سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2۽3/ 2017ع

باب:

صفحو:16 

رکيل مورائي

 

 

 

سنڌي ادب کي شاهوڪار ڪندڙ ڪتاب

     قلم جا وارث

منهنجي بيحد پياري دوست انور ابڙي جو خاڪن نما ليکن تي ٻڌل، وري وري پڙهڻ ۽ سانڍڻ، جهڙو ڪتاب ” قلم جا وارث“ جي نالي سان تازو ئي ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو آهي ۽ تيزيءَ سان پڙهيو پيو وڃي، خاص طور  انهن حلقن ۾ جيڪي تخليقي ادب سان جڙيل آهن، هُو پڙهندڙ  به آهن ته لکندڙ به آهن. جيتوڻيڪ خاڪا نگاري، افسانوي / تخليقي صنف نه آهي، پر ڇاڪاڻ ته  انور بنيادي  طور تخليقي ليکڪ آهي انڪري  سندس لکيل  خاڪا، ادبي به آهن، سوانحي به آهن، اڀياسي به آهن ته ساڳي وقت تخليقي به آهن، منجهن  تخليقي حصو وڌيڪ  خاڪن ۾ آيل آهي، جنهن سبب اهي وڌيڪ احساساتي ٿي بيٺا آهن ۽ اهو احساس انور جي تخليقي ٻوليءَ جي نکار سبب ئي آهي.

سنڌي ادب ۾  خاڪن / پروفائيلن جا چڱا ئي ڪتاب اڄ  موجود آهن، جنهن سلسلي ۾منهنجي  مطالعي  هيٺ آيل پهريون ڪتاب، ”جنب گذاريم جن سين“ آهي، جيڪو سائين جي.ايم.سيد جو آهي ۽ ساڳي نوعيت جو ڪتاب ”اُهي ڏينهن اهي شينهن“ علي محمد راشدي صاحب جو آهي، جنهن سلسلي جي آخري ڪڙي ۽ تخليقي ادب جي  ويجهو /رچيل ڪتاب آهي، غلام رباني آگري صاحب جو ”جهڙا گل گلاب جا“۽ پوءِ ”ماڻهو شهر ڀنڀور جا“ .

سنڌي تخليقڪارن ۾ ميڊم ماهتاب محبوب، عبدالقادر جوڻيجو ۽ ٻين ڪيترن  ئي ليکڪن خاڪا لکيا  آهن، ائين انور جو ڪتاب ان ئي سلسلي جي هڪ واڌو  ۽ لاجواب ڪڙي آهي، پر اهو وسارڻ نه گهرجي ته هن ڪتاب  جو دائرو وڌيڪ  ويڪرو آهي، جنهن جي ٻاهران ڪابه  حد لڪير ڏيئي نه ٿي سگهجي  ڪنهن  به خاص  ادبي صنف  جي.  ’انور ان وقت ۾ سنڌي ادب ۾ موجود هوندڙن ۽ رهندڙن، قلم جي وارثن جي  وارثي ڪئي آهي، جنهن وقت اسان جو نوجوان لکندڙ فقط پنهنجي وارثي ڪرڻ جي سوداءَ ۾ ورتل آهي. ان کان ٻاهر هُو جڏهن  پنهنجي همعصرن ۽ پاڻ کان سينئرن  تي ڪجهه به لکي ٿو ان وٽ فقط ٻه  ويچار ظاهر ٿي بيهن ٿا. هن وٽ يا ته  دوستي آهي يا دشمني آهي، اها شخصي به آهي ته علائقائي به، ان ۾ ادب جو اڀياس گهٽ آهي پرک اڻپوري آهي ۽ ٻولي يا ته خوشامندي آهي يا ڏنڀ ڏيندڙ، ائين اڄ تخليقي سنڌي ادب جو وڏو حصو تخليق ۽  تخليقي روايتن توڻي سنڌي ادبي روايتن کان ڪوهين ڏور وڃي رهيو آهي.

۽ سچ پچ ته انور جي هن ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ ان اهو احساس ڏياري ورتو آهي ته ڄڻ هُو انهن سنڌي ادب جي تخليقي روايتن جي ۽ ساڻ ساڻ  پنهنجي ادبي ۽ شخصي روايتن جي پاسداري ڪندي انهن کي نه رڳو بچائڻ جي ڪوشش ۾ آهي، پر انهن کي هڪ شفاف علمي، ادبي ۽ تخليقي رستي ڏانهن آڻڻ جي شعوري ڪوشش ۾ هجي ڇاڪاڻ ته شعوري/نظرياتي طور انور انهن  سڀني قدرن جو پاسدار رهيو آهي، جن ۾سڄي سنڌ پنهنجي سمورن ادبي، علمي،  سماجي ۽ ثقافتي قدرن سميت موجود هجي، ان کان اڳتي جيڪڏهن ڪي نوان قدر جُڙن ٿا ته هُو انهن جي پاسداري  ڪرڻ وارو ۽  انهن جي آبرودار آجيان ڪرڻ وارو آهي، جيڪڏهن  انهن ۾ نئين تخليقي ادب لاءِ ڪي نوان رستا موجود آهن ته.

”قلم جا وارث“ نالي ڪتاب ۾ آيل پنجاهه علمي ۽ ادبي شخصيتون پنهنجن پنهنجن نظرين/ويچارن ۽ ادبي ڌارائن جي پوئلڳيءَ سميت جيئن جو تيئن موجود آهن، انهن  جو آس پاس ۽ آر پار، جيئن آهي تيئن هن برقرار رکيو آهي، اهڙي عمل  لاءِ وڏي دل گهرجي. جيڪا انور وٽ موجود آهي. 

انور جي هنن لکڻين جي اهم خوبي اها آهي ته اُهي جن به شخصن/اديبن/شاعرن ۽ عالمن بابت آهن. انهن ۾ انور کين  سندن ئي دائري ۾ قلمبند  ڪيو آهي. هن پنهنجو ڪو به دائرو نه جوڙيو آهي ۽ نه ئي ان  پنهنجي دائري ۾ قلمبند ڪيو آهي ۽  ادب ۾ اهو رويو هڪ ايماندار  ليکڪ جي سڃاڻپ هوندو آهي ٻيءَ طرح، ڪوبه ليکڪ پنهنجي ليکن ۾ آيل سمورن  شخصن/ اديبن سان، سندن سموريت  ۾ سهمت هوندو ائين بنهه  ٿيڻو نه آهي، دنيا جي ڪنهن به ادب ۾!

انور  جن شخصن/اديبن تي لکيو آهي، انهن سڀني سان نه، ته ڪجهه حصي سان اسان جي به ويجهڙائي رهي آهي ۽ ڪجهه حصي سان اڄ جي لکندڙن جي ويجهڙائي هوندي، اُهي سڀ جا سڀ پنهنجا نجي ويچار رکندڙ آهن، پر جڏهن وارثي  ڪرڻ جو ويچار اچي  ٿو يا گهُرج محسوس ٿئي ته اتي ڪوبه  لکندڙ اهميت ان شخص کي ڏيڻ جو پابند آهي، جنهن تي هُو ڪجهه به لکي رهيو آهي. اتي هن کي پنهنجي سوچڻ ۽  ويچارڻ کان گهڻو  الڳ رهڻو پوي ٿو. ڇاڪاڻ ته انهن لکِڻين ۾ اهميت ان شخص/اديب جي ويچارن کي آهي، جنهن  بابت ڪجهه به لکيو پيو وڃي ۽ انور حيرت  جي حد تائين ان اڻ سهيون ويندڙ گهڙين ۾ انهن سڀني شخصن کي، انهن جي تخليقي/شخصي/ نظرياتي ويچارن کي مانُ ڏنو آهي يا  مان ڏيڻ جي ضمانت جي حامي ڀري آهي، مثال مانُ سندس لکڻ مان نه کڻي کيس جي ڪتاب تي لکيل مان کڻان ٿو. جيڪو اسان جي ملڪ جي نامياري ليکڪ عبدالقادر جوڻيجي جو لکيل آهي.

” انور ابڙي جي شخصيت به باوقار آهي ته لکڻ ۾  باوقار نظر اچي ٿو، هن ڪتاب ۾ ڪابه ڪج بحثي ڪو نه ڏيکاري آهي، جنهن ليکڪ جي جيتري عزت  آهي، اوتري عزت  هن ڪتاب ۾ به پاتي وڃي ٿي. هي ڪتاب هڪ معياري تنقيد آهي.“

ان کان اڳتي مون کي اهو چوڻو آهي ته هن ڪتاب ۾ انور هڪ ئي وقت ٽي ڪردار ادا ڪيا آهن. هڪ گهڻ پاسائين  ليکڪ طور.  هڪ اهو ته هن، جن به سينئر ليکڪن / ليکڪائن تي لکيو آهي. انهن  ليکن ۾ سندس پنهنجي وڏن لاءِ احترام جو ڇيهه ئي ڪونهي. انهن ۾ هن ٻوليءَ  کان احترام ڏياريندڙ اظهار جو ڪم ورتو آهي، ان رويي هن کي پيار حاصل ڪرڻ واري جڳهه تي بيهاريو آهي ۽ مون کي يقين آهي ته اسان جي سڀني سينئرن، جن هيءُ ڪتاب پڙهيو هوندو يا پڙهندا ته انهن جي دل ۾، اظهار ڪرڻ يا نه ڪرڻ جي باوجود، انور لاءِ پيار جو جذبو ڦُٽو هوندو ائين اَوس ٿيڻو آهي.

ٻيو اهو ته  هن جن به پنهنجي  همعمر ۽ همعصرن  تي لکيو آهي، انهن ليکن ۾ هن جيڪو  ٻوليءَ کان پيار وارن لفظن جو اظهار ورتو آهي اهو هن  کي پيار ڪرڻ کان وڌيڪ احترام ڏياري ٿو، خاص طور انهن جي دلين ۾ جن تي هن ڪجهه به لکيو آهي، اتي هُو احترام لهڻي ٿو، اسان سڀني کان جيڪو کيس ادب جي دائري ۾ ضرور ڏيڻ کپي ۽ اميد آهي ته اهو کيس ملي رهيو آهي.

ٽيون ۽ آخري توڻي اهم سندس ڪردار آهي، هڪ سعادتمند ليکڪ وارو. هن ڪتاب جي پهرئين حصي ۾ ڪجهه مضمون اهڙا آهن، جن ۾ انور سنڌي ٻوليءَ کان عقيدتمندي ۽ سعادت منديءَ وارن لفظن جو اظهار  ورتو آهي. هيءَ عقيدتمندي مذهبي نه آهي، عقلي، شعوري ۽ علمي آهي، مثال طور ڀٽائي سائين، شيخ اياز، محمد ابراهيم جوئي، حيدر بخش جتوئيءَ، ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ، جمال ابڙي صاحب ۽ اياز قادري صاحب تائين سندس لهجو/اظهار عقيدتمنديءَ وارو آهي، سبب اهو نه آهي ته اهي هن دنيا ۾ نه رهيا آهن، سبب اهو آهي ته انهن جي ادب ۾ ڪيل خدمتن جي اعتراف لاءِ انهيءَ  ٻوليءَ جي گهُرج هئي، ٻئي پاسي انور جي ساڳي احترام ۽  عقيدتمنديءَ واري ٻولي،  انور پيرزادي، بدر ابڙي، تاج بلوچ ۽ ٻين ڪيترن لاءِ به آهي ۽  اهو اسان سڀني، اڄ جي لکندڙن  لاءِ  مثال به آهي ته اسان جيڪڏهن پنهنجي بزرگن جو احترام نه ڪنداسين ته ايندڙ نسل مان پنهنجي لاءِ احترام ڪرڻ واري خواهش ڪهڙي جذبي هيٺ ڪنداسين.؟

شخصي طور انور جي اُن لهجي / اظهار / ٻوليءَ مون کي وڌيڪ موهيو آهي، جنهن  ۾ اسان جي همعصرن جو ذڪر آهي، ان ئي حصي ۾ عبدالقادر جوڻيجي  صاحب کي انور  جي  اندر وارو نقاد نظر آيو آهي ۽ اهو نقاد -  مروج نقاد لفظ وارو نقاد نه آهي، اهو ليکڪ توڻي سندس پورهئي سان پيار ڪرڻ  ۽ سندس ” ڍلايون ڍڪڻ“ وارو نقاد آهي، پر سندس پرک ڪندڙ شعور ان ۾ جيئن جو تيئن موجود آهي، هيءُ ليک جيئن ته تنقيدي ادب واري شاخ ۾ ايندڙ  نه آهن، انڪري مان انهن کي تنقيدي پاسي کان پري رکندي انهن جي تخليقي پاسي ڏانهن  وڌيڪ توجهه ڏيان ٿو.

انور جيئن ته اول شاعر آهي، پوءِ ڪهاڻيڪار آهي ۽ آخر ۾ ناول نگار آهي. هيءُ سڀ  ادب جون تخليقي صنفون آهن ۽ انهن جي گهُرج اول نفيس ٻولي ۽ نفيس ويچار آهن. انور ان ساڳي تخليقي نفاست کي ساڳي وقت پنهنجي ادبي قدرن کي به آڏو رکي هي ليک لکيا آهن.

ڪتاب ۾ علمي ادبي شخصيتون، سندن زندگي، فن ۽ فڪر تي ليک آهن، انڪري ڪي اڀياسي ليک آهن، ڪي سوانحي ليک آهن، ڪي تعزيتي ليک آهن ۽  ڪي تاثراتي ليک آهن، پر سندن مجموعي سڃاڻپ اها آهي ته اهي سڀ پنهنجي موضوعاتي بيهڪ ۾ هوندي به تخليقي طور گهڻو  اڀري بيٺا آهن، سبب جيئن مون مٿي ڄاڻايو آهي ته انور بنيادي طور تخليقي ليکڪ آهي.

 سندس جيئڻ جي حوالي ۾ يا پروفيشنل حوالي ۾ هڪ سٺي  مترجم، هڪ سُچيت مرتب ۽ هڪ ذهين صحافيءَ جون  مڃتائون به جُڙيل آهن، هن عملي طور سياست جي پوئلڳيءَ  ۾ به گذاريو آهي ۽  اهي سڀ ڪم سچ پچ  ته هن فقط ڪم سمجهي نه ڪيا آهن، اهي سڀ پنهنجا تخليقي ڪم سمجهي ڪيا آهن. اهي جتي به نظر تي چڙهندا ته انهن تي انور جي تخليقي صلاحيتن جي مهر لڳل نظر ايندي. ان ۾ ٻه رايا ٿي نٿا سگهن. اڄ تائين سندس آخري حوالو ڪتاب ” قلم جا وارث“  آهي. جنهن ۾ پڻ سندس تخليقي صلاحيتون  بلڪل ظاهر ٿي بيٺيون آهن ۽ سندس نظرياتي اظهار اهي عنوان به آهن جيڪي هڪ پاسي تخليقي اظهار ڏين ٿا ته ٻئي پاسي انور جي ادبي ۽ نظرياتي ويچارن کي ظاهر به ڪن ٿا. جنهن سبب ڪري ذهن ۾ هڪ ويچار اهو پيدا ٿيو ته،  هن ڪتاب تي مون پاران ڪجهه به لکڻ کان هزار ڀيرا وڌيڪ اهو بهتر آهي ته اڀياس طور سندس پنجاهه عنوان ئي لڳائي ڇڏجن. جيڪي انور پنهنجي ليکن کي ڏنا آهن ، پڙهندڙن لاءِ اها تخليقي ڄاڻ ئي گهڻي آهي ڪجهه به اجايو لکڻ کان.

ڪيئن به انور جو هيءُ ڪتاب موجوده لکيو ويندڙ ادب  جي پهرئين حصي ۾ شامل آهي ۽ سنڌي ادب جي آبروءَ ۾ سچ پچ هڪ اهڙو واڌارو  آهي جيڪو نمايان رهندو ۽ وري وري پڙهيو ويندو، ڪنهن به ٻوليءَ  ۾ جيڪڏهن انور ابڙي جي هن ڪتاب جهڙو ادب سِرجي رهيو آهي ته  پڪ سان  ان ٻوليءَ  کي ادبي طور  شاهوڪار ئي سمجهڻ گهرجي. انور هيءُ ڪتاب  لکي سنڌي ٻوليءَ کي شاهوڪار ڪيو آهي اها ڳالهه ياد رکڻ جهڙي آهي جيڪڏهن وساري ويندي تڏهن به هلي ويندو  ۽ بس.

اسدالله “عاجز” سومرو  ڳاڙهوي

الهورايو ’سليم‘ ڳاڙهوي-

هڪ فقير صفت انسان ۽ سهڻو سخنور

 

سونهاري سنڌ جي پاڪ ۽ پوتر ڌرتيءَ صدين کان درويش صفت، عالم ۽ سخن فهم، سخن سنج سگهڙ، شاعر پيدا ڪيا آهن، جن هميشه سنڌي ٻوليءَ جي، سنڌ ۽ سنڌ وارن جي خدمت ڪئي آهي. انهن نيڪ انسانن، ڀلن ماڻهن مان سليم ڳاڙهوي به هڪ ٿي گذريو آهي.

ولادت- 15- مارچ 1925ع تي فقير الهڏني مهر جي گهر هڪ ٻالڪ پيدا ٿيو، جنهن جو نالو الهورايو رکيو ويو، جنهن اڳتي هلي ”سليم ڳاڙهويءَ“ جي تخلص سان گوشه نشين هئڻ جي باوجود شاعريءَ جي دنيا ۾ ڌاڪو ويهاريو ”سليم ڳاڙهوي“ ڳوٺ ڳاڙهيءَ ۾ ڄائو. ڳوٺ ڳاڙهي، سکر- پير ڳوٺ روڊ تي 8 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. ڳوٺ ڳاڙهي سنڌو درياءَ جي کاٻي پاسي صدين کان آباد آهي. هيءُ ڳوٺ، خيرپور ميرس ضلعي ۾ آهي. 1783ع ۾ خيرپور جي نالي سان مير سهراب خان پنهنجي حڪومت قائم ڪئي. سندس دور ۾ گولہ شاهه وڏو سپهه سالار هو، جنهن جي جوڙايل مسجد خيرپور شهر جي ٻاهران ميرعلي بازار ۾ ٽن قبن واري مسجد آهي، جنهن تي 1224 هجري اُڪريل آهي، جيڪا مسجد گوله شاهه ٺهرائي هئي. هن وقت پراڻن نشانن مان صرف اها مسجد بچي آهي. مذڪوره گولہ شاهه مير سهراب خان جي وقت ۾ جتي هن وقت ڳوٺ ڳاڙهي اڏيل آهي، اُتي پاڻيءَ جي ڳاڙهي ڍوري ڀرسان، شڪار جي ڪري ماڻهو رهايا، اڳتي هلي ان ڳوٺ، ڳاڙهي جي شڪل اختيار ڪئي، بعد ۾ مٿس ’ڳاڙهي‘ ڳوٺ جو نالو پيو.

هڪ دفعي فقير ”سليم ڳاڙهوي“ مرحوم ٻڌايو ته اسان وڏن کان ٻڌو هو ته: فقير منگتا جيڪي گهر مان سين هڻي خير وٺندا هئا، انهن کان اِهي لفظ ٻڌم ته عاليپور الله جي، يعني ان جي اڏيندڙ جو نالو گمنام آهي، باقي ڳاڙهي گولہ شاهه جي، يعني ڳاڙهي ڳوٺ گوله شاهه اڏايو هو.

سليم ڳاڙهوي جو گهراڻو فقيرن جو گهراڻو سڏبو آهي. جيئن ته فقير الهورايو سليم ڳاڙهوي، بن فقير حاجي الهڏنو بن فقير محمد الياس بن فقير ڪبير مذڪوره ٽيئي افراد حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَرحه جي درگاهه جا فقير هئا، انهن ماڻهن ۾ شرافت، سادگي، ماڻهپي واري مڻيا اُتم موجود هئي. سليم ڳاڙهوي به انهن صفتن سان موصوف رهيو. سليم ڳاڙهويءَ جو خاندان پوڻن ٻن صدين کان ڳوٺ ڳاڙهيءَ ۾ سڪونت پذير آهي. ان کان اڳ ۾ سندن خاندان شڪارپور ضلعي جي حبيب ڪوٽ ڳوٺ جو رهاڪو هو. ڳوٺ ڳاڙهي ۾ سندس خاندان کي ڪافي باغات ۽ زرعي زمين آهي.

تعليم: ڳاڙهوي مرحوم چئن سالن جي عمر ۾ تعليم جو آغاز قرآن پاڪ ناظره پڙهڻ سان ڪيو، بعد ۾ ڳاڙهي اسڪول مان چار درجا پاس ڪيائين. ڳاڙهيءَ ۾ پرائمري اسڪول 1928ع ۾ کليو هو، ان بعد فائينل ست درجا پريالوء اسڪول مان پاس ڪيائين. فائينل جو امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ کيس نوڪريءَ جو آرڊر مليو. پاڻ پنهنجي طبعيت موجب ان کان انڪار ڪيائين ۽ پنهنجي زرعي زمين ۽ باغات سنڀالڻ لڳو. سليم پڙهيل ته ست درجا هو، پر سندس مطالعو تمام اونهو هو. الله تعاليٰ کيس غضب جو حافظو عطا ڪيو هو، کيس تاريخي حواله صفحن سوڌا ياد هوندا هئا. اردو ۽ سنڌي شعراء جا اشعار ياد هوندا هئس. سنڌي اردو لغت تي کيس ڪامل دسترس هئي. ڳوٺ ڳاڙهي موري جا استاد ڪرام ڪنهن لفظ جي معنيٰ ۾ مُنجهي پوندا هئا، ته سليم ڳاڙهوي مرحوم کان ان جي معنيٰ پڇندا هئا، مرحوم کين ان لفظ جي ڌاتوءَ کان ۽ اهو لفظ ڪهڙي ڀاشا جو آهي، ان جي معنيٰ واقف ڪندو هو. مرحوم 1984ع بعد اکين جو نور ڪمزور هئڻ سبب پڙهڻ ڇڏي ڏنو، پر سندس علم ادب سان ايڏو ته اُتساهه هو جو ڪو پڙهيل وٽس اچي ويهندو هو ته ڳاڙهوي مرحوم اُن کي ڪتاب ڏئي هم تن گوش ٿي، ان کي ٻڌندو هو. 1985ع ۾ يحيٰ اسپتال (سکر) مان 1986ع ۾ شجاع آباد (پنجاب) مان اکين جو آپريشن ڪرايائين. ان بعد زندگي باغ ۽ مسجد تائين محدود ڪري ڇڏيائين.

شاعريءَ جو آغاز: هيءَ حقيقت آهي ته خوشي ۽ غم جا جذبات شاعر جي ذهن ۾ تحرڪ پيدا ڪن ٿا. اهي جذبات موزون لفظن ۽ جملن جو روپ ڌارين ٿا، جن کي اشعار چيو وڃي ٿو. ”سليم ڳاڙهويءَ“ جي شاعريءَ جي ابتدا به هڪ اهڙي معمولي واقعي بعد ٿي، اهو هيئن ته سليم ڳاڙهوي قرآن پاڪ، حاجي محمد يوسف جي گهر واريءَ وٽ پورو ڪيو. اُن مائي صاحبه ٻڌايو ته ننڍڙي الهورايي کي لوٽي ڀرڻ لاءِ ڏني وئي، لوٽي ڀري موٽيو ته واٽ تي ٿاٻڙجڻ سبب لوٽي ڪري پئي. لوٽيءَ جو ٺڪريون به ميڙيندو رهيو، ته بي ساخته سندس زبان مان موزون سِٽون به نڪتيون ته ”دَکڙي مَن مَکڻي.“

اهڙي طرح سندس شاعريءَ جو آغاز ٿيو. اسڪول واري زندگيءَ ۾ سندس استاد شعر گوئي کان حيرت ۾ پئجي ويندا هئا، سندس باقاعده موزون شاعريءَ جو دور 1947ع ۾ شروع ٿيو. هن ڏس ۾ سندس مشهور معروف سنڌي ادبي رسالي ”اديب سنڌ“ سندس رهنمائي ڪئي. سندس ادبي استاد محمود خادم لاڙڪاڻوي هو. رسالن ۽ ڪتابن ۾ استاد شاعرن جو ڪلام پڙهي هينئن ۾ هنڊائيندو هو، اڳتي هلي سنڌي زبان جي هڪ برک ۽ مڃيل شاعر جو مقام حاصل ڪيائين. سليم ڳاڙهوي، شاعريءَ جي سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. سندس ٻاجهارو ڪلام، ’مهراڻ‘ رسالي، ’نئين زندگي‘، ’پيغام‘، مطلب ته سنڌ- هند جي سڀني سنڌي رسالن جي زينت بڻيل آهي. ڳوٺ راميجن (لڳ ڳاڙهي) جو رهاڪو کلومل 1978ع ۾ هندستان پنهنجي مائٽن ڏي گهمڻ ويو، ان اچي مرحوم کي ٻڌايو ته (پوني) ۾ هڪ هنڌ ڀِت تي شعر لکيل هو، اتي ڪجهه ماڻهو اهو پڙهي رهيا هئا ته مان انهن کان پڇيو ته اهو ڇا ٿا پڙهو. هُو چوڻ لڳا ته سنڌ جي شاعر سليم ڳاڙهويءَ جو شعر پڙهون پيا. مان انهن کي چيو ته اُهو ته اسان جي ڳوٺ جو آهي، هي اُن جو شعر آهي. ان تي هُو ڏاڍا خوش ٿيڻ لڳا.

”سليم“ صاحب جي شاعرانه فن تي تبصرو ڪندي مولانا غلام محمد گرامي ”مهراڻ شاعر نمبر“ ۾ لکي ٿو ته: ”محترم سليم ڳاڙهوي پنهنجي دلنشين ۽ شيرين ڪلام جي حيثيت سان ادبي دنيا ۾ وڏو مقام حاصل ڪري چڪو آهي. سندس شاعري ۾ پختگي ۽ عمدگيءَ جو هڪ سهڻو مثال آهي.“ سليم ڳاڙهوي مشهوري شهرت کان پري هو. شروعاتي زندگيءَ کان گوشه نشين رهيو ۽ سڄي زندگي، نهٺائي، ڪم گوئي ۽ پرهيزگاريءَ سان بسر ڪيائين. سليم صاحب هڪ سڄاڻ باغبان به هو. هڪ رونقدار باغ جي سنڀال، ڪتابن جو مطالعو ۽ شعر وشاعري سندس مشغلا هئا. صوم صلوات جو پابند، نهايت متقي انسان هو، ورد وظيفا به ورتائين،  ڪافي الله لوڪ انسانن جي صُحبت ۾ به ويٺو. انهن ۾ حضرت حماد اللهرحه، حضرت مولانا احمد علي لاهوري، حضرت مولانا احمد الدين ڪيهررحه وغيره شامل آهن. آخري وقت ۾ حضرت مولانا محمد عثمان عباسي سانگن واري بزرگ سان سندس روحاني رهاڻيون ٿينديون هيون، جڏهن سليم جي وفات ٿي ته سانگن واري بزرگ کي خبر پئي ته سندس باغ ۾ آيو، اتي ڪجهه وقت بيهي اسان کي چيائين ته فقير صاحب جي قبر ۾ ته جنت جي دري کلي پئي آهي.

بزمِ سليم: 1956ع ڌاران موريءَ ۾ ”بزم سليم “ نالي سندس دوستن ۽ شاگردن هڪ علمي مجلس قائم ڪئي. جنهن وسيلي فقير صاحب ڪيترن نَون شاعرن جي تربيت ڪئي ۽ علمي مجلسن جي آبياري ڪئي. سندس ساٿين ۽ شاگردن ۾ ولي محمد نديم انصاري (وفات: 1990ع ۾) ريڊيو پاڪستان خيرپور وٽ ايڪسيڊنٽ ٿي ويو هو. حليم سنڌي (وفات: 1988ع)، حباب انصاري (وفات: 1975ع)، غلام عباس خنجر ميانوي (وفات: 1961ع)، منير سولنگي  (وفات: 2016ع) عزيز ڳاڙهوي (وفات: 2014ع) مهيسر خادم رفيقوي ۽ هي ناچيز عاجز سومرو، مون کي سندس خدمت ۾ 12 سال رهڻ جو شرف حاصل ٿيو. هي ٻه چار لفظ لکڻ جهڙو ٿيو آهيان سي مرحوم جي شفقت ۽ رفاقت جو نتيجو آهي. مذڪوره شخصيتون پنهنجي دور جون سٺيون علمي ۽ ادبي شخصيتون هيون.

خوبيون: انسان خوبين ۽ خامين جو مجسمو آهي، پر ڳاڙهوي مرحوم جون خوبيون خامين تي ڇانيل هيون. فقير سليم ڳاڙهوي ڪم گو، صاف گو، خاموش طبع، گوشه نشين، خوش طبع، همدرد، دلنشين ڳالهائيندڙ هو. ادب جو گوهر، علم جو جوهر ۽ معلومات جو ڀنڊار هو. سندس ذهن تاريخ ساز واقعن سان لبزيز هو. جڏهن گفتگو ڪندو هو ته معلومات جا واهڙ وهائي ڇڏيندو هو. ايڏو ته سنڀالي سنڀالي ڳالهائيندو هو جو ڄڻ موتين جي ورکا پيو ڪري، سمجهي سوچي هر لفظ کي مناسب وقت تي استعمال ڪرڻ جي کيس خدائي ڏات مليل هئي. مرحوم سادگي پسند، غريبن ۽ پاڙي وارن جو وقت ۾ ڪم اچڻ وارو، انتهائي پاڪيزه زندگي گذارڻ وارو انسان هو. مرحوم انتها درجي جو حساس طبع، ڪنهن به انسان، يا جانور جي تڪليف تي تڙپي پوندو هو.

هڪ دفعي مان سندس باغ جي بيٺڪ ۾ ويٺو هوس، گرميءَ جا ڏينهن هئا، هڪ ڪڙمي پنهنجي ٻنيءَ تي وڃي رهيو هو، سندس پويان ننڍڙو پٽ پيرن اگهاڙو پيءُ جي پوئتان وڃي رهيو هو. فقير صاحب پيرن اگهاڙو تڪڙ ۾ اٿي ان کي وڃي کنيو، مان وٽس پهتس، مون کي چيائين ته يار! هن کي کڻ پنهنجي گهر ڇڏي اچ، هن کي هيٺ نه لاهجانءِ پير سڙي ويندس. پاڻ ان وقت تائين بيٺو رهيو هو، جيستائين مان ان ٻار کي گهر وارن جي حوالي ڪري نه آيس. سندس باغ ۾ ڪٿان ڪو ڪتو اچي رهيو، ان کي اڳ ۾ ماني کارائي پوءِ پاڻ ماني کائيندو هو. مرحوم جي پنهنجي ديس ۽ ديس وارن سان ۽ سنڌي زبان سان انتهائي عقيدت هئي، جيڪا سندس شعرن ۾ نمايان آهي.

اولاد: مرحوم جي شريڪ حيات شادي بعد 2- 3 سال زندهه رهي جنهن مان کيس اشرف نالي هڪ پٽ ڄائو هو جو چئن سالن ۾ وفات ڪري ويو هو، شريڪ حيات جي لاڏاڻي کان پوءِ ٻي شادي نه ڪيائين ۽ باقي مجدد زندگي ٿي گذاريائين.

سليم ڳاڙهوي جي ڀائيٽي منظور احمد وٽ سليم صاحب جو اڻڇپيل ديوان ۽ ٻه ٽي شاعريءَ جا مجموعا (غير مطبوع) آهن.

 وفات: سنڌي زبان جو هيءُ ممتاز قادرالڪلام ۽ ڪهنه مشق شاعر ۽ فقير صفت انسان 4- سيپٽمبر 1987ع مطابق 10 محرم الحرام 1408هه تي حرڪتِ قلب بند ٿيڻ سبب ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي جتي علاج لاءِ ويل هو. مرحوم کي (سنڌن جي سور) جو موروثي مرض هو. سندس تربت باغ ۾ آهي جيڪا پاڻ وصيت ڪئي هئائين. سندس شاگرد حليم سنڌيءَ جو هيءَ شعر حقيقت جي عڪاسي ڪري ٿو.

سنڌ ساريءَ ۾ سندس خال جو ڀرجڻ مشڪل،

اهڙو شاعر ۽ سخن بار هو استاد سليم،

رحمتون روح انهيءَ جي تي رهن شال حليم،

مرد مومن ۽ مڻيادار هو استاد سليم.

سليم ڳاڙهويءَ اردو ۽ سنڌي زبان ۾ شاعري ڪئي. منهنجي موجودگيءَ ۾ سليم ڳاڙهوي وٽ جن اديبن ۽ شاعرن جا خط ايندا هئا. جن سان سندس محبت جو رشتو هو، انهن ۾ رئيس امروهوي محمد ابراهيم، ”خليل“، نثار بزمي، طالب الموليٰرحه، پروفيسر اسدالله ڀٽو مرحوم، عطامحمد حامي وغيره. عطا محمد حامي ته ڪيترا دفعا سندس زيارت ڪرڻ آيو هو. افسوس ته مذڪوره بالا شاعرن جا ڪجهه خط مون وٽ به هئا، پر هن وقت ڳوٺ ڳاڙهيءَ کان خيرپور شفٽ ٿيڻ سبب گم ٿي ويا آهن. 10 محرم شام جو سندس جنازي نماز ٿي. اڪثر ڪري ان ڏينهن تي سواري بند هوندي آهي، پر ڳاڙهي ننڍڙي ڳوٺ ۾ وڏي جنازي نماز تي خلق جو اچڻ هر ماڻهوءَ کي اچرج ۾ وجهي ڇڏيو هو. هرهڪ اهو پئي چيو ته هيڏي وڏي جنازي نماز اسان هن ڳوٺ ۾ پنهنجي زندگيءَ ۾ نه ڏٺي آهي.

نعت سنڌي

تنهنجي نالي سان بني، هر قلب ٿو الفت رکي تنهنجي درجي خاڪ سان هرچشم ٿو رغبت رکي تنهنجي قدمن ئي آبخشي چنڊ تارن کي ضيا،

تنهنجي هستي ٻن جهانن لاءِ ٿي زينت رکي،

حسن تنهنجي کان مليو هر غنچه گل کي جمال.

تنهنجو گفتگو بلبلن جي روح کي راحت رکي،

 تنهنجي ڪوچي جي گدائي بادشاهيءَ کان ڀلي،

ڇانوَ درجي ۾ رهڻ جي ٿو همِا حسرت رکي،

عرش ايندو ڏسي الله ملڪن کي چيو،

هي اهو احمد اٿوَ جو ٿو غمِ امت رکي،

هي اهو ئي رحمت العالمين محبوب آهه،

زخم سيني تي سهي جو منهن مٿان شفقت رکي،

زندگيءَ ۾ ٻيو عمل سهڻو نه ٿيو مون کان سليم،

صرف سرور جي ثنا جي ٿي زبان عادت رکي.

 

نعت اردو

میر مدنی ہے اتم خاص نبوت ان کی،

خوب سے خوب ہے دنیا میں حقیقت ان کی،

راہبر ایسا کہ منزل بھی سلامی جسکی،

آج بھی راہ کی مشعل ہے ہدایت ان کی،

شاہدی آج بھی دیتی ہے حرم کی دھرتی،

بے مثالی ہے زمانے میں امانت ان کی،

میری چھوٹی سی زبان چھوٹا سا کاغذ اور قلم،

کس طرح ہوگی ادا مجھے سے حکایت ان کی،

میر مدنی کا ہے قوال ثناگر تو سلّیم،

میرے حصے میں رہے کیوں نہ شفاعت ان کی۔

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org