سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3/ 2019ع

باب:

صفحو:7 

ڊاڪٽر رفيق احمد مڱريو

 

 

 

سنڌ جو گمنام صوفي شاعر ۽ گائڪ

پيرل فقير خوشدل

ميان محمد هارون کي اها خبر ڪانه هوندي، ته سندس هيءُ ننڍڙو پٽ، جنهن جو پاڻ پيار مان نالو ’پيارل‘ رکيو هئائين، سو اڳتي هلي هڪ اُڀرندڙ ستارو، صوفي باصفا، سخنور ۽ شاعر، راڳي ويراڳي ۽ مست الست ڪو گَوَيو ٿيندو ۽ دنيا کيس پيرل فقير ’خوشدل‘ جي نالي سان سڃاڻندي. پاڻ اصل کان نيڪ صالح ۽ پيءُ ماءُ جو فرمانبردار ٻار هو، باقي راڳ جي رمز ٻالجتيءَ کان ئي هئس، ڇو ته راڳ سندس رڳ رڳ ۾ رچيل هو، سنجهي کان جو ڳائڻ شروع ڪندو هو ته وڃي پرهه ڦٽي، جنهن ۾ نه رڳو پنهنجو ڪلام، پر اڳين بزرگ شاعرن جو ڪلام به پيش ڪندو هو. سندس رياض ۾ ايڏو ته رس هو، جو ٻڌندڙ سندس گائيڪي ۽ آلاپن تي موهت ٿي پوندا هئا.

ولادت: اپريل جي 12 تاريخ، سن 1882ع تي ميان محمد هارون کي هڪ پٽ ڄائو، جنهن کي ’پيارل‘ سڏيائين، سو شاعري، گائيڪي ۽ فقراهي دنيا ۾’پيرل فقير‘ جي نالي سان مشهور ٿيو. ميان محمد هارون، ذات جو پڙهيار، سندس ڳوٺ واهڙ (تعلقو سيوهڻ ضلعو دادو) هو، سندس شادي تعلقي ڪنڊياري جي تاريخي ڳوٺ ’بازيدپور‘(1) جي مڱريه قبيلي مان ٿي، ان ئي گهر مان پيرل پيدا ٿيو، جيتوڻيڪ ميان محمد هارون کي ٻي گهر واري به هئي، پر ان مان اولاد ڪين ٿيس. پيرل اڃا صغير ئي هو ته، سندس والد کيس يتيم ڪري هن دنيا مان گذاري ويو، پوءِ هن ننڍڙي پيرل کي ڳوٺ جي لڪياري سيدن پاليو. چون ٿا ته، سيد مراد علي شاهه لڪياري(2)، واهڙ وارو سندس ٿڃ شريڪ ڀاءُ هو(3)، پوءِ اها خبر نه ٿي پئجي سگهي ته، مراد علي شاهه سندس ٿڃ شريڪ هو يا پيرل ساڻس ٿڃ شريڪ ٿيو، والله اعلم.

جيتوڻيڪ پيرل ڄائو پڙهيارَ جي گهر ۾، نپنو واهڙي سيدن وٽ ۽ ناناڻا بازيدپورائي مڱريا هئس، انهن مختلف نسبتن هوندي پيرل پاڻ کي ’مڱريو‘ ئي سڏائيندو هو ۽ جوان ٿيڻ کان پوءِ سندس گهڻو تڻو رهڻ بازيدپور (تعلقو ڪنڊيارو، تڏهوڪو ضلعو نوابشاهه ۽ موجوده نوشهروفيروز) ۾ ٿيندو هو. اهوئي سبب آهي، جو نه رڳو سنڌي ٻوليءَ جي گهڻن ليکڪن ۽ صوفين(4)، راڳاين ۽ سنگتين کيس ’مڱريو‘ لکيو ۽ ڳايو آهي.

تعليم ۽ تربيت: پيرل فقير جڏهن ڇهن سالن جو ٿيو، ته پنهنجي رضائي ڀاءُ مراد علي شاهه سان گڏ کيس اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو، پاڻ گهڻو ذهين ۽ فطين هو، سو هر سال جي امتحان ۾ پهريون نمبر ايندو هو، جنهنڪري استاد جو به مٿانئس گهڻو راض ٿي پيو، ان دوران پاڻ قرآن مجيد ۽ رواجي ٽي درجا سنڌي سميت دُوايو(5) ۽ ٽوايو(6) پڙهي مڪمل ڪيائين، بس ان کان وڌيڪ نه پڙهي سگهيو. سندس آواز بهترين هو، جنهنڪري اسڪول جي زماني ۾ به ڳائيندو هو.

پاڻ حليم الطبع ۽ صابرين هو، ڪنهن سان به سينو نه ساهيائين، بس جيڪو ’مُڙي سو جُڙي‘ جو قائل ۽ هر وقت پاڻ کي مهميزون ڏيندو هو، جيئن سندس ئي هن شعر مان ظاهر ٿئي ٿو:

ٻيائي ڪڍڻ ٻئي مان، سڀ ڪنهن کي سهنجي،

پاڻهي چوڻ پاڻ کي، اها آهي اهنجي،

مام اها منهنجي، پوري آهي ’پيرل‘ چوي.

وري ٻي هنڌ چوي ٿو ته:

جي ڀانئين جوڳي ٿيان ته، وڏائي وڃاءِ،

هستي هوڏ هئڻ کي، کاهوڙي ٿي کاءُ،

 

ٻاري باهه برهه جي، دونهِين درد دُکاءِ،

تنهان پوءِ پُڇاءِ، ’پيرل‘ پنڌ پرينءَ جو.

پاڻ گُفتي ۾ پڪو، آواز پيارو ۽ مٺو، جهڙو اندر تهڙو ٻاهر، ڳالهائڻ مختصر ۽ ڪم سان ڪم رکڻ وارو بزرگ هو، جيئن فارسيءَ واري چيو آهي ته: ’دست بکار، دل بيار‘ يعني:

هٿ ڪم ۾ رڌل ۽ دل يار جي ياد ۾ لڳل، سو پاڻ ان تي مڪمل ڪاربند هوندو هو.

پوشاڪ ۽ لباس: پيرل فقير وڏي بَرَ واري ڪانئچ، ڪڏهن ڪڏهن گوڏ ۽ ان مٿان الفي يا ڊگهي قميص ڍڪيندو هو، پٽڪو گيڙو رتل، جي مٿو اگهاڙو ڪندو هو ته وارن کي وچان سينڌ ڪڍندو هو، سفر توڙي حضر، اندر توڙي ٻاهر ڪشڪول ۽ بيراڳڻ سدائين ساڻ هونديون هئس.

شادي ۽ اولاد: پيرل صوفيائپ اپنائڻ، جوڳ پچائڻ ۽ فقيري پائڻ کان اڳ ۾، پنهنجي عزيزن مان شادي ڪئي هئي، پر ڪوبه اولاد نه ٿيس ۽ ستت ئي سندس گهر واري، هي فاني جهان ڇڏي وئي. ان بعد ٻي شادي نه ڪيائين ۽ نه وري ڪو اولاد جو فڪر هئس، سو سدائين چوندو هو ته هي طالب ئي منهنجو اولاد آهن.

مرشد جي بيعت: پاڻ جڏهن رياض ۽ عشق الاهيءَ ۾ اُسرڻ لڳو ته، پنهنجي خانداني پيرن کي ڇڏي سڌو ’جهوڪ‘ هليو ويو ۽ صوفي عبدالستار سائين جو دستِ بيعت ٿيو ۽ ڳچ عرصو جهوڪ ۾ رهي عشق جي منزل ۾ اڳڀرو ٿيو، جڏهن ته صوفي قربان علي خاصخيلي پنهنجي ڪتاب ’صوفي ساڃاهه‘ ۾ لکيو آهي ته پاڻ خوش خيرمحمد فقير هيسباڻي جو خليفو هو(7). ان ۾ اسان جي منهنجي راءِ آهي ته، پيرل ٻنهي بزرگن وٽان فيض ورتو هوندو، اهو هن صورت ۾، جو پهريان خوش خيرمحمد فقير وٽ ۽ بعد ۾ جهوڪ وڃي وڌيڪ پنهنجي دل جي دنيا کي آباد ڪيو هجيس، سو سمجهه ۾ اچي ٿو ته سندس ٻنهي بزرگن سان روحاني رهاڻيون هلنديون رهنديون هيون.

هاڻي جڏهن جهوڪ کان موٽي آيو، ته هميشه نيم خوابي ۾ رهيو، ٽهڪ ڪڏهن به ڪين ڏنائين، ڪيڏي به خوشي پهچيس يا خوشي جي ڳالهه اچي، ته صرف چپن تي مُرڪ آڻيندو هو، واري ڦيري مرشد وٽ وڃي ساڻن خيالن جي ڏي وٺ ڪندو هو ۽ مليل سبق کي تازو ڪندو هو.

چون ٿا ته هڪ ڀيري جهوڪ ۾ ڪنهن طالب، پيرل فقير سان ڪو بحث ڇيڙيو، جو فقيرن وٽ نه پي نبريو، نيٺ ان جو فيصلو صوفي عبدالستار وٽ آيو، ته اتي پيرل پنهنجي دعويٰ جي ثبوت ۾ هيءُ بيت پڙهيو:

”ٻيائي ڪڍڻ ٻئي مان، سڀ ڪنهن کي سهنجي،

پاڻهي چوڻ پاڻ کي، اها آهي اهنجي،

مام اها منهنجي، پوري آهي ’پيرل‘ چوي.

اهو مٿيون بيت ٻڌي، صوفي عبدالستار سائين، پيرل فقير جي موقف جي تائيد ڪئي ۽ سندس حق ۾ فيصلو ڏنو.

فن جي سکيا: پيرل فقير ابتدا ۾ درزڪو ڪم ڪندو هو ۽ سٺو ڪاريگر هو. ان فن ۾ سندس ڪيترائي نالي وارا شاگرد هئا، پوءِ جو اچي ڳائڻ تي لٿو ته بس رات ڏينهن ڳائيندو رهيو. ايستائين جو ٿڪجي پوندو هو ۽ سندس اک لڳي ويندي هئس ۽ وري جيئن  ئي سجاڳ ٿيندو هو، ته ستار، جا سدائين ساڻ رکندو هو، سا کڻي رياض ۾ لڳي ويندو هو. سُر تار ته پاڻ گهڻو ڄاڻندو هو، باقي ستار وڄائڻ جو فن دادو ضلعي جي هڪ ڳوٺ ’ڦَڪا‘ جي رهواسي استاد محمد حسن مڱڻهار کان سکيو، پاڻ ان جي عيوض ۾ کيس لٽا سبڻ سيکاريائين.

سير سفر: مرشد جي اجازت ملڻ بعد پاڻ ڪٿي به هڪ هنڌ ويهي ٽڪاڻو نه ڪيائين، مختلف جاين تي مڪان اڏي وڃي ويهندو هو، اتي گل ٻوٽا پوکي اهڙي سرسبزي ۽ گل و گلزاري ڪندو هو، جو ڏسي نيڻ پيا ٺرن، مڪان جي صفائي اهڙي ڪندو هو، جو اها زمين پئي جَرڪندي هئي، مَٽيون ڀرڻ ۽ ساز سرود جي سنڀال جو ڪم سندس طالب ڪندا هئا. هاڻي جڏهن اهو مڪان پنهنجي سونهن سوڀيا ۾ وڃي اوج کي رسندو هو ته ان کي ڇڏي، وڃي ڪنهن غيرآباد مڪان کي آباد ڪندو هو، سندس خيال هو، ته هيءُ دنيا فاني آهي، هر بقاء کي فنا آهي، سو ان جو اظهار هُو دنيا ۾ ئي ڪري، پاڻ اکين سان پسندو هو، ڄڻ ته هُو دنيا جي فنائي ۽ آخرت واري زندگي جو مشاهدو، دنيا ۾ ئي ڪرڻ گهرندو هو، ته هيءُ باغ باغيچا، گل و گلزاريون، مال و متاع، رزق ۽ اولاد سڀ بي بقاء ۽ عارضي آهن، اصل شيءِ الله جو جلوو آهي، ان مناسبت سان، سندس ئي هڪ شعر آهي ته:

بي بقا زمانو، سڀ ڪجهه فنا ٿي ويندو،

’پيرل‘ کان پڇ ته، تنهنجو دلبر ڪٿي ڪٿي.

 

مرشد جي تلقين کان پوءِ پاڻ پنهنجي ڳوٺ ۾ نه رهيو ۽ سڄي حياتي سير سفر ۾ گذاريائين. سندس سفر جو سامان وري ڪهڙو هو، بس ڪشڪول ۽ ستار، جي ڳچيءَ ۾ لٽڪائيندو هو ۽ هٿ ۾ ونگوڙي واري ننڍڙي لٺ، سندس ڪل مايا اهائي هئي، جنهن جاءِ تي وڃي آستانو اڏيندو هو ته، اتي طالب پاڻهي اچي مڙندا هئا، کاڌي پيتي جي حوالي سان وڏو توڪلي هو، جو ڪجهه مليو ته ورهائي کائبو، جي نه مليو، ته ڪنهن کان گهُربو به ڪين، چوندو هو ته، جنهن مالڪ خلقيو آهي، سوئي رزق پاڻهي رسائيندو، اسان کي ڪهڙي پرواهه آهي بابا!

پاڻ ڪيترين ئي جاين تي مڪان اڏي وڃي ويٺو جيئن واهڙ(8)، پڙهيار(9) شاهه شڪرگنج، احمد خان جتوئي، ڇَني، عاربي(10)، ان کان سواءِ وٽو ڪليار، قاضي احمد، جتوئي نوان، ٺارو شاهه، سيدپور ۽ بازيدپور ۾ مڪان اڏي پنهنجو راڳ رنگ ۽ نياز رياض شروع ڪيائين.

ياد ڪرڻ گهرجي، ته سندس ماءُ ’بازيدپور‘ جي مڱريو قبيلي سان تعلق رکندڙ هڪ نيڪ مائي هئي، تنهنڪري فقير هتي گهڻو رهندو هو ۽ پاڻ کي ماءُ جي نسبت سان ’مڱريو‘ ئي سڏائيندو هو، اهوئي سبب آهي، جو اڪثر ليکڪن کيس ’مڱريو‘ لکيو آهي ۽ جن سندس ڪلام ڳايو يا ترتيب ڏنو، تن مان گهڻن کيس ان مٿي ذڪر ڪيل قبيلي جو شاعر ۽ گويو لکيو آهي، انهن مان ڪتاب ’صوفي ساڃاهه‘ جو ليکڪ، صوفي قربان علي خاصخيلي به آهي، جنهن کيس پنهنجي مذڪوره ڪتاب ۾ خواجه محمد پيرل مڱريو ’صاحب دل‘ لکيو آهي(11).

جيستائين بازيدپور جو تعلق آهي ته، هي ڳوٺ ساهتي پرڳڻي جي مشهور شهر ڪنڊياري کان ڇهه ڪوهه ڏور، ڏکڻ طرف واقع آهي. بازيدپور اصل ۾ بايزيدپور، ايران جي مشهور صوفي بزرگ حضرت بايزيد بسطامي (وفات: 261هه/875ع) جي نالي سان منسوب آهي، پر عام استعمال ۽ بي تڪلفيءَ ڪري بايزيدپور مان ڦري ’بازيدپور‘ ٿي ويو(12).

پيرل فقير سن 1922ع ڌاران بازيدپور آيو ۽ مرکئي شهيد واري مقام ۾ پنهنجو مڪان اڏي ويٺو، هيءُ مڪان، ڳوٺ کان ڏکڻ ۾ ڀريا سٽي ڏانهن ويندڙ روڊ جي ڪناري تي واقع آهي. ڪنهن وقت هيءُ وڏو منڊل هو، وڏيون ڪچهريون ۽ راتين جون راتيون راڳ ويراڳ جون محفلون هلنديون هيون، ڳوٺ جا راڳي توڙي عام ماڻهو اتي وڃي پنهنجي دل وندرائيندا هئا. هتي پيرل فقير پنهنجو آستانو اڏي ٻارهوئي ويٺو هوندو هو، تنهنڪري پري پري کان راڳي اچي راتيون ٽِڪندا هئا ۽ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا هئا. پير فقير وٽ هِند- سنڌ جا ڪيترائي فنڪار ايندا هئا، جن ۾ گواليار خاندان جو فرد استاد بيبو خان، سيد محمد شريف شاهه ۽ حافظ محمد اسحاق پنهور جهڙا فن جا ماهر هن آستاني تي پنهنجي سُرن جي ورکا ڪري ويا آهن. پيرل فقير بازيدپور ۾ اٽڪل چار سال کن رهيو، هِتي وڏي گل و گلزاري ڪري، رات ڏينهن راڳ جي رياضت ڪندو هو، وٽس ملڪ جا وڏا وڏا فنڪار ۽ گوَيا ايندا هئا، ان کانسواءِ ڳوٺ جا به ڪيترائي نوجوان وٽس راڳ سکيا. اهڙن راڳاين ۾ اسان کي خان محمد مڱريو، جو ’خانُ موالي‘ جي نالي سان مشهور هو، هي ناناڻي نک ۾ پيرل فقير جو مائٽ به هو، ٻيو چڱل خان مڱريو ۽ ٽيون الله اوڀاهيو مڱرئي جا نالا ملن ٿا. چڱل خان کي اسان ڳوٺ جا ننڍا توڙي وڏا ڪجهه ٻڌائڻ لاءِ مجبور ڪندا هئاسين، ته ڪنڌ ڪين ڪڍائيندو هو ۽ ڪجهه نه ڪجهه ضرور ٻڌائيندو هو، جڏهن ته الله اوڀاهيو ڪن خاص موقعن تي ساز سرود به وڄائيندو هو ته ڳائيندو به هو، ڳائڻ سان سندس عشق هوندو هو. ايستائين جو جڏهن پوڙهو ٿيو ۽ بازيدپور ۾ روڊ واري مسجد جي وڃي مجاوري سنڀاليائين، ته اتي وڏي اسر ويل اسپيڪر کولي غزل ڳائيندو هو(13).

الله اوڀاهيو مون (ليکڪ) کي پيرل فقير جا ڪجهه اهڙا شعر به ٻڌايا، جي اڄ تائين جن به پيرل فقير جو ڪلام ترتيب ڏنو آهي، جيئن جمال الدين ’مومن‘ خاصخيلي (پيرل فقير جي شعر و شاعري) ۽ صوفي قربان علي خاصخيلي (صوفي ساڃاهه)، تن انهن جو ذڪر نه ڪيو آهي. ان مان معلوم ٿيو ته پيرل فقير جو ڪلام اڃا گهڻو ٽڙيل پکڙيل آهي ڇو ته پاڻ ساهتي پرڳڻي جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ مڪان اڏي ويٺو هو ۽ اتان جي سندس طالبن وٽ ججهو مواد موجود هوندو، پر هاڻي ته اهي طالب به پيالو ڪري هِتان هليا ويا، ٿي سگهي، ته پوئين نسل وٽ ڪجهه نه ڪجهه مايا موجود هجي! تنهنڪري سندس ڪلام لاءِ اڃا تحقيق جي ضرورت آهي.

الله اوڀاهيو جي شعر مون کي جهونگاري ٻڌايا، سي پڙهندڙن لاءِ هِت ڏجن ٿا:

من ۾ مدام ماهر، ماتم حسين جو،

ثابت صحيح مان آهيان، خادم حسين جو.

  1. ڪڏي ڪربلا ۾ آيو، ميدان سڀ ملهايو،

جبرائيل در جو دايو، دائم حسين جو.

2.قرب ڪاڍو آهي، هڪ پلڪ پاسي ناهي،

هردم اکين ۾ آهي، آ غم حسين جو.

3.’پيرل‘ پينار آهي، ٻئي در وڃي نه ڪاهي،

ذاتي هي ذوق آهي، قائم حسين جو.

ان کان سواءِ سندس هڪ ٻيو شعر، جو پڻ الله اوڀاهيي، پنهنجي سُر ۾ ڳائي ٻڌايو:

پائي آيس پاند ڳچيءَ ۾، پرچ پيارل يار،

مهڙون مڙئي آهن مونڏي، تنهنجا حرف هزار.

تو ۾ عيب خدا نه خلقيو، مون ۾ عيب هزار،

جهرو تهڙو ’پيرل‘ تنهنجو، دلبر نه ڪر ڌار.(14)

پيرل فقير بازيدپور ۾ ئي رهندو هو ته، مٿي ڄاڻايل مرکئي شهيد واري مڪان تان هڪ رات جو چور سندس گهوڙِي ڪاهي ويا، صبح جو ڳوٺاڻا پيرا ڳولڻ لڳا، ته کين روڪيندي چيائين ته، ابا پيرا نه کڻو، بس جيترو وقت الله سائين کي منظور هو، ته گهوڙيءَ جي پٺيءَ تي مان چڙهيس ۽ هاڻي لڳي ٿو ته، مالڪُ (الله تعاليٰ) ان گهوڙيءَ جي مٿان چور کي سوار ڪرڻ گهري ٿو. سندس ان جملي کان پوءِ ماڻهو پيرا ڇڏي موٽي آيا. ڪجهه ئي وقت کان پوءِ پاڻ پنهنجو اهڙو برسيل ۽ سدابهار مڪان ويران ڪيو ڇڏي هليو ويو ۽ پاڻ اهڙا ڪيترا آباد ماڳ (جن جو مٿي ذڪر ڪيو آهي) اڳ ۾ به ڇڏي چڪو هو(15). پيرل جي هِتان لڏڻ کان پوءِ اهو ماڳ آهستي آهستي ويو ڦٽندو، اڄ ان مئخاني جا ڪي به آثار نه آهي، صرف وڏن وڻن جي جُهڳٽي ۾ قبرستان آهي، جڏهن ته قبرن جا نشان به بلڪل ميسارجي ويا آهن.

شعر و شاعري: پيرل فقير في البديهه شاعر هو، اتي ئي شعر چوندو ويندو ۽ ستار ۽ سُرندي تي ڌُن ٺاهي ڳائيندو ويندو هو. فقير کي جيڪو سمجهه ۾ ايندو  هو ۽ جي خيال ۽ فڪر ايندا هئس، تن کي کڻي شاعريءَ جي مالها ۾ پوئيندو هو، وٽس بحر وزن جو ڪو به قيد ڪونه هو، بس ائين ئي عشق جي سمنڊ ۾ وتندو هو ٽٻيون هڻندو. عام طور اهو مشهور آهي، ته پاڻ جهوڪ واري سائين ۽ خوش خير محمد جي صحبت کان پوءِ شعر چوڻ شروع ڪيائين، پر حقيقت ائين نه آهي، پيرل فقير شروع کان ئي پاڻ پنهنجا شعر ٺاهي وري جهونگاريندو به هو، ته وري ٻين سٺن شاعرن جي شعر کي به پنهنجي گائيڪي ۾ آڻيندو هو. ائين کڻي چئجي، ته پيرل هڪ جذباتي شاعر هو، جو ڪڏهن ڪڏهن سندس اندر جا اُڌما جوش ڏئي اُڀري ٻاهر نڪري پوندا هئا. اهو وري خاص اهڙن موقعن تي ٿيندو هو، جڏهن پاڻ ڪنهن ٻي شاعر جو ڪلام ٻڌندو هو، پوءِ جي ان جي لفظن يا خيالن ۾، ڪا ڪچائي هوندي هئي يا ڪنهن ريت کيس جواب ڏيڻ چاهيندو هو، ته اتي جو اتي کيس
ٺهه پهه جواب ڏئي ڇڏيندو هو. اهڙي چٽاڀيٽيءَ جو احوال جمال الدين ’مومن‘ خاصخيلي پنهنجي ڪتاب ’پيرل فقير جي شعر و شاعري‘ ۾ آندو آهي، جنهن جا ڪجهه واقعات هي آهن:

  • هڪ  ڀيري ’احمد‘ نالي واري ڪنهن شاعر جي ڪلام جو ڪنن تي پڙلاءُ پيس، ته ساڳي ئي تتبع تي يڪدم کيس وراڻي ڏنائين:

سڄڻ بنا هن ساري دنيا ۾، سرتيون جيئڻ سور آهي،

طالب بنا محبوب نه ملندو، محبت جو مذڪور آهي.

(احمد)

ان تي پاڻ کيس هن ريت جواب ڏنائين:

سڄڻ آئي هن ساري دنيا ۾، مست رهن مخمور يار،

دم دلبر دل ۾ دائم، مرد ڪرن مذڪور يار.

(پيرل)

  • وري ڪنهن ٻي شاعر جو شعر، جنهن جو تخلص ’مغموم‘ هو، ان جو جڏهن شعر ٻڌائين ته کيس تنبيهه ۽ تلقين ڪري ٿو، ته جنهن کي محبوب ٿو چوين، تنهن سان گستاخي ڪرڻ نه ٿي سونهين. اجهو مغموم جو هي آهي شعر:

بي وفا دلدار کي دلڙي ڏيڻ ناهي روا،

سنگ دل محبوب سان، ٻولي ٻولڻ ناهي روا.

(مغموم)

پيرل ان کي هن ريت جواب ڏنو آهي، ته جنهن کي دلدار ٿو چوين، تنهن کي بيوفا ڪوٺڻ درست نه آهي ۽ وري کيس دل ڏئي ويٺو آهين، ته وري هٽڻ مناسب نه اٿئي:

بي وفا دلدار کي، ڪنهن پر ڪوٺڻ ناهي روا،

دل ڏئي دلدار کي، واري وٺڻ ناهي روا.

(پيرل)

پيرل فقير مٿي ڄاڻايل شاعر ’مغموم‘ کي ٻيون به ڪيتريون نصيحتون ۽ سمجهاڻيون ڏنيون آهن، جيئن هن هيٺ ڏنل شعر مان ڀليءَ ڀت معلوم ٿئي ٿو:

حسن جلوه، جوت جواني مر ڀلي ماڻي ملوڪ،

پيچ پائي پرت لائي، پوءِ پٽڻ ناهي روا.

سخت سهڻي کي نه چئجي، نينهن ۾ آهي ندا،

 

مشتاق ٿي محبوب کي، ائين چوڻ ناهي روا.

سرت سان صورت سڃاڻي، باقدر ٿي باادب،

سرت ڏئي سجدو ڪري، ورڇي وڃڻ ناهي روا.

پرت ’پيرل‘ پائي پرم، محب سان ماهر مدام،

ماٺ ڪر ’مغموم‘ ٿي وڃ، ٻي ٻولڻ ناهي روا.

 

جيئن مٿي بيان ٿي چڪو آهي، ته پيرل فقير في البديهه شاعر هو، سندس لاءِ رڳو ميدان ٺهي اچي، پوءِ ان ۾ شاعريءَ جي گهوڙن ڊوڙائڻ جو پاڻ ئي شهه سوار هو.

اڄ صبا آندو اسان وٽ، نئون نياپو يار جو،

پرت مان پرجهي پڙهيم، آهي عجب اعتبار جو.

 

قرب جا ڪاغذ ڏسي، صدبار مون صدقي ٿيس،

۽ چمي چشمين رکيم، آهي سڄو سينگار جو.

 

محفل موچاريءَ مليو، پيغام پرين جو اچي،

موج ٿي مئخاني ۾، جيئن گل کليو گلزار جو.

 

’پيرل‘ پڄاڻي ناهِ ڪا، محبت سندي مذڪور جي،

محب مهرباني ڪري، نامون مڪو نروار جو.

  • ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان اڳ جي ڳالهه آهي، تنهن ويري پيرل (ماسٽر چندر جو) فقير ٺارو شاهه ۾ رهندو هو ۽ ماسٽر چندر اڃا اتي ئي هو، تن ڏينهنِ ۾ اوچتو سندس نوجوان پٽ پرلوڪ پڌاري ويو، ماسٽر کي ڏاڍو رنج پهتو. ساڻس ڏک ونڊڻ لاءِ پيرل فقيرَ به اچي تڏي تي پهتو. هوڏانهن چيتنداس، جو ماسٽر ۽ پيرل جو گڏيل دوست هو، سو به اڳي ئي اتي ويٺو هو، سڀ ماڻهو منهن مونن ۾ هنيو ماٺ ۾ ويٺا هئا، ته اتي چيتن، ماسٽر چندر کي چيو ته، ڀائي ڪو ڪلام ڪڙو ته ٻڌاءِ. ڀلا ان مهل ڏک جو سٽيل چندر ڪاٿي ٿو ڳائي سگهي، سو اتي پيرل جو ويٺو هو، تنهن وڏي سوز ۽ گداز مان کڻي ڪلام شروع ڪيو، ڇو ته صوفين ۽ فقيرن جي دنيا ئي پنهنجي آهي، هُو دنيا ۾ ايندڙ (ڄمندڙ) کي ڳائي ڀليڪار ڪرين ۽ خوشيون ملهائين، ته وري ويندڙ (مرڻ واري) کي به ڳائي وڄائي روانو ڪن، ائين کڻي چئجي ته ڄمندي به ڳائين، پرڻي به ڳائين، ته مرڻي به ڳائين، اتي جو پيرل فقير ڪلام ڳايو، تنهن جا ٻول هي هئا:

عاشق عشق جي آرَ ۾، خوبان ٿي خوشحالي،

بره وارن ويراني ناهي، وٺن ٿا واس وصالي.

عاشق عام کان آجا آهن، ملڪ پنهنجي مالڪ مالي،

 

سپر سڃاڻپ ثابت پنهنجو، رهن ٿا مست موالي.

بيرنگ واري بحر ۾ بيشڪ، بره آهي بحالي،

فنا بقا جي فن کان فارغ، حالَ پنهنجي ۾ حالي.

 

اچڻ وڃڻ واءُ ويراني، ڪانه ڄاڻن ڪالي،

هل چل ’چيتن‘ ساڻ چندر تون، ناهي ذوق زوالي.

پيرل پرت انهيءَ ۾ پڌرو، آهي قرب ڪمالي،

خيال سڻائج خيال تون آهين، جلوه جوت جمالي.

چون ٿا ته، پيرل جو اهو مٿيون ڪلام ٻڌي، چندر جو چيتو جاءِ ٿيو ۽ پوءِ پاڻ به ڪلام ٻڌائي، ڏک واري ماحول کي ماٺو ڪيائين:

  • پيرل فقير هڪ هنڌ، راڳ جي محفل ۾ ويٺو هو، جتي ڪنهن راڳيندڙ، جانڻ سوناري جو هي شعر ٻڌايو:

رخ پاڪ دلربا جو، فرقان جو نمونو،

ان کي پڙهي پڙهان مان، شڪران جو نمونو.

موتين جي خاص مثلان، دندان جو نمونو،

قد سرو جان سڌو ڄڻ، آهي ڪان جو نمونو.

بخمل بدن پريان جو، بستان جو نمونو،

ديدان ٻئي دوناليون، پيڪان جو نمونو.

عاشق اڳيان انهن جي، نيشان جو نمونو،

ابرو تکيون تراريون، ايران جو نمونو.

’جانڻ‘ ڪسڻ قبوليو، قربان جو نمونو.

جڏهن راڳائيءَ پنهنجو ڪلام پورو ڪيو ته فقير صاحب چيس، ته ابا اسان جو به نياپو ٻڌي ڇڏ، پوءِ پاڻ هي هيٺ ڏنل شعر ٻڌايائين:

مخفي مجاز منهنجو، مستان جي نموني،

سر ساهه صدق سارو، صنعان جي نموني.

شائق آهيان شريعت، طالب بحق طريقت،

هردم همہء حقيقت، الحان جي نموني.

هِت هُت الله آهي، شيطان شرڪ نه آهي،

توڙي چاڙهين ٿو ڦاهي، نيشان جي نموني.

خم خم جو خيال کاتو، نيهي نيارو ناتو،

’پيرل‘ آ پيچ پاتو، پروان جي نموني.

پيرل فقير، جتي ٻي شاعري ڪئي آهي، ته اتي پاڻ سنڌ جي سورمي، مارئيءَ کي به نه وساريو اٿس، جيئن چوي ٿو ته:

عمر ڇو ٿو آڇين، اهي ويس وڳڙا،

وڃي مان پائيندس، سرتين ساڻ سڳڙا.

وهاڻن کان ويتر، آهيان خوش کٿيءَ ۾،

اَباڻن جا اصلي، اٿم انگ تي اڳڙا.

کائڻ کاڄ تنهنجا، زهر زور ڀانئيان،

پري ڪر تون پنهنجا، ٺڳيءَ ٺاهه ٺڳڙا.

ڪو ڏينهن قسمت، ڪيو قابو آهي،

وڃي شال ڏسنديس، ڌنارن جا ڌڳڙا.

’پيرل‘ چوي پنوهاري، اماڻج اوڏانهين،

وڃي ڏيهه ڏسنديس، اهي ڍير ڍڳڙا.

پيرل فقير انسانذات کي نصيحت به ڪري ٿو، ته هيءَ دنيا مانجهاندي جو ماڳ آهي، هن کي پنهنجو اصل وطن سمجهڻ احمقن جو ڪم آهي. ڏسو ته ڪيڏا نه وڏا وڏا بادشاهه هئا، جن جي هڪڙي حڪم تي سوين نوڪر چاڪر اچي گڏ ٿيندا هئا، سندن دنيا مٿان وڏو دٻدٻو هو. ڏسو ته، اهي اڄ ڪاڏي هليا ويا، اهي اڄ آهن ڪٿي! ان بابت سندس هڪ نصيحت ڀريو شعر آهي.

مغرورَ ماڳ تنهنجو، گذر ڪٿي ڪٿي،

اڻ ڄاڻ تنهنجي ايڏي، عمر ڪٿي ڪٿي.

حاڪمَ حڪم هلايا، تختن مٿي ٿي ويهي،

اڪبر سليم تن مان، سڪندر ڪٿي ڪٿي.

 

جلوه جمال جنهن جو، شمس و قمر چوان ڇا،

حيرت حسين يوسف، جوهر ڪٿي ڪٿي.

قوّت ۾ ها قرارا، جنگي جوان جوڌا،

حمزه، حنيف تن مان، حيدر ڪٿي ڪٿي.

ملڪيت خزانا ڪيڏا، ميڙي ڪٺي ڪيائون،

 

قارون غني جهڙا، تونگر ڪٿي ڪٿي.

اصحاب اوءِ اڪثر، بزرگ ڪيئي ڀلارا،

جيئڙو جيلان وارو، قلندر ڪٿي ڪٿي.

بي بقا زمانو، سڀڪجهه فنا ٿي ويندو،

’پيرل‘ کان پڇ ته، تنهنجو دلبر ڪٿي ڪٿي.

پيرل فقير جي ڪلام ۾ سڀئي ادبي خوبيون سمايل آهن. سندس ٻولي سليس، سهڻي ۽ سلوڻي آهي. پاڻ پنهنجي شاعري ۾ ڪٿي ڪٿي قرآني آيتون، عربي جا الفاظ، محاوره ۽ پهاڪا استعمال به ڪيا آهن، سندس اها ادبي سرهاڻ هنن هيٺين شعرن مان پڌري پسي سگهجي ٿي:

وحدت وارو ورق ورائي، ونحن واس وصال،

الاهي احسان ڏٺو مون.

وفي انفسکم واحد وارو، ماهر مام مثال،

فالم هي فرقان ڏٺو مون.

الانسان سري واناسره‘، هردم حاضر حال،

صنم سر سبحان ڏٺو مون.

 

پسي ’پيرل‘ پر ۾ پرين کي، نظر ساڻ نهال،

نينهن نسنگ نيشان ڏٺو مون.

اهڙو ئي نوعيت جو سندس هڪ ٻيو شعر آهي:

تات طلب آ تن ۾ تن جي، جن هي جوش جاڳايو آ،

جن هي جوش جاڳايو آهي، رمزن ساڻ ريجهايو آ.

 

ساعت ساعت صاف سهڻي جو، سيني سير سمايو آ،

مورئون ماٺ اچي نه مون کي، ڏاڍي تاءَ تپايو آ.

سُتي ويٺي سوز سڄڻ جو، سارو ڏينهن سوايو آ،

هلندي بيهندي بره بلاشڪ، سچ هي سبق سيکاريو آ.

فاذکروني اذکرکم جو، روحي راز رسايو آ،

’پيرل‘ پڙهه پيغام اهو، جيڪو ٻهڳڻ ٻول ٻڌايو آ.

پيرل فقير جو ان حوالي سان هڪ ٻيو شعر، جنهن ۾ پاڻ نه رڳو عربي لفظن جو استعمال ڪري ٿو، پر ان سان گڏ پاڻ سوڌو سڄي مخلوق کي نصيحت ۽ هدايت ڪري ٿو ته وري نفس جي تربيت لا دڳَ  راهون پڻ ڏسي ٿو:

جي ڀانئين جوڳي ٿيا، ته ويسر سڀ وسار،

فاذکروني فرض کي، تندن منجهه تنوار،

الدنيا ساعة ليس فيها راحة(16)، اهائي وائي وار،

تنهان پوءِ پَچار، ’پيرل‘ ڪر پرت جي.

’پيرل‘ پَچڻ پتنگ جيان، درد وندن درڪ،

توڙ نباهينِ نيهن کي، ڏينِ طمع کي ترڪ،

لامقصود في الدارين الاهو(17)، حاصل ڪيائون حق،

سِکيُئي جو سبق، سو پڪو ڪجاءِ پرت سان.

پيرل فقير جي ڪلام ۾ اسان کي محاورا به ڏسڻ ۾ اچن ٿا، هت اسان سندس ڪجهه اهڙا شعر پيش ڪري رهيا آهيون، جن ۾ محاورن سان گڏ اکين جي اُرهه زورائي ۽ سندن مستيءَ کي به ڳايو اٿس، جيئن چوي ٿو:

وڏا ونجهه وڙهڻ جا، اکين کي آهين،

مُٺيون مُنڊي مامرو، جهيڙو نه لاهين،

’پيرل‘ اکين کي آهين، اوهيرا اچڻ جا.

رئنديون رئڻ واريون، ٻارڻ جن ٻريو،

مُٺيون اچن نه ماٺ ۾، ٿيڙن چت چريو،

کنيو نيڻ نياز مان، واجهائين وريو،

انهيءَ پر پريو، ’پيرل‘ پس پرين کي.

اهڙيءَ ريت پاڻ هنج پکيءَ لاءِ فرمائي ٿو ته، هُو ڪيڏو نه خودار ۽ محتاط آهي ۽ هلڻ گهمڻ ۾ پنهنجي ڏاهپ، خبرداري ۽ وقار سان پير کڻي ٿو:

هنج پنهنجي حال سان، هردم حق هلن،

چُڻن چونگارن، پرجهي پيرَ کڻن،

جاچي جوءِ جَرَ جي، نِرتئون نهارن،

’پيرل‘ تن پکين، سِر سداءِ سرهو.

هيٺ پيرل فقير جو هڪ اهڙو شعر پيش ڪجي ٿو، جنهن ۾ پاڻ سنڌي پهاڪن کي به ڪتب آندو اٿس، جيئن:

سؤ وڃائجي، ساءُ نه وڃائجي، چڱا ائين چون،

پَر اها ’پيرل‘ چوي، ڪي ٿا رند رکن

ياد رهي ته صوفيءَ جي ڪلام ۾ وزن، ڪافيي ۽ رديف جي جوڙجڪ گهٽ ئي هوندي آهي ۽ اهڙيءَ ريت سندن ڳائڻ ۾ پڻ ڌُن ۽ آوازن جي هيٺائين مٿائين جو لحاظ پڻ مڙئي ڪو هوندو آهي، پر سندن آواز ۾ جيڪو آلاپ، درد ۽ دل گدازي هوندي آهي، سو اهي ئي اندازَ ٻڌندڙ کي موهي وجهندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ته ٻڌندڙ، ڳايل ٻولن کي نه سمجهندي به سُرور ۽ سڪون محسوس ڪندو آهي، کڻي جو پيرل فقير جو ڪلام اهڙن عروضي اصولن کان آجو آهي، پر سندس ڪلام ۾ جيڪا اندر جي اُڪير ۽ درد سمايل آهي، سو ته اهي ئي محسوس ڪري سگهن ٿا جي انهيءَ راهه ۾ رميا هوندا. هت پڙهندڙن جي واس وٺڻ لاءِ هڪ غزل ڏجي ٿو، جنهن ۾ فقير جي اندر جو آواز ۽ حقيقي صحبت جي جهلڪ ڏسڻ ۾ اچي ٿي، اجهو پڙهو هي غزل:

ڌيان ڌر عاشق سدائين، گهوٽ خود گهر ۾ اٿئي،

هوش رک هوشيار ٿي، اوقات اندر ۾ اٿئي.

بر بحر ڇو ٿو ڦرين، جبل چاهي جهنگل ۾،

ڪجهه وٽيندي ڪين هرگز، سير سڀ سر ۾ اٿئي.

ڪر عدالت عشق سان، انصاف پنهنجي اندر ۾،

گل به تون خوشبوءِ به تون، محبوب مندر ۾ اٿئي.

جام بيخود جو کڻي، ڪر نوش هڪدم نياز سان،

خيال تنهنجو حوض سارو، برهه بندر ۾ اٿئي.

ڇِرڪ هڪڙي سان ڇني، ڇڏ قفل جون ڦاهيون سڀئي،

ويجهڙو واپار ’پيرل‘ وحد تي ورَ ۾ اٿئي.(18)

ٽيهه اکري شعر: پيرل فقير، جتي غزل، ڪافيون ۽ دوها چيا آهن، ته اتي پاڻ ٽيهه اکري/ سہ حرفي شعر به چيا اٿس، رهيو سوال ته اها ٽيهه اکري/ سہ حرفي ڇا آهي، سمجهڻ گهرجي، ته الف، ب وار قافين تي مشتمل غزلن کي ترتيب ڏئي هڪ جاءِ تي ڪٺو ڪيو وڃي، ته ان کي ’ديوان‘ چون. اهڙي ريت ٽيهه اکري/سہ حرفي انهيءَ نظم کي چئبو آهي، جنهن جي شعرن يا بيتن جي منڍ وارو اکر الف، ب جي ترتيب مطابق هجي، اهڙا ٽيهه اکري/ سہ حرفي بيت پيرل فقير به چيا آهن، پر هت ٽيهه ئي اکر ته نه، پر انهن مان اسان پڙهندڙن جي لطف وٺڻ لاءِ ڪجهه چونڊ شعر ونڊي رهيا آهيون، هن ۾ فقير تجنيس حرفي واري صنعت کي ڪتب آندو آهي ۽ هر بند ۾ پنهنجو تخلص ’خوشدل‘ آڻي ٿو:

الف:

الف، احسن الله ۾، آديسي اِثبات،

اناالحق آواز ۾، هردم ٿي هم ذات،

وحدت جي وصلات، ’خوشدل‘ خوب خمار ۾.

ت:

تي، توحيدي تار کي، ويٺا وڄائين،

دم دم ڌُن ڌَمال سان، ماهر ملائينِ،

ڳيت ڳجهو ڳائين، ’خوشدل‘ خوب خمار ۾.

ج:

جيم، جوڳي جسم سان، اسم الائينِ،

نفيءَ ۾ نابود ٿي، بقا بچائينِ،

اهي ئي آهين، ’خوشدل‘ خواب خمار ۾.

هه:

هي، هلن ٿا حق سان، ٻيائيءَ کي ٻوڙينِ،

دوئي واري دنگ جا، ٽڳا سڀ ٽوڙينِ،

جوڙ اها جوڙينِ، ’خوشدل‘ خوب خمار ۾.

ي:

يي، يگانہ يار سان، ڏينهان رات رهن،

وٿي وير ناهه ڪا، جدا نه جالينِ،

ويل نه وسارينِ، ’خوشدل‘ خوب خمار ۾.

پيرل فقير جي شعر و شاعري ۽ سندس ڪلام جي حوالي سان، جنهن پهريون سعيو ڪيو، سو مرحوم استاد جمال الدين ’مومن‘ خاصخيلي آهي. پاڻ ننڍي کان وٺي پيرل فقير جي آستاني تي ايندو ويندو هو. سندس چوڻ آهي ته، نوان جتوئيءَ ۾ فقير جو مڪان، منهنجي اسڪول جي اچ وڃ واري رستي تي هو، سو ڪڏهن ڪڏهن ڪتابن واري ڳوٿري به ڪڇ ۾ هوندي هئم ۽ وڃي سندن آستاني تي پهچندو هئس، پاڻ مون کي هن طرح کيڪاريندو هو ته: اسان جا ماستر ڀلي آئين! جڏهن ته ان وقت مان ٻيون يا ٽيون درجو پرائمريءَ جو پڙهندو هئس، پوءِ شايد اهو سندس ئي دُعا جو اثر هو، جو آءٌ اڳتي هلي ماستر ٿيس، مومن خاصخيلي ٻڌايو، ته سندس پيار ۽ پاٻوهه جو ڇا بيان ڪجي، جي ٻه ٽي ڏينهن وٽن حاضري ڀرائڻ کان ناگو ڪندو هئس ته پاڻ ئي ياد ڪندو هو، وري جڏهن منهنجو مامو محمد رمضان خاصخيلي جنهن کي پاڻ رمز علي فقير سڏيندو هو، سندس طالب ٿيو ته، اسان جو ساڻس تعلق اڃا به وڌيڪ مضبوط ٿيو.

سڀ کان پهريان پيرل فقير جي ڪلام تي مومن خاصخيليءَ ڪم ڪيو، جو پاڻ مختصر سوانح حيات سان گڏ سندس ڪلام کي به ترتيب ڏئي ’پيرل فقير جي شعر و شاعري‘ جي نالي سان ڊيمي سائيز جو 80 صفحن تي پکڙيل هڪ ڪتاب، سن 1986ع ۾ پنهنجي ئي نسبت سان ’مومن پبليڪيشن‘ جتوئي نوان، پاران ڇپائي پڌرو ڪيو، پاڻ اهو پورهيو خود پيرل فقير جي هٿ اکري بياض تان ترتيب ڏنو هئائين، پر اسان جي تحقيق مطابق پيرل فقير جو ڪلام رڳو ان ۾ بند نه آهي، پر ان کان سواءِ سندس ڪافي ٽڙيل پکڙيل مواد به هو، جو سندس طالبن/فقيرن کي برزبان ياد هو، بازيدپور سان تعلق رکندر سندس هڪ طالب، الله اوڀاهيو، مون (ليکڪ) کي پيرل فقير جا شعر جهونگاري ٻڌايا، جو مون پنهنجي ڪتاب ’تاريخ بازيدپور‘ ۾ ڏنا آهن. سي مومن خاصخيليءَ واري ترتيب ڏنل ڪتابڙي ۾ نه آهن، ان مان سمجهه ۾ اچي ٿو ته، پيرل جي ڪافي شاعري سندس پراڻن مڪاني طالبن/ فقيرن وٽ موجود هئي، پر هاڻي ان جي ملڻ جو امڪان گهڻي قدر گهٽجي ويو آهي، جو سندس شاگردن مان هن وقت ڪوبه حيات نه آهي

هم عصر شعراء: هونئن ته پيرل فقير جا ڪيترائي هم عصر شاعر هئا، جي پنهنجي دؤر ۾ سٺو ڪلام جوڙڻ جي سگهه رکندا هئا، پر هتي اسان صرف سندس زماني جا اهي شاعر ڏئي رهيا آهيون، جن سان ساڻس ڪنهن نه ڪنهن ريت تعلق رهيو آهي، اهڙن شاعرن ۾ محمد فقير کٽياڻ، خانبهادر امام بخش خان جتوئي ’صابر‘، سيد علي شاهه ’خادم‘، سيد علي گوهر شاهه، الله بخش ملاح، امام علي واڍو ۽ سيد مهدي شاهه شاهپور جهانيان وارو اچي وڃن ٿا. جيتوڻيڪ مٿي ڄاڻايل بزرگن جو ڪلام به چيل آهي، پر اختصار کي اپنائيندي هتي اسان رڳو سندن نالن ڏيڻ تي ئي اڪتفا ڪئي آهي.

طالب/فقير: پيرل فقير پنهنجي حياتيءَ ۾ اٽڪل ٻارهن جاين تي پنهنجا مڪان اڏي ويٺو، جتي به رهندو هو، ته اتي گل و گلزاريون ڪري ڇڏيندو هو، وري جڏهن اهو مڪان مچي موج تي پهچندو هو، ته ان کي ڇڏي وري وڃي ڪا اڻ ڀونئين ۽ ويراني جاءِ ڳولي نئون مڪان اڏيندو هو. سندس چوڻ هو ته، اَبا! ”رنگ رتو ڇڏجي، ميلو متو ڇڏجي.“ ان دوران سندس ڪيترا معتقد ۽ صحبتي ٿيا، پنهنجي فقيرن مان ڪنهن لاءِ به ائين نه چوندو هو، ته هو ڪو منهنجو مريد آهي، پر سدائين ائين چوندو هو ته ”بابا پاڻ مڙئي سنگت آهيون.“

اسان کي سندس جن طالبن/فقيرن جا نالا ملي سگهيا آهن سي هي آهن: رئيس محمد خان جتوئي، علي بخش کوسو، الهه داد خان کوسو، مراد کوسو (هي سندس سازندو ۽ سرندي وڄائڻ جو ماهر هو) محمد رمضان خاصخيلي، گل حسن، سيد علي شاهه، خير محمد خاصخيلي وغيره. (هي مڙئي فقير، دادو ۽ مورو جي آسپاس جا هئا).

جيئن اسين مٿي چئي چڪا آهيون ته ’بازيدپور‘ سندس ناناڻو ڳوٺ هو، سو اتي به جي سندس طالب ٿيا، تن ۾ الهه اوڀاهيو مڱريو، هن مون (ليکڪ) کي پيرل فقير جا ڪجهه اهڙا شعر ٻڌايا، جي ڪنهن به رسالي ۾ نه آهن. الله اوڀاهيو سميت خان محمد ۽ چڱل خان جا نالا ملي سگهيا آهن(19).

وفات ۽ تدفين: پيرل فقير پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪيترائي مڪان ٺاهيا، ڦِٽايا ۽ مَٽايا، نيٺ ٺارو شاهه وارو آخري مڪان ڇڏي، پڇاڙيءَ ۾ نوان جتوئي هليو آيو، جتي اڳ ئي سندس پراڻو مڪان هو، اتي اچي پنهنجي زندگيءَ جون رهيل گهڙيون گهارڻ لڳو، کيس مٿي جي لوندڙين ۾ ڪو سخت سور پوندو هو، سو ان جي علاج لاءِ نوشهروفيروز جي مشهور حڪيم نَوَل گهوٽ پيرزادي وٽ ويو، جنهن کيس چيو، ته فقير راڳ ڳائڻ ڇڏي ڏي نه ته ان سور جي ڪري توهان جي اک ضايع ٿيڻ جو ڊپ آهي، تنهن تي پاڻ وراڻيائين ته حڪيم صاحب هيءَ ته هڪڙي اک آهي، پر جي پنجاهه هجن ته به قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، البت مان راڳ ڪڏهن به ڇڏي نه ٿو سگهان، راڳ ئي کيس ان منزل تي پڄايو آهي ۽ اهوئي سندس خوراڪ آهي، سو خوراڪ کان سواءِ ڀلا ڪو ماڻهو جيئرو رهي سگهي ٿو ڇا؟ آخر هڪ ڏينهن موت اچي مهمان ٿيس ۽ پاڻ 21 ذوالقعد، سن 1370هه بمطابق سال 1949ع ۾ جمع جي ڏينهن نوان جتوئي واري مڪان تي وفات ڪيائين. کيس پراڻا جتوئي جي صوفاڻي سيدن واري مقام ۾ دفن ڪيو ويو، جتي اڳ ئي سندس ساٿي محمد فقير هيسباڻي، سيد حامد علي شاهه ۽ سيد صابن شاهه دفن ٿيل هئا، پوءِ ٿيو ائين جو سن 1960ع ۾ جا ٻوڏ آئي، تنهن ۾ هيءُ قبرستان پاڻي پائي ويو ۽ سڀ قبرون لُڙهي ويون، سو هنن چئن يارن کي به جَلَ پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀيڪوڙي الائي ڪاڏي کڻي ويو، شال ڌڻي مٿن ٻاجهه ڪري.

حوالو ۽ سمجهاڻيون:

  1. بازيدپور بابت ’تاريخ بازيدپور‘ جي نالي سان هن ليکڪ جو هڪ مستقل ڪتاب لکيل آهي، ان ۾ پڻ پيرل فقير جي حوالي سان به گهڻو بحث ٿيل آهي. (ڊ.ر.ا.م)

  2. هي بزرگ سنڌ جي موجوده وزيراعليٰ مراد علي شاهه جو ڏاڏو هو. (ڊ.ر.ا.م)

  3. جمال الدين ’مومن‘ خاصخيلي: پيرل فقير جي شعر و شاعري، مومن پبليڪيشن جتوئي نوان، ڇاپو پهريون، سال 1986ع، ص 14.

  4. صوفي قربان علي خاصخيلي: صوفي ساڃاهه، مومن پبليڪيشن جتوئي نوان، ڇاپو پهريون، سال 1983ع، ص 162.

  5. دوايو يعني ٻه مضمون: سنڌي، عربي= سنڌيءَ سان گڏ عربيءَ جي تعليم.

  6. ٽيوايو يعني ٽي مضمون: سنڌي، عربي ۽ فارسي = سنڌي سان گڏ عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم انگريز دؤر کان اڳ ۽ پوءِ اهي ڪتاب سنڌ جي مڪتبن ۽ اسڪولن ۾ رائج هئا، جي پوءِ نئين نصاب اچڻ ڪري آهستي آهستي بند ٿي ويا. (ڊ.ر.ا.م)

  7. صوفي قربان علي خاصخيلي: صوفي ساڃاهه، مومن پبليڪيشن جتوئي نوان، ڇاپو پهريون، سال 1983ع، ص 162.

  8. واهڙ وارن سيدن وٽ پاڻ ننڍو ٿي وڏو ٿيو هو. (ڊ.ر.ا.م)

  9. ضلع دادو ۾ هي سندس= سندس اَباڻو ڳوٺ هو. (ڊ.ر.ا.م)

  10. متن ۾ ڄاڻايل اهي سڀ مڪان، ضلع دادوءَ جي حدن ۾ اچي وڃن ٿا. (ڊ.ر.ا.م)

  11. صوفي قربان علي خاصخيلي: صوفي ساڃاهه، مومن پبليڪيشن جتوئي نوان، ڇاپو پهريون، سال 1983ع، ص 162.

  12. ڊاڪٽر رفيق احمد مڱريو: تاريخ بازيدپور، بايزيد پبليڪيشن بازيدپور، سال 2017ع، ص 41.

  13. ڊاڪٽر رفيق احمد مڱريو: تاريخ بازيدپور، بايزيد پبليڪيشن بازيدپور، سال 2017ع، ص 141 (تلخيص)

  14. ڊاڪٽر رفيق احمد مڱريو: تاريخ بازيدپور، بايزيد پبليڪيشن بازيدپور، سال 2017ع، ص 243-244

  15. ڊاڪٽر رفيق احمد مڱريو: تاريخ بازيدپور، بايزيد پبليڪيشن بازيدپور، سال 2017ع، ص 240

  16. دنيا مڙئي هڪڙي گهڙي آهي، منجهس آرام ته آهي ئي ڪونه.

  17. ٻنهي جهانن ۾ مقصد، الله جو جلوو پسڻ ئي آهي.

  18. جمال الدين ’مومن‘ خاصخيلي: پيرل فقير جي شعر و شاعري، مومن پبليڪيشن جتوئي نوان، ڇاپو پهريون، سال 1986ع، ص 33 کان 69 تائين، مذڪوره ڪتاب جي مواد مان تلخيص ڪيو ويو آهي. (ڊ.ر.ا.م)

  19. وڌيڪ لاءِ ڏسو ليکڪ جو ڪتاب ’تاريخ بازيدپور‘ طبع بايزيد پبليڪيشن بازيدپور، سال 2017ع، ص 244-245.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org