سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2۽3/ 2017ع

باب:

صفحو:3 

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

 

 

 

سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ عورتن جو حصو

 

ڪهاڻي لکڻ، پڙهڻ، ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ، پرکڻ ۽ پروڙڻ هڪ وڏو ڏانءُ ۽ ڏات آهي. ڪهاڻي ڪيئن سِرجي ٿي؟ ڪهڙيءَ ريت هڪ سٺي ڪهاڻي (مڪمل ٽريٽمنٽ ۽ اثر انگيزيءَ جي لحاظ کان) لافاني بنجي، ڪلاسڪ ادب (Classic Literature) جي حيثيت ماڻي ٿي، اهو فقط ئي فقط انهيءَ ڪهاڻيڪار جي فطري ۽ فني صلاحيتن مطالعي، مشاهدي ۽ ماحول تي مشتمل آهي.

ڪو به رچناڪار/ ڪلاڪار جڏهن به سچائيءَ سان سماج جي ڪنهن به چُڀندڙ واقعي/ ڳالهه جو حصو بنجي وڃي ٿو، تڏهن سندس لاشعوري ڪيفيتون انهيءَ رچنا جي سِرجڻ، گهڙجڻ ۽ فنائتو ٿي سامهون اچڻ جي تقاضائن کي پوري ڪرڻ ۾ مدد ڏين ٿيون. ٻين لفظن ۾ ايئن چونداسين ته ادب، سماج جو آئينو ۽ اديب ان آئيني جو اثرائتو عڪس چٽيندڙ ڪلاڪار آهي. اديب، عالم، شاعر قومن جا اهي ڏاها (Intellectuals) آهن، جيڪي پنهنجي قلم جي قوت سان سماجي حياتيءَ جي هر رخ کي گهرائيءَ سان پرکي، پروڙي، حساس دل ۽ نظر سان عام جي اڳيان آڻين ٿا. جيڪڏهن وٽن فڪري، ۽ فني قوت سچي ۽ سگهاري آهي ته پوءِ سندن قلم سان ازخود هڪ عظيم لافاني ادب وجود ۾ اچي ٿو. انهيءَ کي نورالهديٰ شاهه پنهنجي لفظن ۾ هن ريت واضح ڪري ٿي ته، ”ليکڪ جي دل ان جي لفظ لکندڙ آڱرين ۾ ڌڙڪندي آهي ۽ انهن لفظن کي ڏسندڙ اکين ۾ به، پنهنجي ئي لفظن تي ليکڪ جا پير پگهرجي ويندا آهن. ڪيفيتن جو سمنڊ ڪيئن ڇُلي ۽ ڇوليون هڻي ٿو ۽ اهي ڪيفيتون ڪيئن لفظ ماڻين ٿيون؟ پيڙا ڪيئن قلم ۽ مَس جو روپ ڌاري ٿي ۽ خيال ڪيئن نازل ٿئي ٿو؟ ڪيئن قلم پٺتي رهجي وڃي ٿو ۽ ڪيفيتون ۽ لفظ ان کان پاڻ ڇڏائي لاشعور کان شعور ڏانهن اٿل کائين ٿا جو ليکڪ سڀ ڪجهه لکي لاهڻ کان پوءِ به اڻ ڄاڻ ۽ حيران رهجي وڃي ٿو(1).“

معنيٰ ته مهان ڪلاڪار پنهنجيءَ ڪلا ۾ شعوري ۽  لاشعوري ڪيفيتن سان مڪمل طور ضم ٿي وڃي ٿو. ڪنهن به ڪلا/فن جي پرک ۽ پروڙ لاءِ نقادن ۽ ماهرن ڪي اصول پڻ مقرر ڪيا آهن. مٿئين موضوع سان انصاف ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته اهو ڏسون ته ڪهاڻيءَ جي صنف، ادب ۾ ڪهڙيءَ ريت رائج ٿي ۽ ان جو ارتقا ۽ ٿهلاءُ ڪيئن عمل ۾ آيو ۽ سنڌي ادب ۾ ڪهاڻيءَ جي شروعات ڪڏهن کان ٿي؟ ۽ ان ۾ اسان جي ڪهاڻيڪارائن جي شموليت جو معيار ڇا آهي؟

ڪهاڻي، ادب ۾ جُڳن کان موجود ۽ هلندڙ آهي. قديم مافوق الفطرت آکاڻين، منظوم عشقي/ رومانوي قصن، جنگي/ رزمي داستانن ۽ نصيحت جي نُڪتن ۽ حڪايتن مان تبديل ٿي انيڪ تجربن مان لنگهي، فني خوبين سان نوازجي جديد مختصر ڪهاڻي وجود ۾ آئي آهي. محققن موجب ته،

”دنيا جو هر نثري ادب، ڪهاڻيءَ کان شروع ٿيو ۽ هر ٻوليءَ جي ڪهاڻيءَ جي شروعات ڏند- ڪٿائن کان ٿي آهي(2).“ ”ڪهاڻيءَ جو فن عيسوي سن کان اٽڪل چار هزار سال پراڻو آهي(3).“

جديد ڪهاڻي مٿي ڄاڻايل قديم آکاڻي نه آهي، جا جيئن جو تيئن ٻڌل ۽ ٻڌايل ڳالهه وانگر پني تي لاٿي وڃي. موجوده مختصر ڪهاڻيءَ (Short Story) جو فن وري به جداگانه حيثيت رکي ٿو. اهو فن داخلي، خارجي ۽ روحاني هئڻ سان گڏ عوامي فن آهي، جنهن ۾ عام جا ڏک سک، خواهشون، خواب، سوچون، ويچار، عزم ارادا ۽ اندر جا اڌما، ليکڪ جي قلم مان اٿل کائي سامهون اچن ٿا. نثر جي هن همه گير صنف ۾ لطافت، نزاڪت، جذبن ۽ احساسن جي گهرائي، تهذيب ۽ ثقافت جي ترجماني، فڪري پختگي، ٻوليءَ جي سونهن، سماجي حقيقت نگاري، سچيتيءَ جو وهڪرو، زمان، مڪان ۽ ماحول جي مطابقت ۽ ٻيون انيڪ فني خوبيون ۽ تخليقي خاصيتون گهربل آهن. ڪهاڻيڪارن مختصر ڪهاڻيءَ جي صنف ۾ شروع کان موجوده دور تائين گهڻائي فني تجربا ڪيا آهن. ساهت جي هِن سگهاريءَ صنف ۾ حياتيءَ جا حقيقي رنگ ڀرڻ سان گڏ ڪردار نگاريءَ جي توازن ۽ آغاز ۽ انجام کي منفرد حيثيت ڏني وئي آهي. رمزيت، وحدت، تاثر، جامعيت ۽ مواد جي فنڪارانه ترتيب سان گڏ اختصار ۽ اثر انگيزيءَ کي اولين اهميت حاصل آهي. خوابي ۽ خيالي دنيا جي بجاءِ عملي ڪارڪردگيءَ ۽ جيون جي تلخ سچاين کي سمايو ويو آهي. مطلب ته مختصر ڪهاڻي مٿين فني خوبين سان گڏ سماجي حقيقت نگاريءَ جي ترجماني ڪندڙ مڃيل نثري صنف آهي، جنهن جو لکندڙ جامي چانڊيو جي نظر ۾ ”آرٽسٽ سرجن“ آهي.

”ڪهاڻيڪار ماهر سرجن به آهي جو سماجي حقيقتن جي چيرڦاڙ ڪري ٿو ته گڏوگڏ هڪ آرٽسٽ پڻ آهي جو زندگيءَ ۾ حُسناڪيون تخليق ڪرڻ لاءِ حُسناڪيون پيدا ڪري ٿو(4).“

مختصر ڪهاڻيءَ جي وصف ۾ اختصار پهريون اُصول آهي، جنهن کي ماهرن هن ريت پڻ بيان ڪيو آهي:

"Short Story: A story, usually about imaginary characters and events. that is short enough to be read from begining to end without stopping(5)."

امر جليل ڪهاڻيءَ کي انساني حياتيءَ جي ڪنهن هڪ جذبي ۽ واقعي جو ترجمان سڏي ٿو:

”ڪهاڻي، اظهار آهي زندگيءَ جي غم، خوشي، ڏک، سک، ڪاوڙ، رحم، انتقام، نفرت ۽ محبت جي ڪروڙين گهڙين مان هڪ گهڙيءَ جو، جيڪا ڪهاڻي زندگيءَ جي انيڪ گهڙين مان فقط هڪ گهڙي، انيڪ آزمائشن مان فقط هڪ آزمائش ۽ انيڪ حادثن مان فقط هڪ حادثي جي عڪاسي ڪري سا فني طور Short Story يا مختصر ڪهاڻي سڏي سگهجي ٿي(6).“

مٿي ڄاڻايل ڪهاڻيءَ جي وصفن کان پوءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته  مختصر ڪهاڻي سماج جي روزمره جي زندگي ۽ انساني ڪردارن جو اثرائتو عڪس آهي، جنهن ۾ ڪهاڻيڪارن ٻوليءَ جي سونهن سان گڏ فن، موضوع ۽ مواد ۾ معياري تجربا ڪري بياني، واقعاتي، مطالعاتي، تاثراتي، ڪرداري، ڊائري نما ۽ خط وڪتابت وارين ڪهاڻين کان علاوه ٻين فني نمونن سان ڪهاڻيون لکيون آهن. اوڻهوين صديءَ ۾ تخليق ٿيل نثر جي هن لازوال صنف کي پوريءَ دنيا جي تقريباً سڀني سڌريل ٻولين جي ادب ۾ اوچو مقام حاصل آهي. دنياوي ادب ۾ لکن جي تعداد ۾ ڪهاڻيون لکيون ۽ ڇپيون آهن. اثر انگيزيءَ ۽ اختصار سبب ڪهاڻين جي اشاعت هر اخبار ۽ رسالي جي زينت بڻجڻ لڳي آهي. انهيءَ ڪري ئي اڄ مختصر ڪهاڻي ادب ۾ گهڻي ۾ گهڻي پڙهي، لکي ۽ ڇاپي وڃي ٿي.

جديد مختصر سنڌي ڪهاڻيءَ جي ابتدا ويهين صديءَ ۾ ٿي آهي. انگريزن جي دور ۾ نثر جي ادبي صنفن ناول، ناٽڪ، افساني وغيره جا دنيا جي مختلف ٻولين جي ادب مان ترجما ٿيا ته مٿين صنفن  ۾ طبعزاد ڪم لکڻ جو رجحان به عمل ۾ آيو. شروع واري دور ۾ ڏيهي ۽ پرڏيهي قصن، داستانن ۽ لوڪ ڪهاڻين کي لکت ۾ آندو ويو، جن ۾ عربي، فارسي، هندي، سنسڪرت ۽ ٻين ٻولين مان ”چندر ڪانتا“
”الف ليليٰ“، ”ممتاز دمساز“، ”حاتم طائي“، ”گل بڪاولي“ ۽ ٻيا قصا ترجمو ٿيا ته ڏيهي آکاڻي ۾ ”سورٺ راءِ ڏياچ“، ”ڀنڀي زميندار جي ڳالهه“ ۽ ”سڌا تورو ڪڌا تورو“ نموني جون نصيحتي ۽ رومانوي آکاڻيون شايع ٿيون.

شمس العلماء مرزا قليچ بيگ 1914ع ۾ ”شريف بيگم“ جي عنوان سان جديد ڪهاڻيءَ جي شروعات ڪئي. ترت ئي ٻين ليکڪن پڻ هن صنف ۾ هٿ ونڊايو، جن ۾ محمد عثمان ڏيپلائي، شيخ اياز، لطف الله بدوي، عثمان علي انصاري، آسانند مامتورا، حشو ڪيولراماڻي، سڳن آهوجا، پرمانند ميوارام، نارائڻ داس ميوارا ڀنڀاڻي ۽ ٻين ڪهاڻيون لکيون. ڪهاڻيءَ کي هٿي ڏيڻ ۾ ان وقت سنڌي ساهت سوسائٽي، سندر ساهتيه سک ٽرئڪ سوسائٽي، ڊي جي ڪاليج جو ”سنڌ سرڪل“، امر لعل جو ”ڦلواڙي“، ”آشا“،
”ساقي“، ”پرهه ڦٽي“، ”ڦليلي“،”جيون ڪلا“، ”ڪهاڻي“، بولچند راجپال جو ”سنڌو“ (1932ع) ۽ ٻيون اخبارون ۽ مخزن هئا.

سنڌي عورتن ڪهاڻيءَ جي صنف ۾ ڪڏهن شموليت اختيار ڪئي؟ ۽ ان جي ترقيءَ ۽ ترويج ۾ ليکڪائون ڪيتري قدر ڀاڱي ڀائيوار آهن؟ يا سنڌي سماج جي اڏاوت ۾ پڙهيل لکيل عورتن جي قلمي ڪاوشن جو ڪيترو هٿ آهي؟ انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته هڪ طائرانه نظر عورتن جي سماجي حيثيت ۽ علمي مرتبي تي وجهجهي.

تاريخي حوالي سان ڏسنداسين ته سنڌ جي تهذيب جي مختلف دورن ۾ سنڌي عورتن جي عزت، اهميت سماجي ۽ علمي حيثيت مختلف رهي آهي. مجموعي طور هن مردن جي برتريءَ واري سماج ۾ ريتن رسمن، عقيدن، مذهبن، ثقافتي ۽ معاشري قدرن جي اوٽ ۾ کيس ڪُچلڻ، هيسائڻ، دٻائڻ ۽ بي علم رکڻ جون ڪوششون ڪيون ويون آهن، جنهن ۾ جاگيرداري نظام، قبيلائي ماحول، معاشي پس ماندگي، ذات پات جو فرق، تعليم جي ڪمي ۽ ٻيا گهڻا سبب رهيا آهن. انهيءَ بنياد تي ئي سندس شعور جي ارتقا ٿي آهي.

اهڙين حالتن ۾ باشعور عورتن سمجهي ورتو ته سندن آجپو فقط علم جي حاصلات ۽ ان جي ڪارائتي ڪتب ۾ آهي. انهيءَ ڪري پڙهيل لکيل عورت پنهنجي سمجهه، سياڻپ ۽ علميت سان اظهار کي بياني ۽ قلمي قوت عطا ڪري پنهنجي خيالن ۽ سوچن کي اڳيان آندو. ايئن به نه آهي ته هتي جي عورت هر دور ۾ سماجي طور بي حيثيت ۽ بي علم رهي آهي. اسين ڏسنداسين ته سنڌو سڀيتا ۾:

”موهن جي دڙي واري دور ۾ عورت کي سنڌ ۾ مقدس هستي سمجهيو ويندو هو(7).“

”ويدڪ دور ۾ به عورتن تي علم حاصل ڪرڻ جا دروازا بند نه هئا. اهي فلسفي ۽ حڪمت جو علم پڻ حاصل ڪنديون هيون. اُپشند ۾ ٻن فلسفي خواتين گارگي ۽ ميتريءَ جا عالماڻه مڪالما درج آهن(8).“ ته
”عربن جي دور ۾ عورتن جي تعليم ۽ تربيت تي خاص توجهه ڏني ويندي هئي(9).“

اهڙيءَ ريت ادب جي حوالي سان پرک ڪجي ٿي ته نظم ۽ نثر جي ٻنهي شاخن ۾ عورتن جو حصو ملي ٿو. مائي مرکان شيخڻ جا صوفيانه ڳيچ ۽ ٻين ڪيترين گمنام شاعرائن جا چيل، سهرا ۽ ڳيچ سومرن جي دور کان ملن ٿا ۽ نثر ۾ سندن شموليت جي باري ۾ ڏسنداسين ته:

”ڪيترن ڳيچن ۾ سنڌي عورت جي پڙهيل هئڻ بابت اشارا ملن ٿا، جن ۾ پاڻ خط لکڻ يا خط پڙهڻ جو ذڪر ملي ٿو (10).“ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ سُر سسئي، سُر سهڻي، سُر مارئي جا ڪجهه بيت سنڌي عورتن جي پڙهيل لکيل هئڻ جي ثابتي ڏين ٿا. جيئن مثال طور:

الا! اوٺي آڻيين، جي نياپا نين،

آئون اُنيِن جي آهيان، توڻي مُون نه مَڃينِ،

مَسُ منهنجي هَٿَ ۾، ڪاغَذُ ڪي آڻين

لُڙڪَ نه لِکَڻُ ڏِين، ڪريو پُونِ قَلَمَ تي. (11)

(سُر مارئي؛ 4،6)

ڪلهوڙن جي دور جي مائي ملياڻي نعمت شاعره ۽ شاهه جي ڪلام جي خوشخط ڪاتبه هئي.

”مائي مُلي نعمت جو هٿ اکر لکيل نسخو نهايت خوشخط صحيح ۽ سونهري جدولن سان آهي. مائي صاحبه ڪمال ڪيو آهي ۽ سندس هيءُ ڪارنامو ابد الآباد قائم رهندو. اهڙيون پاڪباز ۽ نيڪ عورتون سنڌ ۾ گهڻيون ٿي گذريون هونديون، جن نور ناما ۽ ٻيا تبرڪ طور ڪتاب لکيا هوندا. پر افسوس جو انهن جا نالا اسان تائين نه پهتا آهن(12).“

ميرن جي دور ۾ مولائي شيدائي موجب ته ”تعليم جو دائرو فقط شهرن ۽ وڏن ڳوٺن تائين محدود هو. شهرن ۾ ڇوڪريون ڇوڪرن سان گڏ آخوندن جي مڪتبن ۾ پڙهنديون هيون، امير زاديون يا شهري خواتين پردي جون پابند هيون. سنڌ ۾ ميرن جي حرمن يا ديرن جي چارديواريءَ ۾ سندن عورتن کي مختلف علومن جي تعليم ڏني ويندي هئي. وٽن پنهنجا پنهنجا ڪتب خانا هئا ته پگهاردار ڪاتب مقرر هئا(13).“

اڳيان هلي انگريزن جي دور ۾ جديد تعليمي سرشتو متعارف ٿيو، جنهن جي مسلمانن کان وڌيڪ هندو طبقي پذيرائي ڪئي. انهن زناني تعليم جي اهميت کي ڄاڻندي، نينگرين لاءِ اسڪولن کي قائم ڪرڻ ۽ لکڻ پڙهڻ جي رجحان کي وڌائڻ طرف توجهه ڏنو. 15 آگسٽ 1888ع ۾ ديوان نولراءِ، ڏيارام گدومل، ساڌو هيرانند شوقيرام آڏواڻي ۽ ٻين جي ڪوششن سان ”پنگتي سڌار منڊلي“ قائم ٿي، جنهن جي مقصدن ۾ عورتن جي سماجي ۽ علمي حيثيت مضبوط ڪرڻ جا اُپاءَ شامل هئا. هنن عورتن لاءِ هنري گهر، ناري شالا ۽ اسڪول قائم ٿيا، جيئن چنديراماڻي گهٽيءَ وارو اسڪول، ڪندن مل گرلس اسڪول، شوقيرام چانڊومل اسڪول وغيره. هندو عورتن ۾ علم جو چاهه وڌائڻ لاءِ کين اسڪولن ۽ ٽرسٽن ۾ نوڪريون ڏنيون ويون.

مسلمانن جي طرفان هيڪاري هن دور ۾ عورتن تي تعليم جا دروازا بند ڪري. ”بهشتي زيور“ نموني جا ڪتاب هڪ مقصد تحت رائج ڪيا ويا، جن هيٺ عورتن لاءِ فقط قرآن پاڪ پڙهڻ ڪافي قرار ڏنو ويو. ڊاڪٽر مبارڪ علي موجب ته:

”مولانا اشرف علي ٿانوي 1868ع کان 1943ع تائين بهشتي زيور جا ڏهه جلد شايع ڪيا، جنهن جي ذريعي جاگيردانه نظام کي تحفظ ڏنو ويو ۽ هن ڪتاب ۾ عورتن کي غلاميءَ جا سبق پاڙهيل آهن ۽ هڪ سٺي غلام ٿيڻ جون خصوصيتون ڄاڻايل آهن، جنهن ۾ مذهبي معاملن کان رڌ پچاءُ ۽ مڙس کي خوش رکڻ جي طريقن جو تفصيل ڏنل آهي ۽ هيءُ ڪتاب، جديد مغربي تعليم جي مقبوليت ۽ ان کي تسليم ڪندي به عورتن جي مخالفت ۾ لکيو ويو(14).“

مسلمان عورتن جي تعليم هن دور ۾ تمام گهٽ رهي. ”ڇوڪرين کي اسڪولي تعليم اڪثر نه ڏياري ويندي هئي ۽ کين اسڪول موڪلڻ عيب سمجهيو ويندو هو. قرآن ناظره پڙهڻ کان پوءِ نياڻين کي باب نامو، نور نامو ۽ احد نامو پڙهايو ويندو هو. ٿوري سنڌي لکڻ ۽ پڙهڻ جي تعليم ڏني ويندي هئي. ايتري تعليم کان پوءِ ڇوڪريون ڏهن ٻارهن سالن جي ڄمار کي پهچي وينديون هيون ۽ والدين کين گهر ۾ ويهاري ڇڏيندا هئا(15).“

پوءِ اڳيان هلي عورتن جي تعليم طرف وقت جي ضرورت مطابق اُپاءَ ورتا ويا جن ۾ ”آل انڊيا محمدن ايجوڪيشن ڪانفرنس“ 1907ع ۽ ٻين ادارن تعاون ڪيو.

مٿئين تمهيد جو مطلب آهي ته جيئن اسين ڄاڻي سگهون ته عورتن جي علم جي حاصلات ۽ ادب ڏانهن رغبت درجي وار ڪهڙيءَ ريت ٿي آهي؟

نتيجو اهو نڪري ٿو ته ورهاڱي کان اڳ جي ادب ۾ هندو ليکڪائن جو حصو سرس آهي. انهيءَ وقت گڏيل هندوستان ۾ سندن تعليمي معيار به مسلمان عورتن کان وڌيڪ هو. ورهاڱي بعد مسلمان عورتون پڻ درجه بدرجه تعليم يافته ٿي سنڌي ادب جي خدمت لاءِ اڳيان آيون.

شروع جي انهيءَ وقت ۾ سنڌي ليکڪائن هندي، سنسڪرت، گجراتي، بنگالي، انگريزي ۽ گرمکيءَ ۾ لکيو. سندن تحريرون جلدي سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيون. اهڙيءَ ريت هو سنڌيءَ ۾ لکڻ طرف مائل ٿيون. پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ موجب ته:

”نروپما ديوي، آشا ديو، شانتا، سيتا ديو سڀاڻي، سروج ڪماري، ديوي ديال، سيتا چئٽر جي شريمتي گهوشال ۽ سورنا ديوي گهوشال (گيتانجلي جي خالق رابندر ناٿ ٽئگور جون ڀيڻون) ۽ ٻين جي ڪهاڻين ۽ ناولن کي ميلا رام واسواڻي، پارومل، جڳت آڏواڻي، نوتن ڪرپالاڻي ۽ گوبند مالهيءَ جن سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. مٿين ليکڪائن جون تحريرون معياري هئڻ سبب مقبول ٿيون ۽ انهن کي مختلف ٻولين تي عبور هئڻ جي ڪري ڏيهي ۽ پرڏيهي ٻولين جي ادب جي ڄاڻ هئي. اهڙيءَ ريت پوءِ گهڻيون ليکڪائون سنڌي ٻوليءَ ۾ لکڻ لاءِ ميدان ۾ آيون جن ۾:

”پهرين سنڌي عورت جنهن سنڌي ساهت ۾ قدم کنيو هو ۽ بلڪل ثابت قدم هئي، اها هئي گلي سدا رنگاڻي (جنهن اڳي ڪماري ڪرپالاڻيءَ جي حيثيت ۾ ٽئگور جي ”گورا“ ناول جو ترجمو ڪيو هو) 1941ع ۾ سندس ناول ”اتحاد“ نڪرڻ سان پنگتي اڳواڻن ۾ چؤٻول مچي ويو(16).“

گلي رنگاڻيءَ کان پوءِ جن ٻين ليکڪائن سنڌي ٻوليءَ ۾ ناٽڪ، ناول، مضمون ۽ ڪهاڻيون لکيون، انهن ۾ مس گدواڻي، شامداساڻي هاسومل، نروپما ديوي، سهجو هوتچند واڌواڻي، جيسي ڪڏواڻي، مائي واساڻي، ڪماري ڪملا، شانتا، ڀڳونتي ديالاڻي، چندرا آڏواڻي، سيتا ديوي، ڪرشنا ڪيولراماڻي، اندرا هميراجاڻي، ايشوري جوتواڻي، ديوي ناگراڻي، دادي پرڪاش مڻي، سريتا شرما، دادي ليلا، پروفيسر پوپٽي هيراننداڻي، ۽ ٻيون شامل آهن.

سندن لکيل ڪهاڻيون مختلف رسالن ۽ اخبارن جيئن آشا، ڦليلي، روح رهاڻ وغيره ۾ شايع ٿيون.

هن دور جون اهم ڪهاڻيون، ”ڀارتي“ ڀڳونتي ديالاڻي، ”ديش دروهي“، ڪرشنا ڪيولراماڻي، ”اڌورو پريم“ شريمتي نانڪي گدواڻي، ”رتنا جا رنگ“ جيسي ڪڏواڻي، ”عجب دنيا جو رنگ آه“ مس سامتاڻي،
”ساڙهي“ ڀڳواڻي لعلواڻي ۽ ٻيون آهن. مائي واساڻيءَ جي ڪهاڻين جو مجموعو ”مائي واساڻيءَ جون ڪهاڻيون“ 1943ع ۾ شايع ٿيو.

1947ع کان پوءِ جو ڪهاڻيءَ جو دور سنڌي ڪهاڻيءَ جي تاريخ ۾ تمام اهميت جو حامل آهي. خاص طور 1950ع کان 1985ع تائين ”سنڌي ڪهاڻيءَ جو سونهري دور“ سڏي سگهجي ٿو.

1950ع کان مرڪزي حڪومت طرفان ”نئين زندگي“ مخزن جو اجراء، 1951ع کان سنڌي ادبي بورڊ جو قيام، 1955ع ۾ ٽه ماهي ’مهراڻ‘ جو اجراء 1956ع ۾، ”سنڌ سنگت“ جي بنياد سان ڪهاڻيءَ کي هٿي ملي. 1952ع کان پوءِ ”سنڌي ادبي سنگت“ جي ادبي ڪلاسن ۾ ڪهاڻين پڙهڻ جي رواج سان سنڌي ڪهاڻي وڌيڪ نکري ۽ سنوري سامهون آئي.

سنگت جي، ادبي ڪلاسن ۾ ڪهاڻين تي تبصرو ۽ تنقيد ڪئي ويندي هئي. اهڙيءَ ريت هڪ مقابلي جي فضا قائم اديبن ۾ لکڻ جو رجحان وڌيو ۽ ڪهاڻي لکجڻ، پڙهجڻ ۽ ڇپجڻ ۾ نه فقط تيزي آئي، بلڪ معياري ڪهاڻيءَ سنڌي ٻوليءَ ۾ جاءِ والاري. سَوَن جي تعداد ۾ افسانوي مجموعا شايع ٿيڻ لڳا. ڊاڪٽر بشير احمد شاد جي تحقيق مطابق، 1947ع کان 1987ع تائين جي ڇپيل افسانوي مجموعن جو وچور تقريباً ٽي سو آهي ۽ هزارن جي ڳاڻيٽي ۾ طبعزاد ۽ ترجمو ٿيل ڪهاڻيون اخبارن جي ادبي صفحن ۽ مختلف رسالن ۾ شايع ٿيون.

مختصر ڪهاڻيءَ جي هن ٻئي دور، يعني ورهاڱي کان پوءِ ۾ لازوال ڪهاڻيون شايع ٿيون، جن کي وقت جي دز اڄ ڏينهن تائين لٽي نه سگهي آهي. انهيءَ دور ۾ جن مرد ڪهاڻيڪارن هن صنف کي هٿي ڏني، انهن ۾ شيخ اياز، جمال ابڙو، حفيظ شيخ، غلام رباني آگرو، ابنِ حيات پنهور، بشير مورياڻي، شيخ ابراهيم خليل، اياز قادري، ع.ق شيخ، شيخ عبدالرزاق، ابن الياس سومرو، رشيد آخوند، علي احمد بروهي، سراج الحق ميمڻ، نجم عباسي، عبدالجبار جوڻيجو، نسيم کرل، امر جليل، آغا سليم، حميد سنڌي، غلام نبي مغل، طارق اشرف، عبدالقادر جوڻيجو، عبدالحق عالماڻي، رسول بخش پليجو، زيب ڀٽي، قمر شهباز، علي بابا، جمال رند، محمد حسين ڪروڙپتي، ناصر مورائي، بيدل مسرور، نظير شيخ، خواجه سليم، غالب لطيف، غياث جوڻيجو، الطاف شيخ، قاضي خادم، هدايت پريم، ظفر حسن، منير احمد (ماڻڪ)، دائود بلوچ، نور عباسي، طارق عالم ابڙو، مطلب ته انيڪ ڪهاڻيڪارن سان گڏ اسان جون سنڌي ليکڪائون به هن ڪهاڻيءَ جي سفر ۾ شامل ٿيون ۽ سندن ڪهاڻيون ٽه ماهي مهراڻ، نئين زندگي، مارئي، روح رهاڻ، اديون، پارس سرتيون، ڪونج، سوجهرو ۽ ٻين ادبي مخزنن ۾ شايع ٿيڻ لڳيون. خاص طور ”هلال پاڪستان ڪراچي“ اخبار جي ادبي صفحي ”سگهڙين سٿ“ معرفت ڪافي ڪهاڻيڪارائون متعارف ٿيون. منهنجي نظر ۾ سنڌي ادب ۾ عورتن جديد شاعريءَ ۽ ڪهاڻيءَ جي صنف ۾ گهڻي ۾ گهڻو لکيو آهي.

ورهاڱي کان پوءِ پوءِ جي مشهور ڪهاڻيڪارائن ۾ بيگم زينت عبدالله چنا، پوپٽي هيراننداڻي، سندري اُتمچنداڻي، بادام ناتوان، بيگم روشن آرا مغل، ثميره زرين، ماهتاب محبوب، رشيده حجاب، خيرالنساء جعفري، ڪلا پرڪاش، وينا شرنگي، ريٽا شهاڻي، ومي سدارنگاڻي، زيڊ اي شيخ، ثريا ياسمين، نور افشان بيگم، نور شاهين (نورجهان)، مس ماهتاب چنا، مس اقبال پروين سومرو، مس اقبال شيخ، جميله نرگس، ذڪيه دريشاڻي، انيس معصومه، نظير ٿيٻو، بانو محبوب جوکيو، فردوس مزناڻي، ليلا پروين سومرو، صنوير سيد، فهميده بلوچ، زهره انصاري، ڊاڪٽر نسرين جوڻيجو، انيس انجم جوڻيجو، رعنا رفيق، ثريا ڀٽي، بيگم ارشاد قمر، آفتاب بانو عباسي، ممتاز عاربي، نظير سلطانه سومرو، تبسم ماهتاب قريشي، فريده مغل، زينت النساء مسرت، تنوير جوڻيجو، نيلوفر جويو، فهميده ميمڻ، سحر امداد، قمر جهان مرزا، تهمينه مفتي، نور الهديٰ شاهه، ليليٰ بانا، نذير ناز، سعيده بشير، ثريا ”سوز“، ڏيپلائي، ج.ع.منگهاڻي، زبيده ميتلو، خالده سومرو، زيب نظاماڻي، ڊاڪٽر ناهيد مغل، شبنم گل، سلطانه وقاصي، رشمي راماڻي، رڪمڻي سندر چئناڻي، ارونا ڄيٺواڻي، اندرا واسواڻي، سوني مولچنداڻي، رتنا گوديا رولاڪ، مايا راهي، تارا مير چنداڻي، ڪملا گوڪلاڻي، لڇمي اميسر، اندرا شبنم، رضيه کوکر، ڪزبانو سنڌي، عطيه دائود، عزيزه قاضي، تانيه ٿيِٻو، زاهده گوپانگ، نجمه پنهور، گلبدن جاويد مرزا، شگفته شاهه، ثمينه ميمڻ، قمر واحد، مريم مجيدي، افروز شورو، غزاله چنڙ، رخسانه پريت چنڙ، ريحانه نظير، ساجده جبيب، خديجه شيخ، تسليم زنئور، سنڌيا شاهه، سدرة المنتهيٰ جيلاني، مهراڻ ايوب، شبانه سنڌي، سنڌو پنهور، بختاور ڄام ساقي، روبينه ابڙو، نائله سمون، ۽ ٻيون شامل آهن.

بيگم زينت عبدالله چنا ”مارئي“ مخزن جي سنڀاليندڙ صحافي خاتون جو شمار ورهاڱي کان پوءِ پهرين عورت ڪهاڻيڪارا طور ٿئي ٿو.

سيد مظهر جميل سندس ڪهاڻين تي راءِ ڏيندي لکي ٿو ته:

”پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جيڪا خاتون افسانا نگار باقاعده مشاهدي جي قوت ۽ بهترين اسلوب جي اعليٰ درجي تي فائز ڏسڻ ۾ اچي ٿي، سا بيگم زينت عبدالله چنا آهي. سندس ڪهاڻين کي زناني ۽ مرداني خانن ۾ ورهائي نٿو سگهجي، ڇو جو سندس افسانن مان گهڻا قابلِ انتخاب ۽ سٺي فني نوعيت جا آهن. ”مٺي“، ”اونداهي“، ”رانديڪو“ پنهنجي دور جون نمائندو ڪهاڻيون آهن(17).“

مطلب ته سنڌي ڪهاڻي، پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ فني طور عروج تي رهي آهي. شاهد حنائي بهترين سنڌي ڪهاڻين کي اردوءَ ۾ ترجمو ڪندي لکيو آهي ته:

”انهيءَ حقيقت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته پاڪستان جي ٻين ٻولين ۾ سڀ کان عمده ڪهاڻيون سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيون ويون آهن.(18).“

سنڌيءَ مان اردو ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيل هن مجموعي ”شاہکار سندھی کہانیاں“ ۾ ليکڪائن جون ڪهاڻيون شامل آهن. ڪهاڻيڪارائن جي ڪلا تي تبصرو ڪرڻ لاءِ چند اهم ڪهاڻيڪارائن جي فن جو تعارف ڏيان ٿي، جنهن سان موضوع تي ڪجهه روشني پوندي.

پروفيسر پوپٽي هيراننداڻي اسان جي شروع واري دور جي ليکڪائن ۾ تمام وڏو نالو آهي. سندس ڪهاڻيون مختصر، اثرائتيون، فالتو مڪالما بازيءَ کان بچيل، بهترين اسلوب ۽ نج سنڌي ٻوليءَ سان سينگاريل آهن جن ۾ گهريلو ماحول جو نقشو پڻ تمام سهڻو چٽيل آهي. پروفيسر پوپٽيءَ جي اهم ڪهاڻين ۾ ”شهناز،“ ”منهنجي ڦوٽڙي،“ ”دل جو ڦهلاءُ،“ ”من جي سوڙهه،“ ”منهنجي ناني،“ ”ماڻهو ننهن ٿا ڳولهين ۽ مان پٽ،“ ”خزان جو دور پورو ٿيو“ ۽ ٻيون انيڪ ڪهاڻيون آهن. سندس عبارت آرائيءَ جو نمونو هن ريت آهي:

”استريءَ جي سيني ۾ پريم جو جذبات هجي، پُرش جي دل ۾ ان استريءَ لاءِ چاهنا هجي ته انهن ٻنهي جي ميلاپ کي ڌرتيءَ تي سرڳ چئجي ٿو.“ (ص 21، ”زندگي نه ڪوتا نه ڪهاڻي“)

”ٻاهر حيدرآباد جون ڪوسيون لڪون، ڦوڪون ڏينديون هيون. اندر اسين باداميون، کس کس، اڇو جيرو ۽ ڦوٽا گهوٽي ٿاڌل ٺاهيندا هئاسين.

اوچتو هُل ٿيو ته ملڪ جو ورهاڱو ٿيو آهي ۽ اسان کي سنڌ ڇڏي هندوستان هلڻو پوندو. ڊپ ۽ هراس پکڙڻ لڳو. هير آباد جي هڪ طرف هئي مسلم شاگردن جي هاسٽل، سامهون هو سلاٽن جو پاڙو، مسلمان جوان ڏند ڪڍي کِلي چوندا هئا، ته ”پهرين ته هيرآباد جون حورون کڻبيون.“

”ڌيءَ! هي ڇا پيا چون؟ پنهنجو ملڪ به ڪنهن ڇڏيو آهي؟“ ايئن چئي ناني هوريان هوريان ڪمر کي هٿ ڏيئي پَٽ تي ويهي رهي. مون کيس اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هن جي چيلهه بيهڻ جي شڪتي وڃائي ڇڏي هئي. هوءَ پَٽ تي ويهي رهي ۽ ان ڏينهن کان پوءِ هن پٽ تي ريڙهيون پائڻ شروع ڪيون.“ (ص 81، 82، ”منهنجي ناني“)

سندري اتم چنداڻي هڪ اديب/ شاعر جي وَني آهي، سندس تحريرن ۾ تمام اثر انگيزي ڏسجي ٿي، بلڪ سنڌي ڪهاڻيءَ جي ٻنهي دورن تي هن ڪهاڻيڪارا جون ڪهاڻيون ڇانيل آهن. ڪافي افسانوي مجموعا ڇپيا اٿس. ”وڇوڙو“ ڪهاڻيءَ تي کيس ٻه دفعا انعام مليو آهي ۽ ٻيا به کين ڪافي اوارڊ مليا آهن. سماجي موضوعن ۾ خاص طور عورت جي شخصي آزادي، ڏيتي ليتي، علم جي افاديت، سنڌي ٻوليءَ جي اهميت ۽ ٻين موضوعن تي لکيو اٿن. هلڪو ڦلڪو طنز ومزاح به سندس تحرير جي خوبي آهي. ”قدر ڪونهي“ انهيءَ قسم جي هلڪي ڦلڪي انداز جي ڪهاڻي آهي. لکي ٿي:

”جيڪو ڏِس سو چوي منهنجو قدر ڪر. جوءِ چوي منهنجو قدر ڪونهي، ڀيڻ چوي منهنجو قدر ڪونهي، ماءُ چوي منهنجو قدر ڪونهي، عجيب ماجرا آهي ۽ هن منحوس سپريٽيڊنٽ وٽ وري اسان جو قدر ڪونهي.“ (ص77 ”قدر ڪونهي“)

الا! امان مان ته ڄڻ مري ويس. هن ڪاري گهوٽ ته هڻي منهنجي سسي نيزي پاند اڇلي ڇڏي. هٿ اڳيئي سوگها ۽ ساهه هيٺ مٿي، وري مٿان هيءَ سر گوشي!! اهڙي سِڪَ ته سهڻن يا خانداني خريدارن به ڪو نه ڏيکاري هئي. هنن وٽ ته رڳو ڇڪ ئي ڇڪ هئي.“ (ص 9، ”ڪارو گهوٽ“)

ثميره زرين جون ڪهاڻيون رومانويت ۽ جذباتيت سان گڏ روزمره جي زندگيءَ جي واقعن متعلق پڻ آهن. هوءَ سادن سودن لفظن ۾ عورت جي حسين دل جا منظر پيش ڪري ٿي:

”اڄ ڏکن وري ڪَرَ موڙيا. دل ۾ جيڪو زخم وقت جي مرهم سان مٽجي ويو هو، سو وري تازو ٿيو، ذهن نارسا موت وزيست جي ڪشمڪش کان نڪري، ماضيءَ جي خوابيده ياد سان ٽڪرائجي ويو. (ص 140، ڪنول)

ماهتاب کي عورتن جي نفسيات جي وڏي پرک آهي. هن جي هر هڪ ڪهاڻي سنڌي ٻوليءَ ۽ گهريلو سماج جي نمائندگي ڪري ٿي. سندس تحريري اسلوب جو مثال هيٺ ڏجي ٿو:

”نياڻي- نياڻي- نياڻي! هر طرف نياڻي. اهي اکر لڳاتار گهنڊڙيءَ جيان ذهن ۾ پيا گونجندا هئس. کليءَ ريت ته ڪا ڳالهه ڪري ئي نٿي سگهي، جو ٺهه پهه نياڻيءَ جو طعنو ملندو هئس. شادي نه ڪرڻ سبب ورهين کان جيڪي قياس ڀريون نظرون هن تي پونديون هيون، تن کيس پنهنجي ئي نظرن ۾ تڇ ڪري ڇڏيو هو. مڱيندن جو مڙهه، گهوٽ ٿيڻ کان اڳ ئي تائين پهچائڻ ڪري به هن کي ڏوهارڻ ٿي سمجهيو ويو. نياڻي جو لفظ هن لاءِ ڪنهن گار کان گهٽ نه هو.“ (ص 48- اوندهه)

”اختر حسين کي گهر ۾ زندگيءَ جي علامت نظر آئي، ته نه رڳو سوير اچڻ لڳو، پر جانب جو جمال پسڻ لاءِ، سڄو ڏينهن ٻارن واريءَ ڪوٺيءَ ۾ متيڙو ٿيو ساليءَ سان انگل ڪندو هو. موٽ ۾ سندس لڄاريون مرڪون ۽ ماڻا هن تي شراب جي هلڪي نشي جهڙو اثر ڇڏڻ لڳا. هو هر وقت ڪنهن اڻ لکي سرور هيٺ سَرهو رهڻ لڳو.“ (ص 33، آڙاهه)

ريٽا شهاڻي هندستان جي اها ليکڪا آهي، جنهن جا گهڻا ڪتاب سنڌ ۾ شايع ٿيا آهن. هن ڪهاڻين سان گڏ ناول، مضمون ۽ سفر ناما به لکيا آهن. سندس ڪهاڻيون مختصر، ڇرڪائيندڙ ۽ عام واقعن متعلق پر خاص انداز ۾ آهن، مقصد کي هوءَ تمام ٿورن لفظن ۾ بيان ڪري ٿي. ستن پٽن جي دُعا تي احتجاج ڪندي لکي ٿي ته:

”تڏهن ڪنوار اکيون مٿي ڪري سوال پڇيو، ”مهاراج ست پٽ ڇو؟“ ۽ سندس ڀيڻ ريشما کيس سُر وٺائيندي چيو، ”ها ها، ڌيئر ڇو نه؟“

”ڌيئڙيون! آشيرواد اهڙي نموني تي ڏني ويندي آهي. اهڙي اسان جي پراڻي ’پرمپرا‘ آهي.“

ريشما، ”مهاراج! هاڻي پراڻيون ڳالهيون ڇڏيو، زمانو ڦري ويو آهي.....“

ٻانڀڻ هن کي نظر انداز ڪندي پنهنجي آشيرواد جاري رکي.“ (ص 103، ”شاديءَ جي آخري رسم“)

”جڏهن ٻار وڏا ٿيندا آهن ته وڏا مسئلا پاڻ سان کڻي ايندا آهن. ڀاري ۽ منجهائيندڙ مسئلا. ڪيڏو به سمجهائڻ سان هُو مائٽ جي هڪ ڳالهه به نه مڃيندا آهن ۽ اُن وقت بڇڙو مَنِ چوندو آهي ته هن کان ننڍڙا هئا ته سٺا هئا، ته گهٽ ۾ گهٽ چيو ته مڃيندا هئا. ٻيءَ حالت ۾ هنن کي هڪ چماٽ سان سڌو ڪري ڇڏبو هو. هاڻي ته پنهنجي هڪ به نٿي هلي.“ (ص 149، ڇوٽڪارو)

نورالهديٰ شاهه جون 76 ڪهاڻيون ڇپيون آهن، جيڪي موجوده وقت ”ڪيڏارو“ جي عنوان سان سندس ڪتابن- جلاوطن، ڪربلا، رڻ ۽ رڃ جو اتهاس ۽ ڪيڏارو جي گڏيل مجموعي طور دستياب آهن.

هن سنڌي سماج جي غلط رسمن رواجن ۽ دستورن خلاف آواز بلند ڪيو آهي. وٽس موضوعن سان گڏ سنڌي ٻوليءَ جي سهڻن لفظن جي ڪا به کوٽ ڪانهي. بلڪ سندس ئي لفظن ۾ ته ”هُن وٽ لفظن جا مَٽَ ڀريل آهن.“ سو سو دفعا صحيح آهي، وطنيت، قوميت، سنڌيت، فرقيواريت، زندگي، موت، جنگ، امن، اميري غريبي، غلامي آزادي، مطلب ته بي حساب موضوعن تي هن لکيو آهي ۽ گهڻي ڀاڱي سماج ۾ عورت جي تذليل تي واڪا ڪيا اٿس.

فرقيواريت خلاف، مسجد ۾ ٿيل بم بلاسٽ جي باري ۾، سندس ڪهاڻي تمام منفرد موضوع ۽ انداز جي آهي، لکي ٿي ته:

”خدا مون کي مسجد جي خالي اڱڻ ۾ مليو، مان هُن کي ڏسي نه سگهندو هئس، محسوس ڪري سگهندو هئس، پر هن جي مڪمل وجود کي نه، رڳو هُن جي نهار کي، هُن جي مُرڪ کي. شروع شروع ۾ هُو مون ڏانهن نهاريندي بس مرڪندو هو ۽ مان هڪ ساهيءَ هُن سان ڳالهائيندو ويندو هئس. منهنجون ڳالهيون کٽنديون ئي ڪو نه هيون ۽ هُن جي مُرڪ ٽٽندي ئي ڪا نه هئي.“

”منهنجو فرقو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟ مان سوچ ۾ پئجي ويس. بُک؟ بيروزگاري؟ بي چيني؟ گهاڻي جي ڏاند جيان زندگيءَ جي چوڌاري ڦرڻ ۽ ڦرِندي ڦرندي پيرن کان روح تائين پئجي ويل لڦون لڦون؟ موٽ ۾ مليل ڌڪار ۽ اڻ برابري؟“ (ص 389، ستن آسمانن هيٺ)

سنڌي سماج جي مرداڻي ذهن جي عڪاسي هن ريت ڪري ٿي:

”ٻه ونيون ته اسان سنڌي مردن جو شان آهي، سو احمد کي لکي موڪليائين ته جيتريون گهڻيون ونيون ۽ ٻنيون، ايترو مردن جو شان. جتي پلاند اٽڪائبو، اتي نڀائبو. اهو اسان جي راڄ جو شان آهي، سو فردوس جيستائين جيئري هوندي، تنهنجي لاءِ ويٺي هوندي.“ (ص 125، شريف زادي)

”ڀلا ٽي وقت ماني، ڀلا پيرن جي جتي، ڀلا هڪڙو وڳو ڪپڙن جو ڪير ڏيندو؟ آمريت ڏيندي ڪه جمهوريت؟“ (ص 347، هن پهاڙ جيڏي رات جي پڄاڻي ڪٿي آ)

”فنا آهي ماڻهوءَ جي هر سپني کي. هڪ اداس صبح، ڏاهپ جي ڏوهه ۾ مليل طلاق جو ڪاغذ بيگ ۾ وجهي هوءَ ان ننڍڙي ڳوٺ هلي ويئي. گمنامين جي انهن اونداهين غفائن ۾ اچي هن پنهنجيون سموريون ڪهاڻيون ۽ ڪوتائون ڦاڙي ڇڏيون هيون ۽ پنهنجا چتر ساڙي ڇڏيا هئا. (ص 184، ”مندر، اداس ڏيئو، اڌ رات، ديوداسي“)

”ميان غلام شاهه ڪلهوڙا! اسين توکي وارننگ ٿا ڏيون، حيدرآباد جو شهر خالي ڪر، نه ته سڀاڻي تنهنجو لاش ننگو ڪري، شهر جي گهٽين ۾ گهِليو ويندو.“ ميان صاحب اُٿي ٿو، قبر تي پيل پُڙ سان لڙڪ اگهي ٿو، امن جي مارجي ويل پکيءَ جيان منجهس نئين سگهه (خوف ۾ دٻيل) ڀرجي ٿي. کيس زنده رهڻ گهرجي. ان احساس هيٺ سيد محمد مڪيءَ کي الوداع چئي هُو مزار مان نڪري ٻاهر سڙڪ تي اچي ٿو. ڪرفيو دوران گشت ڪندڙ ٽرڪ بيهي رهي ٿو.

ڪوئي مٿس اُلر ڪري ٿو.

”ڊونٽ مُوو“

ٻي پل گوليءَ جو ٺَڪاءُ. (ص 361، ڪيڏارو)

ڊاڪٽر فهميده حسين ستر ۽ اسي جي ڏهاڪن ۾ فهميده ميمڻ جي نالي سان ڪافي ڪهاڻيون لکيون، جيڪي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيون، پاڻ خاص طور هلال پاڪستان ڪراچي اخبار جي ”سگهڙين سٿ“ صفحي سنڀالڻ دوران ڪيترين ليکڪائن کي به سنڌي ادب ۾ متعارف ڪرايائين. ڪافي ليکڪائن جا افسانا هن ادبي صفحي ۾ شايع ٿيا، اهڙي ريت پاڻ پڻ ڪهاڻيون لکنديون هيون. انهيءَ دور جي ۽ پوءِ لکيل سندن ڪهاڻين جو مجموعو، ”هڪ حوا ڪيئي ڪهاڻيون“ جي عنوان سان آهي، انهن ڪهاڻين ۾ سنڌي سماج جون اڍنگيون رسمون ۽ رواج وائکا ڪيل آهن ته سنڌي عورت جي شخصي ۽ ذهني آزاديءَ جي پاڻ پتوڙڻ جا سنيها ڏنل آهن. طويل ڪهاڻين سان گڏ مختصر ڪالم ڪهاڻيون جيئن انٽيليڪچوئل ”احساس“، ”پاڻ وهيڻي“،
”فرسٽريشن“، ”مُنڌل من“ ۽ ”دوستي“ تمام اثرائتيون آهن، پڙهيل لکيل قلمڪار عورت جي حق تلفيءَ تي لکن ٿيون ته، ”اهي مرد جيڪي عورت جي نفسيات ئي نه سمجهي سگهن سي فنڪار عورت جي احساس لاءِ مڏي ڇُري ثابت ٿيندا آهن.“ (فرسٽريشن، ص 128)

”ماڻهو ٿا چون سنڌ ۾ ڇوڪرين سان ريتن رسمن جي نالي ۾ ظلم ٿو ڪيو وڃي، هُو مدي خارج روايتن يا رواجن جي گهاڻي ۾ ٿيون پيڙهجن، پر مون سان جيڪي ٿي رهيو آهي ڇا اهو ان کان گهٽ هو؟ آئون هڪ ڇوڪر، هڪ مرد ٿي ڪري به مجبور ۽ بيوس بڻايو ويو هئس، مون کي به بدي جي رسم جو کاڄ بڻايو ويو هو، اهو ساڳيو ظلم سوٽ ياسر سان به ٿي رهيو هو.“ (مان مرد، ص 28)

مٿين مثالن کان علاوه انيڪ ڪهاڻيون لکيون ويون آهن جن مان چند اهم هن ريت آهن:

”مون توکي پيار ڪيو هو“، ”ماڻهو ننهن ٿا ڳولين مان پُٽ“ پوپٽي هيراننداڻي، ”ڀوري“، ”معصوم التجا“، ”وڇوڙو“ سندري اتم چنداڻي، ”پيئي اڏامي رک“ اندرا واسواڻي ”ڀاڳي اڀاڳي“ مايا راهي، ”من اجرو تن اجرو“ زينت عبدالله چنا، ”سيمنٽ جي پتلي“، ”راهه“ رشيده حجاب، ”تضاد زندگيءَ جا“، ”سڀ منهنجو ڏوهه“ ريٽا شهاڻي، ”شمع ٻاريندي شب“، ”رمندا بادل“ ثميره زرين، ”محشر موچارو“، ”رهيل جانچ“، ”مٺي مراد“، ”لهر لهر زنگي“ ماهتاب محبوب، ”ضدي“، ”ايئن به ٿيندو آهي“ جميله نرگس، ”جي توڙ نڀائي ڄاڻن“، ”داغن جي روشني“، ”اندر ۾ اونده“ ثريا ياسمين، ”نازلي“، ”پرين سندو پيار“ زيڊ.اي شيخ، ”ڀٽڪيل روشني“ رڪمڻي سندر چئناڻي، ”وڻن ۾ گل“ ڪلا پرڪاش، ”پيڙا جو پڙلاءُ“ رتنا گوديا رولاڪ، ”ڪرشنا نديءَ تي پل“ ارونا ڄيٺواڻي، ”سامائي تان سک ويا“ نيلوفر جويو، ”پليٽ فارم“، ”ناسور“، ”پنر جنم“ سحر امداد، ”منهنجو گهر“ فهميده ميمڻ، ”اکيون روئڻ ڳوڙهن بنا“ سوني مولچنداڻي، ”زندگي: هڪ ناٽڪ“ وينا شرنگي، ”سائو ٿيل گاهه“ ڪملا گوڪلاڻي، ”جلاوطن“، ”آخري مئل ماڻهو“، ”ڏوهي“، ”زندگيءَ جو زهر“، ”منهنجي زندگيءَ جو جنم قيد“، ”زم زم“، ”منهنجو من ڀنڀور“ ”ناگا ساڪي“ نورالهديٰ شاهه، ”ڪشمڪش“
تبسم ماهتاب قريشي، ”ڪو ڪو جيون سواليه نشان“ ڊاڪٽر ناهيد مغل، ”سنجوگ“ صنوبر سيد، ”اٿارٽي“ خديجه شيخ، ”سيڪنڊ چوائس“، ”ساحل جي تمنا“ شبنم گل، ”آٿت“ ثمينه ميمڻم، ”بنا عنوان“ ريحانه نظير، ”بُک ۽ اديب“ شگفته شاهه ۽ ٻيون ڪافي ڪهاڻيون آهن.

ڪهاڻين جي هيڏي وڏي ۽ سٺي مقدار سان شموليت جي باوجود اڄ تائين عورتن جي لکيل ڪهاڻين کي سهيڙي ڪڏهن به ڪنهن مجموعي جي صورت ۾ ڇپايو نه ويو آهي. ها! باقي انفرادي طور ڪافي ڪهاڻيڪارائن جا ڪهاڻين جا مجموعا شايع ٿيا آهن، جيئن:-

”رنگين زماني جون غمگين ڪهاڻيون“،
”پڪار“، ”ڪلي گلاب جي، ساغر شراب جو“، ”مون توکي پيار ڪيو هو“، ”خزان جو دور پورو ٿيو“ پوپٽي هيراننداڻي، ”توجنين جي تات“، ”وڇوڙو“، ”مُرڪ تي منع“، ”ٻنڌڻ“ سندري اتم چنداڻي، ”وڻن ۾ گل“، ”مُرڪ ۽ مامتا“ ڪلا پرڪاش ”گيت اُڃايل مورن جا“، آءٌ اها ئي مارئي“ ثميره زرين، ”تخليق جو موت“ خيرالنساء جعفري، ”پچڻ کي پچاءِ“، ”منع ٿيل ميوو“، ”ببليءَ جون آکاڻيون“، ”رشتن جو رقص“ ريٽا شهاڻي، ”آئينو ۽ عڪس“، ”رٻڙ جي گڏي“، ”الجهيل تندون ريشم جون“، ”درد“ تارا مير چنداڻي، ”درد جو آواز“، ”قسم پيار جو“ رڪمڻي سندر چئناڻي، ”آکاڻيون پورب ديش جون“، ”ڪامل جون ڪهاڻيون“ (ترجمو) ڪماري ايشوري جوتواڻي، ”مٺي مراد“، ”چانديءَ جون تارون“، ”پل صراط“، ”لهر لهر زندگي“ ماهتاب محبوب، ”امرت منجهه ڪڙاڻ“، ”عيبن هاڻي“ تنوير جوڻيجو، ”هڪ حوا ڪيئي ڪهاڻيون“ فهميده حسين، ”هيلوڪو وري آءُ““ ”اڏران هن پار“ نذير ناز، ”جلاوطن“، ”ڪربلا“، ”رڻ ۽ رُڃ جو اُتهاس“
نورالهدي شاهه، ”نالو؟“، “منجري“، ”ٿُڙ“ اندرا واسواڻي، ”محبت جو مينهن“، ”موڪش“، ”ڍال“ مايا راهي، ”تنهنجون ڳالهيون تنهنجي ڳولها“ زرينه بلوچ، ”مارئي ۽ مان“ ميمڻ روشن تبسم، ”تلاش“
تبسم ماهتاب قريشي، ”ڪٿا اُپ ڪٿا“ تهمينه مفتي، ”اڻ ڄاتل شهر جو نقشو“ شبنم گل، ”اکيون ميگهه ملهار“ خديجه شيخ، ”ڪو ڪو جيون سواليه نشان“ ڊاڪٽر ناهيد مغل،”سامائي ته سک ويا“ نيلوفر جويو، ”نرڳ“ زبيده ميتلو، ”مشعل ٻرندي رهندي“
صنوبر سيد، ”اڌوري زندگي“، ”ڪونج“ شريمتي سروج گوپال ڀارواڻي، ”زندگي: هڪ ناٽڪ“، ”اڌ کليون اکيون“، ”واسنا جو واسينگ“- وينا شرنگي،
”عبادت“ اندرا شبنم، ”حادثي کان پوءِ“، ”فيصلو ٿيڻ تائين“، ”سائو ٿيل گاهه“ ڪملا گوڪلاڻي، ”زخم زماني جو“، ”سوني چادر“، ”شڪتي“، ”تنها ديوارون“، ”اکيون روئن ڳوڙهن بنا“، ”گلابوپري“
سوني مولچنداڻي ۽ ٻيا پڻ ڪافي مجموعا آهن.

اسان جي ڪهاڻيڪارائن جو ڪهاڻيءَ جي صنف ۾ مقداري اضافو ته چڱيرو آهي. ها باقي وٽن موضوعن جي وسعت آهي يا نه؟ ۽ سندن ڪهاڻين ۾ معيار، مواد ٻولي ۽ ٻيون افسانوي خوبيون ڪيتريقدر تسلي بخش آهن انهيءَ لاءِ سڀ کان پهرين اسين سنڌي ڪهاڻيءَ جي موضوعن جي پرک ڪنداسين ته معلوم ٿيندو ته، شروع دور ۾ هندو مسلم فساد ۽ پوءِ اتحاد، قوميت، مذهبيت، آزاديءَ جون تحريڪون، عالمي جنگيون، انهن جي تباهڪاري، ورهاڱو، اقتصادي بدحالي، لڏپلاڻ جي افراتفري نموني جا موضوع رائج هئا.

اڳيان هلي ڏيهي ۽ پرڏيهي ٻولين جي ڪهاڻين جي اڀياس سان موضوعن ۽ فن ۾ وسعت ۽ تبديلي آئي. نوان لاڙا، نيون سوچون ۽ نوان موضوع متعارف ٿيا.

ورهاڱي کان پوءِ جي ڪهاڻيءَ ۾ حالتن جي افراتفري، ذهني ڇڪتاڻ، طبقاتي ڪشمڪش، مذهب ۽ قوميت سان گڏ خاص طور ون يونٽ ٺهڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان ٿيل ناانصافيون، اهم موضوع آهن، ملڪ ۾ لڳايل مارشلائن سان موضوعن ۾ هڪ وڏي تبديلي آئي. ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ خاص طور اديبن ۽ شاعرن تي سختين، وارنٽن، جيلن ۽ اشاعتن تي پيل پابندين سان مزاحمتي ادب تخليق ٿيو، جنهن ۾ غيرت، سرڪشي، سجاڳي ۽ خود داري هئي ته وطنيت جو جذبو هيڪاري اُتم ٿي ويو. ڌارين جي وڏي پئماني تي آبادڪاري ۽ نڌڻڪي هئڻ جي احساس سان پنهنجي هم ٻوليءَ وارن جي محبت وڌيڪ اُتپن ٿي ۽ هند ۽ سنڌ جي سنڌي ليکڪن جو آواز هڪ ٿي ويو.

ڏٺو وڃي ته هر ادب پنهنجي پنهنجي دور جو ترجمان هوندو آهي ۽ تخليقي ادب ۾ وقت جا قدر (Values) وڏي تبديلي آڻين ٿا ۽ ادبي تخليق جي هن مسلسل بدلجندڙ عمل کي شري ڪرشنا جي لفظن ۾ پرکينداسين ته سو سيڪڙو سچ لڳندو ته:

"Literature must voice the past, reflect the present and mould the future."

مٿين حوالن مطابق جيڪڏهن عورتن جي فن کي پرکينداسين ته معلوم ٿيندو ته سندن ڪم ڪافي حد تائين قابلِ قدر آهي. هندو ۽ مسلم سنڌي سماج جا مسئلا ۽ گُهرجون ڪي قدر هڪٻئي کان مختلف آهن، پر ٻنهي سماجن جي ليکڪائن انيڪ اهم مسئلن کي پنهنجي ڪهاڻين ذريعي اڳيان آندو آهي، جن ۾ ڪُڌن ريتن، رسمن خلاف جنگ جوٽڻ، ڌاڙيلن، زميندارن، هارين، ڪامورن، جاگيردارن، پيرن مريدن ۽ طبقاتي استحصال جا نقش چٽڻ سان گڏ خاص طور، عورت ذات جي وجود جي پائمالي ۽ بنيادي انساني حقن جي لتاڙ کي نمايان جڳهه ڏني آهي، جنهن ۾ ستيءَ جي رسم، ڏيتي ليتيءَ جي شادي، بدلي جو پرڻو، جيئري تي جيئري شادي، وڌوا جي شاديءَ تي پيل پابندي، جهيز جي لغت، حق بخشائڻ، ڪاروڪاري، گڏيل ڪٽنبن جا مسئلا، ازدواجي زندگيءَ جا جهيڙا، طلاقون، ته گڏ عورتن ۾ تعليم جي ڪميءَ خلاف پڻ احتجاج ڪيا اٿن. مطلب ته هنن رومانويت، قوميت، مذهبيت، وطنيت، جنسيات، طنز و مزاح ۽ ٻين ڪيترن ئي موضوعن کي آندو آهي.

پاڪستان ۽ هندستان ٺهڻ کان پوءِ جي شروعاتي ڪهاڻين ۾ هندي ليکڪائن وٽ گهرو مسئلا آهن ته سنڌ جي ڪهاڻيءَ ۾ حقيقت نگاريءَ جي فقدان سان ڪهاڻي رومانوي تخيلات جي اوٽ ۾ پيش ڪيل آهي.

ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي ”انهن ڪهاڻين ۾ مرڪزي خيال جي هڪجهڙائي ۽ يڪسانيت ڄاڻائي آهي، جنهن ۾ پلاٽ ۽ پيشڪش ۾ نواڻ جي ڪمي آهي(19).“

بلڪ نسيم کرل ته بلڪل ايئن چئي ڏنو ته: ”لڳي ٿو پيار ۽ مايوسي سنڌي افسانانگار خواتين جو پسنديده موضوع آهي(20).“

ستر جي ڏهاڪي ۾ وڏي تبديلي آئي، عورتن ڪهاڻين کي فني طور به مضبوط ڪيو ته ٻوليءَ جي استعمال طرف پڻ توجهه ڪونه ڏني، شروع دور جي خواتين جي ڪهاڻين تي ڪجهه اردو رسالن جيئن ”حور“، زيب النساء“ وغيره جي ڪهاڻين جو اثر هو ۽ اردو ٻوليءَ جي لفظن جو بي سبب استعمال پڻ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. موجوده وقت سنڌي ڪهاڻيڪارائن جون ڪهاڻيون، ٻولي، اسلوب، موضوع ۽ فن جي حوالي کان بهترين آهن. هند جي ليکڪا اڄ به ڪهاڻين ۾ انگريزي، هندي ۽ سنسڪرت لفظن جو استعمال ڪري ٿي، پر وري به سندن ڪهاڻيون خاص طور ڏيهي ۽ پرڏيهي ادب جي اڀياس جو نتيجو معلوم ٿين ٿيون، جن ۾ موضوع اڇوتا ۽ ڇرڪائيندڙ پڇاڙي آهي ته فني طور به ڪهاڻيءَ سان مڪمل انصاف ٿيل آهي.

پروفيسر پوپٽي رامچند، ايشوري جوتواڻي، سندري اُتمچنداڻي، ڪلا پرڪاش، ۽ ريٽا شهاڻيءَ سان گڏ موجوده وقت ڪملا گوڪلاڻي، اندرا شبنم، مايا راهي، سوني مولچنداڻيءَ جون ڪهاڻيون وڏي مشاهدي ۽ مطالعي جو ڪارڻ معلوم ٿين ٿيون.

اهڙيءَ ريت ماهتاب محبوب، نورالهديٰ، فهميده حسين، شبنم گل ۽ ٻين جون ڪهاڻيون تمام اثر انگيز آهن. ماهتاب محبوب ٻوليءَ جي حُسناڪيءَ کان، نورالهديٰ شاهه وسيع موضوعن ۽ اثرائتي اسلوب جي سهڻيءَ ڏات سان ته فهميده حسين حقيقت نگاريءَ کان ۽ شبنم گل حساس جذبن جي نمائندگيءَ کان اهم ڪهاڻيڪارائون آهن. سحر امداد جون ڪهاڻيون اثرائتي ڪردار نگاريءَ سان گڏ علامت نگاريءَ جو عڪس چٽين ٿيون ته تهمينه مفتي فطرت نگاريءَ کي سهڻي نموني سان پنهنجي ڪهاڻين ۾ آندو آهي. نذير ناز مختصر، ساديون سوديون ليڪن سچيون ۽ اثرائتيون سماجي حقيقتون بيان ڪيون آهن. زرينه بلوچ سنڌيڪار جي حيثيت کان علاوه طبعزاد پڻ اهم ڪهاڻيون لکيون آهن. ڊاڪٽر رشيده حجاب پنهنجي دور مطابق پهرين ڪجهه رومانوي ۽ جذباتي ڪهاڻيون لکيون، پر پوءِ ترت ئي سندس لاڙو حقيقت نگاريءَ ڏي مُڙي ويو. سندس ڪهاڻين ۾ ”رهزن“، ”ٺڳ“،
”راهون چنڊ ستارا“ اهم آهن.

اهو چئي سگهجي ٿو ته نثر جي اهم صنف مختصر ڪهاڻيءَ ۾ هند توڙي سنڌ جي عورتن چڱيون معياري ڪهاڻيون لکيون آهن.

حوالا

(1) شاهه نورالهديٰ، ”ڪيڏارو“ (ڪهاڻي- ڪليات) روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2006ع، ص 401.

(2) ملڪاڻي منگهارام، ”سنڌي نثر جي تاريخ“ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 1993ع، ص 37.

(3) عرساڻي، شمس الدين، ڊاڪٽر، ”آزاديءَ کان پوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي 1982ع- ص1

(4) مفتي، تهمينه، ڊاڪٽر، ”ڪٿا“ (مهاڳ)، سي پي ايس پي پبليڪيشن 2007ع ص 12.

(5) آڪسفورڊ ايڊوانس لرنر ڊڪشنري (O.U.P) ص 1187.

(6) سهڻي امر جليل نمبر، سهڻي پبلشرز الهندو ڪچو حيدرآباد 1973ع، ص 208.

(7) ميمڻ فهميده حسين، ڊاڪٽر، ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ“، عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز 1993ع، ص 70.

(8) تقوي، سيد سخي حسن، ”همارا قديم سماج“ ترقي اردو بيورو نئين دهلي 1972ع ص 118.

(9) شيدائي، رحيمداد خان، ”تاريخ تمدن سنڌ“، سنڌ يونيورسٽي پريس. 1959ع ص 298.

(10) ميمڻ فهميده حسين، ڊاڪٽر، ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ“، شاهه لطيف ثقافتي مرڪز ڀٽ شاهه 1993ع ص 118.

(11) هوتچند، مولچند گربخشاڻي، ڊاڪٽر، ”شاهه جو رسالو“ ڪمشنر ڇاپخانو 1931ع ص، 68.

(12) دائودپوٽو عمر بن محمد ڊاڪٽر، ”شاهه جي رسالي جا ٽي آڳاٽا نسخا“، ماهنامه نئين زندگي سيپٽمبر 1957ع.

(13) شيدائي، رحيمداد خان، ”تاريخ تمدن سنڌ“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شورو 1995ع، ص 756.

(14) مبارڪ علي ڊاڪٽر ”الميه تاريخ“ فڪشن هائوس لاهور 2005ع، ص 75.

(15) حسين بادشاهه (سهيڙيندڙ) ”حيدرآباد جي تاريخ“ روشني پبليڪيشن 2003ع، ص 536.

(16) ملڪاڻي منگهارام ”سنڌي جي تاريخ“، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 1993ع ص، 104.

(17) سيد، مظهر جميل، ”جديد سنڌي ادب“، اڪادمي بازيافت 2007ع ص 1017.

(18) شاهد حنائي (مترجم)، ”شاہکار سندھی کہانیاں“، اڪادمي بازيافت اردو بازار لاهور، 2004ع ص، 16.

(19) عرشاڻي، شمس الدين، ڊاڪٽر، ”آزاديءَ کان پوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شورو، 1982ع ص 251.

سيد احتشام حسين ”ادبي دنيا“، اردو افساني پر ايک گفتگو ص، 67.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org