سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-1/ 2016ع

باب:

صفحو:14 

علي بابا

(چونڊ ڪهاڻي)

 

 

 

ڌُٻڻ

 

          غروب آفتاب جو وقت هو. مان شهر جي گوڙ گهمسان  کان پري، مهراڻ جي ڪناري تي بيٺو قدرت جي حسين مناظرن کان لطف اندوز ٿي رهيو هئس. ٿڌي هوا لڳڻ ڪري مهراڻ جو صاف شفاف پاڻي، لهرون کائي رهيو هو- هر لهر هڪ عجيب چنچلتا سان وٽ کائيندي، اچي ڪناري جي ڀڪن سان ٽڪرائجي، هڪ عجيب ترنگ جاڳائي ٿي وئي- پري وچ سير مٿان هڪ تاڙو ٽي ..... ٽي جا مڌر سُر الاپي رهيو هو. وري اچانڪ ڪا چنچل مڇي تڙٻي ڏئي، هڪ عجيب ساز ڇيڙيو ٿي وئي، سڄي ماحول ۾ هڪ عجيب موسيقي ڀريل هئي. ڪناري تي پري پري تائين پکڙيل ساوڪ- جوار جون پوکون- نم- بڙ ۽ سرهه جا ڊگها ڊگها وڻ، جهومي جهومي قدرت جو ازلي ناچ نچي رهيا هئا. هتي اچي قدرت ڪيترو نه حسين ٿي ڏسڻ ۾ آئي! مون تي هڪ عجيب ڪيفيت تاري ٿي وئي هئي. مون نظرون ڦيرائي الهندي طرف افق ڏانهن نهاريو. پري تمام پري، جتي آسمان زمين جي مٿان جهڪيل هو، جتي ٽامي جهڙو تتل گول سج، هيٺ زمين ڏانهن گهوتو هڻي رهيو هو، جتان اُفق جا ڪرڻا ڦُٽي رهيا هئا، آهستي آهستي- سج گهراين جي پاتال ۾ لهندو ٿي ويو ۽ اُفق جا رنگ ويتر گهرا ٿيندا ٿي ويا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي هڪ عجيب سمو ٻڌجي ويو. مان گم سم ٿي، چوڌاري نهاري رهيو هوس.

        انهيءَ مهل پري کان هڪ نوجوان جوڙي کي ڪناري ڏانهن ايندو ڏسي، نه ڄاڻي ڇو منهنجي دل اداس ٿي وئي هئي. مون ڏاڍيءَ رشڪ ڀريل نظرن سان انهي جوڙي ڏانهن نهاريو. منهنجي دل ۾ هڪ عجيب هلچل مچي وئي هئي.

        هي مهراڻ جو ڪنارو- هيءَ شام، هيءُ سمو ۽ مان اڪيلو. ڪاش! ناز مون سان گڏ هجي ها- پر  هوءَ برقعي کان سواءِ  هڪ قدم به گهر کان ٻاهر نه ٿي ڪڍي سگهي - ۽ مون کي ساڻس جيتري محبت هئي انهيءَ کان وڌيڪ سندس پردي کان نفرت- عورت چاهي ڪيتري به سهڻي ڇو نه هجي، برقعي پائڻ کان پوءِ هوءَ مون کي ڪپڙن جي ڳوٿري ڏسڻ ۾ ايندي آهي- مان عورتن جي برقعي  جي سخت خلاف آهيان.  منهنجي دل چاهيندي آهي ته منهنجي زال مون سان گڏ آزاديءَ سان گهمي ڦري، مون هن جي برقعي ڇڏائڻ لاءِ، گهڻائي جتن ڪيا. ڪيترو کيس سمجهايو، پر هن تي ڪنهن ڳالهه جو اثر نه ٿو ٿئي. هن جي اڳيان پردي خلاف ڳالهائڻ، رڍن اڳيان رباب وڄائڻ مثل آهي. هڪ ڏينهن ته  مون ڪاوڙ ۾ اچي سٽن ئي ٽن سان، سندس برقعو ڇينهون ڇينهون ڪري ڇڏيو، پر انهيءَ سان به ڪجهه نه ٿيو- خوامخواهه ڏيڍ سئو رپين جي چٽي پئجي وئي ۽ دل جي حسرت به پوري نه ٿي.

        انهيءَ ڳالهه تان اڪثر اسان جو جهيڙو ٿي پوندو آهي. مان اڪثر کيس ڇڙٻيون ڏيندو آهيان ۽  ڪئين ڪئين ڏينهن، هن سان ڳالهائڻ بند ڪري ڇڏيندو آهيان ۽ اڪثر گهمڻ ڦرڻ به اڪيلو نڪري ويندو آهيان ته من شايد گهر ۾ اڪيلي ويٺي هنئون منجهيس ۽ برقعي جي پچر ڇڏي - ۽ منهنجي انهيءَ تبديليءَ تي هوءَ به مون کان ناراض  آهي ۽ اُداس اُداس به.

        اها ڳالهه نه آهي ته منهنجي زال ڪا اڻپڙهيل يا پراڻن خيالن جي ڪا دقيانوسي عورت آهي: نه هن مئٽرڪ فرسٽ ڊويزن سان پاس ڪئي هئي ۽ هينئر گرلس هاءِ اسڪول ۾ چوٿون انگريزي پڙهائيندي آهي. سندس انهيءَ  پڙهائي تي، اسان جي مائٽن کي ڪو به اعتراض ڪونهي، انهيءَ لاءِ ته قوم جي خدمت جو سوال آهي. مان سمجهندو هئس ته  شايد طبقو اعليٰ تعليم يافته هئڻ جي باوجود اڄ به پردي جو پورو پابند آهي- سو سمجهايومانس ته ”ڏس ناز! پاڻ پنهنجي شهر کان پورا ٽي سؤ ميل پري آهيون، هتي حيدرآباد ۾ پنهنجو ڪو واقفڪار به ڪونهي، جنهن کان ڊپ ڪجي“. پر هوءَ اهڙيون ڳالهيون ڪٿي ٿي ٻڌي، چئي، ”مشرقي عورت جي سندرتا لاءِ، برقعو سڀ کان قيمتي سٺو زيور آهي.“

        مون، هن جي برقعي ڇڏائڻ لاءِ، هزارين حيلا هلايا آهن، پر اڄ به، هوءَ پنهنجي جڳهه تي اٽل آهي ۽ منهنجي دل جي حسرت، حسرت ئي رهجي وئي آهي.

        جڏهن اهو نوجوان جوڙو، منهنجي ويجهو آيو ته، ڏٺم ته اهو نوجوان منهنجو گهرو دوست ياسين هو- هُو پنهنجي سهڻي ساٿڻ سان، ڪيترو نه مست مڱن ٿي جهومي جهومي هلي رهيو هو، ڄڻ سڄي دنيا سندس ڀاڪر ۾ هئي! مون کي هن جي قسمت تي رشڪ اچي رهيو هو.

        هن مون کي ڏسي، مئل دل سان هٿ جو سلوٽ ڪيو. ڄڻ منهنجو اتي  هجڻ کيس ناگوار  گذريو هو. مون کي سندس ائين پري کان هٿ هلائڻ تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي- مان ته سمجهيو هو ته منهنجو گهرو دوست جو ڪيترن  ڏينهن کان پوءِ ڏسڻ ۾ آيو آهي، مون سان هميشه وانگي ڊوڙي اچي ڀاڪر پائي ملندو ۽ پنهنجي سهڻي ساٿڻ جو تعارف ڪرائيندو، جا شايد سندس زال زرينا هجي: جنهن جي ڪيترا دفعا هُو منهنجي اڳيان ساراهه ڪري چڪو آهي- پر هُو ته مون کي ڏسي، ائين نظرانداز ڪري وڃي رهيو هو، ڄڻ مان غير هئس. مون کي مٿس ڏاڍي ڪاوڙ اچي رهي هئي، ته جيڪڏهن مون سان اچي ملي ها، ته ڇا مان سندس سهڻي زال کي چڪ هڻي ڪڍان ها! مان ڪيتري دير تائين، هنن ٻنهي کي پٺيرو ويندو ڏسندو رهيس.

        منهنجي لاءِ، شام ۾ ڪا به رنگيني باقي نه رهي هئي. سڄو سنگيت نه ڄاڻي ڪيڏانهن ٻڏي ويو هو– ساري رنگيني ته ڄاڻي ڪٿي لڪي ويئي هئي– هوريان هوريان، ڌنڌ وڌي رهي هئي– ڪناري جا مبهوت مبهوت وڻ، ڄڻ وقادن کان ڪنهن جي انتظار ۾ بيٺا، ٿڌيون آهون ڀري رهيا هئا– مون گهٻرائجي مهراڻ جي اڇ ڏانهن نهاريو. اچانڪ، پاڻيءَ ۾ ڪا شرير مڇي تڙٻي کائي، مون کي چٻرا ڏيئي وئي. پري لهرن مٿان پرواز ڪندڙ تاڙو منهنجي نظرن کان پري ٿي ويو، هن جي ٽي ...... ٽي جو پر درد آواز، اڃا به  منهنجي ڪنن ۾ گونجي رهيو هو. مان، ڇا اُداس ٿي ويو هئس، ساري ڪائنات اُداس ٿي وئي هئي. شام جي رنگيني ڦڪي پئجي وئي هئي، تنهنڪري منهنجا قدم گهر ڏانهن کڄڻ لڳا!

        رات جو جڏهن يارن دوستن وٽان ٿيندو، ڏهين بجي گهر پهتس ته پنهنجي زال جو ڪوماڻيل ۽ اداس چهرو ڏسي، دل کي لوڏو اچي ويم- ڪجهه به ٿي پوي، اها حقيقت هئي ته، مون کي هن سان بي انتها پيار هو- هن جون ٻئي وڏيون وڏيون خمار ڀريل اکيون، سڄيل سجيل ۽ ڳاڙهيون هيون، ڄڻ هوءَ ڪيتري دير کان روئندي رهي هجي، مون دل ئي دل ۾ پاڻ کي ملامت ڪئي ته، مان به ڪيترو نه ردي ماڻهو آهيان، جو نڪا ڳالهه نه مهاڙ، اجايو ٿو سندس دل کي رنجايان– ڀلا هوءَ پنهنجي دل ۾ ڇا سوچيندي هوندي، مون کي پنهنجي پاڻ تي ڪاوڙ هئي. هوءَ مون کي ڏسي اُٿي.

        ”تون ماني ڇو نه ٿو کائين- توکي ڇا ٿي ويو آهي- توکي منهنجي صورت نه ٿي وڻي؟“ هن جي آواز ۾ درد هو.

        شڪوه شڪايت هئي. هن جي ڍنڍ جهڙين گهرين اکين ۾، پاڻي چمڪي رهيو هو. ”تون ايترو ڪٺور ڇو ٿي ويو آهين- ٻڌاءِ ته توکي ڇا ٿي ويو آهي؟“ مون کان ڪو به جواب ٺهي نه سگهيو- مان هڪ مجرم وانگر خاموش بيٺو هئس، بلڪل پٿر وانگر، پوءِ هن پيار سان پنهنجون ٻئي ٻانهون منهنجي گلي ۾ حائل ڪري ڇڏيون. ”مان ڄاڻان ٿي ته تون ڇو ڪاوڙيو آهين- انهيءَ لاءِ نه، ته مان برقعي کان سواءِ توسان ٻاهر نه ٿي نڪران؟ اڄ کان پوءِ، ته مان ڪڏهن برقعو نه پائينديس- تون به ڇا سمجهندو هوندين، ته مان تنهنجي لاءِ ايترو به نه ٿي ڪري سگهان.“

        مون کي  ائين محسوس ٿي رهيو هو، ڄڻ مان خواب ڏسي رهيو هجان. منهنجي زال منهنجي  لاءِ سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿي، پر برقعو نه ٿي ڇڏي سگهي! ڪن کي اعتبار نه ٿي آيو ته اهي منهنجي زال جا الفاظ ٿي سگهن ٿا. مون سندس اک جهلي، پاڻ کي زور سان چهنڊي لڳائي، ته ڪٿي مان خواب ته ڪو نه ڏسي رهيو آهيان، پر اها حقيقت هئي. مان خوشيءَ کان پاڳل ٿي، کيس زور زور سان ڦيرائڻ لڳس. هوءَ ڇڏائڻ جي ڪوشش ۾ منهنجي ٻانهن ۾ ڦٿڪي ٽهڪ ڏيڻ لڳي.

        ”هاڻ هلي ماني کاءُ- ڏس ته مون تنهنجي لاءِ ڇا ڇا پچايو آهي.“ خوشيءَ کان ته منهنجي  بک ئي مري ويئي هئي، پر هوءَ زوريءَ مون کي کاڌي جي ڪمري ۾ وٺي آئي.

        انهيءَ رات ساري رات مون کي ننڊ نه آئي. ايندڙ صبح جو منهنجي زندگيءَ جي سڀ کان وڏي حسرت پوري ٿيڻ جو ڏينهن هو. مان سڄي رات، ڏينهن جا خواب ڏسندو رهيس.

        صبح جو پنهنجي زال کي سنبرندو ڏسي، منهنجي دل پئي بهار ٿي. خوشقسمتيءَ سان، اڄ آچر هو. اسان پروگرام ٺاهيو هو ته اڄ سڄو ڏينهن سير تفريح ۾ گذارينداسين. اڄ هن ڪپڙا به منهنجي پسند جا پهريا هئا. هلڪي سائي جمپر ۽ سلوار ۽ ڳاڙهي سينڊل ۾ هوءَ ڏاڍي مٺڙي لڳي رهي هئي. دل ۾ آيو ته چوانس ته لپس- اسٽڪ به لڳائي، پر ڊنس ته ڪٿي سڄو پروگرام نه گڙٻڙ ٿي وڃي.

جڏهن پاسي واري فليٽ وارن اسان کي گهر کان ٻاهر نڪرندي ڏٺو ته،  ڏسندا ئي رهجي ويا. انهن پهرين ڪڏهن به منهنجي زال کي برقعي کان سواءِ نه ڏٺو هو. ۽ هوءَ سامهون فليٽ واري ٽيڊي ڇوڪري، جا مون کي لفٽ ئي نه ڏيندي هئي، سا به اکيون ٺپي ٺپي مون ڏانهن نهاري رهي هئي. مون کيس نظر انداز ڪري پنهنجي سهڻيءَ زال ڏانهن نهاريو. هوءَ برقعي کان سواءِ ڪنهن به قسم جو شرم يا جهجهڪ محسوس نه ڪري رهي هئي، ڄڻ برقعي سان ڪڏهن سندس واسطو ئي نه رهيو هو. مون کي سندس  انهيءَ تبديليءَ تي خوشيءَ سان گڏوگڏ، حيرت به ٿي رهي هئي. سچ انهيءَ مهل هن کان مون کي  هڪ عجيب اجنبيت محسوس ٿي رهي هئي.

        اسان ٻئي  جڏهن پنهنجي خوبصورت فورڊ ۾ اچي ويٺاسين، ته  هڪٻئي کي ڏسي، بار بار اسان جي چهرن تي مرڪ ڊوڙي ٿي وئي! مون هن ڏانهن نهاري، مسڪرائي  سيلف دٻايو- ڪار هڪ فراٽي سان اسٽارٽ ٿي وئي.

        ساڳيو شهر- ساڳيون گهٽيون- انهيءَ کان پيشتر به مان ڪار ۾، ناز سان سوين دفعا انهن سڙڪن  تان گذريو هئس، پر اڄ هر چيز پهرين کان مختلف نظر اچي رهي هئي. اڄ پهريون ڀيرو مون کي احساس ٿيو ته، حيدرآباد جي تلڪ چاڙهي جهڙو سهڻو، ڪراچي ۽ لاهور ۾ هڪ روڊ به ڪونهي. مون مسڪرائي پنهنجي زال ڏانهن نهاريو. هوءَ هڪ عجيب دلرباني انداز سان ڪار جي دريءَ تي ٺونٺ ٽيڪيو ويٺي هئي- دل چاهيو ته بس ڏسندو ئي رهان، انهيءَ کان پهرين برقعي ۾ هوءَ ڪيتري نه بور لڳندي هئي. خوامخواهه موڊ آف ٿي ويندو هو. اڄ هن برقعو ڇا لاٿو هو، هر شيءِ جو حسن بي نقاب ٿي ويو هو.

        ”ڀئي، مون ڏانهن ڇا ٿو نهارين- ٽرئفڪ تي ڌيان رک. ڪٿي ايڪسينڊينٽ نه ٿي پوي“، هن جملو ڪسيو ۽ اسان ٻئي ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳاسين.

        ٿورو ئي اڳتي اچي مون اسٽرنگ ڪاٽيو ۽ اسان جي ڪار ٺنڊي سڙڪ تي، ڪشتي وانگر ترڻ لڳي. انهيءَ مهل دل چاهيو ته اسان جي ڪار ائين وهندي وڃي- اهو سلسلو ڪڏهن نه ٽٽي. اسان ٻئي گم سم هڪ ٻئي کي ڏسي رهيا هئاسين.

        ”اڄ موسم ڪيتري نه خوشگوار آهي! راڻي باغ جو چڪر هڻجي؟“ ها...... ها...... ڇو نه- ٻي هتي تفريح گاهه ئي ڪهڙي آهي.“  ناز وراڻيو، راڻي باغ پهچي، مون ڪار وڃي وڻن جي جهنڊ ۾ بهاري ۽ لهي هن لاءِ در کولي، کيس هٿ جو سهارو ڏنم ته انهيءَ مهل من کي ائين محسوس ٿي رهيو هو، ڄڻ هوءَ  مون کي پهرين وار ملي هجي. هوءَ پهرين کان ڪيترو نه مختلف نظر اچي رهي هئي- اڄ هن جي چال ۾ ڪيتري  نه لچڪ، ڪيتري  نه تمڪنت هئي. ڄڻ ڊيل ٽلي رهي هجي!  منهنجي دل خوشيءَ کان اڇلون کائي رهي هئي، انهيءَ البيلي نوجوان وانگي، جنهن کي ورهين جي وڇوڙي کان پوءِ يار جو ديدار نصيب ٿيو هجي. هن سان گڏ راڻي باغ جي خوبصورت ڦلواڙن جي ٻارن مان هلندي، مون کي ائين محسوس ٿي رهيو هو، ڄڻ منهنجي بوٽن جي تري ۾ اسپرنگ لڳل هجن. مان انتهائي جهومي جهومي هلي رهيو هئس.

        جهڙالو هئڻ ڪري، راڻي باغ ۾ ڪافي هجوم هو- ڪئين نوجوان برقع پوش عورتون، ٽيڊي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون، پوڙها ٽهلجي رهيا هئا. هڪ نوجوان، جنهن سان گڏ هڪ برقع پوش ساٿي هئي، گهڙيءَ گهڙيءَ گوراکون وجهي فلم ايڪٽرن وانگي،  ايڪشن ڏئي، ناز ڏانهن نهاري رهيو هو. مون کي مٿس ايتري ڪاوڙ آئي، جو وس پڄيم ته ٻئي آڱريون تير ڪري دوڏا ڪڍي ڇڏيانس. گڏهه جو پٽ، پرايون زالون ٿو تڪي، بيوقوف  کي ڪپڙن جي ڳوٿري کڻي گهمڻ ۾ ڇا خاڪ مزو ايندو هوندو. ايڊيٽ- سوئر- پاجي .... مان دل ئي دل ۾  مٿس ڦٽڪار ڪئي.

        ڪافي دير تائين راڻي باغ ۾ ٽهلجڻ کان پوءِ، اسان وري اچي پنهنجي ڪار ۾ ويٺاسين. اسان جي ڪار وري، راڻي باغ  جي وڏي ويڪري سڙڪ تان ڊوڙڻ لڳي.

        ”هون..... آه“ ناز، هڪ وڏو ساهه کنيو.
”ڪهڙي نه ڀنل ڀنل خوشبوءِ آهي سرهه جي وڻن جي- ڇا ڄام شوري هلي رهيو آهين؟“

        ”نه پياري! ڄام شوري ۾ ته شام جو رونق لڳندي آهي، جڏهن پل جا رنگين قمقما، ستارن وانگي ٽم ٽم ڪري جهرڪڻ لڳندا آهن.“

        ”اڄ ته مون کي تنهنجين ڳالهين مان شاعريءَ جو واس ٿو اچي.“ ”تنهنجي نوازش آهي.“ اسان ٻئي کلڻ لڳاسين.

        ٿوريءَ ئي دير ۾، اسان جي ڪار ڪوٽڙيءَ جي پل مان گذري رهي هئي، اسان جي پٺيان ٻي ڪا  به گاڏي نه هئي، تنهنڪري مون ٿوريءَ دير لاءِ ڪار پل ۾ بيهاري ڇڏي.

        ”هو ڏس ناز! ڪيترو نه سهڻو منظر آهي.“

        ”اوهه! ڪيترو نه عجيب منظر آهي- درياءَ جي گولائي ته ڏس، جهڙو ٻن ٻن سڱن وارو چنڊ. هل نه: ٿورو مهراڻ جي ڪناري ٽهلجنداسين.“ ناز للچائجي وئي. ايتري ۾  مون محسوس ڪيو ته پٺيان ٽرڪ وارو، هارن جي ڌم مچايو بيٺو آهي. مون جلدي ڪار اسٽارٽ ڪئي، ۽ پل جو پورو چڪر ڪاٽي، هيٺ ڪناري جي حفاظتي بند تي بيهاري. مون تصويرون ڇڪڻ لاءِ ڪئميرا به کنئي هئي. ڪئميرا ڳچيءَ ۾ لڙڪائي، اسين ٻئي، هٿ ۾ هٿ ڏئي ڪناري ڏانهن وڌڻ لڳاسين.

        ”اوه! ڪيتري نه همگوار  گولائي آهي درياءَ جي- وري هي واريءَ جا دڙا ته ڏس، ڪهڙو نه سهڻو منظر آهي- جهڙو ڪوهه مريءَ جي سبز شاداب پهاڙين تي وڇايل نرم نرم برف.“

        ”ها ناز! واقعي اهي واريءَ جا دڙا ڏاڍا خوبصورت لڳي رهيا آهن- پر هڪ انجنيئر جي حيثيت سان. مون کي اهي دڙا بلڪل نه ٿا وڻن، مان ڪي قدر سنجيده ٿي ويو هئس ۽ ناز حيرت سان مون ڏانهن نهارڻ لڳي!

        ”ڇا مطلب،“ مون چيو:

        ”ڏس ناز! تون آسانيءَ سان سمجهين سگهين ٿي ته جڏهن درياءَ موج ۾ اچي ٿو ته انهن دڙن سان وڃيو ڌڪ هڻي ۽ انهن دڙن جي سڄي واري پاڻ ڏانهن ڇڪيو اچي- ڏس ته ائين هوريان هوريان هي ڪنڌي ڪيتري نه مٿاهين تي ٿي وئي آهي ۽ انهيءَ  جي مد مقابل ڪوٽڙيءَ جو شهر ڪيترو نه هيٺاهينءَ تي زور ڀريندوآهي- سوچڻ جي ڳالهه آهي ته آخر هيءُ ويچارو معمولي بند، ڪيستائين درياءَ جو منهن موڙيندو رهندو.“

        ”اوه ....... سمجهي ويس- پوءِ توهان ڪجهه ڪيو ڇو نه ٿا؟“

        مون هڪ ٿڌو ساهه ڀري چيو: ”ناز! منهنجو تعلق روڊ سب ڊويزن سان آهي- دريائن ۽ واهن سان منهنجو ڪو تعلق ڪونهي.“

        ”پر انساني زندگين سان ته توهان جو تعلق آهي.“

        مون کلي چيو: ”تون ته ايترو ڊڄي وئي آهين، ڄڻ تنهنجو گهر به ڪوٽڙيءَ ۾ هجي.“

        ”ڇو نه! ڪوٽڙيءَ ۾ ته مون جهڙا هزارين جيوَ رهن ٿا.“ مون  کان ٽهڪ نڪري ويو. ناز ڪاوڙجي چيو:

”انهيءَ ۾ کلڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي!“
  مون بمشڪل پنهنجيءَ کل تي قابو پاتو ۽ چيومانس: ”ٽڪي باسيئي؟“

        ناز به شايد منهنجي شرارت سمجهي وئي هئي، چيائين:

        ”ها! ٻڌاءِ ڇا ڳالهه آهي؟،

        مون چيو: ”ڏس ناز! درياءَ جڏهن چڙهندو آهي نه، ته انهن دڙن جي واري، پاڻ ڏانهن ڇڪي ايندو آهي ۽ وري جڏهن درياءَ لهندوآهي، ته هوا، وري انهيءَ کي اڏائي، انهن دڙن تي اڇلائيندي آهي- هي دڙا اتي وقادن کان قائم آهن.“

        ”اوه!..... تون ته ڏاڍو هوشيار آهين.“ اسان ٻئي کِلڻ لڳاسين.

        ”چڱو  هاڻي اچ ته تصوير ڪڍانءِ“ مان پنهنجي ڪئميرا، ڳچيءَ مان لاهي، تصوير ڪڍڻ لاءِ، سهڻو منظر جاچڻ لڳس- مون ٻه ٽي دفعا ڪئميرا کي اک تي لڳائي ڏٺو ۽  پوءِ ناز کي هڪ هنڌ بيهاري چيم:

        ”ٺيڪ، اتان ڏاڍي سٺي تصوير ايندي- کاٻي ٻانهن ٿورو مٿي ڪر ۽ اسٽائيل ۾ هن جو انداز رک، ٺيڪ!“ انهيءَ مهل مون کي ڪئميرا  جي فوڪس مان، هڪ ٻيو سايو به پاڻ ڏانهن ايندو نظر آيو.  پر، تنهن هوندي به مون تصوير ڇڪي ورتي، ۽ جڏهن ڪئميرا اک تان لاٿم ته، هلڻ جي لوڏ مان سڃاتم ته منهنجو گَهرو بي تڪلف دوست، گوهر اچي رهيو هو- نه ڄاڻي ڇو، انهيءَ مهل هن جو اتي هئڻ، مون کي ناگوار گذريو. هن پري کان ئي مون  کي ڏسي، رڙ ڪئي. ”هلو انجنيئر“ ”هلو شاعر“، مون مسڪرائي، ساڻس هٿ ملايو ۽ سندس تعارف ناز سان ڪرايو.

        ”ناز! هيءُ آهي منهنجو گهرو دوست ۽ سنڌ جو مايه ناز شاعر مسٽر علي گوهر ۽ هيءَ  آهي توهان جي ڀاڄائي ناز.“

        ”واه، توهان سان ملي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي آهي گوهر صاحب.“ ناز، ڏاڍي گرم جوشيءَ سان منهنجي شاعر دوست سان هٿ ملايو- وري مون ڏانهن نهاري چيائين. ”توهان مون کي پهرين ڇو نه ٻڌايو ته، گوهر صاحب توهان جو دوست آهي، نه ته هوند مون کي ساڻن ملاقات جو شرف پهرين ئي حاصل ٿي چڪو هجي ها؟“

        ”سچ پچ توهان سان ملي مان فخر محسوس ڪري رهي آهيان.“ منهنجي زال جي واتان، پنهنجي ساراهه ٻڌي، منهنجي شاعر دوست جو ڪنڌ فخر کان آڪڙجي ويو هو ۽ مون کي پنهنجي زال تي حيرت لڳي رهي هئي- هن جو هٿ اڃا تائين شاعر جي هٿ ۾ هو- حالانڪه مان آزاد خيالن جو ماڻهو آهيان، پر تنهن هوندي به منهنجي حالت ئي عجيب ٿي رهي هئي.

منهنجي زال، جا بنهه ٿورو ڳالهائڪ ۽ سنجيده قسم جي هئي، وري چهچها ڪرڻ لڳي:

        توهان جا گيت، جنهن به رسالي ۾ ڏسندي آهيان- مان اهو ضرور خريد ڪندي آهيان. توهان جا اشعار پڙهي، دل چاهيندي آهي ته ڪاش مان به ڪا شاعره هجان ها- مهراڻ جي موجن تي ڪو مڌر گيت ڇيڙيان ها ۽ سدائين قدرت جي حسين مناظرن سان هم ڪلام رهان ها!“

        منهنجو دوست، جنهن جا هينئر ٻئي هٿ پينٽ جي کيسن ۾ هئا، چوڻ لڳو:

        ”توهان جهڙي باذوق خاتون لاءِ شاعري ڪرڻ ته ڪا مشڪل ڳالهه ته نه آهي. توهان کي رڳو فعولن فعولن فعولن جي جدول ياد ڪرڻي پوندي.

        انهيءَ مهل مون کي پنهنجي دوست تي، ڏاڍي ڪاوڙ اچي رهي هئي. منهنجي زال کي ٿو شاعري ڪرڻ سيکاري.

        وڏو آيو آهي شاعر جو پٽ- فعولن فعولن جي جدول- عورتن سان ڳالهائڻ جي تميز به ڪانهيس- ڇا! هڪ دوست جي زال سان ائين اکيون اکين ۾ وجهي هٿ هٿ ۾ ملائي ڳالهائبو آهي- گڏهه ڪٿي جو، شاعري ڪرڻ هليو آ پٽ- وري مون کي ڪاوڙ ته پنهنجي زال تي اچي رهي هئي، جا خواهخمواه سندس مٿان ساراهه جون پليون ٻڌي رهي هئي. هن جي شاعري هئي ڇا، ڪاغذن تي ٻوڙ هاريندو هو.

          ”ڊارلنگ! گوهر صاحب جي پهرين ملاقات جي يادگار لاءِ  مان ساڻن فوٽو ضرور ڇڪائينديس!“ ”ڇو نه، ها ها“ منهنجو ته اندر ئي سڙي ويو هو، پر نيٺ اخلاق به ته ڪا شيءَ آهي. مان فوٽو ڪڍڻ لاءِ تيار ٿي ويس. جڏهن تصوير ڇڪڻ لاءِ مون ڪئميرا جي اک مان ڏٺو ته، دل ۾ آيم ته ڪئميرا کڻي درياءَ ۾ اڇلايان، منهنجو ته دماغ چڪر کائي ويو! اف..... منهنجي زال جي بيهڻ جي اسٽائيل ته پاڪستاني ايڪسٽريس کي به مات ڪري ڇڏيو هو. ڪير چوندو ته هيءَ ڪا اهائي ساڳي ناز هئي، جا برقعي کان سواءِ هڪ قدم به گهر کان ٻاهر نه ٿي ڪڍي سگهي! دل ۾ آيو ته سٽ ڏئي، سندس هوا ۾ لهرائيندڙ آواره وار پٽي کيس گِهريندو وڃان- پر اهو فقط مان سوچي سگهيس ٿي- مون کي تصوير ڪڍڻي ئي پئي.

        جڏهن مون ڪئميرا اک تان لاٿي ته منهنجي زال مون ڏانهن نهاري چيو:

        ”ڇو پيارا! توهان جي طبيعت ته ٺيڪ آهي نه- ههڙي ٿڌي هوا ۾ به توهان کي پگهر اچي رهيو آهي!“

        مون گهٻرائجي چيو ته ”نه، مان بلڪل ٺيڪ آهيان.“

        ۽ جڏهن پيشاني تان هٿ ڦيرايم ته پگهر جا ڪئين سنهڙا سنهڙا قطره، منهنجي آڱرين تان ترڪندا، ڪناري جي چمڪيلي واريءَ ۾ چوهجي ويا.

        ٿوري ئي دير ۾ منهنجو شاعر دوست، اسان کان موڪلائي وڃڻ لڳو. ناز به مون کان ڪئميرا وٺي، هٿ سان لوڏيندي ڪار ڏانهن وڃڻ لڳي.

          مون کي نه ڄاڻي ڇا ٿي ويو هو. مان ڪجهه دير ڪناري تي بيٺو، هڪ ٽڪ نظرن سان لهرن ۾ نهاري رهيو هئس. هر لهر ڇلڪندي وٽ کائيندي، ڪناري جي ڀڪ سان ٽڪرائجي، منهنجو منهن چيڙائي ٿي وئي- مون ڪاوڙ ۾ اچي، ڪناري تان گپ کڻي پاڻيءَ ۾ اڇلائي- هڪ آواز سان گڏ پاڻيءَ ۾ گول دائرو پيدا ٿي ويو. انهيءَ  کان پهرين ته اهو گول دائرو تحليل ٿي وڃي مان ڪار ڏانهن موٽڻ لڳس.

        مان جڏهن ڪار جي در وٽ پهتس ته، منهنجون اکيون حيرت کان کلي ويون. منهنجي زال ڪار ۾ برقعو پائي، بٽڻ بند ڪري رهي هئي. هن مون کي ڏسي، هڪ ادا اسان برقعي جي پلئو مٿي ڪري، مون ڏانهن نهاريو- هن جي شرير نظر مان،  مان سڀ ڪجهه سمجهي ويو هئس.

        ”اوه! شرير ڪٿي جي- تو ته منهنجا لاهه ڪڍي ڇڏيا هئا!“

        ”هي ....... هي....... هي.....“ هوءَ کلڻ لڳي.  پوءِ ته  اسان ٻئي اچي کلڻ ۾ ڇٽاسين، ايستائين جو منهنجو دم گهٽجڻ لڳو هو ۽ ناز به، اونڌي سڌي ٿي رهي هئي.

        ”ٽڪي باسيئي؟“

        ”ها“ مون هاڪار ڪئي - ۽ ناز سنجيده ٿي چوڻ لڳي: ”مشرقي عورت جي سندرتا لاءِ، برقعو سڀ کان قيمتي زيور آهي، هي مارئيءَ جو ديس آهي، ۽  هن جي سونهن لوئيءَ ۾ ئي ساراهي ويئي آهي، جيڪڏهن هن جي ڪهاڻي مان لوئي ڪڍي ڇڏجي ته باقي سندس  ڪهاڻيءَ ۾ ڇا رهندو.“

        مان نٿو چئي سگهان ته انهيءَ مهل پنهنجي زال جي اڳيان، منهنجيون نظرون عقيدت  سان جهڪي ويون هيون يا شرم کان منهنجي زال وري چيو:

        ”ٽڪي باسيئي؟“ ۽ مون ڪنڌ ڌوڻي، ها ڪئي ۽ اسان ٻئي پاڻ ۾ نهاري وري کلڻ لڳاسين.

        ٻئي ڏينهن دفتر مان واپسيءَ مهل جڏهن مان گهر پهتس ته منهنجي هٿ ۾ ڏهه وال 16000 لٽي جا هئا. هاڻي منهنجي زال گول اڇو برقعو پائيندي آهي - ۽ هوءَ انهيءَ برقعي ۾ مون کي ڏاڍي پياري لڳندي آهي.

        هاڻي ڪنهن به آزاد جوڙي کي ڏسي، منهنجي دل ۾ رشڪ نه پيدا ٿيندو آهي. هاڻي جڏهن به ڪو نوجوان جوڙو منهنجي نظرن اڳيان گذرندو آهي ته، مان دل ئي دل ۾ چوندوآهيان.

        ”اي منهنجي جيجل مهراڻ جا ٿڃ شريڪ ڀاءُ- تون زماني جي وهڪري تي چاهي، منهنجي پراڻي تهذيب ۾ ڪيتري ڦير گهير ڇو نه آڻين! چاهي تون منهنجي مارئيءَ ڀيڻ کان سندس لوئي ڇو نه ڇڏائي ڇڏين! پر ياد رک، منهنجي پراڻي تهذيب هر دم تنهنجو گلو دٻائيندي رهندي. تون هر جاءِ هرهنڌ ڌُٻڻ محسوس ڪندين!“

(مهراڻ 3- 1962ع)

ايوب عمراڻي

 

 

 

 

        سيوهڻ

 

اڄ مون سيوهڻ وڃڻ جو پڪو ارادو ڪيو هو!

چڱيءَ طرح ياد اٿم ته ننڍي عمر ۾، ڏاڏيءَ سان گڏ سيوهڻ ويو هوس. ان وقت سيوهڻ مون کي خوابن جي پرستان جهڙو شهر لڳو هو. خوبصورت دڪان، بجلي، هوٽلَ، ڳانا، ڪنگڻ، ڪاشيءَ جا رانديڪا، سڀ حيران ڪندڙ هئا، پر سڀ کان حيران ڪندڙ هئي ”ڌمال“! شام جي وقت درگاهه جي آڳر ۾ عورتون ۽ مرد گڏ ٿيندا ويا ۽ پوءِ جيئن ئي هڪ پوڙهي اتي رکيل وڏن نقارن کي وڄائڻ شروع ڪيو ته ماحول ۾ ٿرٿلو مچي ويو. مرد ۽ عورتون نعرا هڻي نچڻ ۾ شروع ٿي ويا. سڀ بي حجاب، ڪنهن به ڊپ ڊاءَ کان بغير ديوانن جيان نچي رهيا هئا. مان ننڍڙو ٻار سڀ ڪجهه حيرانيءَ مان ڏسندو رهيس، تڏهن ڏاڏيءَ مون کي ٻڌايو هو: ”ابا اِها ڌمال ٿئي! هتي ماڻهو نچي نچي پنهنجا گناهه بخشائڻ ايندا آهن!“

مون کي ان عمر ۾ گناهه ۽ ثواب جي به ڪا خبر نه هئي. بس سڀ ڪجهه ڏسي رڳو حيران ئي ٿي رهيو هوس!

اڄ ان کي ڪئين ورهيه گذري ويا آهن. مان وڏو ٿيندي زندگيءَ جي ڪئين گوناگون مصروفيتن ۾ مصروف ٿي ويس، وري سيوهڻ ڏسڻ جو موقعو نه مليو. هر ڀيري اها ئي خواهش رهندي هئي ته سيوهڻ وڃي پنهنجي ننڍپڻ جي يادگيرين کي تازو ڪريان. نيٺ اڄ وقت ڪڍيم ۽ ڪراچيءَ مان لاڙڪاڻي ويندڙ ڪوچ جي ٽڪيٽ وٺي گاڏيءَ ۾ سوار ٿيس. ڪوچ ۾ منهنجي ڀر واري سيٽ تي ڪراچيءَ ۾ نوڪري ڪندڙ هڪ سنڌي پوليس وارو ويٺو هو. سامهون واريءَ سيٽ تي هڪ پنجابي جوڙو برجمان هو. زال ڏاڍي نفيس، نازڪ ۽ سهڻي هئي، پر هن جو مڙس بدصورت ۽ ٿلهو هو، عورت جي هنج ۾ هڪ خوبصورت ٻارڙي هئي (جيڪا يقيناً ان جي ڌيءَ هوندي) ٻارڙي بار بار معصومانه انداز سان مون کي ڏسي مُرڪي رهي هئي.

منهنجي ڀر ۾ ويٺل سنڌي پوليس واري، مون کي ٻڌايو ته هُو مسلمان ته آهي، پر نه عبادت مان ڄاڻي، نه ئي ڪا دين جي گهڻي خبر اٿس. بس گناهه بخشائڻ ۽ شيطان کان پري رهڻ لاءِ، هر مهيني پگهار ملندي ئي سيوهڻ جو رُخ ڪندو آهي، قلندر جي آڳر ۾ ڌمال هڻي گناهه بخشائيندو آهي ۽ پوءِ هُو قلندر جي ذڪر ۾ ڇڙي پيو ”... لال سائين ولايت مان ڳاڙهو لباس پائي اڏامي سيوهڻ پهتو. انڪري کيس لال شهباز چوندا آهن.....“ ۽ پوءِ هن اهو به ٻڌايو ته کيس پيٽ گذر لاءِ جيڪا پوليس ۾ نوڪري ملي آهي، اها به قلندر جي ڪرامتن جو نتيجو آهي! سندس زبان قلندر جون ڪرامتون ٻڌائيندي قئنچيءَ جيان هلي رهي هئي جو اوچتو ڪوچ واري اتي لڳل ٽي وي تي قلندر جي ڌمال جي سي ڊي لڳائي. پوءِ ته همراهه کي جهڙو جن چنبڙي ويو، سيٽ تي ويٺي ويٺي ڌمال ۾ شروع ٿي ويو. منهنجي سيٽ جي سامهون ويٺل پنجابي جوڙي به گهٽ نه ڪئي. ٿلهو مرد ”قادر قلندر مست شهباز“ جو نعرو هڻي نچڻ لڳو ته سندس سنهڙي سيپڪڙي زال به ان جو ڀرپور ساٿ ڏنو. مائيءَ جي هنج ۾ ويٺل ٻارڙي اهو منظر ڏسي روئڻ ۾ شروع ٿي وئي پر هُو ٻئي زال مڙس پنهنجي ڪرت ۾ ايستائين مدهوش ٿي ويا هئا جيستائين ڌمال وارو گانو ختم نه  ٿيو!

مون ان پنجابيءَ کي چيو: ”ڪمال آهي توهان جي معصوم ٻارڙي روئي رهي هئي ۽ توهان نچي رهيا هئا!“

منهنجي سوال تي ٿلهو پنجابي مون کي غصي مان ايئن ڏسڻ لڳو ڄڻ ڪو مون وڏو ڪافرانه ڪم ڪيو هجي. پوءِ نيٺ ٿڌو ٿيندي چيائين: ”بادشاهو اسان نون قلندر تي وَڊا يقين اي!“

مون يڪدم چيو: ”ڪهڙو يقين!؟“

چيائين: ”هيءَ ٻارڙي گونگي آهي، ڊاڪٽرن علاج کان جواب ڏئي ڇڏيو آهي. هاڻي قلندر تي حاضري ڀرينداسين ته ضرور ڳالهائيندي.“ مان سندس جواب تي حيران ٿي ويس. سوچيو هوم ته اڄ جي دور ۾ انسان شعور جي بلندين تي پهچي ويو آهي، پر هاڻي ان ڳالهه جو شديد احساس ٿي رهيو هو ته ”نه“ اعتقاد ۽ عقيدي جو انڌو گهوڙو اڄ به پنهنجي پوري طاقت سان ماڻهن جي شعور کي پنهنجي سنبن سان لتاڙي رهيو آهي.

ڊگهي سفر کان پوءِ جڏهن سيوهڻ پهتس ته حيران ٿي ويس. هيءُ شهر منهنجي ننڍپڻ واري شهر کان مختلف لڳي رهيو هو. گاڏيءَ مان لهڻ وقت ڪنڊيڪٽر چيو: ”بابا پنهنجي کيسن جو خيال رکجو شهر ۾ چپي چپي تي ڳنڍيڇوڙ موجود آهن!“

ان تنبيهه تي مون کي کيسي تي نظر رکڻي پئي. منهنجي سامهون واقعي به ڪئين اهڙا ٻوٿ مون کي گهوري رهيا جيڪي ڳنڍيڇوڙ پئي لڳا.

شهر ۾ داخل ٿيس ته حيران ٿي ويس، ڏنگيون ڦڏيون گهٽيون، اٿلندڙ گٽر، بدبوءِ، ماڻهن جي پيهه، حد دخليون، سرعام ڪڪڙ ڪُسي رهيا هئا ۽ مڇي وڪامي رهي هئي جنهن گندگيءَ ۾ اڃا به واڌارو ڪري ڇڏيو هو. مون کي يقين ئي نه پئي آيو ته اهو ساڳيو شهر سيوهڻ آهي جنهن کي ننڍپڻ ۾ ڏسي مان تمام گهڻو حيران ٿيو هوس يا هيءُ اهو شهر سيوهڻ آهي جنهن جو ذڪر تاريخ ۾ هڪ شاندار ۽ سڀ کان قديم شهر جي نالي سان ٿئي ٿو. هاڻي ته ڀارتي فلمن جي گانن ۾ به سيوهڻ جو ذڪر ٿئي ٿو. ڇا هنن کي اها خبر هوندي ته جنهن شهر جو ذڪر هُو گاني ۾ ڪن ٿا، اهو هڪ بدبودار ۽ بي ترتيب شهر آهي!؟

اهو سڀ ڪجهه ڏسندي حيران ٿيندي اڳتي وڌي رهيو هوس جو رستي تي اچانڪ دهلن جا ڌڌڪا ٻڌم. کڻي جو نهاريان ته ويهه پنجويهه مرد ۽ عورتون هٿن ۾ ”پَڙُ“ جهليو، ان جي نمائش ڪندي نچندي ڪُڏندي اڳتي وڌي رهيا هئا. هڪ اڌڙوٽ عورت سڀني کان اڳيان نچي رهي هئي. هر ڳالهه کان بي نياز کيس ان ڳالهه جو به احساس نه هو ته سندس جسم جا ڪپڙا پگهر ۾ پسي چنبڙي ويا هئس ۽ جسم جا ڪجهه حصا صفا چٽا نظر اچي رهيا هئا جيڪي لڪائڻ لاءِ عورتون وس ڪنديون آهن. مان حيرانيءَ جو مجسمو ٿيو اڃان اتي بيٺو هوس جو هڪ نوجوان منهنجي سامهون آيو. انتهائي پهنجائپ مان چيائين: ”سائين مسافرخاني تي هلو، خاص ماڻهن لاءِ خاص ڪمرا، هڪ ڀيرو رهندا بار بار ايندا!“

مون کي اهو پنهنجائپ وارو لهجو گهڻو وڻيو، چيومانس: ”هل ته هلون!“

منهنجي ايئن چوڻ تي هو گهڻو خوش ٿيو. اسان سوڙهيون گهٽيون لتاڙي هڪ مسافر خاني ۾ پهتاسين. مون رجسٽر ۾ نالو لکائي اڳواٽ بل ڏئي، چاٻي ورتي، ڇوڪرو مون کي ڪمري تائين وٺي آيو. ڪمرو رات گذارڻ جهڙو هو. ڇوڪري کان نالو پڇيم، چيائين: ”بخشل!“

چيومانس: ”اڄ توکي مون سان گڏ گذارڻو آهي.“

منهنجي ڳالهه ٻڌي هو گهٻرائجي ويو. ڄڻ مون ڪا کيس اهڙي ڳالهه چئي هجي جيڪا کيس انتهائي ناگوار لڳي هجي! هن هٻڪندي چيو: ”سائين مان ان ٽائيپ جو ڇوڪرو نه آهيان!“
مون کيس سمجهائيندي چيو: ”ان ۾ ٽائيپ جو ڇا وڃي؟ مون کي سڄو شهر گهماءِ توکي چڱي خاصي خرچي ملي ويندي ۽ سيٺ کي به پئسا ملندا.“

منهنجي ڳالهه ٻڌي هن اطمينان جو گهرو ساهه کنيو پوءِ چيو: ”ٺيڪ آهي مان هلندس!“ مان وري به حيران ٿي ويس ته ڇوڪرو اچانڪ ڪيئن راضي ٿي ويو!

مان فريش ٿيڻ کان پوءِ ڪپڙا بدلايا. بخشل منهنجي اوسيئڙي ۾ ويٺو هو. چيومانس: مون کي پهرين شهر جا ڪجهه تاريخي حصا ڏيکار. پوءِ درگاهه تي هلنداسين. هن جي اکين ۾ حيراني نما سوال اڀري آيو ڄڻ چوندو هجي: عجيب شخص آهين! قلندر جي درگاهه تي سڀ کان آخر ۾!

پر هو اهو مون کي چئي نه سگهيو!

سڀ کان پهرين اسان بودلي بهار جي درگاهه تي آياسين. اها شهر جي هڪ سوڙهي گهٽيءَ ۾ موجود هئي. بخشل ٻڌايو: ”جڏهن بودلي کي هنوت ڪاسائيءَ ڪُهي ان جو گوشت ماڻهن ۾ وڪڻي ڇڏيو، ته لال سائينءَ کيس ٻيهر جيئرو ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو!“ مون کي بخشل جي ڳالهه متاثر نه ڪيو جواها ڳالهه ننڍي هوندي کان ٻڌندا ٿا اچون ۽ بخشل ڪجهه گهڙين لاءِ مون کي حيرانيءَ مان ڏٺو، ڄڻ چوندو هجي صفا ڪو ڪنجوس آهين! ايڏي وڏي ڪرامت جي ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ به چپ آهين!

مان درگاهه ۾ داخل ٿي دعا گهري ٻاهر آيس. بخشل حيرانيءَ مان مون کي ڏٺو. ڇو ته مون نذراني لاءِ ڪجهه به نه رکيو هو!

هاڻي اسان هڪ مٽيءَ جي دڙي تي پهتاسين. جتي هڪ سرڪاري ريسٽ هائوس ۽ ڪجهه جايون ٺهيل نظر اچي رهيون هيون. بخشل چيو: ”هي اهو شهر آهي جنهن کي لال سائينءَ ابتو ڪري ڇڏيو!“

”ڇو!؟“ مون يڪدم حيرانيءَ مان چيو.

”ڇو جي مون کي به خبر ناهي، ننڍي هوندي کان اهو ئي ٻڌندا ٿا اچون.“  بخشل منهنجي سوال تي گهٻرائجي ويو.

چيومانس: ”هڪڙي شهر کي ابتو ڪرڻ سان سوين انسان بي گناهه مري ويا هوندا!“

بخشل مون کي تنبيهه ڪندي چيو: ”نه سائين اهي ماڻهو گناهه گار هوندا تڏهن ته لال سائين انهن کي غرق ڪري ڇڏيو!“

چيومانس: ”هي مٽيءَ جو ڍير بلڪل موهن جي دڙي جيان لڳي ٿو. ان جي کوٽائي ڪرائجي ته خبر پئجي ويندي ته ان کي الٽو ڪري تباهه ڪيو ويو هو يا ڪنهن زلزلي ۾ تباهه ٿي ويو!“

منهنجي ڳالهه هن کي بلڪل نه وڻي، پر سُور پِي چُپِ ٿي ويو. کيس خبر هئي ته مان هن وقت سندس گراهڪ هوس ۽ گراهڪ جا انگل آرا ته کڻڻا ئي پوندا آهن. اسان مٽيءَ جي دڙي تان لهي رڪشا ۾ چڙهي ڇُٽي امراڻيءَ جي درگاهه تي آياسين. جيڪو شهر جي بلڪل ٻئي ڇيڙهي تي هو. بخشل چيو: ”ڪنهن زماني ۾ هي سڄو علائقو تاريخي قبرستان هو، پر بااثر ماڻهن رات وچ ۾ بلڊوزر هلائي قبرستان تي قبضو ڪري ورتو آهي. بس رڳو ڇُٽي امراڻي جي درگاهه کي بخش ڪيو اَٿنِ!“

مون بخشل کان پڇيوي ”اهي بااثر وري ڪير آهن جيڪي هڪ ڌڪ ۾ تاريخي قبرستان کي ڊاهي پٽ ڪري ٿا ڇڏين ۽ کين ڪوبه چوڻ وارو ناهي؟“

منهنجي ان سوال تي بخشل کي ڪنبڻي وٺي وئي. ٿڌو ساهه کڻندي چيائين: ”سائين! رڳو قبرستان تي قبضا نه پر هنن جا ٻيا به گهڻا غلط ڪم آهن بس اسان غريب ڪُڇي نٿا سگهون. آخر سيوهڻ ۾ رهڻو آهي.“

سندس جواب واقعي منطقي هو. اسان درگاهه ۾ اندر داخل ٿياسين، بخشل جي زبان وري قنئچيءَ جيان هلڻ لڳي: ”سائين! هي درويش به وڏي ڪرامت وارو آهي. بادشاهه جو ڀاءُ هو پر پاڻ درويشي قبول ڪيائين!“

مون بخشل کي چيو: اها ڳالهه مون به ڪتاب ۾ پڙهي آهي!

منهنجي ان جواب تي هو ڏاڍو خوش ٿيو. چيائين: ”سائين مس مس منهنجي ڳالهه جي مڃي اٿو! هاڻي هلو ته لال باغ هلون!“

نه نه مون اهو لال باغ رستي تي ڏسي ڇڏيو آهي. هاڻي پاڻ کي واپس هلڻ گهرجي!

منهنجي ائين چوڻ تي بخشل هڪ طنزيه مُرڪ مُرڪيو، ڄڻ چوندو هجي: ”ڄڻ مان ڦاسي ويو آهيان!“

اسان جيئن ئي قلندر شهباز جي مزار تي اچي رهيا هئاسين ته رستي تي هڪ وڏي دروازي تي ماڻهن جي بي انتها پِيهه هئي. اندر تمام وڏي عمارت ٺهيل هئي. مون کي حيران ڏسي بخشل چيو: ”سائين اها نادر شاهه جي درگاهه اٿئي، جنهن کي پٺاڻ جي ڪافي به چوندا آهن.“ هتي دال مانيءَ جو لنگر سڄو ڏينهن هلندو آهي. سيوهڻ ۽ آسپاس جا غريب غرباء ۽ فقراء هتي ئي بک مِٽائيندا آهن!“

مون کانئس پڇيو: ”ايترو سارو لنگر هلائڻ لاءِ هنن وٽ پئسو ڪٿان ايندو آهي!؟“

منهنجو سوال ٻڌي هو وري به چُپِ ٿي ويو. ائين ٿي لڳو هن کي جواب جي خبر هئي پر جواب ڏيڻ نه پيو چاهي!

پوءِ اسان قلندر جي درگاهه تي آياسين.

درگاهه جي اڱڻ ۾ پهتاسين ته قلندري فقير چنبڙي ويا. صفا کڻي ڪپڙن مان  ڇِڪيائون. بخشل هنن کي ڇنڊ پٽي، تڏهن مڙيا. بخشل نه هجي ها ته وڏي جُٺِ ٿئي ها.

مون درگاهه تي نظر وڌي ته مون کي اها ڏاڍي مختلف لڳي. ننڍپڻ جي ڏٺل درگاهه ۽ هاڻوڪي درگاهه ۾ وڏو فرق هو. مون کي حيران ڏسي بخشل وري چيو: ”سائين! درگاهه جي تعمير تي ڪروڙين روپيا خرچ ڪيا اٿن، پر اڃا تائين مڪمل نه ٿي سگهي آهي. اڃا به ڪم هلي پيو!“

مون مُرڪندي چيو: ”عجيب ڳالهه آهي هتي مئلن جي مٿان ڪروڙين روپين جا مقبرا تعمير پيا ٿين پر زندهه ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري کين پٺاڻ جي ڪافيءَ تي پنڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو آهي!“

بخشل منهنجي ڳالهه تي وري به ناراض ٿيو. پوءِ هن موضوع مَٽائيندي چيو: ”سائين چون ٿا ته پنجاب، سنڌ جي ڦرلٽ ٿو ڪري، پر اسان سيوهڻ وارا پلاند وٺي پنجاب جي ڦرلٽ ڪندا آهيون. عرس مبارڪ جي دوران پنجاب مان آيل ماڻهن جي اهڙي ته کيسا ڪٽ ڪندا آهيون جو وڃي ٿيا سَت خيرَ. ايتريقدر جو اڌ شهر جا ماڻهو پنهنجا گهر خالي ڪري پنجاب وارن کي ڳري مسواڙ تي ڏيندا آهن ۽ سڄو سال کائيندا آهن!“

بخشل کي پڪ هئي ته مان سيوهڻ واسين کي ان عظيم ڪارنامي تي ضرور شاباس ڏيندس. پر منهنجي سرد مهريءَ تي هو مايوس ٿي چُپِ ٿي ويو! مان درگاهه ۾ داخل ٿيس ته چانديءَ جي ڇڄهريءَ ۾ اها ئي قبر نظر آئي جيڪا گهڻا سال اڳ ڏٺي هئم. چڱي خاصي پِيهه هئي. هر ڪو ماڻهو قبر جي چانديءَ واري پڃري کي هٿ  لائي وڏي سعادت ماڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. سماجي ناانصافي جا ماريل، بيمار، ستايل، بيروزگار، طرحين طرحين مسئلن ۾ ڦاٿل وجود پنهنجي پوري بيوسيءَ ۽ عاجزيءَ سان قلندر آڏو ٻاڏائي رهيا هئا. اچانڪ منهنجي نظر سائي رنگ جي لوهي پيٽين تي پئي جن ۾ زيارتي نذرانو وجهي اطمينان جو ڊگهو ساهه کڻي رهيا هئا ته هاڻي قلندر راضي ٿي سندن مصيبتون مٽائي ڇڏيندو. منهنجي حيرانيءَ تي بخشل چيو: ”سائين! لال سائين کي هر سال ڪروڙين روپين جو نذرانو ملندو آهي. لال سائين جا سچا ديوانا ته سون ۽ چاندي به ڇڏي ويندا آهن!“ مون دل ئي دل ۾ چيو: ”ها بخشل! جهالت جو ٻيو نالو اونداهي آهي، پر اها به حقيقت آهي ته جيڪڏهن ماڻهن کي سماجي انصاف ملي وڃي ته پوءِ درگاهن تان نذراني جون پيٽيون خالي ملنديون!“

بخشل پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو:
”سائين، ڪيڏي نه ناانصافي آهي، لال سائينءَ جي ڪمائي حڪومت کڻي ويندي آهي!“

مون ٿڌو ساهه کڻندي چيو: ”ها!“

اسان اڃا انهن ئي ڳالهين ۾ هئاسين جو ٻاهر نقاري وڄڻ جو آواز آيو ۽ پوءِ ناد ۽ سنک جي آوازن تي هوڪرا ٿي ويا. بخشل مُرڪندي چيو: ”سائين! ڌمال شروع ٿي وئي آهي.“

مان اِتي ڪجهه سيلفيون ٺاهڻ کان پوءِ، بخشل سان گڏ ٻاهر آيس. درگاهه جي آڳر ۾ تِرَ ڇٽڻ جي جاءِ نه هئي. نقارن جي تيز رڌم تي مرد ۽ عورتون ”مي رقصم“ جو نمونو هئا. هنن وچان جنس جي تفريق ختم ٿي وئي هئي. سڀ ديوانن وانگر نچي رهيا هئا. سڀ مسلمان هئا، شرعيت ۾ رقص جي ڪيتري گنجائش آهي؟ ان ڳالهه کان بي نياز! لڳو پئي ته سڀ جا سڀ ڏکن ۽ غمن کي ڀُلائڻ لاءِ رقص ڪري رهيا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو پنهنجي ڏکن ۽ دردن کي به سيليبريٽ ڪندو آهي. هي ڏکيا ۽ بکيا ماڻهو پنهنجي پنهنجي عذابن کان وقتي ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ نچي رهيا هئا. تڏهن منهنجي دل به چاهيو ته مان به ان ميدان ۾ ڪُڏي ڪاهي پوان پنهنجي عذابن کي وقتي طور وساري رقص ڪريان....

مان پنهنجون محروميون ۽ عذاب ياد ڪري اکيون آليون ڪري ويٺس. بخشل مون کي ڏسندو رهيو ۽ حيران ٿيندو رهيو. تڏهن مون کيس چيو:
”بخشل هل ته مسافرخاني هلون. مون کي ڏاڍي بک لڳي آهي مان ڪجهه کائڻ چاهيان ٿو!

اسان واپس مسافرخاني تي آياسين، مان ڪمري ۾ پهچندي فريش ٿيڻ لاءِ واش روم ڏانهن هليو ويس. واپس آيس ته بخشل ماني کڻي آيو. مون مان کائي بخشل کي ڏوڪڙ ڏنا. هو ڏوڪڙ وٺي خوش ٿي خالي ٿانوَ کڻي واپس هليو ويو. مون ڪمري جي دريءَ مان سيوهڻ شهر جو نظارو ڪيو. منهنجي سامهون هڪ بي ترتيب بدبودار ۽ اونداهون شهر هو. گاڏين جي گوڙ ۽ شور سان گڏ قلندر جي ڌمال واريون رڪارڊنگس وڄي رهيون هيون. ڪٿي ڪٿي ڪو ميرانجهڙو بلب گهرن کي روشن ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو هو. باقي شهر اوندهه ۾ ٻڏل هو!

مون دري بند ڪري اڃا سمهڻ جي تياري مس ڪئي هئي جو در تي هلڪي هلڪي ٺڪ ٺڪ ٿي. مان در تي آيس. در کوليم ته بخشل بيٺو هو. مان کيس سواليه نظرن سان ڏسندو رهيس. تڏهن هن هٻڪندي چيو: ”سائين! هڪ مهمان توهان سان ملڻ ٿو چاهي!“

”ڪير!؟“ مون حيرانيءَ مان چيو.

هن جواب نه ڏنو پر ٿورو پري هٽي ملڻ واري ماڻهوءَ کي رستو ڏنائين. مان حيران ٿي ويس، ملڻ وارو ماڻهو، هڪ حسين و جميل پرستان جي پرين جهڙي، خوبصورت، من موهڻي، نازڪ اندام ڇوڪري هئي! منهنجي چوڻ بنا ئي ڪمري ۾ داخل ٿي وئي. مون ڏٺو ته روشنيءَ ۾ سندس خوبصورت چهرو تجلا ڏئي رهيو هو. مون حيران ٿيندي کانئس پڇيو: ”معاف ڪجو مون توهان کي ڪونه سڃاتو!“

هن مُرڪندي چيو: ”جڏهن مون پنهنجو تعارف ڪرايو ئي نه اهي ته پوءِ ڪيئن سڃاڻندا!؟“

تڏهن چيومانس: ”ٺيڪ آهي تعارف ڪرايو!“

هن مرڪندي بي تڪلف ٿيندي چيو: ”مان هن مسافرخاني تي مهمانن سان نائيٽ ڪندي اهيان. مناسب پئسن ۾ سڄي رات!“

هوءَ ايترو چئي مُرڪندي مون ڏانهن ڏسڻ لڳي. آءٌ چڪرائجي ويس. مون کي ايئن محسوس ٿيو ڄڻ هنوت ڪاسائي سيوهڻ جي شهر ۾ ٻيهر زندهه ٿي موٽي آيو آهي يا ڪا قيامت صغريٰ هن شهر کي ٻيهر الٽو ڪري ڇڏيو آهي… يا خدا هي سڀ ڇا آهي؟ تنهنجي سڀ کان حسين تخليق....

۽ پوءِ مون کي غصو آيو. مون غصي مان ڇوڪريءَ کي چيو: ڪيڏي نه ذليل ۽ ڪِريل آهين تون! قلندر جي نگريءَ ۾ ڪسب ڪمائڻ آئي آهين! قدرت توکي حُسن ۽ جمال ڏنو آهي ۽ تون قدرت جي ان عظيم تحفي کي ايئن سرعام وڪڻي رهي آهين!

هن منهنجي منهن ۾ گهوريو ۽ پوءِ سندس مُرڪندڙ چهرو گنڀير ٿي ويو. اهو چهرو جنهن تي ڪجهه وقت اڳ گراهڪ ڦاسائڻ لاءِ هڪ مصنوعي مُرڪ هئي، ان مرڪ جي جاءِ تي هاڻي حقيقي غصو هو. سندس خوبصورت اکين جي پوڇڙين ۾ پاڻي ڀرجي آيو. هن چيو: ”تون ڇا لاءِ آيو آهين سيوهڻ!؟ قلندر جي زيارت لاءِ؟ هرگز نه. هتي زيارت لاءِ ته ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو ايندا آهن باقي ماڻهو ته عياشي ڪرڻ ايندا آهن. اسان جهڙين مجبور عورتن جي عزت ۽ جسم سان کيڏڻ لاءِ، تون مون کي شرافت ياد نه ڏيار!“

تڏهن مون غصي ۾ چيو: ”توکي ڪهڙي مجبوري آهي؟ تون ته زماني جي ستايل به نٿي لڳين ڇو پنهنجي معصوم جوانيءَ کي بازار حسن بڻائي ڇڏيو اٿئي!؟“

هاڻي سندس اکين مان لڙڪ ٽپ ٽپ ڪري وهڻ لڳا. سڏڪندي چيائين ڇا ٻڌي ڪندين؟ هي بازار به ته مون کي توجهڙي نام نهاد مرد ئي ڏيکاري آهي. منهنجو واسطو اتر سنڌ سان آهي. شاديءَ جي ٻئي ڏينهن منهنجي مڙس غيرت ۾ اچي هڪ قتل ڪيو. جرڳي ۾ سردار ڏهه لک روپيا ڏنڊ وڌس. پٽ سٽ ڪري پنج لک ته ڏناسين باقي پنج لک هٿ ڪرڻ لاءِ منهنجو مڙس مون کي هتي وٺي آيو آهي. مان اڄ تائين ستر مردن کي پنهنجو جسم وڪڻي چڪي آهيان. ڪن وٽ سڄي رات ته ڪن وٽ صرف اڌ ڪلاڪ. هتي رهڻ جو خرچ به وڏو آهي پر جيئن ئي پنج لک رپيا جمع ٿيندا، اسان هِتان هليا وينداسين!“

ائين چئي هو سڏڪڻ لڳي. ڳوڙها سندس اکين مان موتين جيان ڪِرڻ لڳا.

”تنهنجو مڙس ڪٿي آهي!؟“ مون سوال ڪيو.

”هيٺ ويٺو آهي! بوسڪي جي پٽڪي سان!“

”اوهه!“ مان ايترو چئي سگهيس، پر منهنجي پوري وجود ۾ ڄڻ سوين نانگَ بلائون ۽ وِڇون ڏنگ هڻي رهيا هئا. مان سڄو وڍجي چچرجي ۽ ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويس. ڄڻ ته ان عورت پنهنجي اندر جو سمورو زهر منهنجي اندر ۾ اوتي ڇڏيو هو. مون کي خاموش ڏسي چيائين: ”مان سڄي رات جا پندرهن هزار وٺندي آهيان، پر جيڪڏهن تو وٽ پندرهن هزار ناهن ته پاڻ اڌ ڪلاڪ به گذاري سگهون ٿا. ان اڌ ڪلاڪ جي قيمت صرف....“

مون سندس وات تي هٿ رکي کيس اڳتي ڳالهائڻ کان روڪي ڇڏيو. کيسي ۾ هٿ وڌم ته پورا سورنهن هزار نڪري آيا. مون پندرهن هزار سندس هٿ تي رکندي چيو: ”مان توکي جسم فروشي کان بچائي نه نٿو سگهان، پر صرف هڪ رات لاءِ ڪنهن وحشي بگهڙ کان بچائي سگهان ٿو.“

هوءَ پئسا وٺي حيران ٿيندي ٻاهر هلي وئي. مان به پنهنجي بئگ کڻي نڪري آيس. ڏٺم ته ڪائونٽر وٽ هڪ بوسڪي جي پٽڪي وارو همراهه سگريٽ جا سوٽا هڻي پئسا ڳڻي رهيو آهي. هوءَ سندس ڀر ۾ بيٺي هئي. اهو شخص سندس مڙس ئي هو، جنهن غيرت ۾ اچي خون ڪيو هو ۽ هاڻي سندس غيرت......

مان تڪڙو تڪڙو مسافرخاني مان نڪري بس اسٽاپ تي آيس. ان وقت لاڙڪاڻي کان آيل ڪوچ ڪراچيءَ لاءِ نڪري رهي هئي. مان ڊوڙي ڪوچ ۾ چڙهيس. پوءِ جڏهن ڪوچ سيوهڻ کان نڪري ڪاري ڏامرائين روڊ تي ڊوڙڻ لڳي، تڏهن مون اطمينان جو ڊگهو ساهه کنيو، ته مان هاڻي سيوهڻ ۾ نه آهيان!

اصغر لاکو

 

 

 

 

ڪلاچيءَ جو ڪُن

 

حاجن، صبح جي نماز پڙهي، قرآن شريف جا ڪجهه رڪوع دور ڪيو، پوءِ هُو ڪراچي وڃڻ جي سنبت ۾ لڳي ويو. اتي ٻئي ڏينهن هن جو ڪلارڪيءَ لاءِ انٽرويو هو، هُو وهنجي سنهنجي تيار ٿي، نيرن ڪرڻ لاءِ کٽ تي اچي ويٺو.

حاجن جي ماءُ، حاتان نماز پڙهڻ کان پوءِ ٻچن جي ڀاڳ بخت ۽ روزِي رزق لاءِ دعائن گهرڻ ۾ محوَ هئي ۽ حاجن جي ڀيڻ، حاجران ماني پچائي رهي هئي.

”ادا! اَلهه ڪندو…“ حاجران ٻه ڊڳڙيون ۽ لسيءَ جو گلاس ڀاءُ آڏو کٽ تي رکندي، دعا ڪندي چيو: ”انٽرويو ۾ ڪامياب ٿيندين، ڀلي نوڪري ملندئي، پر ادا منهنجو هڪڙو عرض…“

”عرض…!؟“

حاجران جي ڳالهه اڌ ۾ ڪاٽيندي حاجن چيو:

”چري حڪم ڪر تون!“

”ڀلو وڳو وٺي ڏجانءِ مون کي، پهرين پگهار مان.“

”دعا ڪر، نوڪري ملي…“ حاجن اٿاهه پيار مان ڀيڻ کي چيو: ”وڳي سان گڏ سونيون واليون به وٺي ڏيندومانءِ.“

”سونيون واليون!!“ حاجران کان بي ساخته رڙ نڪري وئي ۽ خوشيءَ مان اکين ۾ ڳوڙها تري آيا، پوءِ ته ٻئي هٿ پنهنجي ڳلن تي رکندي ڀاءُ کي دعائون ڏيڻ لڳي.

حاجن ماني کائي ماءُ وٽ آيو ۽ ماءُ جي پيرن تي هٿ رکي موڪلايائين.

حاتان جهٽ ڏئي مصلي تان اُٿي ۽ حاجن جي پيشاني چمندي چيو:

”ابا! رب رسول ڪندو سڏي نوڪري ملندئي.
”کائيندين اوباريندين ڪڏهن نه هٿ مُنجهندئي، اَلهه سائين وار وار ڄمار ڏيندئي!“

حاجن بس تي چڙهي، ڪراچيءَ روانو ٿيو، هُو شام پنجين بجي ڪراچي پهتو ۽ سهراب ڳوٺ لٿو، ان وقت سهراب ڳوٺ جو پورو علائقو گولابارود جي ڪاري ڪڪر هيٺ آيل هو، گولين جي گرم گرم برسات وسي رهي هئي ۽ بارود جي بوءِ واسيل هوا هلي رهي هئي، اڄ ٻن پهرن جو ان وقت خونريز لڙائي شروع ٿي، جڏهن ٻن مختلف فرقيوار تنظيمن جا ماڻهو، دين جي خدمت خاطر هديو، خيرات، صدقو، مدد، چندو (ٻين لفظن  ۾ ”ڀتو“ پر دين جي خدمت واري چادر ۾ ويڙهيل) اوڳاڙيندي اوڳاڙيندي هڪ ئي وقت ساڳئي دڪان تي پاڻ ۾ آمهون سامهون ٿي پيا ۽ هڪٻئي کي ٻئي ڌريون پاڻ ۾ هٿين پئجي ويون ۽ پوءِ هلندي جهيڙي ۾ ٻنهي ڌرين موبائيل فون ذريعي پنهنجا پنهنجا هٿياربند ماڻهو گهرائي ورتا، چند منٽن ۾ جديد هٿيارن سان زوردار فائرنگ شروع ٿي وئي ۽ پورو علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو. پکي پنهنجا آشيانا ڇڏي، ڦر ڦر ڪندا آسمان ڏانهن اُڏريا، ماڻهو جان جي امانَ گهُرندا، هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙڻ لڳا، دڪانن جا شٽر هيٺ ڇڪجي ويا، روڊن تان ٽريفڪ الائي ڪاڏي غائب ٿي وئي… پر اتان جا روڊ، رستا ۽ شاهراهه اڃا چٽا چمڪي رهيا هئا، ڄڻ ته چغل خور بڻجي، تڪي رهيا هجن ۽ هر ايندڙ ويندڙ کي ٻڌائي رهيا هجن ته چند گهڙيون اڳ هتي چهچٽو ۽ رونق هئي ۽ زندگي پنهنجي جوڀن سان روان دوان هئي!

حاجن تسبيح سورينديو ۽ رب کي انبيائن جا واسطا ڏيندو، گولين جي گونجار مان نڪتو، هُو هڪ مني بس ۾ چڙهي، پنهنجي دوست جي گهر، گلستان جوهر روانو ٿيو، اتي پهچندي ٽي.ويءَ تي هلندڙ بريڪنگ نيوز ذريعي کيس معلوم ٿيو ته سهراب ڳوٺ ۾ ٿيل فائرنگ ۾ هن مهل تائين اٺ واٽهڙو موت جو کاڄ ۽ پندرهن کان مٿي زخمي ٿي پيا آهن، مري ويلن ۾ عورتون، ٻار ۽ پوڙها به شامل آهن.

حاجن دوست جي گهر رات جي ماني کائي رهيو هو ته اوچتو ويجهي مفاصلي تان هڪ زوردار ڌماڪو ٿيو، سڄو علائقو ڏينهن جيان روشن ٿي ويو ۽ ڌرتي لرزي وئي، حاجن جي ڄياڙي هڪ هنڌ ڄمي وئي ۽ چٻاڙيل گراهه نڙيءَ ۾ اٽڪي پيو، هن مانيءَ مان هٿ کڻي ڪڍيا.

”انهن ڌماڪن تي ڪَن ئي نه ڌر تون…“،
”ماٺ ڪري ماني کاءُ.“ دوست کيس تسلي ڏيندي چيو.

”پر…هي ته بم جو ڌماڪو هو شايد…“ نِراڙ تان پگهر اُگهندي حاجن پنهنجي دوست کي چيو: ۽ هو به شايد سامهون واري روڊ تي، جو ڪنن تان اڃان تائين زيل نه لٿي آهي!

اصل ۾ سڏ پنڌ تي، پنجاهه ايڪڙ کن زمين جو ٽڪرو ٿيندو… جيڪو سرڪار جو آهي ۽ خالي پيل آهي، ان تي قبضي لاءِ شهر جي ٻن لساني تنظيمن وچ ۾ ڪافي وقت کان جهيڙو هلندڙ آهي ۽ هر روز اهڙا ڌماڪا…ڌماڪي جا تفصيل ٻڌائيندي حاجن کي چيو.

”۽ سرڪار باقي…!“ دوست جي ڳالهه ڪٽيندي، حاجن اٻهرائي مان پڇيو.

”زمين جو رڳو اهو ٽڪڙو نه آهي…“ ”پر لکين ايڪڙ زمين آهي، ان کان علاوه سنڌ جا ٻيا وسيلا ۽ مال ملڪيتون آهن، جيڪي حڪمرانن پاران، نادر شاهي، احمد شاهه ابدالي ۽ مغل ٽولن کي خراج طور پليٽ ۾ رکي ڏنا ويا آهن.“ ڳالهه رکندي دوست کيس چيو.

”اهي ته رهيائي نه آهن هاڻي، باقي خراج ڪنهن کي!؟“ حاجن حيرانگيءَ مان پڇيو.

هاڻي انهن جي پونئيرن ۽ باقيات کي! جذباتي انداز ۾ دوست چيو، ”جيڪي اڄ به پنهنجي وڏن واري واٽ تي عمل پيرا آهي، صرف طريقه ڪار تبديل ڪيو ويو آهي، هاڻي اهي پنهنجا پاليل غنڊا ۽ دهشتگرد شهر ۾ ڇڏي، ڦرمار ۽ اغوا جون وارداتون ڪري، ماڻهن کي اذيتون ڏئي، بيدرديءَ سان قتل ڪري ۽ لاش ٻورين ۾ وجهي، روڊن رستن تي ڦِٽا ڪري، حساس ۽ ٻرندڙ معاملن تي اهڙي طرح تيل ڇڙڪائي، ماڻهن جي سينن ۾ نفرت جو ٻِج ڇٽي پاڻ ۾ ويڙهائي ۽ خونريزي ڪرائي، حڪمرانن کان پنهنجا جائز ناجائز مطالبا مڃرائي رهيا آهن، ائين ٻنهي ڌرين جي حوس، هڪ ئي اقتدار ۾ رهي ڪري پاور حاصل ڪرڻ ۽ ٻئي کي اقتداري ڌرين سان گڏ رهي پئسو حاصل ڪرڻ جو پورائو ٿيندو رهيو.“

”۽ عوام اهوئي بکيو، اُڃيو ۽ انگين اگهاڙو!“ دوست جي ڳالهه جي تائيد ڪندي حاجن چيو: ”عوام جي فلاح بهبود ۽ تحفظ لاءِ حڪمرانن کان هڪ روپيو به خرچ ڪيو نه ٿيندو، پر پنهنجي تخت جي تحفظ ۽ سلامتي لاءِ سنڌ جا سڀ وسيلا ۽ مال ملڪيتون وڪڻندي، دير نه ڪندا، ايتري تائين جو انگين اگهاڙي عوام کي به اقتدار جو بَکُ بڻائيندي، سندن ناحق خون وهائيندي دير نه ڪندا.“

اتي ٽي.وي تي بريڪنگ نيوز اچي وئي،
’گلستان جوهر ۾ ٻن ڌرين وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ… ٻن واٽهڙن، جن ۾ هڪ عورت به شامل آهي، سوڌو پنج ڄڻا اجل جو شڪار ۽ ڏهن کان مٿي زخمي…!!‘

حاجن صبح سوير تيار ٿي، انٽرويو ڏيڻ لاءِ صدر پهتو، نائين بجي کان شروع ٿيندڙ انٽرويو، يارهين بجي تائين شروع نه ٿيو هو، سوين اميدوار انٽرويو جي انتظار ۾ ميدان ۾ اڃان بيٺائي هئا ته اوچتو فائرنگ شروع ٿي ويئي، پورو علائقو زوردار ڌماڪن سان گونجي اُٿيو ۽ ڌرتي ڌُڏي وئي، آسمان ۾ ڪارو ڌنڌ ڇانئجي ويو ۽ باهه جا شعلا، ٽانڊاڻن جيان، اُڏري اميدوارن مٿان ڪِري رهيا هئا. اميدوارن جون رڙيون دانهون ۽ ڪيهون ڪوڪاٽ پئجي ويا. هرڪو جان جي اَمانَ گهرندو، اڻ ڏٺي منزل ڏانهن ڊوڙڻ لڳو، حاجن به تسبيح سوريندو ۽ الله کي آزيون نيازيون ڪندو، ڀڄي وڃي ڀر واري هوٽل ۾ تنور جي ٿَلهي پويان لڪي جان بچائي.

ٻن موٽر سائيڪلن تي سوار چار ڄڻا، انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪرڻ کان پوءِ زوردار نعرا: هڻندا فرار ٿي ويا.

ڪجهه لمحا اڳ اميدوارن جا جتي ڀوڳ چرچا ۽ ٽهڪ هئا، اتي هاڻي آنهون دانهون ۽ سِسِڪيون سُڏڪا هئا. ڪجهه وقت اڳ اميدوارن کي جتي رنگ برنگي ڪپڙن سان گڏ رنگ برنگي آسون، اميدون ۽ خواب خيال هئا، اتي هاڻي رت ۾ ريٽا زخمي ۽ چچريل لاش ۽ زخمي هئا.

حاجن هوٽل ۾ تنور جي ٿَلهي پويان ويٺي، دل ۾ پڪو پهه ڪيو ته هاڻي واپس ڳوٺ ويندو، پر هتي نه رهندو.

اتي هوٽل ۾ ويٺي، ٽي.ويءَ تي بريڪنگ نيوز اچي وئي.

’صدر ۾ انٽرويو ڏيندڙ اميدوارن مٿان، اڻڄاتل ماڻهن جي انڌا ڌنڌ فائرنگ… اٺ ڄڻا موت جو کاڄ… ويهن کان مٿي زخمي…!!‘

حاجن مني بس تي چڙهي، سهراب ڳوٺ بس اڏي ڏانهن روانو ٿيو، سيٽ تي ويهندي ئي گَهري سوچ ۾ گُم ٿي ويو.

هتي هر وقت غير يقيني واري ڪيفيت رهڻ ڪري ماڻهو به يقين ۽ اعتماد وارن لفظن کان بلڪل ناآشنا بڻجي چڪا آهن، يقين ۽ اعتماد ڪرڻ لاءِ تيار ئي نه آهن، هتي ٻين فيڪٽرين ۽ ڪارخانن سان گڏ بدامني، بدڪرداري، بداعتمادي ۽ بدڪاريءَ واريون فيڪٽريون به چوويهه ڪلاڪ هلندڙ آهن ۽ پنهنجي پيدوار ۾ مسلسل اضافو ڪري رهيون آهن. هتي هر گهٽي، پاڙي ۽ روڊ رستي تان هر وقت بارود جي بوءِ ايندي رهي ٿي، ڄڻ ته هيءُ شهر نه پر گولابارود جو وڏو ڪو گُدام هجي.

حاجن کي هاڻي گذريل واقعا ياد اچي رهيا هئا ۽ اهي سندس ذهن جي اسڪرين تي پُليءَ مٿان پٽي جيان، بار بار ڦرندا رهيا.

سهراب ڳوٺ ۾ فائرنگ، اٺ ڄڻا موت جو شڪار ۽ پندرهن زخمي، گلستان جوهر ۾ پنج موت جو کاڄ ۽ ڏهن کان مٿي زخمي، صدر ۾ اٺ موت جي مُنهن ۾، ويهن کان مٿي زخمي، هاڻي الائي ڪٿي… الائي ڪنهن جو وارو… الائي ڪيترا زخمي… ۽ الائي ڪيترا موت جا مهمان…

بس کي اوچتو بريڪ لڳي، هڙئي مسافر اڳين سيٽنُ سان ٽڪرائجي ويا ۽ حاجن به جهٽڪي لڳڻ سان خيالن واري دنيا کان ٻاهر آيو. سندس خيال، ٽُٽل شيشي جيان، منتشر ٿي ويا ۽ سوچ ويچار جي سنهي تند ٽُٽي ٻه اڌ ٿي پئي. هن مُنهن مٿي ڪري ڏٺو ته بس لالو کيت جي مين روڊ تي بيٺل هئي.

بس ٻيهر هلڻ لڳي، دريءَ کان ويٺل حاجن ٿڌڙي هوا لڳڻ ڪري وري خيالي دنيا ۾ گُم ٿي ويو.

ڪيئي صديون اڳ سمنڊ جو ڪلاچيءَ جو ڪُن، اڄ به اڳي جيان موجود آهي، اڄ به واڳون، پنهنجا خطرناڪ ۽ آدم خور ڏند ڪڍيو، ڪُن ۾ ڪيڻون پيو ڪري، اڄ به بُک آهي ۽ جيئرا ماڻهو ڳهڻ وارو سلسلو ساڳئي آب و تاب سان جاري آهي، هاڻي فرق صرف ايترو آهي ته اڳ ۾ هو ماڻهو کڻي لڪي ڇپي ويندو هو،  پر هاڻي هُو شڪار ڪرڻ کان پوءِ به اسان سان گڏ ويٺو آهي ۽ ڳوڙها ڳاڙي، هٿ ٺوڪي همدردي پيو ڪري…“

اوچتو زوردار فائرنگ شروع ٿي ويئي ۽ بس باهه ٻرندڙ شعلن ۽ ڪاري دونهين ۾ وڪوڙجي ويئي. مسافرن ۾ رڙيون رانڀاٽ، دانهون ۽ ڪوڪون پئجي ويون، سڄي بس رت ۾ ريٽي بڻجي وئي، حاجن به رت ۾ لت پت بڻجي ويو ۽ بس جي تري ۾ ڇڙيون هڻندي، بچايو بچايو، وارو ڪريو مون کي بچايو…، جا اُڀ ڏاريندڙ دانهون ڪري رهيو هو ۽ مدد لاءِ سڏي پڪاري رهيو هو، پر جيئن ته هاڻي مورڙو ميربحر هتي موجود ڪونه هو، جو هن جي مدد ۽ واهر لاءِ اچي جان بچائي ها…

بهادر ٽالپر

 

 

 

ياد جي لڪير تي

 

اُن ڏينهن اوچتو هُن جو ايس،ايم،ايس پهتو، اوچتو اِن ڪري ٿو چوان جو ڪو وقت هُن ۽ مون وچ ۾ اهڙي قسم جي خوشگوار هوا اڳ ڪانه گُهلي هئي....! آءٌ ان ويل باٿ روم ۾ حاجت، روائيءَ لاءِ ويل هوس. ٻاهر نڪتس ته محسوس ٿيم مٿي تي ڪو جيت جڻو سُري رهيو آهي... جيئن ئي مٿي ڏانهن هٿ وڌايم ته هڪ ڪوريئڙو هٿ تي چڙهي آيو....! اهڙي موڙ تي جڏهن ماڻهو تڪڙ ۾ هوندو آهي ته ڪانه ڪا شيءَ رنڊڪ بڻجي ويندي آهي....!

ذهن سوچن جو ڄار اُڻڻ لڳو... ڄڻ ذهن به ڪوريئڙو بڻجي پيو....! صبح سويل آخر اهو ميسيج ڪنهن جو ٿي ٿو سگهي؟ سوالن جو خمار ذهن جي البيلين اکين ۾ پنهنجو آکيرو ٺاهيندو ويو... ۽ ماضيءَ ڏانهن موٽ کائيندي ڪن ريشمي وارن ۾ وڃي اٽڪيو...! جاري ۾ ڪجهه ڪتاب هئا جن تي ڄميل مٽيءَ جي دز منهنجي سست پڻي تي گواهه هئي... ۽ جاري ۾ موجود نظر وارو چشمو منهنجي جوانيءَ تي طنز جو علامتي اظهار هو....! جاري ۾ مَسُ واري پين ۾ سُڪي ٺوٺ بڻجي ويل مَسُ ٻڌائي رهي هئي ته ان پين کي استعمال ڪرڻ وارو يا ته مري چڪو آهي... جيڪڏهن نه ته هُو اڄڪلهه بال پين جي استعمال پٺيان ائين آهي. جيئن ڪو ٻار بيٽ-بال پويان هجي....!

اول ليکڪ مس واري پين استعمال ٿي ڪئي...! وڏو پٽس تڏهن سندس لکيل اکر ڏسي چوندو هو: ”ڪاش! اهڙا اکر آءٌ به لکي سگهان....!“ ۽ پوءِ الاءِ ڪهڙو واچوڙو آيو.... ۽ ڪهڙيون اڄاڻيون هوائون گهُليون.... جو ليکڪ جي آڱرين جي وٿين مان اهو قلم ئي ڇڏائجي ويو....!

هن ان قلم جي ڪهاڻي پڇي هئي مون کان... ته مون ڏانهس اهڙي اجنبيت مان ڏٺو هو ڄڻ کيس ٻڌائيندو هجان ”آءٌ ان قلم جي ڪهاڻي ڇا ڄاڻان...؟ قلم ته قلم هوندو آهي جنهن مان ڪروڙين ڪهاڻيون نڪري چڪيون آهن البت خود قلم جي ڪهاڻيءَ ڏانهن ڪنهن به توجهه نه ڏنو آهي...!!“ هن جي پاند ۾ ڪا ازلي اُڃ هئي ۽ اکين ۾ اٽڪيل اڻ-ڏٺل سپنا...! اکين جي پرسرار هڪ وادي هئي... جنهن ۾ هڪ اجنبي شهر هو... هن چاهيو ته ڪوئي اهو شهر ڏسي... ۽....۽.... پوءِ هن هڪ رات پنهنجو هڪ پيارو سپنو منهنجي نانءُ ڪيو ته جيئن اسان ٻئي گڏ اهو شهر گهمي سگهون....!

....عورتاڻي احساس مان جڙيل اهو شهر ڏاڍو خوبصورت هئو... جنهن جي گلستان ۾ ڳاڙها، پيلا، نيرا، ساوا ۽ ٻيا سهڻا سهڻا گل هئا... جنهن جي رستن تي رونق ئي رونق هئي.... پر ان رونق جي پس-منظر ۾ ڇا هو...؟ شايد ايندڙ وقت کي ان جي سُڌ هئي...!! ۽.... هن جي ذهن ۾ به انديشا هئا... امڪان هئا... ۽ ماڻهو انديشن ۽ امڪانن وچ۾ الاءِ ڇو فيصلو ڪري وٺندو آهي ۽ پوءِ هن مون کان پڇيو هو: ”منهنجو هُن سان ازدواجيت وارو رشتو ڪامياب رهندو يا ناڪام...؟ ته چيوهومانس: ”ڪاميابي ۽ ناڪامي هڪ ئي ساهمي جا ٻه-پُڙ هوندا آهن... جيئن اوهان ٻئي رشتهء ازدواج جي ساهميءَ جا ٻه پاسا هوندا.....! وڌيڪ چيوهومانس اوهان ٻنهي سراپائن وچ ۾ ٽيون سراپا وسري ته نه ويندو....؟ وراڻيو هئائين اڳتي منهنجي سُئي شايد ان ئي سوال تي اٽڪيل رهي... اهڙو سوال تنهنجي ذهن ۾ آخر آيو ڪيئن....؟! ته وراڻيوم آخر انسان آهيان..... ايندڙ وقت جو تصور منهنجي من ۾ بڙڇي بڻجي لهي رهيو آهي... ته چيائين: اهڙا سوال نه سوچيندو ڪر جيڪي زندگيءَ ۾ بي- معنائي جو باعث بڻجن!! ته چيومانس بي- معنائي ۽ بامعنى ئي ڄڻ خزان ۽ بهار هونديون آهن... ڪنهن جي ياد جي لڪير تي رهندي ماڻهو ڄڻ بهار ۾ هوندو آهي.... ۽ ڪنهن کان وسرندي ڄڻ خزان ۾ هليو ويندو آهي....! هرڪو مصور تصوير ٺاهي ٿو... پر ملهه هر تصوير جو ڌار هوندو آهي ۽ ان ملهه موجب ئي تخليقڪار جو قدر ٿيندو آهي....!!

منهنجو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهلي هُوءَ ڪجهه وقت لڪيرون ڏسندي رهي ۽ پوءِ پنهنجي هٿ جي تري ڏٺائين جنهن ۾ ڄڻ منهنجو ڏک ساڻس مسڪرائيندو رهيو...! اهڙين ئي ڪيفيتن ۾ پنهنجو اُڃايل من هڪ ٻئي کي آڇيندي وقت جي تاج محل هيٺان ڪجهه دير بيٺا رهياسين...!!

اُڃ ڇا ٿيندي آهي... اُڃ ڇو ٿيندي آهي... پيار جو پاڻي جيڪر پيدا نه ٿئي ها... ته شايد اُڃ به وجود نه وٺي ها... ماڻهو جي اندر ۾ طوفان نه اٿن ها... اندر ۾ باهه نه لڳي ها... ماڻهو اُڃ اُڃ ڪري پوءِ ڪيئن اٿن ها.... اُڃ ڄڻ جڙي ٻُوٽي هوندي آهي... جنهن جي بيمار کي تلاش هوندي آهي... جيئن هُو پنهنجي بيماري اڃا وڌيڪ وڌائي سگهي... اُڃ اجهاڻل باهه جي رک ۾ چڻنگ هوندي آهي....! اُڃ اڻ-ڏٺل انڊلٺ آهي. جنهن جا رنگ ئي ٻيا هوندا آهن.. جيڪا اُڃايل روح جي آڪاس تي اڀري وڌيڪ اُڃارو بڻائي ويندي آهي...!

هيءُ ڪهڙو جيون آهي... هيءَ ڪهڙي زندگي آهي. ماڻهو اول اول ڄمي ٿو ته روئي ٿو... خود ماڻهوءَ کي سُڌ نه هوندي آهي ته ڇا لاءِ ٿو روئي...؟ مرڻ لڳي ٿو تڏهن به روئي ٿو... ڪنهن سان محبت ڪري ٿو ته اکين ۾ کِلي ٿو... ۽ اندر ۾...!! چپ-چپن سان ملن ٿا ته ڪائنات هڪ هنڌ بيهجي وڃي ٿي... ۽ وقت ڊُڪندو رهي ٿو... اها جاءِ جتي اهو سڀ ڪجهه ٿئي ٿو. الاءِ ڇو هانوَ ۾ ڇَپجي وڃي ٿي....!!

ليکڪ شين مان پنهنجي معنى تلاشڻ جا عادي هوندا آهن... انڪري سندس حساسيت ۽ تخليقت مس واري پين جي مس مان لڙڪن جي معنى خلقڻ لڳي هئي:

”لڙڪ نه لکڻ ڏين، ڪريو پون قلم تي“

هن ان پين سان هونئن ڪيئي ٽريجڪ ڪهاڻيون سِرجيون هيون... اها ٻي ڳالهه هئي ته سندس اندر ۾: ’سڃاتئه نه سائل، خدا خوش رکيئي...‘
جهڙي ڪا صدا هئي....!!

انهن ڪهاڻين مان هڪ ”هُن“ بابت هئي. جنهن ۾ هن جا احساس ۽ ڪي ازلي خمار هئا... جاڙا ابرو هئا.... ڄڻ اهي ڪارا ڪڪر هئا...

”ڀرون ڪارا ڪڪر تن جا، اُداسين ۾ اڙايل ارڏا.“ ڪهاڻيءَ ۾  ٻيون ضمني ڪهاڻيون هيون... ڀيڻس جي پرڻي جو ويراڳ هو... درد هئا... سُڏڪا هئا.... ۽ ڀيڻس ساڻس پنهنجا ڏک سور شيئر ڪري رهي هئي....!

پوءِ جڏهن سندس سماعتن ۾ پنهنجي ئي پرڻي جا دهل-دمام وڳا ته هيڪار ڇرڪ نڪري ويس... ڄڻ ڪنهن خوفناڪ خواب مان جاڳايو هجيس... سندس دل جي ڌڪ....ڌڪ.... نارمل ٿيندي اکين ۾ آس جا ڏيئا چمڪيس:

”چوڙيليءَ چمڪائيا، اکين جا الماس“

هوءَ ڀيڻس ۽ مڙسهنس سان هاڻ آمريڪا ۾ هئي...! آمريڪا ڏاڍو پري هو، پر هوءَ ويجهو هئي... ۽ آهستي آهستي هوءَ به ڄڻ پري پئي ٿيندي وئي... فونن پڄاڻان ايس.ايم.ايس.... ۽ پوءِ ڊگهو وقفو...!! ڊگها وقفا خزائن جي موسمن جي سڃاڻپ هوندا آهن....! کانئس تڏهن ڀيڻس بابت پڇيو هوم ته چيو هئائين: ”سندس پرڻو ڪنهن معمولي فرم جي ڪلارڪ سان ٿي ويو آهي...!“ ائين چئي هن هڪ ٽهڪ ڏنو هو... ڄڻ ڀيڻس تي طنز ڪندي هجي....! ڇاڪاڻ ته مڙسهنس بزنيس مين گاڏي بنگلي ۽ بئنڪ بئلينس جو ڌڻي هو... جنهن وٽ زندگيءَ جا پنهنجا قدر هئا....!!

مون هٿ ڇنڊي ڪوريئڙي مان جند آجي ڪرائي جلدي جلدي جاري مان وڃي موبائل سيٽ کنيو... اِن باڪس کوليم ته هن يعني خوشبوءَ جو ايس.ايم. ايس هو:

”ڊيئر ساحل! مون کي ڏک آهي ڪيترو وقت توسان رابطي ۾ نه رهڻ جو... سچ ته آءٌ خمار ۾ هئس.... جيڪو هاڻ لهڻ شروع ٿيو آهي... تو ڪنهن ميسيج ۾ ڪجهه لکيو هو... ۽ شايد ته اهو سچ لکيو هو... ڌن ۽ دولت، مال ۽ ملڪيت جيڪر خوشيون ڏين ها ته آءٌ ضرور هتي خوش رهان ها... مون کان ته منهنجي ڀيڻ معمولي ڪلارڪ سان خوش آهي... ڪاش!!!!“

ايس.ايم.ايس پڙهي آءٌ ڪمري مان ڊوڙ پائي ٻاهر نڪتو هوس... آڪاش ۾ ڏٺيم ته هڪ ڪڪر ڄڻ نماڻي نار جو روپ ڌاري روئي رهيو هو ۽ پري کان سج ان تي باهه جا آلا اُڇلي ڄڻ غضبناڪ ٿي رهيو هو.... مون اندر ئي اندر ۾ هڪ بڙڇي لهندي محسوس ڪئي ۽ خوشبوءَ کي ريپلاءِ ۾ لکيم:

”آءٌ اڄ پڄاڻان جاري ۾ سنڀالي رکيل ان مس واري پين ۾ مس بدران ڳوڙها ڀري وري ٽريجڪ ڪهاڻي لکندس....!! تون دلجاءِ ڪر تنهنجو ڏک منهنجو ڏک هوندو... تنهنجي خوشي منهنجي خوشي هوندي....!!!“

شفيق الرحمان

 نوشابه صديقي

وڏي آپا

 

هُو ڀاءُ سان گڏ هميشه اسان وٽ ايندو هو. ڪافي سالن کان ٻئي گڏ پڙهندا هئا. پهرين جڏهن منهنجو ڀاءُ هن جون ڳالهيون ڪندو هو، ته منهنجيءَ دل ۾ ڪتڪايون ٿيڻ لڳنديون هيون. وڏي فخر سان سينو ويڪرو ڪري چوندو هو: ”اڄ رفيق هيءُ ڪيو“… ”هو ڪيو“، ”ايترا نمبر ڪيا....“، ”فلاڻي راند ۾ حصو ورتو...!“

منهنجي ڀاءُ جي ۽ هُن جي جوڙي ڀلي هئي. هڪجهڙو قد، جسم ۽ عادتون به، ٻئي سينيما جا عاشق، ٻئي کيڏڻ ڊوڙڻ جا ديوانا، جڏهن سائيڪلن تي هڪٻئي جي ڪلهن تي هٿ رکي، روڊ تي ويندا ته سڃاڻڻ مشڪل ٿي ويندو هو، پر هڪ فرق هو، منهنجو ڀاءُ سانورو هو ۽ هو رنگ جو صاف هو. تنهنڪري ئي نيرا ۽ ڪارا سوٽ هن جي رنگ کي نمايان ڪري ڇڏيندا هئا. اهي رنگ منهنجي ڀاءٌ کي سٺا نه لڳندا هئا. ها هڪ ٻي ڳالهه به هئي، اُها هيءَ ته هن جي نڪ تي سدائين ڪاري رنگ جي عينڪ پاتل هوندي هئي. ڀاءُ جي ٻڌائڻ تي خبر پئي ته سائين جن سينيما گهڻي ٿا ڏسن، جنهنڪري ئي سندس اکيون ڳاڙهيون ٿي وينديون آهن، تنهنڪري هي عينڪ پائي ٿو.

مان هُن کي لڪ ڇپ ۾، شيشن مان ته ڪڏهن ڪنهن آڙ ۾ ڏسندي هيس. وڏو قد، ورزشي جسم ۽ وکريل وار، چهري تي هڪ عجيب قسم جي معصوميت هئس، جڏهن ڳالهائيندو ته ٻالڪپڻو ٻارن جيان سندس چهري تي ڇانئجي ويندو هو ۽ هو ڪو اهڙو حسين به نه هو، نه وري نقش سٺا هئس. هُو گهڻو ڪري روز اسان وٽ ايندو هو، ڪڏهن منهنجو ڀاءُ پهرين گهر هليو ايندو هو ۽ هن جي اچڻ جو انتظار ڪندو هو، ۽ جنهن ڏينهن هو نه ايندو هو؛ ادا بي چين ٿي ويندو هو، گهڙي گهڙي در تائين ويندو ۽ واچ ڏسندو هو. ڪڏهن مون کان وقت پڇندو هو ۽ جيئن ئي هُن جي سائيڪل جي گهنٽيءَ جو آواز ڪنن تي پوندو هئس ته چهرو ٻهڪي پوندو هئس، يڪدم ڀڄي ٻي ڪمري ۾ وڃي لڪي ويندو هو، هُو ڀڄندو ايندو هو. نوڪر اڳيان کان چوندو هو ته، ”هُو ته ٻاهر هليا ويا.“ اها مذاق هر ڀيري ساڻس ڪئي ويندي هئي. پر هو هميشه سچ سمجهي موٽڻ لڳندو هو. ڀاءُ ڊوڙي وڃي کيس ڀاڪر پائي چنبڙي پوندو هوس، ۽ پوءِ ڳالهيون شروع ٿينديون ته خدا جي پناهه، رات ٻارنهن وڳي تائين ٻئي ويٺا هوندا هئا. ٻئي ريڊيو واري ڪمري ۾ ويهندا هئا ۽ ريڊيو بند ڪري ڳالهين ۾ لڳي ويندا هئا. منهنجو هانءُ سڙندو هو، ته جي اها امير حمزه جي ڪهاڻي شروع ڪرڻي به هئي، ته هن ڪمري ۾ ئي ڇو ويهندا آهن ۽ پوءِ وري ريڊيو به بند ٿا ڪري ڇڏين، منهنجو ڀاءُ ڄاڻي به ٿو ته ان ڳالهه تان مان چڙي پوندي آهيان. هر دفعي مان ٻنهي جون ڳالهيون لڪي ٻڌندي رهي آهيان. اوچتو ڪنهن جي اچڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، دل ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳي، پگهرجي ويس. سوچيندي هئم ته جيڪڏهن امان ڏسي ورتو ته ڇا چوندي، اتان ڊوڙ پائيندي هيس ۽ پنهنجي ڪمري ۾ وڃي ساهه کڻندي هيس. هڪ ڇوڪريءَ لاءِ ان کان وڌيڪ بيشرميءَ واري ڳالهه ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟ مان قسم کائيندي هيس ته هُن کي وري نه ڏسنديس. ڀلا هُن ۾ ڪهڙي خاص ڳالهه هئي آخر؟ ائين ئي معمولي ڇوڪرن جيان ته هو، ڀاءُ کي سٺو لڳندو هو، ان جو مطلب اهو ته نه آهي جو مون کي به سٺو لڳي، ۽ وري گهڙي گهڙي مان هن کي ڏسندي هيس. هن ڪهڙي ڏينهن ڪوشش ڪئي جو هو مون کي ڏسي، ماشاءالله منهنجي ڀاءٌ ۾ گهڻو ڪري سڀ خوبيون هيون، پر هڪ گهڻي خوبي نمايان اُها هئي ته ڀاءُ سگريٽ حد کان وڌيڪ ڇڪيندو هو، جنهن جو ڪو حساب نه هو. امڙ ۽ بابا جي سمجهائڻ باوجود به نه سمجهندو هو. امڙ کي منهن ٺاهي چوندو ته: ڪٿي ڇڪيندو آهيان سگريٽ؟ ڪڏهن ڏٺو اٿوَ، سندس جاسوسي ڪندا هئاسين. هڪ شام مان ڪاليج کان ڪجهه دير سان گهر پهتيس، هوريان پردو پري ڪري آهستي داخل ٿيس، منهنجيون اکيون خوشيءَ ۾ چمڪي اٿيون، منهنجو ڀاءُ ريڊيو جي ڀرسان آرامده ڪرسي تي پٺي ڏيئي ويٺو آهي ۽ سگريٽ جو دونهون هڪ وڏي شان سان پيو ڪڍي. پاڻ ڪرسي جي اندر ڦوساٽجي ليٽيو پيو هو، مٿي تي هٿ رکيل، جيئن پري کان مٿو نظر نه اچي،  جيئن ڏسڻ وارو سمجهي، ڪرسي تي هڪ هٿ رکيل آهي، مون بنا کڙڪي جي ميز تي ڪتاب رکيا، ڌيرج سان وڌيس، هڪ هٿ سان هيٽ، ٻئي هٿ سان سگريٽ ڦُريم، هو ڇرڪي اٿيو… توبهه… جيڪو نظارو مون ڏٺو، حيرت ۾ پئجي ويس. هي منهنجو ڀاءُ نه هو، پر ڀاءُ جو دوست رفيق هو! اتان واپس ڊوڙيس ته هوش نه رهيو، سامهون امڙ اچي ويئي. دروازي تي امڙ سان ٽڪرجي پيس، ”اهو ٻالڪپڻو ڪڏهن ويندئي؟“ امڙ دڙڪو ڏئي چيو. مون پنهنجي ڪمري ۾ وڃي ساهه پٽيو. رات جو دير تائين ننڊ ڪونه آئي. هو پنهنجي دل ۾ ڇا سوچيندو هوندو يا ته ڪڏهن سامهون ڪونه پئي آئي ۽ هي اوچتو جي بي تڪلفي؟ جيڪڏهن هو منهنجي ڀاءُ کي چئي نه وٺي ته منهنجو سگريٽ ڇڪڻ تنهنجي ڀيڻ کي سٺو نه لڳو، ته ڀاءُ ڇا سوچيندو ته ڪيڏي نه بدتميز آهي پر هڪ عجيب خيال دل تي سُرور طاري ڪري ڇڏيو. ڪجهه به ٿئي، آخر هُن به ته مون کي ڏسي ڇڏيو هو نه، پر ڪهڙي حُليي ۾؟

مون پنهنجي ڪپڙن تي هڪ نظر وڌي، چاڪليٽي رنگ جي شلوار ۽ ان ئي رنگ جي قميض ۽ رئو، جيڪو مان رئو اتي ئي ڇڏي آيس. مون پنهنجو پاڻ سان شڪايت ڪندي چيو. مون وٽ ته سٺا وڳا هئا… سٺيون ساڙهيون. ڪاش مون ان ڏينهن چمڪيلي بارڊر واري سائي رنگ جي ساڙهي پاتي هجي ها، منهنجا وار وکريل هئا، چهرو سڄي ڏينهن جي پڙهائيءَ ڪري مرجهائجي ويو هو، پر ٿي سگهي ٿو بجليءَ جي روشنيءَ ۾ شايد ڪجهه گلابي جهلڪ اچي ويئي هجي. هفتي کان پوءِ منهنجو ڀاءُ بيمار ٿي پيو هو. چڱو ڀلو ڪاليج مان آيو، رات جو بستري تي پئجي رهيو. بابا دوري تي ويل هو، امڙ، نوڪرياڻي ۽ ننو سڀ پاڙي ۾ ويل هئا. مان اڪيلي گهٻرائجي ويس، نوڪر کي موڪليم ته رفيق کي سڏي اچي. ان کان علاوه مان ڪري به ڇا ٿي سگهيس. گهڙي گهڙي سوچي رهي هيس، هُن سان ڪيئن ڳالهائينديس؟ سائيڪل جي گهنٽي وڳي، پردو کڻي اندر داخل ٿيو. مون کي پهرين ڏسي بيهي رهيو، پوءِ منهنجي ڀاءُ جي طرف ڏسي يڪدم اندر ويو.

”هي ڪڏهن کان بيهوش آهي؟“ مون ڏانهن بغير ڏسندي پڇيائين. مون جواب ڏنو ۽ ڪافي سوالن جا جواب اُلٽا اُبتا پئي ڏنم. اها هئي منهنجي ۽ هن جي وچ ۾ پهرين ڳالهه ٻولهه. ٻارن جيان هو شرمائي رهيو هو. مٿو هيٺ ڪري بغير مون ڏانهن ڏسڻ جي، سوال پڇندو رهيو، ۽ مان جهلي جهلي جواب ڏيندي رهيس. لفظ منهنجي گلي ۾ اٽڪيا پئي، پنجن ڏينهن ۾ ڀاءُ ٺيڪ ٿي ويو. هُن جي اڻٿڪ تيمارداريءَ جو نتيجو اهو نڪتو جو هو اسان ۾ رلي ملي ويو ۽ وري ننو جيڪو رفو ڀاءُ، رفو ڀاءُ جي رَٽ لڳائيندو رهندو هو. گهڻو ڀيرو سمجهايم ته بيوقوف ڪٿان جا، پهرين ته وڏن جو نالو نه وٺبو آهي ۽ اگر وٺجي به، ته ادب سان پورو وٺجي. هر ڏينهن نني جي کيسي ۾ چاڪليٽ هوندا هئا. ڪو اهڙو ڏينهن نه هو جو هو هُن سان واڪنگ تي نه وڃي. هڪ ڏينهن مون بيزار ٿي چئي ڏنو ته اوهان نني جي عادت خراب ڪري ڇڏي آهي. روز واڪنگ تي وٺي وڃوس ٿا ۽ روز چاڪليٽ به وٺي ڏيوس ٿا. هروڀرو جو بار آهي نه، اوهان تي؟ ته پوءِ توهان هن کي مون سان گڏ وڃڻ ڇو ڏينديون آهيو، روڪيوس نه؟“ هو کلي رهيو هو. هڪ ڏينهن مان ڪاليج لاءِ تيار پئي ٿيس، ٻاهران آواز آيو ”تار وٺو“..... ڀاءُ تار ورتي ۽ رڙيون ڪري چوڻ لڳو: ”وڏي آپا اچي رهي آهي.“ سچي! وڏي آپا اچي ٿي. مون خوشيءَ ۾ پڇيو. ڀاءُ تار وٺي امڙ کي ٻڌائڻ ويو. آپا سال کان پوءِ اچي رهي هئي. امتحان پاس ڪري چڪي هئي. وري اُهي ڳالهيون ٻڌائيندي ته رات جو سمهندي نه هيس. ڳچيءَ ۾ سور پئجي ويندو هو. جڏهن امتحان ڏنم ته بخار هو. مان به چوندي مانس منهن تي هر ڳالهه، هڪ سال کان پوءِ مان به سمجهدار ٿي ويئي آهيان. شام جو آپا اچي ويئي. وڏا وڏا ڀاڪر پائي ملياسين. پوءِ ڳالهيون شروع ٿيون، رات جا ٻه ٿي ويا. اوچتو آپا هڪ عجيب سوال ڪيو ”جيڪا تصوير ڀاءُ مون کي موڪلي هئي، اُن ۾ هڪ اڻڄاتل ڇوڪرو به هو، ڪير آهي هُو؟“ ”ڪو دوست آهي ادا جو،“ مون لاپرواهيءَ ۾ چيو ته مون کي به خبر آهي، نالو ڇو نٿي ٻڌائين هُن جو“، ”رفيق آهي هُن جو نالو.“ مون چيو.

”نالو ته ڏاڍو سٺو آهي، هونءَ هو پاڻ به سٺو آهي، هَنَ؟“ ”مون کي ڇا خبر، هوندو!“ مون منهن ٺاهي چيو. مون کي آپا جي تعريف سٺي نه لڳي، مون ٻئي طرف پاسو ورايو. ”ڇو ننڊ اچي پئي ڇا؟“ آپا پڇيو.

”ها“......!

ٻي ڏينهن آپا هُن کي ڏٺو، ڳالهيون ڪيون، ڪمري ۾ مان ۽ ادا به ويٺا هئاسين پر ڇا مجال جو آپا ڪنهن ٻي سان به ڳالهيون ڪيون هجن.

رفيق جي پويان ائين پئجي وئي جو نڪ ۾ دم ڪري ڇڏيائينس. آپا جي منهن تي مسڪراهٽ هئي ۽ رفيق جو چهرو لٿل هو. هُو صوفي ۾ دٻجي ويٺو هو. گهڻي ئي ڀيرا ڳالهه جو رخ مٽائي رهيو هو ته جيئن کيس ڇوٽڪارو ملي. اتي مان بي چين پئي ٿيس ته آخر آپا جو مطلب ڇا آهي، هن قسم جي سوالن سان: ڀاءُ سان ڪڏهن واقفيت ٿي؟ گهر ۾ اچڻ وڃڻ ڪڏهن کان شروع ٿيو. هي ڇوڪري (منهنجي طرف اشارو ڪري) توکي تنگ ته نه ڪندي آهي؟ سٺي ڇوڪري آهي نه! تون شرميلو آهين، ڇو آهين ايترو شرميلو؟ روز ايندو آهين نه؟ آپا کي ٿي ڇا ويو هو؟ تنهن کان پوءِ آپا جو گهڻو وقت آئيني اڳيان گذرڻ لڳو. صبح ساجهر کان شام لاءِ ڪپڙا چونڊي ڇڏيندي. شام جو واڪنگ کان اڍائي ڪلاڪ پهرين ميڪ اپ شروع، رفيق به پهرين کان وڌيڪ تيار ٿي اچڻ لڳو. وکريل وار سنورجڻ لڳا. ٽاءِ به ڪوٽ جي مطابق، اها تبديلي مون کي ڏسڻ ۾ پئي آئي، ڇو ته آپا مون کي انهن ڏينهن ۾ زهر لڳڻ لڳي. ڳالهه ڳالهه تي رفيق، هر وقت هُن جو نالو، جڏهن هو ايندو هو ته آپا جي ساهه ۾ ساهه ايندو هو ۽ پوءِ ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ جو خيال ئي نه، رفيق گهڻو شرمائيندو هو. ڳالهيون ڪندي ڪندي مون طرف ڏسڻ لڳندو هو، شڪايت ڪندو هجي. آپا سان مان گهڻي محبت ڪندي هيس. اسان ڀينرن ۽ ڀائرن ۾ وڏي هئي. مون ۾، ۽ آپا ۾ ڇهن سالن جو فرق هوندو. هونئنءَ به هُوءَ مون کي سٺي ته لڳندي هئي، پر جڏهن هو رفيق جو ذڪر ڪندي، يا هن سان ڳالهيون ڪندي، ته مان ديواني ٿي پوندي هيس. دل کي سمجهائيندي هيس ته هوءَ هُن کي کڻي ڀڄي ته نه ويندي. ڪجهه ئي ڏينهن لاءِ ته آئي آهي، هلي ويندي، ۽ پوءِ رفيق به ڪهڙو منهنجو ٿي ويندو. فقط ايترو ئي ته هو جو مون کي هُن ۾ دلچسپي هئي ۽ جيئن هُن جي ڳالهين مان لڳندو هو، هُن کي به مون سان ضرور انسيت هئي. نه هُن اظهار ڪيو، نه وري ڪڏهن مون.

سڄو قصور آپا جو ٿورئي هو. هُو به ڪهڙو ڀورڙو هو. آخر هر ڏينهن سنورجي ڇو ايندو هو؟ هڪ ڏينهن آپا هُن جي ٽائي پڪڙي مسڪرائي چيو. ”شرير ڪٿان جا، هر ڏينهن گلابي ٽائي پائي ايندو آهين. توکي خبر آهي نه، ته  مون وٽ گلابي رنگ جي گلن واري ڪا به ساڙي ناهي.“ مان سڙي ته ويس، ان جو مطلب اهو ته جهڙي ساڙهي آپا جي هجي، اهڙي ٽائي رفيق جي به هئڻ گهرجي. سبحان الله، ڇا منطق آهي! ۽ رفيق به بيوقوف هو. ٻي ڏينهن هي اُها ٽائي نه پائي آيو. هي مرد ايورسٽ تي چڙهي وڃن، سمنڊ جي گهرائي تائين پهچي وڃن، ڪهڙو به وڏو ڪم ڪري وٺن، پر عورت کي ڪڏهن نٿا سمجهي ۽ پُڄي  سگهن. ڪڏهن اهڙيون احمقانه حرڪتون ڪري وٺندا آهن جو، چڱي ڀَلي محبت نفرت ۾ تبديل ٿي ويندي آهي، ۽ پوءِ عورت جي دل، هڪ ٺوڪر لڳڻ سان ختم! مرد ڄاڻيندا به آهن ته حسد ۽ شڪ ته عورت جي رڳ رڳ ۾ سمايل آهي، پنهنجو پاڻ کي چالاڪ بڻائيندا آهن، پر مرد جي دل کي عورت هڪ ئي نظر ۾ سڃاڻي ويندي آهي ۽ وري رفيق جهڙو چريو ڪو به نه هوندو. مون هزار دفعا اشارن ۾ ذڪر ڪيو. ڪيئي ڀيرا صاف چيو ته مون کي هي ناز ۽ تال نه ٿا وڻن، پر هُن ڪنهن ڳالهه جي پرواهه نه ڪئي.

هڪ ڏاڍي سٺي فلم هلي رهي آهي، ادا پروگرام ٺاهيو آهي، ته شام جو فلم تي هلڻ جو رفيق کي به چيو اٿس. منجهند جو وقت هو، آپا منهنجي ڪمري ۾ ڊوڙي ايندي چيائين: تو وٽ ڪا ڪاري ساڙهي آهي؟

مون وارڊ روب ۾ رکيل هڪ گهاٽي چاڪليٽ رنگ جي ساڙهي طرف اشارو ڪندي چيو: ”ته نه اهڙي نه بالڪل ڪاري! جيئن منهنجا وار جيئن ڊنر سوٽ هوندو آهي.“ ڊنر سوٽ جو ذڪر مان هن نرالي تشبيهه تي حيران ٿي ويس، ٿورو هيٺ مٿي ڪپڙن کي ڪري آخرڪار ڪاري سلڪ جي  ساڙهي نڪتي ۽ بلاؤز؟ اهو به ڪاري رنگ جو، مون پڇيو: ”ها بلڪل ڪاري رنگ جو، مون بلاؤز به ڪڍي ڏنو، هوءَ خوش ٿي ويئي. بس ٺيڪ آهي ڪارا جوتا ته مون وٽ آهن. ڊوڙي ڪمري مان نڪري ويئي. شام ٿي، مون اڇي رنگ جي سادي ساڙهي پاتي، آپا ڪمري مان نڪتي، مٿي کان وٺي پيرن تائين ڪاري جوڙي ۾، اڇو منهن ڪاري ساڙهي ۾ چمڪي رهيو هو. ”آپا اڄ ڏاڍي سٺي ٿي لڳين!“ ”ڪوڙي ڪٿان جي، اڇا هيڏانهن ته اچ“ هوءَ مون کي ڇڪي آئيني ڏانهن وٺي ويئي، ”ڏس تون هن سادي ساڙهي ۾ مون کان به هزار دفعا سٺي ٿي لڳين.“ هُن چيو. ”خاڪ سٺي آهيان ڀلا ڪٿي اوهان ۽ ڪٿي مان؟“ سامهون واري ڪمري مان آواز پئي آيو، ”مان ته عاجز ٿي ويئي آهيان. هي رفيق به عجيب ڇوڪرو آهي. ڏس ته سهي هينئر تائين ناهي پهتو. اڃا تائين چريو ناهي پهتو.“ اهي الفاظ مون کي چڀي رهيا هئا، آخر آپا هن کي چريو چوڻ واري ڪير ٿيندي آهي؟ ”مون اڄ تائين اهڙو ڇوڪرو ناهي ڏٺو.“ آپا چيو. ”هاڻ ڪيستائين انتظار ڪنداسين، هلو آپا اسان پاڻ هلون ٿا، هو پاڻ ئي سينيما تي ويندو.“ ڀاءُ چيو. اسان گهڙيال ۾ ڏٺوسين. وقت گهٽ بچيو هو. آپا ان چڪر ۾ هئي ته رفيق جو انتطار ڪيو وڃي پر ڀاءُ نه مڃيو. اسان سڀ ڪار ۾ وڃي ويٺاسين. ڀاءُ مون کي اڳيان ويهاري ڇڏيو. ننو ۽ آپا پويان واري سيٽ تي، ٿوريءَ دير ۾ ڀاءُ سڏيو ”رفيق! هيڏانهن اچ، جلدي ڪر. ننا، تون اڳيان ويهه، رفيق تون هيڏانهن اچ.“ مون پويان مڙي ڏٺو. رفيق کي ڪارو سوٽ پاتل هو، بلڪل ڪارو ڪوٽ ساڳيو اهڙوئي جوتو، ڀاءُ نني کي اڳيان ويهاريو ۽ هو پوئين سيٽ تي ويٺو. مون کي باهه لڳي ويئي، هاڻ مان سمجهي ويس، آپا ڪاري ساڙهي ڇو پاتي؟ رفيق ڪيڏو نه مڪار نڪتو، اسان وٽ ان کان پهرين ڪارو سوٽ پائي ڪونه آيو. ضرور آپا فرمائش ڪئي هوندس. سينيما پهتاسين، ڀرسان ڪرسي تي رفيق کي ويهاريو، پاڻ سامهون پاسي واري ڪرسي تي ويٺي، انهن جي ڀر ۾ ننو ويهي رهيو، هڪ ڪرسي ڇڏي مان چوٿين ڪرسي کان پوءِ ويٺس، وچين ڪرسي ڀاءُ لاءِ ڇڏيم! توهان ايترو پري؟ رفيق پڇيو. مون ڪوبه جواب نه ڏنو، مون کي خبر ناهي ڪهڙي فلم هئي ڀاءُ ڇا چئي رهيو هو ۽ آپا ڇا چوي پئي. ڪجهه عجيب آواز منهنجي ڪنن ۾ اچي رهيا هئا. مٿو ڦريو، اکين اڳيان انڌيرو. مان تڙپي رهي هيس، فقط ڳوڙها ڪونه نڪتا اکين مان، باقي منهنجي روئڻ ۾ ڪا ڪسر نه رهجي وئي هئي. آپا ۽ رفيق پاڻ م کلي کلي مون کي ماري وڌو. فلم ختم به ٿي ويئي. خبر  ئي نه پئي، ڀاءُ منهنجي ٻانهن پڪڙي چيو: هَل! مان اٿي بيٺس، ڀاءُ ۽ آپا پويان پئي آيا. مان اڳيان سيٽ تي ويٺس، هاڻ مان ڪار هلائيندس.

رفيق منهنجي ڀرسان ڪار ۾ ويهندي چيو: ”توهان پويان ويهو.“ مون هڪ پاسي ٿي چيو، ”ڇو؟“ هو حيران ٿي ويو. ”بس ائين ئي! توهان پوئتي ويٺل سٺا ٿا لڳو.“ ”ڇا مطلب آ توهان جو؟“ هن پڇيو: ”توهان هتي ويهو آپا سان گڏ“. مون منهن ٺاهي ڦيري ڇڏيو هو ۽ آپا، ننو پويان ويهي رهيا. رستي ۾ فلم تي تنقيد ڪندا رهيا، پر مان چپ هيس. شايد ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪريان ها ته ڳالهائي نه سگهان ها. سڄي رات روئندي رهيس، ڪيڏا مڪار هوندا آهن هي مرد، انهن جي سامهون دل جي ڪابه قيمت ناهي هوندي. روئي روئي ويهاڻو آلو ڪري ڇڏيم. آخر صبح ٿي ويو ۽ منهنجي زندگيءَ جو منحوس ڏينهن شروع ٿيو جنهن ڏينهن مان سڀ ڪجهه وڃائي ڇڏيو. ڀاءٌ ڪاليج ۽ آپا ڪنهن سهيلي وٽ هئي. امڙ مٿي هئي ۽ ننو مون وٽ هو، دروازو کليو ۽ رفيق اندر آيو. هُن جو چهرو ايترو سنجيده هو جو ڪنهن حد تائين ڀوائتو نظر اچي رهيو هو. ”ٿورو هيڏانهن اچو، مون کي ڪجهه چوڻو آهي.“! ”ڇا آهي؟“ ”مون کي توهان سان ڪجهه ڳالهائڻو آهي“، ”جيڪو ڪجهه چوڻو آهي، هتي ئي چئي وٺو.“ مون وڏيءَ خار ۾ چيو: ”اوهان نه ٻڌنديون.“ هُن چيو: ”چوان جو ٿي، هتي ئي ٻڌائي ڇڏيو!“ ”اڇا توهان کي منهنجيون ڳالهيون ناگوار لڳنديون آهن.“

”ناگوار لڳنديون آهن؟ ڀلا مون کي ڇو ناگوار لڳنديون ڪنهن جون ڳالهيون، ڪو ڪجهه به چوي مون کي ڇا؟“ هو ڪجهه دير خاموش رهيو، هو سوچي رهيو هو ته ڇا چوي: ”مان اوهان کي هميشه غلط سمجهندو رهيس، پر مون ته اوهان کي ڪڏهن ڪو اشارو ناهي ڪيو جنهن سان اوهان کي غلط فهمي ٿي هوندي.“

”واقعي توهان ڪو اشارو نه ڪيو پر منهنجي حماقت هئي جو مون سمجهيو ۽ هاڻ  تائين سمجهندي رهيس. “

”مان هاڻ توهان کي ڪڏهن تڪليف نه ڏيندس. توهان جي مرضي، مون اوهان کي التجا ڪئي هئي…“ هُن عجيب نظرن سان مون طرف ڏٺو. جيئن چوندو هجي ته: اها اميد نه هئي… هُن جي چهري تي ڏک ۽ بي چيني هئي.

”ڏاڍو سٺو، توهان وقت کان پهرين ٻڌائي ڇڏيو ته توهان وٽ منهنجي ڇا حيثيت آهي، ڪاش! مون کي پهرين خبر پئجي وڃي ها… هڪ ٻي ڳالهه ٻڌائي ڇڏيان، ته مون کي اهڙي ئي قسم جي حالتن ۾ ٺڪرائجي وڃڻ جو اتفاق پهرين به ٿي چڪو آهي. مون کي ٺڪرائڻ واري توهان پهرين هستي ناهيو، خدا حافظ“! هن جي چپن تي هڪ ڀوائتي مسڪراهٽ هئي. مون خدا حافظ به نه چيو، مٿو جُهڪائي پردو کڻي بغير مون ڏانهن ڏسڻ جي، هُو ڪمري مان نڪري ويو. پردو لڏي رهيو هو… مون کي ائين محسوس ٿيو جيئن منهنجي قسمت تي هميشه لاءِ پردو پئجي ويو هجي. دل ۾ آيو ته سڏ ڪيانس پر زبان نه هلي سگهي، نڙي خشڪ ٿي ويئي. دل پئي چيو: زور زور سان روئان رڙيون ڪيان. باوجود ڪوشش جي، هڪ ڳوڙهو به نه نڪري سگهيو. مون هُن کي هميشه لاءِ وڃائي ڇڏيو. اُن کان پوءِ ڇا ٿيو. آپا ٻي هفتي واپس هلي ويئي. ايترا ڏينهن ٿي ويا هن واقعي کي، پر پوءِ به رفيق اسان وٽ ڪونه آيو، خدا ڄاڻي مُنهنجي ڀاءٌ کي ڇا چيو هوندائين. پوءِ هڪ ڏينهن ٻڌڻ ۾ آيو ته هو ڪٿي هليو ويو، سندس نه ڪو خط آيو نه ڪا خبر.

منهنجي دل ۾ هڪ پڇتاءُ رهجي ويو ۽ سڄي حياتي اهو غم رهندو ته ڪاش مان هُن جي ڳالهه ٻڌي وٺان ها، جيڪا هو ڪرڻ آيو هو. خدا ڄاڻي هو اُن ڏينهن محبت جو پيغام کڻي آيو هو يا منهنجي غلط فهمي دور ڪرڻ چاهي پيو.

پوءِ سال جي اندر آپا جي شادي اسان جي هڪ مائٽ سان ٿي ويئي. مان سوچيندي آهيان: منهنجي ان الميي جو باعث منهنجي ڪمزوري هئي يا وڏي آپا؟ اِن الجهن کي اڄ تائين حل ڪري ناهيان سگهي. پر هُن جو هڪ جملو ته: ”مون کي ٺڪرائڻ واري توهان پهرين هستي ناهيو! مون کي مرندي گهڙيءَ تائين ياد رهندؤ!“

گلاب خان سولنگي

 

 

 

ترقيءَ جو راز

”پُٽ! سهراب ڳوٺ اڃان گهڻو پري آهي؟“

”چاچا! بس ٻن ڪلاڪن جو پنڌ وڃي بچيو آهي.“

منهنجي جواب تي چاچي کي شايد تسلي نه ٿي، جو هُن ساڳيوئي سوال، بس جي ڪنڊيڪٽر کان پڇيو.

عيد جون موڪلون ختم ٿي چڪيون هيون ۽ بس به مسافرن سان ٽمٽار، ڪراچيءَ ڏانهن روان دوان هئي.

منهنجي ڀر واريءَ سيٽ تي هڪ پيرسن ۽ ان جو نوجوان پٽ ويٺل هئا، پيرسن شخص پنهنجو چشمو صاف ڪندي پنهنجو تعارف ڪرائيندي منهنجو ڌيان ڇڪايو.

”پٽ اوهان به ڪراچيءَ وڃي رهيا آهيو؟“

”جي چاچا!“ مون مختصر جواب ڏنو.

”پٽ مان پهريون دفعو ڪراچيءَ وڃي رهيو آهيان، انڪري رستن جي سُڃاڻ ڪونه اٿم، انڪري اوهان کان بار بار پڇي رهيو آهيان، اوهين اوکا ته نٿا ٿيو.“

من کِلي وراڻيو: ”چاچا اوهين بزرگ آهيو ۽ پنهنجي سونهاريءَ سنڌ ۾ اڄ به وڏڙن جو احترام ڪيو ويندو آهي…“

پيرسن ڀر ۾ ويٺل نوجوان طرف اشارو ڪندي چيو: ”هيءُ منهنجو پُٽ آهي، مون سڄي زندگي ڳوٺ جي وڏيري جي زمين ۾ هارپو ڪيو، خوشي ڪهڙي بلا جو نالو آهي؛ خبر ڪين اٿم، بس ايتري خبر آهي ته بابي جي وفات کان پوءِ ڪمدار الائي ڪهڙو قرض اسان جي کاتي ۾ ڪڍيو ۽ ساڻ حڪم ڏنو ته قرض لهڻ تائين وڏيري جي زمين تي ڪم ڪندس، ۽ پوءِ خبر ئي ڪين پئي. ٻالڪ مان نوجوان ۽ هاڻ پيريءَ ۾ پير پاتو آهي، پر قرض چاڪيءَ جي ڏاند وانگر اُتي جو اُتي آهي، تڏهن سوچيم ته هڪ ئي پُٽڙو آهي، ڇو نه اُن کي پڙهائي لکائي ڪنهن ڪنڌيءَ لائجي، متان هُو به مون وانگر وڏيري جي قرض جي پهاڙ هيٺ اچي وڃي.“

پيرسن پاڻ سان گڏ مون کي به روئڻهارڪو ڪري ڇڏيو، هو پنهنجي چشمي تان ڳوڙها صاف ڪري رهيو هو، مون پيرسن جي ڪيفيت سمجهندي، موضوع بدلائيندي نوجوان کان سوال پڇيو.

”پٽ اوهان جي تعليم ڪيتري آهي ۽ ڪراچيءَ ڇو وڃي رهيا آهيو؟“

نوجوان نهايت خوش اخلاقيءَ سان پنهنجي ڊگري مون ڏانهن وڌائيندي جواب ڏنو.

”سائين مان سارنگ ايم.اي پاس آهيان ۽ بابي سان گڏ ڪراچي نوڪريءَ جي انٽرويو لاءِ وڃي رهيو آهيان.“

مون هُن جي ڊگري غور سان ڏٺي، ماشاءالله سُٽن نمبرن ۾ ايم.اي پاس ڪيل هئس.

”پُٽ ڪهڙي نوڪري لاءِ انٽرويو ڏئي رهيو آهين؟“

”سائين پٽيواليءَ لاءِ!“

”ڇا؟“ مون کي اچرج ۾ ڏسي، هُن نوجوان کِلي وراڻيو: ”سائين اسان غريبن لاءِ پٽيوالا به آفيسرن جي برابر آهن، اسان ته ٻهراڙيءَ جا ماڻهو آهيون، اوهان ته شهر جا ٿا لڳو ۽ اوهان بخوبي ڄاڻندا هوندا ته ميرٽ ڪهڙي بلا جو نالو آهي…“

نوجوان جي ڳالهه ٻڌي مون خاموشي اختيار ڪئي، ڇو ته مون وٽ به ان جي سوال جو جواب ڪين هو.

”پُٽ ڇا ٿيو جو مون ڪراچي ناهي ڏٺي، پر روز رات جو ريڊيو تي خبرون ضرور ٻڌندو آهيان، دعا ڪيو ته پٽيوالي به ملي.“

خبر ناهي ته ڪيڏي مهل سُهراب ڳوٺ آيو ۽ منهنجي ڀر واريون سيٽون خالي ٿي ويون، مان ته صرف اهوئي سوچيندو رهيس ته هاڻ شايد ملڪ ترقي يافته ٿي ويو آهي، جنهن ملڪ جا پٽيوالا به ايم.اي پاس هجن ته باقي سربراهن جو حال ڇا هوندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org