رسول بخش ٻگهيو
قرآن مجيد جي تفسير جي تاريخ ۽ علامه مولانا محمد
ادريس
ڏاهريءَ جو تفسير ”احسن البيان في
تفسير القرآن“
مون جهڙي بي علم انسان جي ڇا مجال آهي جو عمر حاضر
جي شيخ التفسير علامه مولوي محمد ادريس ڏاهري جن
جي علمي جستجو ۽ لکيل تفسير تي قلم کڻان ليڪن اهو
سارو ڪرم رب ڪريم جلالہ ۽ محبوبِ خدا حضرت محمد
مصطفيٰ صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جو ٿو سمجهان
جو جيتوڻيڪ آءٌ صرف مختصر دنيوي تعليم يونيورسٽيءَ
تائين حاصل ڪيم، پر والدين صالح ۽ نيڪوڪار هئڻ ڪري
ڪيترن صالحن، بزرگن، اوليائن ۽ علمائن جي صحبت ۽
محبت ننڍي هوندي کان نصيب آهي ۽ ديني علم جي
مطالعي جو شوق رکان ٿو ۽ ان شوق کي پنهنجي هر سهڻي
ڪم جي سواري سمجهان ٿو ۽ اها شوق واري سواري مون
ناچيز کي ڪنهن نه ڪنهن منزل تي ضرور پهچائي ٿي ۽
انشاء الله پهچائيندي رهندي.
انڪري ئي جتي مون کي دنيوي شخصيتن کان تعليمي،
سماجي ۽ ثقافتي ڪمن ۾ ڪجهه ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪري
ڪجهه اوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ مليا آهن ته ساڳئي وقت
موجوده دور جي مفسر قرآن ۽ ڏاهي دانشور علامه مفتي
محمد ادريس ڏاهري جن منهنجي ان ”شوق مطالع“ کي ڏسي
۽ ادب سان وابستگيءَ جي ڪري پنهنجي دستِ مبارڪ سان
سندن ئي لکيل تفسير ”احسن البيان في تفيسرالقرآن“
(مڪمل سنڌيءَ ۾ تفسير 9 جلدن ۾ لکيل آهي) عطا ڪرڻ
فرمايو آهي جيڪو آءٌ ”عظيم ترين اعزاز ۽ اوارڊ“
سمجهان ٿو ۽ دنيا ۽ آخرة جي سنوارڻ جو ذريعو
سمجهان ٿو.
هن بي بها تحفي جو مطالعو ڪيم ۽ سمجهڻ جي به ڪوشش
ڪئي اٿم ۽ غريباڻي حال مطابق تفيسر تي لکڻ جي ڪوشش
به ڪئي اٿم. الله پاڪ جل شانہُ ۽ حضرت محمد مصطفيٰ
صلي الله عليہ وآلہ وسلم شل منهنجي هن نيڪ ارادي
کي پايهء تڪميل تي پهچائي. (آمين)
ڪجهه قرآن پاڪ جي تفيسر متعلق
تفسير جي لفظي معنيٰ آهي: چٽو ڪرڻ، کولڻ، وضاحت
سان بيان ڪرڻ ۽ اصطلاح ۾ علم تفسير ان علم کي چيو
ويندو آهي، جنهن ۾ قرآن مجيد جي معنيٰ واضح بيان
ڪئي وڃي ۽ ان جي حڪمن ۽ حڪمتن کي کولي بيان ڪيو
وڃي.
(البرهان)
قرآن ڪريم ۾ حضرت مُحمّد صلي الله عليہ وآلہ وسلم
سان خطاب ڪندي الله تعاليٰ ارشاد فرمايو آهي ته:
بسم الله الرحمٰن الرحيم
وَاَنْزَلْنَآ اِلَيْكَ
الذِّكْرَ
لِتُبَيِّنَ لِلنَّاسِ مَا نُزِّلَ اِلَيْهِمْ
وَلَعَلَّهُمْ يَتَفَكَّرُوْنَ
44
(سور النمل 44)
”۽ اها اَلذِکُرَ (يعني قرآن پاڪ) توهان تي لاٿو
ته جيئن توهان ماڻهن جي سامهون اها ڳالهه وضاحت
سان بيان فرمايو جي انهن جي طرف لاٿيون ويون آهن.“
هن آيت پاڪ مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته حضرت محمد
مصطفيٰ صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن کي قرآن پاڪ جي
آيتن جي سمجهاڻي، شرح ۽ تفسير ۽ تفسير وضاحت سان
بيان ڪرڻ جو حڪم مليل آهي، انڪري پاڻ سڳورن صلي
الله عليہ وآلہ وسلم جن اصحابن سڳورن کي قرآن پاڪ
جي الفاظن سيکارڻ سان گڏوگڏ انهن جو تفسير بيان
ڪرڻ فرمائيندا هئا. اصحاب ڪرام جيتوڻيڪ عربي هئا ۽
عربيءَ جي پوري ڄاڻ رکندڙ هئا ليڪن حضرت مُحمّد
صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن کان قرآني تعليم حاصل
ڪرڻ ۾ طويل عرصو صرف ڪندا هئا. حضرت علامه سيوطيرحمة
الله عليہ جن امام ابو عبدالرحمٰن سلميرحمة
الله عليہ کان نقل ڪيو آهي ته جن اصحابن
سڳورن سرڪار دوعالم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن
کان قرآن پاڪ جي باقاعده تعليم حاصل ڪئي جيئن حضرت
عثمان غني رضي الله عنہ ۽ حضرت عبدالله
بن مسعود رضي الله عنہ جن فرمايو آهي
ته:
تعلمنا القرآن والعلم والعمل جميعاً
يعني ”اسان قرآن پاڪ، علم ۽ عمل (سان) گڏوگڏ سکيو
آهي.“ (الاتقان 2/ 176)
چنانچه موطا امام مالڪ ۾ روايت آهي ته حضرت
عبدالله جن عمر صرف سوره بقره ياد ڪرڻ ۾ پورا 8
سال صرف ڪرڻ فرمايا. (الاتقان 2/176 نوع نمبر 77)
قرآن پاڪ جو اصل مقصد هدايت، نصيحت ۽ رهنمائي آهي.
بهترين تفسير هڪ ڀيري امام حسن البنا شهيد چيو ته
مون کان ڪنهن پڇيو ته: ”قرآن مجيد جو سڀ کان ۽
بهترين تفسير ڪهڙو آهي؟
”قرآن فهمي جو آسان ترين رستو ۽ طريقو ڇا آهي؟ مون
ان کي هڪ لفظ ۾ جواب ڏنو ”قَلبِکَ“ يعني قرآن پاڪ
جو بهترين تفسير ۽ ان جي سمجهڻ جو آسان طريقو
تنهنجي دل آهي. بيشڪ مؤمنن جي دل ئي الله تعاليٰ
جي ڪتاب جو بهترين تفسير ۽ ان کي سمجهڻ جو ڪامياب
ترين ذريعو آهي ڇو ته هو نهايت تدبر، عاجزي ۽ خشوع
سان گڏ تلاوت قرآن ڪري ٿو ۽ الله تعاليٰ کان رشد
وهدايت جي درخواست ڪندي دست به دعا ٿئي ٿو. ان سان
گڏ حضرت محمد صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن سيرت
طيبہ کي پيش نظر رکندي اسباب نزول کي ان کي جوڙي
ڇڏي ٿو، ته ان وقت اهو قرآن مجيد جو صحيح ۽ درست
فهم کي حاصل ڪري وٺي ٿو. ان سان قرآن فهمي جو ملڪو
حاصل ٿيندو جو ٻنهي جهانن کي روشن ڪندو. قرآن پاڪ
جي تفسير جي تاريخ کي اسين هيٺين دورن ۾ تقسيم ڪري
سگهون ٿا:
(1) تفسير جو پهريون دور:
حضرت مُحمّد صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن پنهنجن
اصحابن سڳورن کي قرآن پاڪ جي تشريح ۽ تفسير ڪري
سمجهائيندا هئا. حضور نبي ڪريم صلي الله عليہ وآلہ
وسلم جن جو قول مبارڪ ۽ فعل مبارڪ (حديث وسنت)
قرآن مجيد مطابق هوندو هو، تنهن ڪري صحابه ڪرام کي
قرآن ڪريم سمجهڻ ۾ دقت ۽ ڏکيائي محسوس نه ٿيندي
هئي. اهڙي طرح پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وآلہ وسلم
جن جي قولي ۽ فعلي تشريح کي ”تفسير قرآن“ چئجي ٿو.
ان تفسير قرآن کي نبي پاڪ صلي الله عليہ وآلہ وسلم
جن جو ”عملي تفسير“ به سڏيو وڃي ٿو.
حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن سڀ
کان پهريان حافظِ قرآن ۽ مفسر قرآن هئا.
تفسير جو هيءُ پهريون دور 11 هجري تائين رهيو جيڪو
هڪ اندازي مطابق ساڍن 22 سالن تي مشتمل آهي ۽ هيءُ
تفسير ئي سڀني تفسيرن جو بنياد ۽ اصل آهي ۽ ان ئي
تفسير جي تعليمات مطابق لکبا رهيا ۽ لکبا رهندا.
(2) تفسير جو ٻيو دور:
قرآن مجيد جي تفسير جو ٻيو دور انهن اصحابن سڳورن
تي مشتمل آهي جن براهه راسته حضرت محمد مصطفيٰ صلي
الله عليہ وآلہ وسلم جن جي صحبت ۽ محبت ۾ رهي
تفسير جي تعليم حاصل ڪري تفسير قرآن بنجي چڪا هئا
جن پنهنجي دور ۾ قرآن پاڪ جو تفسير اصحابن ۽
تابعين جي سامهون بيان ڪرڻ فرمايو ۽ انهن کي نبي
پاڪ صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي ڏنل تعليمات
تفسير جي روشنيءَ ۾ تفسير جي تعليم ڏيڻ فرمائي.
انهن اصحابه مفسرن ۾: (1) حضرت ابوبڪر صديقرضي
الله عنہ (2) حضرت عمر فاروق رضي الله
عنہ (3) حضرت عثمان غنيرضي الله عنہ
(4) حضرت عليڪرم الله وجهہ (5) حضرت
عبدالله بن مسعودرضي الله عنہ (6) حضرت
ابي بن ڪعب رضي الله تعاليٰ عنہ (7) حضرت عبدالله
بن عباسرضي الله عنہ. حضرت عبدالله بن
عباس رضي الله عنہ جن لاءِ نبي ڪريم صلي الله عليہ
وآلہ وسلم جن فرمايو هو ته: ”اي عبدالله تون قرآن
پاڪ جو سٺي ۾ سٺو مترجم آهين.“ اِهي مٿيان 7 اصحاب
ڪرام ئي سڀني کان وڌيڪ مفسرِ قرآن، مڃيل ۽ مشهور
رهيا. هيءُ دور 11 هجري کان 40 هجريءَ تائين رهيو.
ان لحاظ کان هيءُ ٻيو دور تفسير جو هڪ اندازي
مطابق 29 سال رهيو.
(3) تفسير جو ٽيون دور:
هن دور ۾ حضرت امام زين العابدين، حضرت امام باقر
عليہ اسلام ۽ حضرت امام جعفر صادقعليہ السلام
جن جا نالا مفسرين قرآن ۾ سرِفهرست آهن ۽ انهن کان
سواءِ حضرت عباس جي غلام حضرت عڪرمه ۽ حضرت سعد بن
جبير جن پڻ قرآن مجيد جا تفسير لکيا. هن دور ۾
علمائن جا ٻه گروه پيدا ٿيا:
(الف) اهلِ عقل:
علم الڪلام، فلسفه ۽ منطق جا حامي هئا جن جو چوڻ
هو ته انسان اشرف المخلوقات آهي، جنهن ۾ سوچڻ،
سمجهڻ ۽ سڃاڻڻ جي صلاحيت آهي. هو چڱي خراب کي
سڃاڻي سگهي ٿو، هو ڳالهائي سگهي ٿو ۽ ڪنهن موضوع
تي غور، فڪر ۽ ويچار ڪري سگهي ٿو. ٻين لفظن ۾
انسان حيوان ناطق آهي ۽ جيڪي به ٻڌي، ڏسي، پڙهي،
سمجهي ۽ سوچي ٿو، سو لکي ڇڏي ٿو. ڀلي ٻيا ماڻهو ان
کي پڙهن ۽ عمل ڪن. هاڻي هن جيڪي لکيو سو پنهنجي
عقل، ڏاهپ، سياڻپ ۽ سوچ ۽ فڪر جي مدد سان لکيو. هن
عمل کي ”العلوم العقليه“ سڏيو وڃي ٿو، حضور پاڪ
صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن ڪيتريون ئي ڳالهيون
مسلمانن کي سيکاريون جيئن قرآن پاڪ ۾ آهي ته: آمنت
بالله- حضور پاڪ صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن ان
ڳالهه تي پنهنجي عقل، دانائي ۽ سياڻپ سان روشني
وجهندي سمجهايو ته سڀ کان وڏي ڪا طاقت آهي جا هن
ڪائنات کي هلائي ٿي ۽ اندر وارو به هيءَ ڳالهه
تسليم ڪري ٿو ته بيشڪ ان هستي (الله تعاليٰ) جو
وجود برحق آهي ته اها ڳالهه ”العلوم العقليه“ ۾
شامل ٿي ۽ ٻئي طرف حضرت محمد صلي الله عليہ وآلہ
وسلم جن تي قرآن مجيد الله تعاليٰ جي طرفان نازل
ٿيو ۽ نه پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن
لکيو هو يا فرمايو هو بلڪ خدا پاڪ جي طرفان حضرت
جبرئيل امينعليہ السلام جي معرفت هيءُ
قرآن پاڪ وحي جي ذريعي آيو، تنهنڪري قرآن مجيد
”العلوم العقليه“ ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. انڪري قرآن
پاڪ سڀني علمن ۽ سائنسن وغيره جو منڍ ۽ بنياد آهي.
(الف) العلوم العقليه جا قسم:
(i)
علم منطق
(Logic)
هيءُ علم چڱي ۽ خراب شيءِ جي پرک سيکاري ٿو. سوچڻ
۽ پروڙڻ جي قوت وڌائي ٿو ۽ هن جي وسيع ۽ گهري
مطالعي سان قدرتي رازن کان واقف ٿي سگهجي ٿو. هيءُ
علم انسان کي ٻڌائي ٿو ته هر ڳالهه تي چڱيءَ طرح
ويچار ڪجي، سمجهجي ۽ سوچجي.
(ii)
علم طبعي
(Physics)
هن سائنس ۾ مادي جسم، انهن جي
قوتِ انسان سان واسطو رکندڙ ڳالهيون جهڙوڪ:
معدنيات يعني اهي شيون جيڪي زمين مان نڪرن ٿيون
جيئن: لوه، سَونُ، گندرف ۽ ٽامون وغيره نباتات
يعني اهي شيون جيڪي زمين مان ڦٽي نڪرن ٿيون يا ڄمن
ٿيون جهڙوڪ ميوا، گاهه، اناج، وڻ ۽ ٻوٽا وغيره
حيوانات ۽ علم اجسام، فلقي (فلڪي) جهڙوڪ سج، چنڊ ۽
تارا وغيره
(iii)
علم الـٰهي:
هيءَ سائنس، انسان کي روح جي پاڪائي، خدا پاڪ
ڏانهن قلب جو لاڙو هميشه رکڻ ۽ دل جي سجاڳيءَ جو
سبق سيکاري ٿي.
(iv)
تعليم:
هيءَ سائنس ٻين ڪيترن سائنسن
(Sciences)
۾ تقسيم ٿيل آهي، جهڙوڪ رياضي، طلب، ڪيميا، نجوم،
جادو ۽ موسيقي وغيره.
(ب) العلوم النقليه:
هاڻي العلوم النقليه ڏي ڏسبو ته هن ۾ اهي سائنسون
(Sciences)
اچي وڃن ٿيون جيڪي اڳ ئي موجود آهن ۽ انهن کي صرف
پڙهي، سمجهي عمل ڪرڻو آهي، جهڙي طرح:
(i)
حديث:
حضور پاڪ صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جون هدايتون
۽ سندن عمل مبارڪ هن علم ۾ اسلام جي وڏن عالمن ۽
محدثن حضور پاڪ صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جا
صحيح قول ۽ فعل گڏ ڪيا آهن ۽ انهن ۾ پنهنجيون
ڳالهيون نه ملايون آهن.
(ii)
تفسير:
هن علم ۾ حضور پاڪ صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن پاڻ
پنهنجن اصحابن سڳورن کي قرآن مجيد جي صحيح معنيٰ،
ترجمو ۽ سمجهاڻي سيکاري، وڏن وڏن عالمن هن علم تي
ڪافي محنت ڪئي آهي ۽ قرآن مجيد جا ڪيترين ئي ٻولين
۾ ترجما ۽ تفسير لکي چڱيءَ طرح سمجهايو آهي.
(iii)
اجماع:
(يعني وڏن عالمن جا گڏيل رايا) جن مسئلن متعلق
حضور پاڪ صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي راءِ هٿ
نه اچي سگهي آهي ته انهن مسئلن تي وڏن عالمن ۽
مجتهدن قرآن ۽ حديث جي روشنيءَ ۾ فيصلو ڏنو هجي ته
ان کي اجماع سڏبو آهي، جنهن جا پڻ ٻه قسم آهن، هڪ
اجماع متقدمين ۽ ٻيو اجماع متاءخرين.
(iv)
قياس:
سخت ضرورت وقت ڪنهن هڪ عالم جي قرآن ۽ حديث جي
روشنيءَ ۾ راءِ ڏنل کي قياس سڏيو آهي.
4.
تفسير جو چوٿون دور:
هيءُ دورِ خلافت عباسيه جي اوائل کان زوال تائين
آهي. هن دور ۾ پڻ تفسير لکيا ويا، جن ۾:
(1) تفسير ”جامع البيان عن تاويل القرآن“: هي
تفسير ابوجعفر محمد بن جرير طبري (224هه- 310هه)
(2) تفسير ”الڪشاف حقائق التنزيل“
لکيو ويو، جيڪو ابوالقاسم جار الله محمود بن عمر
الزمخشري (467هه- 538هه).
(3) تفسير ”مفاتيح الغيب“ جيڪو فخرالدين ابوبڪر
محمد بن عمر رازي لکيو ويو (544هه- 606هه). هن
مفسر الزمخشري جي تفسير ۾ لساني مهارت کي مڃيو ويو
آهي پر سندس معتزله فرقي جي خيالن جي خلاف آهي. هن
تفسير لاءِ وڏي علم جي ضرورت آهي. صرف بسم الله جي
تشريح هن 50 صفحن ۾ لکي آهي. علامه رازي هن تفسير
جو 7/8 حصو لکيو ته پاڻ 606هه ۾ وفات ڪري ويو، ان
جو باقي حصو قاضي شهاب الدين بن خليل الخولي
الدمشقي يا شيخ نجم الدين احمد بن محمد القمولي
مڪمل ڪيو. هن تفسير کي ”تفسير ڪبير“ به سڏيو ويندو
آهي. (ڪشف الظنون 2/447)
(4) منصوره جي هباري حاڪم عبدالله بن عمر جي زماني
۾ الور جي راجا مهروگ 270هه ۾ منصور جي امير کي
لکيو ته هو ڪنهن عالم کان اسلامي اعتقادات کان
واقف ٿيڻ چاهي ٿو، پوءِ عبدالله بن عمر جي چوڻ سان
هڪ عالم اسلامي عقيدن تي هڪ قصيدو لکي، راجا ڏي
موڪليو ۽ راجا قصيدو ٻڌي شاعر جي قادر ڪلامي ۽
لياقت جي بي انتها تعريف ڪئي ۽ عبدالله بن عمر کي
لکيو ته شاعر کي ڏانهس روانو ڪري ۽ ان سنڌي شاعر 3
سال راجا وٽ رهي قرآن پاڪ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو.
(5)
تفسير جو پنجون دور:
هيءُ دور بغداد جي زوال بعد 7 صدي هجري کان 13 صدي
هجري تائين آهي. هن دور کي تعليمي دور به چيو وڃي
ٿو. هن دور ۾ عبدالله بن عمر بيضاوي 7 صدي هجريءَ
۾ تفسير ”انوارالتنزيل وَ اسرار التاويل“ لکيو جو
تفسير بيضاوي جي نالي سان گهڻو مشهور آهي. حافظ
ابن ڪثير 8 صدي هجريءَ ۾ ”تفسيرابن ڪثير“ لکيو.
حضرت جلال الدين محلي 9 صدي هجريءَ ۾ تفسير لکڻ
شروع ڪيو ليڪن تفسير لکي پوري ڪرڻ کان اڳ 846هه ۾
وفات ڪري ويو. پوءِ سندس شاگرد حضرت جلال الدين
سيوطيءَ هن تفسير کي لکي پورو ڪيو. جيئن ته استاد
۽ شاگرد جو نالو جلال الدين هو، انڪري هن تفسير جو
نالو ”تفسير جلالين“ مشهور ٿي ويو. حضرت جلال
الدين سيوطي قرآن پاڪ جي علمن تي هڪ ڪتاب لکيو،
جنهن کي ”اتقان“ چئجي ٿو، ان وچ ۾ ٻين مفسرن جهڙوڪ
حضرت امام قرطبي جو ڪتاب 7 صدي هجريءَ ۾ ”الجامع
الاحڪام القرآن“ امام شوڪانيءَ جو تفسير ”فتح
القدير“ لکيو ويو. ان کان سواءِ
”تفسير خازن“، ”تفسير مدارڪ“ شهنشاهه اڪبر جي
درباري ابو فيضيءَ جو عربي ٻوليءَ ۾ بنا ٽٻڪن جي
”تفسير سواطع الهام“ ۽ سنڌيءَ ۾ مخدوم محمد هاشم
ٺٽويءَ جو ”تفسير هاشمي“ جنهن جا صرف ٻه سيپاره 29
۽ 30 سيپاره ميسر ٿيا آهن جيڪو نظم ۾ چيل آهي.
(6)
تفسير جو ڇهون دور:
هيءُ دور 13 صدي هجريءَ کان شروع ٿئي ٿو موجوده
دور تائين: هن دور ۾ يورپ جون قومون دنيا ۾ هرهنڌ
پکڙجي ويون ۽ سندن نظرين جي گهڻي مشهوري ٿي. جنهن
جي ڪري تفسير تي به ان جو اثر پيو ۽ ڪي مفسر، قرآن
هر آيت کي سائنس ۽ فلسفي جي موافق ثابت ڪرڻ لڳا.
البت جديد سائنس جي ڪن حقيقتن جي قرآن پاڪ سان
موافقت ثابت ڪرڻ ۾ ڪو عيب نه ٿو سمجهيو وڃي ۽ ڏٺو
وڃي ته سائنس خواه ٻين علمن جو منڍ قرآن مجيد ئي
آهي ۽ هر مضمون
(Subject)
جي هر ماهر لاءِ قرآن پاڪ سرچشمهء هدايت به آهي ته
سرچشمهء علم به آهي.
سنڌي زبان ۾ قرآن مجيد جا ترجما: جيئن ته
قرآن مجيد جا اولين مخاطب عرب ئي هئا جن جي مادري
ٻولي عربي ئي هئي ۽ حضور پاڪ صلي الله عليہ وآلہ
وسلم جن به انهن ۾ موجود هئا. ان ڪري قرآن مجيد جي
سمجهڻ ۾ انهن عربن کي ڪا به دشواري ڪانه ٿي. ليڪن
جڏهن دين اسلام عربستان کان دور دراز ملڪن تائين
پهتو ته اتي غير عرب هئڻ ڪري قرآن مجيد کي سمجهڻ ۾
دشواريون پيش آيون، ان ڪري قرآن مجيد کي عربيءَ
کان سواءِ ٻين ٻولين ۾ ترجمو ۽ تشريح ڪرڻ (جنهن جي
اڳ اجازت نه هئي) جي حضرت امام ابو حنيفه (امامِ
اعظم) جن فتويٰ جاري ڪئي ته قرآن مجيد کي فارسي يا
ٻي ڪنهن به ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري سگهجي ٿو. ان فتويٰ
بعد دنيا جي ٻين ٻولين ۾ ترجما ۽ تفسير لکيا ويا ۽
سنڌي ٻوليءَ ۾ پڻ قرآن مجيد جا منظوم ترجما ۽ نثري
ترجما لکيا ويا جن جو مختصر جائزو هيٺ پيش ڪجي ٿو:
(1)
قرآن مجيد جو پهريون ترجمو:
سنڌي زبان ۾ هن وقت تائين مڪمل ۽ اڌورا، ناپيد ۽
مروج، ڇپيل ۽ مخطوطات ۾ اٽڪل ترجما ۽ تفسير لکيا
ويا آهن.
سنڌ جو پهريون مسلمان حڪمران خاندان
”هباري“ هو. بنواميه جي خلافت واري دور ۾ خليفي
هشام بن عبدالملڪ (105هه کان 125هه) جنيد بن
عبدالرحمٰن ان بعد تميم بن زيد العتبيءَ کي سنڌ جو
حاڪم ڪري موڪليو. العتبيءَ جي وفات بعد خليفي
هشام، حڪم بن عوانه ڪلبيءَ کي سنڌ جو حاڪم ڪري
موڪليو، جنهن سان گڏ منذربن زبير به سنڌ ۾ آيو
جيڪو مشهور اصحابي هبار بن اسود اسدي قريشي جي
خاندان مان هو، انڪري هن خاندان کي ”هباري خاندان“
سڏيو وڃي ٿو.
منذر هباري پنهنجن ٻارن ٻچن سميت سنڌ جي هڪ ننڍڙي
شهر ”بانيه“ ۾ اچي رهيو. جيئن ئي عباسي خلافت جو
زمانو شروع ٿيو تيئن منذر هباري ”بانيه“ شهر مان
نڪري قسمت آزمائيءَ لاءِ قرقيسيا ويو جتي هن باغين
جي مدد ڪئي ليڪن گرفتار ٿي پيو ۽ کيس ڦاسيءَ
چاڙهيو ويو. جڏهن ته سندس ٻيو خاندان ”بانيه“ شهر
۾ ئي رهيو ۽ ان کي پنهنجو وطن سمجهي هميشه لاءِ
رهي پيو ۽ مڪمل سنڌي ٿي ويو ۽ اتي هن خاندان کي
145 ورهيه ٿي ويا.
247هه ۾ ان خاندان جي عمر بن عبدالعزيز سنڌ ۾ هڪ
آزاد ۽ خود مختيار حڪومت جو پايو وڌو ۽ ڏاڍو امن
امان قائم ڪيو ۽ عوام ۾ نهايت مقبول رهيو. جڏهن
عمر بن عبدالعزير 270هه ۾ وفات ڪئي ته سندس فرزند
عبدالله بن عمر هباريءَ حڪومت جو انتظام سنڀاليو ۽
پيءُ وانگر ڏاڍو مقبول رهيو. ان ئي سال يعني 270هه
۾ مطابق 883ع ۾ منصوره جي حاڪم عبدالله بن عمر بن
عبدالعزيز هباريءَ الور جي راجا مهروڪ بن رائق جي
درخواست تي هڪ عالم فاضل عراقي بزرگ کي جيڪو سنڌ ۾
آباد ٿيل هو ۽ عربيءَ کان علاوه سنڌي زبان ۾ به
مهارت ۽ دسترس رکندو هو، ان کان راجا جي درٻار ۾
موڪليو، جنهن سنڌي مقامي زبان ۾ قرآن محمد جو
ترجمو ڪرايو ۽ اسلامي تعليمات کان راجا کي واقف
ڪيو. (بزرگ بن شهريار ناخدا ”ہندستان
میں
عربون کی
حکومتیں“
(ص 141)
2. سنڌيءَ ۾ قرآن حڪيم جو ٻيو ترجمو قاضي عزيزالله
بن قاضي محمد ذاڪر بن حافظ محمد صديق ڏيٿي ڪيو.
هيءُ ترجمو 1841ع مطابق سن 125هه ۾ ڪيو. ان کان
پوءِ 1876ع مطابق 1293هه ۾ ڇپيو ۽ آخري 1909ع
مطابق 1327هه ڌاري ڇپيو. قاضي عزيزالله 1160هه ۾
مٽيارين ۾ ڄائو ۽ 1260هه ۾ وفات ڪئي.
(3)
تفسير هاشمي:
هيءُ تفسير مخدوم محمد هاشم ٺٽوي لکيو (جنهن کي
ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جديد سنڌيءَ ۾ ڇپرايو.)
(4)
ارشاد الصديقين
لهديةالمتقين- معروف به تفسير ڪوثر شاهه مردان پير
پاڳارو.
(5)
تفسير مفتاح رشدالله
تفسير ڪلام الله، از: پير رشدالله شاهه راشدي.
هي تفسير مولانا محمد صديق نورنگي پوٽي جن مطبع
حسيني بندر روڊ بمبئي مان ڇپرايو هو. هن تفسير جو
ڪجهه حصو (صفحي 17 کان 718 صفحي تائين) راقم جي
”مارئي لئبرري گچيرو پراڻو“ ۾ موجود آهي.
(7)
الهام الرحمٰن لترجمة القرآن:
از مولانا تاج محمود امروٽي- جنهن پهريان سوره
رحمٰن جو سنڌي ترجمو بغير عربي متن جي شايع ڪرايو
هو ته جيئن هندو ۽ ٻيا غير مسلم به پڙهن ڇو ته
انهن کي عربيءَ کان حجاب هو. ليڪن ان تي عالمن
سڳورن سخت اعتراض ڪيو، تنهنڪري مولانا تاج محمود
امروٽي سوره الرحمٰن جو سنڌي ترجمو ٻيهر عربي متن
سان ڇپرائي پڌرو ڪيو ۽ ان جو نالو ”الهام الرحٰمن
لترجمته القرآن“ رکيائين. ترجمي سان گڏ تفسير پڻ
لکيل آهي.
(8)
تنوير الايمان في تفسير القرآن:
هي ترجمو سنڌيءَ ۾ مڪمل 30 هن سيپاره جو ٿيل آهي
جو مولانا محمد عثمان نورنگزاد بن محمد جو لکيل
آهي.
(9)
ڪلام الله مترجمو مرتضائي-
هي ترجمو بمع تفسير ضياء الايمان سنڌيءَ ۾ مولوي
ميان محمد خان مرتضائيءَ لکيو.
(10)
تفسير احمدي:
هيءُ احمد بن ڪرم الله مخدوم نورنگپوٽي جو سنڌيءَ
۾ لکيل آهي.
(11)
تفسير و ترجمو دبع عم:
هي تفسير مولوي عبدالرحيم مگسيءَ جو لکيل آهي.
(12)
درس قرآن شريف:
(چار ڀاڱا) هن جو سنڌي ترجمو محمد حسن ڀُٽي ڪيو.
(13)
ترجمة القرآن مع تفسيرالقرآن سنڌي:
ازمولانا محمد مدني (مارئي لئبرري گچيره ۾ موجود
آهي)
(14)
قرآن مجيد جو سنڌي ترجمو:
از مقتدر ۽ مستند جماعت علماء سنڌ- (دراصل هيءُ
ترجمو مولوي عبدالرحيم مگسيءَ جو ڪيل هو.)
(15)
تفسير معلم القرآن سنڌي ترجمو:
از قاضي عبدالرزاق.
(16)
تفسير فتح الرحمٰن:
سوره فتح- از قاضي عبدالرزاق.
(17)
قرآن مجيد مترجم
(سنڌيءَ ۾) قاضي عبدالرزاق، ڇپيل عباسي ڪتب خانه
ڪراچي سنڌ.
(18)
قرآن مجيد مترجم
(سنڌيءَ ۾) قاضي عبدالرزاق: ناشر شيخ غلام علي
لاهوري.
(19)
قرآن مجيد مترجم
(سنڌي ۾) قاضي عبدالرزاق: ناشر محمد عثمان
ڏيپلائي.
(20)
قرآن مجيد مترجم
(سنڌي ۾) ڇپايل شيخ عبدالعزيز.
(21)
قرآن مجيد
(مڪمل 30 پاره سنڌيءَ ۾) مترجم مولانا محمد مدني
کڏي وارو (حاشيه ترجمو شاه ولي الله تان).
(22)
تمدن عرب،
تفسير سوره سبا (سنڌي ۾) مرتب مولانا غلام مصطفيٰ
قاسمي.
(23)
الهام الرحمٰن تفسير الم:
مفسر مولانا عبيدالله سنڌي. ترجمو ڪندڙ مولانا دين
محمد وفائي ۽ مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي.
(24)
قرآن مجيد مترجم
(سنڌي ۾) مولوي عبدالغفور کڏي وارو.
(25)
تفسير سوره مُحمّد:
مترجم (سنڌي ۾) مولوي محمد يوسف.
(26)
قرآن مجيد:
مترجم (سنڌي ۾) ناشر مقبول عام سکر سنڌ.
(27)
نورالايمان:
مقدمه تفسير القرآن، از حڪيم فتح محمد سيوهاڻي.
(28)
قرآن مجيد
جو سنڌي ترجمو معارف القرآن، وقف مسجد سوسائٽي
حيدرآباد طرفان عبدالجبار ميمڻ وڪيل شايع ڪرايو،
جنهن جو مترجم خليل مورائي آهي.
(29) خيرپور جي شيعن طرفان پاره الم جو ترجمو ۽
تفيسر شايع ڪرايل آهي.
(30)
مولانا حماد الله هاليجوي:
سنڌي ترجمو مسوده جي حالت ۾ موجود آهي.
(31)
الـٰهي آداب:
مترجم شاهنواز پيرزاده.
(32)
معلم القرآن
(پاره عم) مترجم: مولانا خيرمحمد نظاماڻي ۽ مولوي
عبدالغفور سيتائي.
(33)
احمد قادياني
جماعت طرفان ڇپايل (قرآن مجيد جو) سنڌي ترجمو.
(34)
قرآن مجيد مترجم
(سنڌي ۾) ميرگل حسن ٽالپور.
(35)
مفتاح رشدالله:
مترجمو (سنڌي ۾) قاضي فتح محمد نظاماڻي.
(36)
تفسير سوره تبارک:
از سيد علي حيدر شاه ڪاظمي.
(37)
ڪيميا جو نسخو:
از سليم هالائي.
(38)
قرآني خزانو:
از مولانا محمد عثمان ڏيپلائي.
(39)
پاره سيقول:
مترجمو مخدوم الهه بخش عباسي.
(40)
دلائل الايمان تفسيرالقرآن:
از مولوي عبدالرحيم.
(41)
تفسير سوره يوسف:
از مولانا عبدالله لغاري (مسوده)
(42)
تفسير حٰم:
از مولانا عبيدالله لغاري. (مسوده)
(43)
تفسير القرآن:
از مولانا عبدالله چانڊيو (مسوده)
(44)
تفسير ابوالحسن
(مڪمل 30 پاره) از- مولانا ميان ابوالحسن.
(45)
تفسير تفهيم القرآن:
مولانا ابوالاعليٰ مودودي. (سوره بقره جو ترجمي ۽
تفسير جنهن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو مولانا جان محمد ڀٽي
ڪيو.
(46)
تفسير معارف القرآن:
از- مولانا ابوالهاشم عبدالخالق ڪنڊياروي.
(47)
تفسير پاره عم:
از سيد فاضل شاهه حيدرآبادي.
(48)
تفسير فاضليه:
از سيد فاضل شاهه حيدرآبادي (ڪجهه آيتن جو تفسير)
(49)
بسم الله الرحمٰن الرحيم
جو تفسير سيد فاضل شاهه حيدرآبادي.
(50)
تفسير جلالين
جو ترجمو سنڌي. از قاضي عزيز الله مٽياروي.
(51)
قرآن مجيد جو ترجمو:
(عربي متن کان سواءِ) از مولانا تاج محمود امروٽي.
(52)
نورالقرآن:
سنڌي بيتن ۾ هيءُ منظوم ترجمو بدين جي بزرگ مولانا
حاجي احمد ملاح جو لکيل آهي.
(53)
تفسير هاشمي:
پهريون سنڌي ترجمو: ابوالحسن جي سنڌيءَ ۾ لکيل
جنهن جا ٻه سيپاره 29 ۽ 30 دستياب آهن.
(54)
سوره ”والضحيٰ“
جو منظوم ترجمو از مولانا محمد عثمان نورنگزادي
ڪيو. 1967ع ۾ رسالي ”الرحيم“ ۾ شايع ٿيو.
(55)
سوره ”ولضحيٰ“
جو منظوم ترجمو- از نياز همايوني.
(56)
عبرت اخبار
۾ هر هفتي جمعي جي ڏهاڙي- مولانا خير محمد
نظاماڻيءَ جو 1967ع ۾ ڇپجندڙ قرآني سورتن جو ترجمو
۽ نئين زندگي رسالي ۾ سوره الڪوثر جو منظوم ترجمو
نظاماڻيءَ طرفان ڇپجندا رهيا.
(57)
قرآن مجيد
جو منظوم سنڌي ترجمو
(مسوده) (از: مولوي محمد ابراهيم جکراڻي (جيڪب
آباد).
(58)
مناجات القرآن:
شڪارپور جي مشهور شاعر ۽ اديب آغا غلام نبي پٺاڻ
1938ع ۾ 48 صفحن تي مشتمل ڪتابچه ڇپايو، جنهن ۾
سوره فاتحه، سوره بقره، سورة آل عمران، سوره
مائده، سوره احزاب، سوره مريم، سوره اعراف، سوره
حج، سوره هود ۽ سوره ابراهيم جي اٽڪل 20هن مختلف
دعائيه آيات جو نهايت سادي ۽ سلوڻي سنڌيءَ ۾ منظوم
ترجمو پيش ڪيو آهي.
(59) منشي مولا بخش ڀٽو مسڪين شڪارپوري جو سنڌي
منظوم ترجمو (اڻ ڇپيل) هن بزرگ الله تعاليٰ جي 99
”اسماء الحسنيٰ“ جو پڻ سنڌي نظم ۾ ترجمو ڪيو آهي.
(60)
منشي مولابخش ڀٽو
”قرآني آيتن جا تفسير“ ڪتاب تصنيف ڪيو جو سندس
فرزند حبيب الله ڀُٽي وٽ محفوظ آهن. هن صاحب سوره
يوسف، سوره يسٰين جو تفسير بقول لطف الله بدوي جي
ته هي تفسير وڏي ءَ محنت سان لکيل آهي.
(61)
تفسير القرآن:
از: مولانا محمد عثمان نورنگزادو. هن تفسير جي 5
پاره جي تفسير کي معروف عالم حافظ عبدالرحمٰن ولد
حافظ محمد اسماعيل شڪارپوريءَ نئين سر ترتيب ڏئي
ان کي ٻيهر ابوالعلائي اسٽيم پريس آگري مان ڇپرائي
پڌرو ڪيو هو.
(62)
حافظ محمد ارشد
انڍڙ جي چوڻ مطابق هڪ آڳاٽي زماني جو پهرين سيپاري
جو منظوم ترجمو پڻ هٿ آيو ليڪن ان تي ليکڪ جو نالو
نه هو.
(63)
تفسير ڪريمي-
هيءُ تفسير قاضي ميان عبدالڪريم ساهتي پرڳڻي جي
قديم علمي مرڪز کاهي راهو جي قاضي خاندان جو چشم و
چراغ هو. سندس صرف هڪ رسالو قلمي صورت ۾ دستياب
آهي، جنهن ۾ قرآن ڪريم جي سورة يسٰين ۽ سوره الدهر
جو منظوم ترجمو ۽ تفسير ڏنل آهي. هيءُ رسالو ڪوٽڙي
ڪبير جي لئبرري ”الڪبير اڪيڊمي“ ۾ محفوظ آهي ۽ ٻيو
نسخو سنڌالاجي ڄام شورو ۾ محفوظ آهي. هيءُ تفسير
85 صفحن تي مشتمل آهي. ڪتابت جو سال 1242هه آهي.
ڪاتب جو نالو محمد حسين ڄاڻايو ويو آهي. هي ترجمو
ڪلهوڙن جي آخري دور ۽ ٽالپورن جي شروع واري دور ۾
ٿيو ۽ قديم سنڌي ۾ لکيل آهي.
(64)
منظوم سنڌي تفسير:
هيءُ تفسير بسم الله الرحمٰن الرحيم، سوره فاتحه،
سوره يٰسين ۽ سوره اخلاق جو لکيل آهي جيڪو فقير
غوث محمد گوهر سجاده نشين ڪوٽڙي ڪبير جن طرفان
پهريون ڇاپو 2007ع ۾ ڇپايو. هي نسخو اصل قاضي
عبدالڪريم جو آهي ۽ مرتب فقير غوث محمد گوهر آهي.
لپي قديم عربي سنڌي آهي جيڪا ان وقت رائج هئي.
مخدوم غوث محمد گوهر ان کي ڏکي اوائلي صورتخطي ۾
پڙهي، پروڙي ان کي اڄوڪي صورتخطيءَ ۾ منتقل ڪيو
آهي. هي منظوم ترجمو 40 صفحن تي مشتمل آهي.
(65)
تفسير بسم الله الرحمٰن الرحيم:
هيءُ نسخو به تمام قديم آهي جيڪو پڻ ”الڪبير
اڪيڊمي“ ۾ موجود آهي، جنهن کي مخدوم غوث محمد گوهر
اوائلي صورتخطيءَ مان هاڻوڪي صورتخطيءَ ۾ ڇپايو
آهي.
(66)
تفسير سوره فاتحه
منظوم ترجمو: هيءُ هڪ قديم نسخو آهي ليڪن ليکڪ جو
نالو لکيل نه آهي. هن جو به قديم ٻوليءَ مان جديد
ٻوليءَ ۾ آڻي فقير غوث محمد گوهر الڪبيراڪيڊميءَ
طرفان ڇپرائي پڌرو ڪيو. هي 24 صفحن تي مشتمل آهي.
(67)
فضائل سوره اخلاص:
هن جو منظوم سنڌي ترجمو چند سٽن ۾ ڏئي پوءِ سنڌي
نثر ۾ سوره اخلاص جا فضائل بيان ڪيا ويا آهن ۽
نثري تفسير پڻ ڏنو ويو، ترجمو 13 صفحن تي مشتمل
آهي. هن جي ليکڪ جو پڻ نالو نه آهي پر هن جو به
قديم ٻولي مان جديد ٻولي سنڌي ڪندڙ فقير غوث محمد
گوهر آهي ۽ ڇپائي پڌرو ڪيو جيڪو 20 صفحن تي مشتمل
آهي.
(68)
تفسير سوره الدهر:
سنڌيءَ ۾ منظوم ترجمو آهي، جنهن کي پڻ فقير غوث
محمد گوهر قديم صورتخطيءَ مان جديد صورتخطيءَ ۾
آڻي ڇپايو جو پڻ 20 هن صفحن تي مشتمل آهي. هي پنج
مخطوطات جي پنج صد ساله قديم آهن ۽ ان کي نالو ڏنو
آهي. ”منظوم سنڌي تفسير“ اهي پنج مخطوطات (1) بسم
الله الرحمٰن الرحيم (2) سوره فاتحه (3) سوره
يٰسين (4) سوره اخلاص ۽ (5) سوره الدهر آهن.
(69)
تفسير حيات ملت:
هيءُ تفسير مولانا عبدالخالق ڪنڊياروي جو لکيل
آهي. هي بزرگ حديث، فقه ۽ قرآن مجيد جي تفسير جو
وڏو ڄاڻو هو.
(70)
تفسير معارف القرآن:
هيءُ تفسير به مولانا عبدالخالق ڪنڊيارويءَ جو
لکيل آهي. هن جديد طرز تي سنڌي زبان ۾ لکڻ شروع
ڪيو، اڃان پنج سيپاره لکيائين ته پاڻ هن فاني دنيا
مان وفات ڪري ويو. پاڻ هي تفسير مولانا احمد علي
لاهوري جي چوڻ تي لکي رهيو هو.
(71)
تفسير فيض رحماني:
هي تفسير سوره فاتحه جو آهي جو مولانا عبدالرحمٰن
ڪنڊياروي جو لکيل آهي جو 44 صفحن تي مشتمل آهي.
(72)
سوره عم جو ترجمو:
بنام طريق تحفصنات بالسندي، هي هن تي حاشيه لکيل
آهي جو مولانا فضل بن محمد قائمخاني ”طالب“ جو
لکيل آهي. هي بزرگ محبت ديرو ضلع نوشهروفيروز جو
آهي.
(73)
قرآن کان فرقان تائين:
هن ترجمي ۾ زندگيءَ جي احڪامن ۽ دنيا و آخره جي
ڀلاين بابت قرآن پاڪ جي چونڊ آيتن جو ترجمو ڏنو
ويو آهي. هن جو سهيڙيندڙ محمد حسن پنهور آهي.
(74)
روح البيان في تفسيرالقرآن نهج
فلسفه شاه ولي الله
هي قرآن پاڪ جي چند سورتن جو تفسير آهي. سهڙيندڙ:
ڊاڪٽر محمد ادريس سومرو آهي.
(75)
قرآن ڪامل:
هيءُ تفسير خادم الفقراء ٽرسٽ نوشهروفيروز جي
عبدالستار عباسيءَ نئين رنگ ۽ ڍنگ سان سهڻي سرورق
۽ سٺي ڪاغذ ۾ 2005ع ۾ ڇپائي ظاهر ڪيو، هي تفسير
مولانا محمد مدنيءَ جو لکيل آهي. منڍ ۾ مولانا
عبيدالله سنڌيءَ جي تقرير ”قرآن ڪيئن پڙهجي“ ۽ جڳ
مشهور محقق ۽ مناظر ڊاڪٽر ذاڪر نائڪ جي علمي،
تحقيقي ۽ منطقي تقرير: ”ڇا قرآن الله جو ڪلام
آهي.“ کي ترجمي جي منڍ ۾ ڏنو آهي ۽ آخر ۾ ”لغت
القرآن“ جي عنوان سان ترجمي کي سمجهڻ لاءِ عربي
فهميءَ جا ڪجهه اسباق پڻ شامل ڪيا ويا آهن.
(76)
القرآن ڪريم:
سنڌي ترجمو ”ڪنزالايمان“
اعليٰ حضرت احمد رضا بريلوي، خزائن العرفان سيد
نعيم الدين مراد آبادي سنڌيڪار: مفتي محمد رحيم
سڪندري- جامعيه راشديه پير جو ڳوٺ ڪنگري، ناشر-
ضياء القرآن پبليڪيشنز لاهور ڪراچي مولانا احمد
رضا بريلوي جو هي ترجمو هندو پاڪ (سنڌ) ۾ مڙني
ترجمن ۾ نمايان آهي.
(77)
پاره آلم ۽ پاره سيقول
جو آسان سنڌي ۾ معنيٰ ۽ ترجمو سان پروفيسر احمد
علي انصاري جو لکيل آهي، هن ۾ آية جو جدا جدا نثر
۾ ترجمو ٿيل آهي ۽ هيٺ شرح به لکيل آهي. لغوي
معنيٰ هر لفظ جي ڏنل آهي. هي با محاوره ترجمو ۽
شرح آهي.
(78)
پاره عم
جو منظوم سنڌي ترجمو: از پروفيسر احمد علي انصاري
(79) هيءُ قرآن پاڪ جو ترجمو شاهه ولي الله محدث
دهلويءَ جو فارسيءَ ۾ آهي، جنهن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو
مولانا غلام مصطفيٰ قاسميءَ ڇپرايو.
(80)
سنڌي ٻوليءَ جو انمول تحفو:
تفسير ”احسن البيان في تفسيرالقرآن“ از: حضرت
مولانا مفسرِ قرآن مولوي محمد ادريس ڏاهري: ناشر-
اداره خدمت القرآن و السنة شاهپور جهانيان ضلع
بينظير آباد (نواب شاه) سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترائي
مڪمل ۽ ڪجهه با مڪمل ترجما ۽ تفسير قرآن ڪريم جا
لکيا ويا آهن ليڪن جديد دور جي تقاضا مطابق هڪ
اهڙي مڪمل قرآن پاڪ جي لفظي ترجمي سان گڏ آسان،
عام فهم، بامحاوره ۽ لغت جي عين مطابق تفسير جي
ضرورت هئي جنهن کي عام ماڻهو به آسانيءَ سان سمجهي
۽ نوان واقعا ۽ مسئلا ۽ انهن جو حل به ان مان
معلوم ڪري سگهجن ۽ پنهنجي زندگي قرآني تعليمات جي
روشنيءَ ۾ گذاري سگهجي.
الله پاڪ جو احسان آهي جو ساهتي پرڳڻي ۾ هڪ باعمل
عالم مولانا محمد ادريس ڏاهري برڪانهم العاليه جن
جهڙي برگزيده شخصيت پيدا ٿي جنهن جو شمار سنڌ جي
علماء حق ۾ ٿئي ٿو ۽ سندن علم ۽ فضيلت جي هاڪ سنڌ،
پاڪستان ۽ ٻين اسلامي ملڪن ۾ نمايان ٻڌڻ ۾ اچي ٿي.
پاڻ عربي ٻوليءَ تي مڪمل مهارت رکن ٿا ۽ نحو و صرف
۽ بلاغت وادب سميت علم حديث، اصول فقہ و تفسير ۽
عقائد و ڪلام جو وسيع ۽ عميق علم رکن ٿا ۽ جديد
مسائل، معاملات، حالات، فلسفي ۽ سائنسي علم ۽
ايجادات تي گهري نظر، پرک ۽ پروڙ رکن ٿا.
حضرت شاهه ولي الله دهلويءَ لکيو آهي ته: هڪ حديث
پاڪ ۾ آهي ته: ”قرآن پاڪ جي علمن جا خزانا قيامت
تائين باقي رهندا ۽ کٽندائي ڪين“. ليڪن اسان انهن
خزانن کي گذريل چند تفسيرن تي بند ڪري ڇڏيو آهي ۽
وڌيڪ غور فڪر ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي. شاه ولي الله جن
مٿئين حديث جي روشنيءَ ۾ لکن ٿا ته:
”قيامت تائين قرآن پاڪ ۾ جيترو غور ۽ فڪر ڪيو
ويندو ته هر دور ۾ نوان نوان خزانا قرآن پاڪ مان
ملندا رهندا.“
علامه ڏاهري صاحب جن قرآن پاڪ ۾ نهايت وسيع
مطالعي، غور وفڪر ۽ ساڳئي وقت عمل جي ذريعي روحاني
۽ علمي راز پروڙي پندرهين صدي هجري ۽ ايڪهين صدي
عيسوي جي تقاضائن مطابق نهايت آسان، عام فهم،
بامحاوره ۽ لغت جي عين مطابق هڪ تحقيقي، علمي ۽
مثالي تفسير: ”احسن البيان في تفسيرالقرآن“ سنڌيءَ
۾ لکي امتِ مسلم کي هڪ انمول تحفو ڏنو آهي جو
حقيقت ۾ سڀني سنڌي تفسيرن جو تاج آهي جيڪو جديد
دور ۾ علم جا خزانا نروار ڪري ٿو.
سبحان الله ڪيڏو نه آهي اهو خوشنصيب گهر، جنهن ۾
حضرت علامه ڏاهري صاحب جن جهڙا باعمل عالم تولد
ٿيا جن سياري جون سرد ۽ ڊگهيون راتيون ۽ اونهاري
جون گرم راتيون ۽ بهار جون آرامده راتيون ۽ سرءُ
جون تڪليفده ۽ ڏکوئيندڙ راتيون جاڳي ننڊ ڦٽائي
محنت ۽ مشقت سان قرآن ڪريم ۾ غور و فڪر ڪندي هڪ
سهڻيءَ سنڌيءَ ۾ تفسير لکي سنڌي ٻوليءَ جو شان
وڌايو ۽ سنڌي ماڻهن کي سنڌي زبان ۾ بي بها تحفو
پيش ڪري صراط المستقيم آسان ڪري ڏيکاريو. اهڙن
بزرگ عالمن لاءِ ئي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ فرمايو
آهي ته:
ساري رات سبحان جاڳي جن ياد ڪيو،
ان جي عبداللطيف چئي مٽيءَ لڌو مانُ،
ڪوڙيين ڪن سلام اچيو آسڻ ان جي.
(شاهه)
واقعي علامه ڏاهري صاحب، سبحان جي ساري ڪلام قرآن
مجيد) کي راتيون جاڳي ان مان موتي ۽ جواهر ميڙيا.
پوءِ اهڙي جوهريءَ جي مٽيءَ اهڙو مانُ لڌو آهي جو
اڄ ڪوڙين (سوين) ماڻهو سندن ملاقات، وعظ ٻڌڻ،
ڪچهري ڪرڻ، فيض وٺڻ، علم ظاهري ۽ باطني وٺڻ ۽
دعوتون ڏئي پنهنجي پنهنجي اڱڻ تي وٺي وڃڻ لاءِ
تاريخ وٺڻ لاءِ ڪوشان آهن ته جيئن علامه صاحب جن
سندن اڱڻ تي اچي وعظ ۽ نصيحت ڪري اڱڻ اجارين.
هن ناچيز (راقم الحروف) جي خوشنصيبي آهي جو آءٌ 3
ذوالحج 1426هه مطابق 4 جنوري 2006ع بروز اربع صبح
جو 11 بجي ڌاري علامه صاحب جن جي اڱڻ تي پهتس،
ملاقات لاءِ عرض چوائي موڪليم ۽ پاڻ سوائين يارهين
بجي ڌاري پنهنجي اوطاق ۾ تشريف فرما ٿيا، دعا سلام
بعد پاڻ کٽ تي ويهڻ فرمايو ۽ آءٌ سامهون واري
ڪرسيءَ تي ويٺس، يڪدم پاڻ فرمايائون ته ادا رسول
بخش هن وقت
30هن سيپارن (قرآن مجيد جي) جو تفسير لکي پورو ڪيو
اٿم. مان خوشيءَ ۾ اٿي کين سلام پيش ڪيو. منهنجي
خيال ۾ علامه صاحب جن جي مڪمل تفسير ڪرڻ بعد
ٻاهرين ماڻهن ۾ مان (رسول بخش گچيرائي) پهريون ئي
شخص هئس جو علامه ڏاهري صاحب جن سان ملاقات جو شرف
حاصل ڪيم.
علامه ڏاهري صاحب جن جو هيءُ تفسير 9 جلدن ۾ ضياء
القرآن: پبليڪيشن داتا دربار روڊ لاهور مان ڇپجي
اداره خدمته القرآن والسنة- شاهپور جهانيان طرفان
ظاهر ٿي آيو. هن فقير (راقم) کي علامه صاحب جن 9
ئي جلد عنايت ڪرڻ فرمايا ۽ پهريون جلد پڙهڻ شروع
ڪيم.
جلد پهريون: الحمدلله پهريون جلد پڙهي پورو ڪيم،
جنهن جو ٽائيٽل نهايت خوبصورت، رنگن سان سينگاريل
۽ سجايل آهي، پرڪشش ۽ شيشي جيان چمڪندڙ آهي. اندر
پهرين صفحي تي تفسير جا ماخذ (ساٿي ۽ سونهان) لکيل
آهن جن جو تعداد 75 آهي، جنهن ۾ قرآن مجيد، حديثن
جا ڪتاب صحيح بخاري، سنن الترمذي، مشڪواة شريف،
شمائل ترمذي مع فصائل نبوي بذل المجهود شرح
ابودائود، صحيح مسلم، مسند امام احمد، درمختار،
ڪيترائي عربي، فارسي، اردو تفسير، اصحابن سڳورن ۽
تابعين جا قول ۽ عربي لغتون وغيره شامل آهن. علامه
صاحب جن پنهنجن والدين ڏانهن تفسير انتساب ڪيو اٿن
۽ ڇپائيءَ جو خرچ الحاج الهڏني ولد حاجي شهزادي
خان ڏاهري صاحب برداشت ڪيو آهي.
هن تفسير ۾ پهريان مسلمانن کي تنبيهه ڪيل آهي، ان
بعد علم تفسير جي معنيٰ ۽ فضائل بيان ڪيل آهي.
پهريون مفسر قرآن، عربي ادب، قرآن ڪريم ضابطئه
حيات، قرآن پاڪ جو جمع ٿيڻ، قرآن پاڪ جي حفاظت جو
بيان، قرآن مجيد جي ترتيب، معجزه قرآن، قرآن پاڪ
جي تلاوت جو طريقو، صاحبِ قرآن جي اهميت ۽ ضرورت،
معنيٰ مقصد، فائدا، تفسير تعويذ، مسئلا، سوره
فاتحه جو تعارف ۽ 23 اُن جا نالا مبارڪ ۽ معنائون
ڏنيون ويون آهن. ان بعد سوره فاتحه جو شانِ نزول،
فضيلتون ۽ مسئلا ڏنا ويا آهن. بسم الله الرحمٰن
الرحيم جو تفسير، حڪمتون، لفظي تحقيق ۽ معنيٰ ۽
فائدا ڏيڻ بعد سوره فاتحه جو تفسير ڏنو ويو آهي،
جنهن ۾ الرازي جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته الله
تعاليٰ 104 ڪتاب ۽ صحيفا نازل ڪيا جن مان هڪ سو
(100) ڪتابن ۽ صحيفن جو علم چئن ڪتابن: توريت،
زبور، انجيل ۽ قرآن مجيد ۾ آندو ۽ ٽن ڪتابن توريت،
زبور ۽ انجيل جو علم صرف قرآن مجيد ۾ آندو ۽ ساري
قرآن مجيد جو علم سوره فاتحه ۾ آندو ۽ پوري سوره ۾
7 حروف: ث- ج-ز-ش- ظ ۽ ق ۽ خ يعني ث مان مراد=
هلاڪت موت. ج مان مراد=
جهنم ۽ دوزخ. ۽ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته سوره
فاتحه عرش جي هيٺان خزاني مان نازل ٿيل آهي. علامه
ڏاهري صاحب علامه شوقاني جو حوالو ڏيندي لکيو آهي
ته: ”هڪ پڙ ۾ الحمد شريف ۽ ٻئي پڙ ۾ باقي سمورو
قرآن پاڪ، پوءِ به 7 ڀيرا سوره فاتحه ڳري رهندي. “
بهرحال علامه ڏاهري صاحب سوره فاتحه ۾ ئي علم جا
خزانا اهي بيان ڪري ڇڏيا آهن جيڪي تفسير کي شوق
سان مطالعي ڪندڙ کي ئي معلوم ٿيندا.
اسلامي اسڪالر مرحوم غلام محمد ايس پنهور پنهنجي
ڪتاب ”فضائل قرآن“ جي صفحي 238 تي تفسير جا چند
نمونا لکيا آهن.
(1)
تفسير بالقرآن:
علم تفسير جو پهريون ماخذ قرآن ڪريم ئي آهي. يعني
قرآن ڪريم جو تفسير قرآن خود ئي ڪري يعني قرآني
آيتن مان ئي تفسير کي بيان ڪجي ۽ سينگارجي. هيءُ
تفسير سڀني کان وڌيڪ مقدم آهي. ڪنهن آيت جي ڳالهه
مجمل ۽ تشريح طلب هجي ته خود قرآن ڪريم جي ئي ڪا
ٻي آيت ان جي مفهوم کي واضح ڪري ڇڏي. علامه ڏاهري
صاحب جن به تفسير جو پهريون ماخذ قرآن مجيد کي ئي
بنايو آهي جيڪا ڳالهه سندن تفسير کي مقدم بنائي
ٿي. مثال طور علامه ڏاهريءَ صاحب جن قرآن پاڪ مان
هدايت حاصل ڪندڙن جون قرآني وصفون بيان ڪندي ٻين
وصف”ويقيمون الصلوٰة- ۽ نماز صحيح ادا ڪن ٿا؟“ جي
شرح ۽ تفسير قرآن پاڪ جي سورة فتح جي آيت 29 هين
وضاحت لاءِ ڏني آهي. تَرَاهُم رکُعًا سُجدا
يِبِتَغُونَ فَضلاً مِن الله وَرضُوانا سِيمَا هُم
فِي وُجوههم مَن اَثرَالسجودِ
يعني تون انهن کي ڏسندي رڪوع ڪندي ۽ سجدي ۾ ڪرندي
الله تعاليٰ جو فضل ڳوليندي انهن جي منهن (چهري) ۾
سجدن جي ڪري نشان آهن.
ڏٺو وڃي ته ”يُقيمُونَ الصلوة“ يعني نماز صحيح ادا
ڪندڙ- اهي ڪهڙا آهن ۽ انهن جي نماز ادا ڪرڻ جو
نمونو ۽ نتيجو آهي؟ ان لاءِ علامه صاحب جن سوره
فتح جي مٿين آيت سڳوري لکي آهي، جنهن ۾ صاف صاف
ڄاڻايو ويو آهي ته انهي (نهايت: خشوع، نياز ۽
نوڙت) نماز جي پورن ظاهري ارڪانن ۽ باطني حقن سان
رڪوع ڪندي ۽ سجده ڪندي سندن مُنهن (چهري) ۾ سجدن
(جي گهڻائي ڪري) جي ڪري نشان آهن. (جيڪي قيامت جي
ڏينهن ٻرندا- روشن ٿيندا ۽ چمڪندا جن جي ڪري هو
سڃاتا ويندا.
(2)
تفسير القرآن باالحديث:
اسلامي اسڪالر غلام محمد پنهور مرحوم تفسير جو ٻيو
ماخذ تفسيرالقرآن بالحديث - يعني قرآن مجيد جي شرح
يا تفيسر حديث پاڪ جي مدد سان بيان ڪرڻ ٻڌايو آهي
ڇو ته حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليہ وآلہ وسلم
جن صاحبِ قرآن آهن، ان ڪري حديث مان ورتل مدد وارو
تفسير به صحيح ۽ اعليٰ هوندو.
علامه ڏاهري صاحب جن به قرآن پاڪ جي تفسير ۾ نبي
پاڪ صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي احاديث کان پڻ
مدد ورتي آهي. علامه صاحب جن ”غيرالمغضوب عليہم
ولاالضالين“ جي واضح سمجهاڻيءَ لاءِ حديث مبارڪ
ڏيڻ فرمائي آهي ڇو ته مٿين آيت سڳوريءَ ۾ اهو واضح
نه آهي ته غضب ڪيل ۽ گمراه ڪير آهن؟ علامه ڏاهري
صاحب جن واضح سمجهاڻي لاءِ هيءَ حديث مبارڪ ڏيڻ
فرمائي آهي ته:
اِن المغضوبَ عليہم يهودوَ اِنّ الضالين النصارَيٰ
(رواه احمد الترمذي و حسنه ابن حبان في صحيح.
(تفسير مظهري صفحو 9، جلد پهريون)
علامه ڏاهري صاحب جن جي تفسير کي تفسير بالحديث
واري خوبي به وڌيڪ خوبصورت، صحيح ۽ اعليٰ بنائي
ٿي. ڇاڪاڻ ته حضرت محمد صلي الله عليہ وآلہ وسلم
جن جي پوري زندگي قرآن پاڪ جو عملي تفسير آهي ۽
حضور پاڪ جن جي تشريح ۽ قول مبارڪ به بحڪم خداوندي
جي آهن.
(3)
قرآن پاڪ جو تفسير به اقوال صحابه ڪرام:
اسلامي اسڪالر غلام محمد پنهور جن جو ٽيون ماخذ
تفسير اقوال صحابه ڪرام آهي. علامه ڏاهري صاحب جن
پنهنجي پهرين تفسير جي جلد ۾ (صفحي 154 ۽ 155 تي)
حضرت ابوذر غفاري رضي الله عنہ جن جو حوالو ڏيندي
لکي ٿو ته: ”هڪ ڀيري منهنجو ڀاءُ انيس مڪي کان
ايندي ٻڌايو ته مڪي شريف ۾ هڪ شخص آهي جو پاڻ کي
الله تعاليٰ جو رسول ٿو سڏائي، جڏهن ابوذر پنهنجي
ڀاءُ کان پڇيو ته اتان جا ماڻهو ان شخص جي باري ۾
ڇا ٿا چون؟ ته ابوذر جي ڀاءُ انيس وراڻيو ته، ڪي
شخص ان کي شاعر ٿا چون ته ڪي هن کي جادوگر ٿا
سڏين. حضرت ابوذر غفاري فرمائي ٿو ته جيئن ته
منهنجو ڀاءُ انيس انهن ڳالهين جي ڄاڻ رکندو هو، ان
ڪري انيس وڌيڪ ٻڌايو ته، جيتريقدر مون (انيس) غور
ڪيو آهي ته ماڻهن جون اهي سڀ ڳالهيون غلط آهن، ان
شخص جو ڪلام نه شعر آهي ۽ نه ڪهانت آهي بلڪ مون کي
ان جو ڪلام سچو ٿو نظر اچي.
حضرت ابوذر غفاري مڪي شريف ۾ 30 ڏينهن رهي پيا ۽
پنهنجي رهائش مسجد الحرام ۾ رکيائون ۽ ان پوري
مهيني ۾ ڪو به کاڌو پيتو استعمال نه ڪيائون، صرف
زم زم جو پاڻي پيتائون ٿي، جڏهن مڪي شريف کان موٽي
آيا ته ماڻهن کي حضرت ابوذر غفاري فرمايو ته ”مون
روم ۽ فارس جي فصيحن ۽ بليغن جو ڪلام ۽ ڪاهن جا
ڪلمات ۽ حمير جا مقالات گهڻا ٻڌا آهن پر حضرت محمد
صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي ڪلام جهڙو ڪلام ڪٿي
به ڪين ٻڌو آهي. اوهان سڀ منهنجي ڳالهه مڃي، ان
شخص جي ڪلام کي الله پاڪ جو سچو ڪلام مڃو ۽ ان جي
اتباع ڪريو.“
حضرت ابوذر جو اهو بيان ڪيل واقعو يا ڳالهه قرآن
پاڪ ۾ پڻ اچي ٿو:
وَمَا هُوَ بقول شاعر قليلاً ماتومنونَ.
اهڙي طرح علامه ڏاهري صاحب جن پنهنجي تفسير ۾
اصحابه ڪرام جا اقوال به بيان ڪري پنهنجي تفسير کي
سينگاريو آهي.
پوءِ فتح مڪه واري سال حضرت ابوذر غفاري جن جي
پوري قوم جا هڪ هزار ماڻهو مڪي شريف ۾ اچي مسلمان
ٿيا.
(4)
قرآن پاڪ تفسير ۽ اقوال تابعين تبع تابعين.
غلام محمد پنهور تفسير جو چوٿون ماخذ تفسير تابعين
تبع تابعين لکيو آهي. بشرطيڪ اهو روايت سان هجي ته
اهو ئي بهتر آهي.
علامه ڏاهري صاحب ”اياک نستعين“ جي تفسير ۾ الله
پاڪ کان مدد گهرڻ کان سواءِ هڪ حديث جو حوالو
ڏيندي لکيو آهي ته ” جيڪڏهن ڪو ٻانهو ڪنهن کان مدد
وٺڻ جو ارادو ڪري ته پوءِ ڀلي چئي ته: ’اي الله جا
ٻانها منهنجي مدد ڪيو (يا ڪر) اي الله جا ٻانها
منهنجي مدد ڪيو. اَي الله جا ٻانها منهنجي مدد
ڪريو (حديث مفهوم) (ص 92، جلد پهريون).“
حضرت امام بخاريءَ پنهنجي ”الادب المفرد“ ۾
عبدالرحمٰن بن سعد کان پوءِ ان کي هڪ شخص چيو ته
”اُذکُر اَحَبَّ الناسِ اَليک“ يعني ماڻهن ۾ جيڪو
ماڻهو توکي وڌيڪ پيارو آهي، ان کي ياد ڪر، پوءِ ان
شخص بسم الله بن عمر چيو ته يا ”محمد صلي الله
عليہ وآلہ وسلم“ ته تڪليف دور ٿي ويس.“
مٿيان جملا لکڻ بعد آءٌ پنهنجي مارئي لئبرريءَ مان
گهر ويس ته منهنجي ننڍڙي نياڻي (سحرش) اٽڪل پوڻن
ٻن سالن جي روئي رهي هئي. گهر وارن ٻڌايو ته مغرب
جي نماز بعد ننڍڙيءَ روئڻ شروع ڪيو آهي ۽ هاڻي رات
جو هڪ ٿي ويو آهي ليڪن ڇوڪري روئڻ بند نه ٿي ڪري.
آءٌ (راقم) ننڍڙي سحرش مٿان بيهي پڪار ڪيم: ”يا
مُحمّد صلي الله عليہ وآلہ وسلم مدد ڪرڻ فرماءِ!“
ته يڪدم ننڍڙي روئڻ بند ڪري مون (راقم) ڏي نهاري
کلڻ لڳي. مون ڏانهن آئي صفجي ۾ هلڻ شروع ڪيائين ۽
مون
T.V
تي مدني چئنل آن ڪيم ته حضور پاڪ صلي الله عليہ
وآلہ وسلم جن جي روضئه اطهر کي ڏسي، ان کي چميون
ڏيڻ لڳي. (اهو آهي 17 رمضان المبارڪ 1432هه جو
واقعو) اها ساڳِي روايت ٽن تابعين سڳورن مجاهد،
ابوسعيد ۽ عبدالرحمٰن بن سعد کان پڻ ڪئي وئي آهي.
(5)
لغت عرب:
اسلامي اسڪالر غلام محمد پنهور پنجون ماخذ تفسير
لاءِ لغت عرب ٻڌايو آهي. جيئن ته قرآن مجيد عربي
زبان ۾ نازل ٿيل آهي، ان ڪري تفسير قرآن لاءِ
عربيءَ تي عبور حاصل ڪرڻ نهايت ضروري آهي. قرآن
پاڪ جون ڪي اهڙيون به آيتون آهن جو انهن جي پسمنظر
۾ جيئن ته ڪو ئي مٿان نزول يا ٻيو ڪو فقهي يا
ڪلامي مسئلو نه هوندو آهي، ان ڪري ان جي تفسير ۾
پاڻ سڳورا صلي الله عليہ وآلہ وسلم يا صحابه ڪرام
۽ تابعين سڳورن جا اقوال منقول نه هوندا آهن
چنانچه ان جي تفسير جو ذريعو صرف لغت عربي رهي ٿي
۽ لغت جي بنياد تي ئي ان جي تشريح ڪئي وڃي ٿي. ان
کان علاوه ڪنهن آيت جي تفسير ۾ ڪوئي اختلاف هجي ته
مختلف آراءِ ۾ محاڪمه جي لاءِ به علم لغت کان ئي
ڪم ورتو وڃي ٿو.
علامه ڏاهري صاحب جن عربي ٻوليءَ جي تمام وسيع
معلومات رکن ٿا ۽ کين عربيءَ تي ايترو عبور حاصل
آهي جو ڄڻ ته عربي سندن مادري زبان آهي. پاڻ
عربيءَ جا وڏا ماهر آهن ۽ نهايت فصاحت، بلاغت ۽
روانيءَ سان عربي ٻوليءَ ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ تقريرون
ڪندا آهن ۽ تحريرون لکڻ فرمائيندا آهن. علامه
ڏاهري صاحب جن پنهنجي تفسير ۾ لغت- عرب مان به
فائده (استفاده) حاصل ڪيو اٿن.
جهڙوڪ:
لغت القاموس المحيط- هيءَ لغت، عربي زبان جي
بهترين لغت آهي جا مجدد الدين يعقوب فيروز آبادي
جهڙي عربي عالم جي تصنيف ٿيل آهي ۽ ان کان سواءِ
ٻين لغتن کي پڻ استعمال ڪيو اٿن.
(6)
تدبر استنباط:
استاد غلام محمد پنهور جي لکت مطابق ڇهون ماخذ
تفسير قرآن تدبراستنباط آهي.
قرآن مجيد جا نڪات ۽ اسرار هڪ اهڙو بحر آهن جن جي
ڪا به حد نه آهي ۽ ڪو به ڪنارو نه آهي. چنانچه
جنهن شخص کي الله تعاليٰ اسلامي علوم ۾ سيرت
فرمائي هجي جو هو ان ۾ جيترو غور وفڪر ڪري ٿو،
اوترا ئي نوان نوان نڪتا ۽ اسرار سامهون اچن ٿا.
چنانچه مفسرين ڪرام پنهنجي تدبر جي نتائج ۾ به
پنهنجن تفسيرن ۾ بيان ڪن ٿا. ليڪن هي نڪات ۽ اسرار
ان وقت قابلِ قبول هوندا آهن. جڏهن اهي مذڪوره
بالا ماخذ سان متصادم نه هجن. لهاذا اگر ڪو شخص
قرآن پاڪ جي تفسير ۾ ڪو اهڙو نڪتو يا اجتهاد بيان
ڪري جو قرآن و سنت، اجماع، لغت صحابه ڪرام تابعين
اقوالن مان خلاف هجن يا ٻئي ڪنهن شرعي اصول سان
ٽڪرائي ٿو ته ان جو ڪوئي اعتبار نه آهي. ڇو ته
قرآن و سنت ۽ شريعت جي بنيادي اصولن جي خلاف ڪنهن
جي شخصي راءِ ڪابه حيثيت نه ٿي رکي. (الاتقان
2/184)
علامه غلام محمد پنهور فضائل القرآن جي صفحي 238 ۽
239 تي لکيو آهي ته تاويل، اول مان ٺهيو آهي، جنهن
جي معنيٰ آهي رجوع ڪرڻ يا موٽائڻ. اصطلاح ۾ تاويل
جي معنيٰ ٿيندي ته ڪنهن ڪلام ۾ چند اجتمال آهن
(يعني گهڻين معنائن جو هجڻ). انهن مان ڪهڙي معنيٰ
کي علمي دليلن سان ترجيح ڏني وڃي يا ڪلام ۾ علمي
نڪتا وغيره بيان ڪري سگهي ٿو. مگر شرط آهي ته
شريعت جي خلاف نه هجن. جهڙي طرح علامه ڏاهري صاحب
پنهنجي تفسير ۾ خبردار ڪيو اَٿن ته ”سرسيد احمد
خان جي پارٽي وارن جنت ۽ دوزخ جي آيتن جي غلط
تاويل ڪئي آهي. غلام محمد پنهور جن اڳتي لکن ٿا ته
مفسرِ قرآن پنهنجي تدبر ۽ علمي قوة سان قرآن پاڪ
اندر وڏا وڏا نڪتا بيان ڪندا آهن ۽ هر هڪ بابت نقل
پيش نه ڪندا آهن. امام غزالي پنهنجي تصنيف ”احياءَ
العلوم“ جي اٺين (8) باب ۾ فرمايو آهي ته ”قرآن
پاڪ جي هڪ ظاهري معنيٰ آهي ۽ ٻي باطني معنيٰ آهي.
ظاهري معنيٰ جي تحقيق شريعت جا عالم ڪندا آهن ۽
باطني معنيٰ اولياءَ الله ۽ صوفياء ڪرام ڪندا آهن.
حضرت علي ڪرم الله وجه فرمائن ٿا ته: ”جيڪڏهن آءٌ
چاهيان ته سوره فاتحه (الحمد شريف) جي تفسير سان
70 اُٺ ڀريان اُٺ يعني ان مواد کي 70 اُٺ کڻن، مگر
باطني تفسير به ظاهري معنيٰ جي هرگز خلاف نه هوندا
آهن.
علامه ڏاهري کي الله تعاليٰ اسلامي علوم ۾ جا
بصيرت عطا فرمائي آهي سا ڪن ٿورن عالمن کي نصيب ٿي
هوندي. علامه صاحب قرآن پاڪ ۾ غور ۽ فڪر، تدبر ۽
استنباطي قوت، لغت عرب جي ڄاڻ ۽ علمي دليلن سان ڪي
اهڙا نڪتا ۽ اسرار بيان ڪرڻ فرمايا آهن جو پڙهندڙ
کي حيرت ۾ وجهيو ڇڏين ٿا ۽ اهڙي ته صاف صاف وضاحت
ڪرڻ فرمائي اٿن جو دل سان هن تفسير جو مطالعو ڪندڙ
جي دل ۽ دماغ کي کولي ۽ معطر ڪري ڇڏين ٿا.
مثال طور علامه ڏاهري صاحب جن دنيا جي موجوده
فرسوده معاشي نظام مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ سوره
بقره جي هڪ آية مان اهڙو ته حل ڳوليو آهي ۽ بهترين
معاشي نظام پيش ڪيو آهي جو ان تي عمل ڪرڻ سان
اسلامي دنيا، ته ڇا بلڪ پوري انسان ذات خوشحالي
حاصل ڪري سگهي ٿي. سو به صرف ٻن لفظن ”حَلاَ لاً
طَيِبَا مان.
ڏٺو وڃي ته دنيا جي اقتصادي ماهرن
(Economists)
ڪيترائي اقتصادي نظريا
(Theories)
پيش ڪيا ليڪن هو ڪنهن به هڪ ڳالهه تي متفق ٿي نه
سگهيا. برطانيه جي ماهرِ اقتصاديات آدم سمٿ
(Adam Smith)
جنهن کي اقتصاديات جو اَبو سڏيو ويو، ان پنهنجي
نظريي کي پيش ڪندي چيو ته: ”اقتصاديات قومن جي
دولت جو علم آهي.“
Economics is An enquiry in to the nature and
causes of wealth of nations.
هن جي حمايت ريڪارڊو
Ricordo،
سينئر
Senior
۽ جان مل
John Mill
پڻ ڪئي. ليڪن اقتصاديات جي ابي آدم سمٿ
Adam Smith
جي نظريي کي ڪارلائل
Carlyle،
رسڪن
Ruskin
۽ ڪالرج
Coleridge
رد ڪندي چيو ته: اهو نظريو بيڪار ۽ اونداهون آهي.
ان کان پوءِ مارشل پيگو
Pigou،
ڪينن
Cannan
۽ ايل رابنس
L-Robbins
وغيره پنهنجا نظريا
(Theories)
پيش ڪيا ليڪن هنن به چيو ته اقتصاديات جو تعلق
اخلاقيات سان اصل نه آهي. هي علم صرف انسان جي
مادي فلاح وبهبود جو علم آهي ۽ هن جي برين يا چڱين
ڳالهين (گهرجن) سان تعلق نه آهي. هنن چيو ته
اقتصاديات جو درويشن، تارڪ دنيا ۽ بي عقل انسانن
سان ڪو به واسطو نه آهي.
هي اقتصادي ماهر اڄ ڏينهن تائين ڪو به متفق
اقتصادي نظريو پيش نه ڪري سگهيا آهن. حضرت علامه
صاحب جن هڪ ئي آيت بلڪ ان جي ٻن لفظن مان دنيا جو
هيءُ اهم مسئلو نهايت واضح نموني سمجهائي ڇڏيو
آهي، ۽ هڪ چٽو واضح ۽ ڪامياب اقتصادي يا معاشي
نظريو پيش ڪيو آهي ۽ هن نظريي کي 14 صدين گذرڻ بعد
به ڪنهن به اسلامي اقتصادي ماهر رد نه ڪيو آهي ۽
سڀ جا سڀ اسلامي اسڪالر ۽ اقتصادي ماهر هن هڪ ئي
نظريي تي متفق ۽ قائم آهن ۽ قيامت تائين قائم
رهندا ڇو ته هي نظريو ان حقيقي مالڪ رب العٰلمين
جو پيش ڪيل آهي جو سڀني جهانن کي روزي رسائيندڙ
پالڻهار آهي.
حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري دامت برڪاتهم
العاليه جن سوره بقره جي آيت نمبر 168 بيان ڪئي
آهي:
بِسَمِ الله الرحمٰن الرحيمِ
”يٰآاَيهَا الناسُ کُلوا ممافِي الارضِ حَلاَ لاً
طَيِبًا
(اَي انسانو! کائو ان مان جو زمين ۾ آهي حلال ۽
پاڪ )
هن آيت سڳوريءَ جي تفسير جي هڪ جهلڪ:
اڄ جي هن ترقي يافته دنيا ۾ کاڌي ۾ استعمال ٿيندڙ
شين ۾ ظاهري صفائيءَ جو ته اهتمام ڪيو وڃي ٿو پر
حلال ۽ حرام جي تميز ڪرڻ طرف گهٽ توجهه ڏنو وڃي
ٿو. جڏهن ته اسلام ۾ ٻنهي ڳالهين ڏانهن توجهه
ڏياريو ويو آهي. هن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ظاهري طرح
اها (کائڻ واري) شيءِ غليظ ۽ گندي نه هجي ته جئين
جسماني صحت تي اثر نه پئي ۽ باطني طرح به پليت ۽
نجس نه هجي، تان ته انسان جو ضمير ختم نه ٿي وڃي.
قرآن پاڪ ۾ اول ”حَلاَلاً“ جو لفظ آڻي ان جي پويان
”طَيبًا“ جو لفظ آندو ويو آهي. ”طَيبًا“ مان مراد
ظاهري صفائي آهي. ”حلالا“ مان مراد حقيقي پاڪيزگي
آهي. حلال ان شيءِ کي سڏين ٿا جا ذاتي طرح حرام نه
هجي. جيئن حرام جانور سوئر، ڪتو ۽ شراب وغيره. ۽
نه اهڙن طريقن سان حاصل ڪيو ويو هجي جن کي شريعت
حرام قرار ڏنو هجي. جيئن چوري، زوري، جوا، رشوت ۽
وياج وغيره.
اسلامي معاشيات جو هيءُ هڪ بنيادي اصول آهي ته
اسلام ۾ روزگار ڪمائڻ لاءِ کليل ڇٽي نه آهي بلڪ
اهي سڀ رستا بند ڪيا ويا آهن جن ۾ ڪنهن به
ڪمزوريءَ، مجبوريءَ ۽ ناداري مان ناجائز فائدو
ورتو وڃي. اوهان خود سوچيو ته جڏهن وياج، جوا،
رشوت ۽ بليڪ مارڪيٽنگ وغيره وارا غلط ڪم بند ٿي
وڃن ته دولت صرف چند هٿن ۾ بند نه رهندي. دولت جو
ناجائز لٽڻ ۽ گڏ ڪرڻ معاشي، اخلاقي ۽ سياسي خرابين
کي وڌائي ٿو ۽ اهي اهل علم وفهم جي اڳيان ڍڪيل نه
آهن. ڪاش! اسين پاڻ (مسلمان) ان الٰهي نظام
معاشيات کي سمجهي، سنجيدگيءَ سان ان تي عمل ڪريون
ها ته ٻين کي سمجهائڻ آسان ٿئي ها. اڳتي هلي حضرت
علامه ڏاهري صاحب جن لکيو آهي ته: حضرت ابوعبدالله
الساجيءَ رحمةالله عليہ جن فرمايو آهي ته علم جو
ڪمال پنجن شين تي آهي: (1) الله پاڪ جي معرفت حاصل
ڪرڻ. (2) حق سڃاڻڻ (3) الله پاڪَ لاءِ خالص عمل
ڪرڻ (4) سنت تي عمل ڪرڻ (5) حلال کاڌو کائڻ.
انهن مان ڪو به هڪ نه هوندو ته ان تي عمل مٿي نه
کنيو ويندو. ان کانپوءِ قرآن مجيد ۾ آهي ته: ”ولا
تتبعوا خطوات الشيطٰن اِنہ لکم عد ومبين“
حاصل مطلب ته پوءِ شيطٰن توهان کي اسلام جي ڏسيل
انهن اسلامي اصولن تي عمل ڪرڻ کان روڪي ٿو جن سان
توهان جي معاشي ترقي ٿئي ٿي ۽ معاشي حالت بهتر ٿئي
ٿي، ۽ حڪم ڪري ٿو ته توهان برائي ۽ بي حيائي وارا
ڪم ڪري پنهنجي معاشي حالت بدتر بنائي معاشي بدحالي
۽ بين الاقوامي بدناميءَ جي خطرن ۾ پئو. حضرت
علامه ڏاهري صاحب جن ’طيبا‘ لفظ مان مراد ظاهري
صفائي وٺي ان شي جي غليظ ۽ گندي هئڻ ڏانهن توجهه
ڏياريو آهي ته اها شيءِ ڪنهن به طرح سان خراب نه
هجي بلڪ صاف سٿري هجي جو ان صفائيءَ جي ڪري انسان
جي جسماني صحت سٺي رهي ٿي ۽ جو حلالا جو لفظ آيل
آهي، ان مان مراد حقيقي پاڪيزگي آهي يعني ان شيءِ
کي حاصل ڪرڻ جا ذريعا جائز ۽ افضل هئڻ گهرجن. حضرت
علامه صاحب جن واضح ڪيو آهي ته هڪ طرف ذاتي طرح
حرام شيون جيئن جانور: سوئر، ڪتو ۽ شراب وغيره ۽
ٻئي طرف طريقه حصول به واضح ڪيو اٿن ته انهن ذريعن
۽ طريقن سان اهو رزق حاصل نه ڪيو وڃي جيئن چوري،
جوا، رشوت ۽ وياج وغيره ۽ اها روزي ڪنهن جي
مجبوري، ڪمزوري يا غربت جو فائدو وٺي حاصل نه ڪئي
وڃي ۽ نه بليڪ مارڪيٽنگ جي ذريعي حاصل ڪئي وڃي.
وڌيڪ علامه صاحب جن لکن ٿا ته انهن غلط طريقن کي
بند ڪرڻ سان دولت چند ماڻهن جي هٿن ۾ نه رهندي
يعني ذخيره اندوزي يا دولت هڪ هنڌ گڏ نه ٿيندي ۽
دولت جي وارا ڦيريءَ جي ڪري معاشي خوشحالي ٿيندي.
حضرت علامه ڏاهري صاحب جن اقتصادي ۽ معاشي نظام جي
متعلق هيٺيون ڳالهيون نهايت اهم ڄاڻايون آهن، جيڪي
دين اسلام طرفان مقرر ٿيل اصول ۽ قاعدا آهن:
(1) حضرت علامه ڏاهري صاحب جن اهي چيزون جيڪي الله
تعاليٰ جي طرفان حرام ڪيل آهن جيئن ڪتو، سوئر
وغيره يا الله تعاليٰ جي نالي کان سواءِ ذبح ٿيل
جانور، مئل جانور (خشڪيءَ وارا) وغيره ۽ ناجائز
طريقي سان ڪمايل دولت جيئن چوري، رشوت، بليڪ
مارڪيٽنگ، ڪنهن جي مجبوري، ڪمزوري ۽ ناداري وغيره
جو فائدو وٺي حاصل ڪيل دولت يا جنهن ۾ ٺڳي ۽ شڪ
شبهي جو انديشو هجي ته اها به دولت حرام آهي، جهڙي
طرح:
هڪ ڀيري حضرت امام ابوحنيفه رحمة الله عليہ جن
پنهنجي غلام کي ڪپڙو وڪري لاءِ ڏنو ليڪن ڪجهه ڪپڙي
جي تاڪين ۾ ڪو عيب هو، ان متعلق امام ابو حنيفه جن
غلام کي سمجهايو ته جنهن کي مال ڏين ان کي ڪپڙي جي
عيب يا خرابيءَ کان ضرور واقف ڪجانءِ. جڏهن غلام
سمورو ڪپڙو ڏهن هزارن (000، 10) درهمن ۾ وڪرو ڪري
اچي امام ابوحنيفه جن کي ڏهه هزار درهم ڏنا ته
امام صاحب کانئس ڪپڙي جي عيب واري ڳالهه پڇي ته
غلام وراڻيو ته سائين اها ڳالهه مون کان وسري وئي،
ان ڳالهه تي حضرت امام ابوحنيفه اها سموري رقم، 10
هزار درهم ئي (شڪ هئڻ ڪري) غريبن، مسڪينن ۽ فقيرن
۾ تقسيم ڪري ڇڏي، اها آهي تقويٰ.
شراب ۽ جوا:
الله تعاليٰ قرآن مجيد ۾ شراب ۽ جوا کي ڪبيره
گناهه قرار ڏنو آهي، جنهن جي ڪري ڪيتريون ئي
خرابيون پيدا ٿين ٿيون. اسلامي معاشي نظام ۾ فضول
۽ نقصان پهچائيندڙ خرچ منع آهي. شراب پيڻ جي ڪري
فضول خرچ سان گڏ ڪجهه وقت لاءِ عقل جو ختم ٿيڻ ۽
صحت لاءِ خراب آهي، ان ڪري انسان جيڪو دولت
ڪمائيندڙ آهي، تنهن کي نقصان رسي ٿو ۽ جُوا جي ڪري
هڪ طرف ملڪيت جو (هارائڻ ڪري) زيان ۽ ضايع ٿيڻ آهي
۽ ٻئي طرف جهيڙن جهڳڙن جو سبب بنجي ٿي، ان ڪري ان
مان به انسان کي معاشي ۽ اخلاقي نقصان رسي ٿو
وغيره.
(3) وَحَرمَ الرِبٰو: الله تعاليٰ وياج کي پڻ حرام
قرار ڏنو آهي ۽ هر حالت ۾ وياج حرام آهي، ان ڪري
ڪنهن به طريقي سا وياج نه وٺجي. حضرت علامه ڏاهري
صاحب جن طبراني اوسط ۾ براءِ بن عازبه رضي الله
تعاليٰ عنہ جن کان روايت نقل ڪئي آهي ته رسول الله
صلي عليہ وسلم جن فرمايو ته:
اَلربا اِثنَانِ وَسَبعُون بَا بًا.
يعني وياج کائڻ جا 72 دروازا آهن.
اَدنَا هَا مِثلَ اَن يا تِيَ الرجلُ اُمہ. يعني
گهٽ ۾ گهٽ انهن ۾ ائين آهي ڄڻ مرد پنهنجي ماءُ
ڏانهن (زنا جي خيال کان) اچي ٿو.
ان لاءِ انڪري سختي ڪئي وئي آهي ته قرضدار اڪثر
ڪري مجبوريءَ جي ڪري قرض کڻندوآهي ۽ پوءِ هو اها
رقم ۽ ان جو وياج ادا نه ڪري سگهندو آهي. انڪري
هُو جيئن پوءِ تيئن معاشي طور ڪمزور ترين ٿي ويندو
آهي.
هونئن به ڪنهن جي ڪمزوري ۽ ناداري ۽ بيوسيءَ جو
فائدو وٺي (وياج جي ذريعي) دولت ڪمائڻ حرام آهي.
حضرت علامه ڏاهري صاحب جن اهڙي طرح ڪوڙي شاهدي
ڏيندڙ (ڪجهه رقم وٺي)، ڪوڙي وڪالت ڪندڙ وغيره کي
ساڳئي ڏوهه جو مجرم لکيو آهي. وڌيڪ علامه صاحب جن
لکيو آهي ته واپار لاءِ رقم وٺندڙ کان وياج وٺڻ
حرام آهي. اهو به چٽيءَ طرح سمجهائيندي ٻڌائين ٿا
ته اهو انڪري جو واپار ۾ نفعو يا نقصان پوندو مگر
وياج وٺندڙ وياج هر حالت ۾ وٺي ٿو. انڪري هيءَ
ڳالهه به معاشي طور نقصان وجهي ٿي، انڪري وياج
هرگز نه ورتو وڃي.
(4)
دولت چند هٿن ۾ نه اچڻ:
کَي لاَ يَکُونَ دُولةً بَينَ الاَ غنِيَاءِ منکم
”ائين نه ٿئي جو مال (دولت) صرف توهان جي دولتمندن
۾ ئي محدود ٿي ڪري رهجي وڃي.“
حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهريءَ صاحب جن
اسلام کان اڳ واري دولت جي تقسيم جو حوالو ڏيندي
لکيو آهي ته:
”اصحابن سڳورن به هٿ آيل مال مان حضور پاڪ صلي
الله عليہ وآلہ وسلم جن کي ان مال مان چوٿين حصي
کڻڻ لاءِ عرض ڪيو ته نبي پاڪ صلي الله عليہ وآلہ
وسلم جن فرمايو ته: ’الله عزوجل وٽ هيءَ شيءِ
پسنديده آهي ته معيشت جي وسائل جي تقسيم اهڙي طرح
ڪئي وڃي جو غريب ۽ امير کي برابر فائدو پهچي. ’هي
اصول اسلامي نظامِ حيات لاءِ روح روان آهي. اسلام
هي ٿو چاهي ته ملڪي وسائل صرف هڪ طبقي جي هٿن ۾
قابو نه رهن بلڪ اهو گهري ٿو ته انهن جو پکڙجڻ
زياده کان زياده ٿئي ۽ اسلام اهڙا قانون مقرر ڪيا
آهن جن سان سرمايي کي مخصوص هٿن ۾ رکڻ کان روڪيو
وڃي ۽ ان جي دائر اثر کي وسيع کان وسيع تر بنايو
وڃي، مطلب ته علامه صاحب جن بهترين نظام معاشيات
لاءِ رشوت، جوا، وياج، دولت جو چند هٿن ۾ جمع ٿيڻ،
حرام ڪم جي مزدوري وٺڻ، فرض عين جي اجرت وٺڻ، مجرم
جي وڪالت ڪري رقم حاصل ڪرڻ، فتويٰ تان پيسو وٺڻ،
انهن سڀني براين کي ختم ڪرڻ ڪامياب اسلامي نظام
معاشيات لاءِ ضروري آهي جن جي وڌيڪ وضاحت ڪندي
علامه ڏاهري صاحب جن ڄاڻائين ٿا ته:
(5)
صدقه واجب:
جهڙي طرح صدقه فطر وغيره ضرور ادا ڪرڻ گهرجن.
(6)
انفاق في سبيل الله:
اسلام مسلمانن ۾ انفاق في سبيل الله جو جذبو پيدا
ڪري ٿو ۽ خدا پاڪ جي راهه ۾ خرچ ڪري دنيا ۽ آخرت ۾
ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي ترغيب ڏئي ٿو. تاريخ گواه آهي
ته تقسيم دولت کي منصفانه ڪرڻ جو هيءُ هڪ موثر
ذريعو آهي.
(7)
وراثت:
يعني هڪ شخصن جي وفات تي ان جي دولت جي منصفانه
تقسيم ان جي پوري خاندان (وارثن) ۾ هڪ خاص ترتيب
سان ڪئي وڃي. (8)
العفو:
ويسئلونک مَافا يُنفِقونَ قُل اُلعَفوَ يعني پڇن
ٿا توکان ته ڇا خرچ ڪن؟ فرماءِ ته گهرج کان وڌيڪ
يعني ضرورت کان زياده الله جي راهه ۾ خرچ ڪيو.
اهڙي طرح قرآني تعليم پوري معاشري ۾ دولت جي تقسيم
جي ڪوشش ڪري ٿي. ان جي پاليسيءَ جا ٻه بنيادي اصول
آهن (1) فروغ پيداوار ۽ (2) دولت جي منصفانه
تقسيم، انهن مان ڪنهن به هڪ کي نظر انداز نه ٿو
ڪري سگهجي،
(9)
زڪواة:
زڪواة هر صاحبِ حيثيت مرد خواهه عورت تي فرض ڪئي
وئي آهي، جنهن جي ذريعي دولت مستقلاً اميرن کان
غريبن جي طرف منتقل ٿئي ٿي. هميشه ۽ اهڙي طرح ان
جي گردش پوري معاشري ۾ عمل ۾ اچي ٿي ۽ هيءَ ڪا
خيرات نه آهي بلڪ فقراء ۽ مساڪين جو حق آهي.
زڪواة ارڪان الاسلام جو چوٿون رڪن آهي، جنهن جي نه
ادا ڪندڙن سان حضرت ابوبڪر صديق رضي الله تعاليٰ
عنہ جن جنگ جو اعلان ڪرڻ فرمايو هو ۽ فرمايو
هئائون ته جيڪو نماز ۽ زڪواة ۾ فرق سمجهي ٿو، ان
سان منهنجي جنگ آهي. قرآن پاڪ ۾ اڪثر ڪري جتي نماز
جو ذڪر آهي ته اتي زڪواة جو به ذڪر آهي ۽ قرآن پاڪ
۾ هڪ سؤ کان وڌيڪ جاين تي زڪواة جو ذڪر آيل آهي.
حضرت علامہ مولانا محمد ادريس ڏاهري حوالو ڏيندي
لکيو آهي ته وَالذينَ يَکنِزونَ الذهَبَ وَالفضة
وَلاَ ينفقوا نهافِي سبيل الله فبشرهم بعذابهم.
جيڪي ماڻهو سون ۽ چاندي گڏ ڪري رکن ٿا ۽ الله پاڪ
جي راهه ۾ خرچ نه ٿا ڪن، انهن جي لاءِ اگر ڪا
بشارت آهي ته اهائي آهي ته (انهن کي) درد ناڪ عذاب
جي خبر ڏيو. حضرت علامه ڏاهري صاحب جن لکن ٿا ته
جيڪي ماڻهو رشوت ۽ ناجائز طريقن سان مال گڏ ڪن
ٿا، سون ۽ چاندي ڪٺي ڪن ٿا ۽ جيڪي ماڻهو جائز
طريقن سان حلال مال گڏ ڪن ٿا ليڪن الله جي واٽ ۾
خرچ نه ٿا ڪن ته پوءِ ٻئي برابر درد ناڪ عذاب جا
مستحق آهن. زڪواة آهي ئي صحيح ذريعن سان گڏ ڪيل
مال کي پاڪ ۽ صاف بنائڻ.
لابي عبيد پنهنجي ڪتاب ”الاموال“ ۾ هڪ واقعو بيان
ڪيو آهي ته:
هڪ ڏينهن حضرت عمر فاروق رضي الله تعاليٰ عنہ جن
هڪ وڻ جي هيٺان آرام فرمائي رهيا هئا ته هڪ بدو
عورت وٽن آئي ۽ کين چوڻ لڳي ته آءٌ هڪ مسڪين عورت
آهيان ۽ ٻارن ٻچن جي ماءُ آهيان، منهنجي
اميرالمؤمنين جي مقرر ڪيل زڪواة گڏ ڪرڻ ۽ تقسيم
ڪرڻ لاءِ محمد بن مسلم کي توهان سفارش ڪيو ته هو
اسان کي پنهنجو حق ڏئي، هن اسان کي ڪجهه به نه ڏنو
آهي، خدا توتي رحم ڪري اگر توهان مون سان گڏجي
هلندؤ ته منهنجو ڪم ضرور ٿيندو. (بدوعورت حضرت عمر
فاروق رضي الله عنہ جن کي نه سڃاڻندي ساڻن ڳالهائي
رهي هئي) حضرت عمر فاروق رضي الله تعاليٰ عنہ جن
پنهنجي غلام يرقاء کي سڏيندي چيو ته اَي يرقاء
محمد بن مسلم کي وٺي اچو ۽ غلام يرقاء محمد بن
مسلمه جن کي حضرت عمر فاروق رضي الله تعاليٰ عنہ
جن وٽ وٺي آيو ۽ محمد بن مسلمه اچڻ شرط چيو ته يا
اميرالمؤمنين اسلام عليڪم! اهو ٻڌي عورت شرمنده ٿي
(هيءُ ته اميرالمؤمنين خود آهي) پوءِ
اميرالمؤمنين، محمد بن مسلمه کي چيو ته هيءَ عورت
شڪايت ڪري ٿي، ته هن کي ڪجهه به نه مليو آهي ۽ خدا
پاڪ جي ذات توهان کان هن عورت جي باري ۾ پڇندي ته
توهان ڇا جواب ڏيندو؟ پوءِ محمد بن مسلمه کي هدايت
ڪيائين ته هلندڙ سال ۽ گذريل سال ٻن سالن جي زڪواة
هن عورت کي ڏي. ان بعد حضرت عمر فاروق رضي الله
تعاليٰ عنہ هڪ اُٺ گهرائي ان تي اٽو، گيهه ۽ ٻيو
ضروري سامان رکي ڏنو ۽ کيس خيبر اچڻ جو چيو. اتي
جڏهن اها عورت وئي ته 2 اُٺ ضروري سامان سان ان
عورت کي ڏنا ويا ۽ کيس چيو ويو ته ان کي جلدي ٻن
سالن جو حساب ڪتاب ملي ويندو ۽ ان عورت کي ٻن سالن
جو حساب ڪتاب ملي ويو.
حضرت علامه ڏاهري صاحب جن آخر ۾ چيو آهي ته ڪاش!
جيڪڏهن اسلامي حڪومت هجي ۽ هن اسلامي معاشيات جي
نظريي تي عمل ڪيو وڃي، سڄي دنيا کي عمل جو درس
ڏيئي ثابت ڪريون ته معاشي بدحاليءَ مان جيڪڏهن
دنيا کي ڪڍڻو آهي ته پوءِ اسلامي معاشي اصولن تي
ئي هلڻو پوندو.
ڏٺو وڃي ته دنيا جا اقتصادي ماهر معاشيات جي علم
کي سمجهائڻ ۾ ناڪامياب ويا آهن. جيئن آدم سمٿ چيو
ته
"Economics is An enquiry in to the nature and
causes of wealth of Nations.
آدم سمٿ
Adam Smith
هن علم کي صرف دولت جو علم سڏيو ۽ هن ان متعلق
پنهنجو ڪتاب
"Wealth of Nations"
1776ع ۾ لکيو جيئن ته هي ڪتاب بنيادي حيثيت رکي
ٿو، ان ڪري
Adam smith
کي ”اقتصاديات جو
ابو“ سڏيو وڃي ٿو. هن جي نظريي جي رڪاردو
Ricardo،
سينئر
Senior
۽ جان مل
John Mill
حمايت ڪئي ليڪن ان دور يعني 18 صدي عيسوي جي مشهور
اديبن ۽ شاعرن ڪارلائل
Carlyle
رسڪن
Ruskin،
ڪالرج
Coleridge
آدم سمٿ جي اقتصادي وصف تي سخت نڪتچيني ڪئي ۽ ان
وصف کي رد ڪيو ۽ ان کي يعني بيڪار ۽ اونداهون
سڏيو. ان بعد وري مارشل
Marshal
پيگو
Pigou
۽ ڪينن
Cannan
چيو ته:
As a science of material welfare
يعني معاشيات مادي فلاح ۽ بهبود جو علم آهي. هنن
چيو ته معاشيات جو واسطو صرف ان انساني فلاح
بهبودي سان آهي جنهن جو تعلق صرف دولت سان هجي يا
جنهن کي دولت جي ماڻ سان ماپي سگهجي.
هنن تي به ايل رابنس
L. Robbins
نڪتچيني ڪندي چيو ته: هنن انساني عملن جي تقسيم
مناسب ۽ صحيح نه ڪئي آهي. هن انهن جي وصف کي بيڪار
سمجهندي پنهنجي وصف
Definition
ڏني آهي ته:
"Economics is the science which studies humain
behaviour as a relation ship between ends and
seare means which have Alternative uses (1931)
معاشيات علم انسان جي ان چال چلت يا نموني
Behaviour
جو علم آهي، جنهن موجب هو پنهنجون غير محدود
گهرجون، محدود ذريعن سان پوريون ڪري ٿو ۽ هو
پهريائين اهم ۽ پوءِ غير اهم گهرجون پوريون ڪري
ٿو.
يعني
L.Robbins
معاشيات کي غير محدود گهرجن ۽ محدود ذريعن جو علم
سڏيو آهي هن جي تائيد وڪسٽيڊ
Wicksteed
۽ اسٽگلر
Stigler
ڪئي آهي ليڪن ايل رابنس جي وصف
Definition
تي ڊربن
Durbin،
فريسر
Fraser،
ووٽن
Wooton
۽ بوريج
Beveridge
نڪتچيني ڪئي آهي.
مطلب ته معاشي نظام متعلق معاشيات جا ماهر ڪنهن به
هڪ ڳالهه تي متفق نه آهن ۽ هنن هڪ ٻئي جي نظريي جي
مخالفت ڪئي آهي ليڪن اسلامي اقتصادي نظام کي 14
صدين کان وڌيڪ عرصو گذرڻ بعد به ڪنهن به اسلامي
اسڪالر يا اقتصادي ماهرن جي مخالفت نه ڪئي آهي.
علامه ڏاهري صاحب جن اسلامي معاشي نظام جي تعريف
عالمانه انداز ۾ پيش ڪئي آهي، سا نهايت اهم، پراثر
۽ ڪارائتي آهي، علامه ڏاهري صاحب جن جي معاشيات جي
وصف
Definition
مواد
Subject matter،
دائره
Scope،
معاشي قاعدا
Economic laws
طريقا
Methods
اهميت
Importance
وغيره تي تمام بهتر نموني لکيو آهي.
انگريز اقتصادي ماهرن اقتصاديات کي انسان جي مادي
فلاح ۽ بهبود جو علم سڏيو آهي ۽ چيو آهي ته
معاشيات جو اخلاق سان ڪوبه تعلق نه آهي. هنن دولت
کي هڪ جاءِ (چند ماڻهن جي هٿن ۾) تي ڪٺي ٿيڻ کان
بچائڻ جو ڪو به موثر طريقو نه ٻڌايو آهي ليڪن
علامه ڏاهري صاحب جن اهڙا ته مؤثر طريقا ٻڌايا آهن
جن تي عمل ڪرڻ سان دولت جو چند هٿن ۾ رهجي وڃڻ جو
سوال ئي نه ٿو پيدا ٿئي بلڪ هر ماڻهو پنهنجو وقت
سٺو ۽ آرام سان گذاري سگهي ٿو.
علامه صاحب جن پيداوار
Production
۽ ان جا ذريعا
Factors
وغيره حقيقي ۽ اخلاقي معنيٰ ۾ بيان ڪري معاشيات ۾
دولت، مادي فلاح وبهبود وغيره سان گڏوگڏ صحيح ۽
غلط طريقن جي وضاحت، تعليم ۽ تربيت، اخلاقيات،
عزتِ نفس، انصاف ۽ محنت وغيره کي نظر ۾ رکيو اٿن.
علامه صاحب جن جا بيان ڪيل اسلامي معاشي نظام جا
اصول ۽ قاعدا:
نظام قدرتي حرام شين
(ii)
ناجائز طريقي سان حاصل ڪيل مال دولت جيڪو پڻ حرام
آهي.
(iii)
فضول ۽ نقصان پهچائيندڙ خرچ جهڙي طرح شراب ۽ جوا
وغيره
(iv)
وَحَرمَ الربٰو يعني ڪنهن جي مجبوري جو فائدو وٺي
ان کي ڪجهه رقم ڏئي ان تي وياج وٺڻ کي به سخت حرام
ڏنو ويو آهي.
(v)
دولت کي چند هٿن ۾ ڪٺي ٿيڻ کان بچائڻ. بيان ڪيا
آهن ۽ ان کان سواءِ صدقه واجب، انفاق في سبيل
الله، وراثت، والعفو بيان ڪيا آهن ۽ معاشري ۾ دولت
جي تقسيم جا ٻه بنيادي اصول ٻڌايا آهن: (1) فروغ
پيداوار (2) دولت جي منصفانه تقسيم.
علامه صاحب جن ٻڌايو ته انهن مان ڪنهن به هڪ کي
نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي ۽ زڪواة جو نظام پڻ ڏنو
آهي جيڪا پڻ دولت جو هڪ هنڌ ڪٺي ٿيڻ کان بيان جو
اهم اصول آهي. هيءُ ته آهي صرف مون رسول بخش
گچيرائي جهڙي ناچيز نهايت گهٽ علم واري جو تفسير
جو مختصر اقتصادي مطالعو، پر جيڪڏهن ڪو عالم دين
علامه ڏاهري صاحب جن جي قرآني اقتصادي آيتن جو
تفسير پڙهي، ڪجهه لکي، ته خبر نه آهي ته ڇا لکي ۽
علامه صاحب جن لاءِ ڇا لکي؟
بهرحال اسان جي ملڪ ۾ شل اسلامي حڪومت اچي ۽ هن
تفسير ۾ بيان ڪيل اقتصادي نظام تي عمل ڪيو وڃي ته
هوند اسين، نه صرف پنهنجي ملڪ کي اقتصادي طور خود
ڪفيل بنائي ڇڏيون بلڪ پوري دنيا جا اقتصادي استاد
بنجي بين الاقوامي ترقي ۽ خوشحالي آڻي ڇڏيون.
هيءُ آهي اسلامي معاشي نظريو جيڪو حضرت علامه
مولانا محمد ادريس ڏاهري جن قرآني تعليمات جي
روشنيءَ ۾ پنهنجين مدبرانه صلاحيتن سان پنهنجي
سنڌي تفسير ”احسن البيان في تفسيرالقرآن“ ۾ پيش
ڪري اسلامي دنيا لاءِ نمايان خدمت سرانجام ڏني اٿن
بلڪ پوري دنيا لاءِ هيءُ نهايت مفيد معاشي نظام
آهي. جهڙي طرح برطانيه جي هڪ مفڪر برناڊشا چيو هو
ته: پوري دنيا اهڙن ته مسئلن ۾ گهيرجي ويندي جو هو
اسلام نه قبول ڪندي به محمدي نظام (اسلامي نظام)
جي اصولن تي مجبور ٿي عمل ڪندي.“
ساڳئي وقت هڪ ٻئي اقتصادي ماهر هائٽري جو پڻ چوڻ
آهي ته ”اقتصاديات کي اخلاقيات
(Ethics)
کان ڌار نه ٿو ڪري سگهجي ڇو ته موجوده دور ۾
اقتصاديات جو مقصد ئي آهي انساني فلاح ۽ بهبودي.“
انڪري اخلاقي پهلو کان سواءِ انساني فلاح بهبودي
ناممڪن آهي بلڪ اقتصادي نظام سان وڏو ظلم آهي جو
اخلاقي پهلو کي نظرانداز ڪيو وڃي. هائٽري ۽ موجوده
دور جا ڪافي ماهر جيڪي اقتصاديات کي انساني فلاح ۽
بهبودي جو علم سڏين ٿا، جن کي
Welfare School
وارا ماهر چيو وڃي ٿو، تن جي لاءِ آهي ته
اقتصاديات جو اخلاقيات سان نهايت گهرو تعلق آهي ۽
اقتصاديات اخلاقي قدرن کان سواءِ هڪ بيڪار علم ٿي
پوندو.
ڏٺو وڃي ته موجوده دور ۾ برناڊشا جي قول مطابق
يورپي اڳوڻا اقتصادي ماهر جيڪي چئي ويا ته
اقتصاديات جي اخلاقيات سان ذري جو به واسطو نه آهي
تن کي رد ڪندي هائٽري ۽ ٻيا
Welfare School
جا اقتصادي يورپي ماهر محمدي (اسلامي) معاشي نظام
جي طرف مائل ٿيندي نظر اچن ٿا، جنهن نظام متعلق
علامه ڏاهري صاحب قرآني آيتن ۽ حديثن جي روشني ۾
معاشي نظام جا سونهري اصول مرتب ڪري پنهنجي تفسير
۾ لکيا آهن.
اقتصاديات جو مقصد ئي آهي انسان جي ڀلائي ۽ بهبودي
حاصل ڪرڻ، بک، بي روزگاري ۽ غربت کي تڙي ڪڍڻ،
تنهنڪري ان کي ڪنهن به طرح سان اخلاقيات (اسلامي
اصول) کان ڌار ڪري نه ٿو سگهجي. واپار، ٽئڪس
پاليسي ۽ ٻي هر ڪا اقتصادي پاليسي ٺاهڻ ۾ اخلاقي
قدرن ۽ اخلاق کي سامهون رکي فيصلا ڪيا ويندا آهن
ته جيئن عام ماڻهوءَ جو ڀلو ٿئي. ڇاڪاڻ ته موجوده
دور ۾ اقتصاديات جو علم هڪ محدود ۽ هڪ ذاتي فائدو
ڏيندڙ علم بجاءِ هڪ وسيع قومي خوشحالي ۽ عام فائدو
ڏيندڙ علم ٿي پيو آهي، انڪري اخلاقيات سان هن علم
جو نهايت گهاٽو، گهرو بلڪ اڻٽٽ تعلق ٿي چڪو آهي.
حضرت علامه ڏاهري صاحب جن جي مرتب ڪيل قرآني آيتن
۽ حديثن جي روشنيءَ ۾ اقتصادي انصاف وارن اصولن ۽
قاعدن تي عمل ڪرڻ، روزي حاصل ڪرڻ واري جي رزق کي
رزق حلال سڏجي ٿو جنهن جي کائڻ سان انسان ۾ هڪ نور
پيدا ٿيندو آهي، جنهن سان بداخلاقيءَ کان نفرت،
سهڻن اخلاقن ڏانهن رغبت، عبادت ۾ شوق: ۽ دعا قبول
ٿيندي آهي. حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري جن
پهرين جلد ۾ شروعات ۾ بيان ڪيل ماخذ تفسير کان
سواءِ مختلف تفسير، ڪتاب ۽ عربي لغتون جن جو تعداد
74 آهي.
انهن مان پڻ دليل ۽ وضاحتون اخذ ڪرڻ فرمايون آهن ۽
وڏي ڳالهه ته علامه صاحب جن ترجمن جي ڳالهه به
نهايت وضاحت سان ڪئي آهي ۽ مختلف الفاظن جي لغوي
معنيٰ، اصطلاحي معنيٰ ۽ صرف نحو جي قاعدن سان صحيح
ڪرڻ فرمائي غلط معنيٰ ڪندڙن کي ٻُنجو ڏئي ڇڏيو آهي
ڇو ته اڄڪلهه ٿوري عربي ڄاڻندڙ ماڻهو به ترجمو ڪن
ٿا جيڪو اڪثر ڪري غلط هوندو آهي.
هن پهرين جلد ۾ حضرت علامه ڏاهري صاحب: قرآن پاڪ
جي فياضي، مسلمانن کي عالمانه طريقي ۽ درد سان
تنبيهه، تفسير جا فضائل عربي ادب، امت کي متحد
رکڻ، قرآن پاڪ مڪمل ضابطه حيات، قرآني علوم، تعليم
و تربيت، قرآن مجيد جي تلاوت جو صحيح طريقو، صاحبِ
قرآن جي فضيلت، اوقاف ۽ رموز جي سمجهاڻي، نعوذ ۽
بسم الله جي سمجهاڻي ۽ فائدا، سورة فاتحه جا نالا
۽ تشريح نهايت واضح نموني بيان ٿيل آهن، آيتن جو
شان نزول، سورة بقره جو تعارف، فضيلتون ۽ فائدا،
نماز ۽ ان جا فائدا ۽ برڪتون، آخرة جو عقيدو،
انسان جي پيدائش مطلب ۽ معنيٰ وغيره، نبي سڳورن جو
معصوم هجڻ، ڪامياب زندگي گذارڻ جا طريقا، ملائڪ،
سحر، ان جا احڪام ۽ شرعي ڪم، حضور پاڪ صلي الله
عليہ وآلہ وسلم جن جي والدين ڀلارن جن جي ايمان جو
بحث، اولاد صالح لاءِ دعا، مقام ابراهيم عليہ
اسلام جن جو شان، معاشرتي ۽ تمدني اعتدال، باطني
علوم، صبر، شڪر، شهيدن جي زندگي، حج وعمرو، ڪفر جا
نمونا، اقتصادي نظام، حلال حرام ۾ تميز، روزو،
زڪواة، بزرگن جو مزارن مان به فيض جو جاري رهڻ،
ٻين نبين جو ذڪر، مرتد، شراب جي ممانعت ۽ سزائون،
عورتن جا حقوق ۽ فرائض، شفاعت، پوک ڪرڻ هڪ بهترين
عمل، پنڻ کان ممانعت، وياج ۽ ان جون سزائون، سڀني
مسئلن کي نهايت دليلن سان سمجهايل آهي ۽ ڪٿي ڪٿي
ته سوال ڪيل آهن جن جا حضرت علامه صاحب جن جواب
ڏيڻ فرمايا آهن جيڪي قرآني آيتن، حديثن ۽ ٻين
تقسيرن وغيره مان دليلن سان ڏنل آهن، مطلب ته هر
ڳالهه کي نهايت آسان ۽ عام فهم ٻوليءَ ۾ سمجهاڻي
ڏني وئي آهي، حضرت علامه صاحب جن قرآن پاڪ جي سوره
بقره مان متقين لاءِ هدايت بيان ڪندي متقين جون
وصفون ٻڌائيندي غيب جي علم جي نهايت آسان سمجهاڻي
ڏني اٿن. پاڻ لکن ٿا ته جيڪا شيء پنجن حواسن سان
حاصل نه ٿي ٿئي، اها غيب آهي، جيئن وحي ملائڪ،
قيامت، جنت ۽ دوزخ ۽ خود الله تعاليٰ جي ذات پاڪ
آهي جي پنجن حواسن سان نه ٿيون سڃاپجن (معلوم
ٿين). ان کي علم غيب سڏجي ٿو ۽ ان جي سڃاپڻ جو صرف
هڪ ئي ذريعو آهي ۽ اهو آهي حضرت محمد مصطفيٰ صلي
الله عليہ وآلہ وسلم جن جي ذات پاڪ ۽ سندن زبان
مبارڪ (يعني فرمان) جيڪو حق جي ترجمان کان ظاهر
ٿئي. اسان جو ان تي يقين محڪم آهي ۽ پڪو عقيدو آهي
۽ ان غائبانه ايمان کي تقويٰ جو پهريون شرط قرار
ڏنو ويو آهي.
رزق جي متعلق حضرت علامه صاحب جن پنهنجي تفسير ۾
لکن ٿا ته رزق ان بخشش کي چئبو آهي جيڪا مومن لاءِ
هڪ ڀيري جاري ٿي، پوءِ اها دنيوي هجي يا آخروي.
لغت ۾ رزق جي معنيٰ آهي، ڀاڱو يا بخشش. علامه صاحب
مال، اولاد، علم ۽ معرفت سڀني (شين) کي رزق ۾ شامل
ڪيو آهي ۽ الله تعاليٰ جي طرفان ئي اهي سڀ شيون
عطا ٿيل آهن. وڌيڪ لکن ٿا ته الله تعاليٰ ان ٻانهي
کان خوش آهي جيڪو ان (پنهنجي رزق مان) مان ٻين
مستحقن کي ڏيندو رهي ۽ بخيلي نه ڪري. دولتمند دولت
ورهائي، عالم علم ورهائي ۽ روحاني درياه ۾ ٽٻيون
هڻندڙ عارف روحاني فيوضات ۽ برڪات جا موتي ۽ هيرا
فقيرن (طالبن) کي ڏئي مالا مال ڪري.
حضرت علامه صاحب جن ڪعبته الله شريف ۽ قبلي متعلق
لکيو اٿن ته حضرت آدمعليہ السلام کان
حضرت نوحعليہ السلام تائين ڪعبة الله
شريف ئي مسلمانن جو قبلو هو ۽ وري حضرت ابراهيمعليہ
السلام ۽ حضرت اسماعيلعليہ السلام
ساڳيو ئي قبلو ٺاهيو ليڪن بني اسرائيل وارن لاءِ
بيت المقدس قبلو بنيو. وڌيڪ لکن ٿا ته: دنيا جا ڪي
ماڻهو اولهه ته ڪي اوڀر ته ڪي وري اتر ته ڪي ڏکڻ
طرف يعني جنهن کي جنهن طرف ڪعبة الله شريف آهي،
اهو ان طرف منهن ڪري نماز پڙهي ٿو. حضرت محمد
مصطفيٰ صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن به پهريان بيت
المقدس ڏانهن منهن ڪري نماز پڙهندا هئا ليڪن جنهن
وقت حضور پاڪ صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن بني سلمہ
جي مسجد شريف ۾ نماز ادا ڪري رهيا هئا ته کين حڪم
رباني ٿيو ته پاڻ ڪريم (صلي الله عليہ وآلہ وسلم)
جن ڪعبة الله ڏانهن منهن ڪري نماز پڙهن (اهو رجب
جو مهينو هو) ۽ حضور پاڪ صلي الله عليہ وآلہ وسلم
جن ان ئي نماز ۾ ڪعبة الله شريف ڏانهن پنهنجو چهرو
مبارڪ ڪرڻ فرمايو، انڪري ان مسجد کي مسجد قبلتين
سڏيو ويو. علامه صاحب جن مسلمانن ۽ مومنن کي
تنبيهه ڪندي فرمايو آهي ته:
خبردار!
(i)
نفس جو قبلو دنيا ۽ دنيا جو سينگار آهي.
(ii)
شيطان جو قبلو گناه ۽ بدڪاري آهي.
(iii)
قلب جو قبلو ايمانداري ۽ تقويٰ آهي
(iv)
روح جو قبلو الله تعاليٰ جي اطاعت ۽ فرمانبرداري
آهي. پوءِ مومن کي گهرجي ته پنهنجي دل، دماغ، روح،
خيال ۽ اعمال جو قبلو روحاني ۽ قلبي قبلي ڏي ڪري
عبادت ڪرڻ گهرجي ۽ نيڪيءَ ۾ اڳرائي ڪن ته جيئن مٿن
معرفت جا انوار وهندا رهن ۽ حقيقت سامهون ڏسندا
رهن.
عبادت متعلق علامه صاحب جن لکن ٿا ته: هڪ ڀيري
حضرت جبرئيلعليہ السلام، حضور پاڪ صلي
الله عليہ وآلہ وسلم جن کان سوال ڪيو ته: ”اخباني
عن الاحسان“ يعني يا رسول الله صلي الله عليہ
وآلہ وسلم مون کي ٻڌايو ته احسان ڇا آهي؟ ته پاڻ
سڳورن صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن فرمايو ته ”ان
تعبدالله کَانّک تَراه فَان لم تَکن تَراهُ فَانہ
يراک؟“
يعني الله تعاليٰ جي اهڙي عبادت ڪر ڄڻ ته ان کي
ڏسين پيو، پوءِ جيڪڏهن تون ان کي نه ٿو ڏسين ته
اهو ته توکي ڏسي ٿو . اهڙي طرع عبادت (نماز)
عمادالدين ۽ مومن لاءِ معراج آهي. علامه صاحب جن
هر ڳالهه کي نهايت آسان ۽ واضح نموني سان پنهنجي
تفسير ۾ سمجهائي آهي ۽ کولي بيان ڪئي آهي ۽ ترتيب
سان. جهڙي طرح سوره بقره جون پهريون پنج آيتون
مومنن ۽ بزرگن لاءِ ۽ پوءِ ٽي آيتون ڪافرن لاءِ
يعني ڪافرن جي حالت ۽ نتيجي متعلق ڏنل آهن. ان
کانپوءِ ٻه آيتون منافقن لاءِ ۽ فساد برپا ڪندڙن
لاءِ آيل آهن.
هي آهي علامه صاحب جن جي تفسير
”احسن البيان في تفسير القرآن“ جلد پهرين جو مختصر
مطالعو، باقي جيڪڏهن ڪو صاحب علم و بصيرت علامه
صاحب جي هِن عظيم تفسير جو مطالعو ڪري تفسير ۽
صاحبِ تفسير تي لکي ته ڪئين دفتر لکجي وڃن.
مٿيون معاشي نظام ۽ ان جي وصف ۽ تعريف
متعلق جيڪو تقابلي جائزو ورتو ويو آهي، ان
لاءِ علامه صاحب جن جي تفسير کان سواءِ
هيٺين ڪتابن جو مطالعو ڪيو ويو:
|