سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3/ 2019ع

باب:

صفحو:20 

نصير مرزا

 

 

 

گيت گلن جا هار

سنڌي لوڪ گيت

شاعري، انسان جي روح جو آواز آهي، چيو ويندو آهي. شاعرن وٽ ڪائنات جي رازن جون ڪُنجيون هونديون آهن. شاعري اندر جي نازڪ نفيس احساس کي به سڏيو ويندو آهي. دنيا جون سڀ ٻوليون شاعريءَ جي سرمايي سان مالامال آهن. چون ٿا، انسان جو شعور ۾ اچڻ کان پوءِ هن سڀ کان پهرين شاعري ايجاد ڪئي، محققن، پنهنجي آسانيءَ لاءِ ان کي پنهنجي تحقيق ۾ لوڪ شاعري سڏيو. سنڌي ٻولي جا ڇا ته ڀاڳ سڀاڳ… دنيا جي ٻين ٻولين وانگر، اُها به لوڪ شاعري، لوڪ ادب ۽ لوڪ ناچ سان ائين ڀريل آهي، جيئن ستارن سان آسمان، چيو ويندو آهي، شاعري انسان جي سڀاوَ ۾ شامل هوندي آهي ۽ لوڪ شاعريءَ ۾ ان جي جذبن جي اظهار کي، سندس پهرين ڪوشش سڏي سگهجي ٿو. جڏهن تهذيب پروان چڙهي رهي هئي ۽ ثقافت جا رنگ نروار ٿي رهيا هئا، تڏهن مرد، عورتون، جوان، بزرگ لوڪ شاعريءَ ذريعي، پنهنجي اندر جي حسناڪيءَ کي عيان ڪري رهيا هئا.

اوائلي سنڌ جو سماج هڪ زرعي سماج هو. ڳوٺاڻي زندگي… هر، هاري، کيت، کوهه… پنڌ پيچرا، وڻ، فصل، ساوڪون، جهڙ ڦڙ، مينهن، طوفان، درياهه، واهه، هٿ جا هنر، مهمان نوازي، ميل ميلاپ، محبت… شاديون غميون، ڏک ڏولاوا… ڄمڻ مرڻ… ۽ اهڙن سڀني گهريلو لوڪ گيتن لاءِ چيو ويندو آهي ته انهن جون سرجيندڙ عورتون ئي آهن… ۽ اهڙا سارا لوڪ گيت ٻهراڙين جي سگهڙ عورتن ئي چيا آهن، جن ۾ گهرن اندر، گهرن جون وڏڙيون، نانيون، ڏاڏيون، جيجل مائرون ۽ ڀينرون آهن، جيڪي صبح سوير کيتن ۾ هجن يا فجر مهل جنڊ پيهندي، ڏڌ ولوڙڻ لاءِ مانڌاڻيون ڦيريندي، انهن مانڌاڻين جي جهر جهر واريءَ لئي تي، اَنُ ڏريندي يا چانور ڇڙيندي، هُو جيڪي ڳيت سرجينديون وينديون آهن. انهن جا نالا به ڌار ڌار ٿين، مثال… ڳيچ… هڏڪي… لوليون، سهرا… لاڏا، اوراڻا… ڪوڏاڻا ۽ پيراڻا پيون جهونگارينديون آهن ۽ اهڙن لوڪ گيتن ۾ نت نئين سٽن جو اضافو ڪنديون وينديون آهن.

ائين سنڌي، لوڪ گيتن جو ڇا ته رنگارنگ جهان آهي، ۽ اُهي ايترا ته اڪيچار آهن جو، ڳڻپ کان ٻاهر. ۽ هرهڪ لوڪ گيت تي ڪيڏا نه سهڻا سهڻا نالا به رکيا ويا آهن. مثال طور، ٻيلڻ، مورو، ڍولو، گامڻ، سانولڙو… ڪانگڙو، ڇلڙو، جڏهن ته لوڪ گيتن مان اڪثر لوڪ گيت لوڪ ناچ سان پڻ پيش ٿيندا آهن، جيئن هوجمالو… راسوڙا… جيڪي ڏونڪن واري ناچ، جهمر سان گڏ ڳايا ويندا آهن. لوڪ گيت، هونئن ته، هرهنڌ، هر موقعي تي به پيا ڳائبا وڄائبا آهن، پر خوشين جي موقعن تي شادين مرادين جي ريتن، رسمن، سنوَڻن ۽ ساٺن دوران ڳائبا آهن ته، هر طرف چار چنڊ لڳي ويندا آهن.

پس منظر ۾ لولي جي جهلڪ:

(منهنجي ٻارڙي کي لوڏو ڏيو مان پاڻي ڀرڻ ٿي وڃان).

لولي، دنيا جي جيجل مائن جو ٺاهيل لوڪ گيت آهي، ماءُ جو پنهنجي ٻار لاءِ پيار فطري امر آهي. سياري جون ڊگهيون ۽ ٿڌڙيون راتيون هجن يا پوءِ اونهاري جا ڊگها ۽ گرم ڏينهن، مٺي ماءُ… مٺن سُرن ۾ جهونگاري پنهنجي ٻچڙن کي مٺي ننڊ ڏياريندي آهي. عورت ڪيڏي به لڄاري ڇو نه هجي، پر ماءُ ٿيڻ کان پوءِ جڌهن سندس لال هندوري يا جهوليءَ ۾ لُڏي ٿو، تڏهن پاڻ مرادو ئي، هُو مٺن سُريلن سُرن ۾ جهونگارڻ لڳي ٿي. چون ٿا، لولي ايتري قديم صنف آهي… جيتري خود انسان جي پنهنجي جنم جي تاريخ.

لوڏي مٺي ماءُ، ٻچڙن جا پينگها

يا

زرينه بلوچ: لوبگا لولي هان- لولي!

ٻارن کي وندرائڻ جي ڏس ۾… هڪڙي صنف جو نالو آهي ’ڪوڏاڻو‘… گهر جون وڏڙيون، ٻانهن ۾ ابهم ٻارن کي جهُلائڻ وقت ڪوڏاڻا ڳائينديون آهن ۽ ڳائيندي وقت ڪيڏو نه ٺريو پيو ٺرنديون آهن. اصل ۾ ڪوڏاڻا… لوليءَ جو ئي هڪ قسم آهي، پر فرق ٻنهي ۾ ايترو آهي جو، لولي ٻار کي ريجهائڻ ۽ ننڊ ڏيارڻ لاءِ ڏني ويندي آهي… پر ڪوڏاڻو… محض ٻار کي ڪوڏائڻ ۽ کيڏائڻ لاءِ ڳائبو آهي.

ابل رنگي رنگي… ماما ڌيءَ منگي

ماما جي نه ڏيندو ته چاچا پاڻ سڏيندو

ابل ونيون چار، ڏنيون ٿس ڏاتار

هڪ اٿي هوڏي، جنهن ڏي ويندو ٻانهون لوڏي

ابل جُڳ جيئي وڌي وڏو ٿيئي

ميهڙ منجهان ماءُ کي وڳو ڏي.

لوڪ گيتن جي ڪٺمال ۾، هونئن ته هڪڙو هڪڙو لوڪ گيت هڪ املهه ماڻڪ مثل آهي، پر هڪڙو لوڪ گيت، جنهن کي سڏجي… لوٽو! ان جو ته جواب ئي ناهي. ڇا ته دلپسند ۽ دلچسپ لوڪ گيت… هي جوان دلين جو جوڙيل ۽ وندر ڀريو آهي، هن لوڪ گيت ۾ ڳالهين ئي ڳالهين ۾ عام واهپي جي شين جا نالا به نينگريون ملائينديون وينديون آهن ۽ ٽهڪ ڏينديون کِلنديون ڳائينديون وينديون آهن.

(ڪنهن کان ڳارائجي)

لوٽو مان کي آڻي ڏي

منهنجو مون کي آڻي ڏي

اولڻ گهولڻ وڃانءِ

ساهه صدقو ڪيانءِ

منهنجو کير پيئڻ جو لوٽو

آيو آيو کير پيئڻ جو آ…

ڇلو ڇو نه مُڪئي ڙي

چيچ ٻُٽي آ پرديس ۾ ڙي لوٽو…

پنجا پير پُڄاءِ ڙي

سڀ مرادون من جون

منهنجو کير پيئڻ جو ڙي لوٽو

آيو آيو دوست دوست ملڻ جو...آ

ائين کل ڀوڳ ۾ سرتيون سَکيون گڏجي، ٻيا به لوڪ گيت ڳائينديون آهن، جيئن منهنجو جهنڊالڙو ڏي ته کيڏڻ وڃان… واهه ڙي ڪوئا واهه… تنهنجو وهه جو تماشو… ڇوڪرين وانگر نوجوان مرد وري ولاڙو لوڪ گيت ڳائيندا آهن.

هل ته هلون ناري… ڪريون اٺ ڀاڙي

ولوڙي… وَلا ڙو

ٻير، مون ڇانگي، آيا سِرَ جا سانگي

ولوڙي… ولاڙو.

لوڪ گيتن جي ڪائنات ۾، ڇم ڇم ڇمڪندڙ ’ڇلو‘ لوڪ گيت پڻ، پنهنجو مٽ پاڻ آهي، ان بابت به طرحين طرحين جا ٻول ملن ٿا. مثال طور:

ڇلو ڏي نشاني، تنهنجي مهرباني

جيئي جيئي جاني، تنهنجي مهرباني

ڇلو، هٿ جو زيور آهي، جو ڪهڙيءَ به آڱر ۾ پائي سگهجي ٿو، پر ڇلو، ٺهندو گهڻو چيچ ۾ ئي آهي. ڇلو… لوهه، پتل، ٽامي، چانديءَ ۽ سون جو به ٿيندو آهي، جيڪو پيار ڪرڻ وارا هڪ ٻئي کي سوکڙي ڪري ڏيندا آهن. ٻهراڙين ۾ ته اڄ تائين ڇلي کي نينهن جي نشاني سمجهيو ويندو آهي. ڇلڙو لوڪ گيت، اهڙو سريلو گيت آهي جو ان کي مرد حضرات به ڳائين ته عورتون به. خاص ڪري عورتون، وستين واهڻن ۾ پيرُون چونڊيندي، سڱريون لاهيندي، ڪِرڙن مان ڏيلهون ڇنندي، اسر جو جنڊ پيهندي، کوهن مان پاڻي ڀريندي، هن نشانيءَ سان روح پيون وندرائينديون آهن. مرد وري مال پهرڻ وقت، ڪن تي هٿ رکي هينن پيا جهونگاريندا آهن:

ڇلو چيچ پايان، لوڪئون آئون لڪايان

ڳُڻ تنهنجا ڳايان

ڏنو يار جاني، ڪري مهرباني

ڇلو چيچ پاتم، وري ڇاتيءَ لاتم

سهي سو سڃاتم

آهي منهنجي يار جو، ڀورل قربدار جو.

هدايتون: فلم شهرو فيروز مان هي روناليلا وارو لوڪ گيت وڊيو مان کڻي سگهجي ٿو.

ڇلو نانا ويها، چڪي ويٺي پيهان: فنڪاره ماهه پاره

لوڪ گيت، سنڌي ثقافت جي صدين جو سرمايو آهي، جنهن کي هونئن ته سنڌي سماج جي سگهڙ سياڻين چيو ۽ ان کي زنده رکيو آهي. پر جديد سنڌي شاعرن به ان جي اهميت جو اندازو ڪري، سهڻا سهڻا لوڪ گيت سرجيا آهن. اهڙن شاعرن ۾ سرِفهرست نالو، شيخ اياز جو آهي… جنهن جو همرچو… سانوڻ ٽيج… ڪرهو ۽ ڇيڄ جهڙا نوان شاهڪار لوڪ گيت، سنڌي ٻوليءَ جي جهوليءَ ۾، موتين وانگر ڀريا آهن… خاص ڪري ڇيڄ لوڪ گيت… هن لوڪ گيت ۾ ڪا البيلي نار. پنهنجي پرينءَ جي حسن ۽ سندس حسناڪين کي هن ريت پئي واکاڻي…

(زرينه بلوچ ڳائي ۽ ان کي پڪچرائيز ڪيو)

اڙي چنڊ، اڙي چنڊ، پرين تو ته ڏٺو ناهه

سندس روپ، سندس رنگ، ائين آهي جيئن تون

اڙي رات اڙي رات پرين تو ته ڏٺو ناهه

سندس وار سندس ونگ، ائين آهي جيئن تون

اڙي ڦول اڙي ڦول، پرين تو ته ڏٺو ناهه

سندس رنگ سندس انگ ائين آهي جيئن تون.

دور حاضر جي عظيم شاعرن ۾، شيخ اياز وانگر مخدوم سائين طالب الموليٰ به… لوڪ شاعريءَ جي انداز کي پنهنجي رنگ سان اپنايو هو. خاص ڪري سندن بيتن ۽ ڪافين ۾ ڪئي سٽون اهڙيون آهن، جن ۾ ’ڪبوتر ۽ ڪانگ‘، ’پير ۽ اکين‘، ’اکين ۽ مينهن…‘ ۽ ’ڏينهن راتين‘ جي تڪرار سان ڪيئي لوڪ پسند سٽون آندل آهن. ائين نامياري شاعر نياز همايونيءَ به لوڪ گيتن جي مختلف صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي. انهن لوڪ گيتن جا نالا آهن… ’چيڻو‘…’سنيهو‘…
’ڍاٽيئڙو‘…’مانجهيئڙو‘… ’ڍوليا‘… ’مورو‘…
’هنبوڇي‘… ’تاسرڙو‘ ۽ ’همرچو‘ وغيره… نياز همايوني… پنهنجي لکيل ’سنيهو لوڪ گيت‘ ۾ چيو:

(فرزانه بهار کان ڳارايو)

سيج پلنگ تي پئي ٿي اُٿلان

ڄڻ ته تئي تي ماني

منهنجا جاني

مان ته سنيهو پئي ڳايان،

جوڀن تنهنجو، جيئن سدائين

ڄڻ ته قنڌاري ڏاڙهو

منهنجا ماڻهو

مان ته سنيهو ئي ڳايان.

سنڌ جي هر طبقي ڀاڳي کي پنهنجا پنهنجا لوڪ گيت آهن، پر صدين کان ٿر- صحرا جي رنگارنگ گيتن جي ڳالهه ئي ڪهڙي ڪجي. ڪارونجهر جي ڪڇ ۾… ڪارونڀار مينهن جي منتظر هن ڀُونءِ، سنڌ جي ثقافت کي طرحين طرحين جا لوڪ گيت آڇيا آهن… ٿر، جتي زندگي نهايت سخت آهي، تيز ٻرندڙ سج ۽ سالن جو سوڪهڙو، مقابلي لاءِ هر وقت موجود آهي، پر باوجود ان جي… ٿر جتي نازڪ دليون، جانٺا جسم، ڏينهن جي سختين سامهون اڏول، رات جي ٿڌڪار، ڏهرن ۽ ڀِٽن جي ڀر ۾ ڪنن تي هٿ رکي ڪڏهن ’ٽيچون‘ الاپين ته ڪڏهن ورساڙو ۽ ڪجلئي جا ٻول چئي پنهنجي اميدن ۽ آسن کي مضبوط ڪري ايندڙ اڀرندڙ سج سان سيني ساهڻ جون تياريون ڪن.

ٿر صحرا مان، ويجهي ماضيءَ ۾ ڪهڙا ڪهڙا نه روح کي راحت ڏيندڙ لوڪ آواز اڀريا… ڀڳت سالورام… موهن ڀڳت… سورداس، حافظ محمد يوسف، ڪريم ڏنو فقير… صادق فقير… حسين فقير… پر ٿر جي ٿڌين راتين ۾ پرانهين ڀٽن تان ڪوئل جي ڪُوڪ جهڙو هڪ آواز اُڀريو… مائي ڀاڳي، جنهن صرف ٿرَ جي ڏهرن ۽ ڀٽن کي ئي نه، ساري سنڌ کي سدا سرهو ڪري ڇڏيو، ۽ لوڪ موسيقي تي ائين ڇانئجي ويئي جو مائي ڀاڳيءَ کي ٿر جي ڪوئل جو خطاب ڏنو ويو.

(هتي مائي ڀاڳيءَ جو هيءُ گيت وڊيو تان کڻي ڏنو وڃي).

تار منجهان ترندي اچي… ڊزالو

کڙي نيم ڪي نيچي… ڊزالو (صرف جهلڪيون)

مارا پوپٽيان ڪدي… ڊزالو

سنڌي لوڪ سنگيت جي هن معصوم ٿري آواز… سنڌ ۾ لوڪ گيت گائيڪي کي نئين زندگي ڏيئي ڇڏي. نئون اتساهه بخشيو ۽ جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو، ٿر صحرا مان نڪري، هي ٿري لوڪ گيت… ڪجلئو… باد لئو… ور ساڙو۔… ۽ ٽيچون محفل محفل متعارف ٿيندا ۽ شهرت ماڻيندا ويا.

ڪجلئو… لوڪ گيت جو پس منظر ڊاڪٽر بلوچ صاحب هن ريت لکيو آهي ته: ننگر پارڪر جو ڪو ڪارڙو ڀيل هو. جيڪو ڪنهن موچاري مائيءَ سان نينهن لائي ويٺو، جيڪا ڳالهه پاڙي اوڙي وارن کي سخت ناپسند هئي. سو هنن کيس جيل ۾ وجهرائي ڇڏيو… تڏهن ان خاتون سندس فراق ۾ هن ريت ڪجلئو ڳايو.

(هيءُ لوڪ گيت نزاحت راحت، صادق فقير کان ڳارايو يا ڪا عورت ڳائي)

ڪارا ڪجلئو ٿي ڳايان… ڙي ڪارا

جاني ته مان جو جيل ۾، هُون ريل ڏي ٿي جان

ڪارا ڪجليو

تاراڻي مان تار موڪلي، عمرڪوٽ ٿي جان

ڪارا ڪجليو

هيڪلي ٿي رمان، ڏهوڪا ٿي جان

ڪارا ڪجليو.

سنڌ جي هڪڙي ٿري علائقي کي اڇڙو ٿر به سڏبو آهي… جتي دور دور تائين رڳو رُڃ… سُڃ ۽ اُڃ ئي اُڃ. جيڪو ڏينهن جو سج جي تپش ۾ ڪڙاهيءَ وانگر ڪڙهڻ لڳندو آهي ۽ ستارن جي روشنيءَ ۾ ٺنڊا ٺار ٿي ويندو آهي. هڪ علائقي کان ٻئي علائقي ڏانهن ويندي، يا واپار جي سانگي، اوٺار، رات وقت ئي چانڊوڪين راتين ۾ سفر ڪرڻ کي ترجيح ڏيندا آهن. اهڙي سفر ۾ وندر ورونهن لاءِ اوٺارن وري پنهنجو لوڪ گيت سرجيو آهي، جنهن کي لوڪ ادب ۾ سڏيو ويو… ڪرهو… لوڪ گيت…

(بيڪ گرائونڊ ۾ ٿر صحرا ۾ اُٺ ويندا نظر اچن ۽ آواز: بيدل مسرور ۽ ساٿيءَ جي آواز ۾ هيءُ منظر ڏيکاريو وڃي).

هڙڪ هلو- ڌيما هلو

پنڌ پري هو

ڪير ڪري هو

واٽ اواٽي

ڏيل ڏري هو.

پوءِ به پرين جو، پنڌ ڀلو هو

هڙڪ هلو هو، ڌيما هلو هو. وغيره

سنڌ اندر لوڪ گيتن جو واهپو نِج ثقافتي شين سان ميل جول عيوض تمام آڳاٽي وقت کان رائج آهي. ائين لوڪ گيت جو واسطو جهونگار ۽ نِج پِج راڳ سان به آهي. جيئن مثال طور هوجمالو ناچ، ٽِلو ناچ، همرچو ناچ، همرچو لوڪ گيت جي ته ڳالهه ئي ڪهڙي ڪجي. جيڪو هارين نارين سان منسوب لوڪ گيت آهي. هي جنهن وقت آسمان ۾ جهڙ جهڙالا ٿيندا آهن، ته هاري هر سنباهي کيت کيڙڻ لاءِ نڪري، ٻِج زمين ۾ ڇٽيندا آهن يا جڏهن فصل پچي راس ٿيندا آهن، تڏهن به هڪ ٻئي سان هٿ همراهي لاءِ آواز ڏيندا، کيتن ۾ ٽڙيل پکڙيل نظر ايندا آهن.

منظر: گيت جو هاري هر هلائيندا ۽ پس منظر ۾ هي گيت جهونگاريندا نظر اچن،

همرچو… ويلو ڙي.

(هيءُ گيت ريڊيو جي لائبرري مان کڻي سگهجي ٿو).

سانوڻ جي رم جهم ڦوهار جا به ڪهڙا ڪهڙا سهڻا لوڪ گيت، موجود آهن، اهڙن لوڪ گيتن کي وري ’سانوڻ ٽيج‘ چيو ويندو آهي…

(پس منظر ۾ جوان ڇوڪرين کي مينهن ۾ ڀڄندي ڏيکاريو وڃي).

سانوڻ ٽيج… دراصل هڪ ٿري لوڪ گيت آهي، جيڪو وسندڙ مينهن دوران، رنگ رنگ جا ويس ڍڪي، ڇوڪريون خوشي خوشي ڳائينديون ۽ ٽهه ٽهه ٽلنديون آهن…

ڪورس رڪارڊ ڪيو ۽ پڪچرائيز

آئــــــــــي سانوڻ- ٽيجَ ڙي

گـــــــــــجَ ســــــــــويــــــــــن تــــــــــارڙا

واجهه وجهي وڄَ ڙي!

ڏٽ مٿي مينهڙا، ڇٽ ڪئي

ڇــــــــــــــــــــاٽ ڙي

تــــــــــو ريءَ اُســــــــــاٽ ڙي!

پــــــــــائــــــــــر بــــــــــه پــــــــــســــــــــجـو.

ٿر صحرا جون سندريون، ’لمڪيان ڙي لو‘
لوڪ گيت جهومي جهومي ڳائينديون آهن، ۽ نه فقط ڳائينديون آهن، پر ان تي نِرت به ڪنديون آهن. هن لوڪ گيت کي ٿر ۾ عورتن جو ’هوجمالو‘ به سڏيو وينديون آهن.

جهلڪ رڪارڊ ڪجو

آئون اُترَ هير سان، لمڪيان

ڙي لو

لمڪيان ڙي لو

کنڀ کِنيا تا ڪِرن، لمڪِيان

ڙي لو

پٽَ تتر پارَ جا

روز اُتر کان اچن، لمڪيان

ڙي لو

پنڌ پري هوءِ ڙي، لمڪيان

ڙي لو

پار پرينءَ لوءِ ڙي، لمڪيان

ڙي لو

تانگهه ڪئي تاوڙي، لمڪيان

ڙي لو

سنڌ جي ثقافتي زيورن جا به ڪيڏا نه سهڻا سهڻا نالا آهن. جهومر… ٽِڪو… نٿ… ڦلي… ڇير… پازيب… پازوبند… دُهري… ڪٺمال… ڪنگڻ… بولو… پينسر…

(پس منظر ۾ هلندو رهي… نٿ ننگر شهر جي)

سنڌ جي ڳوٺاڻي سماج ۾، ان وقت خوشيون ۽ رنگ رچي ويندا آهن. جڏهن فصل لهندا آهن، ڳوٺ ۾ خوشحالي مُنهن ڪڍندي آهي ۽ گهٽيءَ گهٽيءَ ۾، شهر مان بجاج… گاڏڙن تي ڪپڙن جا ٿانَ رکي ۽ مڻهيار… رنگ رنگ جا اصلي نقلي زيور، ڪنهن نه ڪنهن وهٽ تي رکي وڪڻڻ لاءِ پهچي ويندا آهن. انهن بابت وري، ’مڻهيار‘ لوڪ گيت ايجاد ٿيو، مڻهيار… ڪنهن وهٽ يا پنهنجي ڪلهي تي زيورن جا شوڪيس کڻي نروار ٿيندو آهي ته… پنهنجي اچڻ جو اعلان هن ريت پيو ڪندو آهي:

گيت (وڊيو به ڪري سگهجي ٿو)

مڻهيار آيو، مڻهيار ڙي

آيو ڇنن ۾ والا ڪنن ۾

ڳانا ڳلي ۾، جهونجهار ڙي

موتي لٽائي، جوتي لٽائي

ڇا ڇا سجائي سنسار ڙي.

سنڌي سماج جو ڪو اهڙو فرد هوندو، جنهن ڪڏهن هي لوڪ گيت نه جهونگاريو هوندو… مورو ناهي ٿورو… او مومل مورو ويٺي ڏيان.

چون ٿا، مورو لوڪ گيت به… ٻيلڻ ۽ ڇلڙي وانگر مجاز ۽ محبت جو گيت آهي، جنهن ۾ انتظاري بيقراري، فراق ۽ ڦوڙائي، جهڄڻ ۽ جهوري جا مضمون بيان ڪيل هوندا آهن. موري لوڪ گيت ۾ سنيها ۽ پيغام به شامل هوندا آهن. انڪري هن لوڪ گيت کي سنيهڙو ۽ ليهڙو به سڏيندا آهن.

مورو لوڪ گيت… ڪوهستاني ايراضيءَ مان اُڀريو آهي ۽ هونئن ته سڄي سنڌ ۾ ذوق شوق سان ٻڌبو آهي، پر خاص ڪري روزمره جي زندگيءَ دوران ڪوهستان علائقي ۾ لاسي… کوسا… جوکيا… برفت ۽ بروهي وغيره ڳائي پنهنجين ڪچهرين ۾ منڊل مچائيندا رهندا آهن.

ڪوهستان جا مورو ڳائيندڙ، ان کي گهڻو ڪري دنبوره ساز سان ڳائيندا آهن، پر مورو… نڙ جي اَنس، دِلي ۽ سُرندي جي وڄت سان ڳايو ويندو آهي. هيءُ لوڪ گيت، مردن جي محفلن ۾ مرد ۽ عورتن جي محفلن ۾ عورتون به پيون ڳائينديون آهن…

مورو- طالب پالاري

ڪيڏا نه دل کي ڇهندڙ آهن، هي موري لوڪ گيت جا ٻول:

مورو ناهي ٿورو، او حاڪم مورو ويٺي ڏيان

جبل مٿي هاٿي، دلبر سان دل ڦاٿي

جبل مٿي ليوُن، اڳيون ڳالهيون ويون

جبل مٿي ڳيري، مرن تنهنجا ويري

جبل مٿي گاهه، منهنجو توسان چاهه

او حاڪم مورو ويٺي ڏيان.

ٿر، مُهراڻي ۽ ڪوهستان جي لوڪ گيتن وانگر ڪاڇي علائقي جا به ڪيئي لوڪ گيت مشهور آهن، جن مان نمايان لوڪ گيت کي سڏين… ’ٻيلڻ!‘ هي لوڪ گيت، ڪاڇي علائقي جي ماڻهن جو دل وندرائيندڙ گيت آهي. چون ٿا، جڏهن ڪاڇي جا جَتَ، اُٺ اٿاريندا آهن… تڏهن مَيي جي مهار ڪنڌ تي رکي، هڪ هٿڙو ڪن تي ڌري، ’اَلو ميان‘ پيا هونگاريندا آهن، سندن ’الو ميان‘، ’ٻيلڻ‘ جي صورت ۾ ظاهر ٿيندي آهي. ’ٻيلڻ‘ لفظ… نڪتل آهي. لفظ ’ٻيليءَ‘ مان… جنهن جي معنيٰ آهي، ’ساٿي‘. هن لوڪ گيت ۾ ٻه مصراعون ٿينديون آهن ۽ هڪڙي مصرع ٻيءَ سان ساٿ ڏيو بيٺي هوندي آهي، تنهنڪري مٿس اهو نالو رکيو ويو ٿو ڀانئجي.

’ٻيلڻ لوڪ گيت‘ جي ڪيفيت فراقيه لوڪ گيتن جهڙي آهي. سرائيڪيءَ ۾ ان جا ٻول هن ريت آهن:

يار ويندا هين وس، ولدا آوين نا

هڪ ڏينهن رهندا، سال گذرا ڀاوين نا

ٻيلڻ سائين

سُتي جو پئي آن، مين يار دي پيراندي

پُٽ هي پراوا، ڏيندا ٻانهن نه سيراندي

ٻيلڻ سائين

سنڌيءَ ۾ ٻيلڻ جا ٻول هي آهن:

تو لڏيو آهي گُلو… لڏي لٿو لانڍي

حال جا محرم گهُمرو ڪر، دل ٿي وئي آ ماندي

گُلو به آيو، پر منهنجو يار نه آيو

پُڇي پُڇي ٿڪس، سارو لوڪ پرائو

ٻيلڻ کان سواءِ ٻيا لوڪ گيت به صدين کان ڳايا ويندا آهن. مثال طور ڍاٽيئڙو، ڏورو، ڪاڳڙو… منڌيئڙو… ۽ جهالريو وغيره. محققن انهن کان سواءِ ٿر جي، جن ٻين لوڪ گيتن جا نالا ڄاڻايا آهن، اُهي آهن: ليالو… لِکيو… جو ڌاڻو… پوپري… ۽ پوپٽي… پوپري لوڪ گيت ته، بيحد ئي دلچسپ لوڪ گيت آهي.

هل حليمان پوپري، توکي ڪير ماري

ڪير ماري؟ گلو ڏير ماري

پوپري هلي پاڻيءَ تي، گڏهه پلاڻي

گڏهه گتو گپ ۾، پوپري پُوز پئي تاڻي

ائين ڏک ۾ فراق ۾ ورتل پرڻيل ناريون، جن جا ور ڏيساور ويل هوندا آهن، اُهي وري انهن جي اُڪير ۾ هنجون هاري جيڪو لوڪ گيت ڳائين. اهڙي لوڪ گيت کي لوڪ گيتن جي تاريخ ۾ ڍاٽيئڙو سڏيو وڃي.

سارو تان سيارو مون گنديءَ ۾ گذاريو

رليءَ جي رولاڪي

ماريو ڙي ڍاٽيئڙا

هيلوڪو وري آ… هيلو ڪو وري آ

ڏور پرڻيل ۽ مارُن سان موٽي ملڻ جي موضوع تي به جيءَ جهوري ڇڏيندڙ لوڪ گيت آهن، هي ٿورو ٻڌو… اهڙي ئي ڪا مائٽن کان وڇڙيل ناري، ڪنڊ ۾ ويٺي هي ڇا پئي جهونگاري:

الا… منهنجي ماروئڙن

لاتم ڏينهڙا

منهنجي اَباڻن… لاتم ڏينهڙا

مُئي جو ملڪ ملير چون ٿا

منهين وسين تون… ڇو نه مينهن وسين تون

۽ هاڻي ڳالهه ڪنداسين… سهرن جي.

(پس منظر ۾ شروع ٿئي: لوڏي لونگيءَ پاندر اڻل آيو)

سهرا، شادي ۽ خوشين جي موقعن جا گيت آهن، جيڪي عورتن جا ٺاهيل هوندا آهن، سهرن کي لاڏا به چيو ويندو آهي. مڱڻو هجي يا پرڻو… دهل جي وڄت تي ڀينرون، مائٽياڻيون گڏجي سهرا ڳائينديون آهن، ته ماحول منڊجي ويندو آهي. سهرا، ٿالهه جي لئي تي به واهه جو رنگ ڪندا آهن. لنگهياڻيون ته ڇير جي ڇمڪي سان نچي ڪڏي ڳائينديون آهن ته، ڪاڄ جي خوشي ڏسڻ وٽان هوندي آهي. ڪنوار جي ونواهه ۾ ويهڻ کان وٺي، لائُن، رخصتي ۽ نکيٽيءَ تائين، سنڌيءَ ۾ رنگ رنگ جا سهرا آهن… ائين شاديءَ جي ساٺ سنوَڻن جا سهرا به سوين آهن، ۽ هرهڪ جو رنگ ئي پنهنجو، وندرائيندڙ ۽ خوشيون ڏيندڙ هوندو آهي.

جهلڪ: هٿين گل ميندي، پيرين گل ميندي

سنڌ جي ثقافتي لوڪ گيتن ۾ هڪڙو لوڪ گيت ته اهڙو آهي جنهن کي لوڪ گيتن جي مٿي جو موڙ… بادشاهه ۽ شهنشاهه لوڪ گيت سڏيو ويندو آهي… ۽ ان لوڪ گيت جو عنوان آهي هو جمالو… جنهن جي هڪ هڪ سٽ سون ۾ تورڻ جهڙي آهي:

او جنهن جو جمالو جتن سان- هوجمالو

منهنجو کٽي آيو خير سان- هوجمالو

جنهن کي سوني منڊي چيچ ۾- هوجمالو

جنهن کي سائو لڪڻ هٿ ۾- هوجمالو

جيڪو سکر واري پل تي- هوجمالو

جيڪو لڙي آيو لاڙ کان- هوجمالو

جاڏي پيرَ، تاڏي خير لا- هوجمالو.

۽ اهوئي جمالو، سنڌ جو مشهور ۽ محبوب لوڪ گيت سمجهيو ويندو آهي، جنهن جي ڳائڻ وقت ناچ به ٿيندو آهي. جنهن کي جمالو ناچ چوندا آهن. هن لوڪ گيت ڳائڻ جو انداز هي ته ڪوبه هڪ… پهريون ٻول کڻندو آهي ۽ ٻيا ساٿي ان جي وراڻي ڏيندا آهن، گڏوگڏ تاڙي به وڄائي ويندي آهي.

هو جمالو لوڪ گيت تي اهو نالو ڪيئن پيو. ان بابت ڪئين روايتون، محققن لکيون آهن. مثال طور: هڪڙي روايت هي آهي ته: جمالو… پنهنجي جوءِ ۾ مڃيل پهلوان هو. مجال آهي جو ڪو سندس پير اورانگهي. چون ٿا ڪچي جي طرف جو ويٺل هو ۽ زورآزمائي جي مقابلي ۾ لاڙ طرف ويو، جتي وڃي نالو ڪڍيائين. لاڙين جي محبت کيس موهي وڌو، جنهنڪري ڪيترو ئي وقت اُتي رهي پيو. انهيءَ ڪري سندس پهلوانيءَ جي هاڪ هنڌين ماڳين هُلي ويئي. ٻي روايت آهي ته جمالو نالي هڪڙو شخص هو جو پنهنجن ساٿين کان وڇڙيو ۽ ڪي سال وڃي هيٺ لاڙ ۾ جتَن سان گڏ گذاريائين. ڪجهه عرصي بعد جڏهن وري موٽي آيو، تڏهن سندس ساٿين توڙي سڪ وارن خوشيون ڪيون، ناچ ڪيائون ۽ سندس نالي سان گيت ڳايائون…

بهرحال مختلف روايتن مان اها ڳالهه به چٽي آهي ته هو واقعي بهادر هو… تڏهن ته سندس شانَ مانَ ۾ ڳائيندا آهن-

جنهن جا پير پنج سير لا- هوجمالو

جنهن کي ڏند دلبند لا- هوجمالو

منهنجو جمالو جتن سان- هوجمالو

منهنجو کٽي آيو خير سان- هوجمالو

عبدالرزاق ڪلهوڙو

 

 

 

 

قنبر- شهدادڪوٽ ضلعو تاريخ جي آئيني ۾

سيمينار ۽ مڃتا اوارڊ پروگرام

 

هيءُ سيمينار، ضلعي هيڊڪوارٽر شهر قنبر ۾ ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي ۽ ثقافتي کاتو حڪومتِ سنڌ پاران ٿيو، جنهن جي صدارت سنڌ جي نامور محقق ۽ آرڪيالاجسٽ سيد حاڪم علي شاهه بخاري ڪئي. خاص مهمان ڊاڪٽر بشير احمد شاد، اعزازي مهمانن ۾ خير محمد ٻرڙو سيوهاڻي، پروفيسر مختيار سمون، ڊاڪٽر احسان دانش، ڊاڪٽر نظير شيخ، عزيز سانگي، محمد صلاح چانڊيو، مير اعجاز ٽالپر ۽ ڀائو درمحمد ٻرڙو هئا.

مٿين دوستن کي اسٽيج تي ويهارڻ کان پوءِ کين سنڌ جي ثقافت سوکڙي اجرڪ پيش ڪيا ويا. ان کان علاوه مقالا پڙهندڙن کي به اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا. هن سيمينار جي خاص ڳالهه اها هُئي ته ضلعي قنبر- شهدادڪوٽ تي تحقيق ڪندڙ 48 تاريخدانن ۽ محققن کي خوبصورت اوارڊ پڻ پيش ڪيا ويا. ٻي بهتر ڳالهه اها هئي ته سڄي ضلعي جي تاريخي ماڳن، مڪانن ۽ تاريخي شخصيتن جون تصويرون تمام وڏن بينرن ۽ پينافليڪس جي صورت ۾، هال ۽ هال کان ٻاهر نمايان لڳل هيون. سڄو هال ثقافتي ڏيک ڏئي رهيو هو، جيڪا ڳالهه نوجوانن ۽ ٻاهران آيل مهمانن لاءِ توجھه جو مرڪز بڻيل هئي. هن پروگرام ۾ وڏي تعداد ۾ مردن سان گڏ عورتن جي به شرڪت رهي.

پروگرام جي شروعات، سنڌ جي قومي شاعر ۽ راڳي زاهد شيخ، شاهه لطيف جي وائيءَ سان ڪئي. ان کان پوءِ آجياڻي جي لاءِ ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي قنبر جي تقرير چيئرمن ۽ قنبر- شهدادڪوٽ ضلعي جي باني ۽ هن پروگرام کي رچائيندڙ ڀائو درمحمد ٻرڙي کي سڏيو ويو، جنهن آيل مهمانن جي آجيان ڪئي، ۽ هن ڳالهائيندي چيو ته: قنبر- شهدادڪوٽ ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جو مقصد اهو آهي ته تخليقي، تحقيقي ادب، آرٽ ۽ ثقافت جي واڌ ويجھه تي ڪم ڪيو وڃي، جنهن سان سنڌ ۽ سنڌين کي وڌيڪ سُڃاڻپ ۽ عظمت ملي. هن چيو ته هزارين سال اڳ هتي اسان جي وڏڙن جي عقل، علم، ڏاهپ، فهم ۽ ڪاريگريءَ جا دليل اسان جي تاريخي ماڳن مڪانن جي صورت ۾ موجود آهن. سڄي ملڪ سان گڏ اسان جي سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت تي نه هجڻ برابر ڪم ٿيو آهي، ان ۾ وري اسان جي ضلعي قنبر- شهدادڪوٽ ۾ ته صفا ڪم ٿيو ئي نه آهي. پنهنجي عقل ۽ سگهه آهر اسان قنبر جا ڪجھه باشعور دوست 1988ع کان ملڪ جي صدر ۽ وزيرِاعظم کي هزارين ڪارڊ موڪلي ضلعي قنبر جي گهُر ڪئي، جيڪا مهم پوءِ عوام پڻ ڪارڊ موڪلي هلائي. 2004ع کان پنهنجي ضلعي تي اسان تحقيقي ڪم جي شروعات ڪئي آهي. سڀ کان اڳ ۾ تعلقي قنبر جي تاريخ تي ’قنبر: هڪ اڀياس‘ جي نالي سان ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي پاران هڪ ضخيم تاريخي ڪتاب ڏنو. پوءِ سڄي ضلعي جي تاريخ تي قنبر-شهدادڪوٽ ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ پاران 2011ع ۾ ’قنبر- شهدادڪوٽ ضلعو (تاريخ جي وهڪري ۾)‘ ضلعي جي تاريخ تي پهريون ڪتاب ڏنو. ان کان پوءِ ٽيون ڪتاب ’سجاڳي جو سفر‘ ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جي طرفان شايع ڪرايو. هن چيو ته سڄي ضلعي ۾ تعليم، ادب، ثقافت ۽ تاريخ بابت ليڪچر، ڪانفرنسون ۽ سيمينار ڪوٺايا ۽ قنبر ضلعي جي تاريخ ۾ تمام وڏو پروگرام ’جشن لطيف‘ پڻ ڪرايو. هتي علم جي وڌيڪ ڄاڻ لاءِ 13 پروگرام ڪيا آهن. هيءُ پروگرام ’قنبر- شهدادڪوٽ ضلعو تاريخ جي آئيني ۾‘ ثقافت کاتي حڪومتِ سنڌ جي مدد سان اوهان جي آڏو ڪري رهيا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته اسان جو مقصد ايندڙ نسلن کي پنهنجي تاريخ کان واقف ڪرڻ ۽ مالڪي ڪرڻ  آهي. اسان جي مٿان اڳ ۾ ڪيترن قابض حڪمرانن اسان جي وڏڙن جي ڪيل محنت، ڪاريگري ۽ محبت جي نشانن کي ڊاهي ميساري ڇڏڻ جي مڪمل ڪوشش ڪئي آهي، انڪري اڄ سرڪاري يا غير سرڪاري ادارن ۽ ماڻهن کي مالڪي وارو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ان ڏس ۾ هاڻي ثقافت کاتي حڪومتِ سنڌ، جناب سيد سردار علي شاهه جي وزارت ۾ ثقافت تي بهتر ڪم جي شروعات ٿي آهي ۽ اڄوڪو هيءُ تاريخي سيمينار به سندن مهربانيءَ سان ٿيو آهي. اسان وزير موصوف کي وڌيڪ گذارش ڪنداسين ته هن تاريخي پروگرام ۾ پڙهيل محققن جا مقالا گڏ ڪري ڪتاب جي صورت ۾ شايع ڪرائي ڏيندا ته سندن مهرباني ٿيندي. ان کان وڌيڪ کين گذارش ڪجي ٿي ته سنڌ بلوچستان جي سرحد تي کيرٿر جبل ۽ ڪُتي جي قبر کان اڳتي سنڌ جي سرحد تي قانوني نشان لڳايا وڃن ته جيئن سنڌ ۽ بلوچستان جون سرحدون نروار ٿي بيهن. سسئي ۽ پنهون وارو پيار جو رشتو سنڌين ۽ بلوچن جي وچ ۾ برقرار رهي. عوام ۽ سياحن جي سهوليت لاءِ قنبر جي تاريخي ماڳن مڪانن تي پهچڻ لاءِ روڊ رستا ۽ ريسٽ هائوس ٺاهي ڏنا وڃن. تاريخي ماڳن مڪانن ۾ ڇُڇانگي، ڪُتي جي قبر، حمل ڍنڍ ۽ لنگهه ڍنڍ تي عوام جي وندر ورونهن لاءِ تفريح گاهه ٺاهي ڏنا وڃن.

نامور محقق سيد حاڪم علي شاهه بخاري صدارتي خطاب ڪندي چيو ته تاريخ هڪ اهڙو موضوع آهي جو هر لکندڙ يا ڪنهن جي ثنا ۾ لکي آهي يا پنهنجي نظرياتي مفادن ۾ لکرائي آهي. مان ائين چوندس ته تاريخ گهڻي قدر ڪنهن نه ڪنهن ڌُر جي نمائندگي ڪندڙ آهي ۽ اڃا وڌيڪ محققن جو خيال آهي ته تاريخ ڪوڙ کان سواءِ ٻيو ڪجھه به نه آهي. ڪيترا دنيا ۾ اهڙا عالم به آهن جيڪي چون ٿا ته تاريخ جو علم پڙهجي ئي نه. اڄ جيڪا تاريخ لکي ٿي وڃي، وري به ڪجھه نه ڪجھه سائنس ۽ حقيقي تحقيق تي مبني آهي.

هن ڳالهه ۾ ڪو وڌاءُ نه آهي ته ڌارين اسان جي سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت کي ميساريو آهي، پر مان ائين چوندس ته ڪجھه انگريزن جي دؤر ۾ اسان جي ماڳن، مڪانن تي عالمن ڪجھه شروعاتي ڪم به ڪيو آهي، جنهن ۾ خاص ڪري موهن جي دڙي تي ٿيل ڪجھه ڪم نظر اچي رهيو آهي. ان کان پوءِ ته ڪابه تاريخي ماڳن مڪانن جي حفاظت نه ٿي آهي. جنهن جو مثال حيدرآباد جا ڪچا پڪا قلعا ۽ ٻيون ڪيتريون ئي تاريخي جڳهون ۽ مقبرا ميسارجي ويا آهن يا ميسارجڻ تي آهن، وري به هاڻي چئن پنجن سالن کان سنڌ ثقافت کاتي ڪجھه مالڪيءَ جو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ ڪجھه ميساريل يا ميسارجندڙ تاريخي ماڳن مڪانن کي نروار ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون آهن ۽ سنڌي ثقافت کي سڄيءَ دنيا ۾ متعارف ڪرائڻ جا جتن ڪيا آهن.

هن چيو ته ڀائو درمحمد ٻرڙو سنڌ ڌرتي، ٻولي ۽ قوم سان پيار ڪندڙ ماڻهو آهي. سندس علمي، ادبي ۽ تاريخي پروگرامن ۾ هر سال اسان ايندا رهندا آهيون. هيءُ پروگرام اعليٰ پائي جو ٿيو آهي، مبارڪون ٿو ڏيان ڀائو درمحمد ٻرڙي ۽ اُن جي سٿ کي، سيمينار جي مهمانِ خاص ڊاڪٽر بشير احمد شاد کي ۽ اڳ ۾ مقالا پڙهندڙ تاريخدانن کي. هن وڌيڪ چيو ته اڄ جو نوجوان ليکڪ تمام سٺو لکي ۽ پڙهي ٿو. اڄ جيئن قنبر- شهدادڪوٽ ضلعي جي تاريخ تي، سيمينار ٿيو آهي، اهڙيءَ طرح سمورن تعلقن ۽ ضلعن ۾ به ههڙا پروگرام ٿين، جنهن سان بند ٿيل تاريخي دروازا کُلي پوندا ۽ دنيا جي آڏو اسان جي ڌرتي، قوم ۽ ثقافت جي عظمت نروار ٿيندي. قنبر جو متحرڪ ڪردار ڀائو درمحمد ٻرڙو هر سال تمام وڏا بهترين علمي ۽ ادبي پروگرام ڪندو آهي. اسان سندس ڪيل علمي، ادبي ۽ تاريخي ثقافتي خدمتن تي کيس مبارڪون ڏيون ٿا ۽ هن اڄوڪي تاريخي پروگرام کي وساري نه ٿا سگهون. سڄي سنڌ ۾ ڀائو درمحمد ٻرڙي جهڙا بهترين ڪردار هر شهر ۾ پيدا ٿين، ته سڄي سنڌ، علم ۽ شعور سان روشن ٿي پوندي ۽ سنڌي قوم جي تاريخ به سهيڙجي پوندي.

خيرمحمد ٻرڙو سيوهاڻيءَ قنبر- شهدادڪوٽ ضلعي جي تاريخي ڪردار سرائي پير بخش کهاوڙ تي ڳالهايو ۽ پروفيسر مختيار سمي ڳالهائيندي چيو ته قنبر جديد علم ڏيڻ جي درس گاهه آهي، جنهن سنڌي قوم، سنڌي ٻولي ۽ ثقافت کي نروار ڪرڻ جي لاءِ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي، ڊاڪٽر الهداد ٻوهئي، استاد پيرل، جامي چانڊئي، رياضت ٻرڙي، دين محمد ڪلهوڙي ۽ ڀائو درمحمد ٻرڙي جهڙا ڪردار جيڪي ادارن جي حيثيت رکن ٿا. وڏي ڳالهه آهي ته هيڏي وڏي تعداد ۾ مردن سان گڏ عورتن جو هجڻ قنبر جي باشعور هجڻ جي علامت آهي.

سنڌ جي هر فن مولا شخصيت ڊاڪٽر نظير شيخ پنهنجي قنبر شهر ۽ ان جي علمي ۽ ادبي ادارن ۽ شخصيتن تي ڳالهائيندي چيو: ته هيءُ منهنجو جنم ڀومي شهر قنبر آهي، هي منهنجي سامهون ويٺل ڀائو درمحمد ٻرڙو آهي، جنهن مون کي ۽ مون جهڙن قنبر جي سوين نوجوانن کي اڄ کان 45 سال اڳ حق ۽ سچ جو رستو ڏيکاريو، ٻيو اسان جو استاد محبت ٻرڙو، جنهن اسان جي اندر ۾ سڄي دنيا جي سچ جو سبق ڏنو ۽ عظمت سان زندگي گذارڻ جو فلسفو سيکاريو. اڄ توهان کي قنبر جا ڪردار- علي گل ميتلو، صحبت علي ٻرڙو، ڏاڏو عمر ميمڻ، ڊاڪٽر بخت جمال شيخ، ڊاڪٽر ايوب شيخ، جامي چانڊيو، دين محمد ڪلهوڙو، معشوق بلوچ، ذوالفقار گراماڻي، ارباب چانڊيو، اسد چانڊيو، علي آڪاش، سرمد چانڊيو، رياضت ٻرڙو، ۽ ٻيا ڪيترا قنبر جا باشعور انسان پنهنجي ڌرتي، قوم ۽ ٻوليءَ لاءِ روشن ڏيئا نظر ايندا.

ڊاڪٽر احسان دانش پنهنجي مقالي ’قنبر جي محبت ۽ محبت جو قنبر‘ ۾ چيو ته، ويهن ورهين کان وڌيڪ عرصو قنبر جي شخصيتن ۽ ماڳن، مڪانن سان لاڳاپو ٿيندي گذريو آهي. قنبر جي محبت، وڻ ويڙهي وانگر منهنجي روح کي جڪڙي ڇڏيو آهي. مون ڊاڪٽر محبت ٻرڙو نه ڏٺو. سندس ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ ان جي ملڻ وارو احساس شدت سان محسوس ٿيندو رهيو ته هُو واقعي وڏو عالم ۽ باڪردار ماڻهو هو. سندس ڀاءُ رياضت ٻرڙي ۽ سندس عمل جيان ڪردار ادا ڪندڙ سندس پياري دوست ۽ شاگرد ڀائو درمحمد ٻرڙي ۽ ٻين دوستن کي ڏسڻ ۽ ملڻ کان پوءِ قنبر واقعي علم، عمل جو شهر لڳندو آهي. هن چيو ته: قنبر جا ايترا ته تاريخي ماڳ مڪان آهن جي انهن تي لکجي ته واقعي سنڌ جي تاريخ وڌيڪ سهڻي ۽ مڪمل لڳندي. وائيلڊ لائيف تي ڳالهائيندي مير اعجاز ٽالپر چيو ته: دنيا جي پکين جو دنيا ۾ سڀ کان وڏي ۾ وڏو شاهراهه ۽ گذرگاهه، لنگهه ۽ ڊگهه ڍنڍ جي ڪري قنبر کي سُڃاتو ويندو آهي. هن چيو ته، قنبر جي لنگهه ڍنڍ کي پکين جي جنت سڏيو ويندو آهي. قنبر وارا ماڻهو سهڻن پکين جي ڪري بين الاقوامي طور سُڃاتا وڃن ٿا.

عوامي جمهوري پارٽي ۽ ايم.آر.ڊي تحريڪ جي بهادر اڳواڻ محمد صلاح چانڊئي پنهنجي تقرير ۾ شاهه عنايت، حيدر بخش جتوئي جي علامت هارين جي يار ڊاڪٽر قاضي غفار تي ڳالهائيندي چيو ته: هن پنهنجي زندگي هارين لاءِ وقف ڪئي. سنڌ جي نالي واري حڪيم هوندي به سموري ڪمائي پورهيتن کي منظم ڪرڻ تي خرچ ڪئي. هُو سنڌ جو اهو واحد هاري اڳواڻ هو، جنهن پنهنجي وڏن جي ۽ پنهنجي سموري موڙي هوندي هيءُ جهان ڇڏڻ وقت پاڻ لاءِ ڪجھه به نه رکيو، سڀ ڪجھه پورهيتن جي ٻڌي ۽ خوشحاليءَ تي خرچ ڪري ڇڏيو. سنڌ جي سياست ۾ ٻين ليڊرن ڪمايو پر هن سڀ ڪجھه قربان ڪيو. نامور محقق آصف رضا مورئي قنبر جي تاريخي ماڳ ’ڇُڇانگي‘ تي مضمون پڙهيو.

سيد امام راشدي، محبوب علي خان وڳڻ جي شخصيت ۽ ڪردار تي پنهنجو مقالو پيش ڪيو. سيد گل محمد شاهه، قنبر شهر ۽ ان جي علم، ادب ۽ درگاهن تي ڳالهايو. جبار آزاد منگي شهر نصيرآباد جي نالي ۽ شهر جي تاريخ ۽ بنياد پوڻ تي مقالو پيش ڪيو. شيخ جاويد علي سنڌي، قنبر شهر جي تاريخي قدامت ۽ قنبر نديءَ تي مضمون پڙهيو. ستار هڪڙي، قنبر- جي گزيٽ انگن اکرن سان پڙهي ٻڌائي. ڊاڪٽر علي اڪبر ’اسير‘ قريشي ڳوٺ گاجي کهاوڙ تي مقالو پيش ڪيو. عبدالغفار گوهر داؤدپوٽي سنڌ جي سياحت ۽ سي پيڪ تي ڳالهايو. برڪت جيهي، قنبر جي تاريخي ماڳن مڪانن تي ڳالهايو. احمد علي صابر چانڊئي، قنبر جي گمنام چارڻ چنڊ فقير تي پنهنجو مقالو پيش ڪيو. مور مغيري قنبر- شهدادڪوٽ ضلعي جي لائبررين تي مقالو پڙهيو. حسين چنجڻي ۽ سندس ڀاءُ عتيق چنجڻي پنهنجا مقالا پيش ڪيا. ان کان سواءِ سيمينار ۾ شريڪ عالمن، اديبن، شاعرن، صحافين ۽ استادن جا ڪجھه نالا هن طرح آهن:- دين محمد ڪلهوڙو، رياضت ٻرڙو، آزاد انور ڪانڌڙو، خادم رند، اڪبر ساسولي، غلام حسين ڪٽپر، عبدالرزاق ڪلهوڙو، قمرالدين قمر، ڪوڙل قربدار، منور رند، نعمان هڪڙو، امتياز مغل، نثار ٻرڙو، عزيز سانگي، ننگر چنه، وقار حيدر منگي، رحيم منگي، نور احمد کوسو، محمد مٺل کوسو، سڪندر قريشي، طفيل قريشي، حمير جاني ٻرڙو، عورتن ۾ بيبي باگڙي سنڌي سميت ٻين عورتن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

سنڌ جي مشهور قومي شاعر ۽ راڳي زاهد شيخ وقفي وقفي سان قومي گيت ٻڌائي ماحول کي جُهومائي ڇڏيو پئي.

هيءُ سيمينار مسلسل ڇهه ڪلاڪ هليو. وقفي وقفي سان چانهه جو دور هلايو ويو ۽ مانجهاندو پڻ ڪرايو ويو. هن پروگرام ۾ ٽن سَوَن کان وڌيڪ ماڻهن جي شرڪت ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org