سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 3/ 2019ع

باب:

صفحو:20 

فهيم منگي

 

 

سنڌي ٻوليءَ جي عظيم ڪهاڻيڪار:

                     نسيم کرل جي 41هين ورسيءَ جي تقريب

        سنڌي ٻوليءَ جي عظيم ڪهاڻيڪار نسيم کرل جي 41 ورسي تاريخ 14 جولاءِ 2019ع آچر جي ڏينھن شام جو، سنڌ جي ثقافت، سياحت ۽ نوادرات کاتي پاران، ھڪ يادگار ڀيٽا تقريب، پاڪستان آرٽس ڪائونسل ڪراچيءَ جي مُک آڊيٽوريم هال ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ، ثقافت واري وزير سيد سردار علي شاھ، سماجي ڀلائي واري وزير هري رام ڪشوري لال، ايم.پي.اي نعيم کرل، قاسم سومرو، سليم رضا جلباڻي، ڊاڪٽر سهراب سرڪي ۽ ٻين خاص مھمانن طور شرڪت ڪئي. نامياري ليکڪه نورالهديٰ شاھ ھن تقريب جي صدارت ڪئي. جڏھن تـ ناميارو شاعر امداد حسيني، ناميارو ڪھاڻيڪار شوڪت حسين شورو پڻ اعزازي مهمان طور اسٽيج تي ويٺا. ھن موقعي تي سلطانه وقاصي، ابراهيم کرل، مختيار ملڪ ۽ ممتاز بخاريءَ، نسيم کرل جي ڪهاڻين متعلق مقالا پڙهيا ۽ نسيم کرل جي فرزند فيصل دارا شڪوه خيالن جو اظھار ڪيو.

نامور ڪھاڻيڪاره ماھتاب محبوب جي آواز ۾ رڪارڊ ٿيل، نسيم کرل جي شخصيت ۽ ڪردار تي لکيل سندس تاثراتي تحرير پڻ حاضرين کي ٻڌرائي وئي. نسيم کرل جي پنھنجي آواز ۾ جھونگاريل ھڪ ڪلام پڻ ٻڌرايو ويو. جنھن سان ماحول اداس ٿي ويو.

        سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته آءٌ ادبي محفلن ۾ تمام گهٽ ويندو آهيان، هن محفل ۾ به انڪري آيس ته هتي مون جهڙو نعيم کرل به آهي. هن چيو ته مون هتي اسٽيج تي ويٺي ويٺي ثقافت کاتي پاران نسيم کرل جي ڪهاڻين جي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيل ڪتاب مان هڪ ٻه ڪهاڻيون پڙهي ورتيون. هن چيو ته هن هتي ئي ڪهاڻي پڙهي ورتي، جنهن ۾ اهو سبق ته وقت هميشه ساڳيو نه رهندو آهي، کي نسيم کرل ڏاڍي خوبصورت طريقي سان ڪهاڻيءَ جو روپ پارايو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ رپڙي هائير سيڪنڊري اسڪول تعلقي گمبٽ کي نسيم کرل جي نالي سان ڊگري ڪاليج منسوب ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ انهيءَ جي شاگردن جي سهولت لاءِ هڪ بس ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪيو. ثقافت واري وزير  سيد سردار شاھ چيو ته: نسيم کرل جيڪي ڪهاڻيون لکيون ڇا اڄ به اهي وارتائون سنڌ ۾ ڪونه آهن ڇا؟ ڇا اڄ به هتي چوٽيهون در ڪونه آهي ڇا؟ هن چيو ته ثقافت کاتو يا سرڪار سماج ڪونه بچائيندي آهي، پر سماج جا متحرڪ ڪردار ئي سماج سازي ڪندا آهن. هن چيو ته عبدالڪريم پلي، ميين شاھ عنايت ۽ ٻين لازوال ڏات ڌڻين جو اولاد به نعيم کرل وانگر پنهنجن وڏڙن جون ورسيون ملهائي. ثقافت کاتو پنهنجي طور به ڪوشش ڪندو رهندو. تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي نورالهديٰ شاھ چيو ته: نسيم کرل جيڪا سنڌ 1978ع ۾ پيش ڪئي هئي، اڄ به سنڌ اتي جو اتي بيٺل آهي. هن چيو ته معذرت سان، پر اسين سڀ اجتماعي طور، ذهني طور ۽ پنهنجي سماجي ڪردار طور تي ڪرپٽ ٿي چڪا آهيون. اسان کي سنڌي سماج جي بهتريءَ لاءِ پاڻ ملهائڻو پوندو. امداد حُسينيءَ چيو ته نسيم کرل تمام نفيس ۽ سادو ماڻهو هو. مان اڪثر سوچيندو آهيان ته شاندار ڪهاڻيون لکندڙ نسيم کرل جي پنهنجي زندگيءَ تي ڪهاڻي ڪهڙي لکي سگهجي ٿي. هن چيو ته نسيم کرل جي ڪهاڻين جا سمورا ڪردار زنده آهن، پر ڇا اسين زنده آهيون. نسيم کرل جي ڀاءُ ايم پي اي نعيم کرل پنهنجي ڀاءُ جون ساروڻيون ونڊيندي چيو ته: نسيم کرل مون کي پٽن وانگر پاليو ڇاڪاڻ ته جڏهن بابا جي وفات ٿي ته: آءٌ تمام ننڍڙو هئس. هن ٻڌايو ته ادا نسيم جي ڪهاڻي ڪافر پڙهندي نامياري ليکڪ احمد نديم قاسميءَ چيو هو ته: ڪاش اها ڪهاڻي مان تخليق ڪيان ها. شوڪت حسين شوري چيو تـ نسيم کرل، موپاسان ۽ چيخوف وانگر زندگيءَ جي حقيقتن کي پنهنجي ڪهاڻين ۾ چٽيو ۽ وڏو نالو ڪمايو. سلطانا وقاصيءَ چيو ته نسيم کرل جي ڪهاڻين جا ڪردار اسان جي سماج جا جيئرا جاڳندا ڪردار آھن. ممتاز بخاريءَ ثقافت کاتي پاران نسيم کرل جي ڪهاڻين جو انگريزيءَ ۾ ترجمي

 شايع ڪرائڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاھ کان گهر ڪئي ته نسيم کرل جي ڪهاڻين کي شاگردن جي مطالعي لاءِ نصاب ۾ شامل ڪيو وڃي. مختيار ملڪ چيو ته نسيم کرل سنڌي ڪهاڻيءَ جو امام ۽ ٻوليءَ جو بادشاھ آهي. هُو ڪڏهن به مري نه ٿو سگهي ۽ پنهنجي ڪهاڻين جي ذريعي پنهنجي پڙهندڙن جي دلين ۾ هميشه زنده رهندو. ابراهيم کرل، نسيم کرل جي ڪيل ادبي پورهئي تي پنهنجو تحقيقي مقالو پڙهندي چيو ته نسيم کرل روشن خيال ڪهاڻيڪار ھو، جنھن زمينداري طبقي جي خلاف لکيو ۽ انھن جي اوڻاين کي پنھنجي ڪھاڻين ۾ بيان ڪيو. ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ گورنمينٽ شھيد نسيم کرل ھاءِ اسڪول رپڙيءَ کي ڊگري ڪاليج جو درجو ڏيندي، بس ڏيڻ جو اعلان پڻ ڪيو. آخر ۾ ايوب ساگر، رجب فقير، سلامت فقير ۽ ٻين فنڪارن پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. پروگرام جي ڪمپيئرنگ ناليواري اديب نصير مرزا ڪئي.

          ھن ورسيءَ تقريب ۾ سياست، صحافت، ادب، آرٽ سان واسطو رکندڙن شخصيتن: منظور احمد قناصرو، مدد علي سنڌي، سحر امداد، قربان منگي، سجاد ميراڻي، امر اقبال، پرويز ابڙو، قديرانصاري، شبنم گل، حسينه آزاد جتوئي، شرجيل کرل، شبنم موتي، روشن شيخ، رزاق سروھي، رکيل مورائي، مظفر ميمڻ، عاجز جمالي، مريد ڄامڙو، منظور خاموش، آفاق ڀٽي، زاهد راڄپر، مصطفيٰ ملاح، ساگر آريجو ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

آصف نظاماڻي

 

 

 

 

ڳليان پريم نگر ديان...

سدا حيات صوفي راڳيءَ سهراب فقير جي ڏهين ورسي تقريب

 

        سنڌ جي سدا حيات ۽ جڳ مشھور صوفي راڳي سھراب فقير جي ڏهين ورسي، 22- جولاءِ، سومر ڏينھن شام جو سھراب فقير اڪيڊمي ٽالپر وڏا پاران، جيم خانا خيرپور جي ڇٻراٽي تي شايانِ شان انداز ۾ ملهائي وئي. جيم خانا ڪلب، پوپٽ پبلشنگ هائوس ۽ سنڌ جي ثقافت واري کاتي جو ورسي تقريب جي انعقاد ۾ ساٿ رھيو. ادبي ڪانفرنس جي صدارتي سٿ ۾ ناميارو اسڪالر ڊاڪٽر يوسف خشڪ، ناميارو شاعر ۽ براڊ ڪاسٽر ڪوثر ٻرڙو، ناميارو راڳي شفيع فقير، ناميارو ليکڪ، سياسي سماجي اڳواڻ لعل بخش منگي، ناميارو شاعر ۽ محقق اختر درگاهي، ميمبر قومي اسيمبلي سنڌ منور علي وساڻ، درگاه خوش خير محمد فقير ھيسباڻيءَ جو سجاده نشين فقير ذاڪر علي هيسباڻي ۽ سماجي اڳواڻ پرويز ٻانڀڻ شامل رھيا.

        سھراب فقير اڪيڊميءَ جو سرپرست اعليٰ ناميارو سفرناما نگار قربان منگي ۽ جيم خانا ڪلب خيرپور جو سيڪريٽري سينئر صحافي خان محمد خان ميزبان جي حيثيت سان اسٽيج تي ويٺا. آجياڻي تقرير سھراب فقير جي فرزند سلامت سھراب ڪئي. سھراب فقير جي وڏي فرزند رجب سھراب اسٽيج تي ويٺل سڀني مھمانن کي گيڙو رومال جو تحفو پيش ڪيو. نامياري شاعر سجاد ميراڻيءَ، نوجوان شاعر ۽ محقق حسن شيخ، نوجوان ليکڪ احسان ناريجي سھراب فقير جي شخصيت، زندگيءَ، فني سفر ۽ خدمتن جي حوالي سان مقالا پڙهيا. تنھن بعد اسٽيج تي ويٺلن واري واري سان خيالن جو اظھار ڪندي چيو تـ سھراب فقير سچل سرمست، بيدل سائينءَ، فقير نانڪ يوسف، خوش خير محمد فقير ھيسباڻِيءَ ۽ ٻين صوفي شاعرن جو ڪلام ڳائي ملڪان ملڪ مشھوري ماڻي. سھراب پنھنجي رنگ ۽ انگ جو يگانو راڳي ھو، جنھن ڪافي ڪلام ۽ لوڪ رنگ کي ملائي صوفي راڳ جو منفرد انداز متعارف ڪرايو ۽ سموري دنيا ۾ سنڌ جي صوفي آواز کي ڳايو.

        ادبي ڪانفرنس ۾ مختلف شخصيتن کي سهراب فقير اوارڊ ۽ شيلڊون پڻ ڏنيون ويون. اھڙين شخصيتن مان اختر درگاھيءَ کي جيون مڃتا اوارڊ ڏنو ويو. قربان منگيءَ کي بهترين خدمتن جو اوارڊ ڏنو ويو ۽ آصف نظاماڻيءَ کي بهترين ڪارڪن جو اوارڊ ڏنو ويو. آخر ۾ خان محمد خان ٿورن جا ٻه لفظ ڳالھايا. ڪانفرنس جي ڪاروائي نامياري شاعر امراقبال ھلائي. راڳ رهاڻ جي نشست ۾ شفيع فقير، سيد وزير علي شاھ، ممتاز ڪنول، رخسانا ماروي، شازيا ماروي ۽ ٻين فنڪارن مختلف صوفي ۽ جديد شاعرن جو ڪلام ڳائي سج اڀاري ڇڏيو. ھيءَ يادگار تقريب سڄي رات جاري رھي. موسيقيءَ واري نشست جي ڪاروائي نامياري شاعر روشن شيخ هلائي. تقريب ۾ علم، ادب، فن، راڳ، موسيقيءَ ۽ ٻين شعبن سان تعلق رکندڙ مھمانن جي تمام وڏي انگ شرڪت ڪئي.

رضوان علي ٻگهيو

 

سنڌي ٻوليءَ جي سُورمين جي جنم ڏهاڙي

ملهائڻ جي تقريب

 

سنڌ، سنڌي ٻولي، تهذيب وثقافت ۽ تاريخ تي ماضي خواه حال ۾ ڪم ڪندڙن محققن، عالمن اديبن ۽ شاعرن وغيره پاڻ پتوڙيو ۽ پتوڙي رهيا آهن. انهن مان جيڪي وفات ڪري ويا آهن انهن جون گڏيل ورسيون ’سڄڻن جون ساروڻيون‘ جي نالي سان ملهايون وڃن ۽ زنده عالمن، اديبن، محققن ۽ شاعرن وغيره جو جنم ڏهاڙو ’روح رهاڻ‘ جي نالي سان ملهايو وڃي ۽ انهن متعلق صحيح مواد هٿ ڪجي. اها سوچ کڻي لوچ شروع ڪئي ۽ سڀ کان پهريائين تنظيم. ’بزم صوفيائي سنڌ مورو‘ جي پليٽ فارم تان. وڇڙي ويل ادبي شخصيتن جون ورسيون ’سڄڻن جون ساروڻيون‘ ۽ زنده ادبي شخصيتن جا جنم ’روح رهاڻ‘ جي نالن سان شروع ڪجي، انهيءَ سلسلي ۾ ’روح رهاڻ‘ پروگرامن (مئي ۽ جون) ۾ ٻن منهنجين ننڍين پر ادب ۾ علم جي خدمت ۾ وڏين ڀينرن جا نالا به شامل هئا، جيڪي هن وقت ٻئي سنڌي ٻوليءَ جون سورميون سنڌي ادبي بورڊ طرفان ٻه رسالا ٽماهي ’مهراڻ‘ ۽ ’سرتيون‘ نهايت پابنديءَ، محنت ۽ شوق سان تمام عاليشان نموني ڪڍي رهيون آهن. اهي منهنجون صبر ۽ تحمل ۽ جانفشاني سان ڪم ڪندڙ سنڌي ٻوليءَ جون ٻه سورميون آهن:  (1) ثمينه ميمڻ ايڊيٽر ٽماهي ”مهراڻ“ رسالو سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو (2) گلبدن جاويد مرزا ايڊيٽر ماهوار، ’سرتيون‘ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.

سنڌي ٻوليءَ جي هنن ٻنهي سورمين جو مختصر تعارف به هتي پيش ڪجي ٿو:

ثمينه ميمڻ: ثمينه ميمڻ جو جنم 06 مئي 1965ع تي موري شهر ۾ ٿيو. ان حساب سان مئي 2019ع تي سندن هيءَ 54 هين سالگره آهي. سندن والد محمد خان ميمڻ پڙهيل نه هو، پر ماءُ جيجل صاحب خاتون سنڌي فائنل پاس هئي. ثمينه ميمڻ پرائمري تعليم موري شهر جي احمدشاهه اسڪول ۾ حاصل ڪئي ۽ مئٽرڪ اين.جي.وي اسڪول ڪراچيءَ مان ۽ انٽر وومينس ڪاليج ڪراچيءَ ۽ ملٽرس ماس ڪميونيڪيشن سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي. سندس 1985ع کان مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڪهاڻيون، شاعري، مضمون شايع ٿيل آهن، سندس پهرين ڪهاڻي ڪاليج جي ميگزين ۾ شايع ٿي. 1990ع کان سنڌي ادبي بورڊ ۾ سروس ڪري رهي آهي ماهوار ’پارس‘ رسالي ۽ ماهوار ’سرتيون‘ ماهوار ’گل ڦل‘ ماهوار ۾ پڻ سب ايڊيٽر ۽ انچارج ايڊيٽر رهي چُڪي آهي.

ثمينه ميمڻ 9 ڀائرن ڀينرن ۾ 8 نمبر تي آهي. سندن ماءُ پڙهيل لکيل هئڻ ڪري سندس کي ننڍپڻ کان ئي بهترين ماحول مليو ۽ سندن تربيت به سٺي ۽ سهڻي ٿي ۽ کين ماءُ جو پيار به گهڻو ئي مليو. 2011ع کان سنڌي ادبي بورڊ ۾ ٽماهي ’مهراڻ‘ ۾ ايڊيٽر جي حيثيت ۾ ڪم رهي آهي. ريگيولر رسالن کان علاوه مختلف شخصيتن تي خاص نمبر جهڙوڪ: ’مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ نمبر‘، ’محمد عثمان ڏيپلائي نمبر‘، ’شمشيرالحيدري نمبر‘، ’محمد ابراهيم جويو نمبر‘ ۽ ’مخدوم محمد امين فهيم نمبر‘ شايع ٿيل آهن. سندس ڪتاب ’خان محمد پنهور هڪ مثالي انسان‘ سندس گهر واري مجيد پنهور سان گڏ مرتب ڏنل آهي ۽ ٻيو سندس ڪهاڻين جو ڪتاب ’تِرورو‘ پوپٽ پبليڪيشن پاران 2017ع ۾ شايع ٿيل آهي ۽ ويجهڙائيءَ ۾ سندن ٽيون ڪتاب مضمونن تي مشتمل پڻ پڌرو ٿيڻ وارو آهي.

گلبدن جاويد مرزا: گلبدن جاويد مرزا جو جنم 8 جون 1964ع ڳوٺ مٺو ٻٻر ضلع دادو ۾ ورتو. سندس والد احمد خان آصف مصراڻي جيڪو سنڌ جو نامور شاعر ۽ اديب هو، تنهن کي ڌاڙيلن حملو ڪري شهيد ڪيو. ساڻن گڏ ٻن نياڻين گلبانو ۽ سڪينه کي پڻ شهيد ڪيائون ۽ خديجه زخمي ٿي پئي.

گلبدن جاويد مرزا ننڍي هوندي کان ذهين ۽ هوشيار هوندي هئي ۽ پڙهڻ دوران اڪثر ڪري پوزيشن کڻندي هئي ۽ کيس شيلڊون ۽ سرٽيفڪيٽ ملندا هئا. جڏهن اٺين جماعت ۾ پڙهندي هئي تڏهن هڪ غزل لکي شاعريءَ جي شروعات ڪيائين، پاڻ غزل کانپوءِ نظم لکيائين تنهن بعد ڪالم، مضمون، مقالا، ڪهاڻيون، ناول لکيا آهن ۽ آتم ڪٿا پڻ. پاڻ هڪ شاعره، نثرنويس جي حيثيت ۾ انسانيت خاص ڪري عورتن لاءِ جاکوڙ ڪندڙ اڻ ٿڪجندڙ ڪارڪن رهندي اچي ٿي. سنڌي انگريزي، عربي، فارسي، ڪلاسيڪي شاعري پسند اٿس ۽ سندس ٻوليءَ جو لهجو ٺيٺ ڳوٺاڻو آهي ۽ نج سنڌي الفاظ استعمال ڪري ٿي. اهڙي جيئن ٺيٺ سنڌي ٻولي ٻهراڙيءَ واري ماحول ۾ ڳالهائي ويندي آهي.

سچ پڇ ته ٻئي منهنجيون ادبي ڀينرون ثمينه ميمڻ ۽ گلبدن جاويد موجوده وقت ۾ نهايت ڪارائتي ۽ اهم ادبي خدمتون سرانجام ڏئي رهيون آهن ۽ تاريخ ۾ سندن ادبي ڪاوشون سونهري اکرن سان لکيون وينديون.

زبيده ميتلو: زبيده ميتلو 31 جولاءِ 1955ع تي قمبر شهر ۾ ڄائي ۽ جڏهن پڙهڻ جي لائق ٿي ته کيس اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو. ۽ گريجوئيشن تائين لاڙڪاڻي ۾ ئي پڙهي. تنهن بعد سنڌيونيورسٽي ڄامشورو ۾ پڙهڻ آئي. جتي پاڻ ايم.اي نفسيات ۾ ڪيائين ۽ لائبريري سائنس ۾ ڊپلوما ڪيائين ۽ ان کانسواءِ سوشالاجيءَ ۾ پاڻ ايم.اي ڪرڻ بعد بئنڪ ۾ ملازمت اختيار ڪيائين. ان بعد ڪميشن جو امتحان پاس ڪري سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ نفسيات جي سبجيڪٽ جي ليڪچرار ٿي. ان کانپوءِ مهراڻ جي پبلڪ اسڪول جي پرنسپال، مهراڻ يونيورسٽيءَ جي لئبررين ۽ مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف اريگيشن ائنڊ ڊرينيج انجنيئرنگ ۾ ايڊمنسٽريٽو آفيسر طور خدمتون سرانجام ڏيندي رهي.

زبيده ميتلو ننڍي هوندي کان ئي لکڻ پڙهڻ سان دلچسپي رکندي هئي ۽ لکندي رهندي هئي ليڪن سندس لکت 1973ع ۾ سکر مان نڪرندڙ ’رهبر ڊائجسٽ‘ ۾ شايع ٿي. ۽ پوءِ مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ مسلسل ’نثر ۽ نظم‘، ’ڪهاڻيون‘ ۽ ’نفسيات‘ تي مضمون ۽ مقالا ڇپجندا رهيا ۽ ادب جي خدمت ۾ اڳڀري رهي آهي، سندس شاعريءَ جو مجموعو ڏات ڏوهاري شايع ٿيل آهي.

ماهتاب محبوب: ماهتاب محبوب هڪ روشن خيال، وسيع ذهن ۽ پڙهيل لکيل گهراڻي ۾ 14 آگسٽ 1949ع تي جنم ورتو ۽ پڙهي لکي نهايت آزاديءَ ۽ پنهنجي مرضيءَ سان علم ۽ ادب جي عروج تي پهتي. هيءَ نهايت بي باڪيءَ سان سچ ڳالهائيندي آهي. سندس چوڻ آهي ته:

احساسن ۽ مشاهدن جي سچائين مان سچو ادب اُسرندو آهي.

مان بنيادي طرح هڪ اسٽوري رائيٽر آهيان مون ته ڪڏهن، خاڪا ۽ سفرناما لکڻ لاءِ سوچيو به هو اِهي پاڻمرادو انسپائيريشن ملڻ تي لکجي ويا.

قلمڪار کي سنئون سنڌو معاشري سان ڪميٽيڊ هئڻ گهرجي ڇو ته معاشرو قدرن ۽ عوام سان ملي ٺهي ٿو.

ليکڪ، معاشرتي مسئلن، موضوعن، انصافين، ناانصافين جي نشاندهي ته ڪري ٿو، پر معاشري کي پنهنجي قلم تي هلائي نه ٿو سگهي. هُو صرف احساس ڏياري سگهي ٿو ۽ هڪ خيال ڏئي سگهي ٿو. جنهن کي دل ۾ لاهڻ (يعني دل سان قبول ڪري عمل ڪرڻ) يا عمل ڪرڻ پڙهندڙ تي ڊپينڊ ڪري ٿو. (باقي معاشري سڌارڻ وارو ڪم قلمڪار جو نه پر فردن جو جيڪي پڙهي پروڙين ۽ ذهني انقلاب آڻين)

جڏهن احساس پنهنجو اظهار ڪندا آهن ته اظهار لاءِ فارم به پنهنجو پاڻ تلاش ڪندا آهن. ڪي احساس ۽ مشاهدا ڪهاڻيون پيدا ڪندا آهن ته ڪي ناول.

جيتوڻيڪ ماهتاب محبوب جو ناول لکڻ ڏانهن لاڙو نه آهي تنهن هوندي به سندس ٻه ناول (1) ’خواب خوشبوءِ ڇوڪري‘ (2) ’پيار پناهون ڇانورا‘ ڇپجي چڪا آهن.

سندس هڪ نهايت صاف سٿري لائبرري جيڪا شيشي مثل آهي جنهن جي ڪٻٽن کي به شيشا لڳل آهن. سندس ڪتابن جي صفائي ۽ سنڀال اهڙي هوندي آهي جو استعمال ڪرڻ جي باوجود هميشه نوان ۽ صاف نظر ايندا آهن. هيءَ ڪنهن کي به ڪتاب پڙهڻ لاءِ نه ڏيندي آهي انڪري جو متان گم ٿي وڃي يا خراب نه ٿي وڃي. سندس نياڻي ارم محبوب جي چوڻ مطابق: ماهتاب محبوب هميشه اهڙي صاف سٿري ۽ سنبريل نظر ايندي آهي گهر ۾ ايندڙ ڪا مهمان کيس گهر ۾ سنبريل ڏسي کيس چوندي آهي ته: ”ادي ڪيڏانهن وڃي رهيون آهيو ڇا؟“ پنهنجي شوق ۽ مرضيءَ کي اوليت ڏيندي آهي. چانديءَ جا پازيب سندس من پسند سينگار آهن، جيڪي هن کي سندس امڙ صرف ٽن سالن جي عمر ۾ پارايا هئا سي اڄ تائين پائيندي اچي ٿي.

ماهتاب محبوب پهرين ليکڪا آهي جنهن جي ڪهاڻين جو مجموعو سنڌي ادب ۾ سڀ کان پهريان منظرعام تي آيو ۽ رائيٽرز گلڊ جو انعام پڻ حاصل ڪيائين. هيءَ سنڌ جي پهرين ليکڪا آهي جنهن جو سفرنامو ڪتابي صورت ۾ پڌرو ٿيو. اردو ۾ ڪهاڻين جو ترجمو به سنڌي ليکڪائن ۾ پهريائين سندس ئي ڪتابي صورت ۾ ظاهر ٿيو. ورهاڱي بعد خواتين ۾ سندس ئي ناول پهرين پڌرو ٿيو. ۽ ادبي خطن جو مجموعو پڻ سنڌي خواتين ليکڪائن ۾ ماهتاب جو ئي ظاهر ٿيو آهي. سندس تخليقون ڪنهن مخصوص لابي يا ٽهيءَ لاءِ نه آهي، پر هر ڪنهن لاءِ آهن. ۽ هر ٽهيءَ ۾ مقبول آهن.

 

 

تانيه ٿيٻو: تانيه ٿيٻو جو جنم 13 جولاءِ 1949ع تي هڪ اهڙي گهر ۾ ٿيو جنهن ۾ رسول بخش پليجي جهڙي علمي، ادبي ۽ قوم پرست شخصيت ’پيءُ‘ هو ۽ نسيم ٿيٻو جهڙي ’جيجل ماءُ‘ ۽ ناني بادام ناتوان جهڙي سڄاڻ اديبه هجي ته پوءِ چئي سگهجي ٿو ته تانيه ٿيٻو جو پيدائشي گهر هڪ علم و ادب جو ادارو هو. ۽ اهڙي ماحول ۾ رهي ڪري حيدرآباد ۽ ڄام شورو مان تعليم حاصل مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ مان اليڪٽرانڪس ۾ B.E ڪرڻ بعد سنڌيونيورسٽيءَ جي شعبي فزڪس ۾ ريسرچ ايسوسيئيٽ رهي. تنهن کانپوءِ شعبي اليڪٽرانڪس ۾ مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ ۾ درس و تدريس جو ڪم شروع ڪيائين ۽ 1998ع ۾ باقاعدي ٽيڪنالاجي ۾ ليڪچرار بنجي تعليمي خدمتون سرانجام ڏيندي رهي.‘

جيئن ته تانيه ٿيٻو جو ماحول تعليمي ۽ ادبي هو انڪري ننڍي هوندي کان ئي هن لکڻ پڙهڻ شروع ڪيو ليڪن سندس لکڻيون تڏهن ڇپيون جڏهن هيءَ ميٽرڪ ۾ پڙهندي هئي. هن جون ڪهاڻيون آر.سي پبليڪيشن طرفان ڇپيون. هن ڪاوش اخبار ۽ سنڌ اخبار ۾ ڪالم پڻ لکيا ۽ ڪهاڻيڪار کان ڪالم نگار بنجي علم و ادب جي بي لوث خدمت ڪئي. کيس بهترين ڪهاڻين لکڻ تي ’طارق اشرف ايوارڊ‘ ڏنو ويو. سندس موضوع جديد دور جي نوجوانن جي شاعريءَ ۾ پنهنجو انداز ۽ پنهنجو فارميٽ آهي. سندس ناني بادام ناتوان، ماءُ نسيم ٿيٻو نثر- نظم لکيو آهي. هن ننڍا ننڍا ڊراما پڻ لکيا آهن. هڪ انٽرويو دوران هڪ سوال ۾ مرد کي شادي ڪرڻ جو حق ڪيترو آهي؟ جي جواب ۾ چيائين ته ”اسلام نظريه حيات آهي ۽ قرآن شريف الله جو پاڪ ڪلام ۽ ان ۾ اهو اختيار آهي (يعني چئن شادين جو) پر اها ڳالهه ان دور جي آهي جڏهن جنگين لڳڻ سبب ٻار (نياڻيون) يتيم ٿيون ۽ عورتون بيوه بنجي وينديون هيون ته انهن کي شيلٽر (تحفظ) ڏيڻ لاءِ اهوئي طريقو هو ته صاحب استطاعت (طاقت) يتيم نياڻين ۽ بيواهن سان چئن جي عدد تائين شاديون ڪن ته جيئن انهن کي سهارو ملي سگهي ۽ قرآن پاڪ ۾ اهو اختيار ڏنو ويو هو ۽ ان سان گڏ اهو حڪم پڻ فرمايو ويو ته: ”جڏهن اوهين سمجهو ته سڀني زالن سان انصاف ۽ برابري وارو سلوڪ رکي سگهندو ته پوءِ ٻيون شاديون ڪريو، (جيڪا ڳالهه نهايت ڏکي آهي. جيئن سوره نسآءَ جي آيت نمبر 129 ۾ واضح لکيل آهي ته: ”۽ اوهين انهن زالن جي وچ ۾ ڪڏهن به انصاف نه ڪري سگهندو جيتوڻيڪ ان کي خوش ڪريو ڪوشش ڪريو ان ڪري بلڪل ئي هڪ طرف مائل ٿي ڪري ٻين کي بلڪل لٽڪيل ڇڏي ڏيندو.“

يعني الله پاڪ واضح فرمائي ڇڏيو آهي ته توهان زالن جي وچ ۾ انصاف نه ڪري سگهندو ڀلي توهان ان جي ڪيتري به خواهش ۽ ڪوشش ڪريو (گچيرائي)

ڊاڪٽر نورافروز خواجه: ڊاڪٽر نور افروز خواجه جي ولادت 5 جولاءِ 1953ع تي احمد علي خواجه جي گهر ۾ ٿي. هن پنهنجي تعليم پنهنجي ئي جنم ڀومي شهر حيدرآباد ۾ ورتي. 1975ع ۾ ايم. اي سنڌيءَ ۾ امتيازي پوزيشن سان پاس ڪيائين جنهن تي کيس گولڊ ميڊل مليو ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ کيس ليڪچرار طور مقرر ڪيو ويو. پوءِ علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي نگرانيءَ ۾ ۽ ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ناول جي اوسر جي موضوع تي مقالو لکي ڊاڪٽريٽ (Ph.D ڪيائين. 70 کان مٿي مقالا لکيا اٿس. سندس ٽي ڪتاب (1) پرڏيهي آکاڻيون (ترجمه)، جيڪو 1978ع ۾ ڇپيو. (2) ’ورهاڱي کانپوءِ‘، ’سنڌي ناول جي اوسر‘ 1999ع ۾ ڇپيو. (3) ’پاڻي پٽ ڪڻا‘ 2005ع ۾ ڇپيو. ۽ سندن هاڻي هڪ نئون چوٿون ڪتاب پڻ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته اچي (يعني ڇپجي) چڪو آهي. پاڻ 1976ع ۾ ليڪچرار مقرر ٿي هئي. ۽ ليڪچرار، پروفيسر ۽ سنڌي شعبي جي چيئرمين رهي. تعليمي جي بي مثال خدمت ڪرڻ ۽ ڪيترن شاگردن کي Ph.D پڻ ڪرائي چڪي آهي. ۽ ڪن کي ڪرائي رهي آهي. کيس تحقيق جي ميدان ۾ اڳتي آڻڻ ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جو وڏوو هٿ آهي.

محترم نورافروز خواجه جي لکيل شخصيتن تي مضمون ۽ مقالا پڙهجن ٿا ته وڏي ڄاڻ ملي ٿي ۽ ائين معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ انهن شخصيتن تي وڏو مطالعو ۽ تحقيق ڪئي آهي.

ڊاڪٽر نورافروز خواجه پروفيسرعلي نواز جتوئي ۽ غلام مصطفيٰ قاسمي صاحبن کي سنڌ يونيورسٽيءَ جو وڏو اثاثو ۽ سرمايو سڏيو آهي.

ڊاڪٽر سحرامداد: سحر امداد، 20 جولاءِ 1951ع تي جنم ورتو. هن سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم.اي. سنڌيءَ ۾ ڪئي ۽ ان سان گڏ لائبرري سائنس ۾ ڊپلوما پڻ ڪئي. ان بعد سنڌ لاڪاليج حيدرآباد مان ايل. ايل. بي ڪئي ۽ بعد ۽ ’جديد سنڌي شاعري‘ جي موضوع تي Ph.d (ڊاڪٽريٽ ڪئي هن 1969ع کان شاعري ابتدا ’ريٽي رت جي راند‘ سان ڪئي. 1973ع ۾ هوءَ ماهوار ’سوجهرو‘ ۾ سب ايڊيٽر رهي. ماهوار ’بختاور‘ ۾ ’عبرت‘ مئگزين جا ڪجهه پرچا ايڊٽ ڪيا. تنوير عباسيءَ سحرامداد جي باري ۾ راءِ ڏيندي چيو ته: ”سحر نظمن، آزاد نظمن گيتن ۽ هائڪن جي شاعره آهي. سندس ٻوليءَ ۾ هنديءَ جي آميزش سندس ڪلام کي ريشم جهڙي نرمي ۽ لسائي بخشي ٿي. هن شاعريءَ کانسواءِ سنڌي ادب کي سٺيون ڪهاڻيون ۽ ڪالم به ڏنا آهن. سحرامداد جديد شاعريءَ جي سرواڻ آهي. سنڌي شاعريءَ جو منفرد انداز آهي. فن يا اسلوب جي لحاظ کان هن اڳ ۾ مروج روايتن کي ٽوڙي سنڌي شاعريءَ کي نوان لاڙا ڏنا آهن انڪري کيس شاعري ۾ هڪ خاص مقام آهي. سندس شاعريءَ ۾ مشيني ماحول جا عڪس نظر اچن ٿا.

ڊاڪٽر سحرامداد ليڪچرار، اسسٽنٽ پروفيسر، سنڌ يونيورسٽيءَ جي ماڊل گرلس هاءِ اسڪول جي پرنسپل طور تعليمي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. سندس ڪتاب ’چوڏهين چند آڪاس‘، (شاعري) ۽ ’شعر، شعور ۽ شاعري‘ (مقالا) ڇپجي چڪا آهن. ان کانسواءِ سندس هيٺيان ڪتاب لکيل آهن.

(1)شاهه لطيف هڪ تحرڪ- هڪ تحريڪ. (لطيفيات)

(2) ڌنڪ رنگ شاعري (اردو مقالا)

(3) پونم کا چاند. (اردو شاعري)

(4) وِههَ- امرت ڪهاڻيون

(5) سنڌي شاعري جو مجموعو.

سحر جو چوڻ آهي ته ”ادب جو خاص ڪري شاعريءَ جو سفر محدود کان لامحدود تائين سفر آهي ۽ اسين جو محدود آهيون سي پرهه ۽ ڌرتيءَ جي حوالي سان ’لامحدود‘ ٿي ٿا وڃون ۽ شعر کي محدود ڪرڻ شاعر جو ڪرتويه  نه آهي ۽ هونئن به محدود معنائن ۾ قيد ڪرڻ بدران سٽ جي وسعت کي پوري ڪائنات تائين پکيڙڻ… بلڪ مان ائين چونديس ته انت ۽ انت جي گهيرن کي ٽوڙي وڃڻ ئي شاعريءَ جو روح آهي. هن نظريه بابت چيو آهي ته نظريا ته بيحد محدود دائرا آهن بيٺل پاڻي جي دٻي جيان سينواريل ۽ نظرياتي بنيادن تي گڏجڻ نه گڏجڻ جون منافقيون ته سياستدان ئي پاليندا آهن شاعر هرگز نه.

سندس شعر جو نمونو:

”جهاڳي کنڊ، سمنڊ سڀ اُڪري اينديس آنءُ،

سڄڻي هان مان سڄ جي، پرهه سندم آ نانءُ“

هڪ ڀيرو وري هيئن چيائين ته:

جهاڳي کنڊ سمنڊ سڀ اُڪري اينديس آنءُ،

سڄڻي هان امداد جي سحر  سندم آ  نان“

ڊاڪٽر فهميده حسين: ڊاڪٽر فهميده حسين 5 جولاءِ 1948ع تي ٽنڊي ڄام ۾ محمد يعقوب جي گهر ۾ جنم ورتو. بنيادي تعليم ميران گرلز اسڪول ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ماڊل اسڪول ۾ ورتائين. 1964ع ۾ ميٽرڪ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين ان کانپوءِ ڊي.جي ڪاليج ڪراچيءَ مان بي.اي ڪيائين. ايم.اي انگريزيءَ ۾ حاصل سنڌيونيورسٽيءَ مان 1970ع سيڪنڊ پوزيشن ۾ ڪيائين ۽ ايم.اي سنڌيءَ ۾ پڻ سيڪنڊ پوزيشن سان سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. ايل.ايل.بي ۽ پي ايڇ.ڊي ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. پي ايڇ.ڊيءَ ۾ سندس موضوع هو ’شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ‘. شاهه لطيف جي شيدائي ۽ ڄاڻو آهي. 1998ع ۾ لطيف چيئر ڪراچي جي ڊئريڪٽر هئڻ دوران لطيفي فن جي واڌاري لاءِ وڏيون ڪوششون ورتائين ۽ جيڪي به ان وقت چيئر مان ڪتاب ڇپايائين انهن ۾ سندس مقدما اهم آهن. ان کانسواءِ سندس نگرانيءَ ۾ ’ڪلاچي‘ تحقيقي جرنل 40 پرچا شايع ٿيا.

پاڻ لطيف شناسائيءَ جي تحقيق تي ايوارڊ ماڻيائين. پاڻ سنڌي لينگئيج اٿارٽيءَ جي چيئرمين رهي. سندس نگرانيءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيا. ٽماهي مخزن باقاعدگي سان نڪرندي رهي. ان کانسواءِ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جا 9 جلد شايع ٿيا. سنڌي ادب ۾ سندس وڏيون خدمتون سرانجام ڏنل آهن. پاڻ لکڻ جي شروعات ٻاراڻي ادب ۾ ڪهاڻي ’ڪاٺير بادشاهه‘ سان ڪيائين. سندس ڪهاڻين جو ڪتاب ’هڪ حوا ڪيئي ڪهاڻيون‘ آهي. سندس ڪهاڻيون ’سوجهرو‘ ’سهڻي‘ ۽ ’سرتيون‘ ۾ ڇپيل آهن.

ڊاڪٽر فهميده، سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن ۽ ريسرچ ۾ 3 سال انگريزي ۾ استاد رهي. ريڊيو پاڪستان تان 10 سال ’سنڌي-اردو بول چال‘ پروگرام ڪيائين. هلال پاڪستان ۾ 12 سالن تائين عورتن جي صفحي ’سگهڙين سٿ‘ جي انچارچ رهي. هن جا سوين مضمون ۽ مقالا ڇپجي چڪا آهن. 20 ڪهاڻيون ڇپيون اٿس. ان کانسواءِ ڏهه تحقيقي مقالا پڻ سنڌي ادب جي مختلف موضوعن تي شايع ٿيل آهن. ڪيترن ئي ادبي ڪانفرنسن ۽ سيمينارن ۾ شرڪت ڪري چڪي آهي. پاڻ 87 ملڪن جي شاعرائن تي ترجمو ڪري ڪتاب ڇپايو آهي. ڊاڪٽر فهميده حسين ادب برائي ادب نه پر ادب برائي زندگيءَ جو فلسفو سمجهي لکيو آهي. هن سماج جي گهرجن مطابق لکيو آهي.

نورالهديٰ شاهه: ننڍي کنڊ جي معروف ڊرامه نگار نورالهديٰ شاهه جو جنم پڪي قلعي حيدرآباد ۾ 22 جولاءِ 1952ع ۾ ٿيو. سندس ننڍپڻ لاهور ۾ گذريو. لکڻ جي شروعات هن عربيءَ جي نالي سان اردو جي روزانه جنگ ۽ هفتيوار ’اخبار جهان‘ کان ڪيائين، سنڌيءَ ۾ لکڻ جي شروعات روزاني ’هلال پاڪستان‘ اخبار جي صفحي ’سگهڙين سٿ‘ کان ڪيائين.

ڊرامه نگاري جي فيلڊ ۾ تمام گهڻي مڃتا ماڻيائين. سندس ڊرامن کي ٽي.ويءَ تي نهايت چاهه سان ڏٺو ويندو آهي. ’ڪربلا‘، ’جلاوطن‘ ۽ ’رڻ ۽ رڃ جو اتهاس‘ سندس ڪهاڻين جا مجموعا آهن. جڏهن ته ’قيدياڻيءَ جون اکيون ۽ چنڊ‘ سندس شاعريءَ جو مجموعو آهي جيڪو نيوفيلڊس پاران 1992ع ۾ شايع ٿيو. سندس نظماڻي نثر لاءِ نصير مرزا جي لاءِ آهي ته نُور نثري نظم ۾ لفظن، تشبيهن ۽ ترڪيبن سان آرٽ creat ڪرڻ ۾ پنهنجو پاڻ کي انهن عورتن ۾ بيد مشڪ جي وڻ جيان ظاهر ڪيو آهي. سندس لفظن جي اهڃاڻن ۽ استعارن جا پئٽرن ۽ شاعراڻي ترڪيب جا ڍنگ نظمن جي سٽن کان ٻاهر به پنهنجو حسن ۽ expression رکن ٿا. ۽ نُور جون ترڪيبون نثري نظمن کان ٻاهر ٽانڊاڻن جو ٽمڪو ڏيکارين ٿيون ’قيدياڻي جون اکيون ۽ چنڊ‘ نورالهديٰ شاهه جو نظماڻو نثر آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org