو مون اَڀاڳُ،
والله واحِدُ القَهار، سڀ چوڙيا مُون چاڳ،
اَجهو تُون آڳ، وڏو آهين وَلها.
سُر ليلان چنيسر ۾ عالم ارواح، ازَل کان اَبد، آدم
عليہ السلام جو تخليق ٿيڻ، اِبليس جو آدم عليہ
السلام کي سجدو نه ڪرڻ، اِبليس جو بهشت مان تڙجڻ ۽
حضرت آدم عليہ السلام جي خطا ڪرڻ ۽ پوءِ ان تي
پڇتاءُ ڪرڻ جو ذڪر ڀٽائي صاحب هن سُر ۾ ڪيو آهي.
ڀٽائي صاحب هن سُر ۾ تقدير جو ذڪر پڻ ڪيو آهي،
پوءِ ڪٿي اسارن ۾، ڪٿي تمِثيلن ۾ ۽ ڪنايه جي صورت
۾.
ڀٽائي صاحب شاعر ڪونه بڻيو پر هن ڌرتيءَ تي شاعر
بنجي ڄائو هو. سندس جي ڪلام کي پڙهڻ سان اِها خبر
پوي ٿي ته ڀٽائي قرآن شريف جو ڄڻ سنڌيءَ ۾ وڌو
مُفسر آهي ۽ سندس شاعري سنڌيءَ ۾ قرآن پاڪ جو
تفسير آهي.
دنيا جي وڏي ۾ وڏن شاعرن جو شَعر اڪثر خاص طبقي
تاءِ محدود آهي ۽ ان شعر کي علم ۽ عقل کانسواءِ
سمجهڻ شڪل آهي، تمام عالمن وٽ انهيءَ ڳالهه جو
چرچو آهي ته ڀٽائي صاحب دنيا جي مِڙني وَڏن شاعرن
۾ اڪيلو شاعر آهي جنهن جي ڪلام کي عام توڙي خاص
سمجهن ٿا.
سُر آسا ۾ تَقدير وارا بيت ۽ وايُون:
1- وقت جو وڃي، سو قَضا ٿئي ڪِئين،
تا نه گهُرجي تيئن، جا پَر عزازيل جي.
2- حقيقت هن حال جي، ظاهر ڪريان ذري،
لڳي ماٺ مِرُن کي، ڏونگر پون ڏَري،
وَڃن وڻ ٻَڙي، اوڀڙ اڀري ڪين ڪي.
مولانا جلال الدين رومي انهي حقيقت کي هيٺين ريت
بيان ڪيو آهي
سر پنهان اَستِ اندر زيروبم،
فَاش گرگويم جَهان بَرهم زنم.
سمجهاڻي: منهنجي سُرلئي ۾ اهو راز لڪل آهي جنهن کي
جيڪڏهن صاف بيان ڪندسُ ته دنيا درهم بَرهم ٿي
ويندي.
انسان جي سوچ ”هَست ۽ نِيست“ موجود ۽ غير موجود
تاءِ محدو آهي. هو فقط ايستائين سوچي سگهي ٿو
جيستاءِ سندس عقل ڪم ڪري سگهي ٿو. حقيقت ۾ محبوب
جي سُونهن ۽ ان جو جَلوو پَسڻ انسان جي وَس کان
ٻاهر آهي. ڀٽائي چوي ٿو ته:
جتي آهِ نَه ناهِ ڪا، اِي خاڪِيءَ جو خيال،
جانب جو جَمال، پَسڻان پري ٿيو.
وائي:
جيڏيُون آئون ڪا پاڻ وَهيڻي آهيان،
ڪامون سارَ لَهيجا،
واڳ ڌڻين هَٿ ۾، ڪيڏانهن ڪوملُ ڪاهيان،
جيڏانهن وارينمِ سپرين، پير اوڏانِهين پايان،
قَلم ڪاتَب هَٿ ۾، آئون ڪا لِکئي مان لِک لاهيان.
تشريح: اي جيڏيُون! اوسَرتيون! مان پنهنجي وَسَ ۾
ناهيان.
منهنجو حال هيڻو آهي، منهنجي خبر چار لهجو، منهنجي
واڳ ته مالڪن جي هٿ ۾ آهي آئون ڪيڏانهن اُٺ کي
ڪاهينديس بلڪ جنهن طرف منهنجا پرين مونکي وٺي وڃڻ
گهُرن ٿا آئون اُن طرف ئي هلڻ لڳان ٿي. جڏهن قلم
ڪاتب يعني لکڻ واري جي هٿ ۾ آهي ته آئون اُن لکيي
۾ ڪا گهٽتائي يا ڦيرڦار ڪيئن ٿي ڪري سگهان.
وائي:
الله سائين سائين، پُئان مَ پرينئون پَاهِين،
هينئڙي آسرَ اوڏاهين.
وَڏي آسرِ آه اوڏاهين.
جتي ديرو دوست جو، سا ڪيئن ڀُون آڳاهين،
ڀَنڀيُون ڀِري آئيون، آيل مُون اُتاهين،
قَلم جن جي هٿ ۾، سي سيڻ سَٻاجها سائين،
بنديءَ جي باب ۾، شال مَ لکن لائين.
تشريح:
او الله سائين! تُون ئي مالڪ آهين، شل آئون پنهنجي
پرينءَ کان پٺتي رَهجي نه وڃان. اُهوئي منهنجي دل
لاءِ اميد ۽ وڏو آسرو آهي. جتي مُنهنجي محبوب جو
مَڪان آهي اُها جاءِ ڪا پري ۽ پراهين چئبي!
اي امڙ! مُنهنجون هي اکيون ان جاءِ تي گهُمي ڦري
آيون آهن. جتي منهنجو سڄڻ آهي. جنهن جي هٿ ۾ قلم
آهي اُهي منهنجا مهربان سڄڻ ئي ته آهن، شال هن
ٻانهيءَ جي باري ۾ ليکي واري جڳهه (حساب واري هنڌ)
تي ڪا گهٽتائي ۽ ڪَمي نه لکي ڇڏين.
ڪين جو ڪُنڀارن، مِٽيءَ پائي مَنيو،
تِهين مان تَر جيتري، جي خبر پَئي کرن،
هي تان هُوند مرن، هُن اڱڻ اوراتو ٿئي.
(سر رپ)
تشريح:
ڪُنڀارن مٽيءَ کي ڳوهي اُن ۾ جيڪي ڪُجهه (روح) وڌو
تنهن بابت جيڪڏهن دشمن بدخواهن کي ٿوري به ڄاڻ پوي
ته هي سڀ پاڻ مَري پون ۽ هُنن (محبوبن) جي اڱڻ تي
ڏوراپو اَچي وڃي. هن بيت ۾ انسان جي تخليق ۽ سندس
رَقيبَ شيطان ڏانهن اشارو آهي.
شاهه سائين اهڙي ماجرا کي سُر رامڪلي جي هيٺئين
بيت ۾ سموهيو آهي.
ساسِي سيئِي، جي آدما اڳي هئا،
اوريان اورين عام سين، پَريان پَريئي،
تني کي ڏيئي، بادوڃاءِ مَ بِکيا.
سُر راڻو ۾ تقدير جو ذڪر:
راڻو رَنج رکي ويو، هنڌين ڳالهه هُلي،
سُومَل جي سُمهارڻ سان، ويو بخت ڀُلي،
هاڻي ڇا آئون ڇُلي، سوڍي کي سُڻائِيان.
وائي:
مومل صَحي پسندا، راڻا ۽ همير مُومل صَحي پَسندا،
توڻي پڙهيا پير، مومل صحي پَسندا،
مَڃي رضا رب جي، هتان سَڀ هلندا.
اصل لکيو انگ ۾، ٿيندو تان ادا.
ڪُل نفس ذائقه الموت، سَچي ايءَ صَدا.
ڪلمي ساڻ لَڏائين، هادِي هِنَ هنڌا.
سَهُکي سَڪرات ڪَرين، والي وير ودا،
اُهکيءَ وير اَچيج تون، اُتي اَحمدا.
متان ڇڏين مڱڻو، مَهندان مُرشدا.
تشريح:
مُومل (بگڙيل نفس) کي وڏي همت وارا ۽ مير اَمير ئي
سُڃاڻندا (قابو ڪندا) بلڪ جيڪي پڙهي پُرجهي ۽
پُختا قابل ٿيا آهن سي ئي مومل کي صحيح پرکيندا.
هِن جهان ۾ جيڪي آيا آهن سي سَڀ رب جي حڪم موجب
هتان هليا ويندا. جيڪي قادر قسمت ۾ لکي ڇڏيو آهي
اهو ضرور پورو ٿيندو. بيشڪ هَر نفس موت جو ذائقو
چُکندو، اهو آواز سچو ۽ برحق آهي. اي منهنجا هادي!
مونکي هِن جهان مان ڪلمي ساڻ روانو (الوداع) ڪجان،
اي سچا سائين! هن دنيا مان لاڏاڻي وقت سَڪرات
سَوَلِي ڪجان، اي مٺا محبوب مَدني! انهيءَ ڏکيءَ
ويل تُون اچي ساٿي ۽ ساڻي ٿجانءِ، اي منهنجا مرشد
سائين! هن پينار کي پنهنجي در اڳيان متان سَکڻين
هَٿين موٽائي ڇڏين.
سُر سسئي ۾ شاهه سائين سسئيءَ جي واتان پنهنجي
نَصيب، قسمت، قضا ۽ بخت ڦِٽڻ بابت سسئيءَ کي بي
ڏوهي ثابت ڪيو آهي. جنهن جا مثال سسئيءَ جي پنجن
ئي سُرن ۾ ايترا ته اَڻ کُٽ ۽ لاتعداد آهن جن کي
هن مقالي ۾ شامل ڪرڻ طويل مقالو ٿي ويندو، پر باري
جي پرواه ۽ واحد القهار جي تقدير اَڻٽَر لاءِ
ڀٽائي جا ٻه هيٺيان بيت لکڻ واجب آهن.
(1) ڪهڙو ڏوهه ڪَيوم، آريءَ جي آڪاهَ جو،
ذرو ناه جَتَن تي، وَهي قلم ويومِ،
پُنهون پاڻ پيوم، پارسَ اچي پاندَ ۾.
(2) تُون باري تُون بيپرواه، توکي چارو ناهي چوڻ،
ڪنهن کي دم نه بخشين دَمڙي،
ڪنهن کي مايا ڏنئي مڻ،
ڪنهن کي ٻيڪ نه بخشين ٻَڪري جي،
ڪنهن کي ڌڻي ڏنئي ڌڻ،
ڪنهن کي پالين پيو پالڪين ۾، ڪنهن کي پيهائين
پاهَڻ،
تيلاهين تاهَڻ ٿا ڏَڪنِ لڱ لطيف چئي،
مَا اَصابَ مِن مُصَّيبةً الاَ بِاذِن الله.
(سوره التغابن)
ترجمو: ڪابه مُصيبت خدا جي حڪم کانسواءِ نه ٿي
اچي.
ڀٽائي صاحب جا سيکاريل سبق هينئين سان هنڍائڻ
گهُرجن، جيءَ جوکي ۾ وِجهي منزل حاصل ڪرڻ لاءِ
ڏُونگر ڏورڻ گهُرجن، درياء جي دهشت کان ڊڄڻ نه
گهرجي، مُشڪلاتن سان مهاڏو اٽڪائي منزل ڏانهن وڌڻ
گهرجي.
مددي ڪتاب ۽ حوالا:
(1) قرآن مجيد لفظ به لفظ ترجمه چار زبانون مين
مرتب: غلام اصغر ونڊير.
(2) شاهه جو رسالو هٿ اکري.
(3) شاهه جو رسالو بمبئي ڇاپو.
(4) شاهه جو رسالو مرزا قليچ بيگ.
(5) شاهه جو گنج فقيرالهداد جهنجهي.
(6) شاهه جو گنج محمد قاسم راهمون..
(7) شاهه جو رسالو ڊاڪٽر گُربخشاڻي.
(8) شاهه جو رسالو علامه آءِ آءِ قاضي.
(9) شاهه جو رسالو علام غلام مصطفيٰ قاسمي.
(10) شاهه جو رسالو محمد عثمان ڏيپلائي.
(11) شاهه جو رسالو غلام محمد شاهواڻي.
(12) شاهه جو رسالو پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي.
(13) شاهه جو رسالو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ. |