ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ
مهراڻ (اوائلي)
تعارف: هي رسالو ”سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار
بورڊ“ جي سهاري هيٺ 1946ع کان وٺي جاتي ٿيو.
انهيءَ وقت رسالي جو ”ايڊيٽوريل بورڊ“ هن ريت هو:
عثمان علي انصاري
چيئرمين ايڊيٽوريل بورڊ
مولانا دين محمد وفائي
چيف ايڊيٽر
لعلچند امرڏنومل
مئنيجنگ ايڊيٽر
ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي ايڊيٽر
رسالي جي اشاعت جنوري 1946ع کان ٿي، ۽ ٻه سال ٻه
ماهي پرچي جي صورت ۾ شايع ٿيندو رهيو.
رسالي جو ساليانو چندو پنج روپيا هوندو هو.
مواد: ”مهراڻ“ جي ابتدا ۾ ئي، سنڌ جي نامور عالمن،
اديبن ۽ شاعرن، دل کولي قلمي تعاون ڪيو. هن رسالي
جو ايڊيٽوريل بورڊ ئي خود ڏات ڌڻي ليکڪن تي مشتمل
هو، جن رت ۽ ست ڏئي سنڌي ادب ۾ هڪ سنگ ميل هڻي
ڇڏيو. هن رسالي ۾ وقت به وقت ادبي خط، شاعري،
ڪهاڻيون، ناٽڪ ۽ مضمون شايع ٿيندا رهندا هئا.
”ڌڻيءَ جا لک لک شڪرانا جو اٽڪل ويهن ورهين جي
دراز عرصي بعد هن ضعيف جي ”مهراڻ“ نالي رٿيل مخزن
آخر وجود ۾ آئي آهي. ويهه ورهيه هڪ قوم جي ذهني
انقلاب ۾ ڪا وڏي مدت ناهي، بشرطيڪ اهو انقلاب هڪ
تنظيمي صورت اختيار ڪري ملڪ جي ادبي ماحول ۾ موافق
اصلاح آڻي.“
”مهراڻ“ سنڌونديءَ جو قديم نالو آهي. اها پياري
ندي جنهن جو لڙاٽيل پوتر پاڻي سنڌو ديش جا سڀ
رهواسي هندو خواهه مسلمان پي پنهنجي اُڃ لاهي اندر
ٿا ٺارين، جنهن جي آبياريءَ تي ملڪ جي ماڻهن ۽ ٻين
جيون جو جياپو آهي، جنهن جي ڪري سنڌ هڪ زرخيز
زراعتي ملڪ ٿي پيو آهي، ڪهڙي نه عجب جهڙي ڳالهه
آهي جو ساڳي هوا نڪئون ڳهجي، ساڳي خوراڪ ۽ ساڳيو
پاڻي نڙيءَ اندر نجي، ته به فقط هڪ بيروني عامل
يعني مذهب جي اثر ڪري ذهني پيداوار ۽ تخيل جي
طريقن ۾ ايڏو تفرقو…
مهراڻ“ جو ميدان ۾ اچڻ انهيءَ سڳوري سَنوڻ جو
سنيهو آهي، اچو يارو، هندو- مسلم ڀائرو، ته
هڪ ٻئي سان ملي، ”مهراڻ“ جي وسيلي هڪ اهڙي
”ادبي سنگت“ ادبي ياري يا جمعيت ٺاهيون، جنهن
کي ملڪ جي ادبي انّتيءَ جو اونو هجي، جا مذهب
۽ ملت جو ملمع لاهي، ديسي ادب کي هڪ اهڙي قالب
۾ پلٽائي ۽ سانچي ۽ سميٽي، جو منجهانئس غيريت
جو رنگ نڪري وڃي، هيڪڙائي جي هيئت پڪڙي.
نمبر |
عنوان |
ليکڪ |
ڪهڙي پرچي ۾ شايع ٿيو |
1.
|
”ادبي سنگت“ |
ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽه |
جنوري 1946ع |
2.
|
”باهمي اتحاد“ |
آغا تاج محمد |
ايضاً |
3.
|
”روهڙيءَ جو راز“ |
شيوارام لالا |
ايضاً |
4.
|
”سنڌي ٻولي“ |
مولوي عبدالڪريم چشتي |
ايضاً |
5.
|
”گمنام دهقاني شاعر“ |
نبي بخش بلوچ |
اپريل 1946ع |
6.
|
”اسان جي سنڌڙي“ |
آغا تاج محمد |
ايضاً |
7.
|
”اتحاد جا طريقا“ |
مولوي عبدالڪريم چشتي |
ايضاً |
8.
|
”سنڌ جي هڪ پراڻي تاريخ جا ڪي
ورق“ |
صوفي قلندر بخش |
مئي- جولاءِ 1946ع |
9.
|
”شاهه طالب“ |
سوڀراج نرملداس |
ايضاً |
10.
|
”شاهه؛ فطرتي شاعر“ |
مولانا دين محمد وفائي |
ايضاً |
11.
|
”سنڌي نثر“ |
عثمان علي انصاري |
ايضاً |
12.
|
”بلوچستان جا راز“ |
نبي بخش بلوچ |
مئي- جون 1946ع |
13.
|
”دال مصالح چٽڻيءَ سان“ |
ڀيرومل مهرچند آڏواڻي |
آگسٽ-آڪٽوبر 1946ع |
14.
|
”شيراندازيءَ جي تاريخ“ |
ڀيرومل مهرچند |
ايضاً |
15.
|
”سنڌ جو پهريون پهريون خود ساخته
صدر منصف“ |
لعلچند امرڏنومل |
ايضاً |
”سنڌي ٻوليءَ جي عربي آئيويٽا“ |
پروفيسر چيتن ماڙيوالا |
ايضاً |
”نثر“ |
خوبچند جڳتياڻي |
ايضاً |
”هندستان کان آمريڪا تائين سفر“ |
نبي بخش بلوچ |
ايضاً |
”شاهه عبداللطيف؛ سنڌ جو رهبر“ |
ڄيٺمل پرسرام |
آڪٽوبر-نومبر 1946ع |
”شاهه ڀٽائي جو شاهانه ڪلام“ |
مولوي عبدالڪريم چشتي |
ايضاً |
”شاهه جي رسالي ۾ حقيقت جا راز“ |
عبدالله چنه |
ايضاً |
”مرزا قليچ بيگ؛ سلاست جو سائين“ |
خوبچند جڳتياڻي |
ايضاً |
”مرزا قليچ بيگ؛ نثر نويس“ |
محمد يعقوب |
ايضاً |
”سنڌيءَ جي دکدائڪ حالت“ |
ڀيرومل مهرچند آڏواڻي |
ڊسمبر-فيبروري 1947ع |
”غلطيون دور ڪريو“ |
ايضاً |
ايضاً |
”ساهت ۽ ادب ڇاهي؟“ |
لعلچند امرڏنومل |
ايضاً |
”سنڌ سنت سامي“ |
سوڀراج نرملداس |
ايضاً |
”انصاف ۽ احسان“ |
بيگم عبدالله چنه |
ايضاً |
”ڪوڙ“ |
عطا حسين شاهه |
ايضاً |
”حل طلب لاءِ حل“ |
ڀيرومل مهرچند آڏواڻي |
ايضاً |
”سرڳواسي ڊاڪٽر گربخشاڻي جو ڇپايل
شاهه جو رسالو“ |
عثمان علي انصاري |
آڪٽوبر-ڊسمبر 1947ع |
”ساهتيه جي سونهن“ |
روچيرام سڌاڻي |
آڪٽوبر- نومبر- ڊسمبر 1947ع |
”شاعر عاجز“ |
جهامنداس ڀاٽيه |
ايضاً |
”سنڌ جا گاهه“ |
رامنداس لکاڻي |
ايضاً |
”پڻي ۽ بلوچستان“ |
ڪشنچند ڄيٽلي |
ايضاً |
مٿئين وچور تي نظر ڪرڻ مان معلوم ٿيندو ته
”مهراڻ“ ۾ علمي، ادبي، تاريخي ۽ اخلاقي
مضمون شايع ٿيندا هئا. ان کان سواءِ هن
رسالي کي سنڌ واسين ۾ اتحاد ۽ اتفاق پيدا
ڪرڻ جو ادبي ذريعو به ڄاتو ويندو هو،
انهيءَ ڪري هندو- مسلم اتحاد جي موضوع تي
به رسالي ۾ مضمون شايع ٿيندا هئا ۽ انهن
جو ذڪر وچور ۾ به اچي چڪو آهي. هن هيٺ
پهرين پرچي ۾ شايع ٿيل آغا تاج محمد جي
مضمون ”باهمي اتحاد“ مان اقتباس ڏجي ٿو:
”اتحاد مذهبي هدايتن موجب آهي. مسلمانن جو
ڪلام پاڪ هجي، يا عيسائين جو مقدس انجيل
يا هندن جو ڪوبه پوتر پستڪ، هرهنڌ اتفاق ۽
اتحاد لاءِ ڪافي کان زياده نصيحت ۽ هدايت
ڪيل آهي. مسلمان جن کي اهو فخر آهي ته
اسين توحيد جا پوڄاري آهيون، تن کي لفظ جي
معنيٰ جي لحاظ کان ئي اتحاد سان زياده
محبت ۽ دلچسپي هئڻ گهرجي. جو اهو لفظ لغوي
معنيٰ ۾ وحدت مان نڪتل آهي. انهيءَ ڪري
ضروري آهي ته اگرچه مذهبي امور سڀ ڪنهن جا
مختلف آهن، ته به دنيوي ڳالهين ۽ هندو
خواهه مسلمان، پارسي خواهه يهودي ۽ ڪرستان
پاڻ ۾ متحد رهن. مسلمانن جي هدايت لاءِ هي
ڪافي آهي ته الله جل جلالہ‘ پاڻ کي ٻين
لقبن سان گڏ رب العالمين سڏيو آهي، يعني
جملي عالم جو رب.“
هن رسالي ۾ ڪهاڻيون، ۽ ناٽڪ به شايع
ٿيندا هئا، 1946ع کان وٺي ويندي 1947ع
تائين رسالي ۾ شايع ٿيل ڪهاڻين مان
مکيه هي آهن:
-
”ننڍڙي نئنا“
ليکڪ: لعلچند امرڏنومل
-
”هي به رانجهوءَ سنڌي رمز“
ليکڪ: امرلعل هڱوراڻي
-
”تلوڪ ٽيمي“
ليکڪ: لعلچند امرڏنومل
-
”سنگتيءَ ۾ مون ڪي ته ڏٺو“
ليکڪ: لعلچند امرڏنومل
رسالي جنوري ۽ فيبروري 1946ع واري
پرچي ۾ ”ديوانه“ جي نالي هڪ ڊرامو به
شايع ٿيو. هي ڊرامو هينرڪ ابسن جو
لکيل هو، جنهن جو سنڌي ٻوليءَ جي
مشهور ڊرامه نگار احمد غلام علي چاڳلا
ترجمو ڪيو هو.
هن ڊرامي جي مطالعي سان اها حقيقت
بلڪل واضح ٿيو پوي ته ادب حياتيءَ جو
آئينو آهي، هي ڊرامو سماجي انقلاب جو
مقصد رکي ٿو.
گل حيات انسٽيٽيوٽ جي ويب سائيٽ تان
کنيل
|