سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2۽3/ 2017ع

باب:

صفحو:18 

رکيل مورائي

 

 

 

سنڌيءَ جو  بيمثال شاعر مشتاق باگاڻي

 

هيءُ اهو دور هو جڏهن مذهب جي مقدس نالي تي جڙيل هن ملڪ جي بادشاهي مسند تي، پاڻمرادو بڻيل، اميرالمومنين، جنرل ضياء ويٺل هو، هن جي آمريت جيتري خوفناڪ هُئي، سنڌي ماڻهن سميت سنڌي اديبن جو ايترو ئي حوصلو بلند هو. هُو پنهنجي آبرودار جياپي جي جنگ وڙهي رهيا هئا.

اسين ٻارڙا هُئاسين، سياسي ڪارڪن بڻجڻ جي شوق ۾ هئاسين، پر ان کان وڌيڪ شاعر بڻجڻ جو جنون طاري هو، ڪتاب فقط سياسي پڙهبا هئا، اهي اسان لاءِ سڀ ڪجهه هئا، ان کانپوءِ سنڌي ادبي سنگت جون گڏجاڻيون هيون جيڪي ان وقت اسان جي استاد شاعر سائين راشد مورائي جي درس روڊ واري اوطاق تي ٿينديون هيون.

سائين راشد جي هيءَ ننڍڙي اوطاق موري جو علمي ۽ ادبي مرڪز هوندي هئي، شايد اڄ تائين آخري مرڪز به اهو ئي هو، بهرحال سنگت جون گڏجاڻيون اتي ٿينديون هيون ۽ اسان ڪنهن به هفتي گسائڻ کان سواءِ انهن ۾ شريڪ ٿيندا هئاسون.

ڪڏهن ايئن ٿيندو هو ته گڏجاڻي شروع ٿيڻ کان اول يا گڏجاڻي هلندي، ان وقت جي اعليٰ ذوق ۽ گهڻي ڀاڱي خوشحاليءَ جي علامت بڻيل، ڊبل سائلنسر موٽر سائيڪل زوڪاٽ ڪري اچي سائين راشد جي اوطاق آڏو بيهندي هئي، ان مان هڪ شخص لهي اوطاق ۾ هليو ايندو هو، هن شخص جو حُليو ڪجهه هن طرح جو هوندو هو:

اڪثر  اڇا ڪپڙا يا بوسڪي ڪلر وڳي ۾، مٿي تي خالي نراڙ کان پوئتي ٿيندڙ وارن کانپوءِ گهاٽا ٿيندڙ ڪارا نڀور وار، بوڇڻ ڪلهي تي، سٺا سلائي ٿيل، ۽ بنهه اڍنگهي نموني پاتل ڪپڙا، پيرن ۾ ڪارو سليپر، رنگ اڇاڻ ڏانهن مائل، گول، معصوم ۽ مرڪندڙ شرارتي اکيون، چپن تي مٺڙي مرڪ ۽ انهن مٿان ڪاريون نڀور مٿئين چپ کي ڍڪي ڇڏيندڙ سڌَ ۾ ڪٽيل مڇون. هُو جيڏو تڪڙو ايندو هو، اوترو تڪڙو راشد سان ڪچهري ڪري هليو ويندو هو، وري مهينو  کن هُو ڏسڻ ۾ نه ايندو هو. غالباً ان وقت سندس نوڪري لاڙ واري پاسي هوندي هئي. اهو سڀ سندس ڪتاب ”لاڙ جا ڏينهن، لاڙ جون راتيون“ ٻڌائي ٿو. ٻيءَ طرح مشتاق جي شاعريءَ تي لاڙ پَٽَ جي تهذيب، ثقافت، ٻوليءَ ۽ ماحول جو ايترو ئي اثر ڏسي سگهبو جيترو ساهتي پرڳڻي جي تهذيب، ثقافت، ٻوليءَ ۽ ماحول جو، جنهن ڪري ئي هن جي دوستيءَ جو حلقو لاڙ طرف وڌيڪ رهيو آهي. هونئن مشتاق سڄي سنڌ گهميل آهي، خاص طور درياء جا ٻئي ڪپر، ڪچو ۽ سنڌ جا ٻيلا سندس گهر جيان ئي رهيا آهن. ممڪن آهي ته هن گهر ۾ ايترا ڏينهن نه گهاريا هجن جيترا هن ڪچي ۽ ٻيلن ۾ شڪار ڪندي گذاريا هجن.

هُو اڪثر ڳالهائيندو پاڻ ئي هو، ٻئي کي گهٽ ٻڌندو هو، هڪ سادو بُڪ اڪثر سندس هٿ ۾ هوندو هو، اڪثر ٽهڪ ڏيڻ سان گڏ پنهنجي همعمر ۽ همعصر دوستن سان تاڙي ملائي ڳالهائيندو هو، پر اسان نوجوانن تي هُن ڪڏهن به فلڪ نه آندي، جنهنڪري اسان سندس ويجهو ڪو نه وڃي سگهياسين، پر هڪ ڳالهه شدت سان محسوس ٿيندي هئي ته هُو هڪ غير روايتي شخص ضرور آهي، جيتوڻيڪ هُو شاعر به آهي، اهو پتو سندس حُليي مان اڄ به پرکي نه سگهبو.

مون کي ياد آهي ته هن جي اکين جي گهُور اهڙي غضبناڪ هوندي هئي ( ۽ اڄ به آهي) جو هُو جڏهن اک ٽيٽ ڪري ڏسندو هو ته مون کي محسوس ٿيندو هو، سندس گهور منهنجي آرپار وڃي رهي آهي. هُن جي مزاج جي خبر، گهڻو اڳتي هلي مون کي تڏهن پئي جڏهن مون آسڪر وائلڊ جو ڪتاب ”پِڪچر آف ڊورين گري“ ۽ ان تي لکيل سندس تعارف پڙهيو، ڪيئن به هجي، پر هن جو ان ئي سال هڪ ڪتاب ڇپيو ”هو جي ٻول ٻُريا“، شاعر طور سندس ڪتاب تي نالو لکيل هو- مشتاق باگاڻي.

ائين هيءُ غير روايتي شخص، منهنجي اکين اڳيان مشتاق باگاڻي ٿي ظاهر ٿيو. ان بعد به هُو سنگت ۾ ڪڏهن ڪڏهن ايندو هو، پر اڪثر هُن تنقيدي ويهڪ ۾ ڪڏهن به پنهنجو شعر نه پڙهيو .گهٽ ۾ گهٽ مون کي ياد ڪونهي. هُو شاعريءَ تي ڳالهائيندو ضرور هو ۽ اسان کيس فقط ڏسندا ئي رهندا هئاسين.

ها! سنگت جي گڏجاڻيءَ کان سواءِ هُو ڪيترن موقعن تي سائين راشد سان پنهنجي شعرن تي ڊگها ڊگها بحث ڪندو هو، ڪي صلاحون وٺندو هو ۽ وري چڱو عرصو اسان کيس ڏسڻ لاءِ سڪندا هئاسون.

هو جي ٻول  ٻريا مشتاق باگاڻيءَ جو پهريون شاعراڻو ڪتاب هو، جنهن ۾ وايون هيون، ايئن هُو منهنجي لاءِ هڪ دل گهُريو شاعر ٿي سامهون آيو ڇاڪاڻ ته ان وقت مان فقط وايون ئي لکندو هئس، منهنجي اڄ جي وقت تائين پسند جي صنف وائي آهي.

هن ڪتاب مشتاق باگاڻيءَ کي کڻي ورتو ۽ هو اهڙو شاعر ٿي اُڀريو، جنهن ان وقت لکندڙن جي هڪ پوري نسل کي بيحد متاثر ڪيو. سندس هن ڪتاب جو اندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو ته، هن جي هڪ وائي مها ڪوي شيخ اياز پنهنجي هڪ ڪورٽ ڪيس ۾ پڻ حوالي طور استعمال ڪئي هُئي.

ريڍارن جو رتُ،

تو جو ڀانيو ڀت،

ٺاري ٺاري کائجان.

هن جهڙو وائيءَ جو لهجو، مشتاق ئي متعارف ڪرايو، سندس هڪ مشهور وائي جنهن تائين سندس ڪتاب جو نالو ” هو جي ٻول ٻُريا“ کنيل هو، اها خود بيحد خوبصورت وائي آهي.

هو جي ٻول ٻريا،

هو جي ڦٽ فراق جا،

ڪيڏو ڪالهه ڪريا،

هو جي ٻول ٻريا.

ناتر تنهنجي نينهن جا،

ڇٽل   جهير    جهريا،

هو جي ٻول ٻريا.

        مشتاق جي هن واين جي ڪتاب جي ٻولي اهڙي هئي جيڪا ڪلاسيڪل ۽ اڄ جي دور جي وچ وارو رستو وٺي هلي رهي هئي. هُو جڏهن پنهنجون وايون پڙهندو آهي ته سنڌ جي سونهن اکين اڳيان ڦرڻ لڳندي آهي. ساڳئي وقت سندس چهري جا لاها چاڙها هڪ ڪامل اداڪار جي ساک ڀريندا آهن. تڪڙي منهن تي مرڪ، تڪڙي سنجيدگي ۽ تڪڙي غصي گاڏڙ دهمان، هُو سدائين پاڻ وٽ رکندو هو. تڪڙ هن جي هر عمل مان ظاهر ٿيندي هئي، شايد سندس مزاج جي اها تڪڙ ئي هئي، جنهنڪري هو تڪڙو ادب کان پري گهڻو پري هليو ويو.

مون کي سندس هڪ ٻي خوبصورت وائي پڻ وڻندي آهي، جنهن جو ذڪر منهنجي هڪ کان وڌيڪ لکڻين ۾ ورجائجي ويو آهي.

                سج لٿي کان پوءِ،

                جرڪيو جوڻا لوءِ،

ميڙا ٿيا مچ تي.

        ائين مان ڀانيان ٿو ته، ان وقت جيڪا وائي مشتاق لکي ۽ سنڌي شاعريءَ کي ڏني، اها پنهنجو مٽ پاڻ ئي هئي، جڏهن ته سندس همعصرن جو چڱو ئي تعداد ان وقت وائي لکندڙ هو پر سندس وائي گهڻي حد تائين نرالي هئي يا مون کي ائين ڀاسندو آهي.

ڪيئن به هجي سندس ان دور ۾ ڪتاب جنهن تيزيءَ سان ڇپيا، اهو ڏهاڪو گذرندي، هُو ايترو ئي تيزيءَ سان  ادب کان پري ٿيندو ويو جو پتو ئي نه پيو. ايئن هو پنهنجا ڪتاب لکڻ ۽ دنيا جهان جو ادب پڙهڻ ۾ ته مصروف رهيو، پر سندس ڪو به ڪتاب منظر تي نه آيو ۽ هُو پڪ سان نئين پڙهندڙ جي اکين کان اوجهل ٿي ويو ۽ اڄ تائين اوجهل آهي. سندس اها غير موجودگي سنڌي شاعراڻي ادب لاءِ سٺو سنوڻ نه هئي ۽ نه آهي.

هونئن سندس ڇپيل ڪتاب ڪجهه هن طرح آهن:

1.   اجهاڻل آس                           (ڪهاڻيون)  1973ع

2.  هو جي ٻول ٻُريا                      (شاعري) 1982ع

3.  لڙهندڙ ونجهه، اُٻهريون لهرون   (شاعري)  1982ع

4.  هُو جي پهڻ پٻ جا         (شاعري) 1982ع

5.  لاڙ جا ڏينهن، لاڙ جون راتيون (يادگيريون) 1983ع

ياد رهي ته مٿين سڀني ڪتابن کي پاڪستان رائٽرس گلڊ، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن، پريس ڪلب ٺٽي ۽ سنڌالاجي پاران انعام مليا آهن. ڪنهن به تخليقي ليکڪ لاءِ ايترا اعزاز گهڻا آهن ۽ هونئن به تخليقي ليکڪُ انعام يا اوارڊ جو محتاج ڇو هجڻ گهرجي.

سندس اڻڇپيل ڪتابن ۾ اهو شاعراڻو ڪتاب به آهي، جنهن تي اياز جي خواهش هئي ته هو مهاڳ لکي، ان جو نالو آهي، ”ڪاري رات اتر ۾ ڪانڀو“ جيڪا سِٽَ مها ڪوي شيخ اياز جي هڪ مشهور گيت تان کنيل آهي، جنهن جي ئي هڪ پد کي کڻي اياز پنهنجي چئن جلدن ۾ بيمثال آتم ڪٿا لکي هئي، جنهن جو نالو آهي ” ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر“.

اهو گيت جو هڪ بند هيئن آهي:

ڪاري رات، اتر ۾ ڪانڀو،

اڳيان چوهر، لڪ مسافر،

ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر.

مشتاق جي هن ڪتاب جي وڏي حصي ۾ ڪاڇي ۽ ڪوهستان جو محاڪاتي پسمنظر آهي ۽ اتان جي ئي ٻولي ۽ ماحول جو گهڻو استعمال ٿيل آهي.

 هيءُ ڪتاب اياز جي مهاڳ سميت ڇپجڻ جي اوسيئڙي ۾ آهي، هونئن ته مشتاق باگاڻيءَ جا ڪيترائي ڪتاب اڻ ڇپيا پيا آهن، جيڪي سندس آزاد طبعيت جي ور چڙهيل آهن، سندس آزاد پکيءَ جهڙي طبعيت آهي،  جنهن کي ادب ۾ انارڪسٽ ڪوٺيو ويندو آهي. هن جو ملڻ جلڻ به محدود آهي، هونئن هُو ادبي تقريبن کان ته وونءُ ويندڙ اديب شاعر آهي.

گل حسن خان لغاري، جي گهر ۾ 12- اپريل 1949ع ۾ ڳوٺ حاجي علي بخش لغاري تعلقي موري ۽ ضلعي نوشهروفيروز ۾ ڄاول مشتاق احمد لغاري پرائمري تعليم ڳوٺ خان محمد احمداڻي جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي.

ميٽرڪ: هاءِ اسڪول دولتپور مان 1965ع ۾ ڪئي.

انٽر: مورو ڪاليج مان 1967ع ۾ ڪئي.

بي.اي: سچل ڪاليج حيدرآباد مان 1969ع ۾ ڪئي.

ايل.ايل.بي: سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو مان 1971ع ۾ ڪئي.

ايم.اي: سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو مان 1972ع ۾ ڪئي.

پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان 1974ع ۾ ڏنو.

ائين هُو سنڌ گورنمينٽ جي ليبر ڊپارٽمينٽ ۾ ليبر آفيسر بڻيو، شايد سنڌ ۾ پهريون اديب/شخص هجي، جنهن پنهنجي نوڪريءَ تان رٽائر ٿيڻ کان پوءِ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان 2012ع ۾ سوشيالاجيءَ ۾ پي ايڇ.ڊي ڪري، پنهنجي ادبي نالي مشتاق باگاڻي اڳيان ڊاڪٽر لکڻ جو اعزاز ماڻيو آهي.

جڏهن ته اڄ اهي سڀ شخص جيڪي علم ۽ ادب کان ئي نوي سيڪڙو وانجهيل آهن، اهي پي ايڇ.ڊي ڪري سَنَدَ وٺي هر خالي ٿيندڙ يا خالي ٿيل ڪرسيءَ جي اميدوار طور اڀا بيٺل نظر ايندا، ٻيو فائدو هُو انهن ڏهن هزار روپين جو به موقعو نٿا وڃائين جيڪي سرڪار سندن محنتاڻي طور منظور ڪيا آهن.

ٻئي پاسي اسان جو ڊاڪٽر مشتاق لغاري آهي، جنهن لاءِ فخر اڄ به ان ڳالهه ۾ آهي ته ادب ۾ کيس مشتاق باگاڻيءَ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي، سندس شاندار پي ايڇ.ڊيءَ جو گائيڊ سنڌ يونيورسٽيءَ جو موجوده وي.سي محترم فتح محمد برفت هو.

ڪنهن به فلسطيني عرب جهڙو چهرو رکندڙ ۽ امريڪي اداڪار انٿوني ڪوئين جهڙيون اکيون رکندڙ مشتاق باگاڻي جو نثر جنهن به پڙهيو آهي، ان کان ڪڏهن به نه وسرندو، جيتوڻيڪ ايئن به آهي ته اسيءَ جي ڏهاڪي گذرڻ کان پوءِ جن نوجوانن لکڻ شروع ڪيو آهي، انهن کي شايد مشتاق باگاڻي نالو ٻڌل نه لڳي.

انڪري مون کي مجبور ٿي لکڻو پيو آهي، ته هڪ ڏهاڪي ۾ قيد رهجي ويل اسان جو هيءُ بيمثال شاعر ۽ نثر نويس وري ڪڏهن ادب ڏانهن موٽ کائيندو، اهو انتظار ته رهندو ئي، ڇو ته اڄ هو پنهنجي شڪار جي دنيا ۾ مگن آهي، جيڪا شايد سندس ٿورن دوستن کي سُڌ آهي ته هو جيترو ڪمال جو شاعر آهي، اوترو ئي بيمثال نثر نويس ته اهڙو ئي پنهنجو مٽ پاڻ شڪاري به آهي، جنهن بابت پڻ سندس لکيل ڪتاب ڇپجڻ جي اوسيئڙي ۾ آهي.

 پر سڀ کان اول سندس ڪتاب ”ڪاري رات اُتر ۾ ڪانڀو“ اچڻ کپي، جنهن تي مها ڪوي شيخ اياز جو مهاڳ لکيل آهي، جيڪو اياز ڏاڍي پيار مان لکيو هو. اميد آهي ته مشتاق جي ايندڙ جنم ڏينهن کان اڳ سندس اهو اهم شاعراڻو، ڪتاب ايندو ۽ سندس ايندڙ جنم ڏينهن تي ان ڪتاب جو مک درشن ٿيندو، تيستائين کيس جنم ڏينهن جون اڻڳڻيون مبارڪون، ڪتاب جون مبارڪون ان کان پوءِ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org