مرزا ڪاظم رضا بيگ
سنڌي ڪافي کي نئين رنگ ۾ پيش ڪندڙ شاعر
سيد غلام شاهه جهانيان
جڏهن کان جهانيان خاندان جي بودوباش سنڌ ۾ ٿي آهي،
اها صدي خالي نه آهي، جنهن ۾ مشاهيرِ جهانيان
موجود نه هجن. خصوصاً چوڏهينءَ صديءَ جي اختتام تي
مشاهير جي زمري ۾ جهانيان خاندان جا ايترا فرد
ڳاڻاٽي ۾ اچن ٿا جن جو ذڪر جيڪڏهن جدا ڪجي ته هڪ
ضخيم ڪتاب جي صورت وٺي سگهي ٿو. انهن مان سيد روشن
علي شاهه روشن، سيد غلام مهدي شاهه، سيد هادي بخش
شاهه مسڪين، سيد طالب حسين شاهه وڌيڪ ذڪر جي قابل
آهن. نه فقط ايترو بلڪه هن خاندان جا ڪي اهڙا سربر
آورده افراد هئا، جن کي به مشاهير جي تذڪري ۾
وسارڻ نا انصافي ٿيندي.
چوڏهين صديءَ ۾ رحلت ڪندڙ مشاهير جي تذڪري ۾ سيد
غلام شاهه جهانيان کي هرگز وساري نٿو سگهجي ڇو جو
پاڻ پنهنجي دور ۾ علم و ادب ۾ ايتري قدر ته سر
بلند هئا جو سندن نالو ادب جي تاريخ کي بهر صورت
ادب سان وٺڻو پوندو. صنف ڪافيءَ کي نئين انداز سان
نئين ميدان ۾ آڻڻ جو سهرو سندن ئي سر سونهين ٿو.
سيد غلام شاهه بن سيد شيرمحمد شاهه بن سيد ويڌل
شاهه جو سلسلهء نسب حضرت امام علي نقي عليہ السلام
جن سان ملي ٿو. انڪري سندن شمار سنڌ جي نقوي
خاندان ۾ ٿئي ٿو. حضرت مخدوم سيد جلال الدين
جهانيان جهان گشت جي پشت جي نسبت سان پاڻ جهانيان
خاندان جا فرد آهن. سندن ولادت باسعادت سن 1258
هجري بمطابق سن 1840ع تي سيد فتح الدين شاهه ۾ ٿي،
جنهن کي موجوده وقت ۾ ’ٽنڊوجهانيان‘ سڏيو وڃي ٿو.
اهو علائقو سيد غلام شاهه جي چاچي ۽ فارسيءَ جي
مشهور شاعر ۽ ولي، حضرت سيد فتح الدين شاهه فتح
هادي رحمة الله عليہ ميرن جي صاحبيءَ ۾ حيدرآباد
جي موجوده شهر جي الهندي پاسي ٻڌرايو هو.
سيد غلام شاهه جي ولادت کان اٽڪل ٽي سال پوءِ
حيدرآباد ۾ ميرن ۽ انگريزن جي وچ ۾ جنگ لڳي جنهن
کي مياڻي جي جنگ چيو وڃي ٿو. هن جنگ کان پوءِ سنڌ
جي سياهه بختي اڇن منهن وارن جي هٿ چڙهي ويئي.
مشرق تي مغرب جي تسلط سان زندگيءَ جي هر پهلوءَ ۾
اٿل پٿل پيدا ٿي ۽ ڪا به صحتمند سرگرمي برقرار رهي
نه سگهي. ادبي ۽ علمي سرگرمين جا پير اکڙي ويا.
ميين شاهه عنايت رضوي ۽ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي
جي ادب جي باغ ۾ بيتن جا غنچا ۽ واين جون مکڙيون
ڪومائجي ويون. بس ڪٿي ڪنهن ڪنڊ ۾ ڪنهن تصوف جي
شاعر دل وندرائڻ جي لاءِ شاعري ڪئي ٿي، باقي
خاموشيءَ جو راڄ هو. ڪافيءَ جي صنف جو اڀرندڙ دور
هو ته سهي پر شاعري مفلوج ٿي ويئي هئي.
اهڙي ڏکئي دور ۾ سائين غلام شاهه، عربي، فارسيءَ
جي تعليم مڪمل ڪئي، جيئن ته پاڻ ننڍي هوندي کان ئي
ذهين هئا، ان ڪري پاڻ فن حڪمت ۽ فن شاعريءَ ۾ وڏو
ڌيانُ ڏنو. اهو ئي وقت هو صنف ڪافيءَ جي نئين
انداز ۾ اڀرڻ جو. جوانيءَ جي پرهه ڦٽڻ سان سيد
غلام شاهه، ڪافي جي صنف جي اڳواڻي ڪئي ۽ ڪافيءَ جي
صنف کي هڪ نئين رنگ ۾ پيش ڪيو، جنهن ۾ ڪافيءَ جا
نوان نوان گهاڙيتا به هئا. محاورا، استعارا،
تشبيهون ۽ تلميحون به هيون. زبان جو رنگينيون ۽
بوقلمونيون به هيون. مضامين آفريني به هئي ته زبان
جي چاشني به هئي. ذوالقافيه ۽ تڪرار رديف جون
صنعتون به هيون ته مشڪل رديف ۽ قافيه ۾ طبع آزمائي
ڪرڻ جون همتون به هيون.
سيد غلام شاهه جن اهڙي وقت ۾ ڪافيءَ جي ڪِرندڙ صنف
کي سهارو ڏنو. غلاميءَ جي دور جا رڪيل جذبات
روانيءَ ۾ آيا ۽ پاڻ ڪافيءَ جي ميدان ۾ ڪونتل
ڪڏائڻ لڳا. سيد مصري شاهه کانئن ڏهه سال پوءِ، سيد
روشن علي شاهه روشن کانئن ٻارنهن سال پوءِ ڄاوا ۽
مهدي شاهه گهڻو پوءِ سنڌ ۾ آيو. بلڪ ائين چوڻ درست
لڳندو ته ڪافيءَ لاءِ وسيع ميدان سيد غلام شاهه
جهانيان پيدا ڪيو ۽ کانئن پوءِ ٻين شاعرن انهيءَ
ميدان ۾ قدم رکيو. تقريباً 75- 1870ع ۾، يعني
ٽيهن، پنجٽيهن سالن کان پوءِ سيد مصري شاهه، سيد
روشن علي شاهه روشن ۽ مهدي شاهه اچي ساڻن گڏيا.
سيد غلام شاهه ۽ سيد روشن علي شاهه روشن هڪ ئي ڳوٺ
۾ هڪ ئي خاندان جا ٻه مشاهير شاعر، سي به همعصر
ڪافيءَ جي ميدان کي سر ڪرڻ جي لاءِ پرو ٻڌي بيٺا.
سيد روشن علي شاهه روشن سنڌ جي نامور ولي ۽ شاعر
قطب الاقطاب سيد قطب شاهه جو فرزند هو ۽ سيد غلام
شاهه، سيد قطب علي شاهه جهانيان جا سڳا سوٽ به
هئا. سيد غلام شاهه گهڻو ڪري پنهنجو وقت سيد قطب
علي شاهه جي ڪچهريءَ ۾ گذاريندا هئا. انهيءَ ئي
ڪچهريءَ ۾ سيد غلام شاهه جي في البديہ شاعريءَ جو
هڪ موقعو هن طرح سان آيو. سيد غلام شاهه هڪ دفعي
حضرت سيد قطب علي شاهه کي مخاطب ٿي چيو ته هيءُ
ڪاغذ هڪ پهتل فقير توهان ڏي موڪليو آهي. پاڻ
مراقبي مان ڪنڌ مٿي ڪري چيو ته پڙهي ٻڌاءِ. ان
ڪاغذ تي هيءَ سٽ لکيل هئي:
عشق مصلي تي بيهي مون کي برهه جو باب پڙهائي ويو.
جيئن ته حضرت سيد قطب علي شاهه پاڻ به شاعر هو پر
ڪچهريءَ تي نظر ڪندي چيائين ته ابا ڪو آهي جو
انهيءَ جو جواب ڏئي. اهو ٻڌي سيد غلام شاهه اٿي
بيٺا ۽ چيائون ته، سائين آءٌ ٿو جواب ڏيان. ائين
چئي پاڻ ڪاغذ قلم کنيائون ۽ ڪافي لکڻ شروع ڪيائون،
جنهن جو ٿل هيئن آهي:
جنهن کي عشق اکر هڪ پاڙهيندو
تنهنجو سوريءَ نئي سر چاڙهيندو
سيد غلام شاهه پنهنجي مشاهيرانه طبع جي آڌار تي هڪ
ئي نشست ۾ جوابي ڪافي لکي ڪچهريءَ ۾ پڙهي ٻڌائي
جيڪا هن ريت آهي:
جنهن کي عشق اکر هڪ پاڙهيندو
تنهنجو سوريءَ نئي سر چاڙهيندو
ڪردن گفتن فرقي دارد
ڪُهن اهي جي ڪُسن ريءَ ڪارد
اهو ڪُهي ڪلهئون ڪنڌ لاڙيندو
شاهه شمس جي کل کلائي
آئي بلاول گهاڻي پيڙائي
نينهن الٽي نت ناڙيندو
سڀئي تعلق ترڪ ڪرائي
شهرت جا سر واڄا وڄائي
چاڙهه چکي نئي ساڙيندو
عشق غلام شاهه آهي ارازو
جيئن ملامت تيئن تيئن تازو
اهو پنبي وانگر پڇاڙيندو.
سيد غلام شاهه جي اها ڪافي ٻڌي حضرت سيد قطب علي
شاهه انهيءَ ڪاغذ آڻيندڙ کي چيو ته اها ڪافي
انهيءَ سٽ جو جواب آهي. اها وڃي انهيءَ فقير کي
ڏي.
سيد غلام شاهه جي تيز ۽ طرار طبع ڪنهن لنگهه ۽
لانگهي جي محتاج نه هئي. گذريل زماني ۾ اهو به
رواج هوندو هو ته تيز طبع وارا شاعر اهو چاهيندا
هئا ته اسين پنهنجي ڪلام ۾ اهڙا مضمون اهڙا قافيا
۽ رديف آڻيون جو ٻيو ڪو شاعر انهيءَ ميدان ۾ قلم
کڻڻ جي جرائت ئي نه ڪري سگهي. سيد غلام شاهه
انهيءَ ئي لحاظ سان هڪ ڪافي لکي جنهن ۾ ڏکيا قافيه
به استعمال ڪيائون ۽ سياست کي به استعمال ڪيائون.
حسن ۽ عشق جي مضمون ۾ سياست جو ڪهڙو ڪم! پاڻ اها
ڪافي هيئن چئي اٿن:
ٻئي اسان سان ٻکجن ٿا
تنهنجا سهڻا نيڻ سياست وارا.
ڀانئين رنج ڪجن جي راڻا
سوين ناز لکين لک ماڻا
سي ته لڙندي ائين نا لکجن ٿا
حڪمان حڪمين ڪرن هلائون
جيئن جيئن جوڙي ٻڌجن ٻانهون
توڙي هٿ پيرن تي رکجن ٿا.
زلف مسلسل ڪمند قهاري
باغ حسن کي ڏين بهاري
توڙي مشڪ عطر سان مکجن ٿا.
انهن اکين جو ناز سخاوت
رخ غلام شاهه جهلين ڪي راوت
توڙي سير گريءَ کان تکجن ٿا.
نامور ڪافي گو شاعر سيد غلام شاهه جو اهو به عزم
هو ته ڪافي کي غزل وانگر تشبيهن ۽ استعارن سان
سينگارجي ۽ سليس ۽ سادي سنڌي زبان جي بدران ان ۾
فارسيءَ جا لفظ ۽ ترڪيبون به استعمال ڪجن. سائين
غلام شاهه انهيءَ انداز کي به ڪافيءَ جي صنف ۾ سٺو
نڀاهيو ۽ ڪيتريون ئي اهڙيون ڪافيون چيائون جن ۾
اِهي لوازمات پوريءَ طرح سان نظر اچن ٿا. سندن
اهڙي انداز جي هڪ ڪافي هن ريت آهي:
ڪَئين رخ کان پاسي وار ميان
لٽي شاههِ مصر زنگبار ميان
کلي موئي پريشان جي بوءِ ڏسو
خوشبوءِ اها هر سوءِ ڏسو
هتي تبت هتي تاتار ميان
گيسو مشڪِ ختن خمدار ميان
انهيءَ چاهه زنخ جي چاهه اُتي
ڪن شاهه فدا سر ساهه اُتي
ڪٽجن ڪرنگهه توڙي ڪاپار ميان
ته به دم نه ٿين هڪ ڌار ميان
خونين نيڻ خماري شهه زور چڙهن
ڪوپا قصد ڪلي پر زور لڙن
ڪري قهر ڪجل جي ڌار ميان
جيئن گنج، خوبيءَ تي مار ميان
ڏسي چين جبين جي نازو ادا
ڪريان چين اتان مان چين فدا
سوين سر ته غلام شاهه نثار ميان
هڪ وار تان لک وار ميان.
انهي ڪافيءَ ۾ زير اضافت جو به استعمال ٿيل آهي ۽
هڪ ئي وقت تي ٻه قافيا استعمال ڪيا ويا آهن. سلوڻي
۽ سادي سنڌي زبان ۾ ڪافيون چوڻ ڪافي گو شاعرن جو
ورثو هو. سيد غلام شاهه سادي سنڌي زبان ۾
ذوالقافيه ڪافيون چئي، انهيءَ ميدان ۾ به ڌاڪ
ڄمائي ويا. سندن هڪ اهڙي ڪافي جنهن ۾ ذوالقافيه جي
صنعت کان سواءِ مشڪل قافيا به استعمال ڪيل نظر اچن
ٿا، هن ريت آهي:
پيچ وجهي پيوند يار
ونگيئي دل ويڙهن سان
سنجهي آيئي ساءُ سمهڻ جو
وسري ويڙئي وقت وڃڻ جو
پوءِ پڇائين پنڌ يار
لڏيئي تان نه ليڙن سان
اوکا اڻانگا گهيڙ ۽ گهاٽا
چيٽا چرن ۾ ڪن چرڙاٽا
حال نه ڏين ٿا هنڌ يار
ٿڙڪي دل ٿيڙن سان
پانڌيئڙن کان پنڌ پڇائي
اچي اوٺين لئي لڪين ليلائي
روئي نهاري رند يار
گهورون ڏئي گهيڙن سان
لاءِ غلام شاهه لا جي ڪاتي
مار دوئيءَ کي ضربت ذاتي
سوجهي نهارج سنڌ يار
ڀيڙو ٿي ڀيڙن سان.
سيد غلام شاهه، نعت، تصوف، مجاز بلڪه هر روشن
عنوان تي ڪافيون چيون آهن. سندن هڪ ڪافي ’عمر
مارئيءَ جي داستان‘ مان هن ريت آهي:
عمر روئي دل ادا مارن لاءِ مرندي
ماڙيچن جي ماتم ڳاراڻي ۾ ڳرندي
سنگهارن جي سڪ ٿي جڏيءَ کي جيئاري
هيڻي حال تو سان ويٺيس وير واري
مارين توڙي جيارين ويڙهيچن ڏي ورندي
پنهواريون پٽن کي لڱين ڪين لائن
کٿيون کرڙ تن جو مرڪ مان آهن،
پهري پٽ اهائي جا کائر ۾ کرندي،
عمر ملڪ مارن جو باغ ۽ بهاري،
چلڙ ۾ ڇوڙيليون چارين ڦر چوڌاري،
غلام شاهه انهن ري ساعت نه سرندي.
سيد غلام شاهه فقط سنڌي زبان جو ئي شاعر نه هو پر
کين سرائڪي زبان تي به ڪافي عبور حاصل هو. سندن هڪ
سرائڪي ڪافي هن طرح آهي:
آئي موسم چيٽ بهاري دي،
سانون قدر پئي تيڏي ياري دي،
لڪندي ڇپندي نيهڙا لايا،
رانجهن آيا خلق هلايا،
پئي ڌم کيڙيان دي خواري ري،
خط پرواني لک لک ٿڪيان،
خبر پڇينديان پلپل پکيان،
رانجهي دي رمز نياري دي،
مايوڙي عشق رانجهن دي ڦٽيان،
ٻڌ ٻڌ ٿڪيان وٽ وٽ پٽيان،
لائي چشمان چوٽ چوڌاري دي،
عشق غلام شاهه اوکا اڻانگا،
چاوڻ سيان سردا سانگا،
سانون عقل نه آئي اظهاري دي.
سيد غلام شاهه، سنڌي سرائڪي زبان تي قادر ۽
شاعريءَ ۾ ماهر هوندا هئا. پاڻ ديني علوم ۽ حڪمت
تي به دسترس رکندا هئا. صوم وصلواة جا پابند ۽
متشرع هوندا هئا. گهٽ ڳالهائيندا هئا. ساده زندگي
کين وڌيڪ پسند هئي. سندن لباس ململ جو پهراڻ، پڻئي
جي شلوار، هو. انهن ڏينهن جي رواج موجب سنڌڻ جتي
پائيندا هئا. مٿي تي ڪپڙي جي ٺهيل ٽوپي پائيندا
هئا. سندن بدن نحيف ۽ ضعيف، قد قدري کڙو هوندو هو.
آخر وقت ۾ نقاهت جي ڪري گهر کان ٻاهر وهيل چيئر تي
نڪرندا هئا. اها حيرت جي ڳالهه آهي ته سندن بينائي
88 ورهين جي عمر ۾ به تمام تيز هئي.
هن سنڌ جي بلند پايه شاعر جنهن ڪافيءَ جي صنف کي
اڳتي وڌڻ جي لاءِ نئون ميدان بخشيو، ڳوٺ ٽنڊي فتح
الدين شاهه موجوده ٽنڊي جهانيان ۾ 29 صفر 1346
هجري مطابق 1928ع ۾ 88 سالن جي عمر ۾ رحلت ڪئي.
سندن خاڪي جسد کي سيدن جي مقام حيدرآباد پوليس هيڊ
ڪوارٽرز جي سامهون واري قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.
خوشيءَ جي موقعن تي ضرور خوشيون ملهايو. خوشي
انسان جي هڪ طبعي ۽ فطري گهرج آهي. دين، فطري
ضرورتن جي اهميت کي محسوس ڪندي ڪجهه قدر حدن اندر
چند شرطن سان هنن گهُرجن کي پورو ڪرڻ جي اجازت ڏئي
ٿو. دين اهو بلڪل پسند نه ٿو ڪري ته توهان ڪوڙي
شانُ، اجائي سنجيدگي، خشڪ چپن ۽ کُهري منهن سان
پنهنجي ڪردار جي ڪشش ۽ رونق وڃائي ڇڏيو. دين ته
خوشيءَ جي سڀني جائز موقعن تي خوشي ملهائڻ جو مڪمل
حق ڏئي ٿو ۽ چاهي ٿو ته توهان سدائين بلند حوصلن ۽
جوان جذبن سان جيئندا رهو. جائز موقعن تي خوشي
ملهائڻ جو اظهار نه ڪرڻ ۽ خوشين ملهائڻ کي دين جي
خلاف سمجهڻ ديني سمجهه کان اڻ واقفيت آهي.
توهان کي ڪنهن ديني فرض پوري ڪرڻ جي توفيق ملي،.
اوهان يا اوهان جو ڪو مائٽ علم ۽ ڏات جي مٿانهين
درجي تي رسيو هجي، الله پاڪ توهان کي مال ۽ دولت
يا ڪنهن ٻي نعمت سان نوازي، توهان ڪنهن ڊگهي سفر
تان خير سان موٽيا هجو، اوهان وٽ ڪنهن مانائتي
مهمان کي اچڻو هجي، اوهان وٽ ڪا شادي مرادي يا ڪو
ٻار ڄائو هجي، ڪنهن مٽ مائٽ جي تندرستيءَ جي يا
خيريت جي خبر ٻڌو يا اسلام جي فتح ۽ سوڀ جي خوشبري
ڪن پوي يا ڪو ٻيو ڏڻ هجي. اهڙن سڀني موقعن تي خوشي
ڪرڻ اوهان جو فطري حق اهي، اهڙين خوشين ملهائڻ جي
اسلام، نه فقط اجازت ڏئي ٿو پر انهيءَ کي حقيقي
دينداري ڪوٺي ٿو.
انجنيئر عبدالمالڪ ميمڻ
ڪتاب: ”ڪامياب زندگي“ تان کنيل
شاعري، انساني جذبن جي تاريخ جو نالو آهي، شاعر،
انساني جذبن جي تاريخ لکندڙ مؤرخ آهي. انساني جذبن
جي جاسوسي ۽ جاچ پڙتال ڪري، نيون ڳالهيون، نوان
انڪشاف ۽ نوان راز، ڳولي هٿ ڪري شاعريءَ ۾ انهن جو
بيان، اهڙو ته دلپذير ۽ ترڇ انداز ۾ تيار ڪري ٿو
جو پڙهندڙ جا سمورا حواس، ان ۾ محظوظ ٿي، جذب ٿي
وڃن ٿا ۽ ان جي اندر مان ازخود ’واه واه‘ جا لفظ
آلاپجن ٿا.
شاعري، هڪ اهڙي ڪيفيت جو نالو آهي، جيڪا شاعر ۽
ٻڌندڙ تي طاري ٿئي ٿي. شاعر شعر لکي ٿو ۽ ٻڌندڙ
اُن جي سحر ۾ جڪڙجي ٿو، جيڪڏهن اها حالت ٻنهي
(شاعر ۽ شعر ٻڌندڙ) تي حاوي نه ٿي ٿئي ته اها هيئت
جي لحاظ کان ته شاعري چوائي سگهي ٿي، پر معنوي
لحاظ کان اها ڪجهه به نه آهي. شاعريءَ جي جاءِ،
انسان جي دل آهي ۽ انسان جي دل ۾ پيار، محبت جي
نفيس جذبن ۽ احساسن سميت نفرت، ڌڪار، ڪاوڙ ۽ غصو
به پلجي ٿو، پر پيار ۽ محبت جا نفيس احساس ۽ جذبا
جڏهن پنهنجي ڀرپور اُڀار ۾ اُڀري اچن ٿا ته پٿر دل
۽ نفرت رکندڙ انسان به ميڻ ٿي وڃن ٿا، اهڙي ڪيفيت
پيدا ڪندڙ کي ’شاعر‘ چئجي ٿو.
دين محمد ڪلهوڙو
ڪتاب: ”لوڪان ڪيئن لڪايان“ تان کنيل
غزل
پٽ تي ڪوبه نه پيرو پنهنجو،
ڪيڏو ماڳ ڏکيرو پنهنجو.
پيرن ناهن پير ڪڙا پر،
ڏور اڃا دڳ ديرو پنهنجو.
اکڙين ۾ ٿي اوندهه اٽڪي،
ميرو سانجهه سويرو پنهنجو.
ڍوليا! تنهنجي ڍار نه ڄاتم،
نيٺ ڀڳو تو ڀيرو پنهنجو.
اونداهيءَ مان اُڪري آخر،
ٽوڙيندا گگهه گهيرو پنهنجو.
جذبن جي هن جوءِ ۾ جيڏيون،
رهندو مانُ مٿيرو پنهنجو.
(مريم مجيدي) |