حافظ عبدالرزاق مهراڻ سڪندري
نماز جي مسئلن بابت سنڌي عالمن جون تصنيفون
ارڪانِ اسلام ۾ جيڪا اهميت نماز کي آهي، اُها ٻئي
ڪنهن رُڪن کي نه آهي. نماز الله تعاليٰ جي قُرب ۽
وصال جو اهم ذريعو آهي. نماز حضور اڪرم صلي الله
عليہ وآلہ وسلم جن جي نيڻن جي ٿڌاڻ آهي، نماز کي
دين جو ٿنڀ چيو ويو آهي، عمارت کي قائم رکڻ ۾ ٿنڀ
جي ڪيتري اهميت ۽ افاديت آهي، دين جي عمارت جو
مدار نماز تي آهي، ان کي قائم رکڻ لاءِ نماز جي
مسئلن کي سکڻ فرض آهي، اگر نماز جي فرضن کان ڪنهن
کي آگاهي نه آهي ته اُن جي نماز دُرست نه آهي.
علّامہ مخدوم فتح محمد سنڌي برهانپوري رحمة الله
عليہ پنهنجي تصنيف لطيف ”مفتاح الصلواة“ جي ابتدا
۾ لکي ٿو ته: ”مڪلّف عاقل بالغ جي مٿان فرض کي
ڄاڻڻ فرض آهي، واجب کي ڄاڻڻ واجب آهي، سنت کي ڄاڻڻ
سنت آهي ۽ مستحب کي ڄاڻڻ مستحب آهي. بدني فرائض
مان اهم ترين فرض نماز آهي. فتويٰ ڪبيري، ناصري،
شهابي ۽ مسعودي ۾ آهي ته جيڪو نماز جي فرض ۽ واجبن
کي نه ٿو ڄاڻي، ان جي نماز جائز نه آهي.“ (مفتاح
الصلواة (فارسي ص 14) مطبوع سنڌي ادبي بورڊ
حيدرآباد).
سنڌ ۾ قديم زماني کان ابوالحسن جي سنڌيءَ کي مردن
۽ عورتن کي پڙهايو ويندو هو ۽ انهن بيتن کي
باقاعدي ياد ڪرايو ويندو هو، انهيءَ ۾ اچي ٿو ته:
”شرط سڃاڻي ياد ڪر، جي نمازن جا،
ريءَ سکي شرطين نماز نه رهائي ڪا.“
نماز جي مسئلن جو احاطو ڪرڻ تمام مشڪل
آهي، تاهم انهيءَ اهم موضوع تي سنڌ جي عالمن تمام
وڏو ڪم ڪيو آهي، انهن ۾ اهم نالا هنن عالمن جا اچن
ٿا.
1.
علامھ رحمت الله سنڌي ”غاية التحقيق و نهاية
التدقيق في مسائل ابتليٰ بها اهل الحرمين
الشريفين“:
نالي ڪتاب ’مدينہ طيبہ‘ ۾ لکيو. هن ڪتاب ۾ نماز جي
مسئلن کي خاص موضوع بنايو ويو آهي. (1)اقتداءِ
باالمخالف
(2) جماعت
ثانيه (3) وقت العصر (4) قرأت
خلف
الامام (5) سنت بعد الجمعة. هن ڪتاب جي مصنف
993هه ۾ مدينه منوره ۾ وفات ڪئي.
2.
علامھ رحمت الله سنڌيءَ جي ڀاءُ علّامه حميد سنڌي
”القول الحسن جي جوازالاقتداء بالامام الشافعي في
النوافل والسنن“
نالي ڪتاب لکيو، هيءُ ڪتاب امام شافعي جي مسلڪ
رکندڙ امام جي حمايت ۾ آهي جنهن ۾ نفل ۽ سنت نماز
امام شافعي جي مذهب رکندڙ امام جي پٺيان جواز جو
ذڪر آهي. هن ڪتاب جو مصنف 1006هه ۾ مدينہ منوره ۾
زنده هو.
3.
”مفتاح الصلواة“ (فارسي):
هيءُ ڪتاب نماز جي ڪنجي مٿئين ڪتاب کان پنجاهه سال
کن پوءِ 1061هه ۾ سنڌ جي هڪ بزرگ مخدوم فتح محمد
پاٽائي لکيو جيڪو سنڌ ۽ هند کان ٻاهر تمام گهڻو
مقبول ٿيو.
4.
”مقدمة الصلواة“ (سنڌي):
مٿئين ڪتاب مفتاح الصلواة جي تصنيف کان ٽيهارو سال
کن پوءِ يارهين صديءَ جي آخر ڌاري ٺٽي جي هڪ
برگزيدي عالم ۽ عارف، ابوالحسن بن عبدالعزيز
پنهنجو هيءُ ڪتاب نماز جي مقدمي طور فارسيءَ بدران
سنڌي ۾ لکيو. انهي ڪري ابوالحسن جي سنڌيءَ جي نالي
سان مشهور ٿيو. سنڌ ۾ هيءُ ڪتاب، ايتري قدر ته
مقبول ٿيو جو نماز جي مسئلن بابت ڄڻ ”دستور العمل“
بنجي ويو ۽ ان کي درسي ڪتاب طور پڙهايو ويو.
5.
”منهل الهداة اليٰ معدل الصلواة“:
هيءُ ڪتاب ابوالحسن محمد بن عبدالهادي (وفات
1136هه) محمد البرڪوي جي ڪتاب معدل الصلواة تي شرح
طور لکيو.
6.
”تشنيف السمع بذڪراحاديث الجمع بين الصلاتين في
الظعن والواقع“:
جمع بين صلاتين، (ٻه نمازون گڏي پڙهڻ) جي مسئلي
بابت هيءُ ڪتاب سنڌ جي عالم ابوالمحاسن محمد قائم
بن صالح مديني شريف ڏانهن هجرت ڪري وڃڻ (1154هه)
کان پوءِ لکيو يعني 7 رمضان المبارڪ 1155هه تي لکي
پورو ڪيو.
7.
”اصلاح مقدمة الصلواة“ (فارسي):
علامہ ابوالحسن جي سنڌي ۾ لکيل ڪتاب ”مقدمة
الصلواة“ جي عام مقبوليت کان متاثر ٿي مخدوم محمّد
هاشم ٺٽوي جهڙي وڏي عالم ان جي تحقيقي مطالعي
ڏانهن توجّه ڪيو ۽ جيڪي مسئلا اُن ۾ فوري تحقيق
طلب هئا، تن جي پنهنجي تحقيق ۽ تنقيد سان اصلاح
ڪيائين پر مخدوم محمّد هاشم ٺٽوي رحمة الله عليہ
جي همعصر عالم مخدوم محمّد قائم سنڌي (وفات مڪه
مڪرمه 1157هه) مخدوم محمّد هاشم ٺٽوي جي اصلاح جي
ردّ ۾ هڪ رسالو ”الردّ عليٰ اصلاح مقدمة الصلواة“
لکيو، وري مخدوم محمّد هاشم اُن جي ردّ ۾ ”الشفاء
الدائم عن اعتراض القائم او تنوير الاصباح عليٰ
مسالڪ الاصلاح“ عربي ۾ 1152هه جي بلڪل آخر ڌاري
لکيائين.
8.
”طرفة المهتدي“:
هالن پراڻن جي عالم مخدوم پير محمد هيءُ ڪتاب
”تحفة المهتدي“ جي شرح طور لکيو.
9.
”سراج المصلي“ (فارسي):
نماز جي مسئلن بابت هيءُ ڪتاب مخدوم محمّد هاشم
ٺٽوي جي ننڍي معاصر مخدوم ابوالحسن ڏاهري 1162هه ۾
فارسي مثنوي ۾ منظوم ڪيو، وري اُن جي تصحيح ۽
اضافا ڪيائين ۽ بالآخر سنه 1169هه ۾
هن ڪتاب جي صحيح ترين متن جي تڪميل ڪيائين. هن
ڪتاب تي محترم ڊاڪٽر حافظ غلام محمّد ڏاهري صاحب،
علّامہ غلام مصطفيٰ قاسمي جي زيرنگراني سنڌ
يونيورسٽيءَ مان 12- مارچ 1997ع/2 ذوالقعد 1417هه
ڌاري پي ايڇ.ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي آهي.
نماز جي ٻين اهم ۽ مختلف مسئلن تي حضرت مخدوم
محمّد هاشم ٺٽوي رحمة الله عليہ قلم کڻي پنهنجي
همعصر عالمن جو تمام تحقيق ۽ تدقيق سان ردّ پڻ ڪيو
آهي. مثلاً:
1.
”درهم الصرة في وضع اليدين تحت السرة“:
هيءُ ڪتاب، مولانا محمد حيات سنڌي عادل پوري جي هڪ
رسالي جي ردّ ۾ لکيو، جنهن ۾ مخدوم حيات سنڌي فقه
شافعي جي تائيد ڪندي نماز ۾ قيام جي حالت ۾ دُن
کان مٿي هٿ ٻڌڻ جي باري ۾ لکيو آهي ۽ هڪ ٻيو رسالو
مخدوم ابوالحسن سنڌي سان مشاورت ڪرڻ کان پوءِ
پنهنجي استاد مذڪوره جي معاونت سان هن نالي سان
لکيو.
2.
”دُرة في اّظهار غش نقد الصرة“:
هي رسالو سوالن ۽ جوابن جي صورت ۾ آهي. وري حضرت
مخدوم محمّد هاشم ٺٽوي رحمة الله عليہ انهي مذڪوره
رسالي جي ردّ ۾ هيٺ بيان ڪيل ٻه رسالا لکيا.
مثلاً:
3.
”معيار النقاد في تميز المغشوش عن الجياد“.
4.
”ترصيع الدرة عليٰ درهم الصرة“
هنن ٽنهي رسالن ۾ فقہ حنفي جي تائيد ۾ اقوالِ
صحابه ۽ تابعين جي روشني ۾ انهي مسئلي کي ثابت ڪيو
ويو آهي ته قيام جي حالت ۾ نماز ۾ دُن هيٺيان هٿ
ٻڌڻ سنت ۽ اقّرب الي التعظيم آهي.
نوٽ: ڏهه نمبر کان 13 نمبر تائين سمورا گڏيل
رسالا نعيم اشرف نور احمد جي تحقيق سان ۽ استاذ
عبدالفتاح ابوغدة حفظہ الله تعاليٰ جي لکيل مقدمي
سان ”ادارة القرآن والعلوم الاسلاميه“ ڪراچي
پاڪستان 1993ع/ 1413هه ۾ شايع ڪيا آهن.
1.
”ڪشف الرين عن مسئلة رفع الدين“:
نماز جي ابتدا ۾ صرف تڪبيرِ تحريمه چوڻ وقت ڪنن
تائين مٿي هٿ کڻڻ (جهڙي طرح حنفي مذهب ۾ آهي)
جڏهن ته فقہ شافعي ۽ فقہ حنبلي ۾ نماز ۾ تڪبيرِ
تحريمہ کان سواءِ رڪوع ۾ وڃڻ وقت ۽ رڪوع کان مٿي
ٿيڻ وقت رفع يدين ڪيو ويندو آهي .
حضرت مخدوم محمّد هاشم ٺٽوي رحمة الله عليہ هن
ڪتاب ۾ ٻنهي حالتن ۾ رفع يدين ڪرڻ وارين حديثن کي
ذڪر ڪيو آهي، ان کان بعد فقه حنفي جي تائيد ۾
آثارِ صحابه ۽ تابعين سان اهو ثابت ڪيو آهي ته
نماز ۾ صرف تڪبيرِ تحريمہ جي وقت رفع يدين جو عمل
آهي. نماز جي ٻين رڪنن ۾ رفع يدين ڪرڻ وارو عمل
بالخصوص خلفاءِ راشدين مان خلفاءِ ثلاثه حضرت
ابوبڪر صديق، حضرت عمر بن الخطاب، حضرت علي ڪرّم
الله وجهہٗ، حضرت عبدالله بن مسعود رضي الله عنهم
۽ خود حضرت عبدالله بن عمر رضي الله عنہ جي اثر
مان پڻ اهو ثبوت ملي ٿو ته حضرت عبدالله بن عمر
رضي الله عنہ نماز ۾ تڪبيرِ تحريمه کان سواءِ نماز
جي ٻئي ڪنهن به رُڪن ۾ رفع يدين نه ڪندو هو .
هن اثر کي امام محمّد بن الحسن پنهنجي مؤطّا ۾،
ابن ابي شيبه پنهنجي مصنّف ۾ ۽ امام طحاوي شرح
معاني الآثار ۾ ذڪر ڪيو آهي. امام طحاوي رحمة الله
عليہ هن اثر کي نقل ڪرڻ کان بعد لکي ٿو ته: ”هيءُ
اهو حضرت ابنِ عمر رضي الله عنہ آهي جنهن حضور
اڪرم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن کي نماز ۾ رفع
يدين ڪندي ڏٺو پوءِ هٿ کڻڻ واري عمل کي ڇڏي
ڏنائين، اهو رفع يدين وارو عمل حضور اڪرم صلي الله
عليہ وآلہ وسلم جن جي وصال کان پوءِ نه هو مگر
انهي جو حڪم حضرت عبدالله بن عمر رضي الله عنہ وٽ
منسوخ ثابت آهي، اصول حديث ۾ هي ڳالھ ثابت شده آهي
ته اصحابي جيڪڏهن پنهنجي روايت ڪيل حديث جي خلاف
عمل ڪري ته اها روايت منسوخ هجڻ تي دلالت ڪري ٿي.
”وقد تقرّر في الاصول اَنّ الصّحابي اذا خالف
مرويہ في العمل بعد روايتہٖ فاِنہٗ يدلّ على
نسخہٖ“.
هيءُ ڪتاب، مولانا ابوالعلاء عبدالعليم ندوي جي
اردو ترجمي ۽ جامع مقدّمي سان جامع مدينة العلوم
ڀينڊو حيدرآباد مان 1408ھ ۾ مولوي عبدالله پنهور
شايع ڪيو آهي .
هيءُ ڪتاب، راقم الحروف جي سنڌي ترجمي، تخريج ۽
تقديم سان مڪتبہ حزب الاحناف پوليس لائين سانگھڙ
2001ع/1422 ھ ۾ سنڌي ۾ پهريون ڀيرو شايع ٿيو آهي.
1. ”تنقيح
الڪلام في النهي عن قرأة
خلف الامام“:
امام جي پٺيان قرأت
نه ڪرڻ جي باري ۾. هيءُ ڪتاب، حضرت مخدوم محمّد
هاشم ٺٽوي رحمة الله عليہ جي تصنيف آهي.
تصنيف جو سال 1169ھ آهي. هن ڪتاب ۾ چار باب ۽
خاتمه آهي. پهرين باب ۾ نماز ۾ سوره فاتحه پڙهڻ جي
باري ۾ مذاهبِ اربعه جو بيان آهي، ٻيو باب انهن
حديثن جي بيان ۾ جن مان فقهاءِ شافعيه دليل وٺن ٿا
ته هر نماز جي هر رڪعت ۾ امام، مقتدي ۽ منفرد تي
سوره فاتحه پڙهڻ فرض آهي. ٽين باب ۾ انهن حديثن
مان دليل جن مان حنفي فقهاء امام ۽ منفرد جي لاءِ
سوره فاتحه پڙهڻ جي وجوب جا قائل آهن ۽ مقتدي جي
لاءِ مڪروه تحريمي جا قائل آهن. چوٿون باب جنهن ۾
شافعي فقهاء جي طرفان ڏنل دليل ۽ فقهاءِ حنفيه جي
طرفان انهن جا جواب ڏنل آهن. ڪتاب جو خاتمو انهيءَ
جي خلاصي جي بيان ۾ آهي.
هن ڪتاب جو اردو ترجمو عبدالعليم ندوي ڪيو آهي ۽
جامعه مدينة العلوم ڀينڊو حيدرآباد جي طرفان 1415
ھ ۾ شايع ٿيو آهي .
1.
”مخدوم ضياءالدين جي سنڌي“:
هن ڪتاب ۾ ايمان جي صفتن کان سواءِ، پاڪ پاڻي
وضوء، غسل، حيض ۽ نفاس، ميّت جو غسل ۽ ڪفن، سفر ۽
تيمّم، نماز ۾ آهستي ۽ وڏي آواز سان قرأت
ڪرڻ، نماز ۾ بي وضوء ٿيڻ، نماز جي وقت کي هر موسم
آهر سڃاڻڻ ۽ نماز جنازه جو بيان وغيره ذڪر ڪيل
آهي. هيءُ ڪتاب، مخدوم ابوالحسن جي سنڌي کان پوءِ
لکيو ويو آهي. ڪتاب ۾ تصنيف جو سال نه ڄاڻايو ويو
آهي، تاهم اهو يقين سان معلوم ٿئي ٿو ته مخدوم
ضياءالدين ٺٽوي (ولادت: 1091ھ/وفات1171ھ) حضرت
مخدوم محمّد هاشم ٺٽوي جو اُستاد آهي.
مخدوم ضياءالدين ٺٽوي جو هيءُ ڪتاب پهريون ڀيرو
قاضي محمّد ابراهيم بن قاضي نورمحمّد حاجي صالح
محمّد سنڌي جي تصحيح سان 1290ھ ۾ مطبع هري بالنگو
شهر بندر بمبئي مان شايع ٿيو، وري ٻيهر 1992ع ۾
سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو حيدرآباد مان شايع
ٿيو آهي. ڪتاب جي ضخامت 154 صفحا ڊيمي سائز.
2.
”نورالابصار شرح خزانة الابرار“ مصنّف مخدوم
عبدالله نريي وارو:
تاليف جو سال 1193ھ ڪتاب نورالابصار ۾ فرض نمازن ۽
روزن کان سواءِ ٻين نمازن ۽ روزن متعلق شرعي مسائل
جمع ڪيل آهن. ڪتاب نورالابصار 1300ھ/1882ع بمبئي
جي حيدري پريس مان قاضي ميان فتح محمّد ولد قاضي
ميان نور محمّد ۽ نورالدين بن جيوا خان جي شراڪت
سان مخدوم عبدالصّمد نورنگ پوٽي هٿان ڇپجي پڌرو
ٿيو.
3.
”سراج المؤمنين“ مصنّف مخدوم عبدالرسول نورنگ
زاده:
تصنيف جو سال جلد اوّل 1240ھ/1825ع ۾ ٻيو جلد
1281ھ/1864ع ۾ ٽيون ۽ چوٿون جلد 1285ھ/1868ع ۾
لکجي مڪمّل ڪيا ويا، ڪتاب سراج المؤمنين ۾ فقهي
مسئلا مخدوم عبدالرسول نورنگزاده جمع ڪيا ۽ مخدوم
حامد ابن شيخ محمّد حسن ڀُڄ واري انهن مسئلن جي
تصحيح ڪري انهن کي نظم جي صورت ڏني. هيءُ ڪتاب
اڃان تائين غيرمطبوع آهي. هن ڪتاب جا چار ئي جلد
مولانا پير وهب الله شاھ صاحب ڳوٺ پير جھنڊو ۾
محفوظ آهن. پر پهرين جلد جو هڪ نقل اداره
سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو جي لائبريري ۾
به موجود آهي، جيڪو فقط نماز جي مسئلن تي مشتمل
آهي.
4.
”ضرورت المسلمين“ مصنّف حاجي محمّد سمون:
هيءُ ڪتاب، گھٽ پڙهيلن، ٻارن ۽ سفر ۾ رهندڙ سنڌي
مسلمانن جي ديني ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاءِ هڪ
ڪارائتو ڪتاب آهي. ضرورت المسلمين ۾ خاص هي موضوع
آهن: پنج بنيادي ڪلما، ايمان مجمّل، ايمان مفصّل،
نماز جي ترتيب ۽ طريقو، جنازي نماز جو طريقو، نماز
کان بعد واريون ڪجھ دعائون، روزي رکڻ ۽ روزي کولڻ
جي نيّت، ميّت کي قرآن شريف جي ختمي بخشڻ جو ثواب،
غريبن کي خيرات کارائڻ جو ثواب ۽ عقيقي جا مسئلا ۽
دعا وغيره.
هيءُ ڪتاب، پهريون ڀيرو مطبع فتح الڪريمي بمبئي
مان 1291ھ/1874ع ۾ الحاجّ قاضي عبدالڪريم طرفان
ڇپرايو ويو. ٻي اشاعت مطبع ڪريمي بمبئي مان
1339ھ/1921ع ۾ شائع ڪيو ويو آهي.
5.
”سراج الاسلام“ مترجم حاجي محمّد سمون:
هيءُ ڪتاب، اصل ۾ ”خلاصة الفقہ“ نالي فارسي ۾ لکيو
ويو، جنهن جو ترجمو حافظ شجاع الدين ”مفيد
المسلمين“ نالي سان ڪيو. اُن ترجمي تان ”سراج
الاسلام“ نالي سان حاجي محمّد سمي 1286ھ/1869ع ۾
سنڌي ۾ ترجمو ڪيو. هيءُ ڪتاب ٻه دفعا بمبئي مان
شايع ٿيو، اُن کان پوءِ مسٽر هيمن داس ڏيوسنگھ
تاجر ڪُتب سکر 1346ھ/1927ع ۾ ابوالعلائي اسٽيم
پريس آگري مان ليٿو ۾ ڇپايو.
هن ڪتاب ۾ هي موضوع آهن، وضوء، غسل، کوھ، اوباري،
تيمّم، حيض، نفاس، نجاستِ خفيفه، نجاستِ غليظہ،
استنجا ڪرڻ، نماز جا وقت، نماز جا فرض، نماز جون
سنتون، نماز جي وصف، نماز جا فاسد، نماز جا مڪروھ،
تراويح، سجدي سهوَ ۽ سجدي تلاوت، مسافر جي نماز،
جمعي جي نماز، عيد جي نماز، نمازِ خسوف، نمازِ
ڪسوف، جنازي جي نماز، زڪواة، صدقي ۽ فطري، روزي،
حج ۽ قرباني جو ذڪر بيان ڪيو ويو آهي.
6.
”مفيدالمسلمين“ مترجم حاجي محمّد سمون:
هيءُ ڪتاب، اصل ۾ ”حيرت الفقہ“ نالي عربي ۾ لکيل
هو، جنهن تان فارسي ۾ ترجمو ٿيو، پوءِ قاضي محمّد
ابراهيم ولد قاضي نور محمّد جي ڪوشش سان اُن جو
اُردو ترجمو شايع ٿيو، آخرڪار ساڳئي ناشر جي تجويز
تي ”حيرت الفقہ“ جو ”مفيد المسلمين“ جي نالي سان
حاجي محمّد سمي ڪاتب جي هٿان 1291ھ/1874ع ۾ سنڌي
ترجمو ڪيو ويو جيڪو بمبئي مان ٻه دفعا شايع ٿيو.
آخر ۾ ڪتاب ناياب هجڻ ڪري مسٽر هيمنداس تاجر ڪُتب
سکر جي اهتمام سان ابوالعلائي اسٽيم پريس آگري مان
ليٿو ۾ ڇپايو ويو.
22.
”ترتيب الصّلواة“ مترجم حاجي محمّد سمون:
ڪتاب ترتيب الصّلواة، اصل ۾ ڪتاب هدايت الاضا
اُردو جو سنڌي ترجمو آهي، جنهن ۾ ڪي اضافا به ڪيل
آهن، مثلاً: ايمان جي صفتن جي ڪلمي جو مخدوم
عبدالله طرفان ڪيل سنڌي ترجمو، ٿي سگھي ٿو ته اهو
مخدوم عبدالله نرئي واري يا مخدوم عبدالله واعظ جو
ترجمو هجي.
هيءُ ڪتاب، پهريون ڀيرو قاضي نور محمّد بن قاضي
عبدالڪريم مطبع ڪريمي بمبئي مان 1312ھ/1894ع ۾
شايع ڪرايو، ٻيو دفعو جناب برادران محمّد ڀائي
عبدالحسين تاجران ڪُتب بمبئي ۽ ڪراچي جي ڪوشش سان
مطبع طيبي بمبئي مان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو.
23.
”شرائط الجمعة“ مصنّف مخدوم عبدالصّمد:
تصنيف جو سال 21 ربيع الاوّل 1303ھ تي لکي پورو
ڪيو ويو ۽ مطبع صفدري بمبئي مان 1303ھ/1885ع ۾
ڇپايو ويو.
هيءُ ڪتاب، اصل ۾ مولوي محمّد عثمان کورواهيءَ جي
ڪنهن تحرير جي ردّ ۾ جوڙيو ويو هو. مؤلّف جو چوڻ
آهي ته مولوي محمّد عثمان کورواهيءَ ڪي تحريرون
مخدوم فضل الله پاٽائي جي ڪتاب ”ترغيب الصّلواة“
جي ردّ ۾ لکيون هيون جيڪي اشاعت هيٺ نه آيون
هُيون، پر ان ۾ جمعي نماز جي فرضيت جي شرطن جو
انڪار ڪيل هو. تنهن ڪري مؤلّف هي ڪتاب انهن تحريرن
جي جواب طور شايع ڪيو.
ڪتاب شرائط الجمعة ۾ جنهن مسئلي تي بحث ڪيو ويو
آهي، اُن متعلق آخري راءِ قائم ڪري نه ٿي سگھجي،
ڇاڪاڻ ته اهو مسئلو وڏي اختلاف جو سبب رهيو آهي.
غير مقلّد حضرات کان سواءِ ڪيترائي حنفي به انهي
راءِ جا آهن ته جمعي کان پوءِ آخر ظهر پڙهڻ جي
ضرورت نه آهي. مؤلّف پنهنجي راءِ جي تائيد ۾ مفصّل
۽ مدلَّل بحث ڪيو آهي ۽ پنهنجي عادت مطابق ”شرائط
الجمعة“ جي تصحيح، تصديق ۽ تائيد هڪ ٻئي وڏي عالم
ميان حامد سجاوليءَ کان ڪرائي آهي.
24.
”التّنقيد المعقول في ردّ تسويد المجهول“ يعني هدر
آخر ظهر:
مصنّف حافظ محمّد اسماعيل مدرّس مدرسه دارالرّشاد
پير جھنڊو.
هيءُ ڪتاب، جمعي جي فرضيت، مشروط، يا غير مشروط،
هئڻ ۽ آخر ظهر پڙهڻ جي جواز يا عدمِ جواز متعلق
مسلسل مباحثي جي هڪ ڪڙي آهي.
التّنقيد المعقول في ردّ تسويدالمجهول مخدوم محمّد
عثمان جي تحرير جي حمايت ۾ ۽ اُن جي ردّ ۾ لکيل
ڪنهن تحرير جي جواب ۾ لکيل آهي ۽ انهي ۾ اهو صاف
لفظن ۾ ڄاڻايل نه آهي ته هيءُ ڪتاب، ڪهڙي ڪتاب جي
ردّ ۾ لکيو ويو آهي. ها ايترو ضرور لکيل آهي ته،
”ڳچ ڏينهن ٿيندا ته مرحوم مغفور مولوي محمّد عثمان
کورواهيءَ عليہ الرّحمة محدّثہ مبتدعہ آخر ظهر جو
عدمِ ثبوت شرعاً ڄاڻي هڪ تحرير لکي هئي جا ڪنهن
نامعقول مجھول جي هٿ لڳي جنهن اها بلڪل بي
انصافيءَ سان ڀڳي جنهن جي ساري ڪتابت چَرين واري
جھڳي چئجي يا ٻاراڻي کڳي. انهي ڪري مون مسڪين بي
تمڪين بنده ذي بضاعة قليل حافظ محمّد اسماعيل عفي
الله عنه ما وقع منه انهي مڳ مُلي جي ڀڳ مَلي جي
تعقيب با تهذيب ترتيب ڏيئي نالو مٿس
’التّنقيدالمعقول في ردّ تسويد المجھول‘ رکيو “.
هيءُ ڪتاب ٻه سؤ ٽي صفحن تي مشتمل آهي، سيٺ حاجي
عبدالستار ۽ سيٺ حاجي نور محمّد و سيٺ عبداللطيف
ميمنان ڪراچي جن جي ارشاد سان ۽ منشي احمد الدين
جي اهتمام سان دبدبه حيدري پريس قريب مسجد تُرڪ
ڪراچي مان شايع ٿيو آهي. اشاعت ۽ تصنيف وغيره جي
تاريخ ۽ سال ڪوبه لکيل نه آهي.
25.
”مصلح المفتاح“:
يعني سيد دائري وارن جي سنڌي مصنّف سيّد قاري حاجي
علي محمّد شاھ دائري وارو تصنيف جي شروع ڪرڻ جو
سال 22 جمادي الاخرى 1269ھ مطابق 1854ع ۽ ڪتاب کي
مصنّف 25 ربيع الثّاني 1277ھ ۾ لکي پورو ڪيو.
هن ڪتاب کي محترم قاري الحاجّ سيّد علي محمّد شاھ
رحمة الله عليہ تمام وڏي تحقيق ۽ تجسّس، تفقّه ۽
تنقيد جي لحاظ سان نماز جي اصولن توڙي فروعن بابت
سنڌي ٻولي ۾ هڪ جامع ڪتاب لکيو آهي.
مرحوم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق مطابق هن
موضوع تي سموري عالمِ اسلام ۾ عربي، فارسي، تُرڪي
۽ اُردو وغيره ٻين جملي ٻولين ۾ لکيل ڪتابن ۾
غالباً وڌيڪ محقّقانه، جامع ۽ وزندار آهي. ( مصلح
المفتاح جو مُهاڳ ڇاپو پهريون 1970ع )
26.
”مختصر مصلح المفتاح“:
سيّد علي محمّد شاھ ”مصلح المفتاح“ جو اختصار ڪري
فقط مسئلن جي نفسِ مضمون کي هن ڪتاب ۾ درج ڪري عام
پڙهندڙن جي آساني لاءِ مرتّب ڪيو جيئن ته عام
ماڻهو آسانيءَ سان سمجھي سگھن. هيءُ ڪتاب ”دائري
واري ننڍي سنڌي“ جي نالي سان سڏجڻ ۾ آيو. 1322ھ /
1904ع ۾ ”مختصر مصلح المفتاح“ مطبع فيضِ سبحاني
ڪوٽڙي مان ڇپيو.
27.
”اصلاح المصلح والمفتاح“:
سيّد علي محمّد شاھ پنهنجي علمي تحقيق ۽ تدقيق سان
”مصلح المفتاح“ کي اهڙي ته اعلى معيار تي مرتّب
ڪيو جو هيءُ ڪتاب، عالمن ۽ محقّقن جي استفادي جي
قابل بنجي ويو.
ڪتاب جي علمي اهميت محسوس ڪندي، سيّد علي محمّد
شاھ جي همعصر عالم مخدوم فضل الله پاٽائي اُن جو
سنڌي مان فارسي (نثر) ۾ ترجمو ڪيو. مخدوم فضل الله
هيءُ ترجمو 1284ھ/1867ع ۾ پورو ڪيو.
28.
حضرت مخدوم فضل الله پاٽائي
هڪ ٻيو ڪتاب (نمازجي موضوع تي) مرتّب ڪيو جيڪو
”ترتيب الصّلواة“ جي نالي سان سنڌيء ۾ مرتّب ڪيو.
29.
”تحفةالاسلام“ ”ڀاڱو ٻيو):
مولوي محمّد عثمان ولد حافظ محمّد، مخدوم
نورنگزادي ڪتاب تحفة الاسلام کي چئن حصن ۾ لکيو جن
مان ٻيو حصو جيڪو پاڪائي (پاڻي، وضوء وغيره) بابت
آهي، سو ڄڻ نماز جي رُڪن جو مقدّمو آهي، هي ٻيو
حصو ڪراچيءَ مان 1305ھ/1888ع کان پوءِ ڇپيو.
30.
”رسالو نماز فرائض سنڌي“:
هيءُ رسالو هالن پراڻن جي عالم قاضي نور محمّد بن
آخوند محمّد حسن قريشي سانوڻي سنڌي نثر ۾ لکيو جو
پوءِ سندس پٽ محمّد متين الدّين قريشي لاڙڪاڻي جي
تاجر ڪُتب ”مطبع حسيني“ بمبئي مان 1309ھ/ 1891ع ۾
ڇپايو.
31.
”فتح المصلّي“
چوٽيارين جي بزرگن مان مخدوم عبدالحڪيم بن مخدوم
عبدالرّحمان جيڪو مخدوم محمّد عثمان متعلوي (وفات:
1219ھ) جو شاگرد هو، تنهن هيءُ ڪتاب، غالباً مخدوم
ابوالحسن ڏاهري جي تتّبع ۾ تيرهين صدي جي وچ ڌاري
فارسي مثنوي (ٽي سؤ سترهن بيتن ۾) منظوم ڪيو.
32.
”ازالة الاوهام عن حڪم الفاتحة خلف الامام“:
مصنّف ابو سعيد قِراني عليہ الرّحمة، تصنيف جو سال
1342ھ حضرت مولانا ابوسعيد قِراني هن رسالي ۾ فقہ
حنفي جي تائيد ۾ حديث ۽ اصولِ حديث جي روشن دليلن
سان اهو ثابت ڪيو آهي ته، امام جي پٺيان مقتدي کي
قرأت
ڪرڻي نه آهي، امام جي قرأت
مقتدي جي لاءِ ڪافي آهي. ”من ڪان لہٗ امام فقرأتہٗ
لہٗ قرأة“
رواهٗ ابن ابي شيبة في مصنّفہٖ.
هيء رسالو اڃان تائين نه ترجمو ٿيو آهي ۽ نه ڇپيو
آهي. هن رسالي جو ڪاتب محمّد سليمان متوطّن
بريجستان ( ريگستان آهي ) جنهن مصنّف جي مسودي تان
26 رمضان المبارڪ 1342ھ ۾ هن رسالي کي نقل ڪيو آهي
يعني مصنّف جي تصنيف واري ساڳين تاريخن ۾ ڪاتب نقل
ڪيو آهي.
راقم وٽ هن رسالي جي فوٽو ڪاپي آهي جيڪا مولوي
مراد علي راهمون صاحب کان ورتي هُئي.
33.
”ارشادالفقه“:
تصنيف حضرت علّامه مفتي عبدالرّحمان ٺٽوي صاحب،
تصنيف جو سال 22جمادي الآخر 1397ھ ضخامت ٻه سؤ
ستٽيھ صفحا237 ڊيمي سائز ڪتابت نوراحمد سال طباعت
ثاني 1403ھ / 1983.
هن ڪتاب ۾ مفتي عبدالرحمٰن صاحب اسلام جي پنجن ئي
رڪنن جي مسائل سان گڏ ٻيا به ڪجھ ضروري مسئلا
جهڙوڪ قرباني، عقيقه ۽ ڪتاب الحظر والاباحة جو ذڪر
ڪيو آهي ليڪن هن ڪتاب ۾ نماز ۽ اُن سان متعلق
مسئلن کي پڻ تفصيل سان سؤ صفحن ۾ ذڪر ڪيو آهي ۽ هر
مسئلي کي ذڪر ڪرڻ کانپوءِ فقہ حنفي جي مستند ڪتابن
جي حوالي کي پُڻ ذڪر ڪيو آهي. ڪتاب جي شروع ۾
ڪتابيات جي فهرست کي پڻ ڏنو ويو آهي، جنهن سان
ڪتاب جي افاديت ۽ اهميت پڻ ظاهر ٿئي ٿي.
34.
”تحفة المؤمنين“:
مؤلّف مبلّغِ اسلام حضرت علّامه مفتي عبدالرّحيم
سڪندري صاحب، تصنيف جو سال غالباً 1995ع آهي، هيءُ
ڪتاب پهرين ”الرّاشد اڪيڊمي ڪراچي“ طرفان
”مسائل نماز“ جي نالي سان شايع ٿيو هو ٻيو ڀيرو
رجب المرجّب 1417ھ/نومبر 1996ع ۾ مدرسه صبغة الهدى
شاهپورچاڪر طرفان شايع ٿيو. اُن کان پوءِ هر سال
شايع ٿيندو رهندو آهي.
هن ڪتاب جي ترتيب عام فقهي ڪتابن جي ترتيب وانگر
آهي. ڪتاب جي شروعات وضوء جي بيان کان ٿئي ٿي ۽
پڄاڻي نمازِحاجت تي ٿئي ٿي. ننڍي سائز ۾ هڪ سؤ ٻن
صفحن تي مشتمل آهي. بعد ۾ ڪجھ اضافا ۽ ترميمون به
ٿيون آهن.
35.
”عمادالدّين“
(نماز جا فضائل ۽ مسائل): مصنّف صاحبزاده محمّد
ڪرم الله نقشبندي قادري. تصنيف جو سال 28 ذوالحج
1423ھ ڇاپو پهريون 2003ع.
ڪتاب جي شروعات نماز جي اهميت ۽ فضيلت ۽ پڄاڻي
نماز جي رڪعتن جو تعداد . ضخامت هڪ سؤ ست 107
صفحا. هن ڪتاب جي ترتيب عام فقهي ڪتابن کان مختلف
آهي، ڪتاب ۾ استعمال ٿيندڙ حديثن جي حوالن جو خاص
اهتمام ڪيو ويو آهي، باقي فقهي مسائل ۾ فقهي ڪتابن
جا حوالا نه ڏنا ويا آهن. ناشر بوعلي پرنٽرس دربار
فضل آباد شريف ماتلي ضلع بدين.
36.
”معراج المؤمنين“:
مصنّف حافظ مفتي عبدالرّزاق مهراڻ سڪندري، تصنيف
جو سال 6 شوال المڪرّم 1423ھ مطابق 11 ڊسمبر 2002ع
ڇاپو پهريون جون 2003ع/1424ھ ڪتاب جي شروعات
پاڪائي جو بيان ۽ پڄاڻي نڪاح جو خطبو ۽ نڪاح جي
دُعا، ضخامت نوي صفحا.
هن ڪتاب جي ترتيب عام فقهي ڪتابن وانگر آهي، البته
اذان ۽ تڪبير جي مسئلن کان پوءِ 14 صفحا نماز جي
اهميت ۽ عظمت، نماز جي فضيلت حديث پاڪ جي روشني ۾،
بي نمازين ۽ نماز ۾ سستي ڪندڙن جي لاءِ سخت تاڪيد
۽ نماز سمورين عبادتن جو نچوڙ آهي جي موضوعن تي
مشتمل آهي. هن ڪتاب جي خصوصيت اها آهي ته قرآني
آيتن، حديثن ۽ فقهي مسائل کي بيان ڪرڻ کان پوءِ
قرآن، حديث ۽ فقهي ڪتابن جي حوالن جو پڻ خاص
اهتمام ڪيو ويو آهي.
ڪتاب جي آخر ۾ مددي ڪتابن جي فهرست ۽ مصنّفين جي
نالن سان گڏ انهن جي تاريخِ وفات جو پڻ خاص اهتمام
ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب کي حاجي شبير حسين وينجھر
صاحب ڪراچي مان ڪيترائي ڀيرا هزارن جي تعداد ۾
ڇپرائي في سبيل الله تقسيم ڪيو آهي ۽ مڪتبه حزب
الاحناف پوليس لائين سانگھڙ جي طرفان پڻ ڪافي ڀيرا
شايع ٿيو آهي.
37.
”نماز جا فضائل ۽ مسائل“
مصنّف مولوي محمّد يامين جماري (رحماني). (خطيب
مسجد درگاھ حضرت مخدوم محمّد هاشم ٺٽوي مڪلي ٺٽو)
تصنيف جو سال 8 آگسٽ 2007ع پهريون ڇاپو 2009ع /
1430ھ.
ڪتاب جي شروعات فضيلتِ نماز کان ٿئي ٿي ۽ پڄاڻي
ڇهن ڪلمن تي آهي. ضخامت ٽي سؤ اٺ 308 صفحا ڊيمي
سائز. هن ڪتاب جي ترتيب عام فقهي ڪتابن وانگر آهي.
هن ڪتاب جي خصوصيت اها آهي ته جن ڪتابن کي مددي
طور استعمال ڪيو ويو آهي، انهن ڪتابن جا حوالا خاص
طور ڏنا ويا آهن ۽ احاديث مبارڪه کي ڪثرت سان
حوالي طور آندو ويو آهي، هن وقت نماز جي مسائل ۽
فضائل تي لکيل ڪتابن ۾ هيءُ ڪتاب وڌيڪ ضخيم آهي ۽
مختلف فقهي مسئلن کي به حوالن ۽ دليلن سان پڻ پيش
ڪيو ويو آهي. البت پروف جون غلطيون منجھس ڪثرت سان
نظر اچن ٿيون، بهرحال مصنّف جي محنت قابلِ ستائش
آهي اللٰهمّ زِد فزد في علمہٖ و عملہٖ .
38.
”نماز جي اهميت ۽ حڪمتون“
مصنّف الحاجّ محمّد ادريس ڏاهري، تصنيف جو سال
1419ھ / 1999ع. ناشر اداره خدمة القرآن والسّنة
شاهپور جهانيان ضلع نواب شاھ.
ڪتاب جي شروع ۾ نماز جي فضيلت، نماز الله تعالى
کان مدد وٺڻ جو ذريعو، نماز ٺاهي ٺاهي ۽ جماعت سان
پڙهي ۽ هر نماز جي حفاظت ڪرڻ فرض آهي، قرآن ڪريم
جي آيتن ۽ احاديثِ نبوي على صاحبها الصّلواة
والتّسليم جي روشني ۾ اهي عنوان ذڪر ڪيا ويا آهن.
ان کان پوءِ نماز ۾ ادا ٿيندڙ احڪامن ۾ حڪمتون،
پاڻي سان پاڪائي ڪرڻ ۾ حڪمت، وضوع ۾ مخصوص عضون کي
ڌوئڻ ۾ حڪمتون، وضوع کان پوءِ استغفار ۽ دعائن
پڙهڻ ۾ حڪمتون، حيض ۽ نفاس جي بند ٿيڻ وقت غسل ڪرڻ
۾ حڪمت، نماز جون حڪمتون، ٻانگ ڏيڻ ۾ حڪمت، مطلب
ته نماز جي هر هڪ رُڪن، سنّت ۽ مستحب جي حڪمت کي
فقہ ۽ صوفياء ڪرام جي ڪتابن جي حوالن سان بيان ڪيو
ويو آهي. انهي حوالي سان انهي موضوع تي اهو منفرد
ڪتاب آهي، مسائل کي بيان ته هر هڪ عالم ڪيو آهي،
ليڪن نماز ۾ ادا ڪرڻ وارن فعلن جي حڪمتن کي ڪنهن
به عالم بيان نه ڪيو آهي ”الّا ماشآءَالله“.
ڪتاب جي پڄاڻي ميّت جي لاءِ تعزيت ڪرڻ ۾ حڪمت تي
ٿئي ٿي. هيءُ ڪتاب 64 (چوهٺ) صفحن تي مشتمل آهي.
39.
”حقيقي مسنون تراويح“
مؤلّف صوفي نوراحمد ميمڻ، تصنيف جو سال 21 رمضان
المبارڪ 1420ھ مطابق 29 ڊسمبر 1999ع ناشر مجدّد
الف ثاني لائبريري حنفيه مسجد شهباز روڊ بدين
ضخامت 56 صفحا.
هيءُ ڪتاب دراصل غير مقلّد انهن جي ڪنهن ڇپايل
اشتهار جي ردّ ۾ لکيو ويو آهي. جنهن ۾ احاديثِ
نبوي، خلفاءِ راشدين، اصحابِ ڪبّار، تابعين، تبع
تابعين ۽ ائمّه اربعه مجتهدين جي اقوال ۽ افعال
مان تراويح جي ويهن رڪعتن کي ثابت ڪيو ويو آهي،
اصولِ حديث جي اعتبار سان حديث جي قسمن صحيح ۽
ضعيف وغيره جي بحث کي آندو ويو آهي ۽ خود اهلِ
حديث جي ڪتابن مان پڻ دليل پيش ڪري ڪتاب کي وڌيڪ
مستند ۽ معتبر بنايو ويو آهي، صحاح ستّه جي ڪتابن
سان گڏ تقريباً 68 ڪتابن جو هن ڪتاب کي ماخذ بنايو
ويو آهي، سنڌي يا غير سنڌي ۾ هن موضوع تي هي ڪتاب
بينظير ۽ بيمثال آهي، منهنجي ناقص نظر ۾ اڃان
تائين هن جهڙو ڪتاب نه گذريو آهي.
اشاعتِ اوّل مئي 2000ع نفيس پرنٽنگ پريس لجپت روڊ
حيدرآباد.
40.
”تحقيق الجمعة في القرى“
(فارسي) مصنّف حضرت خواجه محمّد حسن جان سرهندي
رحمةالله عليہ. تصنيف جو سال 4 محرم الحرام 1340ھ.
هي رسالو حضرت خواجه محمّد حسن جان سرهندي
رحمةالله عليہ مولوي محمّد يوسف افغاني جي ترديد ۾
لکيو آهي، مولوي محمّد يوسف افغاني لکيو ته امام
اعظم ابوحنيفه رحمةالله عليہ جي مذهب مطابق ننڍن
ڳوٺن، واهڻن ۽ وستين ۾ جمعي جي نماز جائز نه آهي،
بلڪه جمعي جي نماز جي لاءِ مصر (وڏو شهر) هجڻ شرط
آهي.
حضرت خواجه محمّد حسن جان سرهندي هن رسالي ۾ ڳوٺن
۾ جمعي نماز پڙهڻ کي جائز قرار ڏنو آهي، پاڻ لکن
ٿا ته حضرت امام شافعي رحمةالله عليہ فرمايو آهي
ته، اهڙي شهري ۾ جتي چاليھ عاقل بالغ تندرست مرد
رهندڙ هجن عورتن کانسواءِ ته اُن شهر ۾ جمعو قائم
ڪرڻ گھرجي، ان کان گھٽ آبادي واري شهر ۾ جمعو قائم
ڪرڻ نه گھرجي، ۽ حضرت امام احمد بن حنبل رحمةالله
عليہ جو مذهب به اهو ئي آهي، ۽ حضرت امام مالڪ رضي
الله عنہ فرمائي ٿو ته اهڙو شهر جتي مسجد يا بازار
هجي ۽ گھر پڪا هجن، اُتي جمعو لازم ٿئي ٿو، مرد
ٿورا هجن يا گھڻا. حضرت امام اعظم رضي الله عنہ
فرمائي ٿو ته جمعي جي قائم ڪرڻ لاءِ مصر شرط آهي.
مصر جي معنى ۾ حنفي عالمن سڳورن جو اختلاف آهي،
هدايه جي مصنّف چيو آهي ته مصر هر اُها جاءِ آهي
جتي امير ۽ قاضي هجي جيڪو حدون قائم ڪري سگھي، اها
ئي ظاهر روايت آهي ۽ شرح الوقاية جي مصنّف حضرت
صدرالشّريعة فرمايو آهي ته مصر اهو آهي جو اُتي جي
سڀ کان وڏي مسجد اُتي جي مڪلّفن کي ڪافي نه ٿئي ۽
اهو ئي مفتى بهٖ قول آهي، پوءِ اهڙي جاءِ جتي
هدايه جي مصنّف جي قول مطابق مصر جي معنى دُرست
اچي ٿي، اُتي جمعو يقين سان فرض آهي، ۽ اهڙي جاءِ
جتي شرح وقايه جي مصنّف جي قول مطابق مصر جي معنى
دُرست اچي ٿي جيڪومفتى بهٖ قول آهي، اُتي جمعو پڻ
فرض آهي ۽ اُن جو ادا ڪرڻ دُرست آهي، پر گمان سان،
نه ڪِه يقين سان پوءِ اُتي جمعو پڻ پڙهڻ گھرجي ۽
آخر ظهر جنهن کي عُرف ۾ چار رڪعتون احتياطي نماز
چوندا آهن اُها پڙهي (ايضاً، ص 17)
هيءُ رسالو فارسي ۾ مطبع عباسي ڪراچي مان شايع
ٿيو، پر طباعت جو سال وغيره لکيل نه آهي، اُن کان
پوءِ پهريون ڀيرو سنڌي ۾ ترجمو راقم الحروف 1433ھ
/2012ع ۾ ڪري، اُن کي افهام القاري شرح صحيح
البخاري جلد ٽيون (سنڌي) ۾ شايع ڪرايو آهي، اُن جو
ٻيو ترجمو 1434ھ ۾ مولوي محمّد الياس گجو خليلي
صاحب ڪيو ۽ چوويهن صفحن تي ڪتابي شڪل ۾ 1436ھ ۾
پارس پرنٽنگ پريس گاڏي کاتو حيدرآباد مان شايع
ڪرايو .
41.
”تحفة المسلمين“
مصنّف مولوي علي شير لغاري سڪندري، ضخامت 152 صفحا
ڪتاب جي شروعات ۾ وضوع جو بيان ۽ ڪتاب جي پڄاڻي
ڇهن ڪلمن تي ٿئي ٿي.
هن ڪتاب جي ترتيب عام فقه جي ڪتابن وانگر نه آهي،
بلڪه مختلف آهي مثلاً نماز پڙهڻ جو طريقو پهرين
آندو ويو آهي ۽ نماز جي شرطن جو بيان بعد ۾ آندو
ويو آهي، اهڙِي ريت نمازِ وتر جي بيان کان پوءِ
پنجن نمازن جو بيان، پنجن نمازن جا وقت، جائز وقت،
مستحب وقت ۽ مڪروھ وقت بعد ۾ آندا ويا آهن. اهڙي
طرح نمازِ جمعي جي بيان کان پوءِ امامت جو بيان
آندو ويو آهي، نمازِ تهجّد، نمازِ چاشت، نمازِ
اشراق، نمازِ اوّابين، نمازِ حاجت ۽ نمازِ استخاره
کان پوءِ مريض، معذور ۽ مسافر جي نماز جو بيان
آندو ويو آهي، وطن جا قسم ۽ ريل گاڏي ۾ نماز پڙهڻ
کان پوءِ وري تراويح نماز ۽ تسبيح نماز، قضا نماز،
نمازِ توبه، نمازِ استسقاء، نمازِ خوف کي آندو ويو
آهي. انهن کان پوءِ تلاوت جي سجدي جي بيان کي ذڪر
ڪيو ويو آهي.
بهرحال هن ڪتاب جي ترتيب عجيب نظر اچي ٿي. ڪتاب ۾
ماخذ ۽ مراجع کي تمام احسن طريقي سان آندو ويو
آهي، جنهن سان ڪتاب جي افاديت ۾ اضافو ٿئي ٿو.
هيء ڪتاب زيرِ طباعت آهي انشاءالله تعالى عنقريب
”الهامي ادبي اڪيڊمي ٺري ميرواھ ضلع خيرپورميرس“
اداري طرفان 2017ع ۾ شايع ٿيندو.
مددي ڪتاب
1.
مفتاح الصّلواة فارسي ص 14 مطبوع سنڌي ادبي بورڊ
حيدرآباد
2.
ابوالحسن جي سنڌي ص 53 مطبوع خان برادرس تاجران
ڪُتب ڪراچي
3.
مقدّمو مصلح المفتاح (ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ) ص
24 کان ص 28 مطبوع سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد سال
1970ع
4.
سراج المصلّي مطبع بتول پرنٽنگ پريس حيدرآباد سال
2007ع، پي ايڇ.ڊي مقالو ڊاڪٽر غلام محمّد ڏاهري
5.
درهم الصّرة في وضع اليدين تحت السّرّة مع ترصيع
الدّرة على درهم الصّرة و معيار النّقاد في تميز
المغشوش عن الجياد من تاليف المخدوم محمّد هاشم
السّندي التّتوي و تليه درّة في اظهار غش نقد
الصّرة للعلّامة مخدوم محمّد حيات السّندي. مطبوع
ادارة القرآن والعلوم الاسلاميه ڪراتشي باڪستان
الطبعة الاولى 1414ھ
6.
ڪشف الرّين عن مسئلة رفع اليدين مخدوم محمّد هاشم
ٺٽوي (سنڌي) تخريج شده ص 83 کان ص 90 مطبوع مڪتبه
حزب الاحناف پوليس لائين سانگھڙ طباعت جو سال
2001ع
7.
تنقيح الڪلام في النّهي عن قرأة
خلف الامام مخدوم محمّد هاشم ٺٽوي رحمةالله عليه
مطبوع جامع مدينة العلوم ڀينڊو حيدرآباد طباعت جو
سال 1415ھ.
8.
مخدوم ضياءُ الدين جي سنڌي طباعتِ ثاني 1992ع
مطبوع سنڌي ٻولي جو با اختيار ادارو حيدرآباد
9.
”نورالابصار شرح خزانة الابرار“ 19 ڪتاب کان 23
تائين سنڌي ۾ فقهي تحقيق جو ارتقاء محقّق ۽ مؤلّف
ڊاڪٽر قاضي يار محمّد ص 102 کان ص 136 مطبوع سنڌي
ٻولي جو با اختيار ادارو حيدرآباد/ڪراچي، طباعت جو
سال 1413ھ/1992ع
10.
”التّنقيد المعقول في ردّ تسويد المجهول“ ص 2-3
مؤلف حافظ محمّد اسماعيل، مطبوع دبدبه حيدري پريس
ڪراچي.
11.
”ازالة الاوهام عن حڪم الفاتحة
خلف الامام“ (قلمي) مصنّف ابو سعيد قِراني ڪاتب
محمّد سليمان ريگستاني سن ڪتابت 26 رمضان المبارڪ
1342ھ
12.
”ارشاد الفقه“ سنڌي مصنّف مفتي عبدالرّحمٰن ٺٽوي
طباعتِ ثاني 1403ھ/ 1983ع
13.
”تحفة المؤمنين“، مصنّف مبلّغِ اسلام مفتي
عبدالرّحيم سڪندري سن اشاعتِ ثاني 1417ھ/ 1996ع
14.
”عماد الدّين“، مصنّف صاحبزاده محمّد ڪرّم الله
نقشبندي طباعتِ اوّل 2003ع
15.
”معراج الؤمنين“، مصنّف حافظ عبدالرّزاق مهراڻ
سڪندري اشاعتِ اوّل 2003ع جون
16.
”نماز جا فضائل ۽ مسائل“، مصنّف مولوي محمّد يامين
جماري سن اشاعتِ اوّل 2009ع /1430هه.
17.
”نماز جي اهميت ۽ حڪمتون“، مصنّف الحاج محمّد
ادريس ڏاهري، ناشر اداره خدمة القرآن والسّنة
شاهپور جھانيان ضلع نوابشاھ.
18.
”حقيقي مسنون تراويح“، مصنّف صوفي نور احمد ميمڻ،
اشاعتِ اوّل مئي 2000ع ناشر مجدّد الف ثاني
لائبريري حنفيه مسجد شهباز روڊ بدين
19.
”تحقيق الجمعة في القرى“، فارسي مصنّف حضرت خواجه
محمّد حسن جان سرهندي مترجم سنڌي مولوي محمّد
الياس گجو خليلي. سن اشاعت 1436ھ ناشر مولوي محمّد
الياس گجو خليلي گلزار خليل تعلقو سامارو ضلع
عمرڪوٽ
20.
”تحفة المسلمين“، مصنّف مولوي علي شير لغاري
سڪندري ناشر الهامي ادبي اڪيڊمي ٺري ميرواھ ضلع
خيرپورميرس .ح |