پروفيسر محمد اسماعيل ”منصور“
محبتن جو شاعر
عطا محمد ”حامي“
پروفيسر ڊاڪٽر عطا محمد ”حامي“
جي ڪلام جو اڀياس ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته حامي
صاحب ۽ شاعريءَ جو پاڻ ۾ چوليءَ دامن وارو تعلق
آهي.
حامي صاحب سنڌ جو ڪهنه مشق شاعر هو ۽ سندن نالو
’جمعيت الشعراء سنڌ‘ جي صف اول جي شاعرن ۾ شمار
ٿئي ٿو. سنڌ توڙي خيرپورميرس جي تعليم ۽ علم و ادب
جي سلسلي ۾ ڪيل سندن خدمتون وساري نه ٿيون سگهجن.
عطا محمد ”حامي“ صاحب، قائم الدين ولد بهادر خان
سوهو جي گهر ۾ ڳوٺ سوهو قناصره تعلقي ڪوٽڏيجي،
ضلعي خيرپورميرس ۾ ڄائو. سندن ڳوٺ ۾ ڪوبه پرائمري
اسڪول نه هو. انهيءَ ڪري حامي صاحب پنهنجي ڳوٺ جي
سربند پير بخش ۽ ڳوٺ جي ڍڪ منشيءَ وٽ پڙهڻ شروع
ڪيو. جڏهن سندن ڳوٺ ۾ پرائمري اسڪول کليو تڏهن
اُتي داخلا وٺي پنهنجي تعليم جو سلسلو باقاعده
شروع ڪيو. سندن پهريون استاد شفيع محمد پٺاڻ هو،
جنهن وٽ هن پنهنجي پرائمري تعليم وارو مرحلو خير
خوبيءَ سان پڙهي پورو ڪيو.
”حامي جو ڪلام“ ڪتاب جي مهاڳ ۾ محمد علي حداد لکي
ٿو ته:
”پنهنجي پرائمري تعليم کان پوءِ خيرپورميرس جي
تاريخي درسگاهه ناز هاءِ اسڪول ۾ داخلا حاصل
ڪيائين، جتان سال 1941ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان
مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين(1).“
حداد صاحب اڳتي لکي ٿو ته:
”اسڪول ۾ حامي صاحب پنهنجي چوڻ موجب پڙهڻ ۾ جڏو
شاگرد هو. پڙهڻ بجاءِ شعر لکندو هو. شعر ۽ عشق کان
سواءِ ٻيو ڪم ڪونه هوندو هوس(2).“
حداد صاحب اڃا وڌيڪ وضاحت ڪندي لکي ٿو ته:
”حامي صاحب جو شعر ۽ عشق وارو مشغلو اسڪولي
زندگيءَ بعد به جاري رهيو. جڏهن سنڌ مسلم ڪاليج ۾
پڙهندو هو تڏهن به پنهنجي انهيءَ عادت جو اعلان هن
ريت ڪيائين:
گر پڙهان ٿو سنڌ مسلم مدرسہ ڪاليج ۾،
عشق جي اسڪول ۾ ڀي ڄاڻجو داخل مون کي(3).“
انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته حامي صاحب شعر ۽ عشق جي
معاملي ۾ ڄمندي ڄام هو. هن کي ننڍپڻ کان شعر ۽ عشق
واري لنؤن لڳل هئي. ”مون مارن سين لڌيون لوئيءَ ۾
لائون.“ (شاههرحه) جي مصداق حامي صاحب
ٻالجتيءَ کان ئي شعر ۽ عشق سان لائون لهي ڇڏيون
هيون. شعر ۽ عشق، هن جي رڳ رڳ ۾ سمايل هو.
حامي صاحب جي ڪمسني واري شاعرانه موزون طبع، انهي
حقيقت جو ثبوت آهي ته جيڪا چڻنگ ننڍپڻ ۾ هن جي
فطرتي طور شعر ۽ عشق لاءِ موزون وقت تي شعلو بڻجي
ڀڙڪي ۽ حامي صاحب انهيءَ عطيه الاهي ۽ خداداد ڏات
کي شعر جو رنگين لباس پهرائي عوام الناس کي پيش
ڪيو.
شمس العلماء خواجه الطاف حسين ”حالي“
پنهنجي مقدمه ’شعر و شاعري‘ ۾ فرمائي ٿو ته:
(ترجمو): ”اها ڳالهه تسليم ڪئي وئي آهي ته شاعري
اڪتساب سان حاصل نه ٿي ٿئي، بلڪه جنهن ۾ شاعري جو
مادو هوندو آهي، اهوئي شاعر ٿيندو آهي. شاعري جي
سڀ کان پهرين علامت طبع جي موزوني سمجهي وڃي ٿي.
گهڻو ڪري ڏٺو ويو آهي ته جيڪي اشعار بعض فاضلن کان
موزون نه ٿا پڙهيا وڃن، اهي بعض اڻ پڙهيل ۽ ڪمسن
ٻار، بنا تڪلف موزون پڙهي وڃن ٿا. انهيءَ مان ظاهر
ٿيو ته شاعري ڪا اڪتسابي شيءِ نه آهي، بلڪ بعض
طبعيتن ۾ ان جي استعداد خداداد هوندي آهي، پوءِ
جيڪو شخص انهيءَ الاهي عطيه کي فطرت جي تقاضا موجب
موافق ڪم ۾ استعمال ڪندو ته اهو ممڪن ئي نه آهي جو
ان منجهان سماج کي ڪجهه نفعو نه ٿئي(4).“
هن حوالي جي روشنيءَ ۾ اسان غور ڪنداسون ته معلوم
ٿيندو ته حامي صاحب جي شاعري ڪنهن اڪتساب يعني
محنت يا پورهئي جو نتيجو نه آهي بلڪ شاعري وارو
مادو حامي صاحب جي طبعيت ۾ ڄائي ڄم کان سمايل هو،
ويتر جو هن کي قدرت وٽان هڪ موزون طبع عنايت ٿي،
تنهن سندس شاعريءَ ۾ سون تي سهاڳي جو ڪم ڪيو.
شاعري ۽ عشق حامي صاحب جون خداداد صلاحيتون آهن،
جن کي هن فرض شناس انسان فطرت جي عين تقاضا موجب،
موافق ڪم ۾ استعمال ڪيو. سندس شاعري ۽ عشق، اسان
جي سنڌي سماج لاءِ بهره مند ثابت ٿيا. انهن منجهان
سنڌي سماج کي جيڪو لاڀ حاصل ٿيو آهي، سو ظاهر ظهور
اسان جي اکين اڳيان موجود آهي. چوندا آهن ته ”زبان
خلق نغاره خدا.“ اڄ ڪلهه ادبي حلقن توڙي عوام
الناس ۽ حامي صاحب جو نالو انهيءَ پيار ۽ پاٻوهه،
عزت ۽ احترام، سان ورتو پيو وڃي جنهن محبت، مروت،
فراخدلي، نيڪ نيتي، حسن اخلاق، هردلعزيزي، خير
خواهي ۽ انسانيت جي اعليٰ قدرن جو پرچار هن پنهنجي
زندگي جو مشن بڻائي، انسانذات جي فلاح و بهبود
واسطي سر عام ڪيو.
عطا محمد حامي صاحب جي شاعري جي مجموعي ”حامي جو
ڪلام“ تي نظر ڪجي ٿي ته شروعات ۾ حمد باري تعاليٰ
جي عنوان سان هڪ شاهڪار حمديه غزل ملي ٿو، جنهن ۾
حامي صاحب پنهنجي دل جي حضور سان الله تبارڪ و
تعاليٰ جي وحدانيت جو اعتراف ڪندي فرمائي ٿو ته:
عالمِ امڪان ۾ ممڪن نه جنهن جو ڪو مثال،
آهه سو بيمثل بيچون ڪبريا منهنجو خدا(5).
انسان جڏهن صدق دل سان پنهنجي خلقڻهار ۽ پالڻهار
جي هيڪڙائي جو اقرار ڪري ٿو، ته ڄڻ عالم ارواح
واري ميثاق جي تجديد ڪري ٿو جو جڏهن عالم ارواح ۾
الله تبارڪ و تعاليٰ سڀني روحن کان پڇيو هو ته
”الست بربڪم“ تڏهن سڀني روحن عهد ڪيو هو ته ”قالو
بليٰ“. حامي صاحب بليٰ واري قول تي قائم ۽ پنهنجي
وفاداري واري وعدي تي ثابت قدم آهي. اهو انسان جي
زندگيءَ جو معراج آهي جو پنهنجي ڪيل قول کي پاڙي
ٿو ۽ اعتراف ڪري ٿو ته:
الست بربڪم، جڏهن ڪن پيوم،
قالو بليٰ قلب سين، تڏه تِت چيوم.
تنهين وير ڪيوم، وچن ويڙيچن سين(6).
(شاههرحه)
حامي صاحب جي ڪلام ۾ حمديه غزل کان پوءِ حضور ڪريم
صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي شان اقدس ۾ ”مولود
مسعود“ جي عنوان سان هڪ شاهڪار نعت، شاعريءَ جي
مسدس واري صنف ۾ ملي ٿي. هي طويل مسدس ٻنهي جهانن
جي سردار احمدِ مجتبيٰ مُحمّد مصطفيٰ صلي الله
عليہ وآلہ وسلم جن جي ولادت باسعادت تي چيل آهي.
هن نعت جي مطالعي کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو ته هيءَ
نعت، حامي صاحب وڏي شوق ۽ ذوق، عزت، احترام ۽
والهانه عقيدت سان چئي آهي ۽ ثابت ٿو ٿئي ته حامي
صاحب جي دل عشق رسول صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن
سان سرشار آهي ۽ پاڻ ڪريمن صلي الله عليہ وآلہ
وسلم جن جي محبت حامي صاحب جو ايمان آهي. مذڪوره
مسدس جي هڪ بند ۾ حامي صاحب عوام الناس کي دل کولي
مبارڪون ٿو ڏي ته اڄ هن دنيا ۾ حضرت سيد الانبياء
احمدِ مجتبيٰ مُحمّد مصطفيٰ صلي الله عليہ وآلہ
وسلم جن جي آمد آهي جيڪي هن دنيا ۾ ڪرم ۽ فضل جا
سرچشما، سخا جا ڪڪر ۽ عطا جا بحر بڻجي تشريف فرما
ٿا ٿين. مبارڪون ڏي ٿو ته اڄ انهيءَ سردار ثقلين
جي آمد آهي. جنهن تي انسانذات جي هدايت واسطي ٻنهي
جهانن جو وسيلو، قرآن ڪريم نازل ٿيو. جنهن مان
جهان ۾ تشريف فرما ٿي، ظلم ۽ جبر جون پاڙون پٽيون
۽ دکايل انسانيت کي ظالمن، جابرن ۽ غاصبن جي غلامي
جون زنجيرون ٽوڙي، آزادي ۽ خوشحالي واري زندگي عطا
فرمائي، مبارڪون ڏين ٿا ته اڄ هن دنيا ۾ انهيءَ
عظيم هستي جي آمد آهي جنهن جا حضرت ابراهيم خليل
الله عليہ السلام ۽ حضرت اسماعيل ذبيح الله عليہ
السلام جد امجد آهن، فرمائين ٿا ته:
مبارڪ، صاحبِ اڪرام جي، دنيا تي آمد ٿي،
مبارڪ، حاملِ الهام جي دنيا تي آمد ٿي،
مبارڪ، دافعِ آلام جي، دنيا تي آمد ٿي،
مبارڪ، باعثِ آرام جي، دنيا تي آمد ٿي،
مبارڪ ٿيو خليلِ الله جو نورِ نظر پيدا.
مبارڪ، ٿيو ذبيحِ الله جو لختِ جگر پيدا(7).
حامي صاحب پنهنجي ٻي نعت رسول الله صلي الله عليہ
وسلم ۾ معراج واري ارڙهن(18) سالن جي رات تي محيط
عظيم واقعي کي ڏاڍي هوشياري، چابڪ دستي ۽ ڪمال
شاعرانه فن سان صرف ٻن مصرعن ۾ بيان ڪن ٿا.
فرمائين ٿا ته نبي ڪريم صلي الله عليہ
وآلہ
وسلم جن جي ذات با برڪات زمان ۽ مڪان جي پابنديءَ
کان مستثنيٰ آهي. الله تبارڪ و تعاليٰ پنهنجي
محبوب صلي الله عليہ
وآلہ
وسلم جن جي ڪونين جي سير خاطر ارڙهن سالن جي طويل
عرصي کي هڪ رات ۾ سمائڻ لاءِ پوري ڪائنات مان روح
ڪڍي زمان ۽ مڪان جون پابنديون ختم ڪري پنهنجي حبيب
صلي الله عليہ
وآلہ
وسلم لاءِ ڪونين جي سير جون راهون هموار ڪيون.
حامي صاحب ڪيڏي خوبصورتيءَ سان هن عظيم واقعي جو
نقشو صرف ٻن مصرعن ۾ چٽي ٿو، فرمائين ٿا ته:
سير ارڙهن سال عرشن جو گهڙيءَ ۾ تو ڪيو،
توکي پابندي زميني ۽ مڪاني ڪين آ(8).
حامي صاحب اڃا اڳتي هڪ ٻي نعت ۾ حضور ڪريم صلي
الله عليہ وآلہ وسلم جن جي شانِ اقدس جو ذڪر ڪندي
فرمائين ٿا ته:
”الله تبارڪ و تعاليٰ پنهنجي عبد کي ڪيڏي نه عظمت
۽ رتبو عطا فرمائي ٿو جو قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو
ته: (ترجمو) ’بيشڪ الله تعاليٰ ۽ ان جا ملائڪ نبي
ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي مٿان درود
پڙهندا رهن ٿا. اي ايمان وارؤ! اوهان به مٿن درود
۽ سلام پڙهو‘(9).“
هونئن ته الله تعاليٰ قرآن ڪريم ۾ پنهنجي ٻانهن کي
حڪم ڏي ٿو ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جو تاڪيد پڻ ڪري ٿو.
انهن حڪمن ۾ اهڙو ڪوبه حڪم ڪونهي جنهن تي الله
تبارڪ و تعاليٰ پاڻ به عمل ڪندو هجي، پر پنهنجي
حبيب صلي الله عليہ وآلہ وسلم مٿان درود شريف پڙهڻ
واري حڪم ۾ الله تبارڪ و تعاليٰ پاڻ ۽ سندس ملائڪ
۽ انسان سڀ شريڪ آهن. حامي صاحب انهي نازڪ خياليءَ
جو بيان هن طرح ڪري ٿو ته:
عبد اهڙو جنهن معبود صلواتون پڙهي،
ڪيئن چوان سو پاڻ جهڙو جنهن جو ايڏو شان آ(10).
حامي صاحب، حضرت علي
رضي الله تعاليٰ عنہ
جي شانِ اقدس ۾ ”موليٰ جي ولادت جي رات“ جي عنوان
سان لکيل منقبت ۾ حضرت علي
رضي الله تعاليٰ عنہ
جن جي امامت جي تاج بابت خم غدير واري واقعي ڏانهن
اشارو ڪن ٿا. حضور ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم
حجة الوداع جي موقعي تي عرفات کان واپس ايندي خم
غدير جي مقام تي سڀني صحابه ڪرام جي اجتماع ۾
پنهنجو عمامه مبارڪ حضرت علي
رضي الله تعاليٰ عنہ
جي سر مبارڪ تي رکندي ۽ سندن ٻئي هٿ مٿي کڻندي
فرمايو ته: ”من کنت مولٰہ فَهٰذا عليٌ مولا.“ حضور
ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جا
سڀ کان عزيز ترين رشتيدار هئا ۽ اسلام لاءِ ڪيل
سندن خدمات تي نازان هئا. انهيءَ عظيم واقعي جو
نقشو چٽيندي حامي صاحب فرمائين ٿا ته:
جنهن جي مٿي تي تاج امامت اهو علي،
جنهن تي ڪري ٿي ناز رسالت اهو علي(11).
حامي صاحب، حضرت امام حسين
رضي الله تعاليٰ عنہ
جي شانِ اقدس ۾ لکيل پنهنجي منقبت بعنوان ”اي
شهيدِ ڪربلا“ ۾ حضرت امام حسين
رضي الله تعاليٰ عنہ
سان پنهنجي والهانه عقيدت جو اظهار ڪندي فرمائين
ٿا ته: حضرت امام حسين
رضي الله تعاليٰ عنہ
حق و باطل جي معرڪي ۾ نه ڪنهن خوف و خطري کان
خوفزده ٿيا ۽ نه وري ڪنهن مصلحت جو خيال کين
دامنگير ٿيو. حق ۽ سچ جو علم بلند ڪندي دين اسلام
جي خاطر يزيد پليد سان جنگ جوٽيائون. حضور ڪريم
صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي تربيت تي ثابت قدم
رهندي جان و مال اهل و عيال کي راهه حق ۾ قربان
ڪري، دين اسلام جو جهنڊو سربلند ڪيائون.“ حامي
صاحب فرمائين ٿا ته:
خوف کائي مصلحت کان ڪم وٺي،
تو ڪڏهن نااهل جي بيعت نه ڪئي(12).
حامي صاحب شاعرن جي سرتاج، سنڌ جي مايه ناز شاعر
شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمة الله عليہ جي بارگاهه ۾
عقيدت جا گل پيش ڪندي پنهنجي لکيل مسدس بعنوان
”شاهه عبداللطيفرحه“ جي هڪ بند ۾ سندن
شاعرانه عظمت جي قدردارني ڪندي فرمائين ٿا ته:
شاهه عبداللطيف ڀٽائيرحه جي رسالي جو
هڪ هڪ حرف حقيقت جي رنگ ۾ رڱيل آهي ۽ هرهڪ لفظ
انسان جي زندگي جي هر موڙ تي رهبري ڪري ٿو. سندن
شاعرانه عظمت جو اهو مقام آهي جو سندن هر هڪ شعر
تي سنڌي ادب جي شعراء جا سڀ غزل قربان ڪري ڇڏجن.
قصو ڪوتاهه ته شاهه صاحب جي رسالي جو هرهڪ بيت
پنهنجي جاءِ تي اٽل ۽ منفرد آهي جنهن ۾ ڪابه
ترميم، توضيح يا ڦير ڦار نه ٿِي ڪري سگهجي. بقول
شاهه صاحب رحمة الله عليہ:
جي تو بيت ڀانئيا سي آيتون آهين،
نِئومن لائين، پريان سندي پار ڏي(13).
مطلب ته سندن رسالي جو هڪ هڪ بيت قرآن ڪريم جي هر
آيت جي معنيٰ آهي. ڏسو، حامي صاحب فرمائين ٿا ته:
جنهن جو هرهڪ حرف آ رنگِ حقيقت ۾ رتل،
جنهن جو هرهڪ لفظ آهي رهبر راهه عمل،
جنهن جي هرهڪ شعر تان قربان ڪجن سارا غزل،
آيت مصحف جي معنيٰ جنهن جو بيت بي بدل(14).
حامي صاحب صوفين جي سرتاج شاعر حضرت سچل سرمسترحه
جي بارگاهه ۾ نذرانه عقيدت پيش ڪندي پنهنجي مثنوي
بعنوان ”سچل سرمست“ ۾ حضرت سچل سرمست جي فلسفي جو
نچوڙ پيش ڪندي فرمائين ٿا ته: مولوين ۽ ٻانڀڻن
پنهنجي پيٽ جي خاطر خدا جي خلق ۾ اُبتين سُبتين
مذهبي ڳالهين جو پرچار ڪري دنگا فساد پيدا ڪيا.
هندو ۽ مسلمان جيڪي ايڪي جي زنجير ۾ ڳنڍيل هئا،
انهن ۾ نفاق ۽ نفرت جو ٻج ڇٽيو ويو جنهن جي ڪري
اهي ٻئي باهمي اعتماد وڃائي ويٺا ۽ هڪ ٻئي جا دشمن
ٿي پيا. جيڪو سنڌ وطن ايڪي جي علامت هو سو انتشار
جو شڪار ٿي ويو. انهيءَ انتشار جو سهارو وٺندي
دغاباز ۽ مڪار انگريز ملڪ تي قابض ٿيا ۽ اسان جي
قومي وسائل کي خوب لٽيو. حامي صاحب وطن عزيز سنڌ
جي اها دردناڪ تصوير هن طرح چٽي ٿو ته:
مولوين ۽ ٻانڀڻن پيدا ڪيا دنگا فساد،
پاڻ ۾ هندو مسلمانن وڃايو اعتماد.
***
بس انهيءَ ماحول ۾ ٿي زندگي زارونزار،
وجهه وٺي وڻجار، ٿي آيا فرنگي ديس ۾،
روپ بدلائي بگهڙ آيا رڍن جي ويس ۾(15).
حامي صاحب پنهنجي مسدس بعنوان ”آزادي کان پوءِ“ ۾
وطنِ عزيز جي آزادي حاصل ڪرڻ کان پوءِ واري ماحول
جو نقشو چٽيندي فرمائين ٿا ته: بيشڪ اسان جسم جا
آزاد آهيون، پر اسان جا ضمير اڃا به غلاميءَ ۾
مبتلا آهن. اسان جا ضمير اڃا به مرده آهن. اسان
حرام ۽ حلال وارو فرق اڃا تائين سمجهي نه سگهيا
آهيون. اسان پنهنجي منتشر سماج ۾ اڄ به رشوت خورن،
زناڪارن ۽ شرابين کي پنهنجو نيڪ مرد، رهبر ۽ عوامي
نمائندو ٿا سمجهون. حامي صاحب اهڙي آزادي جي شڪايت
ڪندي چوي ٿو ته: جنهن آزادي عوام الناس جي زندگي
حرام ڪري ڇڏي آهي، تنهن آزادي تي وطن عزيز جا
حوصله مند ۽ همدرد انسان لعنت وجهي رهيا آهن.
هيٺئين بند تي غور ڪري ڏسو:
جسم ۾ آزاد آهيون، پر ضميرن جا غلام،
رشوتين، زانين، شرابين جو ڪيون ٿا احترام،
اهڙي آزادي ۾ ”حامي“ زندگي آهي حرام،
اهڙي آزادي تي اهلِ دل ته لعنت ٿا وجهن،
ڪيئن چوان آزاد ٿيو آهي غلاميءَ کان وطن(16).
هن کان پوءِ حامي صاحب جي ڪلام ۾ بعنوان ”نئون
دور“ جا 49 غزل ملن ٿا ۽ ”پراڻو دور“
جا 35 سنڌي غزل 4 چار اردو غزل ۽ هڪ سرائڪي غزل
سان گڏ 4 چار سنڌي ڪافيون، 8 قطعا ۽ 46 رباعيون پڻ
ملن ٿيون. ”نئون دور“ جي غزلن مان پهرين غزل ۾
حامي صاحب فرمائي ٿو ته: هن رنگ و بو جي دلڪش جهان
جي لوڀ ۽ لالچ انسان کي اهڙو ته موهي ڇڏيو آهي جو
هُو بي بقا دنيا ۽ انهيءَ جي فاني عيش عشرت کي
پنهنجي آخري منزل سمجهي، دارالبقا واري ابدي حياتي
۽ جنت جون حور و قصور واريون راحتون وساري عجيب
طلسم ۾ ڦاسي پيو آهي. حامي صاحب انهيءَ فنا ۽ بقا
واري منظر کي هن طرح بيان ٿو ڪري:
حور و جنت جون سموريون راحتون ڀلجي ويو،
آدمي کي هت مزو اهڙو ته آب و گل ڏنو(17).
حامي صاحب جي زندگي جو مشن محبت هو. هن محبت جي
اظهار واسطي شاعري وارو مؤثر طريقو استعمال ڪيو
ڇاڪاڻ ته هڪ ته شاعري وارو مادو حامي صاحب جي
موزون طبع ۾ فطرتي طور سمايل هو، ٻيو وري شعر،
عوام الناس جي دل تي نثر کان وڌيڪ اثر ڪري ٿو. شمس
العلماء خواجه الطاف حسين حالي پنهنجي مقدمه ’شعر
و شاعري‘ ۾ لکي ٿو ته:
(ترجمو): ”تاريخ ۾ اهڙا مثال بيشمار ملن ٿا ته
شاعري پنهنجي جادو بياني سان ماڻهن جي دلين تي
نمايان فتح حاصل ڪئي آهي. بعض اوقات شاعر جو ڪلام
جمهور جي دل تي اهڙو تسلط پيدا ڪندو آهي جو شاعر
جي هرهڪ چيز ايتري تائين جو انهيءَ جا عيب به خلقت
جي نظر ۾ مستحسن معلوم ٿيڻ لڳن ٿا ۽ ماڻهو انهيءَ
ڳالهه ۾ ڪوشش ڪن ٿا ته پاڻ به انهن عيبن سان متصف
ٿي ڏيکارين ٿا. ’بائرن‘ جي بنسبت مشهور آهي ته:
”ماڻهو انهيءَ جي تصوير ڏاڍي شوق سان خريد ڪندا
هئا ۽ انهيءَ جون نشانيون ۽ يادگار سنڀالي رکندا
هئا. انهيءَ جا اشعار حفظ ڪندا هئا ۽ اهڙا ئي، چوڻ
جي ڪوشش ڪندا هئا(18).“
حسن ۽ محبت حامي صاحب جي ڪمزوري هئا. هُو حسين شين
جو دلداده هو ۽ حسن جي قدرداني هن جي شعور ۾ سمايل
هئي. انهيءَ ڪري شاعري جي سڀني صنفن مان به هن غزل
واري حسين صنف کي پسند ڪيو ۽ پنهنجي محبت جو اظهار
به غزل واري نرم، نازڪ، دلپذير ۽ پُرتاثير صنف ۾
ڪيو. حامي صاحب جهڙي عاشق مزاج شاعر جي موزون طبع
تي غزل جي صنف ٺهڪي پئي آئي. ڇاڪاڻ ته غزل جي صنف
صرف عشق ۽ محبت جي بيان واسطي ئي آهي. اهو مبالغو
نه ٿيندو جيڪڏهن
حامي صاحب کي غزل گو شاعر چيو وڃي. سندس ڪلام جي
مطالعي ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته حامي صاحب کي غزل
جي صنف تي ملڪو حاصل آهي. انهيءَ ڪري حامي صاحب
پنهنجي خداداد شاعرانه صلاحيت سان پنهنجي غزل ۾
عشق ۽ محبت واري منظر نگاريءَ ۾ پنهنجو پاڻ ملهايو
آهي. سندس غزل غمِ دوران جي پوري پوري عڪاسي ڪري
ٿو. حامي صاحب جي زندگي جي ميراث عشق ۽ محبت آهي.
عشق ۽ محبت سان گڏ درد به لازم ملزوم آهي. درد جي
بي بها دولت کان سواءِ عشق ۽ محبت وارا جذبا پيدا
ئي نه ٿا ٿي سگهن. جيڪڏهن سنڌي شاعري جي ذخيري تي
هڪ طائرانه نظر ڪنداسون ته معلوم ٿيندو ته اسان جي
سنڌي شعراءِ ڪرام هڪ صدي کان به وڌيڪ عرصو غزل جي
فن ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي.
”انهن شاعرن ۾ گل، قاسم ۽ فاضل ابتدائي دور ۾ سنڌي
موزون شاعري لاءِ زمين هموار ڪئي ۽ سرزمين سنڌ کي
غزل جي صنف سان روشناس ڪيو. انهن ابتدائي دور جي
شاعرن پنهنجي غزل ۾ فلسفانه، ناصحانه، عالمانه ۽
اخلاقي نُڪتا بيان ڪرڻ تي زور ڏنو(19).“
انهيءَ ڪري ابتدائي دور جي غزل ۾ تغزل جو رنگ ڀرجي
نه سگهيو. اڳتي هلي حافظ حامد سنڌي غزل جي ٻوليءَ
۾ سليس، سنڌي الفاظ استعمال ڪري، سنڌي غزل ۾ سلاست
۽ سادگي پيدا ڪئي. حافظ حامد سنڌي غزل جو جيڪو
خاڪو چٽيو هو، انهيءَ ۾ غلام محمد گدا وڌيڪ عشق و
محبت جا خوبصورت رنگ ڀريا ۽ پنهنجي غزل کي تصوف جي
رنگين موضوعن سان مالا مال ڪري ڇڏيو. ”گدا جي غزل
۾ محبوب جي خدو خال ۽ حسن و جمال جي مڙني خوبين کي
رنگين انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي(20).“
جڏهن حامي صاحب جي ڪلام تي نظر ڪريون ٿا ته حامي
صاحب جو غزل اڇو اجرو، صاف سٿرو، سليس، سادو ۽ عشق
و محبت جي خوبصورت رنگن سان ڀرپور نظر اچي ٿو.
محبوب جي ناز و انداز، حسن و جمال، خدو خال، عشون
غمزن، دلڪشي، دلفريبي، وصال و فراق، محبت جي تڙپ ۽
عشق جي جهڙپ سان ڀريو پيو آهي. انهيءَ ڪري وثوق
سان چئي سگهجي ٿو ته حامي صاحب سنڌي رنگين شاعريءَ
۾ گدا صاحب جو همنوا آهي. انهيءَ دعويٰ کي ثابت
ڪرڻ لاءِ هيٺيان اشعار پيش ڪجن ٿا. ڏسو ته محبوب
جي ناز و انداز، رمز و راز، عشق جي سوز و گداز جو
بيان ڪهڙي نه دلڪش انداز ۾ ڪري ٿو:
تنهنجي ناز جا سڀ انداز نوان، هر
سوز نئون سڀ ساز نوان،
هر رمز نئين سڀ راز نوان، حيران
هزارين پيا ٿيندا(21).
حامي صاحب حسن خوبان جي الفاظ ۾ تصوير ڪشي ڪندي
فرمائي ٿو ته محبوب جي سهڻي صورت ۾ هڪ ئي وقت رخ
مبارڪ جو تاب ۽ سندس ڀنڀن وارن ۽ زلف رسا جي سياهي
سمايل آهي. غضب جي حسين ۽ دلڪش جسامت جي جلون مان
سندس لاثاني حسن ٻهڪي رهيو آهي.
زلف و رخ ٻئي نور ظلمت جو نچوڙ،
تنهنجو قد قامت قيامت جو نچوڙ(22).
محبوب جي ناز و ادا سان گڏ سندس عشوه ۽ غمزه به
قيامت جو منظر پيش ڪن ٿا. ويچارو ”حامي“
ڪٿي ٿو انهن دلڪش جلون جي سٽ سهي سگهي، فرمائي ٿو
ته:
تنهنجو غمزه آهه جلوه طور جو،
تنهنجو عشوه آهه آفت جو نچوڙ(23).
محبوب جي جاذب نظر ۽ دلڪش نگاهه جو حال اوريندي
دانهن ٿو ڪري ته انهيءَ جون شڪاري اکيون، جنهن ڏي
ڏسن ٿيون، انهيءَ کي اڦٽ ماري مطيع ڪن ٿيون.
تلوار نه تيرن جا ديدن جا ڪٺل آهيون،
عشون جا مُٺل آهيون، نازن جا ڪٺل آهيون.
(”منصور“ سومرو)(24)
جي مصداق آخر ۾ حامي چوي ٿو ته مان سچ ٿو چوان ته
محبوب جي جادو اثر نظر ۾ بلاشڪ ڪرامت سمايل آهي جو
جنهن ڏي ڏسي ٿو، تنهن کي ڪُهي ٿو. هُو چوي ٿو ته:
جنهن ڏي ڏسين ٿو تنهن کي ماري ڪرين مطيع،
تنهنجي نظر ۾ آهه ڪرامت خدا گواه(25).
حامي صاحب دل جي درد جي دوا دڪانن تان پڇي ٿو.
حڪيمن جا در کڙڪائي ٿو، پر هر جاءِ تان کيس نا
اميدي ۽ نراسائي ملي ٿي. آخر انهيءَ نتيجي تي پهچي
ٿو ته هن اڻ ڇٽ زخم دل جو علاج محبوب کان سواءِ
ٻيو ڪوبه طبيب نه ٿو ڪري سگهي. هُو فرمائي ٿو ته:
دوا هر درد جي آهي علاج عشق ڪونهي ڪو،
حڪيمن جي هٿان هرگز نه هي ناسور ڇٽڻو آ(26).
عشق ۽ محبت جي دنيا نرالي آهي. عشق ۽ عقل جو پاڻ ۾
کوڙو ئي نه ٿو لڳي. جنهن جاءِ تي حضرت عشق پنهنجا
قدم ڄمائي ٿو، اتان عقل جا قدم اکڙي وڃن ٿا. عشق
جي آواز ۾ مقناطيسي اثر آهي. جڏهن عشق سڏي ٿو ته
عاشق پنهنجي دل، تن، من ۽ ڌن عشق جي راهه ۾ قربان
ڪري ۽ پنهنجي عقل ۽ هوش حواس کي خير باد چئي عشق
جي حضور ۾ اچي حاضر ٿئي ٿو. ”حامي“ صاحب انهيءَ
عجيب عاشقانه رمز جو ذڪر اجهو هِن طرح ڪري ٿو ته:
عشق سڏيو لبيڪ چئي، دل پنهنجي لُٽائي ويٺاسون،
هوش حواس ۽ عقل جون پاڙون پاڻ پٽائي ويٺاسون(27).
”حامي“ صاحب جا غزل عشق جو پُر سوز آواز آهن ۽
محبت جي سوز و گداز سان ڀريل آهن. سندس غزل ۾ سڪ
وارو سڏ ۽ درد جي دانهن سمايل آهي. جيڪڏهن ”حامي“
صاحب کي عاشق شاعر سڏجي ته مبالغو نه ٿيندو. سندس
غزل صرف خوبصورت الفاظ جو مجموعو نه آهي بلڪ سندس
دل جي سچي واردات آهي. ڪوڙ ۽ ”حامي“ جو پاڻ ۾ کوڙو
ئي نه ٿو لڳي. هن عاشق شاعر جيڪي ڪجهه پنهنجي غزل
۾ بيان ڪيو آهي سو سندس دلي جذبات جي ترجماني ڪري
ٿو. سندس عشق سچائي ۽ صداقت جو سرچشمو آهي، جنهن
مان انهيءَ جي سچي عشق جي عزت ۽ آبرو بکي رهي آهي.
پنهنجي محبوب جي حضور ۾ محبت جا آداب بجاءِ آڻيندي
فرمائي ٿو ته:
مٺن ماڻهن اڳيان ”حامي“ مٺو ڳالهائڻو پوندو،
زبان کولڻ کان اڳ ۾ حرف سارا تورڻا پوندا(28).
انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته”حامي“ صاحب عشق جي ميدان ۾
هڪ ثابت قدم عاشق آهي. محبت جو مهميزون سهڻ ۽ وري
ٻاڦ ٻاهر نه ڪڍڻ سندس عشق جو خاص شيوو آهي. عشق جي
هر راز ۽ رمز کان چڱي طرح واقف آهي. ڀلي ڀت ڄاڻي
ٿو ته عشق جي منزل ۾ ڪهڙا ڪهڙا ڏک ڏاکڙا ڏسڻا پون
ٿا ۽ ڏونگر ڏورڻا ۽ ڏارڻا پون ٿا. عشق جي انهيءَ
ڪيفيت کي هن طرح بيان ڪري ٿو ته:
عشق جي هر هڪ رمز نرالي، راز نيارو ٿيندو آ،
شيخ مکڻ جي پچندي آهي باهه ۾ پارو ٿيندو آ(29).
عاشق سڏائڻ يا عشق جي دعويٰ ڪرڻ ڪا معمولي ڳالهه
نه آهي. عشق جي آزمائش ۾ جان جي قرباني ڏئي عاشق
پاڻ کي سرخرو ڪري ٿو. محبت ۾ اهڙين عظيم قربانين
سان سڄي تاريخ ڀري پئي آهي. ”حامي“ صاحب عشق جي
عظيم قرباني جي معراج ۽ اعجاز کان چڱي طرح واقف
آهي. محبت ۾ جيڪڏهن هي فاني حياتي محبوب تي قربان
ٿي وڃي ته زندگيءَ جو معراج ملي وڃي ٿو. انهي
نُڪتي کي بيان ڪندي فرمائي ٿو ته:
سر يار جي قدمن تان فدا ٿيو ته بجا ٿيو،
هي فرض محبت جو ادا ٿيو ته بجا ٿيو(30).
”حامي“ صاحب جي محبت جو به عجيب جهان آهي، هُو
محبت جو پرچارڪ آهي. محبت هن جو ايمان آهي. محبت
هن جي زندگيءَ جو شعار آهي. کيس ڪامل يقين آهي ته
پيار مان پيار پيدا ٿيندو آهي. جيئن هڪ ڏيئي مان
ٻيا هزارين ڏيئا روشن ٿين ٿا، تيئن هڪ محبت واري
دل هزارين انسانن کي تسبيح جي داڻن وانگي سڪ جي
سڳي ۾ پوئي هڪ املهه ماڻڪ هار بڻائي ٿي، جنهن تي
لکين ليلان پاريون موهت ٿي پون ٿيون. ڏسو محبتن جو
شاعر حامي صاحب فرمائي ٿو ته:
محبت پيار ڏيندي آ محبت پيار ٿيندي آ،
محبت جي محبت مٺي گفتار ٿيندي آ.
محبت چشم حاسد لاءِ هر دم خار ٿيندي آ،
محبت خير خواهن جي گلي جو هار ٿيندي آ.
محبت کان سوا ڀڙ ڀينگ بازاريون نظر اينديون،
محبت سان ته سچ پچ بر ۾ پڻ بازار ٿيندي آ.
محبت پنهنجو مذهب آ محبت پنهنجي ملت آ،
محبت کان سوا هر شي اسان لئي عار ٿيندي آ.
محبت سان ملي ٿي دين ۽ ايمان جي دولت،
محبت آدميت جو وڏو آڌار ٿيندي آ(31).
”حامي“ صاحب پنهنجي ڪلام ۾ جتي عشق ۽ محبت جي جذبن
سان سرشار ٿي هرڻ وانگر ڇالون ٿو هڻي اتي پنهنجي
وطن عزيز جي بيڪس، بيوس، مظلوم ۽ مايوس ماروئڙن جي
ڏتڙيل حالت ڏسي سندس جيءُ جهري پوي ٿو. خيرپور
(ميرس) جي رياستي اسيمبلي ۾ احتجاج جو علم بلند
ڪندي عوام جي حقوق جي پاسباني لاءِ للڪاري ٿو. کيس
حق ۽ انصاف واري راهه تان هٽائڻ لاءِ، ناجائز
رعايتون ۽ رشوتون آڇيون وڃن ٿيون، پر هيءُ مٿير
مڙس، انهن دنيوي لالچن ڏانهن اک کڻي به نه ٿو
نهاري. پنهنجي ماروئڙن سان پنهنجي قول ۽ فعل واري
آزمائش ۾ ثابت قدم رهي ٿو.
”حامي“ صاحب پنهنجي غزل ۾ جيڪي عشق، محبت ۽ درد
وارا جذبا بيان ڪيا آهن سي جديد ادب ۾ غمِ جانان
جي زمري ۾ اچن ٿا. انهيءَ سان گڏ هن جن جذبن ۾
بيڪس، بيوس ۽ ڏتڙيل مارن جي ترجماني ڪئي آهي. اهي
جذبا غمِ دوران جي زمري ۾ اچن ٿا. انهيءَ مان ثابت
ٿيو ته غمِ جانان ۽ غمِ دوران جا موضوع جيڪي غزل
جي جان ٿيندا آهن تن کي ”حامي“ صاحب پورو پورو
نڀايو آهي. غزل جي تشڪيل ۾ غمِ جانان وارو موضوع
ته بنيادي حيثيت رکي ٿو، پر سياسي انقلاب کان پوءِ
غزل ۾ غمِ دوران وارو موضوع به شامل ٿي وڃي ٿو
جيڪو شاعريءَ جي موجوده ترقي پسند دور ۾ وڏي اهميت
رکي ٿو. جيڪو شاعر غمِ جانان جو ته ذڪر ڪري ٿو پر
غمِ دوران وارن کان ڪنارو ڪري ٿو، ته اهو رجعت
پسند شاعرن جي ٽولي ۾ شمار ٿئي ٿو(32).
”حامي“ صاحب کي غمِ دوران جو فڪر به دامنگير آهي
جو حالات حاضره تي نظر ڪندي جيڪي قتل، غارت، چوري،
اغوا، ڦرلٽ، ڌوڪي ۽ فريب وارا دلسوز ۽ ڀيانڪ منظر
اسان جي وطن عزيز ۾ روز جو معمول ٿي ويا آهن، تن
جي عڪاسي ڪندي فرمائي ٿو ته:
فتنو، فساد، جنگ، جدل آهه جا بجا،
ڪيڏو بشر جي خون کي ارزان ڏسان ٿو اڄ(33).
وطنِ عزيز جي حب ايمان جو جز آهي. ”حامي“
صاحب جي غمِ دوران واري موضوعات ۾ وطن جي محبت
سرِفهرست آهي. وطنِ عزيز جي ڪک پن کان وٺي وطنِ
عزيز جي مٺڙي ٻوليءَ ۾ سراپا سرشار لڳي ٿو. جن
سرويچن پنهنجي پياري وطن جي خاطر پنهنجي جان و مال
جي قرباني ڏئي حياتي جاودان حاصل ڪئي آهي سي ٻنهي
جهانن ۾ سرخرو ۽ سرفراز آهن ۽ وطن جا دشمن ۽ غدار،
ذلت جي موت مري، ذليل، رسوا ۽ خوار ٿين ٿا. پنهنجي
مٺڙي مادري سنڌي ٻوليءَ بابت ”حامي“ صاحب جي
تاثرات تي غور فرمايو، چوي ٿو ته:
سنواريا جنهن جا گيسو شانئه فڪر لطيف آهن،
اها دوشيزهِ فطرت، اٿو سنڌي زبان پنهنجي،
سڀئي سنڌي، سکون سنڌي، پڙهون سنڌي، لکون سنڌي،
ته هر مشڪل ٿئي آسان خدا جي فضل سان پنهنجي(34).
حضور ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جو فرمانُ
عاليشان آهي ته: ”پنهنجا رشتا نه ٽوڙيو، سؤ دفعا
به رشتن جي جوڙڻ جي ڪوشش ڪريو، جي انهن رشتن جي
جوڙڻ ۾ توهان کي ڪو نقصان به پهچي ٿو ته برداشت
ڪريو. ان جو عيوضو قيامت جي ڏهاڙي مان اوهان کي
ڏيندس(35).“
اهڙي تلقين قرآن ڪريم ۾ به ٿيل آهي.
”حامي“ صاحب، انهي فرمانِ رسول الله عليہ وآلہ
وسلم جن جي روشنيءَ ۾ پنهنجي ڪلام ۾ پنهنجي ملت کي
تلقين ٿا ڪن ته پاڻ ۾ اتحاد پيدا ڪريو، پيار ۽
محبت جا ناتا قائم ڪريو. جيڪڏهن هڪ ٻئي کان منهن
موڙي نفاق واري راهه اختيار ڪندؤ ته منزل تي پهچڻ
کان اڳ ئي اڪيلا ٿي وڏي نقصان ۽ خساري ۾ پئجي
ويندؤ ڇاڪاڻ ته ملڪ ۽ ملت جو وجود، اتحاد ٻڌيءَ ۽
ايڪي سان آهي. جيڪا قوم نفاق جي مرض ۾ مبتلا آهي،
اها ڌارين جي غلام ٿي ويندي. انهيءَ سلسلي ۾
”حامي“ صاحب فرمائين ٿا ته:
پنهنجا پنهنجن سان نه ٺهندا ته پريشان ٿيندا،
پنهنجي ملت کي مٽائيندا ته ويران ٿيندا(36).
رشتن کي قائم رکڻ لاءِ ”حامي“ صاحب فراخدليءَ سان
غم کائيندي، عفو ۽ درگذر کان ڪم وٺندي، تڏي تي آيل
دشمن جي به خطا معاف ڪري ڇڏي ٿو، فرمائي ٿو ته:
دشمن به ڪو اڱڻ تي لڙي ٿو اچي ته پوءِ،
”حامي“ ڪيون ٿا ان جي به عزت خدا گواهه(37).
*
خبر ڪهڙي ڏيان اي دوست، ”حامي“ وٽ هلي ڏس تون،
تڏي تي دل جي دشمن تان به هو قربان ٿيندو آ(38).
حامي صاحب جي ڪلام ۾ اسان کي ڪجهه قطعا به ملن ٿا،
جن ۾ هن گهڻو ڪري فلسفانه، ناصحانه، عالمانه ۽
اخلاقي نُڪتا بيان ڪيا آهن پر محبتن جو شاعر حامي
صاحب پنهنجي قطعن ۾ ڪٿي ڪٿي محبت جي پچار ۽ پيار
جي گفتار کان به پنهنجو دامن نه بچائي سگهيو آهي.
هڪ قطعي ۾ انسان کي پنهنجي عظمت وارو مقام ياد
ڏياريندي فرمائي ٿو ته اي انسان! تون پنهنجي مٺڙي
زبان مان اهڙا مٺڙا ٻولَ ٻولِ جو هر ٻڌندڙ توکي
پنهنجي جيءَ ۾ جايون ڏي. پنهنجي زندگي جو مختصر
سفر صاف، سٿري ۽ سهنجي طريقي سان پورو ڪري
ڪاميابيءَ سان وڃي پنهنجي عافيت واري منزل تي پهچ.
اي انسان! تون پنهنجو پاڻ سڃاڻ ته توکي معلوم
ٿيندو ته تون اصل ۾ مسجود ملائڪ آهين. تنهنجو شان
اعليٰ ۽ افضل آهي بشرطيڪ تون انسان وارو ڪردار
پيدا ڪرين. حامي صاحب ناصحانه نُڪتي کي هيٺئين ريت
نروار ڪري ٿو ته:
جڳهه جوڙي جا هر دل ۾ اها گفتار پيدا ڪر،
رسائي جيڪا منزل تي اها رفتار پيدا ڪر،
فقط اهل زمين ڇا؟ عرش وارن کان مٿي آهين،
اڙي انسان! تون انسان جو ڪردار پيدا ڪر(39).
محبتن جو شاعر حامي صاحب پنهنجي ٻي قطعي ۾ محبت جي
بي بها ميراث جو ذڪر ڪندي فرمائي ٿو ته هن دنيا ۾
محبت وارو املهه ماڻڪ دولت سان خريد ڪري نه ٿو
سگهجي. انهي ڪري هن دورنگي دنيا جا ٻهروپيا پير يا
فرعون صفت امير به پنهنجي مڪر و فريب يا ڌن دولت
سان محبت خريد ڪري نه ٿا سگهن. ڇاڪاڻ ته محبت جو
ملهه صرف محبت ئي هوندي آهي. غريب انسان جيڪي مال
۽ دولت جي ڄار ۾ ڦاٿل نه آهن تن وٽ محبت جا اڻ کٽ
خزانا آهن، جيئن عشق ۽ عقل گڏ رهي نه ٿا سگهن تيئن
محبت ۽ دولت به گڏ گهاري نه ٿا سگهن. حضور ڪريم
صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن هن دنيا جي مال و دولت
کي فتنو سمجهي ڌڪاري ڇڏيو. فرمايائون ته ”الفقر
فخري“، ”مون کي پنهنجي فقر تي فخر آهي.“(40) حضور
ڪريم صلي الله عليہ وآلہ وسلم عطا جا بحر، سخا جا
ڪڪر ۽ محبت جا منبع آهن، پاڻ ڪريم صلي الله عليہ
وسلم رحمت ۽ محبت جا مينهن وسائي عاشقانِ رسول کي
ايترو مالا مال ڪري ڇڏيو آهي جو اهي پنهنجي آستانن
تان عوام الناس کي تاقيامت محبت جون جهوليون ڀري
پيا ڏيندا. حامي صاحب انهيءَ لاثاني محبت جي نُڪتي
کي بيان ڪندي فرمائي ٿو ته:
نه پيرن نه ميرن جي قبضي ۾ آئي،
محبت غريبن جي قبضي ۾ آئي،
ڪيو فخر جنهن تي ٿي فخر دو عالم،
سا دولت فقيرن جي قبضي ۾ آئي(41).
ملان شاعري جي دائري ۾ هر دور ۾ ملامت زده ٿي رهيو
آهي. صوفي ۽ دقيانوسي ملان مذهب جي معاملي ۾ هڪ
ٻئي جا حريف ٿي رهيا آهن. ملان واري ظاهري دينداري
کان صوفين سدائين ڪناره ڪشي پئي ڪئي آهي. صوفي جي
ميڪشي کي ملان بدعت سمجهي ٿو، پر صوفي مئي پرستي
کي متبرڪ ۽ محبوب سمجهي ٿو. شاعري ۾ ملان جي علامت
پيدا ڪرڻ شاعرن جو مرغوب موضوع رهيو آهي. انهي ڪري
ملان شاعري جي هر دور ۾ معتوب رهيو آهي.
حامي صاحب پنهنجي رباعي ۾ ملان تي طنز ڪندي فرمائي
ٿو؛ ته ملان جو حورن جي وڇوڙي جيءُ جهوري ڇڏيو
آهي. ملان هن دنيوي زندگي ۾ سانباها ڪري پيو ته هن
جي جنت ۾ حورن سان شادي ٿيندي. انهي حوس پرستيءَ
جي تصور ملان کي گمراهه ڪري ڇڏيو آهي جو هُو دين
جي حقيقت بيان ڪرڻ بجاءِ مطلب پرست ٿي پيو آهي.
حامي صاحب، ملان جي انهيءَ خود غرضيءَ کان نفرت جو
اظهار ڪندي، فرمائي ٿو ته:
ملان کي لڳل آهه برهه جي ڪا باهه،
حُورن جي تصور ۾ رهي ٿو گمراهه،
جنت ۾ انهن ساڻ ڪندو هو شادي،
لاحول ولا قوت الا بالله(42).
حامي صاحب هن دورنگي دنيا جي طلسماتي ماحول تي نظر
ڪندي انهيءَ نتيجي تي پهچي ٿو ته دور حاضر جي فتنه
انگيز، عيار، مڪار ۽ مطلب پرست ماحول شريفن جو
جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. هن مصر جي بازار ۾ سر
عام ضميرن جا سودا ٿي رهيا آهن. هن دين ۾ ايمان
ڀڳڙن جي مٺ تي وڪامي رهيا آهن. باضمير انسانن جو
جيئڻ محال ٿي پيو آهي. مڪارن، غدارن ۽ عيارن جي
ٻيگهي لڳي پئي آهي. ڌوڪيباز، وڏيرا ۽ چالباز
شاهوڪار رب پاڪ جي خلق کي ٻنهي هٿن سان ڦُري ڪنگال
ڪري رهيا آهن. حامي صاحب هن ناسازگار ماحول کان
ڪناره ڪشي ڪرڻ چاهي ٿو. هن ٺڳيءَ جي ٺاهه کان
بيزار ٿي، چوي ٿو ته اسان جهڙن فقيرن کي اهو
پُرفتن ماحول راس نه ٿو اچي. فرمائي ٿو ته:
ماحول شريفن جو مخالف آهي،
ماڻهن جي ضميرن جو مخالف آهي،
ڪم ظرف وڏيرن جو ۽ سيٺين جو سڄڻ،
مون جهڙي فقيرن جو مخالف آهي(43).
حامي صاحب هڪ دورانديش مدبر آهي. وطنِ عزيز جي
حالات حاضره تي گهري نظر رکي ٿو. ڪشمير مان وهي
ايندڙ پاڪستان جي دريائن تي هندستان، غاصبانه ۽
لالچي عزائم ڪري ٿو. پاڪستان جي دريائن جا رخ موڙي
انهن جو پاڻي هندستان ڏانهن وهائي پاڪستان جي
سرزمين کي بنجر بڻائڻ چاهي ٿو. حامي صاحب الله
تعاليٰ کي پڪاري ٿو ۽ فرياد ڪري ٿو ته مالڪ ملڪ جا
دور حاضر جي يزيد جا ناپاڪ ارادا خاڪ ۾ ملاءِ جو
پاڪستان جي پاڻي تي ناجائز قبضو ڪري، هڪ ٻي ڪربلا
برپا ڪرڻ چاهي ٿو ۽ پاڪستان جي عوام کي اُڃ، بک ۽
افلاس ۾ تباهه ڪري مارڻ جا سانباها ڪري ٿو. انهن
ظالمانه ۽ غاصبانه عزائم کي حامي صاحب هن طرح
نروار ڪري ٿو ته:
ٻي ڪربلا جي فڪر ۾ آهي يزيد- وقت،
پاڻي تي ٿئي ٿو قبضئه ڪفار الغياث.(44)
حامي صاحب اسلامي مساوات جو قائل آهي ۽ انهيءَ تي
مڪمل عبور رکي ٿو. هو دور حاضر جي سود واري
مالياتي نظام جو جائزو وٺي، انهيءَ نتيجي تي پهچي
ٿو ته سرمائيدارن، صنعت ڪارن ۽ جاگيردارن قوم ۽
وطن جي وسائل تي غاصبانه ۽ ظالمانه قبضو ڪيو آهي.
سرمائيدار وياج وارو غير شرعي ۽ شيطاني کيل کيڏي
رب پاڪ جي خلق کان وياج تي وياج وصول ڪري انهيءَ
جو رت ست پيو ڪڍي. دنيا جا مالياتي ادارا ڳري وياج
جي اگهه تي ترقي پذير ملڪن کي قرض ڏيئي، انهن کان
مور تي ڳرو وياج حاصل ڪن ٿا. اهڙي طرح ترقي پذير
ملڪن جي عوام کي اڻ سڌي طرح پنهنجي غلامي جي پنجوڙ
۾ جڪڙي رکن ٿا. صنعت ڪار پنهنجن ڪارخانن ۾ مزدور
کي مزدوري جو نالي ماتر اجورو ڏيئي پنهنجا اڻکٽ ڀڀ
ڀرين ٿا. جاگيردار هاري کي زمين جي اپت مان هاريءَ
جو معمولي حصو ڏيئي باقي سڄو سال پنهنجي گودامن ۾
رکي ٿو. حامي صاحب جي دورانديش نگاهه ڏسي رهي آهي
ته دنيا مان سرمايه پرستي وارو اقتصادي استحصال
عنقريب ختم ٿيڻو آهي. ملڪ ۽ ملت جي انتظام ۽ وسائل
تي مزدور هاريءَ ۽ مسڪين محنت ڪش قابض ٿيندا،
فرمائي ٿو ته:
ختم سرمايه پرستي جو فسانو ٿيندو،
ملڪ ملت جا هي مزدور نگهبان ٿيندا.(45)
حامي صاحب دورنگي دنيا جي طلسماتي روپ جو نقشو
چٽيندي ۽ ساده لوح، مسڪين اٻوجهه ۽ نيڪ دل انسانن
کي خبردار ٿو ڪري ته هن دنيا ۾ مڪار، دغاباز،
منافق ۽ ٻهروپيا ماڻهو پنهنجي چهرن تي شرافت ۽
اعتبار جا مختلف روپ ڍڪي خدا جي خلق کي ٺڳي رهيا
آهن. انهن جي مڪارانه ۽ عيارانه چالبازين کان
هوشيار رهو. فرمائي ٿو ته:
خبردار دنيا جي ڌوتي جي منهن تي،
وڏو آهه نقش و نگار جو ڌوڪو(46).
حامي صاحب، لا تقنطوا من رحمة الله، (ترجمه: الله
جي رحمت مان نااميد نه ٿيو.) واري زرين قول تي
ڪامل يقين رکي ٿو. هن کي پنهنجي خلقڻهار ۽ پالڻهار
جي رحمت ۾ هماليه جبل جيڏو يقين آهي. سمجهي ٿو ته
جنهن دل ۾ جيترا ڏک سمائجن ٿا، ته اهي اوترن سکن
جي جاءِ ٺاهن ٿا. رات کان پوءِ پرڀات منهن ڪڍي ٿي.
خزان کان پوءِ بهار اچي ٿي. اسان جي وطن عزيز ۾
ظلم و ستم ۽ جورو جفا وارو دور هميشه نه رهندو.
اسان جي وطنِ عزيز جي چمن ۾ ڀي خزان جو دور ختم
ٿيندو ۽ ان کان پوءِ بهار جو دور ايندو. مکڙيون
ٽڙنديون ۽ چمن سر سبز ٿي ويندو. حامي صاحب روشن
مستقبل جي نويد ڏيندي فرمائي ٿو ته:
اجهو منهن ٿيون ڪڍن مکڙيون، چمن سر سبز ٿي ويندو،
بهار آهي اچڻ واري خزان جو زور کٽڻو آ.(47)
حامي صاحب جهڙو سچار ۽ وفا شعار عاشق، هن دورنگي
دنيا جو جائزو وٺڻ کان پوءِ انهيءَ نتيجي تي پهچي
ٿو ته هن رنگ و بو جي طلسماتي جهان ۾ هر هنڌ بگهڙ،
رڍن جو لباس ڍڪي، گهمي رهيا آهن. افسوس جو مقام
آهي جو حضرت انسان پنهنجي ڪڌي ڪردار جي ڪري پنهنجو
اعليٰ مرتبو وڃائي، شيطان جي روپ ۾ اسفل السافلين
جي منزل تي وڃي پهتو آهي، فرمائي ٿو ته:
جٿ ڪٿ رڍن جي روپ ۾ آهن بگهڙ لڪل،
ڪيڏا بشر جي شڪل ۾ شيطان ڏسان ٿو اڄ.(48)
حامي صاحب جهڙو غيور ۽ بيباڪ انسان پنهنجي وطن
عزيز تي ساهه ڏي ٿو. وطن جي حب هن جي ايمان جو جز
آهي. چوي ٿو ته منهنجي پياري وطن ڏي جيڪو بري نظر
سان نهاريندو، ته انهيءَ دشمن جي ناپاڪ ارادن کي
خاڪ ۾ ملائي ڇڏينداسون. وطن عزيز جي بدخواه جو
نهوڙي ساهه ڪڍي ڇڏينداسون ۽ پنهنجي مادرِ وطن جي
سالميت ۽ خودمختاريءَ کي هر حال ۾ برقرار
رکنداسون. وطن جو جان نثار حامي صاحب فرمائي ٿو
ته:
نظر ميري ڪري جيڪو، ڏسي هن ڏيهه پنهنجي ڏي،
انهيءَ مردود موذيءَ جو گهٽو ڏئي ساهه گهُٽڻو
آ.(49)
حامي صاحب جمعيت الشعراء سنڌ جو صف اول جو شاعر
آهي. شاعريءَ لاءِ هن کي موزون طبع ته ڄائي ڄم کان
خدا جي ڏات طور ملي آهي. عشق ۽ محبت وارو جذبو هن
جي رڳ رڳ ۾ سمايل آهي. انهي سان گڏ سهڻن سنڌي
لفظن، محاورن، چيده قافين، دلڪش تشبيهن، استعارن،
ڪناين ۽ سهڻين تلميحن جي استعمال سان دلي جذبن،
احساسن، نازڪ خيالن ۽ فڪري نُڪتن کي مؤثر انداز ۾
نروار ڪري ٿو. کيس سنڌي ٻولي تي مڪمل مهارت ۽ عبور
حاصل آهي. سهڻن لفظن ۽ اصطلاحن سان پنهنجي من جي
مراد هن ريت بيان ڪري ٿو:
مُنهن جا مٺڙا کوڙ ملن ٿا، دل جو مٺڙو ڪونهي ڪو،
ڪنهن سان ڪوئي روح رلائي، ڪانهي پرت پيارن ۾.(50)
*
تن تان نه سر جو بار هٽايم برو ڪيم،
الفت جو قرض ڪين چڪايم برو ڪيم.(51)
*
دل تي بتن جي حسن جو حملو ٿيڻ ڏنم،
بلبل تي ڄڻ ته باز بڇايم برو ڪيم.(52)
*
ڀاڳ وارا تو ڪيا، هر ڪنهن تي ڀال،
مشڪندي ٽاري ڇڏئي منهنجو سوال.(53)
*
جا بجا جاچي ڏٺم، تو جهڙو جاني ناهه ڪو،
ثاني يوسف گهڻا، پر تنهنجو ثاني ناهه ڪو.(54)
*
جا گهڙيءَ تو ساڻ صحبت ٿي وئي،
سا گهڙيءَ وقف، عبادت ٿي وئي.(55)
*
تاب تنهنجي حسن جو دل ڇا جهلي،
باهه جي آڏو ڪپهه جي ڇا مجال.(56)
*
اسان جي سنڌي ٻوليءَ جا مختلف لهجا آهن، جن ۾
اترادي يا سِريلي، وچولي، لاڙي، ٿري، لاسي، ڪڇي ۽
ڪوهستاني لهجا اچي وڃن ٿا. جيڪڏهن شاهه عبداللطيف
ڀٽائي رحمة الله عليہ، سچل سرمست رحمة الله عليہ
۽ ٻين شاعرن جي ڪلام تي نظر ڪنداسون ته سندن ڪلام
۾ انهن سڀني لهجن جا الفاظ استعمال ٿيل نظر ايندا.
شاهه صاحب جي سر مارئي ۽ سسئي ۾ ته اسان کي ٿري،
ڪوهستاني ۽ لاسي لهجن جا سوين لفظ ملندا. اهڙي طرح
جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ جي معياري لهجي ۾ به ٻين لهجن
جا الفاظ استعمال ٿي وڃن ٿا، ته انهيءَ ۾ ڪابه
قباحت نه آهي ڇاڪاڻ ته انهن مختلف لهجن جي لفظن جي
استعمال سان سنڌي ٻوليءَ کي وڌيڪ وسعت ملي ٿي.
حامي صاحب اترادي نمائنده شاعر آهي. هُو سنڌ جي
سري واري ڀاڱي ۾ ڄائو نپنو آهي. هن اترادي ماحول ۾
تعليم حاصل ڪئي آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ليڪچرر ۽
پروفيسر جي حيثيت سان سنڌ جي ڪاليجن خاص طور سري
جي ڪاليجن ۾ شاگردن کي پڙهايو آهي. انهن سڀني
حالات جي مد نظر هن جي سنڌي معياري لهجي ۾ به
اترادي لهجي جو ملي وڃڻ اڻٽر آهي. حامي صاحب جي
ڪلام ۾ اترادي لهجي جون جهلڪيون هيٺئين ريت نظر
اچن ٿيون:
اها رنگين سحر جنهن تان سڀئي رنگينيون قربان،
ڪيون جنهن ۾ بصد ناز و نعم نور ازل لاٽان،
(57)
*
دلفريبي لاءِ دلبر جي ادا زيبا هجي،
منهن مٿان زلفان هجن صبح و مسا يڪجا
هجي.(58)
*
اُٿ ڪر عمل نه پنهنجو اجايو وڃاءِ وقت،
بيڪار ڪار تي نه لڳوتار لاءِ وقت.(59)
*
چاڪ دل جا چڪن ٿا جنهن ويلي،
ياد تنهنجا ڪرم ٿا يار ڪيون.(60)
*
سدا سؤ صدمان اندر ۾ ته اڌمان،
ڪروڙان
۽ پدمان ڪشالا ٿا ڪاٽيون.(61)
*
حامي صاحب جي ڪلام تي نظر ڪنداسون ته هُو اسان کي
غزل جو ڪامياب شاعر نظر ايندو. سندس ڪلام ۾ سهڻن،
سليس ۽ سادن لفظن جو استعمال عام جام آهي. انهن
لفظن ۾ ڪوبه ثقيل لفظ نه ٿو ملي. سندس قافيه ۽
رديف ۾ به ڪا سختي نظر نه ٿي اچي. انهي ڪري سندس
غزل ۾ سلاست ۽ سادگي سان گڏ رنگيني، رونق ۽ تغزل
نظر اچي ٿو. هن پنهنجي غزل ۾ پُر معنيٰ، پُر سوز،
سادن، سهڻن ۽ مٺڙن لفظن کي استعمال ڪيو آهي. مٺڙو،
ٿڌڙو، هلڪڙو، لڳڙو ۽ دلڙي جهڙن پيارن، مٺڙن ۽ دل
لُڀائيندڙ اسم تصغير جي استعمال سان هُو پنهنجي
غزل ۾ مٺڙو سوز ۽ محبت جو خلوص پيدا ڪري پنهنجي
ڪلام کي هيٺئين ريت وڌيڪ پُر تاثير ۽ دلڪش بڻائي
پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن جون دليون بي ساخته ڇڪي وٺي ٿو.
فرمائي ٿو ته:
”منهن جو مٺڙو قلب جو ڪارو سڀ جو يار سڏائي ٿو،
ڏينهن ۾ ڏهه ڏهه ڀيرا جيڪو سؤ سؤ روپ مٽائي
ٿو.(62)
*
سوز فراق جو، سيني اندر جان جگر کي جلائي ٿو،
ٿڌڙي ٿڌڙي آهه ڀري، هي باهه وسائڻ مشڪل آ.(63)
*
ڪڏهن ڪم ظرف کان قابو نه ٿيندو رازِ الفت جو،
کلڻ سان هلڪڙين مکڙين منجهان هڪدم ٿي بو نڪري.(64)
*
ايمان، دين، عقل ۽ دلڙي سندس کسن،
خط، خال و زلف ابرو رکن جنهن سان چار سڱ.(65)
*
حامي لڳڙا لالن لاري، پاڻ وڃي پيا پرت پناري،
موت نه هرگز تن کي ماري، عشق ڪيا جي جيئرا
يار.(66)
*
ٻڌائي مٺا ٻولي حامي هليو ويو،
هيو ڏاڍو مٺڙو مزيدار ماڻهو.(67)
*
ماخذ
1.
حامي جو ڪلام، مرتب- محمد علي حداد، صفحو، 5.
2.
ساڳيو، صفحو، 6.
3.
ساڳيو، صفحو، 6.
4.
مقدمہ شعر و شاعري، شمس العلماء خواجه الطاف حسين
حالي، صفحو، 9.
5.
ڏسو حوالو-1، صفحو، 1.
6.
سر مارئي- شاهه عبداللطيف رحمة الله عليہ ڀٽائي.
7.
ڏسو حوالو-1، صفحو، 4.
8.
ساڳيو، صفحو، 8.
9.
سورت الاحزاب، پاره 22، آيت 56.
10.
ڏسو حوالو-1، صفحو، 9.
11.
ساڳيو، صفحو، 19.
12.
ساڳيو، صفحو، 22.
13.
ڏسو حوالو-6.
14.
ڏسو حوالو-1، صفحو، 28.
15.
ساڳيو، صفحو، 35.
16.
ساڳيو، صفحو، 42.
17.
ساڳيو، صفحو، 53.
18.
ڏسو حوالو-4، صفحو 10.
19.
سنڌي غزل جو تجزيو، شيخ عبدالرزاق راز، صفحو 55.
20.
ساڳيو، صفحو 57.
21.
ڏسو حوالو-1، صفحو، 81.
22.
ساڳيو، صفحو، 68.
23.
ساڳيو، صفحو، 68.
24.
پروفيسر محمد اسماعيل منصور سومرو ڏهرڪائي.
25.ڏسو
حوالو-1، صفحو، 79.
26.
ساڳيو، صفحو، 77.
27.
ساڳيو، صفحو، 82.
28.
ساڳيو، صفحو، 90.
29.
ساڳيو، صفحو، 85.
30.
ساڳيو، صفحو، 61.
31.
ساڳيو، صفحو، 91.
32.
ڏسو حوالو-1، صفحو 66.
33.
ڏسو حوالو-19، صفحو، 54.
34.
ساڳيو، صفحو، 55.
35.سورت
الاحزاب آيت 27، (صحيح بخاري الادب باب 11، حديث:
5984).
36.
ڏسو حوالو-1، صفحو، 58.
37.
ساڳيو، صفحو، 80.
38.
ساڳيو، صفحو، 93.
39.
ساڳيو، صفحو، 133.
40.
حديث پيغمبر اسلام صلي الله عليہ وآلہ وسلم، فيروز
اللغات اردو جامع صفحو 116.
41.
ڏسو حوالو-1، صفحو، 134.
42.
ساڳيو، صفحو، 136.
43.
ساڳيو، صفحو، 139.
44.
ساڳيو، صفحو، 58.
45.ساڳيو،
صفحو، 59.
46.
ساڳيو، صفحو، 63.
47.
ساڳيو، صفحو، 77.
48.
ساڳيو، صفحو، 78.
49.
ساڳيو، صفحو، 78.
50.ساڳيو،
صفحو، 62.
51.
ساڳيو، صفحو، 65.
52.ساڳيو،
صفحو، 66.
53.ساڳيو،
صفحو، 72.
54.ساڳيو،
صفحو، 67.
55.
ساڳيو، صفحو، 72.
56.ساڳيو،
صفحو، 73.
57.ساڳيو،
صفحو، 3.
58.ساڳيو،
صفحو، 101.
59.ساڳيو،
صفحو، 103.
60.
ساڳيو، صفحو، 117.
61.
ساڳيو، صفحو، 129.
62.
ساڳيو، صفحو، 84.
63.
ساڳيو، صفحو، 85.
64.
ساڳيو، صفحو، 89.
65.ساڳيو،
صفحو، 98.
66.
ساڳيو، صفحو، 131.
67.
ساڳيو، صفحو، 95. |