سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-1/ 2016ع

باب:

صفحو:1

مهراڻ 2-1/ 2016ع

ايڊيٽر: ثمينه ميمڻ

سوچ - لوچ

الله پاڪ رب العزت جا لک لک احسان جو سندس مهربانيءَ سان ٽماهي ”مهراڻ“
1-2/2016ع جو پرچو ڇپجي، اوهان مهربان پڙهندڙن جي هٿن تائين رسيو آهي، گذريل پرچن جي ڀيٽ ۾ هن پرچي ۾ به مواد، موضوع ۽ معيار کي ڌيان ۾ رکيو ويو آهي. حالانڪ هر پرچو اسان جي لاءِ هڪ چئلينج هوندو آهي، ڇو ته ”مهراڻ“ جي ماضيءَ ۾ هڪڙي تاريخ رهي آهي، ته هيءُ رسالو وقت ۽ حالتن موافق ادب، تحقيق ۽ تاريخ جهڙن شعبن ۾ ٿيندڙ اُٿل پُٿل کان به پاڻ کي باخبر رکندو آيو آهي. علمي، ادبي، تاريخي ۽ تحقيقي مواد جو موازنو ڪرڻ ۽ انهن کي وقت سر ڇاپي قارئين حضرات تائين رسائڻ، هن رسالي جي پهرين ترجيح ۽ ڪوشش رهي آهي، انڪري انهي سڀني ڳالهين ۽ حالتن کي به نظر ۾ رکيو ويو آهي.

ويجهڙ ۾ بورڊ مالي بحران جي ور چڙهي وڃڻ ڪري ”مهراڻ، جي ڇپائيءَ ۾ وقفو ۽ تاخير ٿي آهي، جنهن لاءِ ادارو معزز قارئين حضرات کان پڻ معذرت گهري ٿو، ۽ آئينده ڪوشش جاري رکي ٿو، ته جيئن وقت سِر رسالي جو اجراع ٿيندو رهي. ماضيءَ ۾ ”مهراڻ“ رسالي جي پڙهندڙن جو هڪ وسيع حلقو رهيو آهي. ”مهراڻ“ جي ابتدائي دور يعني 60 واري ڏهاڪي ۾ ”مهراڻ“ جي پڙهندڙن جو حلقو انهن ڳاڻ ڳڻين اديبن، عالمن، اسڪالرن تي مشتمل هو، جيڪو نه رڳو ”مهراڻ“ جو پڙهندڙ هو، پر اهو لکندڙ به هو. محمد ابراهيم جويو، شيخ اياز، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سراج الحق ميمڻ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، شيخ عبدالرزاق راز، غلام رباني آگرو، حفيظ شيخ، حميد سنڌي، وغيره شامل هئا. هن حلقي ادب، فڪشن، شاعري، افساني، تحقيق ۽ تنقيد جي شعبن ۾ بيشڪ پاڻ ملهايو ۽ ان دور جو ادب وقت ۽ حالتن جي مدِنظر پنهنجي دور جو امين ليکجي ٿو. پڙهندڙ ۽ لکندڙ جو هيءُ مشترقه سلسلو ايم.آر.ڊي تحريڪ يعني 1983ع واري دور کان پوءِ آهستي آهستي جمود جو شڪار ٿي ويو. ان کان پوءِ موجوده دور تائين ”مهراڻ“ جي منتظمين طرفان ڪوششون ورتيون ويون، پر انهن ۾ ڪو اهڙو خاطرخواهه لاڀ نه مليو. اصل ۾ دور تاريخ ۾ پنهنجي شناخت پاڻ ٺاهيندو آهي. ”مهراڻ“ جو شروعاتي دور گهڻو ڪري آمريت تي مشتمل رهيو، جنهنڪري علمي ۽ ادبي ماحول کي وڌيڪ هٿي ملي، جيڪي ڳالهيون ۽ مسئلا سياسي پليٽ فارم تان ونڊي ۽ ويچاري نه سگهبا هئا، اُهي ادب، شاعري ۽ فڪشن جي روپ ۾ اظهاريا ويندا هئا، جنهنڪري ادب، اُن دور جو نمائنده عوامي هٿيار ٿي سامهون آيو، جنهن ڏاڍا سٺا اديب، شاعر، افسانه نگار ۽ نقاد پيدا ڪيا.

انهيءَ سموري روئداد بيان ڪرڻ جو هڪڙو مقصد هيءُ به آهي ته موجوده دور ادبي حوالي سان هڪ منتشر ۽ ويڳاڻپ وارو دور آهي، اسان کي هن دور ۾ ”مهراڻ“ جي حوالي سان اهڙا ڪي به سگهارا نالا نظر نه ٿا اچن، جن تي اسان فخر ڪري سگهون، ۽ چئي سگهون ته ”مهراڻ“ جي موجوده لکندڙ ٽهيءَ ۾ هي اديب، شاعر، افسانه نگار ۽ نقاد پيدا ٿيا آهن، پر ان جو اهو مطلب هرگز به نه ڪڍڻ گهرجي ته ڪو ”مهراڻ“ جي لکندڙ جي حلقي ۾ اُهي صلاحيتون موجود نه آهن، اسان وٽ تمام سٺا شاعر، اديب، افسانه نويس، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ۽ نقاد موجود آهن، جيڪي پنهنجي وسيلن آهر معياري ادب سِرجي رهيا آهن، پر اهي حالتن مطابق مٿي بيان ڪيل منتشر ۽ ويڳاڻپ واريءَ ڪيفيت ۾ ورتل آهن.

ٽماهي ”مهراڻ“ جي منتظمين جي حيثيت ۾ اسان انهيءَ ڳالهه کي اظهارڻ جي هن پرچي ۾ پهل ڪئي آهي، سمجهان ٿي ته اهي ڳالهيون اسان جي ڪيترن پڙهندڙ ۽ لکندڙ حضرات جي دل ۽ دماغ تان گران گذرن، پر اسان سڀئي هڪ ئي ٻيڙيءَ جا سوار آهيون، هڪٻئي سان ڳالهيون ڪرڻ کي بهتر عمل سمجهون ٿا. اسان کي اوهان جي نڪور مواد سميت راين جو به اوسيئڙو رهندو، جنهن سان اسان پنهنجي رسالي کي اڃا به وڌيڪ معياري ۽ خوبصورت بڻائي سگهون.

ثمينه ميمڻ

ايڊيٽر (انچارج)

علي محمد ”مجروح“

 

(جنم: 1926ع - وفات: 6- فيبروري 1997ع)

غزل

ستم جيڪي دل تي ٿيا دوستو،

اسان کان ته وسري ويا دوستو.

 

هي واعظ، هي ناصح، هي شيخ حرم،

سڀيئي پرکجي پيا دوستو.

 

اگر قصرِ سلطان ۾ ڪو بت ڀڳو،

اشارا اسان ڏي ٿيا دوستو.

 

هئا دشتِ غربت ۾ همسفر،

خدا ڄاڻي ڪيڏانهن ويا دوستو.

 

زماني سان اکيون ڪلائي هلو،

زمانا بدلجن پيا دوستو.

”سرويچ“ سجاولي

 

(جنم: 14- مارچ 1937ع - وفات: 22- آڪٽوبر 2007ع)

غزل

مرڪ هڪ سان ماهرو جِنَ مَلڪ مِڙ ماري ڇڏيئه!

کِل خوشيءَ ۾ خوبرو، ڪئين خاندان کاري ڇڏيئه!

 

حُسن ۽ هٻڪار تنهنجيءَ جو هليو هُل هر جڳهه،

حرف هڪ سان هر طرف هيرا لکين هاري ڇڏيئه!

 

رُخ مٿان جنهن رات راڻا! تو ڪيو پردو پري،

رب ٿو ڄاڻي ته رانجهن! ”راج روئاري ڇڏيئه!“

 

رُوءَ تنهنجيءَ کان رَسيو آ، رشڪ روشن روز کي،

مُوءَ سان ڄڻ مُلڪ سڀ ۾ مُشڪ ڇڻڪاري ڇڏيئه!

 

دلبرا ديدار ڏيئي دم اندر ۾ دائما،

درد وارن جون سدا دلبر دليون ٺاري ڇڏيئه!

 

سور ساڙي، سوز صدمن کان ته اي ”سرويچ“! سچ،

منجهه صفت ساجن سندي هي شعر سينگاري ڇڏيئه!

 

  ڊاڪٽر آزاد قاضي

 

 

 

 

 

تاريخ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز-5

 

(شاهه لطيف ميموريل ڪائونسل جو خاتمو)

 

]هن مواد جي گذريل قسط ۾ ون يونٽ واري دور ۾ بدليل صورتحال جو ذڪر ڪندي لکيو ويو هو ته: ”بدليل ملڪي صورتحال جو (شاهه صاحب بابت ٿيندڙ ساليانن پروگرامن تي) ٻن حوالن سان اثر پوندي نظر اچي ٿو:

(الف) يادگار ڪميٽي جو دفاعي انداز

(ب) عوام جو نفرت ۽ حقارت وارو انداز

گذريل قسط ۾ عوام جي نفرت ۽ حقارت واري اظهار کي وري هيٺين ٻن حصن ۾ ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي هئي.

(1) سالگره جي موقعي تي مضمون ۽ شعر پڙهڻ جي حوالي سان ردِعمل

(2) عام نوجوان خاص طور تي يونيورسٽيءَ جي نوجوانن طرفان ردِعمل

ان حوالي جي پهرئين حصي واري حوالي سان سنڌ جي عالمن، اديبن ۽ شاعرن 1956ع، 1957ع، 1958ع وارن سالگره پروگرامن ۾، نثر توڙي نظم ۾، سڌي توڙي اڻسڌي طرح جيڪي واهڙ وهائي، سنڌ جي غلامانه صورتحال جي نشاندهي ڪئي، ان جو تفصيل گذريل قسط ۾ اچي چڪو آهي، البته ان جي ٻئي حصي يعني عام نوجوان خاص طور سنڌ يونيورسٽيءَ جي نوجوانن جي ردِعمل بابت لکڻ ۾ مون کان سَهو ٿي ويئي هئي، ان جي پورائي طور هن قسط ۾ اهو رهيل مواد پيش ڪجي ٿو. - آزاد قاضي[

ايوب خان واري مارشل لا جيئن ملڪ جي ٻين سياسي ۽ سماجي معاملن کي پنهنجي مفادن جي مدِنظر هلايو پئي، ساڳي طرح شاهه عبداللطيف ميموريل ڪميٽي کي نظرانداز ڪندي، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز کي اڳتي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. ان جو بنيادي سبب شاهه لطيف ميموريل ڪميٽيءَ جي مرڪزي اڳواڻيءَ تي انهن ماڻهن جو برجمان هئڻ هو، جيڪي حڪمرانن کي قابل قبول ڪونه هئا. مارشل لا سرڪار پنهنجي روايت موجب بيروڪريسيءَ کي اڳيان آڻڻ لاءِ، موراڳو رجسٽر ٿيل اداري (شاهه لطيف ميموريل ڪميٽي) کي غير فعال ڪندي، ان اداري جي حصي طور وجود ۾ آيل ”ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز“ کي فعال ڪرڻ لاءِ، ڪمشنر حيدرآباد پنهنجي اڳواڻيءَ ۾ من پسند ماڻهن جي نئين انتظامي باڊيءَ جو اعلان ڪيو، ان عمل مجموعي طور سنڌ جي عام و خاص ماڻهن ۾ ردِعمل پيدا ڪيو.

ڀٽائيءَ جي ڀاڻ ۾ ورهاڱي کان پوءِ سرڪاري سفير ۽ وزير ته اصل کان ايندا هئا پر ان دور جا پنهنجا پنهنجا قدر قيمت هئا، جتي سرڪاري ڌر جا نمائندو خاص طور وزيراعليٰ ايندو هو، اتي حذب اختلاف جا نمائندا به ايندا هئا، ٻنهي ۾ ان حوالي سان ڪو فرق ڪونه هوندو هو، نه ڪو گوڙ نه گهمسان، نه ڪو ٻئي کي گهٽ ڏيکارڻ جي ڪوشش، ٻئي ڌريون پنهنجن پنهنجن سياسي اختلافن کي پاسي تي رکي ڀٽائيءَ جي بارگاهه ۾ گڏجي حاضري ڀريندا هئا. اهو انڪري ٿيندو هو، جو مرڪزي نقطو ڀٽائيءَ سان محبت واري انگ جو اظهار ڪرڻ هوندو هو، نه ڪه پنهنجي پنهنجي پارٽيءَ جي نمائش ڪرڻ! پر پوءِ جڏهن کان سڌي طرح مارشل لا جي سايي ۾ سفر ڪندڙ نمائندا (عوامي نمائندانه، اها ڳالهه خاص غور طلب آهي) ميدان ۾ آندا ويا ۽ انهن جي تعاون سان حقيقي ثقافتي سرگرمين جي سرواڻن کي سياسي اختلافن جي مدِنظر ٻاهر ڌڪيو ويو. مٿان پنهنجي ٿاڦيل نمائندن جي تعاون سان هن عوامي ثقافتي سرگرمين واري لطيفي ميلي کي ’سرڪاري شو‘ واري شڪل ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. جڏهن اهڙو ماحول جوڙڻ واري ڪوشش ڪئي ويئي تڏهن لامحاله اهڙين مارشل لائي قوتن خلاف پيدا ٿيندڙ نفرت ۽ حقارت واري سياسي ماحول جو، هن خالص ثقافتي محبتي ماڻهن جي ميڙي تي به اثر پوڻ لازمي هو، ان صورتحال جو نتيجو اهو نڪتو جو، مارشل لائي حڪومتن خلاف عوام ۾ اُٿندڙ نفرت هن محبتي ميڙي جي ايوانن تائين به پهچي ويئي، ان وقت واري سياسي جمود کي ٽوڙڻ ۾ سنڌ جي نوجوان شاگردن وڏو اهم ڪردار ادا ڪيو، ۽ ان سموري سياسي سجاڳي واري لهر جو مرڪزي شهر حيدرآباد هوندو هو، جنهن کان ڀٽ شاهه چند ميلن جي مفاصلي تي واقع آهي، اتي جڏهن مارشل لائي نمائندا، ثقافت جي نالي ۾ سنڌ جي مستقل جا فيصلا ڪرڻ ايندا هئا، تڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ جا نوجوان همت ڪري، پنهنجي نفرت جو اظهار ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ لهي پوندا هئا، محترم ممتاز مرزا صاحب جنهن سالها سال ڀٽائيءَ جي راڳ داري واري محفل ۾ حصو ورتو، ان کي بلآخر اهو لکڻو پيو ته:

”ملڪي حالتن هن (راڳ واري) اسٽيج تي نهايت خراب اثر وڌو، سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن پنهنجي تحريڪن ۽ جذبن جي اظهار لاءِ ميلي کي منتخب ڪيو، جنهن مان نتيجو اهو نڪتو، جو راڳ جون محفلون بهتر طور تي نه ٿيڻ لڳيون، اڪثر شاگرد اسٽيج تي قبضو ڪري ويهندا هئا ۽ فنڪار، خوف کان پاسو ڪندا هئا. اڳ ملڪ جا سربراهه، امير وزير هتي ايندي اعزاز محسوس ڪندا هئا، هاڻوڪو ماڻهو اچڻ پسند نه ڪندو هو.“ (ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز گولڊن جوبلي، ص 15)

اهڙي ريت هڪ طرف ڀٽائي جي شعر و شاعري مان مارئي، سهڻي ۽ سسئي جهڙن ڪردارن جي حوالي سان عالمن، اديبن تمثيلي طور قومي سجاڳي ۽ عوامي بيداريءَ واري روح ڦوڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي ته ٻئي طرف باوجود پابندين جي سنڌ جي نئين نسل کي جڏهن به موقعو مليو پئي ته وقت جي حڪمرانن خلاف اهڙي ريت نفرت جو اظهار ڪندا پئي رهيا، انڪري 1970ع تائين اڪثر پروگرام رولڙي جو شڪار ٿيندا رهيا.

 

نئون ڪتاب

 

ڪتاب: سون ساريکي سنڌ

ليکڪا: ڊاڪٽر عذرا سرور

موضوع: سياسي، سماجي ۽ اقتصادي حالتن جو جائزو

قيمت: -/300 رپيا

ڇپائيندڙ: پيڪاڪ پرنٽرس ۽ پبلشرس، ڪراچي

   

ڊاڪٽر الطاف جوکيو

 

            

 

 

ورتخطيءَ ۾ ’هه‘ اکر جي روپن جو ڪردار

 

ان ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونهي، ته سنڌي ٻوليءَ جي آئيويٽا ۽ صورتخطيءَ جي سرشتي جو مدار، عربي رسم الخط تي هجڻ ڪري عربي فارسيءَ جيان جديد توڻي قديم سنڌي صورتخطيءَ ۾ ’هه‘ اکر جا پنج روپ ڪم آندا ويا آهن؛ ائين جيئن ديوناگري رسم الخط ۾ آواز جي بنياد تي ’ر‘ جي آواز سان منسلڪ چار اکر ڪم آندا ويندا آهن. اهڙا پنج روپ ڪجهه هن ريت آهن: ’هه‘،  ’ـهـ‘،  ’ه‘، ’ـه‘، ’ـہ‘. انهن کي ٽن حصن ۾ ورهائي سگھجي ٿو:

·       ملفوظي: هه

·       وسرڳي: ـهه

·        مختفي: (منفصل اکرن سان) ه، (متصّل اکرن سان) ’ـہ‘ ۽ ’ـه‘

ڄاڻايل ’هه‘ جي پنجن روپن جو تصور صرف خط نسخ جو استعمال ڪندڙن وٽ آهي. جيئن ته عربي- سنڌي رسم الخط، خط نسخ ۾ لکيو ۽ پڙهيو ويندو آهي، ان لاءِ انهن پنجن روپن جو تصور اڄ به موجود آهي. ايترو ضرور چئبو ته ان جي باضابطه استعمال جا معيار نظر انداز ٿيل آهن. لاپرواهيءَ جو اهو عالم آهي جو عالمن پاران معاملي ڄاڻائڻ جي باوجود  اڄ سوڌو ’ملفوظي هه‘ ۽ ’وسرڳي ـهه‘ جي فرق کي عمل ۾ نه آڻي سگهيا آهيون. ايتريقدر جو پرنٽ ميڊيا يا ڪمپيوٽنگ فونٽن جي بناوت دوران به اسان جي ٽيڪنيڪي ماهرن وٽ اهڙي فرق جو تصور نه هوندو آهي. ڪمپيوٽنگ ماهرن وٽ اهڙي فرق نه هجڻ جو سبب وري اسان جي عالمن جا متفق معيار مقرر نه ڪرڻ به آهي.

’هه‘ اکر جي روپن مان ڪنـﻫـن به هڪ روپ جو معياري درست استعمال موجوده درسي ڪتابن ۾ آهي ئي ڪونه! يعني اڄ سوڌو اهو معاملو ٽنگيو پيو آهي. جڏهن ته پراڻن درسي ڪتابن ۾ ان ڳالهه جو باقاعده خيال رکيو ويندو هو. اهڙا تصور اسان پنـﻫـنجي پرائمري استاد مريد حسن خاصخيليءَ وٽان به حاصل ڪيا؛ ان جو سبب اهو به هو جو ان وقت جي درسي ڪتابن ۾ اهڙا تصور موجود هئا. اهڙي تصديق لاءِ 1956ع ۽ 1970ع جي سنڌي پـﻫـرين درجي جي درسي ڪتاب جا صرف ٻه صفحا خيال خاطر ڏجن ٿا:

 

 

(تعليم کاتي پاران، سنڌي پـﻫـريون ڪتاب، ڇپايل، سنڌي ادبي بورڊ، ڪراچي، 1956ع)

ڄاڻايل نظم ۾ ’هه‘ جي نسبت هيٺين ورڇ نوٽ ڪري سگھجي ٿي:

  وسرڳي ’ﮩـ‘ جو استعمال: گھوڙا، وجھندس.

  وچولي صورت ۾ ’هه‘ وينجن جو استعمال: پنـﮨـنجي، مُنـﮨـن، سُـﮨـڻو، سُـﮨـڻا، چَـﮨـبڪ.

  مختفي ’ه‘ جو استعمال: لاهِ، گاهُ، واهُ.

 

 

(ڏسو: سنڌي پـﻫـريون ڪتاب، جوڙيندڙ: محمد ابراهيم جويو، سنڌي ادبي بورڊ، 1970ع)

ڏنل نظم جي صورتخطيءَ ۾ هيٺين ورڇ نوٽ ڪري سگھجي ٿي:

  وسرڳ جو استعمال: سانجھيءَ، لنگھي، منجھي.

  وچولي صورت ۾ ’هه‘ وينجن جو استعمال: ڪَـﮨـڙي، واٽـﮨـڙو.

سنڌي ٻوليءَ جي صورتخطيءَ ۾ صوتياتي مونجھارن جو ذڪر ڪندي وسرڳن جي لکاوٽ بابت ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي لکي ٿو ته: ”وسرگي وينجنن ’گهه‘ ۽ ’جـهه‘ ۾ ايندڙ ’ـهـ‘ ۽ وينجن ’هه‘ جي اچار ۾ لکڻ جي حوالي سان ڪوبه فرق نه رکيو ويو آهي. انهيءَ ڪري گھڻو ڪري ڪيترن لفظن جي درست هِجي، صورتخطيءَ ۾، معلوم نه ٿي ٿئي. جيئن ته ’گـﮨـر‘ لفظ ۾ جيستائين زيرون- زبرون استعمال نه ڪبيون تيستائين معلوم نه ٿيندو ته ان جو ڪـﮨـڙو مطلب آهي:

·       گَـهـرُ= (مڪان، جڳـﮨـه)

·       گَـﮨـرَ= (گـﮨـرو، اونهو)

·       گِـﮨـرُ= (وڏيون جليبيون، مٺائيءَ جو قسم)

·       ساڳيءَ طرح:

·       جهارِ= (پکين جو وڳر)

·       جُـﮨـارَ= (ملاقات).

وسرگي وينجنن ’گهه‘، ’جهه‘ ۽ ’هه‘ جي وچ ۾ لکت ۾ فرق ڏيکارڻ جو هڪ آسان طريقو اهو آهي ته وسرگي اچار جي حالت ۾ هميشہ دو- چشمي’ـهـ‘ کي ’گـ‘ ۽ ’جـ‘ سان جوڙي استعمال ڪجي (گھ، جھ) ۽ ٻين هنڌ، جتي ’هه‘ وينجن جو اچار اچي، اتي دو- چشمي ’ـهـ‘ کي ڪڏهن به ڪتب نه آڻجي.“ (جيٽلي، 1999 الف: 190)

اهو ساڳيو ٽڪرو ٽماهي مـﮨـراڻ‘ ۾ ڇپيو، جنـﮨـن ۾ ڪمپوزر ۽ پروف ريڊر توڻي ايڊيٽر، مصنف جي ڄاڻايل اکري ’هه ۽ ـهـ‘ فرق سان جيڪا ويڌن ڪئي، سا ڪنـﮨـن کان به ڳجھي ڪانهي. يعني جيٽلي صاحب جنـﻫـن معاملي کي واضح ڪرڻ لاءِ مٿي ڪُٽَ ڪئي يا مثالن ذريعي، جنـﻫـن نُڪتي تي هن جو زور هو، سو ان ۾ بيـﻫـي نه سگھيو ۽ محققن لاءِ بي فائده رهيو. (جيٽلي، 1999 ب: 89- 127)

حقيقت اها به آهي ته موجوده حالت ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ماهرن مان به صرف ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جو اهڙو اعتراض سامهون اچي ٿو ته ’ملفوظي هه‘ ۽ ’وسرڳي ـهه‘ ۾ فرق رکيو وڃي. اڳتي، ڊاڪٽر جيٽلي به ڳالهه نه ڪئي آهي ته ’مختفي ه‘ جو استعمال ڪـﻫـڙين صورتن ۽ معيارن تي ڪيو وڃي! ڊاڪٽر جيٽلي جي اها اهم ڳالهه ئي سنڌي ڪتابن جي زينت بڻيل آهي، ڪنـﻫـن به ان تي غور ڪرڻ يا عمل ۾ آڻڻ لاءِ سوچيو ئي ناهي. اهڙي قسم جي معاملي تي غور ڪرڻ يا درست حل کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ ڪـﻫـڙي اداري جو ڪم آهي؟ منـﻫـنجي خيال ۾ اسان اڄ سوڌو اهو طئي نه ڪري سگھيا آهيون. جيڪڏهن مطلقه اداري اهڙو ڪم ڪيو به، ته ان کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ به هتي ذاتي ڪوششون وٺڻيون ٿيون پوَن، ان جو اهم سبب اهو به آهي ته اسان جي ادارن جو پاڻ ۾ تعلق (Connectivity) جڙي نه سگھيو آهي.

ڊاڪٽر جيٽلي صاحب جي به ’هه‘ وينجن ۽ ’ـهـ‘ وسرڳيءَ بابت وضاحت تز ۽ وقتائتي ضرور آهي، ليڪن ان ۾ به منفصل اکرن سان ’وسرڳي ـهـ‘ جي ڪـﮨـڙي صورت هجڻ کپي؟ جيئن: ’گرـهاڪ‘ (جنـﮨـن مان خبر ته پوي ته اتي (’رـهه‘ وسرڳ آهي يا ’هه‘ وينجن!) تنـﻫـن بابت خاموشي آهي؛ ان کان سواءِ ’مختفي ه‘ جي ڪنـﮨـن به روپن ڏانـﻫـن سندس ڌيان ئي نه ويو آهي، جيڪي ڪنـﮨـن لفظ جي آخر ۾ متّصِل ۽ منفصل صورتن ۾ ڌار ڌار حالتن پٽاندر استعمال ٿيندا آهن.

لفظ ’گرهاڪ‘ ۾ به ’رـهه‘ وسرڳ واضح نه هجڻ سبب غلط صورتخطيءَ جي امڪان کي رد نه ٿو ڪري سگهجي. منفصِل صورت سان لکجندڙ وسرڳ جي معاملي تي ڪم نه ٿيڻ سبب غلط صورتخطي سامهون آئي آهي. (ڏسو: ڊاڪٽر الانا صاحب جي ’گراهڪ‘ واري صورتخطي، سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس، 2005: 213) لفظ ’گرهـــاڪ‘ جي ساڳِي صورتخطي ’گراهڪ‘ سنسڪرت/ هنديءَ جي اثر سبب ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي مرحوم پڻ ڄاڻائي آهي، جيڪا هندي ٻولين جي اڀياس جو اثر ظاهر ڪري ٿي. (سنديلو، 1980: 223) ان کان علاوه ساڳئي مسئلي هيٺ ’وراهڻ/ ورهائڻ‘ يا ’سيـهوڻ/ سيوهڻ‘ وغيره جون صورتخطيون به سامهون آيون آهن. اهو ته ٿيو منفصل اکرن سبب معاملو، ليڪن افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان وٽ ته اڃا متصّل اکرن سان ’وسرڳي ـهـ‘ جو ئي اتفاق نه ٿي سگهيو آهي.

ڊاڪٽر جيٽلي جي ڄاڻايل ’ملفوظي هه‘ ۽ ’وسرڳي ـهـ‘ واري ٻن روپن جي فرق کان پوءِ صورتخطيءَ ۽ فونٽن ۾ سڌاري جي حوالي سان راقم پڻ ’هه‘ جي پنجن روپن تي ڪجهه ڪم ڪيو، جيڪو ’سنڌي ٻوليءَ ۾ وسرڳن جي حقيقت‘ جي عنوان هيٺ ’سنڌي ٻولي، تحقيقي جرنل‘ ۾ ڇپيو هو. (جوکيو، 2008: 72- 92) ان کان علاوه ’ايم. بي سنڌي‘ سوفٽ ويئر ۾، ’هه‘ اکر جي روپن آهر، اهم فونٽن جو مختصر اڀياس‘ پڻ ساڳئي جرنل ۾ ڇپيو (جوکيو، جون 2012: 106- 130) ؛ پر حالت اها آهي جو اهڙا ڪم صرف ڪتابن جي زينت ٿي وڃن ٿا.

1935ع واري عربي- سنڌي آئيويٽا جي سوني ترتيب ۾ ’هه، جھ ۽ گھ‘ گڏ پڙهائڻ ۽ سيکارڻ سان ملفوظي/ مخروطي ’هه‘ ۽ مخلوطي/ وسرڳي ’ـهـ‘ ۾ فرق واضح ڪيو ويندو هو. اهي نُڪتا اسان پنـﻫـنجي پرائمري استادن کان واضح نموني سکياسين. 1960ع واري بي تڪي ترتيب جو نتيجو اهو نڪتو جو پڙهندڙ يا پڙهائيندڙ اهو نڪتو اڄ تائين عام طور تي واضح ڪري نه سگھيا آهن.

هيٺ ’هه‘ جي پنجن روپن جي وچورَ ڏجي ٿي:

1.    ’ملفوظي هه‘: ’ملفوظي هه‘ مان مراد اهڙي ’هه‘ جيڪا لفظ ۾ وينجن آواز جي نمائندگي ڪري. ’ملفوظ‘ لفظ ’مفعول‘ جي وزن تي ’لفظ‘ مان بڻيل آهي. ڪي پرائمري استاد ٻارن کي ذهن نشين ڪرائڻ خاطر، هن ’هه‘ کي هڪ طُري/ پٽڪي واري هه به  سڏيندا هيا. واضح رهي ته ٻوليءَ ۾ هن جو ڪردار وينجن وارو آهي. هن متصّل اکر جون چار صورتون ٿين ٿيون، جيڪي چند عالمن پڻ ڏنيون آهن؛ پر انهن جي ڄاڻايل صورتن جو ڪو معيار ڪونهي. سندن ڄاڻايل صورتن ۾ ’ملفوظي‘ ۽ ’وسرڳي‘ جو ڪوبه سَنڌو ناهي. هيٺ ’ملفوظي هه‘ جون صورتون رکجن ٿيون:

سالم صورت

شروعاتي صورت

وچين صورت

آخري صورت

اکر

لفظ

حرف

لفظ

حرف

لفظ

حرف

لفظ

هه

گڏهه

هـ

هاٿي

ـﻫـ

شينـﻫـن

ـﻫـه

پيـﻫـه

هن ’هه‘ جي استعمال جا ڪجهه وڌيڪ مثال خيال خاطر رکجن ٿا:

اوندهه، اڻويــﻫـه، پنـﻫـنجو، پنـﻫـور، چـﻫـبڪ، سـﻫـوليت، ويـﻫـڻ، مـﻫـراڻ، دهلجڻ، هئا، جـﻫـاز، مـﻫـينو، چانـﻫـه وغيره.

 

2.    ’وسرڳي ـهـ‘: هن کي ’دو چشمي‘ به ڪوٺيو ويندو آهي. سنڌيءَ ۾ هن کي ’وسرڳي ـهـ‘ ان لاءِ ٿو سڏجي، جو ان جو استعمال صرف وسرڳن ۾ ٿيندو آهي/ ٿيڻ گھرجي؛ جيئن: جهه، گھ وغيره. ڪافي فونٽن ۾ اڻ ڄاڻائيءَ سبب ’جـﻫـه ۽ گـﻫـه‘ جون صورتون اچي ويون آهن، جن تي ٻيـﻫـر غور ڪرڻ جي گھرج آهي.

اهڙا اوسرڳ آواز، جيڪي پنـﻫـنجي عام مخرج واري آواز ۾ ڦڦڙن مان هوا ملائڻ سان ظاهر ٿين، ته ان کي وسرڳ چئبو آهي. هيءَ ’ـهـ‘ وسرڳ آواز/ هايئه اصوات لاءِ ڪم ايندي آهي. عربي يا فارسيءَ ۾ اهڙن وسرڳن جو تصور ڪونهي، سنڌي توڻي هندي/ اردوءَ ۾ ان جو استعمال باقاعده آهي. اهڙو احتياط نه ڪرڻ جي صورت ۾ لفظن جي صورتخطيءَ ۾ مونجھارا ٿين ٿا. مثال: جهارِ- جُـﻫـارُ. گِھلَ-گِـﻫـِلَ.  

ويڇو نه رکڻ سان مذڪوره لفظن ۾ اهو واضح نه ٿيندو، ته انهن لفظن ۾ ڪـﻫـڙو لفظ ’جھ‘ اکر سان پڙهجي ۽ ٻيو ’ج‘ ۽ ’هه‘ سان الڳ الڳ آواز ڪڍجي.

عام طور اکرن جي صورتن ۾ هن جو استعمال ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته هي صرف وسرڳ آواز لاءِ، ٻٽي اکر (Diagraph) ۾ ڪم آڻڻ گھرجي. هيٺ وسرڳي حرف (Allograph) جون صورتون ڏجن ٿيون:

سالم صورت

شروعاتي صورت

وچين صورت

آخري صورت

اکر

لفظ

حرف

لفظ

حرف

لفظ

حرف

لفظ

سالم صورت نه ٿيندي

هجڻ گھرجي

ـهـ

جَهڪَ

ـهه

منجهه

 

 

 

 

 

 

 

 

نوٽ: هن حرف جي شروعاتي شڪل ڪٿي به ڪم ڪونه آندي وئي آهي؛ البت ’مڙهه‘، ’پڙهه‘، ’گرهاڪ‘، ’سيوهڻ‘، ’ڏاڙهون‘ جـﻫـڙن لفظن ۾ شروعاتي شڪل ڪم آڻڻ گھرجي.

وسرڳي ’ـهه‘ جي استعمال جا مثال، خيال خاطر، هيٺ ڏجن ٿا:

جُھڙ، جَھڪ، جُھل، جَھلڻ، گَھر، گھانچو، جھار، ماڻهو، ملهه، ڇهه، سمهڻ، اڄڪلهه، سنهو، ڏاڙـهون، گرـهاڪ،  وغيره.

 

3.    ’ ه ‘: هيءۡ ’مختفي ه‘، ٻن طُرن واري به سڏبي آهي، جيڪا ’اڌ سرَ‘ (Half Vowel) طور ڪم ڪندي آهي. فارسي يا اردو وارا لفظ جي آخر ۾ منفصل اکرن سان لڳائيندا آهن؛ جيئن: موجوده، خواه مخواه، خانقاه وغيره. عربي رسم الخط جي نسبت ’ة تانيث‘ جي جڳـﻫـه پڻ وٺندي آهي. هن جو استعمال عربي ۽ فارسيءَ ۾ گھڻو ٿئي ٿو. فارسيءَ ۾ گھڻي قدر ’هه‘ جو هلڪو آواز يا ان جڳـﻫـه تي ’سُر‘ (اَ، آ) جو آواز ورتو ويندو آهي. اها به ڳالهه محسوس ڪئي وئي آهي، ته هن قسم جي ’ه‘ لفظ جي آخر ۾ ڪنـﻫـن اڻڳنڍجندڙ اکرن (د، ڊ، ڍ، ذ، ڌ، ڏ، ر، ز، ڙ، و ۽ پڇاڙڪي ڊگھي سُر واري متصل يا غير متصل الف) سان لڳندي آهي. سنڌي ٻوليءَ تي ڄاڻايل ٻولين جي لفظن ۽ رسم الخطن جو اثر نمايان رهيو آهي؛ جنـﻫـنڪري سنڌي صورتخطيءَ تي انهن جو اثر نمايان آهي، مثلاً: ’وغيرهه‘، ’وغيره‘، هڪ لفظ جي ٻن صورتن مان اسين ’وغيره‘ جي صورت کي ئي اهميت ڏيندا آهيون. ان لاءِ اسان جي لاءِ بهتر آهي ته انهن اکرن لاءِ ڪو هڪ اصول قائم ڪري ان بنياد تي سنڌيءَ ۾ ڪم ايندڙ اهڙن اکرن جي صورت مقرر ڪريون! عام طور لفظ ’درياه‘ جون اسان وٽ ٽي صورتون ’درياه/ درياهه/ درياء‘ ڪم آنديون وينديون آهن، جنـﻫـن لاءِ اڄ سوڌو ڪا معياري صورت مقرر نه ٿي سگھي آهي. جيئن ته ڄاڻايل لفظ ۾ ’هه ۽ همزي‘ ٻنهي جو دخل رهي ٿو، اهڙي حالت ۾ ’درياه‘ جي صورت جي راءِ رکجي ٿي.

 

سالم صورت

شروعاتي صورت

وچين صورت

آخري صورت

اکر

لفظ

حرف

لفظ

حرف

لفظ

حرف

لفظ

ه

نه ٿيندي

نه ٿيندي

نه ٿيندي

 

 

 

 

 

 

 

 

 

’مختفي ه‘ جي استعمال لاءِ چند لفظن جا مثال هيٺ ڏجن ٿا:

·       ڊگھي سرَ (متصل الف) سان:  درياه، شاه، خانقاه، ساه، باه، گاه، ڳاه، لاه، ماه…

·       ڊگھي سر (غير متصل الف) سان: پرواه، خواه مخواه، وه واه، ونواه، …

·       غير متصل اکرن سان: موجوده، فـﻫـميده، ميسره، وغيره، باقاعده. …

 

4.    ’ـــه‘: هيءَ هه، اکر کي اڪثر اعراب سان متحرڪ بڻائڻ لاءِ، ڪنـﻫـن اکر کي ڪٽڻ يا ٻيو سر ڳنڍڻ لاءِ ڪم آڻبي آهي؛ جيئن: نه، ته، وجه، مکيه؛ ملڪهءِ ترنم.

عربي- سنڌي صورتخطيءَ ۾ ڪي لفظ اهڙا به ٿيندا آهن، جتي صورتخطيءَ جي اصولن کي ڇڏي ڪري رواج موجب لکيو ويندو آهي؛ يعني ڪنـﻫـن لفظ جي آخري اکر کي مختفي ه ( ـه ) سان ڪٽيو ويندو آهي، خاص ڪري اهڙو ڍنگ هڪ ۽ ٻِه- اکري لفظن ۾ ڏٺو ويو آهي. ٻي صورت ۾ چار- پنج اکري لفظن ۾ به اهڙو انداز ڏٺو ويو آهي. اها ڳالهه به ذهن ۾ ويـﻫـارڻ جوڳي آهي، ته اهڙو انداز خاص ڪري ڳنڍجندڙ اکر سان لاڳو ٿئي ٿو. جيئن: 

·       هڪ اکرو لفظ: بِه، ٻَه، تَه، نَه

·       ٻه- اکرا  لفظ (همزي سان ختم ٿيندڙ): مَئُـه، ڪَئُه، چَئُه، جَئه، طئه، قئه

·       ٻه اکرا لفظ (هه سان ختم ٿيندڙ): کِـَ هـه (هن لفظ جو آخري حصو مختفي ـه آهي.)

·       ٻٽو وسرڳ (وسرڳي ’ـهـ‘  سان ختم ٿيندڙ): ڇَهه (هن لفظ جو آخري حصو مختفي ـه آهي.)

·       ٽي-  چار- پنج  اکرا لفظ (ي متحرڪ ۽ متفرقه اکرن  سان ختم ٿيندڙ) : مکيه، ورهيه، سورهيه، بلڪه، پلئه، البته...

·       ڇڙ وِ ڇڙ: متفرقه،  وابسته، محترمه، آهسته، وجه، مروجه، خدا نخواسته، دانسته، آراسته...

هن حرف (Allograph) جون صورتون هيٺين ريت بيـﻫـنديون:

 

سالم صورت

شروعاتي صورت

وچين صورت

آخري صورت

اکر

لفظ

حرف

لفظ

حرف

لفظ

حرف

لفظ

نه ٿيندي

نه ٿيندي

نه ٿيندي

ـه

مکيه

 

 

 

 

 

 

 

 

 

5.    ــھ: هيءَ هه ، ’الله‘ ۽ ’هميشہ‘ جـﻫـڙن دائمي حيثيت رکندڙ لفظن ۾ ڪم ايندي آهي، ۽ وينجن توڙي سرَ جي آميزشي آواز (Half Vowel) لاءِ استعمال ٿيندي آهي. هيءَ ’ـہ‘ مختفيءَ جو ئي نمونو آهي ۽ وينجن توڙي سرَ جي آميزشي آواز لاءِ استعمال ٿيندي آهي. جنـﻫـن کي جـﻫـڙوڪر اڌ سرُ چئي سگھبو. سنڌي صورتخطيءَ ۾ هن جي مناسب استعمال نه ڪرڻ سان به بيڊولائپ محسوس ٿيندي آهي؛ مثلاً: ’هميشه، هميشهه، هميشـــﻫـ، هميشـ ہ، هميشہ‘ جي صورتن ۾ منهنجي خيال ۾ ان لفظ جي مختلف صورتن مان سڀ ان راءِ تي بيـﻫـندا ته ’هميشہ‘ جي عام صورت ئي مناسب آهي.

سنڌي صورتخطيءَ ۾ ’الله، فاطمہ، هميشہ‘ جـﻫـڙن لفظن ۾ ’مختفي ـہ‘ جو عام استعمال نوٽ ڪيو ويو آهي. هيءَ ’مختفي ـہ‘ صرف خط نسخ ۾ لکي ويندي آهي. هن اکر جون هيٺيون صورتون ٿينديون:

 

سالم صورت

شروعاتي صورت

وچين صورت

آخري صورت

اکر

لفظ

حرف

لفظ

حرف

لفظ

حرف

لفظ

نه ٿيندي

نه ٿيندي

نه ٿيندي

ـہ

هميشہ

 

 

 

 

 

 

 

 

 

دنيا جي ٻين ٻولين ۾ به ’هه‘ جا اهڙا تصور ملن ٿا، ان لاءِ ته ديوناگري آئيويٽا ۾ ’هه‘ وينجن توڙي سرَ، ٻنهي جي تصور سان سمجھايا ويندا آهن؛ جيئن:

شـﻫـر ____Shr ،       هميشہ ___HmyS:

هنن لفظن ۾ پهرين هه وينجن آهي، ۽ پڇاڙڪي سُرَ ۾ ڳڻي ويندي آهي، جيڪا ديوناگريءَ ۾ سُر ماترائن ۾ شامل آهي. انگريزيءَ سان پڻ ساڳي ويڌن آهي، جيئن:  Host يا Honest . اهڙن لفظن ۾ پڻ وينجن يا سُر ٻنهي جو تصور موجود آهي؛ جنـﻫـن ڪري انهن آوازن کي Half Vowel ۾ شامل ڪيو ويندو آهي.

ڊاڪٽر سـﻫـيل بخاريءَ جي لکڻ موجب ”عربي رسم الخط ۾ ’هه‘ جا ٽي روپ آهن، جيڪي اسان تائين منتقل ٿيا آهن. انهن ۾ هڪ کي ٻه چشمي ’ـهـ ٻيءَ کي ننڍي ’ ه ‘ ۽ ٽينءَ کي وڏي ’ح‘ چئبو آهي. انهن ۾ وڏي ’ح‘ صرف عربيءَ ۾ استعمال ٿيندي آهي.“  

ڊاڪٽر سـﻫـيل بخاري مختفي ’ه‘ لاءِ وڌيڪ لکي ٿو: ”عربيءَ ۾ ننڍي ’ه‘ جا ٻه قسم ٿين ٿا؛ هڪ، ’هوز‘ واري ’هه‘ جيڪا لفظ جي شروع ۽ وچ ۾ ايندي آهي، ۽ ٻي، مختفي جيڪا لفظ جي آخر ۾ ايندي آهي ۽ اردو جي رسته، ڪلڪته، پته وغيره ۾ لکي ويندي آهي.

عربي ۾ جڏهن ننڍي ’ه‘ لفظ جي آخر ۾ ايندي آهي ته اسين ان کي گول ت‘ چوندا آهيون؛ ڇو ته ان جو تبادل ’ت سان ٿيندو آهي. جيئن: جنّه = جنت، اُمّه = امت ۽ قيامّه = قيامت. اردوءَ وانگر اسان عربي تبادل جو اهو اصول ڪونه اپنايو ۽ جنّه کي جنت ۽ قيامّه کي قيامت ئي لکندا آهيون.

جديد فارسيءَ جا اهڙا لفظ جيڪي اڄڪلهه ’ه مختفي‘ سان لکيا وڃن ٿا، تن ۾ اڳي آخري حرف متحرڪ هوندو هو: چاره = چارَ، ڪده = ڪدَ، پاره = پارَ وغيره، چيو ويندو آهي ته لفظ ’ڪده‘ جـﻫـڙن لفظن جي آخر ۾ ’ڪاف‘ زبر لاءِ استعمال ٿيندو هو.

يوناني آخري زبر لاءِ اوس(os) ۽ لاطيني اَس (us) جي پڇاڙي لڳائيندا هئا، جنـﻫـن کي مغربي محقق ويدڪ ۽ سنسڪرت جو وسرڳ چون ٿا؛ ۽ وسرڳ جو تلفظ آچاريا ۽ پنڊت ’اَه‘ ڪندا آهن، جيڪو ديوناگري جي آخري سرَ جي شڪل’:‘ (يعني نسبت جي نشانيءَ) سان ظاهر ٿيندو آهي؛ جيئن: ڀيمه (خوفناڪ) BIm: ، ڪُچره (بد چلن) kuçr: وغيره مان به ان خيال جي تصديق ٿئي ٿي ته هند يورپي زبانن جا اهي سڀ طريقا لفظ جي آخري سُر کي ظاهر ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيا ويا آهن. اردو املا ۾ ’ه مختفيءَ‘ جو وجود فارسيءَ جي ڪتابت کان ورتل آهي ۽ اردو لفظن ۾ ٻن ڊگهن سُرن ’آ‘ ۽ اَي‘ جو بدل آهي.“  (بخاري، 1988ع: 41، 42 ۽ 43)

هتي اها ڳالهه ڪرڻ اهم آهي ته عربي يا فارسي لفظن ۾ ڪم آندل مختفي ’ه‘ جو بدل سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪنـﻫـن به سُر واري اکر سان  يا جمع جي گردان موجب ’اَنۡ‘ آواز سان ڪيو ويندو آهي. مثلاً:

عربي لفظ (مختفي ’ه‘ سان)

سنڌيءَ ۾ ان جو بدل

سنڌيءَ ۾ جمع (گردان موجب)

اِداره

اِدارو، اداري، ادارا.

ادارن

اِراده

ارادو، ارادي، ارادا. 

ارادن

اِشاره

اِشارو، اشاري، اشارا. 

اشارن

اِضافه

اِضافو، اضافي، اضافا. 

اضافن

مباحثه

مباحثو، مباحثي، مباحثا

مباحثن

مُذاڪره

مذاڪرو، مذاڪري، مذاڪرا

مذاڪرن

مُراسله

مراسلو، مراسلي، مراسلا

مراسلن

مُشاهده

مشاهدو، مشاهدي، مشاهدا

مشاهدن

مُعاهده

معاهدو، معاهدي، معاهدا

معاهدن

مُناظره

مناظرو، مناظري، مناظرا

مناظرن.

استعاره

استعارو، استعاري، استعارا

استعارن

استخاره

استخارو، استخاري، استخارا

استخارن

استفاده

استفادو، استفادي، استفادا

استفادن

طريقه

طريقو، طريقي، طريقا

طريقن

مسئله

مسئلو، مسئلي، مسئلا

مسئلن

ضابطه

ضابطو، ضابطي، ضابطا

ضابطن

مدرسه

مدرسو، مدرسي، مدرسا

مدرسن

صحيفه

صحيفو، صحيفي، صحيفا

صحيفن

روضه

روضو، روضي، روضا

روضن

مشوره

مشورو، مشوري، مشورا

مشورن

مُحڪمه

مُحڪمو، محڪمي، محڪما

مُحڪمن

مقبره

مقبرو، مقبري، مقبرا

مقبرن

ذريعه

ذريعو، ذريعي، ذريعا

ذريعن

 

فارسي لفظ (مختفي ’ه‘ سان)

سنڌيءَ ۾ ان جو بدل

سنڌيءَ ۾ جمع (اضافت سان)

آبخوره

آبخورو، آبخوري، آبخورا

آبخورن

آبيانه

آبيانو، آبياني، آبيانا

آبيانن

 برگزيده

برگزيدو، برگزيدي، برگزيدا

برگزيدن

پرده

پردو، پردي، پردا

پردن

پوشيده

پوشيدو، پوشيدي، پوشيدا

پوشيدن

پيچيده

پيچيدو، پيچيدي، پيچيدا

پيچيدن

پيچره

پيچرو، پيچري، پيچرا

پيچرن

پيرزاده

پيرزادو، پيرزادي، پيرزادا

پيرزادن

جـﻫـانديده

جـﻫـانديدو، جـﻫـانديدي، جـﻫـانديدا

جـﻫـانديدن

صاحبزاده

صاحبزادو، صاحبزادي، صاحبزادا

صاحبزادن

برجسته

برجستو، برجستي، برجستا

برجستن

 

مٿين مختفي ’ه‘ جي بدران سنڌي ٻوليءَ جي صورتخطيءَ ۾ گھڻي قدر ’سُرَ‘ ۾ ڪم ايندڙ اکرن جو استعمال ڪندا آهيون: يعني، مختفي ’ه‘ جو آواز اسان وٽ ’سُر‘ جي قريب ڄاتو ويندو آهي.

اهو ئي اصول رکي اسان کي پنـﻫـنجي ٻوليءَ جي لفظن جي صورتخطيءَ تي نظر رکڻ گھرجي، جيئن: ’درياءُ‘ يا ’درياه‘ جي صورتخطيءَ ۾ ڪـﻫـڙو لفظ درست ڀانيو وڃي؟ اهڙا مونجهارا خاص طور تي سنڌي ٻوليءَ جي لـ هجن آڌار ’سنڌي لئنگويج اٿارٽي‘ پڻ اٿاريندي رهي آهي. بحث هيٺ آندل مختفي ’ه‘ جو ٻوليءَ ۾ ڪردار اهو ئي ڏٺو ويو آهي ته اهو صورتخطيءَ ۾ ’سر‘ جي حيثيت وٺيون بيٺو آهي. جڏهن مختفي ’ه‘ جي بدران سر ڪم آڻيون ٿا ته ڇا مختفي ’ه‘ مان سر جو ڪم نه ٿا وٺي سگھون؟

سڌي سنئين ڳالهه آهي ته جنـﻫـن لفظ جي آخر ۾ اهڙي  اکر جو مونجھارو ٿئي ته ’ء‘ يا ’هه‘
ڪم آڻجي ته ان جڳـﻫـه تي مختفي ’ه‘ جو استعمال ئي مناسب آهي، جيڪو ’ء‘ ۽ ’هه‘ ٻنهي جي نمائندگي ڪري ٿو.

اٿلاڻي:

·       ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي سنڌي صورتخطيءَ ۽ پرنٽ ميڊيا ۾ ’ملفوظي هه‘ ۽ ’وسرڳي ـهـ‘ جي استعمال جي تاڪيد ڪئي آهي. 

·       ان سڄي بحث جو تت اهو آهي ته سنڌي صورتخطيءَ ۾ ’هه‘ اکر جا  ڪل پنج روپ ڪم آيا آهن، جن ۾ ٻه وينجن (هڪ وسرڳ سان) ۽ ٽي مختفي، جيڪي سُرَ جي نمائندگي ڪن ٿا؛ ۽ ڪنـﻫـن به اکر جي مختلف روپن جي وجود ۾ اچڻ جو سبب ئي ٻوليءَ جي صورتخطيءَ جون گهرجون هونديون آهن.

·       عالمن پاران به ’هه‘ جون جيڪي چار صورتون ڏنيون ويون آهن، تن ۾ چُڪون آهن.

·       ڄاڻايل صورتن جي درست استعمال نه ڪرڻ سان چند مونجهارا سامهون اچن ٿا، جن ۾ غلط صورتخطيءَ جا امڪان موجود رهن ٿا؛ اهوئي سبب آهي جو چند غلط لفظن جون صورتون به ڪتابي صورت ۾ اچي ويون آهن؛ جيئن: گراهڪ

·       سنڌي ٻوليءَ جا اهي ننڍڙا مونجهارا جن تي ڪو خاص توجه ڪونه ڏنو ويو آهي، هي ننڍڙا مونجھارا ان صورت ۾ ئي سمجھي سگھجن ٿا، جنـﻫـن صورت ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ماهرن ۽ مختلف لـﻫـجن جي ڄاڻو پرائمري استادن جو باضابطه مذاڪرو ڪرايو وڃي.

·       پرائمري سطح جي درسي ڪتابن  ۾ ’هه‘ جي روپن ۽ صورتن جون چُڪون محسوس ڪيون ويون آهن؛ ان صورت ۾ ابتدائي پرائمري (ECE) درجي کان وٺي، ’هه‘ جي روپن جي درست استعمال کي يقيني بڻائڻ گھرجي.

 

حوالا/ ذريعا

…    الانا، غلام علي، ڊاڪٽر (2005ع)، سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس. ڄام شورو: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.

×   تعليم کاتو (1956ع)، سنڌي پـﻫـريون ڪتاب. ڪراچي: سنڌي ادبي بورڊ

×   جوکيو، الطاف حسين (2008ع)، سنڌي ٻوليءَ ۾ وسرڳن جي حقيقت. ايڊيٽر: تاج جويو. سنڌي ٻولي: تحقيقي جرنل، ج: 1 (1)، ص: 72- 92. حيدرآباد: سنڌي لئنگويج اٿارٽي.

×   جوکيو، الطاف حسين (2012ع)، ايم.بي سنڌي‘ سوفٽ ويئر ۾، ’هه‘ اکر جي روپن آهر، اهم فونٽن جو مختصر اڀياس. ايڊيٽر: تاج جويو. سنڌي ٻولي: تحقيقي جرنل، ج: 5 (2)، ص: 106- 130. حيدرآباد: سنڌي لئنگويج اٿارٽي.

…    جيٽلي، مرليڌر، ڊاڪٽر (1999ع الف)، ٻوليءَ جو سرشتو ۽ لکاوٽ-  دهلي: اکل ڀارتيه سنڌي ساهتيه.

…    جيٽلي، مرليڌر، ڊاڪٽر (1999ع ب)، انگريزن جي دؤر ۾ عربي- سنڌي لکاوٽ. ايڊيٽر: نفيس احمد شيخ، ٽماهي مـﻫـراڻ. ج: 49 (4). ص: 89- 128. ڄام شورو: سنڌي ادبي بورڊ.

×   ڈاکٹر سہیل بخاری (1988ع)،    اردو    رسم الخط کے بنیادی مباحث.   اسلام آباد :مقتدرہ قومی زبان.

×   سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر (1980ع)، تحقيق لغات سنڌي- حيدرآباد: سنڌي ادبي بورڊ.

×   جويو، محمد ابراهيم (1970ع)، سنڌي پـﻫـريون ڪتاب. حيدرآباد: سنڌي ادبي بورڊ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org