محمود مغل
وٺڻ نه وٺڻ جي وچ ۾
عجيب حالت ٿي وئي هئي هُن جي، جنهن جو کيس پاڻ به
چڱيءَ طرح احساس هو.
عينڪ جي ڪمان طور ٻڌل ڌاڳي جا وٽ سڌا ڪندي، هن
چُنجهين اکين سان سامهون نهاريو. گهر جو دروازو
بند هو ۽ ڇمي ٻاهران ڏاڪڻ تان گند ٻُهاري رهي هئي،
گهٽيءَ ۾ صبح جي حڪمراني هئي ۽ شيون آهستي آهستي
پڌريون ٿي رهيون هيون.
ڌاڳو به عجيب عذاب ۾ اچي ويو هو. ڪراڙيءَ جا هٿ
ڪمزور هئا. مهٽي مهٽي جيئن سڌو ڪرڻ جي ڪوشش پئي
ڪيائين، ائين منجهندو پئي ويو. مٿان وري ڇميءَ جي
ٻُهاريءَ مان نڪتل ڌوڙ، ڪراڙي ڏاڍي بيزار ٿي ويئي
هئي....
”مُئي، آهستي ٻُهارو نه ٿي ڏئين.... سڄي ڌوڙ پئي
منهن ۾ اچي....“ هن رڙ ڪئي. ڇميءَ منهن آڏو ڍريل
گهونگهٽ جي اندران پوڙهيءَ ڏي نهاري، ڳاڙهي ٿڪ
اڇلائيندي. هٿ کي کن پل لاءِ روڪيو.
”جي ساهه منجهئي ٿو ته اندر ڇو نٿي وڃي ويهين....
جهاڙو ڏيئي وڃان ته پوءِ اچي پنهنجو تخت
سنڀال....“
زلوءَ جي وات مان بي ساخته اهو جملو نڪرڻ وارو هو
ته اندر به ته ساهه ئي منجهي ٿو، اتي وري ڪهڙو سُک
آهي؟.... پر هن پنهنجي رُڪيل ساهه وانگر زبان به
روڪي ڇڏي.
ڇميءَ ٻُهاريءَ جو کرڙو زور ڪري ڇڏيو. زلوءَ منهن
تي رئي جو ٻڪ ٺاهيندي وري سامهون نهاريو. دروازو
بند هو. صبح جو سج جا ڪِرڻا دروازي جي پُٺ کان هئا
۽ سڌا پنهنجي گهر جي در تي ويٺل زلوءَ جي منهن تي
ڪري رهيا هئا، ٻُڪ جي ڪري، دروازو زلوءَ جي نگاهن
۾ وڌيڪ چِٽو ٿي ويو هو ۽ جي ڪنهن کڙڪي سان وفاقت
ڪندي اهو کُلڻو به هو ته سڀ منظر واضح ٿي سامهون
اچڻا هئس.
”ڪيئن ٿي گهري سگهان ڪنهن کان؟ سڄي عمر اها ڌوڙ نه
پاتي اٿم هاڻي ڪيئن پايان....؟“
ساهه منجهڻ لڳو هوس، تڪڙ ۾ وڏو ساهه کنيائين ته
ڪجهه وڌيڪ مِٽي اندر ويندي محسوس ٿيس، ساڳيءَ حالت
۾ هن کي کنگهه ورايو ته ڇميءَ مرڪندي ڪم کي بند
ڪيو ۽ اتان رواني ٿي ويئي، زلوءَ جي دل ۾ ڇميءَ کي
گارين ڏيڻ لاءِ جيڪي ڪجهه معلومات گڏ ٿي رهي هئي،
سا کنگهه ساڻ ڄڻ هوائن ۾ گم ٿيندي ويئي.
ساهه قابو ڪندي هن وري ڏٺو دروازو بند هو.
اندران زليخا جو آواز ايندي محسوس ڪيائين.
”چاچي... اندر نه ٿي اچين؟.... چانهه ڪڏهوڪي ٺري
وئي..... ٻاهر ڏئي وڃانءِ.....“
اڻ لکي مرڪ سندس چپن تي اچي ٿي، ڪنڌ ورائي اندر
نهاري ٿي. اهو ئي هڪڙو ننڍڙو ڪمرو، پنجن فوٽن جي
بنا ڇت جي جاءِ، جنهن کي اڱڻ جو نالو ڏنل هو.
وهنجڻ جاءِ ۽ رڌڻو.... مرد ماڻهو ٻه ٻرانگهون کڻي
ته گهر جو مفاصلو پورو.... مٿان وري نهڻس جو اندر
ٻاهر جو استعمال......
”سادي آ؟“ هن ڀڻڪيو، ”هتي ئي ڏئي وڃينم
ڪنوار.....“
زليخا تڪڙي ڏانهس آئي ۽ چانهن جو پيالو ۽ بَن جو
اڌ ساسر ۾ رکيل، وٽس رکي ويئي.... هن ويندڙ نُنهن
ڏانهن نهاريو.
”يعقوب ستل آهي؟“
”ها چاچي.....“
”صبح جو کير ڏنو هئيس؟“
”هائو.....“
زليخا مٿس هڪ گهري نگاهه وجهي، وري اندر هلي ويئي،
ڪراڙيءَ بن کي چانهه ۾ ٻوڙي وري سامهون ڏٺو،
دروازو اڃان به بند هو. ”ڪيڏي نه مهانگائي ٿي ويئي
آهي، ارڙنهن رپين جو ته کير جو ڪلو ٿي ويو آهي،
ڪلو ته وٺي نٿا سگهون، اڌ ڪلو ڏينهن وٺي، پاڻي
ملائي ٿا، يعقوب کي پياريون ته به پورت ته پوي
ڪانه ٿي.... ڪيئن پوري ڪيون...“
وات ۾ بند کي لوڏي، نڙيءَ مان هيٺ لاهيندي، سندس
ڪنڌ الائي ڇو جُهڪي ويو هو، سوچن جو بار يقيناً
وڌيل هو....
”ڇا ڪجي.... پاڻ ويو رب ڏي، پُٽ جيل ۾ آهي، اڪيلي
ڇوري گهرن ۾ ڪم ڪار ڪري ٿي ۽ ڪجهه گهر ۾ اچي ٿو،
هاڻي پوٽي کي کير ڍڪڙو به نه ملي ڇا...؟ آسمان مان
کير ته رسڻ کان رهيو....“
”مان وڃانءِ ٿي چاچي....“
زليخا جي آواز سندس ڇرڪ ڪڍي ڇڏيو. زلوءَ چانهن جي
ٿڌي ڳيت ڀريندي ننهن ڏانهن نهاريو.
”يعقوب اُٿي ته کير پياري ڇڏجانس. ۽ ها وهنجارجانس
نه، رات کان بخار ٿَس... موٽي اچان ته من دوا درمل
لاءِ بيگم صاحبه وٽان ڪجهه کنيو اچان.“
”ڇوري کي بخار آهي ۽ تو مون کي ٻڌايو به
ڪونهي....؟“ هن ننهن ڏانهن گهوريو، جنهن جي مُک تي
آيل مُرڪ ڄڻ وڏي آواز ۾ کيس چوندي هجي ”تنهنجو ته
دوائن جو دڪان آهي نه......“
”مون کي به صبح جو محسوس ٿيو آهي چاچي.....“ زليخا
پاڻ سنڀاليو، مرڪ جا مختلف مطلب ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍي
مصيبت ڪندا آهن....
”چڱو تون وڃ...... مان ڏسان ٿي....“
زليخا کي بس ايترو ئي ٻُڌڻو هو، هوءَ تڪڙي هلي
ويئي، زلوءَ اندر نهاريو، ڪمري جي ڪنڊ ۾ هنڌ ۾
يعقوب غائب ٿيل هو، ٻار کي ڏاڍي گهري ننڊ هئي،
زلوءَ ڪنڌ ورائي وري سامهون ڏٺو، در اڃا تائين بند
هو، هن پنهنجي گهر جي دروازي کي ٽيڪ ڏيئي ڇڏي.
”هر واري ڪجهه نه ڪجهه ڏيڻ لاءِ ڪندو آهي، پر مان
نه وٺندي آهيانس، ڪيئن وٺانس، پاڙي جو نينگر آهي
مڃان ٿي ته مهيني ماسي نوڪريءَ تان گهر اچي ٿو، پر
اُن جو مطلب اهو ته ناهي ته ويٺي هن کان خيرات
وٺان... جڙيو هجي شل...“
ڪمائي کارائي پنهنجي گهر وارن کي...... نه ته پوءِ
ڇو ويٺي آهين تون هتي......؟“
پنهنجيءَ سوچ هن کان ڇرڪ ڀرايو، ”اڄ تون ان ئي
آسري تي ويٺي آهين نه، ته هُو نڪري ۽ من ڪجهه ڏئي،
ڇاڪاڻ ته گهر ۾ ڪجهه ڪونهي.... قرضين نهڪار ڪئي
آهي ۽ زليخا جي پگهار ۾ اڃا پندرنهن ڏينهن آهن،
حياتي ته فقيرياڻيءَ جي چولي جيان ميري ۽ ڳري ٿي
ويئي آ.“ هن ڪنڌ لوڏيو. ”جي ڏينهن آهن ته ڀلي
هجن.... باقي ڪنهن آڏو هٿ ٽنگبو ڇا.... مان ته نه
وٺندي مانس..... سدائين ڏيندو آهي.... مان ئي نه
وٺندي آن.... لک چوندو آ.... امڙ آن منهنجي جيجل
آن.... پر مان ٿي وٺانس؟ مان ڪا فقيرياڻي آهيان
ڇا؟ نه پر صبح کان وٺي مان ته اهو ئي سوچيو پئي،
من ڪجهه ڏئي... ته هيل انڪار نه ڪندم.... نه....
مان انڪار ڪندم.... نه وٺندي مانس.... پر..... هو
الاءِ ڏيندو به الائي نه....“
اوچتو يعقوب جي روئڻ کيس ڇرڪائي وڌو، زلوءَ پاڻ
سنڀاليو ۽ همت سنڀاليندي، وس آهر تڪڙي اُٿي ۽
ننڍڙي کي اچي کنيائين.
”ابا…ابا…منهنجا ٻچڙا…مان گهوري…مان صدقي.....“
گرم هنڌ مان يعقوب کي کڻندي، کيس لڳو ڄڻ هن ٽانڊا
هٿن ۾ کنيا هجن....
”آئي گهوڙا.... ڇورو ته باهه لڳو پيو آهي.....“
ڪمري ۾ گهُٽ هئي ۽ مٽن جي گهڙامنجي به در وٽ رکيل
هئي. زلوءَ، يعقوب کي ٻچڪارون ڏيندي گهڙامنجي جو
رخ رکيو ته انهيءَ مهل ئي سامهون وارو در کُليو،
امان الله پنهنجي گهران ٿيلهو کڻي نڪتو پئي. شايد
گهر وارن کان موڪلايائين پئي، سڌو ٿي ته نظر زلوءَ
تي پيس. هو زلوءَ ڏانهن ڄڻ ڌوڪيندو آيو....
”ڪهڙو حال آهي ماسي؟“
هن زلوءَ جي پيرن تي هٿ رکيو، ڪلهي تي رکيل ٿيلهو
ڍرڪي ويو هوس....
”شڪر آهي ابا، تون ڪيئن آهين؟“ زلوءَ امان جي
ٻانهن تي هٿ ڦيريو.
”بلڪل ٺيڪ ٺاڪ......“ هن ٿيلهو واپس ڪلهي تي سيٽ
ڪيو.... ”ڇو ننڍڙو کنيو بيٺي آهين؟“
”بخار اٿس ابا..... هڏ سڙيس پيو ٿو.“
امانَ هڪدم ٻارڙي جي پيشاني ڏٺي.
”اڙي، هن کي ته ڏاڍو تيز بخار آ، ڪنهن ڊاڪٽر کي
ڏيکاريو اٿئيس....؟“
”اڙي ابا.... مان ڪراڙي، ڪاڏي نڪرڻ جهڙي ناهيان،
زليخا اچي ته ڏيکاريندس.“
”مان ڏيکاري اچانس؟“
”اڙي نه پُٽ! توکي دير ٿيندي، مان پاڻيءَ جو ڇنڊڪو
هڻانس ٿي، زليخا به ڪلاڪ ٻن ۾ اچي ويندي، پوءِ
ڏيکاري ايندس.“
”ماسي! مون لاءِ ڪو ڪم ڪار؟“
امانُ واپس مُڙيو، زلوءَ جي اندر مان ڄڻ ڪو ٻوجهه
لهي ويو هو. هوءَ مٽ مان پاڻي ڪڍڻ لڳي ته محسوس
ٿيس ته امانُ اڃان بيٺل هو. زلوءَ سواليه نظرن سان
ڏانهس نهاريو. کيس احساس ٿي ويو هو ته اها گهڙي
اچي ويئي هئي.
امانُ آهستڙي اڳتي وڌيو. ”ماسي! مان سدائين توکي
ڪجهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، تون نه وٺندي آن، اڄ
مان توکي نٿو ڏيان، ننڍڙي کي ٿو ڏيان. هي رکو....
ٻار لاءِ دوا وغيره گهرائي وٺجو.....“ زلوءَ
نهاريو، امانَ جي مُٺ ۾ ڪجهه پئسا هئا. هن ٻارڙي
جي بُت جي گرمي پنهنجي اندر ۾ لهندي محسوس ڪئي، پر
کيس لڳو، ڄڻ پنهنجي آواز تي کيس ڪا به قدرت نه
هجي. هن چوڻ گهريو.
”نه پُٽ! ان جي ضرورت ناهي، زليخا پئسا کڻي ويئي
آهي، موٽ ۾ دوائون وٺي ايندي....“ پر کيس لڳو ته
هوءَ ڪجهه غلط ڳالهائي ويئي هئي، ۽ پنهنجو چيل
جملو، هن پاڻ ئي نه ٻڌو هو. بس، هٿ ۾ هئس امانَ جا
ڏنل پئسا، سندس ڪنڌ جو خم اڃا وڌي ويو هو، امانَ
الائي ڇا پئي ڳالهايو، پر سندس ڪوبه لفظ زلوءَ جي
ڪنن نه پئي جهٽيو، امان الله جي وڃڻ کانپوءِ کيس
لڳو ڄڻ هن جي بُت تي مير جا الائي ڪيترا تهه ڄمي
ويا هئا، جن کي لاهڻ لاءِ صابڻ وٺڻ جيترا پئسا به
وٽس نه هئا.
(ٽماهي ’مهراڻ‘ سنڌي ادبي بورڊ ڄام
شورو، جلد: 48، نمبر 1 ۽ 2، جنوري ۽ جون 1999ع)
بهادر ٽالپر
اُلڪا، آواز پڙاڏا
فون تي ان ڏينهن پياري دوست سليمان جو آواز هوندي
به لڳو ته ڄڻ ڪو اوپرو ماڻهو پيو ڳالهائي....!
سندس آواز ۾ ڄڻ پٿرن جهڙي ڳوراڻ ۽ سختي، اڳ ۾ ته
ڪڏهن به محسوس نه ٿي هئي....!! سندس آواز امرت ۾
ڪڙاڻ اوتڻ جو ڪم ڪري رهيو هو.... ۽ منهنجي مٿان
بيٺل سج جي تپش ۾ اڃا به اضافو ڪري رهيو هو... ۽
ڀر مان گذرندڙ گاڏين جي سائلينسرن مان نڪرندڙ
دونهين جي دوزخ غمناڪ بڻجي رهي هئي....!!
ڏوهه شايد هن جو به ڪونه هو جو مون کيس اهڙي وقت
رِنگ ڪئي هئي جو هُو پنهنجي ڪنهن انتهائي وڻندڙ
ڪرت ۾ وڃڻ وارو هو....!! ان ڪرت جي آڪار/ شڪل سندس
تصور ۾ ڦِري رهي هئي... اهڙي وقت هن جو ذهن ٻي
ڪنهن مشغولي (ڪنهن فون اٽينڊ ڪرڻ سميت) لاءِ بنهه
تيار نه هو. ڇاڪاڻ ته هُو زال مان جيئن تيئن جند
آجي ڪرائي، پنهنجي ٻارن کي بائيڪ تي اسڪول مان آڻي
گهر ڀيڙو ڪرڻ بعد پاڻ کي پنهنجي ڪِرت لاءِ رليڪس
سمجهي رهيو هو....!!
هن پنهنجي ڊرائنگ روم ۾ گلن جي چٽساليءَ واري کٽ
تي ويٺي ٿورو پرڀرو پيل ڪرسيءَ کي ريڙهي، ويجهو
ڪري، ان تي ويهڻ واري نيت سان جڏهن اهو عمل ڪيو ته
ڪرسي ٺڪ اچي سندس کاٻي گوڏي کي لڳي ته هُو هلڪي
سور جي شدت ۾ پنهنجو پاڻ تي ملامت ڪرڻ لڳو.... ۽
پوءِ ڪاوڙ ۾ اچي ڪرسيءَ کي جو ٿڏو هنيائين ته اها
ڪنهن رانديڪي جيان پرتي وڃي ڪري....!! جنهن جي رڙ
فقط اترئين ديوار تي لڳل سليمان جي ٻاراڻي وهيءَ
واري تصوير ۽ ڀر واري ٽيبل ئي ٻڌي هوندي.....!!
نرم ۽ نازڪ سليمان ٻيئي هٿ پنهنجي گوڏي تي ڏيئي،
ڄڻ ڪنهن چترڪار جي ٽرئجڪ تصوير بڻجي ويو...! پريان
سندس گهر واريءَ رڌڻي مان کيس اوچتو ڏسندي، پنهنجو
ساڄو هٿ مُنهن تي ڏئي، پنهنجي کِل کي لڪائي رهي
هئي...!! پر پڌر ۾ بيٺل نم جي وڻ ۾ لڪل ڪنهن طوطي
جي ٻوليءَ مان سندس زال جي کِل جهڙو ڄڻ هلڪو پڙاڏو
گونجي رهيو هو. هُو ان ويل سمجهي ويو هو ته مٿس
گهر جي هر شيءِ اجايو سجايو کلي رهي آهي....!!
هن سور جي هلڪي شدت مان پڌر ۾ نم جي وڻ جي پنن
ڏانهن ڏٺو ته اُهي جهومي نچي رهيا هئا...!! نم جي
اندر هڪ ڪانءُ به ڪان... ڪان... ڪان.... ڪري رهيو
هو! هن کي ان کان اڳ ڪانءَ سان ڪڏهن نفرت ته ڪڏهن
محبت رهي هئي...!
اهو سندس احساسن ۽ جذبن جي بدل سدل جو نتيجو هو،
پر ان مهل هُو اتاولائي مان ڪاشيءِ ڳولي ڪانءَ کي
هڻڻ جو سوچي رهيو هو... پر کيس ڪا شيءِ هٿ نه آئي
ته ڪانءَ ڏانهن کڻي ڀونڊو اُڀو ڪيائين. ڪانءَ جي
ڪان... ڪان.... ته بند ٿي ويئي پرنم جا پن اڃا به
جُهومي نچي رهيا هئا....!
سندس سور هاڻ نه هئڻ برابر هو، هُن نِوڙي گوڏي کي
پاڻ ڏانهن مٿي ڪري چميو ته کيس سهاڳ رات ياد
آئي.... ۽ سندس سماعتن ۾ ڪيترائي آواز گونجڻ
لڳا... ۽ پوءِ اُهي آواز کانئس ان ئي ويل ڪنهن رٺل
محبوبه جيان پرتي ٿيندا ويا....!! هِن کي لڳو ڄڻ
ڪو قافلو هو، جيڪو سندس گهر جي ڀرسان ڳالهائيندو
گذري ويو.... هُو تصور ئي تصور ۾ پوءِ انهن آوازن
جي پويان ڄڻ ڊڪندو پئي ويو....!!
هُو ان ويل پنهنجي هڪ گهري دوست! سان فون تي ڇا
ڳالهائي رهيو هو... ۽ ڇا نه ڳالهائي رهيو هو....!!
کيس ڪا به سمڪ نه هئي...! هُو سِگريءَ تي رکيل
اهڙي پاڻيءَ سمان هو، جيڪو اٻڙڪا کائي رهيو
هو....!! فون مان وراڻيءَ ۾ رڳو اڙي..... اڙي....
جهڙا اندر کي کائيندڙ لفظَ ٻڌجي رهيا هئا...!!
مان کيس ٻڌائي رهيو هوس ته! ”آءٌ شهر جي فلاڻي
علائقي ۾ فلاڻي روڊ جي ڪناري تي اوهان جو منتظر
آهيان.... اوهان مون کي رِسيوِ نه ڪري ويندو...!!“
پر ٻئي پار کان مايوسي وارا ڪارا ڪڪر سندس گفتگوءَ
جي اوٽ ۾ مون ڏانهن پئي وڌندا آيا.... ۽ مان غم جي
سانوڻيءَ ۾ ڳهرجندو پئي ويس... ۽ آس پاس پئي ڏٺم
ته آءٌ ڪٿي ڀُلجي ٻئي شهر ته نه پهتو آهيان!؟ دل
جيتوڻيڪ رني پئي.... ۽ دماغ ۾ به عجيب قسم جي آنڌ
مانڌ هئي.. پر اکين ۾ اڇا آگم جا اهڃاڻ نه هئا ۽
اهي ٿر جي سُڪل ٺوٺ واريءَ جيان ئي هيون.... جن
مان ڪيترائي ڪارونجهر ڪر مٿي ڪري ڏيل ڏڪائي رهيا
هئا...!!
اهي ئي اکيون هيون جڏهن هُو ”مس ڪال.“ تي فون ڪندو
هو ته انهن ۾ بهار لهندو هو... ۽ من رنگين ڪائنات
۾ ويڙهجي ويندو هو...!! کيس ان ڪائنات جي سُڌ هئي
الاءِ نه....! مون به کيس ان ڪائنات بابت ڪجهه
ٻڌايو به هو يا نه....!؟ ڪا خبر نه آهي....!!
هڪ ڏينهن اسان ٻيئي يا پنهنجي پاسي واري بنگلي جي
پارڪ ۾ بيٺا هئاسين. هن اوچتو منهنجو هٿ پڪڙي ورتو
هو ۽ پوءِ اهڙي نموني ڳالهائڻ شروع ڪيو هئائين. ڄڻ
ڪو راڳيندڙ آهستي آهستي راڳڻي ڇيڙيندو هجي...
پهريان صفا آهستگي.... پوءِ ان ۾ ٿورو ٿورو
واڌارو....!!
مون کي ان ڏينهن ائين لڳو! اسان ٻيئي ڄڻ ڪاڪ محل
جا راڻا هجون.... ۽ اسان وچ ۾ دوستي ”مومل“ ڄڻ!
هڪ ڏينهن مون خواب ۾ ڏٺو: هُو مون کي الاءِ ڇا چئي
رهيو هو.... سندس گفتگوءَ جا ريشمي تاڪيا ڪنهن
محبوبه جي مُرڪ جيان کُلي رهيا هئا....! ۽ جڏهن
اکيون اپٽيون هيون ته مٿان ستارن جو ڇَٽُ هو.... ۽
انهن مان هڪ ستارو اوچتو کڙيو هو ته منهنجي مومل
”محبت“ روئي پئي هئي.....!!
سليمان ۽ مون ۾ الاءِ ته ڪهڙي ڪمي هئي...؟ ۽ ڪهڙي
نه هئي...؟ اسان جي دوستي جي ”راڳڻي“ ۾ هي ڪهڙي
ساري گا، ما پاڌا ني هئي، جنهن اسان کي الست
ڪيو....! جنهن اسان کي ڇڙواڳ ڪيو....! جنهنڪري
اسان وچ واري دوستي ”مومل“ روئندي رهي.... ۽ ان
مان ٽرئجڪ موسيقيءَ جو جنم ٿيندو رهيو.... جيڪا
اصل ساري گاما پاڌا ني کان مختلف ئي هئي...!
سليمان منهنجو هٿ جڏهن ڪڏهن چمندو هو.... ۽ آءٌ هن
جو....! ته ڪائنات جا خاموش ٽهڪ گونجندا هئا... ۽
اسان جا سپنا اهي ٽهڪ نه ٻڌندي به روئي پوندا
هئا.... ۽ اسان ٻيئي کين پرچائيندا هئاسيون ته:
”نه روئو.... اسان جا سپنا... اسان هڪ ٻئي کي ڪڏهن
به دوکو نه ڏينداسين....!!“ پوءِ اسان جا سپنا کلي
پوندا هئا.... ۽ اسان روئڻ ۾ ڇٽڪندا هئاسين.... ته
اسان جي دوستي ’مومل‘ اسان جا نيڻ اگهندي هئي...!!
پر پوءِ به ڪنن ۾ سُر ’ويراڳ‘ جو خاموش ورتن ڪندي
هئي...!!
اسان کان بنهه ڇڊو فطرت جو اڻ- ڏسجندڙ ڪو راڳي
ڊائري پيو لکندو هو، جنهن جي سُڌ اسان ٻنهي مان
ڪِنهن کي نه هئي! سندس هٿ ۾ جيڪو قلم هو، تنهن جي
چمڪ سج جي ڪرڻن مان ورتي وئي هئي....!! ان راڳيءَ
جي اکين ۾ اهڙي مقناطيسي ڪشش هئي جو چنڊ رات
ڳائيندو هو ته چنڊ هيٺ لهي اچي سندس راڳ ٻڌندو
هو.... ۽ پوءِ ان راڳيءَ جي راڳ جي باري ۾ ستارن
سان وڃي حال اوريندو هو.... ۽ ستارا کڙڻ شروع ٿي
ويندا هئا.... ۽ سمنڊ ۾ لهرون پيدا ٿي وينديون
هُيون....!!
آخرين ڀيري هڪ ٻئي سان ملڻ پڄاڻان سليمان مون کي
ڀاڪر ۾ ائين ڀريو هو... ڄڻ هميشه لاءِ مون کان
موڪلائيندو هجي....!! هن پنهنجو منهن منهنجي
ڪياڙيءَ کان ڪري، ان کي چميو هو.... ۽ مون
اتاولائيءَ مان سندس ڪُلهي کي مِٺي ڏني هئي....!!
هُو ڀاڪر مان مون کي آجو ڪري، پاڻ ٿورو ڇڊو ٿي
بيٺو هو....! ان ڏينهن مون کي هزارين ڳڻتيون ورائي
ويون هيون...!! سليمان منهنجي چهري ڏانهن ڏسندي
ڪجهه چيو هو ۽ مون غور سان ٻڌو هو....!! فطرت جو
اڻ ڏسجندڙ البيلو راڳي پنهنجي ڊائريءَ ۾ سندس گفتا
نوٽ ڪري رهيو هو ۽ الوداع.... اي دوست!
الوداع...... جو ورلاپ به ڪري رهيو هو!
سندس ڊائريءَ جا آخرين لفظ هئا: ”تولئه تڪيندي
ڏيئا اُجهاڻا....“ ۽ پوءِ ڊائري پاڻ مرادو بند ٿي
وئي هئي....!!
جاويد عباسي
شمي
اڄ اٽڪل پنجويهه سالن کان پوءِ دنيا داريءَ کان
ٿڪجي، ڳوٺ جو رخ ڪرڻ لاءِ اسٽيشن تي پهتس. ريل
گاڏيءَ ۾ سفر ڪئي به ورهيه لنگهي ويا هئا. گاڏي
پنهنجي وقت کان ٽي ڪلاڪ ليٽ هئي. مسافرن جي رَش
هئي، ليٽ سبب گهڻا ماڻهو هليا ويا، باقي بغير ٽڪيٽ
جي يا ڏهه ڏهه رپيا سپاهيءَ کي ڏئي ڳوٺ پهچڻ وارا
بيٺا. اڄ به ماڻهو بغير ٽڪيٽ جي سفر ڪن پيا. مان
اسٽيشن تي هڪ بينچ تي ويهي رهيس. الائي ڇو مون کي
تڪڙ نه هئي، ڪاوڙ به نٿي آئي، بيزاري به نه پئي
ٿي، من پُرسڪون هو. گاڏيءَ جي اچڻ سان اسٽيشن جي
وڻندڙ خاموشي ٽُٽي پئي، ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي.
هرڪو پنهنجو سامان کڻندو گاڏيءَ ۾ چڙهڻ لڳو. مان
به ٿيلهو کڻي مشڪندو آهستي آهستي گاڏيءَ ڏانهن
وڌيس. لوڪل ٽرين هئي، انڪري بيٺي ته ڇُٽي. هلڻ جي
وري ايڏي ڀلي هئي، جو مسافر ڊوڙندو ڊوڙندو به چڙهي
وٺي. مان به الله توهار ڪري هڪ دٻي ۾ چڙهي ويس.
ڪنڊ ۾ هڪ سيٽ خالي هئي، اتي وڃي ويٺس. ٿوريءَ دير
۾ ئي ماڻهن جي پيهه وڌندي وئي جو آخر ۾ بيهڻ جي
جڳهه به نه هئي. اڌ ڪلاڪ کان پوءِ ٽرين هلڻ شروع
ڪيو.
آهستي آهستي ٽرين رفتار ورتي ۽ هر شيءِ کي بلڪل
مون وانگر پوئتي ڇڏيندي پئي وئي. رٽائرمينٽ ٿي
وئي، اولاد جوان ٿيو، شاديون ڪري وڃي ڌار رهيا،
وڃي رهياسين مان ۽ مريم.
***
”ڀلا اوچتو ڳوٺ ياد ڪيو اٿوَ.“ مريم منهنجي ڪپڙن
جو ٿيلهو ٺاهيندي مُرڪندي مون ڏانهن ڏٺو. عجيب
عورت آهي سڄي عمر مون سان گذاري ڇڏيائين، بغير
ڪنهن ڪروڌ جي.
”بس يار، زندگيءَ جي پوئين پهر ۾ هڪ دفعو ڳوٺ ڏسڻ
چاهيان ٿو.“ مون بوٽ جون ڪَهيون ٻڌندي چيو: ”تون
به تياري ڪري ڇڏ، ڳوٺ وارو گهر ڏسي اچان، ٿوري
مرمت ڪرايان پوءِ تون به هلجانءِ.“
”هاڻي هن عمر ۾ ٻارن کي ڇڏي، هلي ڳوٺ ۾ رهنداسون،
اهو مون کان نه ٿيندو.“ مريم ورندي ڏني. مان
مرڪندو، موڪلائيندو گهر مان ٿيلهو کڻي رڪشا ۾ چڙهي
اسٽيشن پهتس ۽ اچي ٽرين ۾ ويٺس. اصل ۾ مون مريم
سان ڪوڙ ڳالهايو هو. منهنجي ڳوٺ وڃڻ جو خاص مقصد
شميءَ کي ڏسڻ ۽ ملڻ هو. شميءَ جي نالي سان ئي چپن
تي مرڪ اچي ويندي هئي، پوءِ اُها مُرڪ زماني جي وٺ
وٺان کسي ورتي.
***
”هاڻي تون شهر ويندين پڙهڻ، پوءِ اتي ئي رهي
پوندين.“ شميءَ، اداسيءَ مان چيو. ”چري- پڙهي،
نوڪري وٺي، وڏو ماڻهو ٿي، توکي وٺي ويندس.“ مون
سندس اکين ۾ جهاتي پاتي ۽ هوءَ ايترن لفظن ۾ ئي
خاموش ٿي وئي.
بابا ڳوٺ جي اسڪول جو هيڊ ماستر هو. پڙهڻ ۽ پڙهائڻ
سندس زندگيءَ جو مقصد هو. پنج درجا پاس ڪرڻ کان
پوءِ مون کي شهر موڪلڻ ٿي چاهيائين، جِتي چاچو
رهندو هو. هُن داخلا ۽ پڙهائڻ جو ذمو کنيو هو.
شمي منهنجو ننڍپڻ هو. اسان گهڻو وقت گڏ گذاريندا
هئاسين. ڪو ماڻهو مون کي ڳوليندو هو ته چوندا هُئس
شميءَ سان هوندو. شميءَ کي ڪير ڳوليندو ته چوندس
منوءَ سان گڏ هوندي. لِڪَ لَڪوٽي، اٽي ڏڪر، بلورن
سان راند ۽ ٻيون کوڙ ساريون رانديون اسان ٻار گڏ
کيڏندا هئاسون. شمي مون ۾ لڪندي هئي ۽ مان شميءَ
۾، هڪٻئي جي اڳيان پويان پيا ڦرندا هئاسين. روايت
پٽاندڙ اسان ۾ هڪ وِلن به هوندو هو، ولو، هُو
هميشه شميءَ لاءِ مون سان وڙهندو هو، پر اسان ٻئي
مرڪي کيس سمجهائي وٺندا هئاسين، ناراض ٿي وڃي ته
پرچائي به وٺندا هئاسين.
اوچتو ٽرين جي رفتار آهستي ٿيڻ لڳي. مسافر پنهنجو
سامان سنڀالڻ لڳا. مون به ٿيلهي ۾ هٿ وڌو ڇو ته
اڳين اسٽيشن منهنجي ڳوٺ جي هئي. اسٽيشن تي پير
رکندي ئي هڪ عجيب سُرور ڏيندڙ هٻڪار تن من ۾ رچجي
وئي. اسٽيشن جا گهاٽا وڏا بڙ ۽ نِم جا وڻ لڏي لڏي
مون کي ڀليڪار چئي رهيا هئا، هنن مون کي سڃاتو هو.
اسٽيشن جو به هڪڙو رومانس آهي. ننڍپڻ ۾ کيڏندي
کيڏندي شمي ۽ مان اڪثر اسٽيشن تي اچي انهن گهاٽن
وڻن جي ڇانوَ هيٺان ٺهيل سيمنٽ جي بينچ تي ويهي
رهندا هئاسون. ويٺا هڪ ٻئي کي ڏسندا هئاسون ۽
مرڪندا هئاسون. مان سرڪي انهن ئي وڻن جي هيٺان
بينچ تي ويهي رهيس. ماڻهو ڀڄ ڊُڪ ۾ هئا، اڳ کان اڳ
نڪرڻ جي ڪوشش ۾ هئا ۽ مان اتي ئي ويٺو رهيس. من جي
پاتال ۾ ڄڻ جلترنگ وڄي پيا هئا. عجيب سُرور هو.
پنهنجو پاڻ ئي مرڪڻ تي دل پئي چاهيو. ٽرين هلي
وئي، ماڻهو وڃي گهر پهتا. اسٽيشن سنسان ٿي وئي.
مان به آهستي آهستي وِک وڌائي پليٽ فارم تان لهي
هيٺ لٿس. سامهون چنگچي بيٺي هئي. هاڻي ٽانگا شايد
نه پئي هليا، اڄ جا ٻار ته لفظ ٽانگو به نه
سمجهندا هوندا. مان چنگجيءَ ۾ چڙهي ڳوٺ واري رستي
هلڻ لڳس.
ڳوٺ ۾ بس هڪ مامي وڃي بچي هئي، جيڪا مون کي
سڃاڻيندي هئي، جنهن کي هميشه منهنجو اوسيئڙو رهندو
هو، پر مان ڪڏهن هن ڏانهن لڙي نه آيس. هوءَ منهنجي
ننڍپڻ جي رازدار هئي. هن کي شميءَ ۽ منهنجي سڄي
خبر هئي، پر جيئن ته ٻار هئاسين، انڪري ان ٻاراڻي
تعلق جو ڪو نالو نه پئي جڙيو. پر پوءِ به ولو
هميشه اسان خلاف ڳالهائيندو هو ۽ اسان جون شڪايتون
ڪندو هو.
ڳوٺ اڄ به ائين ئي هو جئين ننڍپڻ ۾ ڇڏي ويو هوس.
هر شيءِ ان ئي جڳهه تي هئي. مون ماميءَ جي در تي
پهچي ڏڪندڙ هٿن سان در کڙڪايو ته ماميءَ اچي در
کوليو، مون کي ڏسي ڄڻ پنڊپهڻ بڻجي وئي. اکين مان
ڳوڙها لار ڪري وهڻ لڳس. مان به پنهنجا ڳوڙها روڪي
نه سگهيس. ڪجهه سيڪنڊ ائين ئي سڪتي ۾ گذري ويا،
تان جو مامي رڙ ڪري مون سان چنبڙي وئي. مون به
ماميءَ کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ورتو. اسان ڪافي دير
تائين روئندا رهياسين. مامي ته اوڇنگارون ڏئي روئي
رهي هئي. ايتري ۾ اندران نوران نڪتي، منهنجي ماروٽ
هئي، اسان جي حالت ڏسي ڀڄندي پاڻيءَ جو گلاس ڀري
آئي. مون ماميءَ کي کٽ تي ويهاريو، کيس پاڻيءَ جو
ڍڪ پياريو ته ڪجهه سامت ۾ آئي. نوران به وڏي ٿي
وئي هئي، ٻه ٻار هئس، ڀر واري ڳوٺ ۾ پرڻيل هئي ۽
ماءُ سان ملڻ آئي هئي، نه ته مامي اڪيلي رهندي
هئي. مامو گهڻو وقت اڳ گذاري ويو هو، نوران ۽
زليخا جي شادي ٿي وئي هئي، اهي ٻارن ٻچن واريون
هيون. پٽ جو اولاد کين نه هو. ماميءَ سان ڪافي
ڊگهي ڪچهري ٿي. پنهنجي زندگي جي سڄي رام ڪهاڻي
ماميءَ کي ٻڌائي. هاڻي مان ماميءَ کان اهو احوال
وٺڻ ٿي چاهيو، جنهن لاءِ مون پنڌ ڪيو هو.
”مامي.... شمي ڪيئن آهي؟“ مون آهستي ماميءَ جي
ويجهو ٿيندي رازداريءَ واري انداز ۾ پڇيو. پهرين
ته هوءَ مُرڪي. هوءَ منهنجي دل جي حالت سمجهي وئي
۽ منهنجي پنڌ کي به سمجهي وئي، پر ٻئي ويلي هن جي
منهن تان مرڪ غائب ٿي وئي ۽ مٿي تي هٿ رکي ويهي
رهي.
”ڇاٿيو مامي.... خير ته آهي؟“ الائي ڇو مون کي
ڳڻتي ورائي وئي. ڪٿي شمي.... نه نه، ائين ڪيئن
ٿيندو جي مان آهيان ته هوءَ به هوندي.
”ابا.... مُئي جا ڀاڳ ئي خراب آهن، تو به سندس سار
نه لڌي ته مائٽن هن جي شادي وَلوءَ سان ڪرائي
ڇڏي.“ ماميءَ ٿڌو شوڪارو ڀري هڪ ساهيءَ ۾ ڳالهه
ڪري وئي.
”وَلوءَ سان....!؟“ منهنجي نڙيءَ کان لفظ نه ٿي
نڪتا.
”ها... ابا.... ويچاريءَ جي قسمت.... تنهنجو ڏاڍو
پڇندي هئي. مون کي پاڻ تنهنجو اتو پتو معلوم نه
هو، ته هُن کي ڪهڙي آٿت ڏيان ها.... وَلو ته پهرين
چڱو هو، پر پوءِ جُوا ۽ نشي کيس لوڙهي ڇڏيو
آهي.... سڄو ڏينهن ٿوريءَ ٿوريءَ ڳالهه تي پيو
ڪُٽيس .....“
”پوءِ اهڙي...ڪُتي شخص سان رهي ڇو ٿي....!؟“ مان
ڪاوڙ ۾ اچي ويس، مون کان برداشت نه پئي ٿيو.
ماميءَ منهنجي ڪلهي تي هٿ رکيو.
”ابا... هُن وٽ ٻي ڪا واه به ناهي، پيءُ ماءُ
گذاري ويس، ڀاڻس شادي کان پوءِ الڳ ٿي ويو ۽ ڀيڻ
کي وساري ويٺو. ڇا ڪري.... ڪيڏانهن وڃي.“ مان اٿي
بيهي رهيس.
”ابا.... منو.. ڪاڏي ٻچا... ڇا ٿيو؟“ مامي به
پريشانيءَ ۾ اٿي بيهي رهي.
”مامي..... مان شميءَ سان ملڻ ٿو وڃان.“
”ابا، ائين نه ڪر.... وَلو وَڏو شڪي آهي، ڏسي
ورتائين ته قهر ٿي ويندو.“
”ڇا به ٿئي، مون کي شميءَ سان ملڻو آهي.“
”چڱو ابا.... ويهه ته سهي، ٻه گرهه ماني جا ته
کاءُ.“
”مان موٽي ٿو اچان، مامي.“ ائين چئي مان ٻاهر نڪري
ويس. وَلوءَ جي گهرجي خبر ئي نه هئي. رستي ۾
ڪيترائي ماڻهو مليا پئي، جيڪي منهنجي ننڍپڻ جا يار
هئا، اهي به هاڻي منهنجي عمر جا هئا. ڪِن سڃاتو،
ڪِن نه سڃاتو. مون کي ته بس شميءَ سان ملڻو هو.
پُڇائيندو پڇائيندو، وڃي وَلو جي گهر آڏو بيٺس.
ساهه مُٺَ ۾ اچي ويو. در اڳيان پنڊپهڻ بڻجي بيهي
رهيس. هٿ مَڻ مَڻ جا ٿي ويا. وڏي مشڪل سان در جو
ڪنڍو کڙڪايم ته اندران کنگهڻ جو آواز آيو ۽ پوءِ
ڪوئي چپل گسڪائيندو گسڪائيندو آيو پئي. در کليو ته
سامهون هڪ اڌڙوٽ عمر جي، ڪمزور ڏٻري ضاعفان سامهون
بيٺي هئي. منهنجي بت مان ساهه ڇڏائجي ويو. خبر ئي
نه پئي ته اسان ڪيتري دير ائين ئي هڪ ٻئي کي بس
بيٺا ڏسندا رهياسون. وقت جو پوپٽ هٿن مان ڇڏائجي
ويو ۽ پوئتي پنهنجا بي ترتيب رنگ ڇڏي ويو.
”شمي... سُڃاتئي...“ منهنجي آواز ۾ ڏک جي ڏڪڻي
هئي.
”منو.... تون ٿو پڇين.“ هن جي نهارَ، هن جي مرڪ
صرف ڏک ۽ پيڙا هئي.
”اندر...اچ“ هن جون نظرون مسلسل مون ۾ کُتل هيون ۽
منهنجون نظرون مسلسل زمين ۾ کُتل هيون. مان اندر
اچي، سندس سامهون کٽ تي ويهي رهيس.
”شمي.... تون ڪيئن آهين؟“ مون کي سمجهه ۾ نه ٿي
آيو ته مان ساڻس ڇا ڳالهايان، گهُٽ ۽ ٻوسٽ اندر کي
جڪڙي ورتو هو.
”منهنجو حال، توکي سڀ ٻڌائڻ لاءِ ڪافي آهي.“ هن جي
اکين مان لڙڪ لڙي پيا.
”اڙي... در ڇو کوليو اٿئي، رَنَ“ ان ئي گهڙيءَ
وَلو نشي ۾ جُهلندو ۽ ٿڙندو گهر ۾ داخل ٿيو. شميءَ
جو ساهه سُڪي ويو. مون تي نظر پوندي ئي وَلوءَ جا
تارا ڦوٽارجي ويا.
”اڙي.... تون منو آهين نه، منهنجي گهر ۾ ڇا ٿو
ڪرين؟“ وَلو جي گِڦ وهڻ لڳي. وَلو ته اسان جي
زندگيءَ جو وِلن هو ئي، پر ايڏي ڊگهي عرصي کان
پوءِ به هُو وِلن ئي هو.
”يار وَلو، ڪاوڙ ڇو ٿو ڪرين، ويهه ته سهي، سالن
کان پوءِ مليا آهيون.“ مان ساڻس ملڻ جي ارادي سان
اڳيان وڌيس. شمي ڊپ ۾ پريان ڀت کي چنبڙيو بيٺي
هئي.
”پري ٿي.... سالن کان پوءِ به معشوقه سان ملڻ آيو
آهين.... نه ڇڏيندو سانءِ ڪارو آهين....“ ائين چئي
وَلو اندر ڪمري ڏانهن ڀڳو. شمي اچي مون سان چنبڙي
۽ ڌڪا ڏئي گهر کان ٻاهر ڪڍڻ لڳي.
”منو... الله جو واسطو ٿئي، ڀڄ .... بس تون نڪر،
توکي منهنجي قسم...“
”پر شمي مون کي هن سان ڳالهائڻ ته ڏي.“
”نه.... توکي خبر ناهي.... بس ڀڄ...“ ائين هوءَ
ڌڪيندي ڌڪيندي مون کي در تائين وٺي آئي. تڏهن مون
ڏٺو، وَلو اندران ڪهاڙي کڻي ٿاٻڙجندو آيو پئي.
شميءَ مون کي ڌڪو ڏئي گهر کان ٻاهر ڪڍيو ۽ اندران
ڪنڍي ڏئي ڇڏي. مون کي خوف وچان ڏڪڻي وٺي وئي. حواس
وڃائجڻ لڳا. مون کي سمجهه ۾ ڪجهه نه ٿي آيو. مان
تڪڙو تڪڙو پاڙي مان نڪري ٻاهر چنگچيءَ تي چڙهي بس
اسٽينڊ پهتس، مامي به وسري وئي. بس تي چڙهي اچي
شهر ۾ پنهنجي گهر ساهه پٽيو. مريم ايترو جلدي
واپس اچڻ تي حيران هئي، پر مون وٽ ڪو جواب نه هو.
مان ڪمري ۾ رِلي وجهي سمهي پيس.
صبح تائين گهڻو ڪجهه بهتر هو. من ۾ ڄڻ ماٺار هئي.
هيءُ مون ڇا ڪيو. شميءَ کي ائين ڇڏي آيس. مان ايڏو
بزدل ڪيئن ٿيس.
”سائين، هيءَ توهان جي چانهه ۽ هيءَ اڄ جي اخبار“،
مريم کي خبر هئي ته چانهه ۽ اخبار صبح جو نيرن تي
لازم جز هئا. مون مرڪي کيس مهرباني چيو پر اندر ڄڻ
وڍجي ويو هو. اڄ نه چانهه پيئڻ تي دل پئي چاهيو،
نه اخبار پڙهڻ تي. چپ ۽ ماٺ ڪري وري سمهي پيس.
ٿوري دير ۾ وري مريم اچي اٿاريو.
”سائين، ٻيهر چانهه حاضر آهي، ڇا ٿيو آ، طبعيت
صحيح ناهي.“
”نه- نه - بس ٿڪاوٽ آ، مهرباني سائين.“ چانهه رکي
مريم هلي وئي ۽ مان چانهه جو ڍڪ ڀريندي اخبار ڏسڻ
لڳس، اندرين صفحي تي ٻن ڪالمن جي خبر هئي ”مڙس
پنهنجي زال کي ڪاري ڪري ماري ڇڏيو ۽ پاڻ فرار....
پوليس ڳولها ۾.“ تڏهن منهنجي ذهن ۾ جهٽڪو لڳو
اوهه.... خدا..... وَلو، ڪاري ڪري شميءَ کي قتل
ڪري ڇڏيو..... |