سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2۽3/ 2017ع

باب:

صفحو:1

 

ايڊيٽر: ثمينه ميمڻ

سوچ - لوچ

دادي ليلان وتي هرچنداڻي جو   وڇوڙو

سنڌ جي بهادر عظيم عورت ناليواري تعليمي ماهر، سماجي خدمتگذار ۽ سنگيت جي ڄاڻ رکندڙ دادي ليلان وتي هرچنداڻي حيدرآباد جي هيرآباد واري رهائشگاهه ۾ 102 ورهين جي ڄمار ۾ 13- سيپٽمبر 2017ع تي گذاري ويئي.

سنڌ ڄائي دادي انهن شخصيتن مان هڪ آهي، جن جي ضرورت ملڪ، قوم، ٻولي، ادب ۽ تاريخ سميت پوري سماج کي هوندي آهي.

سنڌ ڄائي دادي ليلان جو جنم 20- ڊسمبر 1916ع حيدرآباد ۾ ٿيو. داديءَ جو والد هوتچند 1922ع ۾ پهرئين حيدرآباد جي ننڍڙي علائقي ڇوٽڪي گهٽيءَ ۾ رهائش پذير هو، پوءِ هيرآباد ۾ پنهنجو گهر ٺاهيو، ورهاڱي وقت سندس ڀائر ته انڊيا هليا ويا، پر پاڻ سنڌ ڌرتي نه ڇڏيائين. داديءَ جو گهراڻو تعليم جي زيور سان آراسته هئڻ سان گڏ موسيقيءَ سان پڻ چاهه رکندڙ هو.

دادي ليلان چئن سالن جي ڄمار ۾ ڳائڻ شروع ڪيو ۽ ستن سالن جي ڄمار ۾ هارمونيم جي پڻ سکيا حاصل ڪئي.

دادي ليلان ڳلي ٻائي پرائمري اسڪول حيدرآباد مان ڇهه درجا پاس ڪيا ۽ نورمحمد هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ ڪئي. 1940ع ۾ بي.اي جو امتحان گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موريءَ مان پاس ڪيو.

سنگيت جي ڄاڻ رکڻ ڪري ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ 35 رپين جي ماهوار پگهار تي استاد مقرر ٿي. دادي ڪجهه عرصو ميران اسڪول حيدرآباد جي پرنسيپال پڻ مقرر ٿي، دادي مختلف ضلعن جي اسڪولن جي ڊپٽي انسپيڪٽر جا فرض پڻ سرانجام ڏنا.

داديءَ نياڻين جي تعليم لاءِ پڻ تمام گهڻو جاکوڙيو ۽ مختلف شهرن ۾ اسڪول کولرايا. دادي ليلان تعليم بابت ڪيترائي ڪتاب لکيا، ڏٺو وڃي ته دادي گهڻ پاسائين شخصيت جي مالڪ هئي. داديءَ جو ڪردار مثالي آهي. داديءَ ننڍي کنڊ ۾ ورهاڱو ٿيندي پنهنجي اکين سان ڏٺو، پاڻ گهڻين ڏکيائين کي منهن ڏنائين.

دادي ليلان 1975ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ ۾ پهرين هندو عورت پارليامينٽرين پڻ بڻي. داديءَ کي تعليمي خدمتن سرانجام ڏيڻ تي صدارتي ايوارڊ پڻ مليو. دادي عورتن جي حقن لاءِ هميشه پاڻ پتوڙيو، انهيءَ سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ قائم ”ليڊيز ڪلب“ ۾ سندس خدمتون يادگار آهن.

دادي ڀڄن، لوليون ۽ لوڪ گيت به ڳائيندي هئي. جيجي زرينه بلوچ ۽ سنڌ جي ڀلوڙ ناليواري فنڪاره روبينه قريشي جي هوءَ استاد هئي. شاهه، سچل، سامي جي ڪلام ۽ ٻين وڏن شاعرن جي شاعريءَ کي پنهنجي آواز ۾ ڳايائين، هوءَ ڪلاسيڪي راڳ جي پڻ ماهر هئي.

دادي ليلان جي وڇوڙي تي سڄي سنڌ سوڳوار آهي، داديءَ جون رسمون سندس حيدرآباد ۾ هيرآباد واري رهائشگاهه تي ادا ڪرڻ کان پوءِ سندس مڙهه کي بدين اسٽاپ ويجهو قائم مسڻ وٽ اگني سنسڪار ڪيو ويو.

داديءَ جي علمي ادبي ۽ سماجي، خدمتن کي محبت ۽ عزت مان سان لِکيو ۽ ڳايو ويندو. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته دادي ليلان جي انهن علمي، ادبي ۽ سماجي خدمتن کي ضرور فروغ ملڻ گهرجي ته جيئن سندن خدمتن کان نئين نسل کي آگاهي، اُتساهه ۽ رهنمائي حاصل ٿئي. اسان جو هيءُ ادارو دادي ليلان وتي هرچنداڻيءَ جي وڇوڙي تي سندن پونيئرن سان ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي.

ثمينه ميمڻ

ايڊيٽر (انچارج) ”مهراڻ“

تنوير عباسي

 

(جنم: 7 ڊسمبر 1934ع - وفات: 26 نومبر 1999ع)

غزل

او تنوير اڃا به گهڻائي جيئڻ لاءِ سهارا آهن،

گل اڃا ڀي سرها آهن دوست اڃان ڀي پيارا آهن.

آءُ رڻن جو رولو آهيان منهنجا رستا نيارا آهن،

جن تي ڪوئي پيرو ناهي سي ئي منهنجا چارا آهن.

هيءُ جي گل ۽ مکڙيون آهن هيءُ جي چنڊ ستارا آهن،

ڪنهن مٺڙي جو مظهر آهن ڪنهن پياري جا اشارا آهن.

جن سان اوندهه ۾ ڀي جهلڪا ڏئي ٿي جهرمر جوت سدائين،

هيٺ زمين تي ٿورا ماڻهو اُڀ ۾ ڪي ئي تارا آهن.

آءٌ ازل کان ويٺو آهيان واٽ ۾ ايئين نيڻ وڇائي،

ڄڻ منهنجا محبوب هتان هاڻي ئي گذرڻ وارا آهن.

مون کي تنهنجي اکڙين مان ڪا جوت امرتا جي ٿي جهلڪي،

قاتل جا هيراڪ انهي جي لاءِ ٿيا هي متارا آهن.

هڪڙو ڪمرو اهڙو جنهن جي هرهڪ ڪنڊ ۾ ڄارا آهن،

جت ماڻهو ناهن اُت ڪوريئڙن جا وارا نيارا آهن.

 

ثريا سوز ڏيپلائي

 

(جنم: 25 نومبر 1945ع - وفات: 14 سيپٽمبر 2004ع)

غزل

سيني اندر سُور سوين،

پنهنجا پنهنجا پُور سوين.

جن کي سمجهيو هئوسين پنهنجو،

تن کان مليا ناسُور سوين.

توهان نهاريو خوش ٿي وياسين،

ڏک لهي ويا سُور سوين.

گهائينديون ڇا ڪنهن جون گهوريون،

اسان سٺَا آهن گهَور سوين.

اوهان جي هوندي ڪهڙي اونداهه،

پکڙي پيا آهن نُور سوين.

 

پروفيسر ڊاڪٽر الطاف حسين جوکيو

 

 

 

 لسانيات جي روشنيءَ ۾

’بيت‘ ۽ ان جي وزن جو اڀياس

 

سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ بيت چڱي جڳهه والاريندڙ ۽ قديم صنف آهي، جيڪا ٻن صنفن جي ميل سان مختلف مرحلا طئي ڪري موجوده صورت اختيار ڪري چڪي آهي. هن پيپر ۾ لسانيات جي روشنيءَ ۾’بيت‘ لفظ جي معنى ۽ گھاڙيتي جي وزن بابت اڀياس ڪرڻ مقصود آهي.

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا موجب: ”سنڌي شاعريءَ جي سڀني صنفن ۾، بيت قديم-ترين صنف آهي، جيڪا هزارين سال اڳ موجود هئي. قديم دور ۾ ڌرم ڪرم جي سکيا لاءِ، گهڻي انداز ۾ پاٺشالائون هونديون هيون، جن ۾ ’پروهت‘ ڌرمي سکيا جا ٻول، سکيا وٺندڙن کي گهڻو ڪري زباني ياد ڪرائيندا هُئا. اُهي ٻول يا جملا ۽ اشلوڪ ڪهڙي نالي سان سڏيا ويندا هئا ۽ انهن جو گهاڙيتو ڪهڙو هو؟ سا خبر ناهي. البته موجوده لفظ ’بيت‘، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ٻين جي بقول اصل ۾ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جيڪو سنڌ ۾ عربن جي حڪومت واري زماني (1050ع -7122ع) ۾ عام مروج ٻن سٽن واري شعر لاءِ استعمال ٿيڻ لڳو. اُن کان اڳ، ٻن سٽن واري شعر کي اشلوڪ، سوتر، سورٺو يا دوهو چيو ويندو هوندو، حالانڪ ’اشلوڪ‘ ۾ ٻن سٽن واري پابندي لازمي نه هوندي آهي ۽ وڌيڪ سٽون پڻ هونديون آهن، جڏهن ته سوتر ۾ هڪ سٽ ٿيندي آهي. بيت بابت ٻي راءِ اها آهي ته اُهو، دوهي ۽ سورٺي جي ميل مان ٺهيو آهي. اوائلي بيت ٻن سٽن جو هو ۽ بعد ۾ ان ۾ سٽن جي واڌ ايندي وئي.

بهرحال، بيت پنهنجي ساديءَ سٽاءَ جي مسلسل استعمال جي ڪري، نه فقط پنهنجي وجود کي قائم رکيو، پر سنڌي شاعريءَ جي اوسر ۽ عروج لاءِ به نهايت مؤثر ذريعو بڻيو .واديءِ سنڌ جي ٻولي، سموري واديءَ ۾ ڌار ڌار لهجن ۾ ورهايل هئي، جنهن ۾ موجوده سنڌ، پنجاب، بلوچستان، ڪڇي- گنداواهه، لس ٻيلي، مڪران، سرائڪي پٽي۽ ديراجات جون ٻوليون؛ مارواڙ، ميواڙ، جيسلمير، بيڪانير، هرياڻا، ڪشمير، داردستان، گجرات، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ جون ٻوليون شامل ڪري سگهجن ٿيون. ماضيءَ کان، اڄ تائين بيت طويل سفر ڪري اسان تائين پهتو آهي. انهيءَ سفر ۾ مختلف ٻولين ۽ اُنهن جي سماج مان بيت جو گذر ٿيو ۽ اهو  جدا جدا تهذيبي ۽ ڌرمي متن جي تعليمي روين کان متاثر ٿيو، ڪيترين ئي فڪري ڌارائن مان سيراب ٿيندي، مڪمل طرح جملي رعنائين، سهڻاين ۽ خوبين سان سينگاريل، هن وقت اسان جي آڏو موجود آهي.“ (فهميده، 2009: 510)

·        بيت جي معنى

سماجي لسانيات موجب ٻوليءَ جي ڪنـﻫـن به لفظ جي معنى جا ٻه رخ ٿين ٿا: 1. لغوي/ اکري معنى، 2. سماجي/ اصطلاحي معنى. ان حوالي سان ڊاڪٽر الـﻫـداد ٻوهيو ڄاڻائي ٿو ته: ”معنائون ٻه آهن: هڪ سوچ جو نتيجو آهي ۽ ٻي سوچ کي وڌائي ٿي ۽ جوابي عمل لاءِ مواد پيدا ڪري ٿي. اها معنى، جيڪا سوچ جو نتيجو آهي، سا لغوي معنى ٿي سڏجي، ۽ اها جيڪا سوچ کي مواد ٿي ڏئي، سا اصطلاحي معنى ٿي سڏجي.“ (ٻوهيو، 1978: 284) ان حوالي سان بيت جي معنى جا به ٻه رخ: لغوي/ اکري ۽ سماجي/ اصطلاحي ٿين ٿا.

جامع لغات سنڌي ۾ لفظ ’بيت‘ جون هڪ ئي جڳهه تي ٻئي معنائون ڄاڻايل آهن:

¨             بَيتُ ج بَيتَ: ذ [ع بَيتُ ج اَبيات] شعر. ٻن تڪن وارو شعر- دوهرو. ٻن کان وڌيڪ تُڪن وارو     خاص قسم جو سنڌي شعر ’شاهه جا بيت‘ ”جي تو بيت ڀانئيا، سي آيتون آهين“ (شاه). عام سنڌي ڊگھو نظم جو نڙ تي آلاپجي ’نڙ ۽ بيت‘.

        [ع. بَيتُ ج بُيُوت] گھر- جاءِ ”جوڙي قلب بيت ربي، انسان ۾ سمايو“. (بلوچ، 1960: 434)

لغوي اعتبار کان ’بيت‘ جي معنى ’گھر‘ آهي؛ جڏهن ته سماجي/ اصطلاحي معنى موجب شاعريءَ جي هڪ ڪلاسيڪل صنف، جيڪا ’سورٺي ۽ دوهي‘ جي ميل سان وجود ۾ آيل هجي.

اڪثر لفظ جڏهن لغوي معنى کان هٽي ڪري سماجي معنى جي صورت ۾ ڪم ايندو آهي ته ان جي پويان به هڪ تاريخ جڙيل هوندي آهي. يعني ڪنـﻫـن به ٻوليءَ جو ڪو لفظ جڏهن ٻي ٻوليءَ ۾ جاءِ وٺڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته پوءِ يا ته شڪل مٽائيندو آهي يا وري معنى ئي تبديل ڪري وٺندو آهي.لفظ جي اهڙي سفر پٺيان به هڪ سلسلو هوندو آهي، جنـﻫـن تي باضابطه ڪم ٿيڻ جي گھرج هوندي آهي.

لفظ ’بيت‘ عبراني ٻوليءَ کان عربي ٻوليءَ ۾ آيو آهي، جنـﻫـن جي معنى آهي: ’گھر‘. (سليم، 1981: 16) هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته:

s جڏهن ’بيت‘ جي معنى ’گھر‘ آهي ته پوءِ هڪ شعري صنف کي ’بيت‘ ڇو ٿو چئجي؟

·        بيت جي صنف بابت:

بيت ٻن ڪلاسيڪل شعري صنفن سورٺي ۽ دوهي جي ميل مان جڙيل آهي. ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، ڀاوناڻي جھمٽ مل جي توسل سان لکي ٿو ته: ”پروفيسر جھمٽ مل اهو به ثابت ڪيو آهي ته سنڌي بيت بنيادي طور هندي شعر جي صنف دوها ۽ سورٺا، دوها- سورٺا ميل وغيره مان اسريو آهي.“ (سوڍر، 1991: 438)

دوها- سورٺا ميل واري اصطلاح جي اکيڙ هيٺين ريت ڪري سگھجي ٿي:

·        سورٺو

ڊاڪٽر خان محمد لاڙڪ جي ڄاڻائڻ موجب: سورٺو، سورٺ مان ورتل آهي. ’سورٺ‘ جي معنى ’تلوار جي تيز ڌار‘. تلوار جو هڪ پاسو جيڪو وڌيڪ چمڪدار ۽ ڪٽڻ جي نسبت تکو هوندو آهي، تنـﻫـن کي ’سورٺ‘ ڪوٺيو ويو. عام طور سونـﻫـن سوڀيا جي نسبت اهڙو نالو رکيو ويندو آهي. ان کان علاوه هڪ راڳڻيءَ جو نالو پڻ آهي.

عام لغتن ۾ هن لفظ جي معنى مٿاڇري ڏنل آهي. چند لغتن مان بنيادي معنى جاچڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي:

¨  جامع سنڌي لغات موجب:

        سورَٺ: ث. اسم خاص [سن. سوراشٽر = (1) نالو هڪ راڳڻيءَ جو (2) نالو هڪ عورت جو] هڪ راڳڻيءَ جو نالو- مينگهه راڳ جي هڪ شاخ. راءِ ڏياچ جي زال- هڪ قديم راڻيءَ جو نالو. اولـﻫـه ڀارت جي هڪ علائقي جو نالو. سُورت. ث. صفت. سـﻫـڻي- حسين- خوبصورت. (بلوچ: 1985: 1696)

¨  سائل ڪوش موجب:

        سورَٺِ: هڪ راڳڻيءَ جو نالو- راءِ ڏياچ جي زال جو نالو. سَوراشٽر ۾ هڪ ضلعي جو نالو.

(سائل: 2009: 331)

¨  سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن جي لغت موجب:

        سورٺ = راڳڻيءَ جو نالو. راءِ ڏياچ جي راڻيءَ جو نالو (قلب)، (سورت) = گجرات جي مشـﻫـور شـﻫـر جو نالو (شا)، (سورت) = سورت شـﻫـر ۾ (ڪل)، هڪ راڳڻيءَ جو نالو ’سورٺ راءِ ڏياچ‘ جي قصي ۾ هڪ ڪردار (بل)، گجرات ۽ ڏکڻ ڪاٺياواڙ جو اڳيون نالو، راڳڻيءَ جو نالو (عڪس)، سورٺ (هندستان جي گجرات رياست ۾ هڪ مشـﻫـور شـ هر جو نالو) (ٻ خ) سوراشٽر جو بگڙيل اچار- سورٺ (ش م ا) (فـﻫـميده، 2004: 258)

        (هيءَ لغت مختلف لغتن مان تحقيق جي بنيادن تي رچيل آهي، ان ڪارڻ ان ۾ مختلف لغتن جا اشارا ڏنل آهن.)

¨  فرهنگ آصفيه موجب:

        سُورٹھ (ہ)اسم مُؤنث: بھیروں راگ کی  بھارجا (بھارج)  ایک راگنی کا نام جیسے:  سُورٹھ میٹھی راگنی رَن میٹھی تلوار – جاڈے میٹھی کاملی    سیجوں میٹھی نار۔ (دوہا)

        (جب کھُلی سُورٹھ کتھا بولیں گے تو وہاں سر عام۔ علانیہ۔ کھلّم کھُلّا بے ہاکانہ کہنے سے غرض ہوگی، جیسے: وہ تو کھلی سُورٹھ  کہتا ہے جسے کچھ کرنا ہو         کرے) (دہلوی، 2002: 124)

¨  نوراللغات موجب:

        سُورٹھ (ھ) مونث۔ ایک راگنی کا نام۔ (نور،  2006: 499)

¨ John Shakespear’s Dictionary Urdu- English:

    سورٹھsIrTsorath, s.f. Name of a musical mode, or ragini.

    سورٹھا sortaha (sIrTw) s.m. name of a metre in Braj-bhakha. (Shakespear, 1980: 1119)

¨ John T. Platts’s Dictionary of Urdu, Classical Hindi and English:

    سورٹھsIrT sorath, s.f. Name of ragini or musical mode. (Platts, 2003: 697)

لغتن ۾ ڄاڻايل معنائون ان حوالي سان سطحي چئي سگھجن ٿيون جو ان لفظ جي بنيادي معنى ڪونه ٿي حاصل ٿئي. عام طور ’سورٺ‘ هڪ راڳڻيءَ جو نالو ڄاڻايو ويو آهي.

هڪ دفعي ٺاروشاه ڪاليج ۾ ڪجهه ڏينـﻫـن سنڌي پڙهائڻ جو موقعو مليو، جتي ڊاڪٽر خان محمد لاڙڪ پرنسپال هو. لاڙڪ صاحب جو ’روضي ڌڻيءَ‘ جي علمي، ادبي ۽ سياسي بصيرت تي ڪم ڪيل آهي. ساڻس هڪ ڪچـﻫـريءَ ۾، ڪنـﻫـن ٻئي بزرگ جي حوالي سان، لفظ ’سورٺ‘ جي بنيادي معنى ٻڌايائين، جيڪا مناسب لڳي؛ پر افسوس جو اهڙي بنيادي معنى ڪٿي به ڪونه ٿي ملي ۽ ان لفظ جي بنيادي معنى تحقيق طلب آهي.

بـﻫـرحال، ڊاڪٽر خان محمد لاڙڪ جي ڄاڻائڻ موجب: سورٺي مان مراد ’تلوار جي ڌار واري پاسي جو ڌڪ‘. تلوار جو ڌڪ جيئن ته ڪنـﻫـن اسم کي ٻه اڌ ڪندو آهي، ان ڪارڻ اهڙي ٻن سٽن تي مبني ڪلاسيڪل صنف جنـﻫـن جي اڌ ۾ قافيا هجن، ان کي سورٺو ڪوٺيو ويندو آهي؛ جيئن:

پڙاڏو سوئي سڏ، جي ور وائي جو لـﻫـين،

هئا اڳـﻫـين گڏ، پر ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا.

 

ستّر ڪج ستّار، آئون اگھاڙي آهيان،

ڍڪين ڍڪڻهـار، ڏئي پاند پناه جو.

مٿين ٻنهي شعرن جي وچ ۾ قافيا: ’سڏ- گڏ ۽ ستّار- ڍڪڻـﻫـار‘ ڪم آيل آهن، جنـﻫـنڪري ٻن سٽن واري اهڙي شعري صنف کي ’سورٺو‘ ڪوٺيو ويو آهي.

·        دوهو

جامع سنڌي لغات ۾ هن جي معنى هيٺين ريت ڏنل آهي:

¨  جامع سنڌي لغات:

دوهو ج دوها: ذ [سن. دو = ٻه] جوڙو- جُت- ٻن مصرعن جو شعر- ٻه تُڪو بيت. ڏوهيڙو- دوهيڙو. (بلوچ، 1984: 1248)

’دوهو‘ لفظ ’دو‘ يعني ٻن مان ورتل آهي. اهڙين ٻن سٽن وارو شعر، جنـﻫـن جي آخر ۾ قافيا هجن، تنـﻫـن کي دوهو ڪوٺجي ٿو.

مورک مور نه ٻجهڻا، هيڏانهن هوڏانـﻫـن ڪنِ،

ڪٽر جنين اکين ۾، سي ڪيئن پرين پسن.

ڄاڻايل ٻن سٽن واري شعر ۾ ’ڪنِ- پسن‘ جا قافيا آخر ۾ ڪم آندا ويا آهن، جنـﻫـن سبب هن شعري صنف کي ’دوهو‘ ٿو سڏجي.

بيت انهن ٻنهي صنفن جي ميلاپ سان جڙيل آهن. جيئن ماءُ ۽ پيءُ جي ميلاپ سان نوان جسم جنم وٺندا آهن؛ پوءِ،ڪنـﻫـن ٻار ۾ پيءُ جون خاصيتون وڌيڪ هونديون آهن ته ڪنـﻫـن ۾ وري ماءُ جي پاسي واريون خصوصيتون سرس هونديون آهن. ائين ئي بيتن مان ڪنـﻫـن ۾ سورٺي جون خاصيتون وڌيڪ هونديون آهن ته ڪنـﻫـن ۾ وري دوهي جون خصوصيتون!

خيال خاطر شاه ڪريم ۽ لطيف سائينءَ جا ٻه- ٻه بيت رکجن ٿا، جيڪي قافين جي لحاظ کان ٻه الڳ ڍنگن جا ٿين ٿا:

·        شاهه ڪريم جا بيت:

پاٺيون جان نه ڪجن، روئي ڌوئي اکڙيون،

جر ڪجر جن اکين ۾، سي ڪيئن پرين پسن.

هن بيت ۾ پهرين سٽ سورٺي جي ۽ ٻي سٽ دوهي جي ڏني وئي آهي.

جي جاڳندي من ۾، سُتي پڻ سيئي،

من پريان نيئي، پڳهيو پاڻ ڳري.

هن بيت ۾ پهرين سٽ دوهي جي ۽ ٻي سٽ سورٺي جي ڏني وئي آهي.

 

·        شاهه لطيف جا بيت:

چنڊ چوانءِ سچ، جي مٺيان مُور نه ڀانئين،

ڪڏهن اڀرين سنهڙو، ڪڏهن اڀرين ڳچ،

جو منـﻫـن ۾ ٻرئي مچ، پدم پريان جي پير ۾.

مٿئين بيت ۾ ٻه سٽون سورٺي جون آهن، وچ ۾ هڪ سٽ دوهي جي آهي. يعني هڪ بيت ۾ 2 خاصيتون سورٺي جون ۽ هڪ خاصيت دوهي جي!

سڀئي سـﻫـاڳڻيون، سڀن ڳچيءَ هارَ،

پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي، سـﻫـسين ڪن سينگار،

ڍول تنين جي ڍار، هيٺاهيون هلن جي.

هن بيت ۾ ٻه لاڳيتيون سٽون دوهي جون آهن، آخري سٽ سورٺي جي آهي.

مٿي ڄاڻايل چئن نمونن جي بيتن ۾ قافين جي بيـﻫـڪ مختلف آهي، جنـﻫـن تي علم عَروض جي ڄاڻن جا ڪي اعتراض به سامهون آيا آهن، خاص ڪري مرزا قليچ بيگ جو! (ڀاوناڻي، 1955: 121)

اصل ۾ هيءَ بيت جي صنف، ٻن صنفن: سورٺي ۽ دوهي جي ميلاپ سان جڙي آهي. شاه لطيف واري دؤر تائين بيت جي سنواريل شڪل  ملي ٿي. شاه ڪريم جي بيتن ۾ اهڙا به بيت ملن ٿا جيڪي دوهي جي سٽ سان ختم ٿين ٿا؛ ليڪن لطيف سائينءَ جي بيتن ۾ ڪو به اهڙو بيت نه ٿو ملي، جنهن جو خاتمو دوهي جي سٽ سان ٿيندو هجي، بلڪ هر بيت جو خاتمو سورٺي جي سٽ سان ملي ٿو.

بهرحال، هر بيت ۾ ٻنهي صنفن جون خاصيتون لازمي ٿين ٿيون. ان خاطر جڏهن شاه لطيف جي بيتن واري گھاڙيٽي جو اڀياس ڪجي ٿو ته هيٺيان اهم نڪتا سامهون اچن ٿا:

?  بيت جي هر سٽ ٻن اڌن (پدن) ۾ رهي ٿي.

?  ماترائن پٽاندر قافيي وارو اڌ، ٻئي اڌ کان ننڍو ٿئي ٿو.

?  پـﻫـرين سٽ اختياري آهي، يعني سورٺي يا دوهي جي ٿي سگھي ٿي.

?  ٻين/ وچيون سٽون لازمي طور دوهي جون ٿين ٿيون.

?  آخري سٽ لازمي طور سورٺي جي هجي ٿي.

«   ’بيت‘ لفظ جو ’گھر‘ کان ’شعر‘ تائين لاڳاپو

لفظ ’بيت‘ جي لغوي/ اکري معنى ’گھر‘ آهي. سماجي ٻوليءَ نسبت لفظ ’گھر‘ مان مراد احاطو يا حدبندي به آهي. عام طور تي ڪنـﻫـن به اکر جي حدبنديءَ کي به اکر جو گھر يا خانو ڪوٺيو ويندو آهي. خطاطيءَ جي فن ۾ اکر جي ڊيگهه- ويڪر ۽ قلم جي نوڪ جي ماڻ کي اکر جو گھر يا خانو پڻ چئجي ٿو. مقصد ته ڪنهن به اسم جي جوڙجڪ جي حدبنديءَ کي ان جو گھر ڪوٺيو ويندو آهي. امڪان آهي ته سورٺي ۽ دوهي جي ميل سان جڙندڙ هڪ نئين صنف کي حدبندي، جوڙجڪ، گھاڙيتي ۽ ماڻ- ماپي جي بنياد تي ’بيت‘ ڪوٺيو ويو هجي.

·        ڇند وديا جو ماڻ- ماپو

ڇند وديا موجب بيت جا ڪافي بحر/ گھاڙيتا ٿين ٿا، بيت جي مختلف وزنن بابت جھمٽمل خوبچند ڀاوناڻي صاحب هيٺيان وزن ڄاڻايا آهن:

?  سورٺا دوها ڇند: سورٺي ۾ 11 + 13 = 24 ماترائون ۽ دوهي ۾ 13 + 11 = 24 ماترائون ڄاڻايل آهن.

?  دڪپال ڇند: هن ڇند ۾ 12 + 12 = 24 ماترائون هونديون آهن.

?  چوپائي ڇند ۽ مت: هن ڇند جي هرهڪ سٽ ۾ 15 ماترائون ٿينديون آهن.

?  چندرايڻ ڇند: هن ڇند ۾ 11 + 10 = 21 ماترائون هونديون آهن.

?  ات بروا ڇند: هن ڇند ۾ 12 + 9 = 21 ماترائون ڄاڻايل آهن.

?  مالتي ڇند: هن ڇند ۾ ڪل35 کان 40 ماترائون ٿي سگھن ٿيون.  (ڀاوناڻي، 1955: 128- 134) 

هتي بيت جي وزنن جي وضاحت واري گهيڙ ۾ پوَڻ بجاءِ ان جي وزن کي لسانياتي حوالي سان ڏسڻ مقصود آهي، ان ڪارڻ صرف ’آواز جي وزن‘ تي اڪتفا ڪجي ٿو.

عام طور سورٺا- دوها ميل ڇند ڪم آندو ويندو آهي. هن موجب: قافيي واري اڌ ۾ 11 ماترائون ۽ غير قافيي واري اڌ ۾ 13 ماترائون ٿين ٿيون. هي وزن بيتن ۾ عام طور ڪم آندو ويندو آهي. هتي ’بيت جي وزن جا نمونا‘ ڏيڻ بجاءِ بيت جي وزن جي ماپ تور جي ڍنگ تي صرف لسانياتي نظر رکجي ٿي.

·        لسانيات موجب ماترا مان مراد آواز جو وزن آهي

شاعريءَ جي وزن ۾ ’سُرَ (Vowel) ۽ وينجن (Consonant)‘ جي وڏي اهميت  هوندي آهي؛ پوءِ توڻي اها هتان جي مزاج مطابق ’ڇند وديا‘ هجي يا خليل بن احمد جو بيـﮨـاريل ’علم عَروض‘ ڇونه هجي. انگريزي Prosody جي وزنن ۾ به سُرَ توڻي وينجن کي ساڳي اهميت حاصل آهي. جيئن ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جي راءِ کي اهميت آهي ته: ”لسانيات جو مطالعو اديبن، شاعرن، استادن ۽ راڳيندڙ لاءِ تمام ضروري ۽ اهم آهي.“ (الانا، 2005: 27)   اهڙي ءَ طرح لسانيات جي نقطءِ نظر کان لسانيات سان دلچسپي رکندڙن لاءِ شاعريءَ توڻي راڳ جي آوازن جي وزنن جو اڀياس يا مختصر ڄاڻ نهايت ضروري آهي. يعني لسانيات جي ڄاڻوئن لاءِ اهو به ضروري آهي ته هُو شاعريءَ جي وزنن جي اڀياس کي  علم لسان ۾ شامل ڪندي، ان کي علمي حيثيت عطا ڪري. 

v   ڇندُ وديا (ڇند شاستر)

لفظ ڇند معنى شعر ۽ وديا معنى علم، اصطلاحي معنى موجب: ڪنـﮨـن سورٺي يا دوهي جي آوازن جي وزنن جي ماپ تور جو علم. هن علم جو اطلاق گھڻو ڪري سورٺي ۽ دوهي يا هن خطي جي مزاج مطابق صنفن تي ٿيندو آهي. مختصر ته اسان جو بيت، سورٺي ۽ دوهي جي ميلاپ سان وجود ۾ آيل آهي، جنـﮨـن جي هر هڪ سٽ 24 ماترائن جي، يعني بيت ٻه پد/ اڌ هجڻ سبب قافيي واري پد/ اڌ جي تور 11 ماترائون ۽ بنا قافيي واري پد جي تور 14 ماترائون ٿيندي آهي.

ڀاوناڻي جهمٽمل خوبچنداڻيءَ جي ڪتاب ’ڇند سڳنڌ‘جي توسل سان ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر (1991: 439) دوهي ۽ سورٺي جو وزن ڄاڻايو آهي، جيڪو خيال خاطر ڏئي ڇنڊڇاڻ ڪئي ويندي:

·        دوهي واري سٽ جي وزن جو مثال

Text Box: ،

 

ڇند وديا موجب سورٺي يا دوهي جي ماترائن لاءِ جيڪي نشان ڪم آندا وڃن ٿا تن ۾ هڪ ماترا (ننڍي سر) لاءِ نشاني (^) ابتي انگريزي اکر ’ويِ‘ جي رکجي ٿي ۽ ڊگھي ماترا (ڊگھي سرَ) لاءِ نشاني ( - ) ليڪ ٽڪر رکجي ٿو:

سائي صورت عين ڪي، سائي صورت غين،

باقي اڳتي جيڪي مثال ڏنا اٿس، تن جي وزنن ۾ فرق آهي، يعني جيڪڏهن ويهي ماترائون ڳڻجن ته کٽل محسوس ٿين ٿيون، جڏهن ته راءِ اها ئي رکي وئي آهي ته ”ان جو وزن ڪنداسون ته اهو ’ڇند وديا‘ جي ماترائن تي بلڪل پورو رهندو.“ (1991: 439) مثال: ’ويچارا واڍوڙ، سدا شاڪر سور سين‘ (وي + چا + را + وا + ڍو + ڙ = 11 ماترائون؛ س + دا + شا + ڪ + ر + سو + ر + سين = 12 ماترائون) ان ٻئي اڌ ۾ 13 ڪيئن بيهنديون يا بيهارڻ گھرجي، اهڙي اپٽار ڪونهي. ان مان اندازو ٿئي ٿو ته صرف Cut ۽ Paste وارو ڪم ٿيل آهي. بهرحال، ان ڪم کي سمجهڻ لاءِ اڳتي هلجي ٿو. هن حوالي سان ڀاوناڻي جھمٽ مل جو ڪم نهايت پختو ۽ بنيادي ٿيل آهي.

·        ماترا جي معنى ۽ مراد

ماترا مان مراد آواز جو مقدار يا وزن آهي. ياد رهي ته ڇند وديا جي علم موجب اصطلاح ’پد‘ مان مراد ڪنـﻫـن بيت جي سٽ جو اهو اڌ جيڪو پڙهڻ/ چوڻ/ ڳائڻ ۾ تسلسل رکي.

ڇند وديا موجب آوازن جي تور ڪرڻ ويل ’سُر‘ (Vowel) کي ڳڻيو ويندو آهي ۽ ان جي وزن کي ’ماترا‘ ڪوٺيو وڃي ٿو. ياد رهي ته ديوناگري رسم الخط پٽاندر ’ماترائون‘ سُرن (Vowels) کي ئي ڪوٺيو ويندو آهي.

·        ديوناگريءَ ۾ لفظ جي منڍ ۾ ڪم ايندڙ سُر (ماترائون) 

جان پليٽس جيڄاڻايل ٽيبل پٽاندر منڍ ۾ ايندڙ ماترائن جو وچور

اَه

اَن

اَو

او

اِي

اي

اُو

اُ

اِي

اِ

آ 

اَ

A:

AN

AwY

Awy

EY

Ey

å

a

e

Aw

A

جان پليٽس جي ڄاڻايل ٽيبل پٽاندر وچوواڙي ڪم ايندڙ ماترائن جي وچورَ

اُو

اُ

اِي

اِ

اه

ان

اَو

او

اَي

اي

آ 

اَ

-U

-u

I

i

:

N

O

o

-Y

-y

w

-

(Platts, 2003: vi)

ديوناگريءَ ۾ مٿيان ڄاڻايل سُر، ماترائون سڏبا آهن؛ جنـﻫـن مان اهو ئي خيال اخذ ٿئي ٿو ته ماترا مان مراد ’سُر (Vowel) جو وزن آهي. ڄاڻايل سُر ماترائن ۾ ’نون گھُڻي‘ ۽ ’مختفي ه‘ جو به شمار رهي ٿو.

عربي- سنڌي رسم الخط پٽاندر درسي ڪتابن ۾ صرف هيٺيان 10 سُر (Vowels) پڙهايا وڃن ٿا، جڏهن ته انهن جا گھُڻا سُر به ٿيندا آهن ۽ ابتدائي ٻارن کي پڙهائڻ گھرجن.

 

سُر (Vowels) جا به ٻه قسم  آهن، صاف سُر ((Vowels ٻيا: گھُڻا/ نڪوان سر (Nasal vowels):

صاف سُر

اَ

آ

اِ

اِي

اُ

اُو

اي

اَي

او

اَو

گھُڻا/ نڪوان سُر

اَنْ

آنْ

اِنْ

اِينْ

اُنْ

اُونْ

اونْ

اَونْ

اينْ

اَينْ

يعني، سنڌي ٻوليءَ موجب ٽيبل ۾ ڄاڻايل سُرن ((vowels جو ڪل تعداد 20 ٿئي ٿو: اَ، آ، اِ، اِي، اُ، اُو، او، اَو، اي، اَي،اَنْ، آنْ، اِنْ، اِينْ، اُنْ، اُونْ، اونْ، اَونْ، اينْ، اَينْ. ان کان علاه ’مختفي ه‘ جو به شمار ٿيڻ گھرجي.

متحرڪ (زير، زبر ۽ پيش واري) اکر جو وزن

ڪنـﮨـن وينجن يا ان جي اکر کي آيل ننڍي سرَ جي هڪ ماترا ڄاتي ويندي آهي. ننڍي سرَ مان مراد زير، زبر ۽ پيش ورتي وڃي ٿي؛ جيئن:

×               اَ، اِ، اُ

        (ا+اَ = اَ، ا+اِ = اِ، ا+اُ = اُ)؛

×               بَ، بِ، بُ

        (ب +اَ = بَ، ب +اِ = بِ، ب +اُ = بُ)؛

×               تَ، تِ، تُ

        (ت +اَ = تَ، ت +اِ = تِ، ت +اُ = تُ)؛

×               سَ، سِ، سُ

        (س +اَ = سَ، س +اِ = سِ، س +اُ = سُ)؛وغيره.

ياد رهي ته لسانيات موجب ’اَ يا بَ‘ وينجن (Consonant) ۽ سُر (Vowel) پٽاندر پد (Syllable) آهي؛ ليڪن ڇند وديا موجب هن ۾ وينجن جي ڳڻپ نه ٿيندي بلڪ سُر ڳڻيو وڃي ٿو. يعني جنـﻫـن به وينجن آواز جي اکر تي زير، زبر يا پيش هوندو، ان جي هڪ ماترا (وزن) ورتي ويندي.

چند لفظ مثال ڪارڻ رکجن ٿا:

1)     سَڏُ = هن لفظ ۾ ٻه اکر ۽ ٻنهي کي زبرون آهن، ان صورت ۾ 2 ماترائون ڳڻبيون.

2)    ڀِتِ = هن لفظ ۾ ٻه اکر ۽ ٻنهي کي زيرون آهن، ان صورت ۾ 2 ماترائون سمجهبيون.

3)    پَسَڻُ = هن لفظ ۾ ٽي اکر ۽ ٽنهي تي زبرون آهن، ان صورت ۾ 3 ماترائون ٻڌبيون.

 

  ڊگهي توڻي دهري سُر (حرف علت )جووزن

ڪنـﮨـن وينجن/اکر کي آيل ڊگھي سرَ (ڊگھي توڻي دهري سُرَ) جون ٻه ماترائون ورتيون وينديون آهن. ڊگھي سُر مان مراد ’آ، اي، اِي، اَي، او، اُو، اَو‘ ورتي ويندي آهي؛ جيئن:

×               آ =  آ، با، تا، سا

        (ا+آ = آ، ب+آ = با، ت+آ = تا، س+ آ = سا)

×               اي = اي، بي، تي، سي

        (ا + اي = اي، ب + اي = بي، ت + اي = تي، س + اي = سي)

×               اِي = اِي، بِي، تِي، سِي 

        (ا + اِي = اِي، ب + اِي = بِي، ت + اِي = تِي، س + اِي = سِي)

×               اَي = اَي، بَي، تَي، سَي

        (ا + اَي = اَي، ب + اَي = بَي، ت + اَي = تَي، س + اَي = سَي)

×               او = او، بو، تو، سو

        (ا + او = او، ب + او = بو، ت + او = تو، س + او = سو)

×               اوُ = اوُ، بوُ، توُ،سوُ

        (ا + اُو = اُو، ب + اُو = بُو، ت + اُو = تُو، س + اُو = سُو)

×               اوَ = اوَ، بوَ، توَ، سوَ

        (ا + اَو = اَو، ب + اَو = بَو، ت + اَو = تَو، س + اَو = سَو)وغيره.

خيال خاطر اها ڳالهه ورجائجي ٿي ته لسانيات موجب ’آ يا با‘ وينجن (Consonant)۽ سُر (Vowel)پٽاندر، پد (Syllable) آهي؛ ليڪن ڇند وديا موجب هن ۾ وينجن جي ڳڻپ نه ٿيندي بلڪ ڊگھي ۽ دهري سُر کي ڳڻيو وڃي ٿو. يعني جنـﻫـن به وينجن آواز جي اکر سان حرف علت (Vowel Letter) هوندو، ان جون ٻه ماترائون (وزن) ورتيون وينديون.

چند لفظ مثال ڪارڻ رکجن ٿا:

1)     ٽاڪو = هن ۾ ٻه پد (ٽا + ڪو) آهن، ’ٽا‘ ۾ ڊگھو سُرُ ’آ‘ آهي ۽ ’ڪو‘ ۾ ڊگھو سُر ’او‘ آهي؛ ان صورت ۾ هرهڪ پد جون ٻه ماترائون وٺبيون ۽ ڪل 4 ماترائون ٿينديون.

2)    سُورِي = هن ۾ ٻه پد (سُو + رِي) آهن، ’سُو‘ ۾ ڊگھو سُرُ ’اُو‘ آهي ۽ ’رِي‘ ۾ ڊگھو سُر ’اِي‘ آهي؛ ان صورت ۾ هرهڪ پد جون ٻه ماترائون وٺبيون ۽ ڪل 4 ماترائون ٿينديون.

3)    ڀَو/ ڀؤ = هن ۾ هڪ پد (ڀَو) آهي، ’ڀَو‘ ۾ دهرو سُر ’اَو‘ آهي؛ ان صورت ۾ 2 ماترائون ڳڻپ ۾ اينديون.

نون گُهڻي (Nasal Vowel) کي آواز جي نسبت سان سرَ ۾ شامل ڪري ڳڻبو، يعني هن جي وينجن طور الڳ سان ڳڻپ نه ٿيندي؛ ڇوته نون گُهڻو نه ته متحرڪ وينجن آهي ۽ نه وري ساڪن حالت وارو آواز! هي صرف صورتخطيءَ پٽاندر اکر جي صورت ۾ لکجي ٿو، ليڪن ان جي حيثيت نڪوين سُر (Nasal Vowel) واري آهي. يعني ننڍن گُهڻن سرن جي هڪ ماترا وٺبي، ۽ ڊگھن گُهڻن سرن جون ٻه ماترائون وٺبيون؛  جيئن:

·        ننڍا گهُڻا سرَ:

×               اَنْ، اِنْ، اُنْ

        (ا + اَنْ = اَنْ، ا + اِنْ = اِنْ، ا + اُنْ = اُنْ)؛

×               بَنْ، بِنْ، بُنْ

        (ب + اَنْ = بَنْ، ب + اِنْ = بِنْ، ب + اُنْ = بُنْ)؛

×               تَنْ، تِنْ، تُنْ

        (ت + اَنْ = تَنْ، ت + اِنْ = تِنْ، ت + اُنْ = تُنْ)؛

×               سَ، سِ، سُ

        (س +اَنْ = سَنْ، س +اِنْ = سِنْ، س +اُنْ = سُنْ)؛وغيره.

ياد رهي ته لسانيات موجب ’اَنْ يا بَنْ‘ وينجن (Consonant)۽ نڪوين سُر (Nasal Vowel)پٽاندر، پد (Syllable) آهي؛ ليڪن ڇند وديا موجب هن ۾ وينجن جي ڳڻپ نه ٿيندي بلڪ نڪوين سُر کي ڳڻيو وڃي ٿو. يعني جنـﻫـن به وينجن آواز جي اکر سان نون گھُڻو(Nasal vowel Letter) هوندو، ان جون ٻه ماترائون (وزن) ورتيون وينديون.

چند لفظ مثال ڪارڻ رکجن ٿا:

1)     مُنْـﻫـنْ = هن ۾ ٻه پد (مُنْ + هُنْ) آهن، ’مُنْ‘ ۾ نڪوون سُرُ ’اُنْ‘ آهي ۽ ’هُنْ‘ ۾ به نڪوون سُر ’اُنْ‘ آهي؛ ان صورت ۾ هرهڪ پد جي هڪ ماترا وٺبي ۽ ڪل 2 ماترائون ٿينديون.

2)    جَنْـﻫـنْ = هن ۾ ٻه پد (جَنْ + هِنْ) آهن، ’جَنْ‘ ۾ نڪوون سُرُ ’اَنْ‘ آهي ۽ ’هِنْ‘ ۾ نڪوون سُر ’اِنْ‘ آهي؛ ان صورت ۾ هرهڪ پد جي هڪ ماترا وٺبي ۽ ڪل 2 ماترائون ٿينديون.

3)    رَنْگُ = هن ۾ ٻه پد (رَنْ + گُ) آهن، ’رَنْ‘ ۾ نڪوون سُرُ ’اَنْ‘ آهي ۽ ’گُ‘ ۾ صاف سُر ’اُ‘ آهي؛ ان صورت ۾ هرهڪ پد جي هڪ ماترا وٺبي ۽ ڪل 2 ماترائون ٿينديون.

·        ڊگھا گُهڻا سُرَ:

×               آنْ، اينْ، اِينْ، اَينْ، اونْ، اُونْ، اَونْ

        (ا + آنْ = آنْ، ا + اينْ = اينْ، ا + اِينْ = اِينْ، ا + اَينْ = اَينْ، ا + اُونْ = اُونْ، ا + اَونْ = اَونْ)؛

×               بانْ، بينْ، بِينْ، بَينْ، بونْ، بُونْ، بَونْ

        (ب + آنْ = بانْ، ب + اينْ = بينْ، ب + اِينْ = بِينْ، ب + اَينْ = بَينْ، ب + اُونْ = بُونْ، ب + اَونْ =         بَونْ)؛

×               تانْ، تينْ، تِينْ، تَينْ، تونْ، تُونْ، تَونْ

          (ب + آنْ = بانْ، ب + اينْ = بينْ، ب + اِينْ = بِينْ، ب + اَينْ = بَينْ، ب + اُونْ = بُونْ، ب + اَونْ =     بَونْ)؛

×               سانْ، سينْ، سِينْ، سَينْ، سونْ، سُونْ، سَونْ

        (س + آنْ = سانْ، س + اينْ = سينْ، س + اِينْ = سِينْ، س + اَينْ = سَينْ، س + اُونْ = سُونْ، س +      سَونْ = سَونْ) ...

ياد رهي ته لسانيات موجب ’آنْ يا بانْ‘ وينجن (Consonant)۽ نڪوين سُر (Nasal Vowel) پٽاندر، پد (Syllable) آهي؛ ليڪن ڇند وديا موجب هن ۾ وينجن جي ڳڻپ نه ٿيندي بلڪ نڪوين ڊگھي سُر کي ڳڻيو وڃي ٿو. يعني جنـﻫـن به وينجن آواز جي اکر سان ڊگهو گھُڻو سُر هوندو، ان جون ٻه ماترائون (وزن) ورتيون وينديون.ڌيان رهي ته نون گھُڻي جي اکر(Nasal vowel Letter) جي الڳ سان ڪابه ڳڻپ نه ٿيندي.

چند لفظ مثال ڪارڻ رکجن ٿا:

1)     سانْگو = هن ۾ ٻه پد (سانْ + گو) آهن، ’سانْ‘ ۾ نڪوون سُرُ ’آنْ‘ آهي ۽ ’گو‘ ۾ صاف ڊگهو سُر ’او‘ آهي؛ ان صورت ۾ هرهڪ پد جون ٻه ماترائون وٺبيون ۽ ڪل 4 ماترائون ٿينديون.

2)    ڏِينْـﻫـنْ = هن ۾ ٻه پد (ڏِينْ + هُنْ) آهن، ’ڏِينْ‘ ۾ نڪوون ڊگھو سُرُ ’اِينْ‘ آهي ۽ ’هُنْ‘ ۾ نڪوون ڇوٽو سُر ’اُنْ‘ آهي؛ ان صورت ۾ ڊگھي نڪوين سُر جون ٻه ۽ ڇوٽي نڪوين سُرجي هڪ ماترا وٺبي ۽ ڪل 3 ماترائون ٿينديون.

3)    سُونْـﻫـنْ = هن ۾ ٻه پد (سُونْ + هَنْ) آهن، ’سُونْ‘ ۾ نڪوون ڊگھو سُرُ ’اُونْ‘ آهي، جنـﻫـن جون ٻه ماترائون ٿينديون ۽ ’هَنْ‘ ۾ ڇوٽو نڪوون سُر ’اَنْ‘ آهي، جنـﻫـن جي هڪ ماترا بيهندي؛ ان صورت ۾ ڪل 3 ماترائون ٿينديون.

  ساڪن وينجن/ اکر جو وزن

مٿي اهو ڏٺو ويو ته وينجن (Consonant) تي لاڳو ٿيندڙ صرف ڇوٽا يا ڊگھا ۽ دهرا سُر(Short, Long Vowels and diphthong)  ڳڻپ ۾ آندا پئي ويا. لسانيات پٽاندر وينجن ۽ سُر جي الڳ الڳ ڳڻپ ٿيندي آهي، ليڪن مٿي صرف ’ڇوٽن ۽ ڊگھن صاف توڻي گھُڻن سُرن‘ کي ماترائن ۾ ڀانيو ويو.

اهڙي حالت ۾ جڏهن ساڪن وينجن (Vowel less Consonant) کي ڏسجي ٿو ته لسانيات موجب ان ۾ صرف’وينجن‘ ئي اچي ٿو ۽ ان سان ڪوبه سُر شامل نه ٿو رهي. جنـﻫـن حالت ۾، ڇند وديا پٽاندر ’وينجن‘ ڳڻپ ۾ نه ٿو اچي، ان صورت ۾ ڳڻڻ نه کپي؛ ليڪن ائين ٿئي نه ٿو.

ڇندوديا پٽاندر جيئن ته ’ساڪن وينجن‘ڪنـﻫـن ليکي ۾ اچڻ کان رهجيو ٿو وڃي، ان لاءِ هن وديا پٽاندر ساڪن کي ’هڪ ماترا‘ ۾ ڳڻيو ويندو آهي.

چند لفظ مثال ڪارڻ رکجن ٿا:

1)     گھِنۡٽِي = هن ۾ ٻه پد (گھِنۡ + ٽِي) آهن، ’گھِنۡ‘ ۾ هڪ سُرُ ’اِ‘ ۽ ’نون ساڪن‘ آهي ۽ ’ٽِي‘ ۾ هڪ ڊگھو سُر ’اِي‘ آهي؛ ان صورت ۾ هرهڪ پد جون ٻه ماترائون وٺبيون ۽ ڪل 4 ماترائون ٿينديون.

2)    سَنۡتُ = هن ۾ ٻه پد (سَنۡ + تُ) آهن، ’سَنۡ‘ ۾ هڪ سُرُ ’اَ‘ ۽ ’نون ساڪن‘ آهي ۽ ’تُ‘ ۾ به هڪ ڇوٽو سُر ’اُ‘ آهي؛ ان صورت ۾ پهرئين پد جون ٻه ماترائون ۽ آخري پد جي هڪ ماترا، ڪل 4 ماترائون ٿينديون.

’ساڪن حرف‘ جي آواز جِي ڳڻپ تي هڪ اعتراض سامهون اچي ٿو؛ ان لاءِ ڀاوناڻي جهمٽمل لکيو آهي ته: ” پرۡيه لفظ جون فقط ٻه ماترائون ڳڻيون ويئون آهن. ڪيترائي ٻٽا حرف اهڙا آهن، جن جو وزن هڪ ماترائي آهي، جئن ته ’رِهۡه، کِرۡ، کِيۡه،... وغيره. اهڙن ٻٽن حرفن (diphthongs) جي پوئين حرف تي جزم ڏني وئي آهي، ڇاڪاڻ ته منجهن هڪ پويون حرف ساڪن آهي.“  (ڀاوناڻي، 1955: 136) صاحب موصوف ڳالهه ۾ گنجائش رکندي اڳتي لکي ٿو ته ”ائين برابر آهي ته هن نموني ۾ سڌاري ڪرڻ لاءِ محنت گھرجي.“ (ص: 136)

ڀاوناڻي صاحب جي ڄاڻايل ٻٽن حرفن تي اختلاف رکندي به ڪافي ڪم ڪرڻ جي گنجائش آهي. ڇند وديا جي حوالي سان جڏهن مشدد اکر (پهريون ساڪن ۽ ٻيو متحرڪ) جون ٻه ماترائون وٺجن ٿيون ته اصولي طور تي ’ساڪن وينجن‘ آواز جي به هڪ ماترا ڳڻبي.

  مشدد (شد آيل) اکر جو وزن

مٿي ڄاڻايو ويو آهي ته ڪنـﻫـن ’ساڪن وينجن‘ کي هڪ ماترا ۾ ڳڻيو ويندو آهي/ ڳڻڻ گھرجي. اهڙي سبب شدّ کي به ٻن ماترائن سان ڀانيو ويندو آهي؛ ڇاڪاڻ ته، شدّ ۾ به پهريون ساڪن ۽ ٻيو متحرڪ آواز (Cluster of sound) هوندو آهي. مثال طور لفظ ’ربُّ‘ ۾ ٽي ماترائون ٿين ٿيون، ان جو ڇيد هيٺئين انداز ۾ رکجي ٿو:

رَبُّ = رَ + بۡ + بُ (اَ + ساڪن + اُ)

اصولي طور تي ’رَ‘ هڪ پد (Syllable) آهي، جنـﻫـن ۾ ٻه آواز: ’ر‘ وينجن ۽ ’اَ‘ سُر آهي؛ ليڪن ڇند وديا موجب صرف هڪ ماترا ڳڻي ٿي وڃي. ان مان مراد اها ئي آهي ته عام طور ڳڻپ جو دارومدار ’سُر‘ (Vowel) تي آهي. هتي جڏهن ساڪن کي ٿو ڏسجي ته اها ڳڻپ صرف ’سُر‘ کي روڪڻ واري ورتي وڃي ٿي. اهڙي حالت ۾ مشدد اکر جون ٻه ماترائون ورتيون وينديون آهن؛جيئن: ستّار، ڍڪّڻهار وغيره.

ڇندوديا موجب سورٺي يا دوهي جي ماترائن جي وزن جو مختصر طريقو هيٺ ڄاڻائجي ٿو، جنـﮨـن ۾ هڪ ماترا (ننڍي سُرَ) لاءِ نشاني (^) ابتي انگريزي اکر ’ويِ‘ جي رکجي ٿي ۽ ڊگھي ماترا (ڊگھي سُرَ) لاءَ نشاني ( - ) ليڪ ٽڪر رکجي ٿي:

·        سورٺي واري سٽ جي وزن  جو مثال

ستّر ڪج ستّار، آءٌ اگھاڙي آهيان،

(ڀاوناڻي، 1955: 127) ۽ (سوڍر، 1991: 440)

ڀاوناڻي جهمٽمل، پنهنجي هڪ ليک ۾، چند سورٺن ۾ ڪم آندل ’شد‘ جي وضاحت هن انداز ۾ ڪري ٿو ته: ”مٿين سورٺن ۾، ڪٿي ڪٿي تشديد ڏني وئي آهي ڇاڪاڻ ته هونءَ، هڪ ماترا کُٽي ٿي پوي ۽ وزن گھٽ ٿو رهي. تشديدن ڏيڻ بعد، هي بيت مڪمل سورٺا آهن؛ بلڪل ڪاريگريءَ جا سورٺا آهن.“ (ڀاوناڻي، 1955: 127)

اهو بيت جي وزن جو مزاج آهي ته چوڻ يا ڳائڻ ۾ ڪنـﻫـن نه ڪنـﻫـن هنڌ تي آواز جو زور پاڻ مرادو اچي وڃي ٿو ۽ پورائو ٿي وڃي ٿو. هيٺ لفظ: ’ستّر ۽ ستّار‘ جي وزن کي نظر ۾ رکي سورٺي جي سٽ جو ڇيد رکجي ٿو:

·       سَتۡ + تُ + رُ + ڪَ + جِ + سَتۡ + تا + رَ = 11 ماترائون؛

·       آ + ئُون + اُ + گھا + ڙِي + آ + هيان = 13 ماترائون. ڪل 24 ماترائون ٿيون.

·        وضاحت

?    هتي اهو واضح ڪندو هلجي ته ’ستّر‘ ۾ ’تّ‘ مشدد آهي، ان ڪارڻ ان جون ٻه ماترائون ٿينديون. جيئن ته مشدد اکر ۾ ’پهريون ساڪن ۽ ٻيو متحرڪ‘ ٿيندو آهي، ان ڪارڻ پهريون ساڪن آواز ان کان اڳ واري آواز سان ملائبو ۽ ٻيو متحرڪ اڪيلي سِر اچاربو. لفظ ’ستّر‘ هن ريت اچاربو: ’سين تي زبر سَتۡ، تي پيش تُ: سَتُّ، ري پيش رُ: سَتُّرُ. ان ليکي تحت ’سَتُّرُ‘ جون ماترائون 4 ماترائون ٿينديون.

?    سنڌي ٻوليءَ جي لحاظ کان ’ي‘ کان اڳيان ايندڙ ڪوبه آواز متحرڪ نه ٿيندو آهي بلڪ ساڪن ٿيندو آهي، ان لحاظ کان ’آهيان‘ ۾ ’هه‘ کي زير نه ڏبي بلڪ ’هه‘ ساڪن رهي ’ي‘ سان ملي ’آن‘ گھُڻي ڊگهي سُر (Nasal long vowel) سان متحرڪ ٿيندي. ان لحاظ کان لفظ ’آهيان‘ جون 4 ماترائون ٿينديون.

سنڌي ٻوليءَ ۾ شدّ جي ڪم اچڻ بابت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڄاڻائي ٿو ته: ”عربي لفظ هڪڙا اهي آهن، جن جي ڪنـﮨـن حرف تي اصل ۾ ’شدّ‘ آهي. سنڌي ٻوليءَ جي مزاج ۾ ’شدّ‘ وارو اچار ڪونهي ۽ شاهه جي ٻولي (ڀٽ شاهه جي تر واري ٻولي) ۾ به اهي لفظ بنا شدّ جي ڳالهائجن ٿا. ٻيو ته اهي لفظ جيڪڏهن ’شدّ‘ سان پڙهبا ته ’وزن‘ ۾ خلل پوندو. مثلاً اصل عربي لفظ ’ستّار‘ آهي، پر جيڪڏهن هيٺينءَ سٽ ۾ اهو (اصل اچار موجب ’ت‘ جي شدّ سان پڙهبو ته وزن ٽٽندو، انهيءَ ڪري بنا شدّ سان پڙهبو:

                شرڪ ساڻ ستار، گھڻا گھاريم ڏينهڙا.“  (بلوچ، 2007: 126)

ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي مٿين راءِ ته ’ستّار‘ شدّ سان پڙهبو ته وزن ٽٽندو‘ کي جاچڻ لاءِ مذڪوره بيت جي سٽ کي جاچڻ ضروري آهي ته واقعي وزن ٽٽي ٿو يا ڊاڪٽر صاحب بغير تڪڻ جي راءِ ڏني آهي!

لطيف سرڪار جيڪي شاعريءَ جا گھاڙيتا ڪم آندا آهن، تن ۾ سورٺو، دوهو ۽ ٻنهي جي ميل واري صنف بيت اچي وڃي ٿو، جنـﮨـن جي هر سٽ جو اڪثريتي وزن ڇند وديا موجب 24 ماترائن تي ٻڌل آهي؛ سٽ جي ٻن اڌن ۾ قافيي وارو اڌ 11 ماترائن ۽ بنا قافيي واري اڌ جون 13 ماترائون ٿينديون آهن. ان ليکي سان ڊاڪٽر بلوچ جي ڄاڻايل سٽ جو ڇيد ڪجي ٿو:

·       پـﻫـريون اڌ: شرڪ = 3 ماترائون، ساڻ = 3 ماترائون، ستار = 4 ماترائون؛ ڪُل ٿيون: 10 ماترائون.

·       ٻيون اڌ: گھڻا = 3 ماترائون، گھاريم = 5 ماترائون، ڏينهڙا = 5؛ ڪل ٿيون: 13 ماترائون.

·       ٻنهي اڌن جون ڪل ماترائون ٿيون: 10 + 13 = 23.

مٿي ڪيل ڇيد مان اهو اخذ ٿيو ته ڊاڪٽر بلوچ جي راءِ موجب لطيف سائين جي مذڪوره سٽ جون ڪل ماترائون 23 ٿين ٿيون؛ جڏهن ته سورٺي، دوهي يا بيت جي صنف ۾ ڇند وديا موجب هر سٽ جون 11 + 13 = 24  يا 13 + 11 = 24 ماترائون ٿيڻ گھرجن. ان ليکي پٽاندر لفظ ’ستّار‘ جي تشديد ڳڻپ ۾ ايندي جنـﮨـن سان پـﻫـرئين اڌ جون ماترائون 11 بيـﮨـڻ سان ڪل 24 ماترائون ٿينديون.

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جي راءِ ته ”سنڌي ٻوليءَ جي مزاج ۾ شدّ وارو اچار ڪونهي‘ ۽ ’ستّار لفظ ۾ اصل اچار ’ت‘ شدّ سان پڙهبو ته وزن ٽٽندو“، واري ڳالهه ڪو وزن نه ٿي رکي؛ ڇو ته ديوناگري صورتخطيءَ ۾ به آوازن جي شدّ جو تصور آهي، جنـﮨـن سبب اهڙي ڪنـﮨـن لفظ ۾ پـﮨـريون اکر اڌ ۽ ٻيو سڄو لکيو ويندو آهي، ان لاءِ ائين چئي سگھجي ٿو ته هڪ اڌ ٻوليءَ سواءِ هن خطي جي ٻولين ۾ شدّ جو تصور موجود آهي؛ ٻيو ته شاه عبداالطيف ڀٽائيءَ پنـﮨـنجي شاعريءَ ۾ ’شدّ‘ جي وزن کي خيال ۾ رکي ئي وزن تي شاعري ڪئي هوندي، ڇو ته سندس شاعريءَ جا وزن جيڪڏهن جاچجن ٿا ته مذڪوره لفظ جو وزن ’شدّ‘ سان ئي بهتر بيهي ٿو؛ هيٺ بلوچ صاحب جي ڄاڻايل ساڳي سٽ ۽ ڇند وديا موجب ٻيـﻫـر ڇيد ڪجي ٿي، جنـﮨـن ۾ ڇوٽن سرن لاءِ هڪ ماترا، ۽ ڊگھن سرن لاءِ ٻه ماترائون ورتيون وينديون آهن:

                              11     +         13=     24

شرڪ     ساڻ     ستّار،     گھڻا    گھاريم     ڏينهڙا.

مذڪوره لفظ ’ستار‘ جي ڳڻپ ’شدّ‘ سان ئي ڪيل آهي، جيڪڏهن ’شدّ‘ سان ڳڻپ نه ڪئي ويندي ته وزن جي کوٽ ٿي ويندي. اهي وزن ڇند وديا موجب عام آهن ۽ سنڌي بيت جي مزاج وٽان آهن، تنـﮨـنڪري ان وزن ۾ ئي بيت جي سٽن کي توريو ويندو آهي. ان صورت ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي راءِ ڪا معنى نه ٿي رکي؛ البته، اها ڳالهه درست آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ’شدّ‘ جي حيثيت صوتي (Phonemic) ناهي.

  ’هه‘ جي آواز ۽ اکر جي وزن بابت

سنڌي صورتخطيءَ ۾ ’هه‘ اکر جا پنج روپ (Shapes) ٿين ٿا، جن جو وچور هن ريت بيهي ٿو:

ü               ملفوظي هه: هيءَ ملفوظي ’هه‘ سڏبي آهي، جنهن جو آواز واضح جڙندو آهي، ان ’هه‘ جي هڪ ماترا ڳڻبي؛ جيئن: آهيان

ü               وسرڳي ـهـ: هيءَ وسرڳي ’هه‘ سڏبي آهي، جيڪا وسرڳ ۾ ڪم ايندي آهي. هن جو شمار الڳ سان آواز ۾ نه ٿيندو، ان  ڪارڻ ان جي ڳڻپ الڳ سان نه ٿيندي؛ جيئن: گھر، جهڪ

ü               مختفي ه: هن جا ٽي قسم ٿين ٿا:

o     مختفي ه: موجوده، خانقاه وغيره

o     مختفي ـه: صفيه، مکيه،نه، ته، به وغيره

o     مختفي ـہ: هميشہ، فاطمہ وغيره

مٿي ڄاڻايل ’هه‘ جي روپن ۾ صرف ملفوظي ’هه‘ جي لازمي ڳڻپ ٿيندي؛ باقي وسرڳي ’ـهـ‘ جي  ڳڻپ بنهه نه ٿيندي. البت، گھرجن آهر مختفي ’ه‘ جي ڳڻپ ٿي سگھي ٿي ۽ نظرانداز به ڪري سگھجي ٿي. ڳڻپ ان صورت ۾ جڏهن ڊگھي سُر (Long Vowel) طور وٺجي، جيئن: ’موجوده‘ ۾ ڳڻڻ ۽ نظرانداز ڪرڻ، ٻنهي جي گنجائش موجود هوندي آهي.

 

¨    حاصل مطلب

?  هر لفظ جون ٻه معنائون ٿين ٿيون: هڪ: لغوي/ اکري، ٻي: سماجي/ اصطلاحي. ’بيت‘ جي لغوي معنى ’گھر‘ آهي؛ ليڪن اصطلاحي معنى: اهڙو شعر جيڪو سورٺي ۽ دوهي جي ميلاپ مان جڙيو هجي.

?  ’سورٺ‘ لفظ جي معنى ’تلوار جي تيز ڌار وارو پاسو‘، ان نسبت سورٺي جي معنى تلوار جو ڌڪ، جيڪو ڪنـﻫـن جسم کي ٻه اڌ ڪندڙ هجي. اصطلاحي معنى موجب اهڙو ٻن سٽن وارو شعر جنـﻫـن جي وچ ۾ قافيه ايندا هجن.

?  ’دوهي‘ مان مراد اهڙو ٻه سٽن وارو شعر جنـﻫـن جي آخر ۾ قافيا هجن.

?  ’بيت‘ انهن ٻنهي صنفن جي ميلاپ سان ترتيبيل آهي، جنـﻫـن ۾ سورٺي ۽ دوهي جون گڏيل خاصيتون رهن ٿيون.

?  ’بيت‘ جي جوڙجڪ مان هيٺيون خاصيتون نوٽ ڪيون ويون آهن:

o     بيت جي هر سٽ ٻن اڌن (پدن) ۾ رهي ٿي.       

o     ماترائن موجب، قافيي وارو اڌ، ٻئي اڌ کان ننڍو ٿئي ٿو.

o     پهرين سٽ اختياري آهي، يعني سورٺي يا دوهي جي ٿي سگھي ٿي.

o     ٻين/ وچيون سٽون لازمي طور دوهي جون ٿين ٿيون.

o     آخري سٽ لازمي طور سورٺي جي هجي ٿي.

?  ’بيت‘ جي لغوي معنى گھر آهي؛ سماجي ٻوليءَ نسبت ’گھر‘ مان مراد احاطو يا حدبندي به آهي. امڪان آهي ته سورٺي ۽ دوهي جي ميل سان جڙندڙ هڪ نئين صنف کي حدبندي، جوڙجڪ، گھاڙيتي ۽ ماڻ ماپي آهر ’بيت‘ ڪوٺيو ويو هجي.

?  ڇند وديا/ شعر جي علم موجب بيت جا ڪافي گھاڙيتا ٿين ٿا، جن ۾ سورٺا دوها ڇند عام آهي. سورٺي واري سٽ ۾ 11 + 13 = 24 ماترائون ۽ دوهي واري سٽ ۾ 13 + 11 = 24 ماترائون ٿين ٿيون

?  ’ماترا‘ جي معنى آواز جو وزن آهي. لفظن ۾ وزن ’سُر‘ (Vowel) جو ڳڻيو ويندو آهي. ’ڇوٽي سُر‘ (Short Vowel)۽ ڇوٽي گھُڻي سُر (Nasal Vowel) جي هڪ ماترا ٻَڌي ويندي آهي؛ جڏهن ته ’ڊگھي سُر‘ (Long Vowel) ۽ ڊگھي گھُڻي سُر (Nasal long Vowel)جون ٻه ماترائون ڳڻيون وينديون آهن.

?  ساڪن وينجن (Vowelles Consonant) جي هڪ ماترا ڳڻي ويندي.

?  مشدد اکر/ ٻٽي آواز (پهريون ساڪن، ٻيو متحرڪ)/ Cluster of sound جون ٻه ماترائون ٻَڌبيون.

?  صورتخطيءَ جي لحاظ کان ’هه‘ جا پنج روپ ٿين ٿا، ’ملفوظي هه‘ جي ڳڻپ ٿيندي ۽ ’وسرڳي ـهـ‘ جي ڳڻپ نه ٿيندي؛ بلڪ ’مختفي ه‘ جي ڳڻپ ۾ گنجائش رهي ٿي.

¨        حوالا/ ذريعا

&           الانا، غلام علي، ڊاڪٽر [1987] 2005. سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس- ڄام شورو: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.

&           انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (2009) جلد: پهريون. چيف ايڊيٽر: ڊاڪٽر فهميده حسين. حيدرآباد: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي.

&           بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر (1960) جامع سنڌي لغات. حيدرآباد/ ڄام شورو: سنڌي ادبي بورڊ.

&           بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر (2007) رسالي جي جامع مستند متن لاءِ صورتخطي. سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون، مرتب: خان محمد جروار. حيدرآباد: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي.

&           ٻوهيو، الهداد، ڊاڪٽر (1978) سماجي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج. ڄام شورو: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.

&           ڀاوناڻي، جھمٽ مل، خوبچند (1955) شاهه جي شعر جي بناوٽ. ٽماهي مهراڻ. ايڊيٽر: محمد ابراهيم جويو. سيارو: 1. ص: 120- 137. ڄام شورو: سنڌي ادبي بورڊ.

&           سوڍر، شاهنواز، ڊاڪٽر (1991)، سنڌي ثقافت ۽ شاه لطيف. ڀٽ شاه: شاه عبداللطيف ڀٽ شاه ثقافتي مرڪز.

&           سید احمد دہلوی [1918]  2002 فرہنگ آصفیہ ۔ جلد :سوم. لاہور: سنگ میل پبلی کیشنز.

&           سید محمد سلیم پروفیسر   (1981) اردو رسم الخط ۔ کراچی: مقتدرہ قومی زبان.

&           نیّر، نور الحسن، مولوی [1976]  2006. نور اللّغات۔ جلد  1-2۔ اسلام آباد :نیشنل بک فائونڈیشن ۔

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org