سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-1/ 2016ع

باب:

صفحو:12 

غلام حسين ”مشتاق“ سچاروي

 

 

 

غزل

درد منهنجي کي نٿو ڪو ڊاڪٽر سمجهي سگهي،

منهنجي ارمانن کي ٿو اهلِ نظر سمجهي سگهي.

 

نانءَ جي جمهوريت ۽ نانءَ جي آزادي آهه،

بد کان ٿيا بدتر ٻئي، ڪو معتبر سمجهي سگهي.

 

پيڙجي ٿو پورهيت، پورهيو ڪرڻ جي باوجود،

پر نٿو ظالم سماج ان جي خبر سمجهي سگهي.

 

بي اجهو پيرين اگهاڙو، پيٽ بکيو ٿو سگهي،

هُن جي هن دک درد کي، ڪٿ بيضمير سمجهي سگهي.

 

هر غريب آهي رياست ۾، برابر جو شريڪ،

هي حقيقت ٿو ڪٿي، ڪو مُقتدر سمجهي سگهي.

 

عدل پئسن تي وڪامي، جيڪڏهن بازار ۾،

پوءِ ڪٿي انصاف جو، منصف اکر سمجهي سگهي.

 

عقل ۽ دانش تي غالب، جِت جهالت جا جَٿا،

هي ڪهاڻي ڪير ڪنهن جي، سربسر سمجهي سگهي.

 

ظلم جي گهاڻي ۾، ظالم پاڻ آخر پيڙبو،

ڳالهه آهي مختصر، ڪو مختصر سمجهي سگهي.

 

ڪاش ڪو پيدا ٿئي، ”مشتاق“ مردِ حق هِتي،

ڇو هجي مسڪين، هردم دربدر سمجهي سگهي.

 

عبدالقيوم صائب

 

 

 

غزل

اسان کي ته پنهنجن ئي سمجهيو پرايو،

اها ڳالهه ڪانهي، هو پختو هي رايو.

زماني سبق ڏيئي ڪيئي ڇڏيا،

مگر قول، هڪ کانسواءِ ڪنهن نه پاريو.

چَٽيون سِر تي سهندي، صديون گذري وييون،

ڪڏهن عاشقن، نه هٿ ٻئي تي ٺاريو.

فنا آهه ٿيڻو، فنا آهه منزل،

فنا جي فقط چس، گهڻن کي هو کاريو.

منازل جون ڳالهيون، منازل جا رتبا،

نڪي پاڻ وسريا، نڪي مون وساريو.

محبت عجب چيز، آهيئي اهڙي،

انهيءَ وس چڙهيو جو، تنهين پاڻ ڳاريو.

مقرب ازل کان ئي، بدليا نه آهن،

وٺي واٽ هڪڙي، جي آهه گهاريو.

وفائن جو ٺيڪو، کڻڻ کي ڇڏي ڏيو،

اِهو اُڀ ڏرندو، نه ڪنهن آهه ڏاريو.

ڏٺي، اڻ ڏٺي جون ٻڌي لن ترانيون،

نڪي وقت آيو، نڪي ڪنهن ورايو.

چريو آهه ”صائب“، چرين سان زمانا!

الائي اڃا تائين، ڪيئن پيا گذاريو.

مير محمد پيرزادو

 

 

 

 

غزل

 

مُورُ موٽڻ جي ڪري هُوءَ ڇيڳري ڇوري نه ٿي،

سينڌ جو جنهن سُنهُن ڏنو بلڪل مُڙي پوري نه ئي.

مون کُٽايا سڀ سِڪا ۽ ماڻَ جي ماپڻ سندا،

’پيارُ‘، مُحبت سَچُ پُڇو مون کان ٿئي توري نه ٿي،

موتئي مهڪار ۾ ٿي رات ڪلهه مون کان پڇيو،

گُجِري وجهي ڇو پير ۾، گهر ڏي اچي گوري نه ٿي!؟

آ ڪَتي آٿت ڏئي وئي، وَسَ ٽيڙن ڪِيا وڏا،

چينُ پائڻ مورڳو ڏئي لونءَ سندي لوري نه ٿي.

جنهن کي پائڻ لئه ڀريون، جِنَ، ملڪ ڀي ڪو شانُ هن

سڱ اهڙي لاءِ توکان جان ڀي گهوري نه ٿي.

نينهن وارو نَپُ انوکو جيءَ ۾ رهي جُکندو سدا،

مون ته ڪوشش ڪئي، وڃي پر جانِ مان جهوري نه ٿي.

هڪ طرف چوگانَ- چاري ٻئي طرف هُو ٿا سڏن،

من متو مانڌاڻ، نبري ڳالهه هيءَ ڳوري نه ٿي.

مون ڪُنڍي ڪَلُين اندر جو آ کُپائي خوشيءَ سان،

ڪيئن ساهي چَئهُ کڻان، ساهي ڏئي ڏوري نه ٿي.

واءُ پيو هر سُو گهُلي، جُهوٽو کنيون ويندُئي کَنڀي،

ٿيءُ پٿر جيان پاڻ ڀيڙو، ڪپهه جي ڦوري نه ٿي.

ڪو ته گفتو ريءَ، مُلهو آ، ڪو ڪَٿڻ کان ڀي وڏو،

رک وزنُ ڪو وَچَن جو، هلڪي رڳو هوري نه ٿي.


 

گيت

نه مَٽُ جنهن جي ڪو ۽ نه تشبيهه ڪا

اِها جهلڪ هڪڙي پرينءَ جي ته آ!

 

سندس منهن پسڻ جو به اعزاز آهه،

ڏئي ٽهڪ ڇڏيو ڪوئي ساز آهه،

۽ مُکَ تي گلن کي به ٿيو ناز آهه

اِها جهلڪ هڪڙي پرينءَ جي ته آ!

 

وڻن سان چندرما ٿو رانديون رهي،

هوا خوب نياپا کنيون پئي ڪهي،

جنهين سان گلن جي ٿي خوشبو ٺهي،

اِها جهلڪ هڪڙي پرينءَ جي ته آ!

 

وري چَنڊَ ڪنهن لئه هَٿين آ پڙي،

اِها ڦول مالها آ ڪنهن لئه کِڙي،

پرينءَ پير چمندي رمي راتڙي،

اِها جهلڪ هڪڙي پرينءَ جي ته آ!

 

اِهو پاڻ سامهون نظر ٿو اچي،

سندس رنگ ۾ جو به رمتو رچي،

اُهو ٿي ڀڀوتي ننگر ۾ نچي،

اِها جهلڪ هڪڙي پرينءَ جي ته آ!

 

نه ڪو پاڻُ آهي، نه ڪو پاڻُ ناهي،

نه ڪو ساڻ آهي، نه ڪو ساڻ ناهي،

ته پوءِ پاڻُ ڇاهي؟ ته پوءِ ساڻ ڇا هي!؟

اهو راز   سليندي ڪيئي جُڳَ ٿيا،

اِها جهلڪ هڪڙي پرينءَ جي ته آ!

 

نياز پنهور

 

 

 

دوها

منهنجا شعرَ ته خوشبو خوشبو آهن بسنت هيرون،

منهنجا شعر پڙهي ڏس پيارا، تنهنجون ئي تصويرون.

مُرڪي سُڏڪي جيئن به آهي گذريو ڪوئي پل،

لفظن منجهه وڪوڙيم تن کي سرجيا گيت غزل.

ڪيئن گذاريون ڪيئن گذاريون توبن پيارا ويل،

ڪڏهن ملنديون خوشيون سائين ڪيڏا ٿيندا ميل.

ڪنهن مهل رسي ڇو ويندي آهين مونکان منهنجي ڏات،

توبن ڀائيندو آهيان مان جيون ڪاري رات.

لفظ لفظ ۾ پيار آ مون وٽ سٽ سٽ منجهه سڳنڌ،

پيار جي خاطر ڪندو آهيان ڏورانهن ڪو پنڌ.

سک امن ۽ پيار ٿو چاهيان ٻيو نه ڪجهه ڏيو،

منهنجا يارو مون کي چاهيو منهنجا لڙڪ کسيو.

گذري ويل ڪنهن ويلَ جيان مان گذري ويندو سانوَ،

موت کان پوءِ ياد ڪندؤ پر مان نه هوندو سانوَ.

آيو آهي تو وٽ سائين پيار جي جهول ڀري،

مڱتو چاهي ٿو ته ساڻس ڪوئي پيار ڪري.

منهنجا گيت گلابي آهن ڳائيندو هي لوڪ،

مان ته لکندو رهندس پيارا مون کي ائين نه روڪ.

 

وائي

 

او ڏات جي راڻي،

مهل ته ملهائي ڪا.

اڄ آئي آهي اوچتو، ياد پراڻي،

مهل ته ملهائي ڪا.

اُٿ اٿي تون باهه جا لاٽ اُجهائي،

مهل ته ملهائي ڪا.

روڳ ڀريل کي آ ياد ڪهاڻي،

مهل ته ملهائي ڪا.

وسڪاري جي مُند ۾ دلڙي ويڳاڻي،

مهل ته ملهائي ڪا.

سانول جي ديسَ ڏي سوچَ اڏاڻي،

مهل ته ملهائي ڪا.

 

ترائيل

 

آءُ ته ڳائي وٺون آءُ ته مُرڪي وٺون،

ڪير ڄاڻي سڀاڻي ٿئي نه ٿئي،

زخمَ روڙي وٺون، ڪجهه ڪري ته وٺون،

آءُ ته ڳائي وٺون، آءُ ته مُرڪي وٺون.

 

آءُ ته روئي وٺون، آءُ ته ڏاڍو کلون،

ڪو اهو سڀاڻي ڏئي نه ڏئي،

آءُ ته ڳائي وٺون، آءُ ته مُرڪي وٺون،

ڪير ڄاڻي سڀاڻي ٿئي نه ٿئي.

غلام حسين رنگريز

غزل

ايامن کان اميري سوچ سرمد جي،

فَقر، فاقا فقيري سوچ سرمد جي.

 

قلندر جي ڌمالن ۾ وڄي وڄ جيئن،

۽ روميءَ رقص، ڦيري سوچ سرمد جي.

 

نه عالمگير جيتي جڳ سگهيو آهي،

سگهاري ۽ سچيري سوچ سرمد جي.

 

اَپڃندَ! عشق تنهنجي ۾ ٺٽو مهڪي،

پيو ٻَهڪي ڀليري سوچ سرمد جي.

 

پئي اونده کي للڪاري ازل کان ئي،

صفا سج جيئن اڇيري سوچ سرمد جي.

 

اُها منصور ميڙي شمس ورهائي هئي،

زماني ۾ تکيري سوچ سرمد جي.

 

نشانبر نينهن ٿيندو وقت گذرڻ سان،

سدا گهاٽي گهڻيري سوچ سرمد جي.

 

اُگهاڙپ جو اهو اسرار ڇا ڄاڻن!

’قوي(1)‘ کان آ مٿيري سوچ سرمد جي.

 

اسان رنگريز سوچيون ٿا ۽ لوچيون ٿا،

کڻي پيرا سُٺيري سوچ سرمد جي.

 

غزل

اوهان جي وساريو ته رنج ڪوئي ملال ناهي،

نراس ڇو ٿيون، حياتُ ايڏو وبال ناهي.

 

هي ڀورا ڀورا وَجُود ميڙي رکون سهيڙي،

اوهان کي جانان! اسان جو ڪوئي خيال ناهي.

 

چراغ آهيون ۽ شام کان ئي جلئون پيا ٿا،

سڙؤن پيا ٿا، جيئون پيا ڇا ڪمال ناهي؟

 

جڏهن به چنڊ آ تڪيندو مون ڏي ۽ ڏسندو مون ڏي،

آ ڀاسندو ائين اِهو به ڇا يَر! وصال ناهي؟

 

گلاب جهڙيون، شراب جهڙيون جوانيون هي،

بچي سگهي ڪو اُنهن کان ڪيئن سو مجال ناهي.

 

اکين ۾ پنهنجي ٿا خوابَ پوکيون عذاب ڀوڳيون،

هيءُ آس اهڙي آ جنهن جو ڪوئي مثال ناهي.

 

اسان ته رنگريزَ آسمانَ جيئن رکون ٿا دِل کي،

اسان جي دِل جيئن ته ڪائي دل ڀي وشال ناهي.

بيخود بلوچ

 

 

 

 

غزل

 

دل ۽ ديد سوالي آهي،

موٽايو تو خالي آهي.

حُسن بنا هيءَ دنيا پيارا،

بي رنگ آهي خالي آهي.

ڌرتيءَ خاطر جو ٿو سوچي،

سوئي پُٽ حلالي آهي.

پاڻيءَ بن ڪيئن فڪر ڦٽي ها،

اک انهيءَ لئه آلي آهي.

شعر سمورا ڄڻ گُلَ آهن،

شاعر تن جو مالهي آهي.

خون جگر جو ڏيئي بيخود،

هر تخليق مون پالي آهي.

غزل

هن دل جي هرڪا محفل تو بن اڌوري آهي،

مهمانِ خاص بڻجڻ تنهنجو ضروري آهي.

صوفين سرزمين تي دهشت چڱي نه آهي،

وِک وِک تي ڇو ڀلا هِت نفرت جي کوري آهي؟

نقاد ڪنهن پڇيو هو ”شعرن ۾ جان ڇو آ؟“

مون مُرڪندي چيو هو ”دلبر جي دُوري آهي.“

ڏاهپ جي ڏنگ سان گڏ مليو آ مرتبو پڻ،

آتم ڪٿا اِهائي سِٽ ۾ سموري آهي.

”آهين فقير بيخود، دوکا اٿئي مقدر،

هيءَ ڳالهه لوڪ چئي هئي سا اڄ ٿي پوري آهي.“


 

غزل

تون شخص خاص آهين مان شخص عام آهيان،

تنهنجي حُسن جي در جو سهڻا غلام آهيان.

منهنجي حُسن سان ناهي ڪجهه وقت جي عقيدت،

مان حُسن جو ازل کان ڪندو احترام آهيان.

منهنجو نه آهي ٻيو ڪو نالو نه ئي حوالو،

تاريخ منهنجو نالو مان هڪ پيام آهيان.

اُميد منهنجو مقصد اُميد منهنجي منزل،

سورج صبح جو سمجهو، هرگز نه شام آهيان.

موسيٰ جي ريت بيخود منهنجي اڳيان رهي ٿي،

فرعون کي نه ڪنهن دم ڪندو سلام آهيان.

نظم

بهار آهي قرار ناهي،

بهار هوندي بهار ناهي.

وڪوڙيو گل گل کي باهه آهي،

چمن جي شڪل ۾ ناهي.

فِضا سڄي سازگار ناهي…

اوهان جنهين کي بهار چئو ٿا،

بهار ڏي ٿي قرار چئو ٿا،

ذهن مڃڻ لئه تيار ناهي…

بسنت ۾ باک نيٺ ڏسبي،

بسنت جهڙي ڪويتا لکبي،

فضول هي انتظار ناهي…

جي رنگ خوشبو جا ويري آهن،

سي پنهنجا آهن ٻيا ڪي ناهن،

ٻين تي بيخود ميار ناهي…

بخشل باغي

 

 

 

نظم (پَريو فقير)

 

هُن جي اکين جي جهيڻي،

ٿي وئي هُئي نظر،

پوءِ به هُو تلاوت قرآن ڪندو هو،

هُو زندگيءَ جي پوين،

ڏينهن ۾ کٽ تي،

پڙهندو هيو نماز،

پنجئي وقت سُتي پئي،

هُن جي سڄي حياتي،

پورهيو ڪندي بسر ٿي،

ڀٽڪي وئي بُکن ۾،

غربت جي نظر ٿي،

ڪنهن جي اڳيان به ڪڏهين،

ڦهليا نه هٿ هُن جا،

پنهنجو پگهر وهائي،

هُن جوت هُئي جلائي،

هٿ جوڙ ۽ نِوڙت،

هُن جي هُئي وڏائي،

هُن کي ملي فقيري،

فڪرات ۽ فهم جي،

تهجد گذار بڻجي،

هُن زندگي گذاري.

هُن ورد، وظيفن ۾،

هر صبح هئي اُڀاري،

مُک تي اڇي سونهاري،

۽ پوتڙي جو پَٽڪو،

مسجد سان پراڻي هئي،

هُن جي اَزل کان ياري.

هُن جي سڄي حياتي،

هُن کي ڪُٺو سدائين،

اوڌر جي تِکي ڪاتي.

مسواڙ هر مهيني،

هُن لئه وڏو مسئلو،

ڪو ڀي نه سنگتي ساٿي،

بيمار ۽ اڪيلو،

هر ڳالهه کي ڏنو هُن،

همت سان مُنهن سدائين،

دنيا کي مفلسيءَ جي،

نظرن سان پئي ڏٺائين،

ڪيڏو عجيب هُن جي،

جيئڻ جو ڍنگ هو،

دل جو امير هو پر،

هٿ، کيس تنگ هو.

هٿ ۾ سدائين هُن جي،

تسبيح جا هُئا داڻا،

گهر ۽ مسيت، مُصلو،

هُن جا رهيا ٺڪاڻا،

سانجهيءَ جو وقت هو ۽،

آيون پئي اذانون،

آکيرڙن ڏي واپس،

پکين جون هُون اُڏارون،

اُن وقت ڇانئجي ويا،

گهاٽا ڪڪر غمن جا،

۽ پُورجي سدا لئه،

ويا نيڻ ٻيئي هُن جا،

 


(1) مُلان قوي جنهن اورنگزيب جي چوڻ تي سرمد جي واجب القتل هجڻ جي فتويٰ جاري ڪئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org