سليم چنا
محسن ڪڪڙائي
سيد نياز علي شاهه ولد سيد احمد شاهه ”تراب“
لڪياري ولد حافظ ابراهيم شاهه 4 جولاءِ 1937ع تي
ڪڪڙ- دادو ۾ جنم وٺي، سنڌ ۽ هنڌ ۾ شاعر ’محسن
ڪڪڙائي‘ جي نالي سان سڃاڻپ ۽ مشهوري ماڻي.
پاڻ پرائمري تعليم کان پوءِ اديب سنڌي، اديب عالم-
اديب فاضل، بي.ايڊ ۽ ايم.ايڊ جا امتحان پاس ڪيائون
۽ 40 سال تعليم کاتي ۾ هڪ اُستاد ۽ منتظم جي حيثيت
سان خدمتون سرانجام ڏنائين.
ادبي ۽ فني سفر ۾ ڪيترين ئي اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن
۾ ڇپجڻ، ريڊيو ۽ ٽي.وي تي شاعري پڙهڻ، کان پوءِ به
پاڻ اِهو اعتراف ڪيائين ته:
اڌ صدي کان لکي پيو محسن،
ڪجهه اڃا ڀي سکي پيو محسن.
ادبي سفر ۾ ڪيترائي اعزاز ۽ اوارڊ ماڻڻ سان گڏ پاڻ
”اداره فلاح وبهبود“ جو باني هو ۽ ڪيترين ئي ادبي
۽ سماجي تنظيمن جو عهديدار به رهيو.
”امنگون“ نالي ڪتاب سندن شاعري جو ڇپيل آهي. سندس
اڻڇپيل ڪتابن جو تفصيل هن ريت آهي.
1. تذڪره اولياء سنڌ، حافظ احسن چنا سان گڏ لکيل.
2. روحاني رهبر، حافظ احسن چنا سان گڏ لکيل،
3. زينتِ ادب- آصف مصراڻيءَ سان گڏ لکيل، 4. شاهه
نجف- ڪلياتِ محسن.
محسن ڪڪڙائي جو والد صاحب پوليس ۾ سپاهي هو، چار
درجا سنڌي جا پڙهيل هو، چار ٻارا زمين جا به هئس
پر عشق ۾ نوڪري به ويس ته ڇوڪري به محسن جو ڏاڏو
”اهل الله“ بزرگ هو. پر نه پيري مريدي جو پاڻ قائل
رهيو نه ٻين کي اِها صلاح ڏنائين. مريد ٿيڻ لاءِ
ڪو ايندو هوس ته ان کي چوندو هو:
”ابا دل صاف رکو ۽ چڱا ڪم ڪريو.“
سندس پيءُ نوجوانيءَ ۾ عشق جي چوٽ کائڻ کانپوءِ
راڳي ۽ ويراڳي ئي دنيا وسائي، پر سڪ جا سُور
ساٽائي دل کي مليل ڌڪ پچائي درزڪو ڪم سکي، ماهر
درزي ٿي ويو ۽ جنهن دور ۾ مرزا قليچ بيگ ڪڪڙ جو
هيڊ منشي هو، ان دور ۾ کيس مرزا صاحب جا ڪپڙا سبڻ
جو اعزاز به حاصل هو، محسن جو پيءُ دنيا جا ڌڪا
ڌوڻا کائي ’تراب‘ جي تخلص سان شاعري به ڪندو هو.
تراب کي پهريون پٽ محسن ڄائو. بقول خود محسن جي
ته: ”بابا هڪ فقير منش هو... نهايت ئي صابرين شخص
هو، امان اوڏي ئي طبعيت جي تيز ۽ تکي هئي.“ محسن
1952ع کان شاعري شروع ڪئي. سندس پهرئين لکڻي غزل
جي صورت ۾ هئي، جنهن جو هڪ بند آهي:
”نه آهي ڪو غريبن جو، غم خوار اي موليٰ،
غريبن کان رهي هر ڪوئي ٿو، بيزار اي موليٰ…
سندس اِهو غزل دادو مان نڪرندڙ رسالي ”اسان جي
منزل“ ۾ ڇپيو هو، غزل لکڻ وقت محسن جي عمر 14 يا
15 سال هئي. محسن 1952ع ۾ سنڌي فائنل پاس ڪئي ۽
1954ع ۾ اِن ڪري اُستادي پيشي سان اچي سلهاڙيو جو
سنڌي چوٿون درجو پڙهندي پاڻ پنهنجي اُستاد خوبچند
جي شخصيت ۽ علميت کان متاثر ٿي سوچيو هو ته پاڻ به
استاد ٿيندو.
محسن کي شاعري ۽ موسيقيءَ سان ننڍي لاڪون ئي لڳاءُ
هو ڇو ته سندس پيءُ به ڪلام جهونگاريندو رهندو هو.
محسن ڪڪڙائي سٺ ۽ ستر واري ڏهاڪي ۾ تمام گهڻو ڇپيو
۽ کيس وڏي شهرت ۽ داد مليو.
محسن 1974ع ۾ ڪيڊر
تبديل
ڪرائي انگريزيءَ جو استاد ٿيو ۽ 13 ڊسمبر 1993ع ۾
گريڊ 17 ۾ اچي رٽائرڊ ٿيو. شروعاتي دور ۾ کيس 53-
1952ع ڌاري رئيس محمد صالح ٽڳي جي دوستيءَ ۾ ڪتاب
پڙهڻ لڳو، پر سندس مطالعي هيٺ گهڻي ڀاڱي ابن صفي
جا جاسوسي ناول آيا جيڪي سندس دوست محمد صالح ٽڳو
پڙهندو هو. اُتان ئي کيس به پڙهڻ جي لونءَ لڳي
وئي. ننڍي هوندي پاڙي جي هندن جي ٽڪاڻي ۾ صبح
ساجهر ڳائڻ وڄائڻ ٿيندو هو ته هي به ننڊ مان جاڳي
ٽڪاڻي ۾ وڃي، ڀڳوان جي مورتي آڏو هندن سان گڏ
ڳائيندو هو. انهن ئي ڏينهن جي هڪ ڪافي هِن کي ڏاڍو
متاثر ڪيو هو.
”غافل بندا! ڪيئن ٿو گذارين؟
هِي اٿئي گذاري جو مڪان!“
اڳتي هلي محسن پنهنجي ڳوٺ جي رازي بخشل کان
موسيقيءَ جي ڄاڻ حاصل ڪئي. انهيءَ بخشل وري خان
صاحب بيبا خان ۽ اُستاد امير علي خان جي صحبتن مان
موسيقيءَ جا سبق حاصل ڪيا هئا. محسن جڏهن 1963ع ۾
محترم م.ن محزون سان مليو ته سندس دوستي اُستادي ۽
شاگرديءَ ۾ اچي وئي. اهڙي ريت سندس فڪري اوسر ۾
جيڪو واڌارو آيو، ان ۾ ڊاڪٽر عندليپ شاداني جو
شاعري جي فن تي ڪتاب ۽ ساحر لڌيانوي جي شاعريءَ جو
مطالعو به شامل آهي.
محسن وقت به وقت پنهنجي مطالعي کي وسيع ڪندو رهيو.
هُن برٽرينڊ رسل، ول ڊيورنٽ، رابسن کي انگريزيءَ ۾
پڙهيو. خوشونت سنگهه، عصمت چغتائي، قرت العين
حيدر، قدرت الله شهاب، بانو قدسيه، اشفاق احمد
سندس وڻندڙ ليکڪ هئا. شاعريءَ ۾ هُن غالب، مير،
ساحر، فيض احمد فيض، احمد نديم قاسمي، احمد فراز
کي پڙهيو، پروين شاڪر به سندس پسند جي شاعره هئي.
محسن سنڌي ڪتابن ۾ محمد ابراهيم جويو جو ڪتاب ”فڪر
جي آزادي“، غلام محمد گراميءَ جو ”مشرقي شاعري جا
فني قدر ۽ رجحانات“ پير علي محمد راشدي جو ”اهي
ڏينهن اهي شينهن“، اَهم ۽ مَن پسند سمجهندو هو.
رسول بخش پليجو، غلام رباني آگرو، جمال ابڙو، امر
جليل، نسيم کرل، حميد سنڌي، عبدالقادر جوڻيجو،
عبدالواحد آريسر، انعام شيخ، جامي چانڊئي جو نثر
به هُن کي موهي وجهندو هو. حمل فقير، ميرعبدالحسين
سانگي، عبدالڪريم پلي، طالب الموليٰ، وفا ناٿن
شاهي، آثم ناٿن شاهي، وفا پلي، طالب لغاري،
(سرائڪي شاعري وارو) نوجوان شاعرن مان هُن کي مارو
جمالي، ابل اداس ٻٻر، گلزار، ساحر ٿهيم، ذوالفقار
گاڏهي، مئڪش سومرو جي شاعري پسند هئي.
محسن جنهن شاعريءَ جي هر صنف تي ڀرپور انداز
سان لکيو، سندس هيٺيان پابند نظم سندس فني ۽ خيالي
پختگيءَ جي گواهي ڏين ٿا. جهڙوڪ: الزام، حسين
دڪاندار، ثقافت، ٽيڪسي، سمجهه جو ڦيرو، فيصلو،
مرڪو ته سهي، ٻچڙو، ڪارخاني جي زندگي، ڪاڇي ۾
انتظار، جاڳرتا ۽ گونگي، سندس مشهور آزاد نظم هِنن
عنوانن سان آهن: امن جي نالي، سيخ، درس، سوال،
چري، فرض، ناسور، جواب ۽ ٻيا سندس غزل رنگ منچ مان
ڪي دِل ڇهندڙ بند:
ڪيڏي ڇوري ڇني لڳي ٿي دِل،
مون اهو هُن کان پوءِ ڄاتو هو.
**
اچ ته ڪپڙن سميت وهنجون ٻئي،
گهر ۾ هيڏو تلاءَ پنهنجو آ.
**
پارسي پاڻ ڀل نه سمجهون پر،
اک جي ٻولي ضرور سمجهون ٿا.
**
محسن، غالب جي هِن مشهور سِٽ:
”کہتے
ہیں
جسے
عشق خلل کے
دماغ کا.“
کي رد ڪندي لکيو ته:
عشق بي سود سهي، عشق خلل ئي ليڪن،
اڄ به انسان محبت جو متوالو آهي.
محسن ڪڪڙائي خوددار ۽ باهمت شاعر هو. هُو چئي ويو
آهي ۽ لکي ويو آهي:
”جي مستحق هجان ته ڀلاين جو شڪريو،
همدردوين جي بيک سڄڻ ڪا نه ٿي کپي.“
محسن پنهنجي زندگيءَ ۾ قديم ۽ جديد روايتن کي
پنهنجي شاعريءَ ۾ خوبصورت انداز سان پيش ڪري ويو
آهي.
ڪيترو ٺوس ۽ ڪيڏو نه نرالو آهي،
حُسن مون لاءِ ڀٽائي جو رسالو آهي.
ڪوئي منهنجي دنيا ۾ ڪچڪول کڻي آيو،
جنت جو سڄو اُن ۾ ماحول کڻي آيو.
اهڙي طرح محسن جمالياتي شاعريءَ ۾ انڊلٺ رنگ ڀريا
آهن.
ڪُلين کي مسڪراهٽون، گلن کي ٽهڪڙا ڏيون،
اچو ته ڪائنات کي ڪا سونهن سوڀيا ڏيون.
سندس هڪ شعر ۾ عالمي انساني جذبو هِن ريت سمايل
آهي.
مون کي پنهنجو ئي غم هجي ته ٺهيو،
مون کي هر ڪنهن جي غم جو غم آهي.
سندس غزل جي دنيا جا چند چونڊ بند هِتي پيش ڪريان
ٿو:
حُسن کي پٺ ڏئي هلي ”محسن“،
هن جي مذهب جي برخلاف هيو.
**
اوڙو پاڙو به واسجي ويندو،
پيار پنهنجو ته مَن کٿوري آ.
**
هُن جي ڪمري ۾ ايتري خوشبو،
هن جي گهر عطر جي هوا ٿي لڳي.
**
سندس تجرباتي ۽ مشاهداتي اک زماني ساز ماڻهن کي
هِن ريت به پرکي ورتو هو.
زندگيءَ جي حمام خاني ۾،
جنهن کي جنهن کي ڏٺم اگهاڙو هو.
هاڻي وري اچون ٿا محسن جي حُسن مجازي تي.
اُف قيامت وري ڪٿان آئي،
جهنگ ۾ هيءَ پري ڪٿان آئي،
هوءَ ته راڻي ٿيڻ جي لائق هئي،
هُن جي سِر تي ڀَري ڪٿان آئي.
**
نانگ هو- نانگ جو ولوٽو هو،
چيلهه تائين جو هُن جو چوٽو هو.
هتي سندس بيتن مان به ڪي مثال پيش ڪريان ٿو:
ڪنهن کي مِليو ڪيترو، ڏاتر! تنهنجو ڏانءُ،
آدم ۽ انسان، آهي ساڳيو سور ۾.
**
اچي ذات ڪُذات اڙي آ انسان ۾،
سمجهي سگهيا ڪينڪي ڀورا ڪنهن جي بات،
ڏاتر! تنهنجي ذات، ڏکي آهي ڏيهه ۾.
**
مون ۾ آئي ”مون“ ته ”مون“ ئي مون کي ماريو،
مون جو”مون“کي ماريو ته”مون“مان ٿي پئين ”تون“.
تون ئي آهين تون، محسن ناهي ڪو ٻيو.
سندس نظم ”مرڪو ته سهي!“ مان هڪ بند عرض آهي:
”مُرڪو ته اُٿن جُلهه ڪري تدبيرون،
مرڪو ته اسان سان ٺهن تقديرون،
مُرڪو ته ستمگر جون اُڏايون ڌڄيون،
مُرڪو ته وطن لاءِ کڻون شمشيرون،
مرڪو ته سهي....
آخر ۾ هيءُ سندس ”ٽي شعر“ هِن ريت مڻيادار محبت جي
عڪاسي ڪن ٿا:
آءٌ ته جيءَ ۾ جاءِ ڏيانءِ،
اڻ ڳالهايل ڳالهين وانگي،
ماڻهو، خواهه مرون، سڀني لئي،
ڇانوَ ڏنيسين ٽالهين وانگي،
خوشبو پنهنجي پوکيل آهي،
”محسنِ“ پارن مالهين وانگي.
سندس آزاد نظم ”فرض“ جون آخري چار سٽون:
ڪجهه مِلي يا نه مِلي، اُن سان نه آهي مطلب،
منهنجو فرض آهي ته هوريان ڏاڍيان،
وقت جي اَهم بُتن کي به جهنجهوڙي ڇڏيان،
جي جهنجهوڙي نه سگهان ٿو ته پوءِ ٽوڙي ڇڏيان.
سندس رباعين مان هڪ مثال هيءُ آهي:
ڪمزور ۽ مجبور ڏسي مُرڪين ٿو،
مظلوم جي زخمن تي نمڪ ٻُرڪين ٿو،
جنهن وقت ٿو مظلوم گهُري حق پنهنجو،
اُن وقت ڇو سرڪار! ڀلا ڪُرڪين ٿو!؟ |