سوچ - لوچ
سنڌي ادبي بورڊ کي تاريخي طور تي ماضيءَ جو هڪ
شاندار پس منظر آهي ۽ ادب ۽ تاريخ جي ميدان ۾ ادا
ڪيل ڪردار انتهائي روشن آهي، ماضيءَ جيان حال سان
گڏ مستقبل لاءِ پڻ هيءُ هڪ شاهڪار ادارو آهي،
ادارو قابل آهي ته پنهنجي ادبي روايتن کي برقرار
رکندي تاريخي ڪردار ادا ڪري ايندڙ نسلن کي شاندار
ادب ۽ تاريخ بابت نوان تحقيقي ۽ شانائتو ادب ڪتابي
صورت ۾ مهيا ڪري ڏئي. ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته
اليڪٽرانڪ ميڊيا، سوشل ميڊيا ۽ انٽرنيٽ جڏهن سڄي
دنيا کي عالمي ڳوٺ
Global village
۾ بدلائي ڇڏيو آهي. ان جي باوجود به ڪتابي شڪل ۾
ادب کي جديد سهوليتن سان ميسر ڪري ڏيڻ ۾ وڌيڪ
آساني پيدا ڪري ڇڏي آهي، جيتوڻيڪ اهو چوڻ ۾ اچي ٿو
ته هن جديد دور ۾ ڪتاب جي اهميت گهٽجي وئي آهي ان
ڳالهه جي ڪنهن به طرح پٺڀرائي نٿي ڪري سگهجي، ڇو
ته اهو صرف هڪ ٽهيءَ جي ڪجهه سيڪڙو ماڻهن جو خيال
ٿي سگهي ٿو، پر گذريل ۽ موجوده صديءَ جو سنگم
رکندڙ هڪ پيڙهي ان خيال جي آهي ته ڪتاب جي اهميت
ڌنڌلي ٿي سگهي ٿي، پر گهٽجي نه ٿي سگهي. ان خيال
کي ان سان پٺڀرائي حاصل ٿئي ٿي، جو سرجندڙ ۽
ڇپجندڙ ادبي ڪتاب ۽ اخبارون توڙي جو سوشل ميڊيا
عام ٿي وئي آهي. اليڪٽرانڪ ميڊيا دنيا جون خبرون
سيڪنڊن ۾ سڌو سنئون نشر ڪري رهي آهي ۽ پوءِ به ان
ساڳئي رڌم سان پرنٽ ميڊيا عروج تي آهي جڏهن ته
اليڪٽرانڪ نشريات کان وڌيڪ اخباري خبر کي اعتماد
جوڳو سمجهيو وڃي ٿو. انهيءَ صورتحال جي پيش نظر
سنڌي ادبي بورڊ مان شايع ٿيندڙ رسالا ۽ مختلف
موضوعن تي ڇپجندڙ ڪتاب، پڙهندڙن خاص طور لئبررين ۾
مطالعو ڪندڙ نئين ٽهيءَ جي نوجوانن کي سندن علم جي
واڌاري ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. سنڌي ادبي
بورڊ جي ماضيءَ وانگر هاڻي به اهائي ڪوشش رهي آهي
۽ رهندي ته تحقيق سان گڏ ادب جي مختلف صنفن توڙي،
تاريخ جي ميدان ۾ گهربل ڪردار ادا ڪندو رهي.
سنڌي ادبي بورڊ جي نئين بورڊ آف گورنرس ۽ جوڙيل
مختلف انتظامي ڪاميٽين جي ميمبرن جي گڏيل ڪوششن ۽
نون اُپائن سان سنڌي ادبي بورڊ ترقيءَ جي منزل طرف
روان دوان آهي. چيئرمين صاحب جي هدايتن موجب بورڊ
جي معزز ميمبر ۽ مانواري محقق سائين ڊاڪٽر دُرمحمد
پٺاڻ صاحب کان بورڊ جي انتظامي شعبي، بورڊ جي ويب
سائيٽ کي وڌيڪ فعال ۽ منفرد بنائڻ، ۽ لائبرريءَ جي
جديد ترتيب ڪئٽالاگ ۽ انڊيڪس، پبليڪيشن شعبي ۽
پريس شعبي سان لاڳاپيل اسٽاف ۽ رسالن کي وڌيڪ
معياري بنائڻ لاءِ جديد ايڊيٽريءَ بابت سکيا لاءِ
رهنمائي حاصل ڪئي وئي ۽ انهن جي مفيد مشورن مطابق
کنيل اُپائن سبب بورڊ جي انتظامي شعبي ۽ ڪمن ڪارين
۾ تمام گهڻي سرگرمي پيدا ٿي آهي، قوي اميد آهي ته
سنڌي ادبي بورڊ انهن انتظامي سڌارن سان وڌيڪ بهتر
ڪارڪردگي ڏئي سگهندو ۽ پنهنجي مقصدن ۾ حاصلات حاصل
ڪندو.
ثمينه ميمڻ
ايڊيٽر
سرڪش
سنڌي
(جنم: 1- آڪٽوبر 1940ع - وفات: 5- مارچ 2012ع)
غزل
آدم کان آدميءَ تي جڏهن ديد ٿي پوي،
ڪنهن اڻ ڏٺل جي ذوق تي تنقيد ٿي پوي.
پَلُ پَلُ پڇي رهيو آ پيڙا ۽ پُور ۾،
ٿي بي قرار چَئن جي اميد ٿي پوي.
هڪ غم هزار خوشيون پوريون نٿيون پون،
لُڙڪن ڀريل اکين ۾ ڳري عيد ٿي پوي.
جنهن سان اسين اُهو به اسان جو ٿئي جڏهن،
اُلفت جي ڪائنات ۾ تجديد ٿي پوي.
دنيا کان دردِ غم سڀ واپس وٺي ڇڏيو،
ڪائي ته زندگيءَ جي تائيد ٿي پوي.
ان کي ميار ناهه ته ڪنهن کي ڏجي ڀلا،
ٻئي کي ڏيڻ سان ضربجي توحيد ٿي پوي.
جيڪي ٻُڌو اٿم يا جيڪي مڃيو اٿم،
’سرڪش‘ انهيءَ جي جيڪر ترديد ٿي پوي.
طارق عالم ابڙو
(جنم: 10- اپريل 1958ع- وفات: 11- جون 2011ع)
غزل
ڪٿي کُٽي ٿي وڃي رات، ڪا خبر ناهي،
ڪٿي ٽُٽي ٿي وڃي بات، ڪا خبر ناهي.
هئس هو ساڻُ، چيئين سچُ، ٿي ويو تنها،
هي جيت ڪنهن جي هئي مات، ڪا خبر ناهي.
دِلين جا قافلا ڪهڙي سفر ۾ لُٽجي ويا،
برهه ڪٿي هنئي آ گهات، ڪا خبر ناهي.
چئي ويو هو اچڻ جو، وري نه سو موٽيو،
اُنهيءَ کي ڳولي ٿي پرڀات، ڪا خبر ناهي.
اسين فقير، مسافر، محبتن جا سفير،
پڇو ٿا ڪهڙي اٿئون ذات، ڪا خبر ناهي.
جُدا ٿيڻ کان اڳي روئي ڪجهه کِلي ته وٺون،
ڪڏهن ٿئي ٻي ملاقات، ڪا خبر ناهي.
مَري سَڙي ويا جهنگل، سُڪي ويو درياءُ،
ڪٿان اچي ٿي پکين لاتِ، ڪا خبر ناهي.
پرڏيهي ادب ۾ آتم ڪٿا، سوانح عمري، اعترافن ۽
تحقيقي ادب جي وڏي اهميت حاصل آهي، ماڻهو جيڪي
ڪجهه پنهنجي گرد و پيش ڏسي ٿو، محسوس ڪري ٿو، سندس
دل ۽ ذهن ۾ سندس چوگرد واقعا رونما ٿي ماضي جو حصو
بڻجن ٿا، انهن کي نٿو وساري سگهي. ڇاڪاڻ ته اهي
واقعا ۽ ڳالهيون، جيڪي مٿس اثر ڇڏين ٿا، انهن جو
عڪس مٿس سدائين طاري رهي ٿو. سنڌي ٻوليءَ ۾ شابس
هجي، ميرزا قليچ بيگ کي، جنهن سڀ کان پهرين پنهنجي
آتم ڪٿا، ”سائو پن ۽ ڪارو پنو“ لکي. ان ۾ هن جي
روزاني ڊائري پڻ شامل آهي. دراصل ورهاڱي کان اڳ
سنڌ ۾ ڪهاڻي، شعر کانسواءِ ٻين موضوعن تي لکڻ جو
رواج گهٽ هو. البت ان دور ۾ ڪن اهم شخصن جي
حياتيءَ جا احوال ضرور لکيا ويا. ننڍي کنڊ ۾ ادب ۾
تحقيق جو عنصر ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، شاه
جو رسالو ترتيب ڏيئي شاهه صاحب جي زندگيءَ جو
احوال لکي ڪيو. بعد ۾ محترم جي.ايم.سيد، ڊاڪٽر عمر
بن محمد دائودپوٽي، پير علي محمد راشدي، پير حسام
الدين راشدي ۽ ڪجهه ٻين جو ڪارنامو آهي، جن پنهنجي
حياتيءَ جو احوال لکيو ۽ ساڻن گڏ گذاريل شخصن بابت
به گهڻو مواد فراهم ڪري ويا. مشهور اديب شيخ اياز
پنهنجي آتم ڪٿا لکي ويو، اهو سنڌي ادب جو هڪ
شاهڪار ڪتاب آهي. مشهور اديب ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ پنهنجي حياتي جو احوال لکيو آهي.
ڪجهه وقت کان سنڌ ۾ شاعري، ڪهاڻي جو رجحان خاص طرح
هر شاعر ڪهاڻيڪار جي لکڻين جا ڪتاب وڏي تعداد ۾
ڇپجڻ لڳا. اها چڱي ڳالهه پر محسوس ٿي رهيو هو ته
اسان وٽ سوانح عمري، آتم ڪٿا وغيره، لکڻ جو سلسلسو
گهڻو ڪري ختم ٿي رهيو آهي، پر هن وقت ڏٺو ويو آهي
ته سنڌ ۾ آتم ڪٿائن لکڻ جو رجحان تيز ٿي ويو آهي.
ڪيترا بيوروڪريٽ به سنڌيءَ ۾ پنهنجيون آتم ڪٿائون
لکي رهيا آهن. دراصل سنڌي ادب ۾ هاڻ تحقيقي ادب،
توڙي ماضي قريب واري سياست تي لکڻ ۽ تحقيق جي
ضرورت آهي ۽ خوشيءَ جهڙي ڳالهه آهي ته ان موضوع تي
هاڻ گهڻو ڪجهه سِرجي رهيو آهي.
مدد علي سنڌي
ڪتاب: ”جوئي آهيان سوئي آهيان- (آتم ڪٿا)“
مهاڳ
ص 15 تان کنيل
تاجل بيوس |