ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي
گُنو سامتاڻي جي ڪهاڻين جو تنقيدي جائزو
گُنو سامتاڻي، رومانوي دور جو ٽيون اهم ڪهاڻي-
نويس آهي، جيڪو جديد سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ اهم ۽ بنيادي
ڪهاڻي نويس واري حيثيت مڃائي چڪو آهي. رومانوي دور
جا پهريان ٻه ڪهاڻي نويس آهن: موهن ڪلپنا ۽ لعل
پشپ. گڏيل هندستان جي ورهاڱي کان پوءِ پيدا ٿيل ان
ٽه- مورتيءَ ادب ۾ ڪافي نالو ڪڍيو. سندن ناموس هند
سان گڏ، سرحد جي هن پار سنڌ ۾ به پکڙيل آهي. موهن
۽ لعل جي مشابهت ۾ گني جو جيتوڻيڪ ادبي ذخيرو گهٽ
آهي پر سنڌي ادب ۾ هُو ڪهاڻي- نويس طور، هن ننڍي
کنڊ جو هڪ اهم دستخط بڻجي اُڀريو.
گنو سامتاڻي يارهون درجو پاس ڪرڻ کان پوءِ ڪجهه
وقت ڪلياڻ ڪئمپ ۾ رهيو پر پوءِ بمبئي هليو ويو.
ڪلياڻ ڪئمپ کي الوداع ڪرڻ کان پوءِ، هن بمبئي
يونيورسٽيءَ مان بي.اي (آنرس) پاس ڪري مهاراشٽر
گورنمينٽ سچيواليه ۾ نوڪري ڪرڻ شروع ڪئي ۽ اتان ئي
جوائنٽ سيڪريٽريءَ جي عهدي تان رٽائر ڪيو. گُنو
سامتاڻي مهاراشٽر سنڌي ساهتيه اڪاڊميءَ جو برپا
ٿيڻ کان وٺي سن 1995ع تائين سيڪريٽري ٿي رهيو.
گڏيل هندستان جي ورهاڱي کان پوءِ سنڌي آهستي آهستي
ٿانيڪا ٿيندا ويا. حياتيءَ ۾ اٽي، لٽي ۽ اجهي جا
مسئلا گهڻي قدر حل ٿيندا ويا. نئين زمين تي دنيوي
ڪاميابين بعد، سنڌي اديبن ڀارت جي ٻين زبانن خواه
وديشي ٻولين جي ادبي تبديلين ۾ چاهه وٺڻ شروع ڪيو.
ترقي پسند ڪهاڻي- نويسن جا موضوع ڪشش وڃائڻ لڳا
هئا. عالمي ادب ۾ پڻ نوان نوان رجحان نمودار ٿيڻ
لڳا. ايتري قدر جو ان عرصي ۾ روس جهڙي سماجوادي
ديش جي ادبي رخ ۽ رَويي ۾ ڦير اچڻ شروع ٿيو، جنهن
جو ذڪر اِليا اهنبرگ جي
'writer and his craft'
۾ ٿيل آهي. نتيجو اهو نڪتو جو سن 1958ع ڌاري سنڌي
ڪهاڻيءَ ۾ هڪ نئون موڙ اچڻ لڳو. هندي ۽ ٻين ڀارتي
قومي ٻولين ۾ به ترقي پسند ڪهاڻيءَ خلاف زوردار رد
عمل شروع ٿي چڪو هو. سنڌي ڪهاڻي ترقي پسنديءَ جي
گهيري ۾ گهٽجڻ لڳي هئي. جڏهن ترقي پسند دور وارين
لکڻين ۾ سطحيت گهر ڪري ويئي، ادب محض سياسي نعري
بازي يا سطحي بيان- بازيءَ جي حد تي وڃي رسيو، ۽
چين جي حملي اديبن جو موهه ڀنگ ڪيو ته سجاڳ
قلمڪارن ان تي گهرائيءَ سان سوچڻ شروع ڪيو. انهن
رفته رفته ان تحريڪ کان پنهنجا پلئه آجا ڪري،
پنهنجي اظهار لاءِ نوان گس ۽ پيچرا تلاشڻ لڳا.
نتيجي طور سنڌيءَ ۾ رومانوي ڌارا جي ابتدا ٿي.
ترقي پسند ڌارا ۾ جتي سماج جي مجموعي صورت کي
ترجيح ڏني ويندي هئي، اُتي هينئر اديبن جو ڌيان
فرد ۾ وڃي کُتو يعني هُو فرد کي وڌيڪ اُڀاري سماج
جو چٽ چٽڻ لڳا. سماجي حقيقت نگاريءَ جي عيوض، هن
رجحان جا قلمڪار فرد جي اندرين شخص جي ذهني عڪاسي
ڪرڻ ۾ لڳي ويا. اديبن انفراديت پسندي ۽ رومانواد
جي موضوعن کي کڻي ڪهاڻيون لکيون. شخص جي انفرادي
احساسن، ذهني ڪيفيتن، پريم- رومانس جي ڀن ڀن
پهلوئن تي ڪهاڻين جي تخليق ڪري، اُنهن سنڌي
ڪهاڻيءَ جي صورت ئي بدلائي ڇڏي. هن دور جي ڪهاڻي
’ٻاهر! کان اندر هلي ويئي. فرد تي وڌيڪ توجهه ملڻ
سبب سوکيم ۽ منو وگيانڪ وڌيڪ ٿي ويئي. استري پرش
جي تعلقاتن جا انيڪ اڻڇهيل پهلو اُجاگر ٿيڻ لڳا.
نين تشبيهن ۽ استعارن کان ڪم ورتو ويو، اظهار جا
نوان تجربا وجود ۾ اچڻ لڳا. انهيءَ رومانوي ڌارا ۾
ڀارت جي ورهاڱي کان ترت پوءِ، ادب ۾ جيڪا نوجوان
پيڙهي آئي، تنهن جي وڌيڪ حصيداري رهي. اُنهن ترقي
پسند يا مارڪسوادي ڌارا کي رومانوي ڌارا ۾ تبديل
ڪري ڇڏيو، جيتوڻيڪ اُنهن اديبن جي ابتدائي ڪهاڻين
۾ مارڪسواد جا عناصر نمايان ٿي بيٺا آهن. انهيءَ
ڌارا ۾ موهن ڪلپنا، گنو سامتاڻي ۽ لعل پشپ اچي ٿئي
ويا. انهن ٽنهي ۾ گني جي ڪهاڻين جو عدد تمام مختصر
رهيو پر پوءِ به فنائتي پيشڪش، دلچسپ لهجي، پڪي
پختي زبان ۽ نرالين تشبيهن سبب، هن سنڌي ڪهاڻيءَ
کي بلندين تائين رسايو.
گني جي پهرين ڪهاڻي پارس ڪلياڻ ڪئمپ مان شايع
ٿيندڙ ’نياسنسارا‘ رسالي ۾ سن 1949ع ۾ شايع ٿي.
پرگني جي مقبوليت ۾ جڳت آڏواڻيءَ جي ”ڪهاڻي“ رسالي
جو وڏو هٿ آهي. جڏهن گني جي ڪهاڻي ’نائڪا‘ نومبر
1958ع ۾”ڪهاڻيءَ“ جي ڏياري پرچي ۾ شايع ٿي ته هُو
سنڌي ڪهاڻيءَ تي ڇانئجي ويو. لريڪل ڀاشا، فنائتي ۽
نئين پيشڪش ۽ دلچسپ قصا گوئيءَ سبب، پڙهندڙن ڪهاڻي
خوب پسند ڪئي هئي. ان پرچي ۾ موهن ڪلپنا جي مشهور
ڪهاڻي ’خوابن ۽ سراپن وچ مان‘ به شايع ٿيل آهي.
اُنهن ڏينهن ۾ ڪهاڻيءَ ۾ ڇپجڻ هڪ وڏي ڳالهه ليکي
ويندي هئي. لعل پشپ کي سڄي حياتي اهو مَلالُ رهيو
ته سندس ڪهاڻي ان پرچي ۾ شايع نه ٿي.
گني جي شروعاتي ڪهاڻين تي ترقي پسند رجحان جو اثر
ڏسڻ ۾ اچي ٿو. گڏيل هندستان جي ورهاڱي کان پوءِ
ڪجهه سمو، ڀارت جي ٻين ٻولين جيان سنڌيءَ ۾ به
ترقي پسند تحريڪ زور رهي. قريب قريب هر طبقي جي
اديب تي مارڪسوادي نظريو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ حاوي
رهيو. گني جون ڪهاڻيون به ترقي پسند دور کان شروع
ٿيون. پر رفته رفته انهن ۾ رومانيت ۽ انفراديت
ايندي ويئي. گني سامتاڻيءَ جا ڇپيل ڪتاب هن طرح
آهن: واپس (ناول)، اڀمان ۽ اپراجتا ڪهاڻيون. گني
جي پهرين تحرير جا ڪتابي صورت ۾ سن 1957ع ۾ ميدان
ادب تي آيل آهي، سو آهي سندس ننڍو ناول ”واپس“. لڳ
ڀڳ ساڍا پنج ڏهاڪا اڳ شايع ٿيل ’واپس‘ ناول کي
جڏهن وري پڙهڻ ويٺو آهيان ته خوبصورت عبارت، پڪي
پختي ٻولي ۽ سهڻي اندازِ بيان جي باوجود ناول مان
تسڪين جي حاصلات نٿي ٿئي. ڪو دور هو، جو اهڙيون
ڪهاڻيون ۽ قصا عام ۽ خاص پڙهندڙن کي ڀانءِ پوندا
هئا، جن ۾ سڏڪا هجن، جهرجهر ڪندڙ آنسو هجن. اڄ اهو
وقت گذري چڪو آهي. ناول جو مول عنصر ڪهاڻي آهي، جا
گني جي ’واپس‘ ناول ۾ عدم موجود آهي. ’واپس‘ ۾
ڪهاڻي نه جي برابر آهي. ناول نويس جي نگاهه ڪردارن
تي اٽڪيل آهي، اُنهن جي من جي پيڙا ۽ ڪشمڪش ۾ کتل
آهي. اهوئي ناول جو مقصد به آهي. ناول جا مکيه
ڪردار آهن- ڀاڀي، سمترا، نريندر ۽ سشما. ناول جا
ٻيا عناصر فقط ساڌن آهن، پر ناول ۾ اهو ڏسڻو آهي
ته ڪردار ڪيترو سڀاويڪتا ۽ گهرائيءَ سان پيش ٿيل
آهن. ناول جو اهم نُڪتو آهي- ڪردارن ۽ ڪهاڻيءَ جي
سڀاويڪ اوسر، پر گني جي ”واپس“ ناول ۾ ڪهاڻيءَ جي
اُڻت اڳواٽ طئه ڪيل ۽ ڪردارن جو وهنوار هٿرادو ٿو
لڳي؛ ڇو جو اُهي ناول نويس طرفان مڙهيل حياتي پيا
جيئن؛ ڇو ته اُهي ناول نويس جي ويچارن جي اظهار
لاءِ ئي خلقيا ويا آهن. اِتي ڪلا کي دهرم ٿو رسي.
گني جو پهريون ڪهاڻين جو مجموعو
”اڀمان“ (1965ع) آهي. ان مجموعي ۾ گني جون ڇهه
ڪهاڻيون آهن: نائڪا، اڀمان، وقت جي سيما هِن پار
هُن پار، هڪ راهه هڪ پٿر، شڪست ۽ پرليه.
گني سامتاڻيءَ جي ”اڀمان“ جي پهرين ڪهاڻي نائڪا ۾
پلاٽ جي اوسر خطن ذريعي ٿيل آهي. گني جي هيءَ
ڪهاڻي، روايتي ڪهاڻين کان الڳ ٿلڳ آهي. ڪهاڻيءَ ۾
واقعات جو سلسلو ڪونهي. پوءِ به ڪهاڻيءَ ۾
دلچسپيءَ جو عناصر، پڇاڙيءَ تائين قائم رهي ٿو،
ڪهاڻيءَ جا مکيه ڪردار آهن: ڪمار، جيڪو پروفيسر
ليکڪ آهي، وجيا، ڪنواري کان ڪمار جي فئن آهي،
سريندر، وجيا جو پتي، پنهنجي تهذيب ۽ سکيا کي
ڀُلائي پتنيءَ سان بد وهنوار ڪري ٿو؛ ۽ اُشا، جنهن
سان شادي رچائڻ جي خواهش ڪمار ناڪام بڻائي ٿو ڇڏي.
وجيا جي من ۾ پرٻل اڇا آهي ته هوءَ ڪمار جي ڪنهن
ڪهاڻيءَ جي نائڪا بڻجي. هوءَ پتني ڌرم جو پالن ڪرڻ
لاءِ پتي سريندر جي انياءَ کي برداشت ڪندي رهي ٿي.
ڪمار کيس ان صورتحال مان نجات ڏياري نائڪا بڻجڻ جي
قابل بڻائي ٿو. ڪهاڻيءَ جي پلاٽ جي اوسر سڀاويڪ
آهي. ڪهاڻيءَ جو ڪلائمڪ پهلو بيحد پختو آهي. ڪهاڻي
نويس، ڪهاڻيءَ جي رٿا ڏانهن شروع کان پڇاڙيءَ
تائين سجاڳ رهيو آهي. ليکڪ کي ڪهاڻي چوڻ جو ڏانءُ
آهي. ڪهاڻي سنويدنا کي ساڻ ڪري هلي ٿي. ڪهاڻي
پڙهندڙن کي موهي ٿي. ’اڀمان‘ رومانوي ڪهاڻي آهي.
ڪهاڻي- نويس، اميري غريبيءَ کي وچ ۾ آڻي، ٻنهي
پريمين کي الڳ ڪري ڇڏي ٿو. پاٺڪ هڪ ئي ويهڪ ۾
ڪهاڻي پوري ڪري ٿو، پر پوءِ به اڀمان کي گني جي
عمدين ڪهاڻين ۾ شمار نٿو ڪري سگهجي. ’وقت جي سيما
هن پار- هُن پار‘ ۾ ڪهاڻي- نويس ڪردارن جي من جي
اندرين تهن ۾ گهڙي، اُنهن جي احساسات کي اظهاري
ٿو. ڪهاڻيءَ ۾ ڪافي فورس آهي سنگيتميه ٻوليءَ جو
جادو ڏسڻ وٽان آهي. هيءَ هيمنت ۽ آروڻا جي پريم
ڪهاڻي آهي. هڪ راهه هڪ پٿر، هن مجموعي جي چوٿين
ڪهاڻي آهي. هيءَ ڪهاڻي پهرين ٽن ڪهاڻين کان ڪجهه
الڳاءُ کڻي هلي ٿي. گني جي اڳين ٽن ڪهاڻين جا نائڪ
ڪهاڻيڪار آهن ته هن ڪهاڻيءَ جو نائڪ اتهاسڪار آهي.
اروڻ، پريم ۾ چوٽ کائي. اِتهاسڪ کنڊرن ۾ پاڻ کي گم
ڪري ٿو ڇڏي. فيلسوفاڻا بيان هوندي به ڪهاڻي ذهين
پڙهندڙن کي پنهنجي گرفت ۾ سوگهو جهلي بيهڻ جي قوت
رکي ٿي.
’شڪست‘ ڪهاڻيءَ ۾ به ڪافي پڪڙ آهي. پڙهندڙ ڪٿا-
پرواهه ۾ پڇاڙيءَ تائين کوهيل رهي ٿو. پرليه هن
مجموعي جي آخرين ڪهاڻي آهي. جڏهن گني جي ’پرليه‘
ڪهاڻي پهريون دفعو ”ڪهاڻيءَ“ جي آڪٽوبر 1959ع واري
پرچي ۾ شايع ٿي، ته گنو سنڌي ڪهاڻيءَ تي ڇانئجي
ويو. پرليه هن کي سنڌيءَ جي اول نمبر ڪهاڻي- نويسن
جي صف ۾ آڻي ڇڏيو. گني جي هيءَ ڪهاڻي بيحد ئي
مقبول ڪهاڻي آهي. تمام فنائتي نموني لکيل هيءَ
ڪهاڻي پڙهندڙن جي من تي اڻمٽ ڇاپ ڇڏي ٿي. هيءَ
ڪروڻا ۽ ان جي ودوان پتيءَ جي ٽرئجڪ جيون ڪٿا آهي؛
جيڪا انهن جي پاڙيسري ’مان‘ ڪردار جي واتان ٻڌايل
آهي. ڪهاڻي رفته رفته ڪلائيميڪس ڏانهن وڌندي رهي
ٿي. پڙهندڙ به ٽرئجڊيءَ ۾ پڇاڙيءَ تائين حصيدار
رهن ٿا. انت ۾ ودوان جو مرتيو ۽ پتنيءَ جا دردي
نوع ۾ گيتا جا شلوڪ ۽ اننت ويدنا ڀريو رودن چوطرف
ڦهلجي وڃي ٿو. ٽرئجڪ حياتي جيئندي به ڪروڻا جو
وهنوار غير جذباتي آهي. هڪ ودوان جي بک، بيروز
گاري ۽ بيماريءَ وچان مرتيو ڪهاڻيءَ کي گهرائي عطا
ڪري، سماج تي تکي طنز به ڪري ٿو. هن ڪهاڻيءَ ۾
ليکڪ ڀڳوت پراڻ جي رشي مارڪنڊيه، جلمئي ۽ ان ۾
ترندڙ نرڀئه ٻالڪ کي، علامت جي روپ ۾ پيش ڪري،
ڪهاڻيءَ کي وڌيڪ ڪلائمڪ سطح تي کڻي آيو آهي.
گني سامتاڻيءَ جي ڪهاڻين جو ٻيو مجموعو
”اپراجتا“(70) آهي، جنهن تي ئي کيس سن 1972ع ۾
ساهتيه اڪاڊيمي طرفان اوارڊ عطا ٿيل آهي. هن
مجموعي ۾ ڇهه ڪهاڻيون آهن. گني جي ڪهاڻين جو مول
ڀاوُ رومانس آهي. هن جو اهو رومانٽڪ نظريو، سندس
زبان ۽ علامتن ۾ اُڀري، اسان جي سامهون اچي ٿو. هن
جي ڪهاڻين ۾ فلاسافيڪل نڪتا آهن، ڪردار نگاري آهي
چست گفتگو آهي. ”اپراجتا“ جي پهرين ڪهاڻي ’ٻنڌن‘،
سن 1960ع ۾ ڪهاڻي پبليڪيشن پاران منعقد ڪهاڻي
چٽاڀيٽيءَ ۾ انعام حاصل ڪيل ڪهاڻي آهي جيڪا پهريون
دفعو ’کير ڀرا هٿڙا‘ (1960ع) ۾ شايع ٿي هئي.
گني جون ڪهاڻيون استري- پرش جي تعلقاتن
کي ساڻ ڪري هلن ٿيون، پر اُهي نسخا ئي پريم
ڪهاڻيون ڪونهن. گنو ڪهاڻين ۾ ڪردارن جي رومانوي
داستان گوُئي يا ٽڪنڊي واري فارمولا کان پرهيز ڪري
هليو آهي. هن جون ڪهاڻيون ويچار پرڌان ڪهاڻيون
آهن. ڪردارن جا مسئلا، پنهنجا مسئلا آهن، اندريان
مسئلا آهن. اُهي سماج مان ڪين ٿا اچن، اُنهن جي من
مان اُجاگر ٿين ٿا. ’ٻنڌن‘ ۾ ڪرڻ ۽ ڪويتا- نائڪ ۽
نائڪا هڪ ٻئي کي چاهين ٿا، پر ملن ٿا. سنيهه ۽
موهن جي ٻنڌن ۾ ٻڌل هوندي به، اُنهن جي رشتن ۾، نه
چاهيندي به ڪيتريون مجبوريون اچيو شامل ٿيون. گني
تي شرت جو اثر نمايان ٿي بيٺو آهي.
هن ڪهاڻيءَ جي ڪردارن جي گفتگو جي نوع
مان به شرت جو اثر جهلڪا پيو ڏئي. سرير ۽ آتما ۾
ڪهاڻي- نويس سشما جي ڪهاڻي بيان ڪئي آهي. هُو لکي
ٿو ته هيءَ ڪهاڻي حقيقي ڪهاڻي آهي. اڄ جي ترقي-
يافته صورتحال ۾ به عورت جي حالت ۾ گهڻو فرق ڪين
آيو آهي. اڄ به اُنهن کي مردن جي ظلم جو شڪار ٿيڻو
پوي ٿو. سشما شادي شده آهي ۽ مان ڪردار جي فئن
آهي. ’زندگيءَ کان موت تائين، ڦهليل اونداهو
ڪاريڊار‘ روايتي ڪهاڻيءَ کان علحدي آهي. هن ۾
ڪردار آهن، اِسٿيتون آهن، ماحول جي جاندار عڪاسي
آهي، زوردار گفتگو آهي، پر پلاٽ جو عنصر گهٽ آهي.
گنو نئين ڪهاڻيءَ جي ليکڪن ۾ شمار نٿو ٿئي، ڇو ته
جديد ادب ۾ جيڪا حالتن جي تلخي، رشتن ۾ ٿڌاڻ ۽ ڀڄ
ڀَڄان وارو صورتحال آهي سوگني جي ڪهاڻين ۾ ڪونهي.
هُو آدرش رومانوادي اديب آهي. پر مون کي گني جي هن
ڪهاڻي ۾ نئين ڪهاڻيءَ جا عناصر ملن ٿا، هيءَ سڌير
۽ ميران جي ڪهاڻي آهي. گني جي ٻين ڪيترين ڪهاڻين
جيان، هيءَ ڪهاڻي به سمرتين جي سهاري اڳتي رڙهي
ٿي. وگيان جي نعمتن جي باوجود، اڄ جو هر ذهين ۽
حساس شخص بيچئن آهي. اڄ پنهنجي ذاتي خواهش موجب،
زندگي جيئڻ ته شخص جي وس رهيو ناهي، پر مرڻ جي به
آزادي وٽس ڪانهي. ميران وٽ پئسا آهن، پر پوءِ به
هن جي ويچارگي ۽ بوريت جو اظهار آهي. ننڊ به کيس
خريد ڪرڻي پوي ٿي، سليپنگ پلس سان هن ڪهاڻيءَ ۾
پلاٽ جو عنصر گهٽ آهي، من جو بيان وڌيڪ آهي. سماجي
مسئلن جو بهشڪار ڪري، ڪهاڻي- نويس خانگي حالتن جو
ئي اظهار ڪري ٿو.
گني جي کنڊر ڪهاڻي، پهريائين ڪونج جي
1968ع جي آزادي پرچي ۾ ”ڪهاڻي ۽ مان....“ جي وڏي
پذيرائيءَ سان شايع ٿي هئي. هن ڪهاڻيءَ ۾ به شنڪر
۽ هيما ماضيءَ کي دهرائين ٿا. وقت جي تلخ حقيقتن،
شنڪر کي کنڊر ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هيما جون
بيشمار ڪوششون به شنڪر کي ماضيءَ مان ورتمان ۾ آڻڻ
۾ قاصر آهن. ڪهاڻيءَ جو موضوع پيار سان وابسته
آهي. سماج جي تلخ حقيقتن سبب، انسان پيار کان
محروم ٿي، پنهنجي اصليت ئي کوهي ٿو ڇڏي. در جي
علامت ڪهاڻيءَ کي پختين ڪهاڻين جي صف ۾ بيهاريو
آهي. گني جي ڏنگا رستا- سڌو سفر، به ماضيءَ جي
دهراءَ سان شروع ٿئي ٿي. رويءَ جي ميران سان ڪافي
عرصي ملاقات ٿئي ٿي. ميران ڪار ٿي هلائي. ڪار ۾
ويهندي هُو ڪار جي رفتار سان، گذاريل گهڙين ۾،
پنهنجي سموري چيتنا سان جيوت ٿي اُٿي ٿو. هن
ڪهاڻيءَ جي هڪ وڏي وصف اِها آهي ته ڪهاڻي- نويس
ڪردارن جي ذهني صورتحال جو رابطو، ڪهاڻيءَ جي پس
منظر سان برقرار رکيو آهي. ٻاهرين برسات جي ٽپ ٽپ،
وائيپر ونڊ جو اسڪرين تي هلڻ، شيشي جو کن ۾ ڌنڌلو،
کن ۾ صاف ٿيندو رهڻ، موٽر جو جهوٻو،
The Doon Coffee House
جا نئلان لائيٽ ۾ جلندڙ لفظ وغيره ڪردارن جي ذهني
حالت کي سارٿڪ بڻائين ٿا. اَپراجت، گني جي هڪ بيحد
لوڪپريه ڪهاڻي آهي. ’اپراجتا‘ پهريون دفعو سن
1959ع ۾ ”مومل“ مخزن ۾ شايع ٿي هئي. ڪهاڻي- نويس
ڪهاڻيءَ ۾ ڪا ٺوس ڪٿا نٿو ٻڌائي، ڪهاڻيءَ جو مول
آڌار چرترن جي من جي کول سول ڪرڻ آهي. هيءَ ڪهاڻي
’ٻاهر کان اندر‘ هلي ويئي آهي. فرد تي وڌيڪ زور
هئڻ سبب ڪهاڻي، اسٿول بدران سوکيم ۽ منووگيانڪ
وڌيڪ ٿي ويئي آهي.
من انسان جي حياتيءَ ۾ اهم رول ادا ڪري
ٿو. من جي ڀاونائن کي دٻائڻ سبب، انيڪ اُگرا نتيجا
نڪرن ٿا. ڪهاڻيءَ ۾ ڪمل جو گنگا ۾ ٽپو ڏيئي آتم
هتيا ڪرڻ ۽ براج آنند جو آشرم مان ڀڄي وڃڻ، ان جا
مثال آهن. هتي قلمڪار جي نگاهه، فنڪار جي نظر آهي،
سماج سڌارڪ جي نظر ڪانهي. ڪهاڻي- نويس من جي انيڪ
حصن ظاهر ۽ لڪل، هن جي ڀاونائن کي ظاهر ۽ لڪل کي
ڏسڻ جي ڪوشش ۾ آهي. ڪهاڻيءَ جي اُڻت فنائتي آهي.
گني جي هن ڪهاڻيءَ تي فرائڊ واد
(Freudism)
جو اثر نمايان آهي. اڳتي هلي فرائڊ جي پوئلڳ جُنگ
هن فلاسافيءَ کي
Psycho- analysis
جي عنوان تحت وڌايو. جُنگ جي
Psycho-analysis
خواب کي
Un concious
من جي ڪنجي ڪوٺيو آهي. ٻين ڀارتي ٻولين جيان سنڌي
ادب ۾ به سچيتيءَ جي وهڪري
Literature of Stream of Consciousness
جو آغاز ٿيو. سن 1920ع جي آس پاس جيمس جايس،
ورجيناوُلف، ڊي.ايڇ. لارينس پلاٽ جي روايتي بندش
کي سچيتيءَ جي وهڪري معرفت صفا ڀڃي ڀوري ڇڏيو.
اديب سچ ۽ مفهوم جي ڳولها شخص جي ٻاهرين
حالتن عيوض اندرين اِسٿتين ۽ من جي ڪشمڪش ۾ ڪرڻ
لڳو. گنو به ڪردارن جي اندرين عالم کان چڱيءَ طرح
واقف آهي. انڪري هُو سماجي ۽ نفسياتي جائزو تمام
گهرائيءَ سان وٺي سگهيو آهي، پر اهو به سچ آهي ته
گني جي ڪهاڻين ۾ چونڊيل موضوعن جو دائرو ڪافي
محدود آهي. هن جي لڳ ڀڳ ڪهاڻين جا موضوع
اڪثريڪسانيت کڻي هلن ٿا. سندس ڪهاڻين جا ڪردار
ازحد آدرشوادي هئڻ سبب، سماجي ڍانچي کان ڪٽيل لڳن
ٿا. نه فقط ايترو پر اهي يا نه اديب آهن يا
تاريخدان. هن جون گهڻيون ڪهاڻيون يگ- ٻوڏ جي
نمائندگي ڪندڙ شعوري قلمڪار جون ڪهاڻيون نٿيون
لڳن. مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته گني، جنهن ۾ سچ پچ
انوکيون انڀوتيون هيون، تنهن هيئن پاڻ کي محدود
گهيري ۾ ڇو قيد ڪري ڇڏيو هو. ان ڪري ئي شايد هن جا
همعصر ڪهاڻي- نويس ڪافي اڳتي نڪري ويا، پر گنو
اُتي جو اُتي رهجي ويو. پر اها به حقيقت آهي ته هن
جنهن به موضوع تي قلم هلايو، ان کي پنهنجي خوبصورت
فني نڪتن، زيبائتي اظهار، عبارت، مڌر، ڪومل من
موهڻي ڀاشا ۽ پنهنجي اظهار جي قوت سان اُڀاري ڇڏيو
آهي. هن جي مڙني پريم ڪهاڻين ۾ اسٽائيل جو جادو ۽
گفتگو لاجواب آهي. پوءِ چاهي اُها ’نائڪا‘ هجي.
’شڪست‘ هجي، ا’ڀمان‘ هجي خواهه وقت جي سيما، هِن
پار- هُن پار‘ ئي ڇو نه هجي. پريم جي نفيس جذباتن
جي ڀن ڀن روپن جو اظهار، پيڙا جي انڀوتي، ڀارت جي
قديم تواريخ ۽ ڪلاسڪ ادب لاءِ ڪشش، گني جي ڪهاڻين
جون چند وصفون ٿي اُڀريون آهن. |