سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2۽3/ 2017ع

باب:

صفحو:8 

مرزا ڪاظم رضا بيگ

 

 

 

 

حيدرآباد علم و ادب جو مرڪز

 

حيدرآباد سنڌ، شروع کان وٺي علم و ادب ۽ تهذيب و ثقافت جو مرڪز رهيو آهي. هي شهر نيرون ڪوٽ جي نالي کان وٺي هيل تائين سنڌ جي راڄڌاني رهندي، اُجڙيو ۽ اُسريو آهي. هن شهر ٽي ڀيرا وڏا لاها چاڙها ڏٺا آهن. منهنجو والد ۽ سنڌ جو ناميارو شاعر مرزا سلطان حيدربيگ سلطان، مون کي ٻڌائيندو هو ته، پاڪستان ٺهڻ کان اڳ حيدرآباد شهر سنڌ جو پئرس سڏبو هو. ان وقت هن شهر جو پاڙو پاڙو ۽ گهٽي گهٽي شام جي وقت وڏي رونق وارو ٿي ويندو هو. رات جي بات اڃان به اور هئي. هيراباد ته بلي بلي هئي.باغن جي رونق ۽ پارڪن جي ساوڪ، سڳنڌ ۽ بيهڪ به ڏسڻ وٽان هئي. هر صبح صبح، بهاران لڳندو هو. ڦليليءَ جي اوڀرندي ڪناري تي اڇي موريءَ جي ڏکڻ ۾ ڪريم خواجه جو باغ هوندو هو، جنهن ۾ پرين جون مورتيون ۽ ڦوهارا، رستا ۽ گل ڦل وغيره جو نظارو من موهيندڙ هو. ڪاريءَ موريءَ وٽ ڪاليج جي ڀر سان ڍولڻداس جو باغ، ٿڌي سڙڪ تي گدوءُ جي اوريان داس گارڊن، اسٽيشن جي سامهون راڻي باغ، ٽنڊي طيب ڀرسان مکيءَ جو باغ، عجيب ۽ دلپسند تفريح گاهن جو ڪم ڏيندا هئا. پارڪ به ڪيترائي هئا. شامداس پارڪ، رشي گهاٽ کان شروع ٿي ڦليليءَ جو الهندو ڪنارو ڏيئي وڃي ڪاري موريءَ تي دنگ ٿيندو هو.

هن شهر ۾ مسجدون، مندر، گرد وارا، گرونگر، ٽڪاڻا ۽ مسافر خانا صبح جو سج اڀرئي ۽ شام جو سج لٿي مهل پنهنجي پنهنجي مذهبي ۽ ڌرمي سهپ جي سونهن جو سامان مهيا ڪندا هئا. مائي خيري جي مسجد، مير ڪرم علي خان جي مسجد، مولوي عبداللطيف واري لطيفي مسجد، محمد شاهه جي مسجد، ٽنڊي آغا اسماعيل شاهه ۾ آغا سيد فتح علي شاهه جي مسجد، سري گهاٽ واري مسجد نه رڳو قرآن جي درس ۽ نماز لاءِ وقف هيون، پر انهن ۾ مدرسا به قائم هئا، جن ۾ سنڌي ستين درجي تائين تعليم ڏني ويندي هئي ۽ اتان ئي شاگرد ورنيڪيولر فائينل جو امتحان ڏئي، پاس ٿي، ماستري، تپيداري ۽ آبداريءَ جون نوڪريون حاصل ڪري، وڃي روزگار سان لڳندا هئا. هاءِ اسڪول ۾ نورمحمد هاءِ اسڪول، گرداس مل هاءِ اسڪول، نولراءِ هيرانند اڪيڊمي، ڪندنمل گرلس هاءِ اسڪول، تولارام گرلس هاءِ اسڪول ۽ نوودياله هاءِ اسڪول، ميونسپل اسڪول وغيره تعليمي لحاظ کان پنهنجو مٽ پاڻ هئا، جن ۾ هوشيار، ذهين ۽ پنهنجي فرض سان سچن استادن جو ڇيهه ئي ڪونه هو. تعليم جو معيار اعليٰ هو. مردانه ٽريننگ ڪاليج وري نه رڳو پرائمري استادن جو سکيا گهر هو، پر اتي علم وادب پنهنجي پيرين سيرين اڀريو. اتان مُلا مخزن ۽ تعليم اخبار نڪري، ملامڪتبن ۽ ٻين اسڪولن تائين پهچنديون هيون، جن ۾ پرائمري استاد کان ويندي ٻيا ناليوارا اديب پنهنجون ادبي ڪاوشون شايع ڪرائيندا هئا. ان ريت علم ۽ ادب ٻنهي جي جلا ٿيندڙ هئي. سخي پير وٽ مسافر وارو پرائمري اسڪول پڻ علم جي آماجگاهه هو. ساڳئي وقت شهر ۾ مختلف ادبي ادارا به هئا. سنڌ جي نامياري شاعر سيد احسن الهاشمي جي والد سيد مٺن شاهه ڪتب فروش جي دوڪان تان ديني ڪتاب ته ملندا هئا، پر اتان پراڻا ادبي قصا ۽ موزون مثنويون جيڪي ادب جو بنيادي حصو آهن، سي به شايع ٿيندا ۽ ملندا هئا. پاڪستان ٿيڻ کانپوءِ آر.ايڇ احمد برادرس ۽ يوسف برادرس وارن جا اشاعتي ادارا اڀريا، جن سنڌي ڪتابن جا ڍير لائي ڇڏيا. انهن ڪتابن ۾ اِها وڏ هُئي جو انهن ۾ ڇاپي جون غلطيون تمام گهڻيون هونديون هيون، ڇاڪاڻ جو پروف ريڊنگ تي ڪو خاص ڌيان ڪو نه ڏنو ويندو هو. هنن ادارن، ڪتابن جي ڪَوَرن ۽ ظاهري سونهن ۽ سوڀيا تي ڌيان نه ڏنو. ان ڏس ۾ رسول بخش خمار، جنهن الهداد چنڊ جي ڳوٺ مان پنهنجو اشاعتي سلسلو ”اداره آواز ادب“
شروع ڪيو، تنهن ڪتابن جي ظاهري سونهن ۽ سوڀيا تي وڏو ڌيان ڏنو. اهو سلسلو چُرندو رهيو تان جو اڄ سنڌي ڪتاب ظاهري سونهن ۽ سوڀيا جي لحاظ کان به انگريزي ۽ اردو جي ڪتابن جو مقابلو ڪيو بيٺو آهي.

ثقافتي طور تي مسلمان، عيدن ۽ 12 ربيع الاول وارا ڏينهن عقيدت ۽ ڌوم ڌام سان ملهائيندا هئا. سياسي جلسا، ميلا ۽ ملاکڙا ته وري عوام جي ريجهه رهاڻ جا وسيلا هئا. هندو جاتي پنهنجا وڏا ڏينهن، ڏياري، شِو راتڙي، هولي ۽ دسهڙو وڏي چاهه سان ملهائيندا هئا. مسلمانن هندن ۾ ان وقت مذهبي ڦندڦير ڪونه هو. هي ته پوءِ جڏهن هندو سنگهٽن پيدا ٿيو، تڏهن وڃي ڪا چُو پچو ٿي، جنهن هلندي اچي حيدرآباد قلعي واري فساد جي صورت ورتي، ورنه هرڪا ڌر پنهنجي پنهنجي ڪار خير ۾ لڳي پئي هوندي هئي. ان وقت جي سنڌي ادب پڻ انهيءَ وهنوار جي عڪاسي ڪئي آهي. مسلمان عربي ۽ فارسي تعليم ڏانهن لڙيل هئا ۽ هندو گجراتي ۽ بنگالي ادب مان گهڻو ڪجهه وٺي سنڌي ادب جي آبياري ڪندا رهيا. پوئين دور ۾ ٻنهي ڌرين انگريزي ادب مان به استفادو ڪيو. هن تمهيد کان پوءِ خالص ادبي ڪاوشن جو ذڪر ڪجي ٿو:

چون ٿا ته هر قوم ۾ شاعري، نثر کان پهرين ڪَر کڻندي آهي. سو سنڌي ادب جي پهرين معلم شاعر، اسحاق لوهار جو لاڳاپو به نيرون ڪوٽ (حيدرآباد سنڌ) سان هو. انگريزي دور جي شروع ۾ مرزا قليچ بيگ جو نالو روشن نظر اچي ٿو. هن مختلف موضوعن تي ڪيترائي ڪتاب لکي، ملڪ، ملت ۽ سنڌي علم و ادب جي خدمت ڪئي. ساڳئي دور ۾ مير عبدالحسين خان سانگي سيد فاضل شاهه، قاضي امام علي پاٽائي ۽ ٽنڊي آغاعلي آباد ۾ ميرزا قربان علي بيگ قربان ۽ ميرزا دوست محمد بيگ دوست وٽ ادبي محفلون ٿينديون هيون. جن جو لاڳاپو حيدرآباد شهر سان هو. اهڙين مجلسن مان غزل ۽ جوابِ غزل جي ريت به رونما ٿي.

ان وقت جا وڏا شاعر ۽ اديب، جن سان علم و ادب جي رونق هئي، تن مان هئا. مير عبدالحسين خان سانگي، سيد غلام محمد شاهه گدا، ميرزا دوست محمد بيگ، پير صاحبڏنو، مرزا عباس خورشيد، ميرزا قربان علي بيگ قربان، آخوند لطف الله شيراڻي، فقير محمد عاجز، غلام علي سبزپوش، هدايت الله مشتاق، آخوند محمد قاسم، مخلص علي مخلص، آخوند غلام حيدر، آخوند اميدعلي سها، آخوند احمد (مٽيارين وارو) سيد فاضل شاهه ۽ ٻيا. هِنن بزرگن نه رڳو شعر وشاعريءَ جون مجلسون مچايون، پر سماجي ۽ ثقافتي طور تي به وڏو ڪم ڪيو، جنهن سنڌ جي مسلمانن کي اڳتي وڌڻ ۽ ترقي ڪرڻ ۾ اتساهه ۽ اوج ڏني.

ان کانپوءِ اچي ٿي ”سنڌي ساهت سوسائٽي“، جيڪا 1914ع ۾ سنڌي ساهت پرچارڪ سوسائٽي جي نالي سان قائم ٿي هئي، هن جو بنياد رکڻ وارا هئا- تارا چند ڪندنمل شاهاڻي، ليلارام پريم چند واڌواڻي، سرن آنند هاسومل ٿڌاڻي، لالچند امرڏنو مل جڳتياڻي، عالمچند مونومل ۽ جيوت رام ٺاڪر داس شاهاڻي. هن سوسائٽي جي مقصدن تي نظر ڪبي ته محسوس ٿيندو ته هي عالم ٻاهرئين ادب تي به ڊگهي نظر رکندا هئا، جو هنن انگريزي، هندي، اردو، گجراتي ۽ بنگالي ٻولين مان نالي وارا ناول، دلچسپ قصا، بزرگن جا جيون چرتر سان گڏ سنڌ جي سدا بهار بزرگن جي خدمتن ڏانهن به ڌيان ڏنو. اهڙن عالمن ۾ راجا رام موهن راءِ، گوڪلي، سرسيد احمد خان، سوامي وويڪانند، بدرالدين طيب جي، خان بهادر حسن علي آفندي، ديوان نولراءِ، ساڌو هيرانند، گلئڊسٽن، ڊز رائلي، واشنگٽن بڪرٽن، جيمس گار فيلڊ ۽ ابرهام لنڪن سان گڏ، شاهه عنايت، شاهه لطيف، سچل سونهارو، روحل فقير، دلپت، بيڪس ۽ بيدل وغيره کي شامل ڪيو.

ساهت سوسائٽي 1921ع ۾ حيدرآباد مان ڪراچيءَ منتقل ڪئي وئي، جيڪا پوين ڏينهن ۾ اين.ايڇ، پنجابي ڪمپنيءَ جي حوالي ٿي، جنهن ان اداري کي 1927ع تائين هلايو. هن سوسائٽيءَ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ساليانو جلسو ڪرڻ جو رواج وڌو. هن سوسائٽيءَ جو پهريون ساليانو جلسو حيدرآباد جي هومسٽيڊ هال ۾ 18- 19 آڪٽوبر 1914ع تي ٻه ڏينهن هليو، جنهن جو مير مجلس مرزا قليچ بيگ هو.

سنڌي ساهت سوسائٽيءَ وانگر مسلمانن وري ”سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي“ جنوري 1931ع ۾ حيدرآباد ۾ قائم ڪئي، جنهن جي پڳ خان بهادر محمد صديق ميمڻ جي مٿي تي ٻڌجي ته سونهين ٿي. هن سوسائٽيءَ جو بنيادي مقصد هو سنڌي ٻوليءَ ۾ علم و ادب جي اشاعت. جنهن ۾ نثر توڙي نظم، ٻنهي پاسن تي ڌيان ڏنو ويو. نثري ڪتابن سان گڏوگڏ مشاعرن جو پڻ اهتمام ڪيو ويو. هن سوسائٽيءَ جو پهريون ڪتاب ”اسان جو پيارو رسول صلي الله عليہ وآلہ وسلم“ هو، جيڪو محمد بخش واصف مرحوم جو تصنيف ڪيل هو ۽ هن سوسائٽيءَ جي پهرين مشاعري جي مصرع طرح هئي:

سج چڙهي آيو مٿي اُٿ ننڊ مان بيدار ٿي.

سوسائٽي وقت به وقت پنهنجي ڪارگذاريءَ تي مشتمل رپورٽون به شايع ڪندي رهي. هن سوسائٽي جي علمي ۽ ادبي ڪاوشن جي ڪري سنڌي علم و ادب ۽ سنڌي مسلمانن ۾ ڪافي سجاڳي پيدا ٿي. اڳتي هلي هن سوسائٽيءَ ڇوڪرين جي تعليم لاءِ 1940ع ۾ ”مدرسته البنات“ قائم ڪيو. سوسائٽيءَ جو ادبي ڪم ته محمد صديق ميمڻ جي وفات کانپوءِ بند ٿي ويو، البته مدرسته البنات جو فيض اڃا تائين جاري آهي.

آر.ايڇ برادرس، درسي ڪتابن سان گڏ ادبي ۽ علمي ڪتاب پڻ شايع ڪري وڏي خدمت سرانجام ڏني. پر اهو ڪم به وڏي ڀاءُ حاجي قاسم جي وفات سان انتشار جو شڪار ٿي ويو. يوسف برادرس به آر.ايڇ برادرس وانگر ڪم شروع ڪيو، پر پوءِ الائي ڪهڙي سبب اشاعتي سلسلو بند ڪري ڇڏيو. انهن کان اڳ ۾ اهو ڪم پوڪرداس وارا ڪندا هئا.

انهيءَ دوران ”اداره، آواز ادب“ 1959ع ۾ ميدان ۾ آيو. هن اداري هڪ سال ۾ 6 ڪتاب، تعمير زندگي، حُسنه، سورج شاخون ڪڍيون، انصاف ڪٿي آهي؟، فتوحات بابر ۽ سپون جهڙا ڪتاب ڏنا. هن اداري ڪتابن جي ظاهري سونهن، سوڀيا ۽ طباعت تي، آر.ايڇ احمد جهڙن ادارن کان هڪ قدم اڳتي وڌايو. هن اداري جا ڪتاب مفاد ۽ معلومات جي لحاظ کان ڪافي ناماچار حاصل ڪيو.

اتي پهچي ”سهڻي پبليڪيشن“ پڻ ياد اچي ٿي. ان جو سرواڻ طارق اشرف مرحوم هو ۽ سندس همراه ۽ حقيقي مددگار هو غلام نبي مغل. هن اداري مان نه رڳو هنن ٻنهي دوستن جا ڪتاب شايع ٿيا، پر ماهوار رسالو ’سهڻي‘ به نڪري نروار ٿيو ۽ هن اداري جي ڪتابن ۾ سهڻي رسالي، سنڌ ۾ سنڌي قوميت جو ايترو چؤٻول پيدا ڪيو جو نه رڳو ان جي ڪتابن تي بندش پئي پر طارق اشرف کي جيل يا ترا به ڪرڻي پئي. ڏاڍ ۽ جبر جي دور ۾ ههڙا اڏول انسان، سنڌ ۽ سنڌين جي لاءِ قومي سرمايي جي حيثيت رکن ٿا.

محترمہ زينت شبنم چنا وري ”مارئي“
رسالو ڪڍي، سنڌي عورتن جي لاءِ، سنڌ جي ادب ۾ وک وڌائڻ لاءِ راهه پيدا ڪئي. ان سلسلي ۾ پوءِ ناري پبليڪيشن به ڪافي ڪتاب شايع ڪيا.

هيڏانهن وري حميد سنڌيءَ انهيءَ ساڳئي دور ۾ ”روح رهاڻ“ رسالو ڪڍيو، جنهن نوجوان ترقي پسند اديبن ۽ شاعرن لاءِ واٽ سنواري. حميد سنڌي نه رڳو ماهوار رسالو ڪڍيو، پر ان سلسلي ۾ ڪافي مجلسون ۽ محفلون سجايون سينگاريون، جيڪي سنڌي علم و ادب جي سلسلي ۾ وڏي اهميت رکن ٿيون. اهو رسالو اڳتي هلي بند ٿي ويو، جنهن جي پسمنظر ۾ به سرڪاري ڏاڍ ۽ جبر نمايان نظر اچي ٿو. حميد سنڌي، ڳچ عرصي کانپوءِ پنهنجي رهائشي گهر تي هفتيوار ادبي ڪچهريون سڏائي رهيو آهي، جنهن ۾ ڪيترن مرحوم ۽ زنده اديبن بابت ڪچهريون ڪيون وڃن ٿيون، ۽ انهن ۾ حصو وٺندڙ پنهنجي پنهنجي ڄاڻ آهر اهڙن اديبن جي زندگي ۽ ادبي ڪاوشن جو ذڪر ڪن ٿا ۽ اهي ڳالهيون ريڪارڊ به ڪيون وڃن ٿيون. اِهو سلسلو ۽ سرمايو، سنڌي ادب جي تاريخ ۽ تدوين جي لاءِ ڪافي ۽ مدد گار ٿي سگهي ٿو.

ان ڏس ۾ هن وقت روشني پبليڪيشن جيڪا هاڻ حيدرآباد ۾ سرگرم آهي، ڪينجهر پبليڪيشن، سنڌي ساهت گهر، ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد وارا پڻ پنهنجي سر وڏي ڪم ۾ جنبيا پيا آهن. ۽ اهو هڪڙو وڏو داستان آهي. وليرام ولڀ ’آرسي‘ رسالي جا پنج پرچا ڪڍي ڪڍي چڪو آهي.

مرحوم احمد شيخ 57- 1958ع ڌاري، زيب ادبي مرڪز نالي اشاعتي ادارو قائم ڪيو، جنهن مان ٺوس علمي، ادبي ۽ تاريخي ڪتاب شايع ڪيا ويا، ويندي ڀارت ۾ شايع ٿيل منگهارام ملڪاڻيءَ جو سنڌي ڪتاب، سنڌي نثر جي تاريخ به هن اداري هتي نئين سر ڇاپايو. هن اداري جو پهريون ڪتاب هو ٻيلاين جا ٻول، جيڪو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو تصنيف ڪيل آهي.

ازانسواءِ سنڌي ادبي بورڊ، سنڌالاجي ۽ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو پاڻ ملهائيندا ٿا اچن. سنڌي ادبي بورڊ 1955ع کان حيدرآباد ۾ ڪم شروع ڪيو. سنڌي عربي، فارسي، اردو ۽ انگريزي ٻولين ۾ ڪتاب هتان ڇاپايا ويا آهن، انهن کان سواءِ ٽماهي مهراڻ، سرتيون ۽ گل ڦل پرچا به ڪڍيا وڃن ٿا. مطلب ته مردن، زالن ۽ ٻارن لاءِ علمي، ادبي اهتمام ڪيو ويو آهي. هن اداري کي سرڪار مان باقاعده گرانٽ ملي ٿي. هن اداري هر دور ۾ وڏو ڪم ڪيو، جنهن کي مناسب طور تي ساراهيو ويو آهي. سنڌالاجي ۽ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، پنهنجي وس آهر ڪم کي لڳا پيا آهن.

هن ڏس ۾ بزم خليل، شاعريءَ جي ميدان ۾ وڏو ڪم ڪيو. ڊاڪٽر ابراهيم خليل، انهن مشاعرن جو اهتمام، گاڏي کاتي واري سندس گهر جي اڳيان پکي پير پازي ميدان، روٽري ڪلب، محمد اسماعيل ماهي ۽ ميرزا سلطان حيدربيگ ٽنڊي آغا واري جي گهر، ويندي چرين جي اسپتال ۾ به ڪيو. منهنجي والد ميرزا سلطان حيدربيگ، جيڪو ڊاڪٽر خليل جو شاگرد هو، مون کي ٻڌايو ته، ان دور ۾ عجيب دلفريب رونق هوندي هئي. هڪڙو اهڙو دور به آيو جو بزم خليل جا مشاعره، منظور نقوي جي سري گهاٽ واري مطب ۾ ٿيڻ لڳا، ۽ اُهي فجر جي ٻانگ تائين هلندا هئا. هنن مشاعرن ۾ هڪڙي ئي وقت سنڌي، اردو ۽ فارسي ٻولين ۾ ڪلام ٻڌايو ويندو هو. شعر و شاعريءَ جو اهو سمورو سمو، ڊاڪٽر خليل جي وفات کانپوءِ ختم ٿي ويو.

ٻِي ڳالهه ته هلال پاڪستان اخبار جيڪا عبدالشڪور منشي (وڪيل) حيدرآباد مان ڪڍندو هو، تنهن ۾ صحافت سان گڏ ادب جو به حصو هو. هڪ ڀيري ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل ۽ مولانا غلام محمد گرامي جي وچ ۾ هڪ ڊگهو تنقيدي سلسلو هليو، جيڪو سنڌي ادب ۾، تنقيدي ادب جو هڪ مايه دار حصو آهي، جيڪو هاڻ حقيقت ڪري دفن ٿي چڪو، ممڪن آهي ته ڪو شخص هلال پاڪستان جا اهي پرچا ڪوشش ڪري ڪڍي سڄي مامري جي نه رڳو نشاندهي ڪري، پر ان جو سربستو احوال ادب کي موٽائي ڏئي. هن اخبار جو خاص شاعر هوندو هو بسمل ٽکڙائي. هن اخبار ڪجهه ادبي نمبر به ڪڍيا، جيڪي پنهنجي جاءِ تي سنڌي ادب جو سرمايو آهن. ٿورو اڳتي هلي روزانه مهراڻ اخبار، سيد سردار علي شاهه جي ادارت ۾ سنڌي ٻوليءَ لاءِ وڏو ڪم ڪيو. هن بيباڪ شخص، جڏهن سنڌي ٻوليءَ تي ڏکيا ڏينهن ڏٺا ته پنهنجي اخبار ۾ سنڌي ٻوليءَ جي حمايت ڪندي، اٽڪل هڪ سؤ کان مٿي ادارايه لکيا ۽ پڻ ڪي يادگار نمبر پڻ شايع ڪيا، جيڪو ڪم هن وقت ڪاوش ۽ ٻيون سنڌي اخبارون ڪري رهيون آهن، تنهن هوندي به مهراڻ اخبار جي اهميت پنهنجي جاءِ تي قائم آهي.

هيءَ ڳالهه خيال ۾ رکڻ گهرجي ته شروع کان وٺي حيدرآباد شهر جي مختلف پاڙن ۾ مختلف بزرگن جي ڪوشش ۽ سرپرستيءَ ۾ مشاعرا ۽ ادبي مجلسون ٿينديون پئي رهيون آهن. ڪو وقت هو جو محمد صديق مسافر، کاهي روڊ واري لوهارن جي پاڙي ۾، لوهارن جي مسجد اڳيان ميدان ۾ مشاعرن جو اهتمام ڪندو هو، قاضين جي پاڙي ۾، نهاين جي پڙ ۾ سيد فاضل شاهه ادبي محفلن کي سينگاريو. انهيءَ پاڙي ۾ محمد قاسم هالائي به رهندو هو، جيڪو مشاعرن جو ڪوڏيو هو. ڪورين جي پڙ ۾ محمد قاسم اداسي، محمد  بخش واصف، حافظ حيات شاهه، ميمڻن جي پاڙي لڳ گاهه مارڪيٽ واري گهٽيءَ ۾ محمد صديق ميمڻ ۽ ڪمال الدين ميمڻ وارا ۽ ٻيا مشاعرا ڪندا هئا. سيٺ ڪمال الدين ميمڻ جي پريس مان ”الڪمال“
هفتيوار اخبار نڪرندي هئي، جنهن ۾ ادبي خبر چار کي اهميت ڏني ويندي هئي. دينوءَ جي پڙ ۾ محمد موسيٰ راز، حافظ حيات شاهه ۽ محمد بخش واصف وارا نه رڳو مشاعرا ڪندا هئا، پر ”الحافظ“ نالي سان رسالو به ڪڍندا هئا، جنهن جي ڪتابت واصف مرحوم ڪندو هو. ٽنڊي ولي محمد ۾ ماستر پير بخش خير محمد افقر، ميرزا قربان علي بيگ قربان، حافظ قمرالدين قمر ۽ محمد بخش واصف سان گڏجي شهمير خان شهمير چانڊئي ”بزم ادب“ حيدرآباد جي پيڙهه وڌي،
جتي لاڳيتا مشاعرا ٿيڻ لڳا. پوئين دور ۾ ٽنڊي ولي محمد جي چانڊين مان لعل بن يوسف ”عصر نو“ جي نالي ماهوار رسالو ڪڍي، سنڌي ادب ۽ سماج جي خدمت ڪئي. هتي هي به ياد رکڻ گهرجي ته حيدرآباد ۾ طرحي ۽ غير طرحي مشاعرا منعقد ڪرائڻ ۾ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جو به وڏو حصو رهيو آهي. پاڻ پنهنجي بنگلي سول لائين ۽ گاڏي کاتي واري جاءِ ۽ لطيف آباد واري بنگلي تي تاحيات انيڪ مشاعرا برپا ڪرايا.

ساڳئي نموني سان جڏهن سن1863ع ۾، ميرزا فتح علي بيگ فتح خيرپورميرس مان لڏي، ٽنڊي آغا ۾ اچي رهيو ۽ امام بارگاه علي آباد ٺهرائي، ته ان ۾ به مذهبي تقريبن سان گڏ علمي ۽ ادبي محفلون، مجلسون ۽ مشاعرا ٿيندا رهيا آهن، جن جو تسلسل اڄ تائين وقفي وقفي سان جاري وساري آهي ۽ اتي جيڪا پهرين ادبي مجلس قائم ٿي ته ان جو نالو ”بزم فتح“ رکيو ويو. ان بعد ان جا نالا بزم ٻِڍل، بزم قربان، بزم مظفر ۽ بزم ڪوثر ۾ بدلبا رهيا. ڪي مشاعرا ته ميرزا ٻڍل بيگ، ميرزا علي محمد بيگ مظفر، ميرزا عباس علي بيگ ۽ ميرزا سلطان حيدربيگ جي اوطاقن ۾ به ٿيا. امام بارگاه علي آباد ٽنڊوآغا ۾ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ به پنهنجن فرزندن مخدوم محمد امين فهيم ۽ مخدوم خليق الزمان سان، ميرزا عباس علي بيگ جي دعوت تي مشاعرن ۾ شرڪت ڪئي. امام بارگاه علي آباد ۾ سنه 1980ع واري ڏهاڪي ۾ سيد احسن الهاشمي جي صدارت ۾ مَذهبي مشاعرا ٿيندا رهيا، مطلب ته ٽنڊوآغا جي مرزائن مذهبي ۽ ادبي محفلن ۽ مجلسن جو جيڪو آغاز ڪيو، سواڄ تائين ڪنهن نه ڪنهن نموني ساري جاري وساري آهي.

هِنن مشاعرن ۾ ميرزا فتح علي بيگ فتح، مولانا ابوالحسن لکنوي، ميرزا غلام حيدر بيگ قنبر، محمد قاسم هالائي، ميرزا قاسم علي بيگ قاسم، ميرزا غلام رسول بيگ مقبل، سيد غلام محمد شاهه گدا، مير عبدالحسين خان سانگي، سيد غلام مرتضا شاهه مرتضائي ٺٽوي، ميرزا دوست محمد بيگ، ميرزا ٻڍل بيگ، آغا سيد فتح علي شاهه، محمد بخش واصف، حافظ حيات شاهه، ميرزا قربان علي بيگ قربان، ڊاڪٽر علي احمد قاضي، ميرزا ڊاڪٽر امام علي بيگ افسر، ميرزا حسين علي بيگ، ميرزا علي محمد بيگ مظفر، ميرزا گل حسن بيگ احسن ڪربلائي، ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل، ميرزا اسدبيگ ، ميرزا اجمل بيگ، ميرزا علي بخش بيگ ڪوثر، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، سيد احسن الهاشمي، نياز همايوني، ميرزا عباس علي بيگ، ميرزا حامد علي بيگ، سيد منظور نقوي، ميرزا سلطان حيدربيگ سلطان، ميرزا غلام عباس بيگ وفا، ميرزا سڪندرعلي بيگ، ميرزا فتح علي بيگ شاهد، ميرزا فياض علي بيگ، ميرزا قربان علي بيگ مختيار ۽ ميرزا ڪاظم رضا بيگ ۽ ٻيا حصو وٺندا رهيا آهن.

اهڙي طرح ٽنڊي آغا جي ميرزائن جي توسط سان علم و ادب جي لاٽ سوجهرو ڏيندي رهي آهي. پوئين دور ۾ ميرزا عباس علي بيگ، مراد علي ميرزا ۽ ممتاز ميرزا ان ڏس ۾ نالو ڪڍيو. ميرزا عباس علي بيگ ٽالپرن جي تاريخ (ٻه جلد) نهج البلاغه جو سنڌي ترجمو ۽ ٻيا انيڪ تاريخي ڪتاب لکي داد تحسين حاصل ڪيو. مراد علي ميرزا، شاهه لطيف جي سوانح حيات ”سامي سَڄ وڙاءُ“ جي عنوان سان ناول جي صورت ۾ پيش ڪري جس کٽيو آهي ۽ ممتاز ميرزا ”شاهه جي گنج“ کي وڏي تزئين ۽ سهڻي صورت ۾ شايع ڪري ايران جون سڪون لاٿيون آهن.

هوڏانهن ٽنڊي ٺوڙهي مان ميرزا قليچ بيگ کان سواءِ ميرزا صادق علي بيگ، ميرزا علي قلي بيگ، ميرزا منوچهر بيگ، ميرزا قنبر علي بيگ، ميرزا علي نواز بيگ خسروي، ميرزا همايون بيگ فائق، ميرزا اسد بيگ، ميرزا اجمل بيگ ۽ نصير مرزا پاڻ موکيو آهي.

محمد عثمان ڏيپلائي به سنڌي ڪتابن جي اشاعت ۾ وڏو نالو آهي. هن اسلاميه دارا لاشاعت، قرآن پريس ۽ عبرت، انسان، ساڻيهه وغيره نالن سان ڪتاب ۽ رسالا ڇاپيا آهن. هن جو پهريون ڪتاب شايد هو قرآني دعائون، جيڪو سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي ڇاپايو هو. ڏيپلائيءَ جو پهريون ناول جيڪو منهنجي نظر مان گذريو سو هو ”سنگدل شهزادي“. هُو اسلامي ذهن رکندڙ انسان هو، جنهن هندو جاتيءَ کي سندن من مستين جا خوب جواب ڏنا. ويندي ’مغل رنگ محل‘ جو جواب ’ڏاهري رنگ محل‘ لکي ڏنائين. هي ڪتاب اڳتي هلي ضبط ٿيو. هن، قرآن ڪريم جا نسخا ۽ تفسير سنڌيءَ ۾ شايع ڪيا. ڏيپلائي مرحوم اسلامي شخصيتن جهڙوڪ: عصمت انونو، مصطفيٰ ڪمال کي پڻ اجاگر ڪيو. هو ساڳئي وقت سنڌ پرست به هو ۽ جي.ايم.سيد جو ڪتاب- ’سنڌ لاءِ جدوجهد‘ به هن جي پريس مان شايع ٿيو ۽ جي.ايم.سيد تي پير سرهنديءَ جيڪا اڻسهائيندڙ لفظن ۾ تنقيد ڪئي، تنهنجو جواب ڏيپلائي مرحوم ”شيخ المشائخ“ نالي ڪتاب لکي ڏنائين. ڏيپلائي مرحوم جا ان قسم جا اهڙا انيڪ ڪتاب لکيا جيڪي پوءِ ضبط به ٿيا، پر هي شخص پڇاڙيءَ تائين پنهنجي ڪم ۾ لڳو رهيو ۽ سنڌي ٻولي، ادب توڙي اسلاميات جي لاءِ سنڌيءَ ۾ لڳاتار ڪوشش ڪندو رهيو.

غلام محمد شهواڻي، ادبي اصول، علمي خزانو، روحاني راز وغيره ڪتاب سنڌيءَ ۾ لکي ان کي تصوف، نفسيات ۽ ادبي اصولن سان روشناس ڪرايو. هن جو وڏو ڪم علمي ۽ ادبي ڪارنامو آهي- ”شاهه جو رسالو“، اهو ڄڻڪه گربخشاڻيءَ جي باقي رهجي ويل ڪم جي تڪميل آهي. هن اهو رسالو سهڻي ڪور ڊزائن سان شايع ڪرايو.

ميان علي بخش رضا، صدر ۾ ڪتابن جو دوڪان کوليو، جتان هن، سئنڊل جو سٽڪو، مظلوم شهزاديون ۽ انجام اِلفت جهڙا ڪتاب شايع ڪيا، جيڪي وقت جون يادگار شيون آهن. اهو دوڪان پوءِ پير بخش شيخ خريد ڪيو، جيڪو آزاد بوڪ ڊيپو جي نالي سان مشهور ٿيو، جتان به اشاعتي ڪم ٿيندو رهيو. پوئين دور ۾ حافظ شيرازي ۽ نظام الملڪ طوسي جي ڪتابن جا انتخاب، جيڪي يونيورسٽيءَ جي نصاب تي رکيل هئا، سي ڇاپايائين.

ڊاڪٽر عابد لغاريءَ، رهبر ڊائجيسٽ ڪڍي ڪافي ڪم ڪيو. هي به اسلامي ذهن رکندڙ ماڻهو آهي. هن ڊائجيسٽ ۾ ڊاڪٽر خليل، سردار علي شاهه، علي نواز جتوئي ۽ اهڙن ٻين جون تحريرون شامل آهن، جيڪي پڻ سنڌي ادب جو حصو آهن. ڊاڪٽر عابد لغاري جي ئي ڪوششن سان ماهوار نئين زندگي رسالو ڪراچي مان شفٽ ٿي حيدرآباد مان شايع ٿيڻ لڳو.

پوئين دور ۾ هندن وري، راڻو پرتاب سنگهه، گروگوبند سنگهه، آزاديءَ جي آهوتي ۽ ان قسم جا ٻيا ڪتاب ڇاپائي پنهنجي جاتيءَ ۾ انگريزن جي خلاف محاذ کڙو ڪيو. هنن ساڳئي وقت مسلمانن جي خلاف به زهر اوڳاڇيو. ايتريقدر جو سنڌ جي مسلمانن کي ”ڄٽ“ جو لقب ڏنائين، جنهن جو جواب خود هڪڙي هندو عالم، ڄيٺمل پرسرام ڏيندي چيو ته، مسلمان ڄٽ ڪونهن.

سندر ساهتيه، ڪوڙومل ساهتيه منڊل وغيره پنهنجيءَ پر، پنهنجي جاتي لاءِ وڏو ڪم ڪيو. ايم.آر. مائيداساڻي، ليلارام پريم چند به سٺا ناول لکيا. ليلارام وطڻمل خاڪيءَ، شاهه لطيف جي باري ۾ مناسب ڪم ڪيو. ان جي ڪتاب کي گهڻو پوءِ محبوب علي چنا، شاندار مقدمو لکي شايع ڪرايو. پرمانند ميوارام جي لغت نويسيءَ، جوت اخبار، جنهن جي انتخاب کانپوءِ گل ڦل جي صورت ورتي، تن کي به وسارڻ نه جڳائي.

مطلب ته حيدرآباد جي ماضيءَ ۽ حال تي نظر ڪبي ته هيءُ شهر هر دور ۾ علم وادب جو وڏو مرڪز نظر ايندو.

وڄون ۽ وسڪار

وڄون وارَ ڇوڙي اُتر کان اچن ٿيون،

وڳا ويس پهري ولهارن وسن ٿيون.

ڏئي ورّ وراڪا ڀٽن ڏي ڀَڄن ٿيون،

پنوهارن جا پکڙا پري کان پڇن ٿيون.

انهيءَ وقت ڪيڏو نه سهڻيون لڳن ٿيون،

جڏهن جوڙَ جوڙي ڊٻن ڏي ڊُڪن ٿيون.

ڪري گوڙِ گجڪار ٻاڪار ٻاتيون،

اسان کي الائَي ته ڇا ڇا چون  ٿيون.

لنگهي لاڙڪاڻو، خدا باد آيون،

ڪي منڇر، ڪي مياڻي، ڪي هالين هلن ٿيون.

وٺي ڊوڙ پائَي هوائُن کان اڳ ۾،

سڄڻ جا سنيها سنڀاري ڏين ٿيون.

ٻڌي شوق ڇيريون عجب ناز نٽ سان،

گهڙي ٿالَ تي ڄڻ ته ناريون نچن ٿيون.

ڀري تر ترايون لنگهي لامڪاني،

ڪيو گوڙ گرنار پاسي گُڙن ٿيون.

سڄي سنڌڙيءَ جي لهڻ سارَ آيون،

کڻي ڏس ته کپري کان اڳتي کُٽن ٿيون.

ادب عاجزيءَ ۽ عقيدت سان ’بيوس‘،

ڀٽائي ڀلاري جي چائُٺ چمن ٿيون.

 (تاجل بيوس)

شاعري جيڪا اندر جي آواز سان گڏ ڏکن خوبين جو سنگم آهي. جيڪا مختلف ڪيفيتن ۾ لهي ٿي. تمام مختصر لفظن ۾ تمام وڏين ڳالهين جو اظهار ٿي وڃي ٿو. سماج ۾ برائي ان جي خاتمي، سڌاري، بهتري، حالتن، واقعن، قديم توڙي جديد دؤر جا منظر جڙي پون ٿا. شاعر ڄڻ تاريخ لکي ڇڏين ٿا ۽ شاعر پنهنجي شاعريءَ ۾ احساسن، اُڌمن، خوابن، خواهشن، پيار، محبت، مزاحمت انقلاب، جدوجهد، وڇوڙن سميت ڄڻ سڄي ڪائنات جي رنگن کي پنهنجو موضوع بڻائي جمالياتي جذبات سان حز وٺرائين ٿا. شاعر هن معاشري جو حصو آهي. جنهن جي ڏات جي نظر فرش کان عرش تائين وڃي ٿي. تنهنڪري شاعري کي نوان موڙ ڏئي نئين رستن تي آڻي گهڻو معنيٰ خير بنايو ويو آهي. شاعري ڪڏهن به مرڻي ناهي! ڇو جو اها شاعري ماضي، حال يا مستقبل جي پيش ايندڙ حالتن سان به سؤ سيڪڙو ٺهڪي اچي ٿي. ڇو ته شاعر، شاعريءَ کي پنهنجي تجربن، اندروني اُٿل پُٿل سان اهڙو ته خوبصورت نوع ۾ پيش ڪري ٿو جو واهه واهه ٿيو وڃي. هر ڪوئي ان کي پنهنجو احساس سمجهيو ڇڏي.

غلام محمد ڀٽي

ڪتاب: پيار ڪجي يا تڪرار ڪجي، ص 11 تان کنيل

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org