ميرزا دبير
حشو ڪيولراماڻي: نه وسرندڙ شخصيت
جڏهن اسان پنهنجي آسپاس نظر ڦيرايون ٿا،
تڏهن اسان کي هِن درد
ونديءَ ديس ۾ اهڙا ڪيترائي ڏاها نظر
اچن ٿا، جيڪي پنهنجي ڏات ۽ فڪر جي
بلنديءَ
ڪري وڏي شخصيت جا مالڪ
بڻيا، پر کين پذيرائي نه ملڻ سبب سندن زندگي ڏاڍي ڪسمپرسيءَ واري
حالت ۾ گذري! اهڙين مهان شخصيتن مان
حشوڪيولراماڻي به هڪ هو. جيڪو سنڌ جو عظيم دانشور
۽ مفڪر هو ۽ کيس سنڌ جي سياسي، سماجي، ادبي ۽
صحافتي دنيا ۾ وڏو مقام حاصل هو، پر ورهاڱي سبب،
جڏهن هُو اکين مان بيڪسيءَ جا نِيرَ وهائيندو، سنڌ
مان جلاوطن ٿي هند ويو، تڏهن هن اُتي مفلسيءَ جو
ڀيانڪ روپ ڏٺو!
حشوڪيولراماڻي
پنهنجي ڏات ۽ فڪر
جي
بلنديءَ ۾ هڪ مڪمل اداري جي حيثيت
رکندڙ هو، پر سندس شخصيت کان سنڌ ۽ هند اَڻ
واقف رهي؛ خاص
ڪري نوجوان نسل! اُن جو خاص سبب حشو
ڪيولراماڻي جي زندگي، اُن دؤر جي تحريڪن ۽ آزاديءَ
لاءِ ڪيل سندس ڪوششن جي باري ۾ مڪمل ۽ سربستي
احوال ج کوٽ هئي. اهڙي
عدم دستيابيءَ
کي محسوس ڪندي،
سنڌي ادب جي
معروف
ڪهاڻيڪار، اتهاسڪار
۽ مشهور ليکڪ
مدد علي سنڌيءَ، سنڌ جي هِن عظيم سپوت جي
شخصيت تي هيءُ ڪتاب ”حشوڪيولراماڻي: نه وسرندڙ
شخصيت“ لکيو.
سنڌ جي ڇاپي جو عڪس
هيءُ ڪتاب، مدد علي سنڌيءَ جي ساروڻين
تي مشتمل آهي، جيڪو هڪ تاريخي دستاويز جي حيثيت
رکي ٿو. هن ڪتاب تي اداري پاران: موهن مدهوش،
مهاڳ: موهن گيهاڻي، پيش لفظ: محمد ابراهيم جويو ۽
ٻه اکر: شوڪت حسين شوري جا لکيل آهن. جڏهن ته حشو
ڪيولراماڻي جي مڪمل زندگيءَ جي احوال سان گڏ سندس
ڀِريا واري گھر ۽ ڪراچيءَ واري فليٽ جون يادگار
رنگين تصويرون ۽ هندستان مان ڪتاب جي ليکڪ مدد علي
سنڌيءَ ڏانهن حشوءَ جا لکيل 03 خط، شيخ اياز جو 01
خط ۽ موهن ڪلپنا جا 03 خط پڻ هن ڪتاب ۾ ڏنا ويا
آهن ۽ حشوءَ جي هڪڙي اَڻ لڀ ڪهاڻي ”پدم“ جيڪا هُن
سال 1946ع ۾ لکي هئي، اُها به هن ڪتاب ۾ شامل ڪئي
وئي آهي. حشو ڪيولراماڻي جي شخصيت تي لکيل هِن اهم
ڪتاب کي
ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد
2016ع
۾
ڇپائي
منظرعام تي آندو
آهي.
هيءُ ڪتاب
88
صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جي ڇپائي ۽ بائينڊنگ ديده
زيب آهي ۽
هن ڪتاب جي قيمت -/100 رپيا آهي.
هيءُ ڪتاب، حشوڪيولراماڻيءَ جي آزاديءَ
لاءِ ڪيل خدمتن ۽ اُن دؤر جي سياسي پسمنظر جي
عڪاسي ڪري ٿو. مدد علي سنڌيءَ هن ڪتاب جي شڪل ۾
هڪڙو مڪمل تاريخي دستاويز لکي، سنڌ واسين کي، خاص
ڪري سنڌ ۽ هند جي نوجوان نسل
کي سنڌ جي هِن ليجنڊ شخصيت کان روشناس ڪرايو
آهي ۽ ان سان گڏوگڏ پنهنجي فرض جي ادائگي پڻ
ڪئي آهي. جنهن لاءِ شوڪت حسين شورو لکي ٿو ته:
حشوءَ جو قرض ته سڄي سنڌ ۽ هند تي هو. سنڌ ۽ هند
جا ماڻهو به حشوءَ جا قرضي ٿي رهيا. وري به سنڌ کي
ئي اهو قرض لاهڻو هو، جنهن تي الائجي ڪيترو وياج
چڙهي چڪو آهي.
مدد علي سنڌي سڄو سمورو نه سهي (سڄو سمورو قرض ته
سنڌ ئي ڪانه ٿي لاهي سگهي)، پر ڪنهن حد تائين اهو
قرض لاٿو آهي، هي ڪتاب لکي
(مدد. 2016ع، ص:24).
حشوءَ جو اصل نالو حشمت راءِ هو، پر پاڻ
حشوڪيولراماڻي جي نالي سان مشهور ٿيو. سندس جنم
20- ڊسمبر 1914ع تي آچر جي ڏينهن ڀِريا شهر ۾ ٿيو.
سندس پيءُ جو نالو ديوان ٽهلرام هو، جيڪو روينيو
کاتي ۾ مختيارڪار هو ۽ پوءِ ٽنڊي آدم ۾ ريزيڊنٽ
ماجسٽريٽ جي عهدي تي هو. سندس ڏاڏو ديوان کيئومل
زميندار هو. جڏهن حشو اٺن سالن جو هو،
ته سندس پيءُ 03- ڊسمبر 1922ع تي ديهانت ڪري ويو.
هن جي پرورش سندس ماءُ ڪئي، جيڪا سُلڇڻي، باهمت ۽
خوددار هئي
(سيد. 2005ع، ص:91،92).
حشو پرائمري تعليم ڪي. سي اسڪول ڀِريا مان ۽
سيڪنڊري تعليم
N.J.V
هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي. سندس مائٽن
جو
خيال
هو
ته،
هُو
آءِ.سي.ايس. ڪري ڊپٽي ڪليڪٽر ٿئي، پر هن پنهنجي
مستقبل کي داءَ تي لڳائي ڇڏيو ۽ پنهنجي پڙهائي اڌ
۾ ڇڏي آزاديءَ جي جنگ ۾ جُنبي ويو. هن جديد سنڌ جو
خواب ڏٺو، جنهن سبب کيس ورهاڱي کان اڳ ٻه ڀيرا جيل
۾ قيد ڪيو ويو ۽ ٽيون ڀيرو پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ
سال 1949ع ۾ ڏهن مهينن لاءِ کيس باندي بڻايو ويو.
هن ورهاڱي ٿيڻ کانپوءِ به سنڌ ۾ رهڻ ٿي چاهيو، پر
کيس سال 1950ع ۾ پاڪستان پبلڪ سيفٽي آرڊيننس تحت،
زوريءَ پنهنجي ئي ڏيهه مان جلاوطن ڪري هندستان
اُماڻيو ويو
(مدد. 2016ع، ص:24).
حشوءَ جي جوانيءَ جي هڪ يادگار تصوير
جڏهن حشوءَ کي سنڌ مان جلاوطن ڪيو ويو، تڏهن هُو
هندستان ويندي به سنڌيت لاءِ پاڻ پتوڙيندو
رهيو. هِن سنڌ جي سَرموڙ شاعر شاهه عبداللطيف
ڀٽائيءَ جي ورسي، هندستان جي شهر نئين دهلي ۾
پهريون ڀيرو آڪٽوبر 1955ع تي ملهائي، جنهن ۾ هن
شاهه ۽ سنڌيت تي هڪ زبردست تقرير به ڪئي هئي
(مدد. 2016ع، ص:39).
ان کانسواءِ هندستان ۾ سنڌي ٻوليءَ لاءِ سندس ڪيل
خدمتن جي حوالي سان مدد علي سنڌي لکي ٿو ته:
جڏهن سال 1967ع ۾، سنڌي ٻوليءَ
کي هندستان جي ٻين قومي ٻولين ۾
شامل ڪرڻ جي
هلچل هلي رهي هئي، ته
حشو ان هلچل
جو سرواڻ هو. پارليامينٽ جي ميمبرن سان
ملاقاتون ڪري، کين
سنڌي ٻوليءَ
جي اهميت کان واقف ڪرڻ، انگريزيءَ ۾ حشوءَ
کانسواءِ ٻيو ڪير ٿي
ڳالهائي
سگهيو؟ جنهن ڏينهن اسيمبلي ۾
ٺهراءُ پيش
ٿيڻ وارو هو، اُن ڏينهن صبح جو حشو پنهنجي ننڍڙي
پُٽ گل کي بيهاري
ڇڏيو. ان جي هٿن ۾ ڪراچي حلووي جا
پئڪيٽ هئا. هر
ايندڙ ميمبر کي هُو حلوو ڏيندي چئي رهيو هو،
”صاحب! ايترو مٺو هيءُ اسان جو سنڌي حلوو آهي، ان
کان به مٺي سنڌي ٻولي اٿوَ. ان جي حمايت ۾ ووٽ
ضرور ڏجو!!“
(مدد. 2016ع، ص:40).
هند جي ڇاپي جو عڪس
حشوءَ جون هندستان ويندي به سنڌ ۽ سنڌيت لاءِ ڪيل
اهڙيون ڪيئي خدمتون يادگار آهن، جنهن ڪري هُو
هِن دردونديءَ
ديس ۾ ڪسمپرسيءَ واري حالت ۾ پنهنجا ڏکيا-
سُکيا ڏينهن جاليندي، ڪنهن
اونداهي گليءَ ۾ ته گم ٿي ويو،
پر پنهنجي
وجود کي هميشه لاءِ امر بنائي ويو...
حشوڪيولراماڻيءَ جي شخصيت
کي
ڀيٽا ڏيندي
۽ سندس زندگيءَ تي لکيل هن ڪتاب جي اهميت
کي مدنظر
رکندي، ڪتاب جو ٻيو ڇاپو نند ڇڳاڻيءَ
”ڪونج“
رسالي جو ”جولاءِ
آگسٽ 2016ع،
حشو
ڪيولراماڻي خاص اَنڪ“ طور هند مان شايع ڪرايو
آهي، جيڪو پڻ سانڍڻ جهڙو آهي.
حشوڪيولراماڻيءَ جي پُروقار شخصيت کان سنڌ
جون
ٻه
اهم
شخصيتون،
جي.
ايم.
سيد
۽
شيخ
اياز تمام گھڻيون متاثر هيون. حشوءَ جهڙي عظيم
شخصيت جو هند ۾ قدر نه ڪيو ويو هو، جنهن لاءِ شيخ
اياز لکي ٿو:
1963ع ڌاري جڏهن هُو دهليءَ ۾ هڪ
شام ۾ شريڪ هو ۽ پنهنجي شاعريءَ جو مڌ اوتي رهيو
هو ته اُن محفل ۾ اوچتو حشو اُٿي بيٺو. هو ٻه ڍُڪ
پيتل ضرور هو، پر هن جا سڀ حواس سالم هُئا.
”شاعر!“
هن ايازکي مخاطب ٿي چيو هو، ”منهنجي پيرن تي هٿ رک
ته هنن کي خبر پوي ته مان ڇا آهيان؟“ سموري پنڊال
کي نانگ
سُنگھي ويو هو. اياز جون اکيون ڀرجي آيون هُيون
۽ هن ڏڪندڙ هٿن سان هن جا پير ڇُهيا هئا. اُهي پير
جن ڏاڍو سفر ڪيو هو ۽ ڏاڍا ٿڪجي پيا هُئا يا هنن
کان وڌيڪ پنڌ نٿي پُڳو
(سبزوئي. 2011ع، 56 ۽ 57).
لڇمڻ ڪومل پنهنجي آتم ڪٿا
”وهي کاتي جا پنا“ جي ستاويهين پني ۾،
حشوءَ سان ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جي گھر
تي
ٿيل
آخري ملاقات وقت سندس
حُليي بابت
لکي ٿو:
ڦاٽل ميري قميص ۽ کُٿل
پئنٽ، مهيني کن جي وڌيل اڇي ڏاڙهي، مٿي تي ڪاري
رنگ جي پراڻي چِٻي
ٿيل فليٽ هئٽ، گُهنجيل
چهرو ۽ ڏرا ڏيئي آيل اکيون
(ڪومل.
2015ع،
282).
حشوڪيولراماڻي سنڌ جو هڪڙو وساريل ورق آهي. هُو
سنڌ جو هڪ وڏو مفڪر هوندي به، گمناميءَ جي ڪنهن
اونداهي گليءَ ۾، هڪ گمنام شخصيت بڻجي، هميشه
هميشه لاءِ گم ٿي ويو....
مددي
ڪتاب:
1)
سبزوئي، حميد: (2011ع). فاني جڳ لافاني ماڻهو.
حيدرآباد: ڪويتا پبليڪيشن. ص:56 ۽ 57.
2)
سنڌي، مدد علي: (2016ع). حشُوڪيولراماڻي: نه
وسرندڙ شخصيت.
حيدرآباد: ڪويتا پبليڪيشن.
ص:24، 39 ۽ 40.
3)
سيد،جي.ايم: (2005ع). جنب گذاريم جن سين
(جلد ٻيو). ڄام شورو: سنڌي ادبي بورڊ. ص:91 ۽ 92.
4)
ڪومل، لڇمڻ: (2015ع).
وهي کاتي جا پنا.
ڪنڊيارو:
روشني پبليڪيشن.
ص:282.
پروفيسر غلام مرتضيٰ ڪلوڙ
هاڪڙي درياء جي ڪپ تي قديم ماڳ
۽ ان ۾ مدفون ”پير بايد “
الله تبارڪ و تعاليٰ حضرت آدم عليہ السلام جي
تخليق سان گڏ کيس چار درياء تحفي طور ڏنا هئا، جن
۾ سنڌو درياء به شامل هو. سنڌو درياء جي هڪ شاخ جو
نالو ”هاڪڙو“ به آهي.
’هاڪ‘ معنيٰ ساراهه ۽ تعريف. محبت وچان اسم تصغير
جي صورت ۾ ان کي ”هاڪڙو“ سڏيو ويندو هو. سنڌ جو هي
دريا دجله، جمنا، گنگا ۽ فرات جهڙو مشهور ۽ سدا
ملوڪ درياء هو، جو قديم درياءِ سنڌ جي اوڀر واري
حصي يعني ٿر واري ڀاڱي جي ڀر ڏيئي وهندو هو.
ماٿيلو (مومل جي ماڙي)، چيچڙو، اروڙ ۽ عمرڪوٽ کان
ٿيندو ڪَڇ جي دنگ تائين پکي پکڻ، جهنگلي جيوت ۽
انسان ذات لاءِ آبِ حيات هو.
رب ڪريم بي نياز بادشاهه آهي، جنهن کي بڻائڻ جي
طاقت به آهي ته مٽائڻ جو اختيار به آهي. انهيءَ جي
حڪم سان هيءُ هاڪڙو درياء بادشاهه وهڪرو وڃائي وقت
جي ويرانگي جي ور چڙهي ويو. هن جي ٻنهي ڪپن تي
قديمي ڪوٽ، قلعا جي ڪاريهر وانگر ڪَرُ کڻي بيٺل
هئا ۽ بيشمار وسندڙ عاليشان شهر هئا، سي برباد ۽
مٽيءَ جو ڍير ٿي وقت جي ويراني ۾ تبديل ٿي ويا.
اهي هميشه لاءِ سنسان ٿي ويا ۽ وري اُسري آباد ٿي
نه سگهيا، پر پوءِ به هاڪڙي جي سونهن، سڀيتا ۽
تاريخ جي شاهدي ڏيندا رهن ٿا.
ماموئي جي ستن سالڪ شهيد درويشن ڏانهن منسوب بيت
جن کي سنڌ متعلق پيشگوئيون چيو وڃي ٿو، تن مان
پهرين پيشگوئي ڪندڙ درويش هاڪڙي جي حسناڪي کان
متاثر نظر اچي ٿو ۽ پنهنجي دعائيه شعر ۾ هاڪڙي جي
موج موٽڻ جي تمنا ڏيکاري ٿو. فرمائي ٿو:
هاڪ وهندو هاڪڙو ڀڄندي ٻنڌ اروڙ،
بهه، مڇي ۽ لوڙهه، سمي ويندا سوکڙي.
هاڪڙي جي ٻنهي ڪپن تي قديم ڦٽل ڪوٽ، قلعا ۽ ڪئين
برباد شهرن جا کنڊر جي گمنام ۽ ويران حال ۾ دڙن جي
صورت ۾ اڄ به ڏسڻ ۾ اچن ٿا، اهڙن کوڙ سارن دڙن مان
تعلقي پني عاقل جي ڳوٺ چيچڙو جي اولهه طرف هڪ وڏو
دڙو جنهن جي اوچائي هن وقت زمين جي سطح کان
اندازاً ڏهه فوٽن تائين ٿيندي، هاڪڙي درياء جي
کاٻي ڪپ تي موجود آهي.
مشهور بادشاهڻ سڙڪ هن دڙي کان ڏکڻ طرف کان گذرندي
هئي، هاڪڙي جي ڪنڌيءَ تي پوڙيون (ڏاڪڻيون) جتي
ٻيڙا لنگر انداز ٿيندا هئا، سي باقاعده بندر جو
ڏيک ڏين ٿيون، اهي اڄ به صحيح حالت ۾ موجود آهن.
ان کان علاوه بندر جي ڀر ۾ قديم دؤر جي سنهين سرن
واري مسجد جنهن جي ڀتين جا نشان باقي آهن، ان ۾
موجود ٻه تراشيل پٿر جيڪي اندازاً اڍائي فوٽ اُڀا
آهن، مسجد شريف جي ڪاٺ جي ٿنڀن جي ڏنل ڪامن کي ٽيڪ
جي هيٺان استعمال ڪيا ويا هئا ته جيئن مٽيءَ کان
مٿي هجڻ ڪري ڪاٺ جا ٿنڀا ڳرڻ کان بچي سگهن.
هن دڙي ۾ دفن ٿيل ديوارن جا ڪيترائي نشان نمايان
نظر اچن ٿا، مسجد شريف جي ويجهو اولهه طرف هاڪڙي
جي ڪپ تي هڪ مضبوط ڀت جو ٽڪرو جنهن جي تقريباً
ڊيگهه ڏهه فوٽ ۽ اُڀي اٺن فوٽن تائين ٿيندي، سالم
حالت ۾ موجود آهي. اهو ڀت جو ٽڪرو شاهدي ٿو ڏئي ته
درياء پائڻ جي حفاظت لاءِ ڊگهي ديوار ڏنل هئي جنهن
جو باقي حصو گهڻو وقت گذرڻ ڪري ڀڄي ڀُري ويو هجي.
دڙي جي ڀتين ۾ جيڪي سرون استعمال ڪيون ويون آهن،
اُهي اروڙ واري مسجد شريف جي سرن سان مشابهت رکن
ٿيون. هتان جي مٽيءَ جو رنگ هلڪو ڳاڙهسرو آهي،
تنهن جو سبب پڪين سرن ۽ ٺڪرن جو ڳري مٽيءَ ۾ ملڻ
معلوم ٿئي ٿو. دڙي جي معائني دوران مون کي پٿر جي
مختلف نمونن جا ٻه ڏيئا هٿ آيا جي مون محفوظ ڪيا
آهن.
جڏهن تاريخ تي نظر ٿي ڊوڙائجي ته اسان کي تاريخ
معصومي (مترجم: مخدوم امير احمد، ڇاپو 2006ع) جي
صفحي 218 تي لنجواري جي قلعي جو ذڪر ملي ٿو، جيڪو
بکر کان ماٿيلو طرف 18 ڪوهن تي موجود ڏيکاريل آهي،
اهو ڪٿي هو؟
هن هنڌ جي ويجهو لنجارن جا ٻه ڳوٺ، لاکو لنجاري ۽
پير محمد لنجاري جي نالن سان موجود آهن، پر انهن ۾
قديم شهر يا قلعي جون ڪي به نشانيون نه ٿيون ملن.
صدري روايتن موجب هن هنڌ کي ’قديم لنجاري جو شهر‘
سڏيو وڃي ٿو، جتي هاڻي مقام جا مجاور رهائش پذير
آهن. اتي مشهور پير مخدوم لعل فريد جي ڦٽل حويلي ۽
مسجد شريف آهي، جا ان درويش سان منسوب ڪئي وڃي ٿي.
مٿين مڙني تاريخي اهڃاڻن ۽ ٽاڻن مان اِها ڄاڻ ٿي
ملي، ته هتي وڏو وسندڙ شهر هو ۽ ”تاريخ معصومي“ ۾
ذڪر ڪيل قلعو به ان ۾ موجود هجي، جو ويران ٿيڻ کان
پوءِ انهيءَ ايراضيءَ تي وڏي تاريخي قبرستان ۾
تبديل ٿيو هجي!
هيءُ قديم تاريخي مقام پير ”بايد سلطان“
جي نالي سان مشهور آهي. سندس مرقد مٿان قديم دؤر
جو دلڪش مقبرو ڏاڍي سيبتائيءَ سان سينگاريل آهي.
پر معلوم نه آهي ته اهو ڪنهن ۽ ڪڏهن جوڙايو؟ هن
وقت قبو ڪافي ڪمزور ٿي چڪو آهي، مقبري اندر ٻه
قبرون ڏهه فوٽ ڊگهيون آهن، جن مان اولهه طرف واري
قبر پير بايد جي آهي ۽ ٻي قبر جي لاءِ چيو وڃي ٿو،
ته اها شايد ان جي ڀائٽي جي آهي.
مقامي ماڻهن کان مليل معلومات مطابق، بزرگن جي
مرقدن تي قديم دور جا ڪتبا لڳل هئا، جيڪي ويجهي
دؤر ۾ مقبري جي مرمت دوران درگاهه جي اندر جيڪي
ڪاشيءَ جون سرون لڳل هيون، تن کي ڪتبن سميت پَٽي
بزرگ جي روضي ٻاهران سٿيو ويو هو، تن مان ڳولا
ڪندي مون کي قديم دؤر جو ڪتبو هٿ آيو، جيڪو هيٺئين
چوٿين حصي تي مشتمل آهي. تنهن ۾ هيٺئين ريت لکيل
آهي:
از دار فنا بدا.....
وفات........
تنهن مان معلوم ٿو ٿئي ته واقعي بزرگن جي مرقدن تي
ڪتبا لڳل هئا، پر افسوس جو پونيئرن جي بي ڌيانيءَ
ڪري معلومات جا ثبوت ئي ميسارجي ويا آهن. صاحبِ
قبر جو تعارف ۽ وصال جو سن، ڪتبن تي اڪريل هوندو
آهي، حقيقت ته انهن مان معلوم ٿئي ها، تنهن کان
علاوه سڄي قبرستان ۾ ڪنهن به درويش جي قبر جو ڪتبو
برباد ٿيڻ کان بچي نه سگهيو آهي.
بزرگ پير بايد سلطان بابت ڪنهن قديم تاريخي تذڪري
مان معلومات ميسر نه ٿي سگهي آهي، تنهنڪري اسين
قبيلي متعلق ته ڇا پر درويش جي اسم گراميءَ جي
صحيح صورت کان پڻ وڏي عرصي تائين اڻ واقف رهياسين.
سن 1978ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ طرفان ڊاڪٽر پروفيسر
نواز علي ”شوق“ صاحب کان ڊاڪٽوريٽ جي ڊگريءَ لاءِ
لکيل تحقيقي مقالي ”فقير هدايت علي نجفي تارڪ جو
سنڌي ڪلام“ ان ٿيسز کي ثقافت کاتي 2012ع ۾ ڇاپيو
آهي، تنهن ۾ هن بزرگ جو مختصر تذڪرو هيٺينءَ ريت
ملي ٿو:
”سندن وڏو پير بائد هو، جنهن جي مزار چيچڙه تعلقي
پني عاقل ضلعي سکر ۾ آهي، پير بائد کي پير عبيد به
سڏيو وڃي ٿو.“ (ص 20) پير صاحب جي وفات جي تاريخ
تارڪ فقير ”رخ“ لفظ مان ڪڍي آهي، مصرع ملاحظه،
فرمايو:
سال فوتش رابگير از لفظ رخ
800هه
ڊاڪٽر نواز علي شوق جو مقالو ”فقير هدايت علي نجفي
تارڪ بحيثيت تاريخ نويس“ ماهوار رسالو ”پيغام“
سيپٽمبر 2011ع جي صفحا 09 ۾ ذڪر ٿو ڪري ته:
”تارڪ فقير جو تعلق تونيه خاندان سان هو، سندن وڏو
پير بازيد هو..... تارڪ فقير....“ مصرع مان پير
بازيد جي وفات جي تاريخ معلوم ٿئي ٿي.
پير بازيد است فوت صبح مڪرمت
800هه
ڊاڪٽر شوق صاحب
Ph.D
واري ٿيسز ۾ بزرگ جو نالو بائد (ء) سان ۽ مقالي
”فقير هدايت علي نجفي تارڪ بحيثيت تاريخ نويس“ ۾
پير عبيد بجاءِ بازيد ڄاڻايو آهي.
ڪتاب ”پنوعاقل ماضي حال“ (ڇاپو پهريون، سال 2013ع)
ليکڪ پروفيسر سرور سيف پيدائشي پنوعاقل جو آهي. هن
هيڏي تاريخي قبرستان جو ذڪر علحده ڪرڻ بجاءِ ڳوٺ
چيچڙو جو احوال لکندي ڪيو اٿائين. چيچڙو جي آسپاس
اهم قبرستان آهن، جن ۾ بگو شير، پير بائد، احمد
غبارو وغيره. اڳتي ڄاڻائي ٿو ته صدري روايتون آهن
ته پير بائد ذات جو تنيو هو.
سرور سيف پير بايد جي تاريخي قبرستان کي حصن ۾
تقسيم ڪيو آهي، جڏهن ته حقيقت اها آهي ته بگو شير
۽ احمد غبارو، پير بايد سان ملحق آهن، ٻيو بزرگ
بابت احوال زباني روايتن تي اڌ سٽ ۾ قلمبند ڪيو
اٿس. باعد لفظ (ع) سان لکيو اٿس.
مطلب ته هن هيڏي وڏي ولي الله بابت جنهن کي جتان
آيو ۽ جيئن وڻيو، تيئن لکيو اٿن. سنڌ جو مشهور
ناليوارو تاريخدان ڊاڪٽر حامد علي خانائي صاحب
پنهنجي ڪتاب ”مقالات خانائي“ (ڇپيل 2006ع) صفحي 91
۾ سيد سلطان بايزيد بابت ڄاڻائي ٿو ته: ”نصرپور جي
اتر ۾ اڄ تائين سلطان بايزيد جو قبو موجود آهي،
جنهن کي مقامي ماڻهو اڪثر ڪري ”بايد“ به ڪري چوندا
آهن.“
مٿئين معلومات مان اها ڄاڻ ٿي ملي، ته سنڌ جي
مشهور، ٻئي هڪ نصرپور واري پير کي مقامي ماڻهو
”بايد“ جي نالي سان سڏين ٿا پر سندس اصل نالو
بايزيد آهي.
نالي جي هڪجهڙائي هئڻ سبب خيال آيو ته ممڪن آهي ته
پني عاقل واري پير بايد جو به اصل نالو بايزيد
هجي؟ تنهنڪري مون انهيءَ نالي جي تلاش جاري رکي،
تڏهن سوچ صحيح ثابت ٿي، جڏهن مون کي عاشق، عابد،
عالم، حافظ، هفت زبان شاعر، سچل ثاني علامه محمد
هدايت علي نجفي تارڪ سائينءَ جو هڪ قلمي ڪتاب ”سلڪ
الاقارب“ جو 1934ع ۾ تصنيف ڪيو آهي، ان کي ڏسڻ ۽
پڙهڻ جو موقعو مليو، تنهن جي سرورق تي علامه صاحب
سندو نسب نامو قلمبند ڪيو آهي، ان ۾ هن پير بايد
جو اسم گرامي ”با يزيد“ ڏنو اٿس ۽ سندس والد
بزرگوار جو نالو پير عبيد ڄاڻايو اٿس. (پير عبيد
جي قبر مبارڪ قبي شريف اندر پير بايد جي ڀرسان
ٻڌائي وڃي ٿي).
علامه تارڪ سائينءَ جي تحرير (قلمي ڪتاب) موجب
تونيه قبيلي جو هيءُ جد امجد بزرگ، پير عبيد سلطان
قريشي علوي المعروف تونيه فقير اولاد حضرت غازي
عباس عليہ السلام علمبردار مان آهن.
هن قبرستان ۾ هڪ گنبذ ڊهي مٽي ۽ سرن جو وڏو دڙو
ٿيو پيو آهي، ٿي سگهي ٿو، ته ان دڙي اندر گهڻن ئي
بزرگن جون مزارون گڏ هجن؟ پر ان دڙي جي مٿان ئي
مقامي ماڻهن هڪ مزار ٺاهي ڇڏي آهي، جيڪا شيخ الياس
سلطان جي نالي سان مشهور آهي. هيءُ پير، بايد
سلطان جي ستين پيڙهي مان هو.
پير بايد سلطان جي خاندان مان هڪ بزرگ طيب سلطان
بن شيخ عيسيٰ سلطان بن شيخ الياس سلطان وڏو ولي ۽
اهل دل ٿي گذريو آهي، هن درويش هتان هجرت ڪري ڪوهه
سليمان جي دامن ۾ شهر هڙند شريف (وستي پناهه علي
شاهه ضلع راڄنپور) ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي، اتي
درويش جا ڪيترائي مريد ٿيا، سندس مزار هڙند شريف
قلعي جي قريب آهي.
پير بايد سلطان جي مقام ۾ ٻيا متعدد درويش مدفون
آهن. مقام جي مجاورن ۽ مقامي ماڻهن کان جن بزرگن
جا نالا مليا آهن، تن ۾ شيخ محمد سلطان (پهريون
انڍڙ مسلمان) سندس شان ۾ فارسي شعر فرمايو آهي:
شد نور ولايت، بر تو عيان،
از قوت دست، تو کفر نهان،
اي شيخ محمّد، قطب زمان.
(هن درويش جي آخري آرامگاهه جو نشان ئي مٽجي ويو
آهي) شهيد برهان الدين، شهيد احمد غبارو، شهيد
برخوردار شاهه، مخدوم لعل فريد، دائم شاهه، قائم
شاهه، ميان ميڻو، پير ڪامڻ، خضر سلطان بن هونده
سلطان (وصال 7- رمضان 1144هه) (هي بزرگ شيخ محمد
جي پنجين پيڙهي مان هو) ۽ سندس فرزند دائم سلطان
(وصال 25 شعبان 1184هه) محمد مستقيم المعروف بگو
شير (وصال 11 رمضان 1224هه) ميان عابد ۽ بيگ
خضراڻي (وصال 10 رمضان 1302هه) خاص طور قابلِ ذڪر
آهن.
ان کان علاوه لاتعداد گمنام بزرگ، اڻ ڳڻيا عالم،
هزارين حافظ، سوين صوفي، بيشمار شهيد، امير ۽ فقير
هن مقام جي مٽيءَ ۾ آرامي آهن. هن قبرستان ۾ چوطرف
يعني سکر، شڪارپور، گهوٽڪي ۽ ڪنڌڪوٽ جا اڪثر فوت
ٿيندڙ فرد پنهنجن عزيزن کي وصيت ڪري ويندا آهن، ته
مرڻ کان پوءِ کين ان مقام جي مٽيءَ ۾ مدفون ڪيو
وڃي، تنهنڪري سوين سال اڳ کان اڄ تائين ماڻهو
پنهنجن پيارن کي هن سر زمين ۾ سانڍي وڃن ٿا.
هاڪڙي درياء جي ڪڙ تي هي حسين ماڳ جو هينئر قديم
مقام جي صورت ۾ موجود آهي، تحقيق جي طرف ورهين کان
واجهائيندو رهيو آهي. هتان جي عوام جي امنگ آهي ته
آرڪيالاجي کاتو تحرڪ وٺي تحقيق ڪرائي، جيئن پتو
پوي ته هي قديم ترين شهر جيڪو هينئر زمين دوز ٿي
چڪو آهي، ڪهڙي دؤر سان تعلق رکندو هو ۽ ڪيئن ويران
ٿيو.
ضروري گذارش:
پير بايد کان چند ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ڳوٺ جوڻاس
جي ڀرسان پير بايد جي روضي نما شيخ لالو جو مقبرو
موجود آهي، جنهن جي اتر واري ڀت ۽ گنبذ ڊهي چڪا
آهن، ڏاکڻي داخلي دروازي مٿان پيلي پٿر واري ڪتبي
تي خوبصورت خط ۾ فارسي ۾ قطعه تاريخ اڪريل آهي،
جنهن جو عڪس هيٺ ڏجي ٿو:
جڏهن ته ’پنوعاقل ماضي، حال‘ ڪتاب جو ليکڪ پروفيسر
سرور سيف پنهنجي ڪتاب جي صفحي نمبر 86 ۾ ڄاڻائي ٿو
ته: ”جوڻاس جي بلڪل ئي ڀرسان شيخ لالو جو پراڻو
قبرستان آهي جنهن جي ايراضي سرڪاري رڪارڊ موجب 92
ايڪڙ آهي. شيخ لالو جو قبو انتهائي پراڻو آهي جنهن
کي ٽنهي پاسن کان دروازا آهن، قبي جي ڇت ۽ چوٽي
ڪِري پئي آهي ۽ ڀتيون به جُهري پيون آهن. هن جي
مقبري ۾ ڏکڻ واري دروازي تي هڪ فارسيءَ ۾ خوبصورت
اکرن ۾ هڪ سفيد پٿر واري ڪتبي تي سندس تاريخ وفات
اُڪريل آهي، جنهن ۾ وفات جو سن 480هجري ڄاڻايل
آهي.
”ان جو مطلب اهو ٿيو ته هي بزرگ تقريباً هڪ هزار
سال اڳ ۾ هتي دفن ٿيو آهي ۽ اهو سومرن جو شروعاتي
دؤر آهي. ڪتبي جا ڪافي اکر ڊهي يا ميسارجي چڪا آهن
باقي ٻه سٽون اڃان واضح آهن جيڪي هيٺ ڏجن ٿيون:
شيخ لالو از دل پاڪي داشت
يافت تاريخشش از شيخ پاڪ دل 480هه
جڏهن ته حقيقت هيءَ آهي ته قبرستان جي موجوده
ايراضي عام قبرستانن جيتري آهي جڏهن سرور سيف هن
قبرستان متعلق جيڪا مٿين ايراضي ڄاڻائي آهي سا
وڌاءُ معلوم ٿئي ٿي. شيخ لالو جي قبي کي ليکڪ ٽنهي
پاسن کان دروازا ڄاڻايا آهن، جڏهن ته حقيقت هيءَ
آهي ته قبي جون ٽنهي پاسن واريون ڀتيون، سواءِ اتر
طرف جي ڪلر سبب پيڙهه کان سرون کاڄي ويون آهن، پر
پوءِ به چڱيءَ حالت ۾ بيٺيون آهن. سرور سيف جنهن
کي ٽنهي پاسن کان دروازا ڄاڻائي ٿو سي حقيقت ۾
ٽيئي دروازا ناهن پر اهي هن جي ٻن پاسن کان پير
بايد جي روضي جهڙيون ساڳيون ئي دريون آهن. سرور
سيف سفيد پٿر تي ڪتبي جون ٻه سٽون ڏيئي بزرگ جي
وفات جو سن 480 هجري ڄاڻايو آهي، اهو سفيد پٿر
وارو ڪتبو، نه پر پيلي پٿر جو ڪتبو آهي، تنهن تي
فارسي ۾ قطعه تاريخ اڪريل آهي. ٻيو مصنف وصال جو
سن پنهنجي اندازي تي ڪڍيو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪتبي جي
قطعه تاريخ واري شعر کي پوري ريت سمجهي ئي نه
سگهيو آهي، ڪتبي تي اڪريل قطعه تاريخ واري عبارت
تحقيق طلب آهي، ان جا ڪجهه اکر ميسارجي چڪا آهن،
ڪو فارسي جو ماهر ان کي پوري ريت پڙهي پروڙي صحيح
مطلب ۽ علم ابجد جي حساب موجب صحيح وصال جو سال
واضح ڪري سگهي ٿو.
سليم
چنا
شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نگار
قمر شهباز
قمرالدين ولد محمد مقبول ٻگهيو المعروف قمر شهباز
13- اپريل 1938ع ۾ نوابشاهه ۾ جنم ورتو. پرائمري ۽
هائر سيڪنڊري تعليم نوابشاهه مان ورتائين، مشهور
تعليمدان ايڇ.ايم خواجا واري اسڪول مان مئٽرڪ پاس
ڪيائين. اسڪول ۽ ڪاليج جي زماني ۾ ڪرڪيٽ ڏاڍي شوق
سان کيڏيائين. خوبصورت، قداور، خوش لباس شخصيت جو
مالڪ هو. ايم.اي (انگريزي ادب ۾) ڪراچي
يونيورسٽيءَ مان 1962ع ۾ پاس ڪيائين.
P.T.V
لاءِ توڙي ريڊيو لاءِ تمام گهڻا ڊراما، ناٽڪ
لکيائين، سندس اکر تمام سٺا صاف سٿرا هوندا هئا.
1962ع کان 1963ع تائين گورنمينٽ ڪاليج ميرپورخاص ۾
ليڪچرار ٿي رهيو، 1964ع ڌاري گورنمينٽ ڪاليج
نوابشاهه، 1964ع کان 1965ع تائين گورنمينٽ ڪاليج
شڪارپور ۾ ليڪچرار ٿي رهيو ۽ 1965ع ۾ پرنسپال ڊگري
ڪاليج ڪنڌڪوٽ مقرر ٿيو، جتي 1969ع تائين رهيو.
اڳتي هلي ريزيڊنٽ ڊائريڪٽر گيهه ڪارپوريشن وزير
علي انڊسٽري حيدرآباد ۾ به رهيو. 1986ع ۾ ادب ۾
شاعري، ڪهاڻيون ۽ ڊراما سندس صنفون رهيا.اسڪول جي زماني کان ادب ۾ پير پاتائين، ڪهاڻين ۽
شاعريءَ ۾ تمام گهڻي دلچسپي وٺي، لکڻ جي شروعات
ڪيائين، 55-1954ع ۾ ”ادا“ نالي رسالو ڪڍيائين،
جيڪو ٻه سال ادبي خدمت ڪندو رهيو، جنهن کي پوءِ
ذاتي سببن جي ڪري بند ڪرڻو پيس. سنڌ جي مختلف
رسالن ۾ ڪهاڻيون ۽ شعر ڇپرايائين،
P.T.V
تي ڊراما لکيائين، ريڊيو تان به سندس لکڻيون نشر
ٿيون،
T.V،
ريڊيو، اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجڻ جي ڪري ڏاڍي شهرت ۽
عزت مليس.قمر شهباز پنهنجي دور جي ليکڪن جي اُن لڏي ۾ شامل
هو جن بين الاقوامي ۽ انگريزي
ادب کي پڙهي پنهنجين
لکڻين ۾ جدت آندي، ۽ سنڌي ادب کي جديد لاڙن سان
متعارف ڪرايو، ساڳئي وقت سنڌي قديم ۽ جديد ادب جو
مطالعو به هِن باريڪ بينيءَ سان ڪيو هو، تنهنڪري
سندس شاعري، ڪهاڻي توڙي ڊرامي ۾ اسان کي پنهنجو
ثقافتي، فڪري ۽ تاريخي رنگ به چٽو نظر اچي ٿو.پاڻ جڏهن ڪنڌڪوٽ جا پرنسپال هئا، تڏهن اُتي ٿيندڙ
هڪ مذهبي انتهاپسندي وارو واقعو سندن جيءَ کي
جهوري وڌو، پاڻ اُتي پرنسپال هجڻ سبب اهو وحشتناڪ
واقعو تحرير هيٺ نه آندائون، پر پنهنجي گهاٽي ادبي
دوست امر جليل کي فون تي اِهو دل ڏاريندڙ هاڃو
ٻڌائي زور ڀريائون ته پاڻ ان کي ڪهاڻي ۾ قلمبند
ڪري، تنهن کان پوءِ امرجليل ”سرد لاش جو سفر“ نالي
ڪهاڻي لکي سهڻي رسالي ۾ ڇپرائي هئي، جنهن سڄي سنڌ
جي مذهبي انتهاپسندي کي وائکو ڪري ڇڏيو هو.سندس وفات کان ڪجهه سال اڳ پنهنجون نيون توڙي
پراڻيون ڪهاڻيون ماهوار سوجهرو ۽ ماهوار امرتا ۾
ڇپرايائين، جن سندس ڪهاڻيڪار واري حيثيت کي نئين
سر اُجاگر ڪيو. شروعاتي ۽ وچين دور ۾ شاعري، ڊرامن
۽ ڪهاڻين جي ڪينواس ۾ هُن جو اُستادي فرض ۽
انتظامي ڪامورڪي، ڪرڪيٽ سان بي انتها دلچسپي،
ٻاهرين ملڪن جا سرڪاري دورا، غير ملڪي ادبي
مطالعو، ڏيهه اندر ادبي پروگرامن ۾ تقريرون ۽
تحريرون سندس ڪهاڻيءَ جي فن جي ڪمال کي ڄڻ ته
ڍڪيون بيٺيون هيون ۽ هُو پرائي دور ۾ مشهور ٿي به
نروار ٿي نه سگهيو، کيس صحيح معنيٰ ۾ سندس پوئين
دور ۾ سوجهرو ۽ امرتا معرفت هڪ مڪمل پختو ۽ پڪو
ڪهاڻيڪار طور سڃاتو ويو.هڪ ڀيري موهن مدهوش جي ڪويتا پبليڪيشن واري دڪان
تي امرتا جي ايڊيٽر، ڪهاڻيڪار ۽ شاعر فقير محمد
ڍول کي مون چيو: فقير! قمر شهباز تي اڳي به پڙهيو
هئم، پر هينئر تاج بلوچ ۽ تو وٽ ڇپجڻ کان پوءِ قمر
شهباز جو سڄو ادبي ڪينواس ڪهاڻين جي ڪڪرن سان ڀرجي
سنڌي ادب تي هڪ نئين نرالي انداز سان وسي رهيو
آهي.تنهن تي موهن مدهوش ۽ فقير محمد ڍول ٻنهي انهيءَ
ڳالهه کي تسليم ڪندي چيو ته توهان بلڪل درست ٿا
چئو، اسان وٽ ايندڙ امرتا پڙهندڙن جا خط به قمر
شهباز لاءِ اهڙائي خيال لکن پيا، پوءِ مون موهن ۽
فقير سندس تازو سوجهرو ۽ امرتا ۾ ڇپيل ڪهاڻين جي
فن، ٻوليءَ ۽ موضوعن تي ڳالهائي، اهو گڏيل رايو
جوڙيو.سنڌي ڪهاڻي ۾ حقيقت، منظرنگاري، ٻوليءَ، موضوع،
مڪالمن، پلاٽ ۽ ڪلائيمڪس جي حوالي سان قمر شهباز
تمام گهڻو سگهارو ڪهاڻيڪار هو، سندس مشهور ڪهاڻين
مان ڪجهه هي به آهن: ڪارا ماڻهو، نيٽي جيٽي پل،
واگهه نُکُ، رئيس جي پُراسرار بيماري، ورهاڱي گهڻو
ڪجهه ورهائي ڇڏيو، نرواڻ، ڏاڏي آدم جو سوال، جڏهن
بيت تنهنجا رُنا ها ڀٽائي، تياڳ جي پيار هجي يا
پاڇولو، پر پيار ته ناهي پاڇولو، (ٻنهي ڪهاڻين کي
اسان جاڙيون ڪهاڻيون چئي سگهون ٿا)، ڪلهي تي ڍرڪي
پيل ڪنڌ، کجي جو جِن، (علامتي ۽ ٽراجڊي انداز ۾
لکيل)، (تجريدي) شڪست ۽ ٻيون ڪهاڻيون لکيائين،
حيدرآباد جي ڪجهه ٻين ادبي دوستن سان قمر شهباز جي
ڪهاڻين بابت ڳالهايم ته انهن به لڳ ڀڳ ساڳيوئي
رايو ڏنو. هاڻي قمر شهباز جون ڪهاڻيون، اڳي کان
وڌيڪ متاثر ڪندڙ آهن، ڪڏهن سندس وفات کان ڪجهه وقت
اڳ پاڻ بزمِ روح رهاڻ ۾ 18- اپريل 2009ع آيو ته
رهاڻ ختم ٿيڻ کان پوءِ ڪچهري ڪندي مون کين پنهنجي
۽ فقير، موهن ۽ ٻين دوستن جي سندن راءِ ٻڌائي ته
پاڻ ڏاڍو خوش ٿيا ۽ چيائون: ”مون کي لڳي ٿو ڪهاڻي
ڪار طور آءٌ نئين سر
Explore
ٿيو آهيان، تنهنڪري نيون پراڻيون ڪهاڻيون گڏ ڪري
ڇپرائڻ لاءِ ڪم پيو ڪريان.“قمر شهباز جي ڪهاڻي نيٽي جيٽي پُل، درد ڀريل
مڪالمن، ۽ منظرن سان ڀري پئي آهي، اُن ڪهاڻي جو هڪ
ننڍڙو جملو به اندر وڍي ٿو وجهي
”بند اکين سان چيائين: خبر اٿئي منهنجي جوان پٽ
خودڪشي ڪئي هئي.“
”ها“، انصاف عليءَ وراڻيو.
”بيروزگار هو، ڊگريون ساڍي ساڻو ٿي پيو هو، ٻن
ڪاغذن جو بار گهڻي دير کڻي نه سگهيو، مون سندس ٻئي
ڊگريون سنڀالي رکيون آهن، سندس پگهر جي خوشبو
ايندي اٿم انهن ڪاغذن مان.“
ساڳي ڪهاڻي جو هڪ ٻيو سورن جي سِٽن وارو منظر!
”لفظ هُن جي وجود کي وڍيندا، ڪٽيندا، گهائيندا،
نڙگهٽ تي سِير مٿان سير وهائيندا، خون جا ڦوهارا
بنجي ڦهلجندا رهيا، سندس لوندڙيءَ جون نسون اُڀري
آيون هيون ۽ آڱريون بندوق جي ناليءَ ۾ پختيون
پيهنديون ٿي ويون، چيائين: ”اڄ ٻيو گهائل ڏسي
پنهنجو گهاءُ ياد آيو اٿم، جُوالا ڦاٽي پئي اٿم،
سيني منجهان.“
قمر شهباز پرڏيهي ماحول تي لکيل ڪهاڻي ”واگهه
نُکُ“ جي پڄاڻي جا پُراثر جملا هن ريت لکيا آهن:
”مان وکريل وجود جي سموري سگهه ميڙي اٿان ٿو،
ٽڪريءَ جي ڇيڙي تي لوهي جهنگلن جو سهارو وٺي هيٺ
ماٿريءَ ڏانهن ڏسان ٿو، جتي ڌُنڌ گهرو ٿيندو ٿو
وڃي.
هوءَ منهنجي پٺيان اچي بيٺي آهي.
ايتري همت نه رهي اٿم جو پٺتي مُڙي ڏانهس ڏسي
سگهان، چوي ٿي: اهو شعر ياد اٿو، تري مانيتيوم
وارو!؟ مان ڪنڌ سان هاڪار ڪيان ٿو.
هن جو آواز التجا بنجي وڃي ٿو، چوي ٿي ٻڌائيندؤ
نه؟ مان ماٿرين ڏانهن نهاريندي وڍيل آواز سان چوان
ٿو.
هر ڪنهن مَن جو ڪوئي موتي،
هر ڪنهن جيءُ جي ڪائي جوتي،
پيار ڀرئي هِن جڳ ۾ سائين،
منهنجو ڪير؟
پپيها تون!
لفظ وانگهه نُکُ جيان نڙيءَ ۾ اٽڪي پيا آهن ۽ مان
روح جي گهراين تائين رتوڇاڻ ٿي پيو آهيان.“
قمر شهباز ڪهاڻي ”ڪارا ماڻهو“ ۾ هڪ هنڌ هيئن تِکن
لفظن جا تير وسائي ٿو:
”مڙسهنس کي غيرت ايندي آهي؟ ٻه دفعا يورپ ڀڄي وئي
آهين يارن سان، ڪو لفظ چيو اٿائين توکي زبان سان؟“
”هوءَ ٽهڪ ڏئي کِلي پئي، چيائين پيريءَ ۾ جواڻ
جماڻ پڙهيل ڳڙهيل ۽ ماڊرن ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ
وارا اکيون، ڪن ۽ زبان بند رکندا آهن. هونئن به
وڏيرڙا ويچارڙا گهر جا ڪڪڙ مارڻ ۾ ماهر هوندا آهن.
عورت کي پير جي جُتي چوڻ وارا، شهرن ۾ اهائي جُتي
مٿي تي رکي گهمندا آهن.“
ڪهاڻي ”ڏاڏي آدم جو سوال“ ۾ قمر شهباز هڪ ڪراڙي
قيدي کان هي جملا چورائي اهم مسئلي ڏانهن ڌيان
ڇڪرايو آهي:
”تڏهن اوچتو وارڊ جي پرينءَ ڪنڊ مان ڪو ڏڪندڙ آواز
جاڳي اُٿيو. ڪروڌ ۽ ڪاوڙ مان چيائين: ”لک جي نالت
اٿوَ سڀني جي ٻوٿ ۾! ڀاڙيا ڪنهن جاءِ جا! معصومن
گگدامن کي ماري کڳيون ٿا هڻو کوٻلا؟ وڏا غيرتي پٽ
ٿا سڏايو پاڻ کي؟ گانگٽ جهڙيون مڇيون مروٽيندي ٻڏي
نٿا مرو ڍڪڻي ڍُڪ پاڻيءَ ۾؟ اڙي هوڏانهن ساري سنڌ
پئي سڙي، ماءُ پئي نيلام ٿئي. جيجل پئي ڌارين هٿان
جهري، اتي گيرت ڪانه ٿي اچيوَ؟“
قمر شهباز جي ڪهاڻي ”رئيس جي پُراسرار بيماري“ جو
ڪلائمڪس خود غرض سنڌي وڏيري جي عڪاسي هيئن ڪري ٿو:
”غلامون“
گهڻي ئي گوٿناٿ ڪئي لنوايائين، انڪار ڪيائين،
ڪاوڙيو، ڀڳو، ڊوڙيو، پر ماڻهو ڪٿي ٿا ڇڏين؟ آخرڪار
جڏهن ڪا ٻي واهه نظر نه آيس تڏهن رازداڻي انداز ۾
چيائيني ”پٽيا، ٻڌايان ٿو پر ٻيلي ڳالهه ڪنهن سان
نه ڪجو!“
سڀ چپ ٿي ويا، خاموشي ڇانئجي وئي، ماٺ وڪوڙي وئي.
غلامون حجام ڊڄندي ڊڄندي چيو: ”رئيس کي لوسڻ جو نڪ
پيدا ٿي پيو آهي؟ جيترو ٿو ڪٽجي اوترو ٿو وڌي،
هاڻي ته ڏاٽي کان به ڳالهه چڙهي وئي آهي!“
قمر شهباز پنهنجي ڪهاڻي ”ورهاڱي گهڻو ڪجهه ورهائي
ڇڏيو“ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو:
”اسڪول ٻيهر کُلي ويو، پر نه رتنا رهي نه بلراج
ڀولو، نه داداگير جانڪي ۽ نه ڇولن وارو پوهومل.
ورهاڱي گهڻو ڪجهه ورهائي ڇڏيو هو، شهر بدلجي ويا،
ماڻهو بدلجي ويا، سوچ بدلجي وئي.“
شيوڪ ڪلڪيوليٽر تي حساب ڪري چيو: ”ڀيڻ اگهه ۾ گهٽ
وڌائي ڪونه ٿيندي پُڄاءِ پَوئي ته وٺ، نه ته ڇڏي
ڏي.“ جيءُ جهري پيم، چيم: سنڌ جو نه پڇندين؟
پنهنجي گهر جو، پاڙي جو؟ دوستن جو؟ ڪلڪيوليٽر مون
ڏانهن وڌائيندي چيائين: سنڌ سنڌ آهي، ڌنڌو ڌنڌو
آهي، ڪراچيءَ تائين ور ور خيال پئي آيم ته دبئي ۾
ڪجهه وڃائي آيو آهيان، ڇا سو سمجهه ۾ نٿي آيم.“
ماهوار اَمرتا جي سيپٽمبر 2009ع ۾ ڇپيل مضمون
”منهنجي ڪهاڻين جا ڪردار“ ۾ قمر شهباز لکي ٿو:
”اديب جڏهن ادب تخليق ڪري ٿو، پوءِ کڻي اهو
افسانوي ادب هجي، شاعري يا ڊرامو هجي، هُو پنهنجي
مطالعي، مشاهدي ۽ محسوسات سان گڏ پنهنجي شخصيت جو
ڪونه ڪو حصو پڻ پنهنجي لکڻيءَ ۾ اوتي ٿو ڇڏي، جتي
هو ”مان“ چوي ٿو، اُتي هُو مان ٿي پوي ٿو، اڃان به
ٿورو اڳتي هُو ”مان“ چوي ٿو، اُتي هُو پنهنجي
ڪردارن کي حقيقي زندگيءَ جي ڪن ڪردارن جي روپ ۾
Identify
ٿو ڪري. تڏهن سمجهڻ گهرجي ته ان ليکڪ پنهنجي گهري
سوچ ۽ مشاهدي جي زور تي پنهنجي زاويي کان خود پاڻ
کي ۽ پڻ پنهنجي سڄڻ کي ٻيهر جيئاريو
(Recreate)
آهي. اهو ڪم ڏاڍو ڏکيو آهي، پر
پوءِ ڪلاڪار ٿيڻ به ته ڪو سولو ڪم ناهي.“
ساڳي مضمون ۾ اڳتي هلي لکي ٿو ته: ”منهنجون علامتي
ڪهاڻيون، جن ۾ ”کجيءَ جو جِن“ پڻ شامل آهي، تجريدي
۽ غير واضح هوندي به پنهنجو اثر ڇڏين ٿيون. سو
انڪري جو منجهن منهنجي ذهن توڙي روح جي ڀرپور
شموليت آهي، پرڏيهي ماحول ۾ لکيل ڪهاڻيون، جن ۾
”واگهه نُکُ“ به شامل آهي، سواءِ معمولي گهٽ
وڌائيءَ جي، هر طرح حقيقتن تي ٻڌل آهي، انهن
ڪردارن جا ڏنل تحفا مون پاڻ وٽ سنڀالي رکيا آهن،
”واگهه نُکُ“ جي وانيا جي ڏنل ننڍڙي گڏي اڄ به
منهنجي شوڪيس ۾ موجود آهي.“
اڃا اڳتي هلي لکي ٿو: ”گذريل ٻن ٽن سالن کان مون
جيڪي ڪجهه لکيو آهي، سو ائين ڄڻ آتم ڪهاڻي لکندو
هجان، خبر ناهي ڇو هاڻي ماضيءَ کي کوٽي، رهڙي،
مهٽي سهٽي، پراڻين يادن ۽ واقعن کي جيئن جو تيئن
لکڻ تي دل ٿي ٿئي. ”امرتا“
۽ ”سوجهرو“ ۾ ڇپيل سڀ افسانا منهنجا پنهنجا ڏٺل
وائٺل، گذريل گذاريل واقعا آهن. جن ۾ ڪردارن جا
نالا پڻ تقريباَ ساڳيائي رکيا آهن، ائين ڪرڻ سان
هڪ ته مون کي اعتماد حاصل ٿئي ٿو ۽ ٻيو ته ڪهاڻي ۾
حقيقت جو رنگ ڀرجي ٿو.“
قمر شهباز کي هڪ شاعر جي حيثيت ۾ پڙهنداسين ته
سندس هيٺيون شاهڪار سِٽون هڪ جديد ۽ پختي شاعر هجڻ
جو ثبوت ڏينديون.
توڙي ڪاري ٻاٽ، توڙي اوکو ماڳ،
ٻارينداسين ساٿيو، آنڌيءَ ۾ ڀي لاٽَ،
ملي ويندي واٽ، متان يَرَ ماندا ٿيو.
***
ٿڪا ٿڪا نيڻ، سُڪا سُڪا ساهه،
رکي رکي روح مان، اُڏامي ٿي آهه،
اَجها او الله، سگهو آڻج سوجهرو.
***
انڌارو آڪاس، ساڻو منهنجو ساهه،
پاڳل منهنجي پريتڙي، چريو منهنجو چاهه،
پويون آ پساهه، سگهو پهچ او پرين!
سندس واين مان ٻه مثال:
چنڊ رهين ٿو دور، تون ڌرتيءَ جا درد نه ڄاڻين!
هت هر آشا باندي آهي، بيوس ۽ مجبور،
چنڊ رهين ٿو دور!
وَسُ وَسُ منهنجي ويراني تي،
اڄ ته کڻي تون وس، او يار!
***
رات ڀني پر ڪانه رُني، پل ڀرلئه پرواني تي!
اڄ ته کڻي تون وَس، او يار!
سندس گيتن مان هڪ گيت:
پريتم! اوري آءُ، اَلا!
آءُ گهڙي پل ويهه ته مٽجن گهرا گهرا گهاءَ،
پَهر پَهر کي پنهنجا ڏکڙا، پلڪن کي پڇتاءَ، اَلا!
پريتم! اوري آءُ.
سندس آزاد نظم به نرالا آهن، ڏسو ته ڇا ٿو لکي:
تنهنجي چاهت چکيا آهي،
سورٺ آءُ سينگار ڪري،
ڀنڀٽ ڀنڀٽ باهه ٻري!
***
ڪانڌن کي ڇا ڪرٽ جهليندا،
ڪونڌر آخر ڪُسندا رهندا،
پروانن جي، مستانن جي،
سوريءَ سوريءَ ڪيئن سِري سِري.
ڀنڀٽ ڀنڀٽ باهه ٻاري!
اوهان جي پڄاڻا،
نه بلبل ٿي چهڪي، نه مُکڙي ٿي مَهڪي،
نه بادل ٿي برسيا،
نه ورسيا وٿاڻا، اوهان جي پڄاڻان،
سندس غزل جي رنگ جو هڪ انداز هي آهي:
رات اسان کان پيارا وڇڙيا، چانڊوڪي کان چارا
وڇڙيا،
ساوڻ ڪهڙي ڪارڻ ايندو، دل کان جو دل وارا وڇڙيا.
تون گيت هئين، سنگيت هئين، يا منهنجي مَن جو ميت
هئين،
اڄ گيتن کان گونجار وئي، اڄ دريائن کان ڌارا
وڇڙيا.
قمر شهباز سنڌو درياء سان پنهنجو پيار هيئن به ڪري
ٿو:
سنڌو تنهنجي لَهر لَهر ۾، منهنجا گيت سَمايا،
تنهنجي ڇولين ۾ جا ڇلڪي سائين منهنجي ڇايا.
پنهنجي تخليقي سفر جي آخري نئين نڪوري دور ۾ آگسٽ
2008ع کان اپريل 2009ع تائين هُن بنا ساهي پٽڻ جي
ماهوار اَمرتا لاءِ ڪهاڻيون لکيون، جن کي نئين نسل
جي پڙهندڙن ڏاڍو ساراهيو.
هُن پنهنجي پوئين دور ۾ لکيل ڪهاڻين ۾ پنهنجي اندر
کي اوتي ڇڏيو. سندس ڪهاڻي
”تياڳ“ جو هڪ جملو ڄڻ ته درد کي پسيندي هيئن لکيو
هئائين:
”پاڻ ڪروڙپتي هوندي به ڪنگلو هو، پنهنجي منهن
ڳالهائيندو هو ۽ ٻاٽلي پي پاڻ تي روئيندو هو، اندر
۾ ڇا وهندو واپرندو هئس، سو فقط هُو ئي ڄاڻندو
هو.“
قمر شهباز ”نرواڻ“ ڪهاڻيءَ جي اندر جي ڀڳل ٽُٽل دل
واري ڪردار لاءِ هيئن لکيو هو:
”هليو ويندو مانءِ، پوءِ ياد ڪندين!
هاڻي ته هليوئي ويو سڀني جي زندگيءَ مان هميشه
لاءِ
بي جان، بي زبان، بي نور پاڇا، هجوم ٺاهي مِڙندا
ويا، آڊيٽوريم ۾ ميڻ جا ماڻهو، نه کليا نه مليا،
نه نچيا نه ٽپيا، نه سرٻاٽ ٿي ڪيائون. صرف رجندا
ئي رهيا، ڪاري سورج جي ڪاڙهي ۾ ٽيپو ٽيپو ٿي ڳڙندي
رهي، سندن خوشين جي سموري ڪائنات تڏهن احساس ٿيم،
ته هال لاشن سان سٿجي ويو آهي ۽ منهنجي ڀر ۾ پٿر
جي آسمان ويٺي آهي ۽ سامهون اسٽيج تي ڪوئي دعا جا
هٿ ڦهلائي، آلين اکين ۽ ڀريل آواز سان وڇڙيل روح
جي ابدي سڪون لاءِ ٻاڏائي رهيو آهي، تڏهن دل جو
شهر ڊهندو محسوس ڪيم، ۽ چيهي جي آخري چيخ ٻڌندي
لڳم ۽ دور ديوار جي دز منجهان اوچتو ماسات جو
مُرڪندڙ چهرو جهاتيون پائيندو نظر آيم.
هال تي سڪتو طاري ٿي ويو، دعا لاءِ اُٿيل هٿ ڄڻ
ڄمي ويا هڪ جاءِ تي.
کِلندي چيائين: ”چرچو ڪيو هئم.“
ڪنن تي اعتبار ئي نه آيو، لڳي پيو خواب آهي، وهم
آهي منهنجي دل جو سڀ بي اعتبار نظرون مٿس ڄمي
ويون، هُو سچ پچ سامهون بيٺو مُرڪي رهيو هو!“
مٿين شاهڪار سِٽن جو سرجڻهار شايد سمجهي ويو هو ته
هاڻ وٽس وقت تمام ٿورو آهي، تنهنڪري وفات کان ڪجهه
هفتا اڳ هُو حيدرآباد ۽ ڄام شوري جي ياترا تي هليو
آيو هو.
سنڌالاجي ۾ ويهي چار پنج ڏينهن ته پنهنجو ڇپيل
مواد ڳولي هٿ ڪندو ويو، ڄام شوري جي ادبي دوستن
سان دل ريجهائي حيدرآباد جي هوائن ۾ هليو ايندو
هو، نيرون ڪوٽ ۾ اچي رهيو هو، مهراڻ
T.V
جي دوستن سان مليو هو، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد
اسٽيشن تي وڃي يادن جا پل پل سهيڙيا هئائين، نصير
مرزا ۽ ٻين سان مليو هو، سنڌي لئنگويج اٿارٽي ۾
اچي تاج جويو وٽ ويٺو هو، اُتي ٻين اديبن سان به
مليو هو ۽ اتفاق سان تاج وٽ وڃڻ سبب مون به ساڻس
ڳالهيون ڪندي گهڙي کن گذاري هئي ۽ سندس اَمرتا ۽
سوجهرو ۾ ڇپيل ڪهاڻين تي ڳالهايو هو.
هن کي حيدرآباد اچڻ کان پوءِ اَمرتا جي ايڊيٽر
فقير محمد ڍول سان ملڻ جي ڏاڍي چنتا هئي، نيٺ فون
تي رابطو ڪري کيس شهباز بلڊنگ وٽان اچي پاڻ ئي پڪ ڪري کنيو هئائين، نيرون ڪوٽ وٺي
وڃي دل ڀري ڪچهري ڪري، پنهنجين ڪهاڻين بابت
ڳالهائي، وري کيس ساڳي هنڌ اچي ڊراپ ڪيو هئائين.
قمر شهباز پرنسپال ٿيڻ کان پوءِ جلدئي گيهه
ڪارپوريشن آف پاڪستان ۾ هڪ وڏي عهدي تي اچي پهتو
هو، پر کيس پنهنجا گهاٽا ادبي دوست هميشه ياد
رهيا. رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ هُن ادبي ڪم وڌائي ڇڏيو
هو، شيخ اياز کان سندس حياتيءَ ۾ آڊيو انٽرويو
ورتو هئائين، جنهن جون 20-22 ڪيسٽون ڀرجي ويون
هيون، بقول قمر شهباز جي. اهڙو ڀرپور ۽ طويل
انٽرويو شيخ اياز پهرئين ڪڏهن ڪونه ڏنو هو.
پنهنجي حيدرآباد واري آخري ياترا ۾ هُن پنهنجي
پراڻي ادبي دوست حميد سنڌيءَ کي ڪونه وساريو ۽
ساڻس ۽ بزمِ روح رهاڻ جي اديبن شاعرن، ڪهاڻيڪارن
سان ملڻ لاءِ آچر 18- اپريل 2009ع اچي حاضر ٿيو
هو، سندس شرڪت ۽ گفتگو اسان سڀني لاءِ باعثِ فخر
هئي.
سنڌ جي هن ساڃاهه وند سرجڻهار، ڪهاڻيڪار، ڊراما
نگار، صداڪار، شاعر ۽ مقرر
5- مئي 2009ع تي ڪراچيءَ ۾ لاڏاڻو ڪيو. الله
تعاليٰ سندس مغفرت ڪرڻ فرمائي، آمين.
ڊاڪٽر شهاب الدين غازي
سنڌ ۾ بلوچ سپاهين جي آمد
سنڌ ۾ عرب، غوري، غزنوي، افغان، ترڪ، ارغون ۽
ترخان آيا، سي سڀ فاتح ۽ حاڪم بڻجي آيا، پر بلوچ
سپاهيءَ جي طور تي آيا ۽ اهي اچڻ سان سنڌ جا حاڪم
ڪونه بڻيا، انهن کي گهٽ ۾ گهٽ چار صديون انتظار
ڪرڻو پيو.
جڏهن سنڌ کي محمد بن قاسم فتح ڪيو ۽ محمود غزنوي
جو لشڪر سنڌ مان گذريو تڏهن سنڌ ۾ بلوچ ڪونه هئا،
سنڌ جا تاريخدان لکن ٿا: ”سنڌ جو ڀروارو ملڪ، جنهن
کي هن وقت بلوچستان سڏجي ٿو، سو ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته
سنڌ سان لاڳاپي ۾ هو،
اتي رهندڙ بروهي قوم جي زبان ۾ دراويدي زبان جا
گهڻا لفظ رهجي ويا آهن، جو اهي درياهه جي ڪناري
کان دور رهڻ ڪري آرين جي سڌي تسلط ۽ اثر هيٺ اچڻ
کان بچي ويا، ۽ هنن قديم زبان کي هڪ حد تائين
سلامت رکيو آهي.“ (سنڌؤ جي ساڃاهه، ص 42-41)
جڏهن عرب لشڪر سنڌ جي سرحد تي پهتو، ته سنڌ جو اهو
حصو عربن جي قبضي هيٺ آيو، جيڪو هن وقت سنڌ ۾ نه
آهي، بلڪ بلوچستان جي اُتر اُلهندي طرف آهي. تن
ڏينهنِ ۾ هيءُ سارو ملڪ سنڌ ۾ شمار ڪيو ويندو هو.
ان وقت جاگرافيءَ ۾ ڪوبه ملڪ بلوچستان جي نالي سان
نه سڏيو ويندو هو. مڪران ۽ سيستان سان سنڌ جون
حدون مليل هيون.“ (سنڌؤ جي ساڃاهه، ص 67)
سنڌ ۾ بلوچ سپاهين جي آمد جو پهريون سراغ لهندي
ڊاڪٽر ليمبرڪ لکي ٿو ته: ”تاريخ معصوميءَ موجب
ڪجهه بلوچ 1326ع جيترو اڳ سنڌ ۾ آيا هئا، تڏهن
جڏهن خسرو خان، محمد شاهه تغلق طرفان سنڌ جو گورنر
مقرر ٿيڻ تي پنهنجي بادشاهه خلاف بغاوت ڪئي هئي ۽
بکر ۾ بلوچن جو لشڪر کڻي گڏ ڪيو هئائين. ان ماخذ
موجب، ساڳيءَ صديءَ ۾ ڪنهن وقت بلوچن، راجپوت،
سوڍن ۽ جاڙيجن سان گڏجي سومرن حاڪمن جي مخالفت ڪئي
هئي، انهن ٽن قبيلن جي ٻڌي به عجيب هئي. (سنڌ جا
نسل ۽ ماڻهو، ص 393)
سنڌ جي تاريخ جو اهو اهم ورق ڪاٽي نٿو سگهجي، ان
موضوع تي به تفصيل سان تحقيقات کي سامهون آڻڻ
گهرجي. ڊاڪٽر ايڇ.ٽي. لئمبرڪ ان موضوع تي ڪجهه
روشني وڌي آهي، ڊاڪٽر ليمبرڪ لکي ٿو: ”سنڌ جي آدم
شماريءَ جو هڪ ٻيو مکيه جزو آهن بلوچ جي پڻ عرب
هجڻ جي دعويٰ ڪندا آهن. اڃا پندرهين صدي عيسوي
پوري نه ٿي هئي، جو هُو پنهنجي موجودگي محسوس
ڪرائڻ لڳا. هي مالوند ۽ نيم لاڏائو ماڻهو هئا ۽
جهيڙي جهٽي جا ڪوڏيا پڻ. چيو وڃي ٿو ته ان نسل جو
بڻ شام ۾ اُسريو، جتان سندن اوڀر طرف واڌارو ڪڏهن
ڪڏهن تيز به ٿي ويندو هو، خاص ڪري تڏهن جڏهن انهن
ملڪن جا حاڪم، جتي هي رهيل هوندا هئا، سندن خلاف
ڪات ڪهاڙا کڻندا هئا، سندن آخري لڏپلاڻ
سنڌوماٿريءَ ڏانهن هئي، هتي هُو سيستان کان آيا،
جتي هُو ڳچ زمانو رهيا ته هُو پاڻ توڙي سندن ڌڻ
جيئن پوءِ وڌندا ٿي ويا. سندن ڪيترائي قبيلا اچي
ڪڇيءَ ۾ ويٺا ۽ اتي ٽڪر وٺي اُتر پاسي ديراجات ۽
ڏکڻ پاسي سيوهڻ ۽ ان کان پرتي پکڙجي ويا. ماڻهو
ويڙهاڪ هئا، سو ترت قدر ٿيڻ لڳن، ۽ اسان کي ٻڌايو
وڃي ٿو ته سبيءَ جو گورنر کين پنهنجي لشڪر ۾ ڀرتي
ڪري شاهه بيگ ارغون سان وڙهيو هو. وري اسين پڙهون
ٿا ته ان بادشاهه ٿورا ورهيه پوءِ جڏهن مٿينءَ سنڌ
تي به قبضو ڪيو، تڌهن هنن مان اهڙو اچي تنگ ٿيو جو
ملڪ جي انهن مان جند ڇڏائڻ لاءِ هڪ ئي وقت وڏي
پيماني تي انهن جو ڪوس ڪرايائين. اهو واقعو 1521ع
ڌاري ٿيو، 1523ع ۾ شاهه بيگ جو پٽ مرزا شاهه حسين
سبيءَ تي چڙهي، وڃي رندن ۽ ٻين بلوچن کي سيکت ڏئي
آيو. رپورٽيءَ موجب، ملتان جي لانگاهه جاٽ حاڪمن
سورهين صدي عيسويءَ جي پهرين چوٿائيءَ ۾ بلوچن کي
جاگيرون ڏيئي، ديراجات ۾ اچي رهڻ تي هرکايو،
جاگيرن ۾ هُو مالوند رهندي ۽ چاري جي سانگ تي سڄو
ڏيهه رُلندي، هوريان هوريان حد دخلي ڪندا نظر اچن
ٿا. ڪٿي ته ائين به ٿيو ته جتي ڪنهن قبيلي ٿاڪ
ڪيو، سو تر ئي سندن نالي پويان سڏجڻ لڳو، جيئن
چانڊڪو ۽ بڙديڪا وغيره.
ڪلهوڙا سنڌ جا پهريان حاڪم هئا، جن بلوچن کي،
سپاهين جي حيثيت ۾ ڪمائتو ڏسي، سنڌ لڏي اچڻ تي
همٿايو، هُو مرشد هئا ۽ انهيءَ زور تي ٽالپرن ۽
مرين کي خدمت لاءِ گهرائي ٿي سگهيا، تاهم ڪجهه
سندن قبائلي سرشتي جي تقاضا، ڪجهه پراڻا پلوَ
پاڙڻا ۽ ڪجهه وري هونئن ئي ڦڏي جو چسڪو، سو بلوچ
ٻيا ته ٺهيو خود پنهنجي هم قوم حاڪمن هيٺ به سنڌ
جي آدمشماريءَ جو وڳوڙي عنصر ٿي رهيا. ٽالپرن جي
صاحبي برپا ٿي ته بلوچن جي گهڻي ڀاڱي پنجاب مان
اصل لانڍ لڳي ويئي ۽ سندن سردار ملڪ جا فوجي امير
بڻجي ويا، برطانيه سرڪار پڻ بلوچ جاگيردارن جي
حيثيت ٿوري ڦيرڦار سان قائم رکي ۽ ٻهراڙيءَ جي
سماجي جوڙجڪ ۾ بلوچ زميندار اڃا به وڏي اثر وارا
آهن ۽ اها ڳالهه هر ڪڙمي مڃي ٿو.“ (ص 379-377)
سنڌ ۾ سرائڪي ٻوليءَ جي واهپي متعلق لئمبرڪ لکي
ٿو: ”پهرين پهرين سرائيءَ جي معنيٰ اُتر جو ماڻهو
هوندي هئي. پر پوءِ اهو لفظ ڪلهوڙن جي گهراڻي سان
لاڳاپي جي ڪري تعظيمي لقب ٿي ڪم اچڻ لڳو. انهن جا
اڪثر قبيلا پاڻ ۾ لهندا يا اُلهندي پنجابي
ڳالهائيندا آهن جا ٻولي سنڌ ۾ سرائڪي سڏي وڃي ٿي.
اوٺي جتن توڙي ڪيترن اهڙن بلوچ قبيلن يا قبيلن جي
پاڙن جي ٻولي به اهائي آهي، جيڪي ڳچ وقت پنجاب ۾
گهارڻ کان پوءِ هت آيا هئا.“ (ص 379)
سنڌ ۽ پنجاب ۾ جتن ۽ بلوچن جي سڃاڻپ متعلق لئمبرڪ
لکي ٿو: ”ساڳِيءَ ريت، گهٽ ۾ گهٽ انهن بلوچن کي،
جيڪي پنهنجي قبائلي علائقي کان دور وچين پنجاب ۾
جاٽن سان گڏ رهندڙ آهن، اوٺي يا اُٺ پاليندڙ
سمجهيو وڃي ٿو. سنڌ ۾ وري معاملو ان جي ابتڙ آهي،
سو جيئن سنڌونديءَ جي اوڀر پاسي اُلهندي پنجاب ۾
سڀني قبيلن جو لاڙو پاڻ کي جاٽ سڏائڻ ڏانهن آهي،
تيئن سنڌ ۾ ڪيترائي جت ۽ سماٽ قبيلا پاڻ کي بلوچ
سڏائڻ چاهيندا آهن، سنڌ ۾ لڏي ايندڙ بلوچ ٻهراڙيءَ
جي ماڻهن کي بنا ڪنهن ساڱاهه جي جت سڏيندا هئا.
ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي صاحبين ۾ جڏهن هُو وڌندڙ تعداد
۾ اچڻ لڳا، تڏهن هنن پاڻ سان گهڻا اوڍي يا نوڪر يا
قبائلي جنگين ۾ پڪڙيل ٻانها به ضرور آندا هوندا.
انهن سڀني کي گڏي ڌڪار وچان جت سڏيو ويو. جيئن ته
بلوچ قبيلا ملڪ جا فوجي امير ٿيندا ٿي ويا، سو سنڌ
۾ جت نسل نه پر ڪِرت ڏيکاريندڙ لفظ بنجي ويو، جنهن
جي معنيٰ هئي اوٺي يا اُٺ وارو. آنجهاني مسٽر
ڪورنٽن ٻڌائي ٿو ته: ”پنجاب ۾ نسل يا ذات لاءِ لفظ
جاٽ يا جٽ آهي، جڏهن ته لهندا ٻوليءَ ۾ اوٺي لاءِ
لفظ جت آهي، جيئن سنڌ ۾ جيڪو ”ٽ“ اکر وارو ڄٽ لفظ
ويجهڙائيءَ واري وقت تائين سنڌي هندو مسلمان هاري
يا ڳوٺاڻي لاءِ ڪتب آڻيندا هئا، سو پنجاب اندر
نسلي مفهوم ۾ ڪم ايندڙ لفظ سان ڳنڍيل آهي، پر سنڌ
۾ بيعزتيءَ واري معنيٰ اختيار ڪري ويو آهي. سنڌ ۽
پنجاب جي جاٽ يا جٽ لفظ جي بگڙڻ جي سمجهاڻي هيءَ
به ٿي سگهي ٿي ته بلوچن وٽ اصل ۾ ”ٽ“ اُچار هوئي
ڪونه، سو هو ملڪ جي ڏيهي ڪُڙمين کي جٽ جي بدران
”ت“ سان جت سڏيندا هئا ۽ جت جي معنيٰ جيئن اڳيئي
ڄاڻايو اٿئون، لهندا ٻوليءَ ۾ آهي ”اوٺي“. (ص 381)
ٿر، لاڙ ۽ ڪاڇي ۾ رهندڙ بلوچن جي تاريخ بابت
لئمبرڪ هيءَ راءِ ڏئي ٿو: ”انهن ٽڪرن ۾ بلوچ به
رهن ٿا. گبول، جي اولهه طرف سيوهڻ تعلقي جي ڏکڻ
کان ويندي ذري گهٽ ڪراچيءَ تائين آهن، ۽ کوسا، جي
ڪوٽڙيءَ طرف اوڀر واري ٽڪر ۾ آهن، ٽڪرن جي ڏکڻ ۾
ميرپور ساڪري جو ڀرپاسي واري ڪرمتي بلوچن جو ڳڙهه
آهي. چيو وڃي ٿو ته اهي سورهين صديءَ جي شروعات
کان اڳ سنڌ مڪران کان آيا هئا ۽ اهو نالو ڪلمت
هور، يعني ڪلمت کاريءَ کان مليو اٿن، جا مڪران ۾
آهي. ٿر جي پريان ننگرپارڪر جي ڀرپاسي ۾ به کوسا
آهن. ڪڇ جڏهن انگريزن جي حفاظت هيٺ آيو هو، تڏهن
کوسن ان تي جهلون ڪيون هيون. انهن جهلن جي ڪري ئي
بمبئي سرڪار ۽ ٽالپرن جي وچ ۾ اها سفارتي ڏي وٺ ٿي
هئي، جنهن جي نتيجي ۾ 1820ع وارو عهدنامو عمل ۾
آيو هو. ڏکڻ وارين ٽڪرين جي کوسن وانگر هي کوسا به
پڪ ئي پڪ مڪران کان نسبتي طرح اوائلي وقت ۾ آيا
هئا.“ (ص 386)
لئمبرڪ حاشيي ۾ ڄاڻائي ٿو: ”ٽالپرن جو کوسن تي
اعتبار ڪونه هو ۽ کانئن فوجي خدمت ڪانه ورتي ويندي
هئي ڇو جو هو ڪلهوڙن جي لشڪر ۾ وڏيءَ حيثيت وارا
هوندا هئا.“ (ص 393)
ديرو غازي خان، جيڪب آباد ۽ ڪڇيءَ جي بلوچن بابت
لئمبرڪ جتي بلوچ گهڻائيءَ ۾ آهن. جيڪو تر اُتر طرف
ديرو غازي خان ۽ اولهه طرف جيڪب آباد ٽڪي وڃي ٿو،
تنهن ۾ ڪچيءَ جي اولهه ۽ اوڀر ۾ ٽڪرين جي هيٺان به
گهڻو تڻو بلوچ آهن پر ڪٿي ڪٿي ترن جا مکيه زميندار
هوندا هئا.“ (ص 387)
”الوحيد“ جو ”سنڌ آزاد نمبر“:
”الوحيد“
جو ”سنڌ آزاد نمبر“ 1936ع، اخبار ”الوحيد“ جي
”سنڌ آزاد نمبر“ ۾ سنڌ جي تاريخ تي روشني وجهندڙ
مضمون نگار مرزا حسن ارغون جي ڪاهن بابت لکي ٿو
ته: ”مرزا حسن 930هه ۾ سبي پهچي ظهيرالدين محمد
بابر ڏانهن پنهنجي نيازمنديءَ جو خط لکيائين ۽
سوکڙيون موڪليائين. 931هه ۾ ملتان تي ڪاهڻ لڳو،
واٽ ۾ بلوچ ۽ لانگاهه ۽ ٻيون قومون هزارن جي تعداد
۾ اچي سندس خدمت ۾ حاضر ٿيون، رستي ۾ اُچ فتح ڪري
قلعو دلاور وڃي هٿ ڪيائين، جتان کيس تمام وڏو
خزانو هٿ آيو. ان کان پوءِ مضمون نگار وري ڪلهوڙن
جي دور ۾ بروهين جي مدد ۽ نصرت جو ذڪر ڪري ٿو.
ميان دين محمد ڪلهوڙي کي دٻائڻ لاءِ بکر جي گورنر
بروهين کان مدد ورتي، الله يار خان بکر جو گورنر
سرائين جي وڌندڙ طاقت ڏسي قنبر خان بروهي جي فوج
وٺي سرائين تي ڪاهيو، پر ٿوري لڙائي کان پوءِ ڌرين
۾ ٺاهه ٿي ويو. بعد ۾ دين محمد ڪلهوڙي مغلن جي
هٿان قيد ٿي ملتان پهتو. ميان دين محمد جي گرفتاري
کان پوءِ سرائين ۽ فقيرن جي طاقت ڪمزور ٿي وئي.
ميان دين محمد جو ڀاءُ ميان يارمحمد قلات هليو
ويو. سندن زمينداري ۽ جاگيرداري تي سيوي (سبي) جي
حاڪم بختيار خان قبضو ڪري ورتو، ٻن سالن کان پوءِ
ميان يارمحمد حوصلو ٻڌي قلات مان بروهين جي فوج
ڪاهي وطن ڏانهن موٽيو، راڄو فقير ليکي جو سندن
خاندان جو خاص مريد هو، سو وڏي جماعت سان ميان کي
اچي مليو، ميان يارمحمد منڇر کان وٺي خداآباد
تائين پنهورن جي علائقي تي قبضو ڪري پوءِ چانڊڪا
پرڳڻي مان وڃي بختيار خان پٺاڻ کي تڙيو. ميان
يارمحمد کان پوءِ سندس پٽ ميان نورمحمد ساريءَ سنڌ
تي ڇائنجي ويو. ميان نورمحمد سنڌ تي ڇانئجڻ کان
پوءِ سموري بلوچستان کي مطيع ڪيو. 1942ع ۾
بلوچستاني سردار: قيصر کان مگسي، ميرو رند (سردار
شورڻ) ڀاڳناڙي ۽ ڍاڍر جا زميندار به سندس پيش پيا.
ان کان پوءِ عبدالله خان بروهي والي قلات سان ميان
جو مقابلو ٿيو. 1143هه بروهين جي ملڪ تي سوڀارو
ٿيو، صلح جي وقت ميان نورمحمد پنهنجن ٻن پٽن جي
عبدالله خان جي ٻن نياڻين سان شادي ڪرائي ٺاهه
ڪيو.
ميان غلام شاهه ڪلهوڙو سنڌ کان سواءِ ديره غازي
خان ۽ سبزل ڪوٽ نواب بهاول خان کان هٿ ڪيا، رياست
قلات ۽ قلاتي بندر (ڪراچي) تي قبضو ڪيو ۽ رياست ڪڇ
ڀڄ جو راجا به سندس باج گذار ٿي رهيو.
اخبار الوحيد جي خاص نمبر ۾ مضمون نگار نواب غيبي
خان چانڊيو جي احوال ۾ لکي ٿو ته، ”هي صاحب سنڌ جي
بلڪل قديم گهراڻي جي خاندان جو وارث آهي. سندن
حڪومت سمي گهراڻي کان وٺي قائم آهي. سندن جاگير هن
وقت 50 ميل اُتر کان ڏکڻ تائين ۽ 40 ميل اُڀرندي
کان اُلهندي تائين آهي. نواب صاحب جو وڏو سردار
سُريمڻ خان قنڌار جي لڙائيءَ ۾ فتح پائڻ کان پوءِ
سيوهڻ کان وٺي قلات تائين صوبي جي چارج ۾ هو.
انگريزن جي اچڻ سان سردار ولي محمد خان ساڻن
وفاداري جو وعدو ڪيو. ديوان ڏيارام گدومل لکي ٿو
ته، ”مياڻيءَ جي لڙائي مهل سردار ولي محمد خان
چانڊيو ڏهه هزار لشڪر سان سر وليم نيپئر کي مدد
ڪرڻ لاءِ هڪ ميل مفاصلي تي هو، جنگ پوري ٿيڻ بعد
هن پنهنجي ملڪ ۾ موٽي مير علي مراد خان کي پنهنجي
جاگير ۾ دست اندازي ڪرڻ کان روڪيو، مئي 1844ع جي
درٻار ۾ سر چارلس نيپئر چانڊيا سردار جي حسن خدمتن
جو اظهار ڪندي هن کي هڪ جوهردار تلوار کليل درٻار
۾ عطا ڪئي. سردار ولي محمد خان جي وفات وقت
لاڙڪاڻي ڊسٽرڪٽ ۾ جاگير جي ايراضي چاليهه هزار
بيگهه هئي، ان بعد انگريز سرڪار هميشه اها خبر پئي
لڌي آهي ته چانڊيا سردار جي حيثيت قلات جي خان جي
مشابهت ۾ ڪنهن به طرح گهٽ نه هجي، جاگير موروثي
آهي، ڪابه ڍل ڏيڻ ۾ نه ايندي آهي.
ٽماهي مهراڻ: ٽماهي مهراڻ جي 2012ع جي چوٿين ۽
2013ع جي پهرين ۽ ٻئين شماري ۾ ”چانڊڪا پرڳڻو“ جي
عنوان سان نذير شاڪر بروهي جو مقالو ٽن قسطن ۾
ڇپيو آهي، ان ۾ چانڊڪا پرڳڻي جي نالي جي اصليت،
چانڊيا سردارن جي جاگير ۽ رياست ۽ مهرن جي سرداري
تي بحث ڪيل آهي. نذير بروهي جتوئين کي به نه بخشيو
آهي، انهن تي به قلم وهايو اٿائين.
پهرين قسط ۾ نذير شاڪر بروهي لکي ٿو ته: ”ٺوس
تاريخي شاهدين جي مطابق بلوچي تاريخي ڪردار غير
حقيقي ۽ افسانوي آهن، نه ڪي حقيقي تاريخ آهن.
مختلف بلوچ مؤرخن يا بلوچ سردارن پاران پيش ڪيل ۽
لکيل ذاتي شجرا ۽ واقعا روايتن ۽ افسانن تي مبني
آهن، جنهن وجهه کان اهي سڀ تاريخي حقائق ۽ سَندي
شاهدين جي روءِ سان صحيح ناهن، چاڪر رند، جنهن کي
بلوچ تاريخ ۾ بلوچن جو عظيم هيرو ڄاڻائڻ جي ڪوشش
ٿيندي رهي آهي، جو ڪردار ۽ ڪارناما غيرتاريخي آهن،
سبي پرڳڻو قديم زماني کان سنڌ جو حصو رهيو آهي،
سبي پرڳڻو ارغونن، ترخانن ۽ پوءِ اڪبر بادشاهه جو
1575ع ۾ سنڌ کي مغل سلطنت سان ملائڻ تائين سنڌ جو
حصو ۽ مغل جاگيردارن جي جاگيرداري ۾ هو.“
ٻين قسط ۾ پڻ نذير شاڪر بروهي بلوچن جي تاريخ تي
ڇوهه ڇنڊيا آهن، هُو لکي ٿو ته: ”بلوچ مؤرخن جي
افسانوي قصن ۽ ڪهاڻين مطابق مائي جتوءَ جو دؤر
1200ع جو هو ۽ جتوئي ان جو اولاد آهن، منطقي ۽
تاريخي حوالي سان بي بنياد ڳالهه بيهي ٿي، بلڪل
اهڙي طرح جلال خان جي نالي منسوب ٿيل عالي، هوت،
لاشار، رند، ڪورائي پُٽن جو اولاد، گهرام لاشاري
جي ڪڇيءَ ۾ جاگير ۽ چاڪر رند جو سبيءَ تي حڪومت،
پڻ افسانا ۽ بوگس واقعا ثابت ٿين ٿا.
نذير شاڪر بروهيءَ جي تحقيقي قياس تي ٻڌل راءِ
مطابق چانڊڪا پرڳڻي جي نالي جو چانڊين سان تعلق
ناهي، اهو نالو چانڊين کي جاگير ملڻ کان اڳ جو
رکيل آهي ۽ ان جي ٻئي ڪا نسبت ٿي سگهي ٿي.
ايم.ايڇ.پنهور جي حوالي سان ٻڌائي ٿو ته چانڊين
1616ع جي لڳ ڀڳ سنڌ ۾ قدم رکيو، چانڊين کي جاگير
ڄام نظام الدين سمي کان ڪانه ملي هئي مگر ڪافي
عرصي کان بعد مغل بادشاهه شاهجهان جي زماني ۾ هڪ
مغل گورنر کان ملي هئي.“
ان مقالي ۾ نذير شاڪر بروهي ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ، مولائي شيدائي، ايم.ايڇ. پنهور، ميمڻ
عبدالمجيد سنڌي، غلام احمد بدوي ۽ لطف الله بدوي
سميت سمورن بلوچ تاريخ جي محققن جي راين تي سخت
تنقيد ڪئي آهي. تقريباً هڪ سال گذرڻ کان پوءِ به
ڪنهن تاريخدان کيس جواب نه ڏنو آهي. لڳي ٿو ته
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي وفات کان پوءِ سنڌ جي
بلوچن وٽ هڪڙو به محقق ۽ مصنف نه رهيو آهي.
نذير شاڪر بروهي پنهنجي مقالي ۾ ٻروچن جي خلاف
مهرن ۽ ڏهرن جي اتحادي ۽ ساٿاري هجڻ جي ڳالهه ڪئي
آهي. جيتوڻيڪ هن پڻ تاريخ معصومي مان ٻه حوالا ڏنا
آهن، پر ڊاڪٽر لئمبرڪ (پنهنجي تاريخ ۾) تاريخ
معصومي جي ئي حوالي سان هي نتيجو ڪڍي ٿو. مير
معصوم اسان کي ٻڌائي ٿو ته 1521ع ۾ ڏهر ۽ اٻاوڙي
جا ماڇي ماٿيلي جي مهرن سان سدائين پيا وڙهندا هئا
۽ تَر جي بلوچن کي پيا چوريندا هئا ته اسان سان
اچي شامل ٿيو.“ (ص 394، سنڌ هڪ عام جائزو، سنڌ جا
نسل ۽ ماڻهو، حاشيو، 36)
ان حاشيي تي وري مترجم صاحب هي نوٽ لکيو آهي:
”مهرن ۽ ڏهرن جا تڪرار هلندڙ صديءَ ۾ به جاري نظر
اچن ٿا. تازو 1975ع ۾ سندن جهيڙي جون خبرون اخبارن
۾ آيون هيون ۽ ڪن سياسي اڳواڻن کي وچ ۾ پئي، ڌرين
جو ٺاهه ڪرائڻو پيو هو.“
مشهور انگريز فوجي جاسوس هينري پاٽنجر، جنهن 1810ع
۾ ”سنڌ ۽ بلوچستان جو سير ۽ سفر“ ڪيو، چانڊڪا جي
چانڊين سان نسبت جو ذڪر نه ٿو ڪري. هُو لکي ٿو:
”جيسين مون چانڊوڪي ضلعي جي متعلق پنهنجو پهريون
بيان نه ڏنو هو، ڇاڪاڻ ته اها ڳالهه نه فقط منهنجي
پنهنجي معلومات کي ٽيڪو ڏئي ٿي، پر ساڳئي وقت قديم
جاگرافيءَ سان پڻ حيرت انگيز حد تائين ٺهڪي اچي
ٿي. لفظ چانڊوڪي جي معنيٰ سنڌ جي جديد ٻوليءَ ۾
آهي چانديءَ جي يعني استعاره طور ان جو مطلب
خوشحال، آسوده يا اک کي سهڻو نظر ايندڙ آهي.“ (ص
447)
هينري پاٽنجر چئي ٿو ته: ”اورنگزيب عالمگير جي
انتقال کان پوءِ (سنڌ جي حاڪمن) هندستان جي انتشار
واريءَ حالت مان هنن همت ڪري ڏن جي رقم جي ادائگي
بند ڪري ڇڏي، سنڌ جي آباديءَ ۾ ان دؤر ۾ وڏي
تبديلي اچي چڪي هئي، جو انهيءَ صوبي ۾ پگهاردار
سپاهين جي حيثيت ۾ بلوچي قبيلن جا قبيلا آندا ۽
آباد ڪيا ويا هئا.“ (ص 470)
هينري پاٽنجر جو بلوچن جي بابت رايو هو ته اهي اصل
۾ سلجوقي ترڪمانن منجهان آهن، هُو لکي ٿو: ”ڪيترين
ڳالهين مان ثابت ٿئي ٿو ته هو ترڪماني نسل جا آهن،
سواءِ سندن زبان جي باقي سب ڳالهيون مثلاً هنن جون
رسمون رواج، چال چلت ۽ مذهب ساڳيا آهن. هنن جي
زبان ڇو مختلف ٿي آهي، تنهن جي لاءِ هڪ تمام معقول
سبب آهي. سلجوقي گهڻي وقت کان ايران ۾ آباد هئا،
جو ان وقت ايشيا جو واقعي سڀ کان سرسبز ۽ صحت بخش
ملڪ هو، قدرتاً هنن مڪاني زبان اختيار ڪئي، جڏهن
خوارزم جي بادشاهن اتان کين هڪالي ڪڍيو ته هُو
پنهنجي زبان به پاڻ سان کنيو آيا. خوارزمين کان
پوءِ چنگيز خان وارا مغل آيا. هنن جي زبان ۾
ڀروارين قومن سان ملڻ ڪري ڪي معمولي ڦيريون
گهيريون ٿيون آهن.“ (ص 289)
ڊاڪٽر جيمس برنس ”سنڌ جي درٻار“
(1828ع) ۾ ميرن جي لشڪر لاءِ لکي ٿو: ”ان ۾ اڪثر
بلوچستان جي پهاڙن جا سرويچ جوان هوندا آهن. انهن
مان هڪڙي رندن جي قوم آهي، ٽالپر به پاڻ کي رند
سڏيندا آهن.“ (ص 96) ٽالپرن جي فوج جي باري ۾ هو
رقم طراز آهي: ”سنڌ جي فوج منهنجي اُميدن جي بلڪل
خلاف ثابت ٿي، آءٌ ڪجهه وقت ڪڇ ۾ رهيو هئس، جتي
حملن ۽ لڙاين جا هر وقت افواهه ٻڌبا هئا، مون کي ۽
ڪڇ جي ماڻهن کي خيال ويٺل هو ته حيدرآباد ۾ ڪا
زبردست فوج رکيل آهي، پر حقيقت ان جي بلڪل خلاف
آهي. قلعي جي حفاظت لاءِ فقط بلوچن جو هڪ ننڍڙو
دستو رکيل آهي.“ (ص 94)
علي نواز ڏاهري
ٺوڪي هٿ ٺڪر، پڪو کڻج پاڻ سان
(حمل فقير جي شاعريءَ ۾ سنڌ دوستيءَ جو پيغام)
مرشد لطيف جڏهن نادر شاهه، مدد خان ۽ احمد شاهه
ابدالي جهڙن وحشي لُٽيرن لشڪرن جي بدمست هاٿين ۽
گهوڙن جي سنبن هيٺ پنهنجي ماتر ڀوميءَ کي
لتاڙجندي، سارا کيت تباهه ٿيندي ۽ لائبريريون
سڙندي ڏٺيون، سنڌ جي قومي، سياسي، مذهبي، اقتصادي،
تهذيبي ۽ معاشرتي آزاديءَ کي پاش پاش ٿيندي ڏٺو ته
سنڌ جي حالت تي بي ڊپو ٿي وڏي واڪ چئي ڏنائين ته:
”مڙيا مڇ هزار، ڀاڱا ٿيندي سهڻي.“
هتي سهڻي مان سندس مراد ”سهڻي سنڌ“ آهي، لطيف
سائين جنهن قومي آزاديءَ جي بچاءَ ۽ بقاء جي
جدوجهد لاءِ جيڪا راهه چونڊي هئي، لطيف کان پوءِ
هر دؤر ۾ ان راهه تي جن سرفروش سنڌي صوفي درويش
لطيفي سنت کي جياري تمثيلي ۽ علامتي انداز جي
آڌار، قومي ۽ انقلابي شاعري رستي ڦورو ٽولن جي
خلاف مزاحمت جو مورچو سنڀاليو هو، تن ۾ حمل فقير
به هڪ هو.
هن درويش جي دؤر ۾ سنڌي سماج جا بنياد ڄڻ ته کوکلا
ٿي چڪا هئا، سنڌ جيڪا هزارين سالن کان پوءِ پنهنجو
قومي تشخص برقرار رکندي، هڪ ملڪ جي حيثيت رکندي
پئي آئي، ٽالپر حڪمرانن ان جي وحدت کي ٽوڙي ٽي ٽڪر
ڪري ڇڏيو هو. ميرپورخاص، حيدرآباد ۽ خيرپورميرس
نالي رياستن ۽ يونٽن ۾ انتظامي طور سنڌ ٽوڙي وئي،
ڌرتي ساڳي، ٻولي ساڳي، تاريخ ۽ جاگرافي ساڳي،
تهذيب ساڳي، پر بادشاهن سنڌ کي فقط پنهنجي زرخريدي
جاگير سمجهي ان کي ٽن حصن ۾ تقسيم ڪري ڇڏيو هو، نه
رڳو اهو، پر ان وقت تائين حڪمران گهراڻي ۾ وري
مذهبي ويڇا به وڌي ويا هئا. ميرپورخاص ۽ حيدرآباد
جا مير صاحبان سني ته خيرپوري مير صاحبان وري شيعا
ٿي ويا هئا. جتي حڪمران گهراڻي جي اها حالت هجي،
اتي عوام ويچارو ته باقاعدي مذهبي تفرقي جي ور
چڙهي چڪو هوندو. مذهب جي حوالي سان ايڏا ته ويڇا
وڌي وڻ ٿيا هوندا جو پنهنجائپ ئي ماڻهن کان
موڪلائي وئي هوندي، تڏهن ته حمل فقير چيو ته:
جن چيو ٿي جيءُ، سي اڄ ٻوڏ نه چون ٻاجهه مؤن،
جن کارايو ٿي خوشيءَ مؤن، سي پاڻي چون ته پيءُ،
هوڏهن هونئن حمل چئي، هت حال منهنجو هيءُ،
رحم پيو رب ريءَ، ڪوجهن تي ڪير ڪري.
اها رڳو ڪٿي ڪٿي، ڪن ڪن گهراڻن ۽ قبيلن جي ڪن ڪن
ماڻهن جي حالت نه هئي، پر سڄو ملڪ ئي شايد ان
ڀڙڪندڙ باهه جي لپيٽ ۾ اچي ويو هو. پيار، محبت،
پنهنجائپ ۽ ڀائپيءَ وارو ماڻهن جو مزاج ئي مٽجي
ويو هو. محبت جيڪا هتان جي ماڻهن جي رڳ رڳ ۾ رچيل
هئي، اها ڄڻ ته هتان لڏي پکين وارا پر پائي پرواز
ڪري الاءِ ته ڪهڙي ڪُنڊ وڃي پهتي هئي، حمل فقير
افسوس ڪندي چيو ته:
هئه هئه هئه هئه هاءِ، جو محبت وئي ملڪ مؤن،
جتي قرب ڪمال هو، تتي لاءُ نڪو ساءُ،
حمل چئي هن ڳالهه جو، ڪونهي سڌ سماءُ،
ڪو جو وريو واءُ، جو ماڻهو سڀ مٽجي ويا
يارن مان ياراڻي ختم ٿي وئي هئي، دوست ڦري هڪٻئي
جي رت جا پياسا ٿي پيا هئا. ”دوست ڦري دشمن ٿيا،
جانب ها جيئي“ ساهه کان مٺا سڄڻ به سامهان ٿيڻ لڳا
هئا. سڪ، صحبت ۽ ساءَ جهڙا ٽئي املهه گڻ ٽڙي پکڙي
گم ٿي ويا هئا.
هڪ طرف اهو مذهبي ۽ سماجي وايومنڊل جُڙيو هو ته
ٻئي طرف پنجابي شائونسٽ رنجيت سنگهه جي سنڌ کي هڙپ
ڪرڻ واري پراڻي ۽ غليظ خواهش سندس من ۾ چهٽي پئي
هئي، ٽئي طرف وري گوري سامراج جون حريص نگاهون هر
وقت موقعي جي تلاش ۾ هيون ته موقعو ملي ته سنڌ کي
حلوو سمجهي ڳڙڪائي ڇڏين. ان لاءِ انگريزن اڳواٽ ئي
هوم ورڪ ڪري ڇڏيو هو. ايسٽ انڊيا ڪمپني جي ڪوٺي ته
هندستان ۾ مغلن جي دؤر ۾ ئي کُلي چڪي هئي. موقعي
کي نظر ۾ رکي برٽش سرڪار رنجيت سنگهه کي گهوڙا
تحفي طور ڏيڻ جي بهاني، سندن نمائندو برنس
اليگزينڊر سنڌ تي حملي جي تيارين جي سلسلي ۾ سنڌو
جو اڀياس ڪرڻ لاءِ گهوڙا درياءَ رستي ٻيڙين ذريعي
پنجاب کڻي ويو. هن جي اها ڊيوٽي هئي ته گهوڙن
پهچائڻ بهاني نه رڳو سنڌو درياءَ جو اڀياس ڪري، پر
سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي حالتن جو اکين ڏٺو
احوال به پهچائي ته جيئن سنڌ تي حملي ڪرڻ ۾ ڪا
گهڻي مشڪل پيش نه اچي. توڻي جو حيدرآباد سنڌ جي
حڪمرانن سان گڏ سڄي سنڌ جي عوام برنس اليگزينڊر جي
انهيءَ مهم کي ڳڻتي ۽ ڪاوڙ سان ڏٺو. ٽالپرن جي هڪ
سپاهيءَ جي اها دانهن ته ”گهوڙا! هاڻ سنڌ اسان کي
وئي، گورن سنڌو درياءَ ڏسي ورتو آهي.“ ڄڻ ته سڄي
سنڌي قوم جي پڪار جو پڙاڏو هو ۽ سڄي سنڌ نفسياتي
ڪشمڪش ۾ مبتلا ٿي چڪي هئي ته هاڻ ڇا ٿيندو؟ هڪ طرف
حيدرآباد جا ٽالپر حڪمران ۽ عوام سخت ناراض ته ٻئي
طرف خيرپور رياست جو والي مير رستم خان انهي ساڳئي
انگريز جاسوس جي هر طرح جي مخبري ڪري، دعوتون
کارائي، قيمتي سوغاتون ۽ سوکڙيون ڏيڻ ۾ پورو هو.
ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي ڪم ظرفي ٿيندي جو مير رستم
خان انگريز ايجنٽ کي اها به پڪ پئي ڏني ته جيڪڏهن
انگريزن سنڌ تي حملو ڪيو ۽ ڪاهي آيا ته هُو نه رڳو
سندن استقبال ڪندو، پر ڀرپور مدد به ڪندو. چوٿين
طرف وري ڪراچي جي سيٺ نائونمل جي غداريءَ وارو
ڪردار.
حمل فقير جڏهن شعوري طور پنهنجي زندگيءَ جي اهڙن
واقعن کي سهيڙيو هوندو ته سندس من ڪينواس تي اهي
سڀئي واقعا چِٽا ٿي اُڀريا هوندا. جڏهن حمل فقير
پنجن ڇهن سالن جي عمر ۾ شاهه شجاع جي پهرين ڪاهه
ڏٺي يا ٻڌي هوندي. رنجيت سنگهه جا ارادا پرکيا
هوندا. مير مراد علي خان جي علاج بهاني آيل انگريز
ڊاڪٽر برنس جيمس جي اچڻ کان واقف ٿيو هوندو. جنهن
ميرن جي درٻار ۾ پهچي جاسوسي رپورٽون پئي موڪليون،
ڪجهه وقت کان پوءِ ان انگريز ڊاڪٽر جي ڀاءُ
اليگزينڊر جي جاسوسي مهم جي ڄاڻ رکي هوندائين.
ويهن ورهين جي عمر ۾ وري ٻيو دفعو شاهه شجاع کي
سنڌ ڌرتي لتاڙيندي سرسبز فصل تباهه ڪندي ڏٺو
هوندائين. ميرن کيس شڪارپور جو شهر رهڻ لاءِ ڏئي
ڇڏيو هو. ان کان به چڱي طرح واقف ٿيو هوندو.
جيئن اهڙين حالتن ۾ لطيف سائين تمثيلي انداز ۾ درد
ڀري دانهن ڪئي هئي ته ”مڙيا مڇ هزار، ڀاڱا ٿيندي
سهڻي“. بلڪل انهيءَ ئي نموني حمل فقير سنڌ کي پيش
آيل خطرن، تڪليفن، سورن، غدارين، ٻاهرين حملن، مار
ڌاڙ، ڦُرلٽ، ڪوس، ۽ قتل عام، رڻ گجي راڙا ٿيڻ
جهڙين حالتن کي ڏسندي سنڌ کي سسئي سان مشابهت
ڏيندي کيس گهيري آيل غنيمن کي بگهڙ، باندر ۽ ڀولڙا
سڏي علامتي انداز اختيار ڪري وڏي واڪ چئي ڏنو ته:
آڏا ڏونگر ڏاکڙا، چوڪس چوڌاري،
بگهڙ، باندر، ڀولڙا، چوڏس چوڌاري،
تنهن ضعيف جي زاري، ٻڌي هوت حمل چئي.
هتي سسئي مان مراد ”سنڌ“ آهي. جيڪا ضعيف ۽ ويچاري
آهي، وندر ۾ واڪا ڪرڻ جو مطلب وجود واريءَ ويڙهه ۽
آزاديءَ لاءِ جدوجهد آهي. هتي ”هوت“ مان مراد وري
ننگن ۽ دنگن تي سر ڏئي سرخرو ٿيندڙ اهو سپاهيانه
قومي ڪارڪن طبقو آهي، جنهن جي ”حمل حب وطن جي اندر
روح رهي.“ جيڪو سر جون سٽون ڏئي سنڌ جي سينڌ ۾
سندور ڀرڻ لاءِ پنهنجي جگر جو خون پيش ڪرڻ جو عزم
رکندو هجي. جيڪو سنڌڙي ۽ جندڙيءَ ۾ فرق محسوس نه
ڪري، جيڪو ”حمل هئا سي هڪ، پر جُسي ۾ جدا ٿيو“ جي
فلسفي ۽ فڪر کي کوري مان پچي رچي تيار ٿي نڪتل
هجي. تڏهن هوت جي ضرورت ايئن ٿي محسوس ٿئي ته:
ضعيف جي زاري، ٻڌي هوت حمل چئي.
ڪرلهي ٻيو ڪير، حمل چئي هوت ريءَ.
مجذوبن مثال، ٿي هوتن لاءِ حمل چئي
جيءَ ڪيا جاکوڙا، هوتن لاءِ حمل چئي.
درويش حمل فقير پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي ڏٺو ته سسئي
کي اهڙا ”هوت“ بلڪل مليا، جن لاءِ مجذوبن مثال بڻي
هئي، جن لاءِ جي جاکوڙا ڪيا ۽ سنڌ کي اهڙو سرفروش،
باشعور ۽ وطن دوست طبقو مليو، جيڪو وطن لاءِ ويڙهه
۾ ڪڏي ڪاهي پيو، اهي اهڙا اڻموٽ انسان هئا جن جي
پرک جنگين جي ميدانن کي ڪرڻي هئي. تڏهن ته خليفي
صاحب به چئي ڏنو هو ته:
کرڙي کائي رت، ڀت ته وجهي وات ۾،
پڙ ۾ پهلوانن جي، پيئي پرکي پت،
جنين نيڻ نست، نينهن نه لائي تن سين.
کرڙي کائي ماهه، پيئي رت پياليون،
ويٺي سڏي شاهه، جو ڏيندو سر ڏياچ ٿي.
اهڙائي انسان جيڪي ساڻيهه جو سڏ سڻي سؤ سرن جا
گهوري هڪڙي وک وٺڻ تي ناز ٿا ڪن، حمل فقير اهي
سورهيه ۽ سپوت سپاهي پنهنجي اکين سان ڏٺا، انهن
اڻموٽ انسانن کي ”هوت“ سڏيو اٿس. پنهنجي ڪجهه بيتن
۾ اهڙي شاهدي ڏني اٿس، ڏسو سندس هي سٽون ته:
اچي منجهه اندوهه، گڏيس هوت حمل چئي.
معذوريءَ جي ماڙ، ٿيو هوت حمل چئي.
اچي منجهه ارمان، گڏيس هوت حمل چئي.
هاڙهي پيئي هاڪ، گڏيس هوت حمل چئي.
سنڌ جو تصوف غارن ۽ غفائن ۾ گم ٿي ماڻهن کان لڪي
وڃي چلا ڪاٽڻ ۽ ورد وظيفا ڪرڻ ناهي، سنڌ جو تصوف
”وحدت تان ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪل“ جي فلسفي جو
قائل آهي. سنڌ جو تصوف عوام جي وچ ۾ ويهي عوام جي
مشڪلاتن سان مهاڏو اٽڪائڻ آهي. ڇو ته هر ساهه واري
شيءِ ۾ خدا آهي، هي شيءِ خدا جو مظهر آهي ته پوءِ
لوڪ کان لڪڻ جو ڇا مطلب! سنڌ جو تصوف ته صوفي شاهه
عنايت، مخدوم بلاول، شاهه لطيف، سچل سائين ۽ حمل
فقير جهڙن بزرگن وانگر نينهن جا نعرا هڻڻ آهن.
سنڌ جا سڀئي صوفي شاعر ساڳئي وقت قومي شاعر به
آهن، اهوئي سبب آهي جو حمل فقير ڌارين ڪٽڪن جي
يلغارن کي سنڌ لتاڙيندڙ ڏسي چئي ٿو ته:
ڏيرن جي ڏمر جا، اڳئي هل هئا،
اڄ اُهي ئي آيا، جي ٿي سيڻ سئا،
ڪانهي ڪل اها، ته ڪميڻي سان ڪيئن ڪندا.
هتي به اها ساڳي سنڌ ۽ سنڌي قوم جي نفسياتي ڪشمڪش
آهي ته:
ڪانهي ڪل اها، ته ڪميڻيءَ سان ڪيئن ڪندا.
اها رڳو ڪالهه جي ڪشمڪش ڪانهي، اها پيڙا، اها ڳڻتي
رڳو مخصوص گهڙين تي منحصر ڪانهي. هونئن به قومن کي
سچائي جا دڳ ڏيکاريندڙ آزادي، انقلاب ۽ قومي
مزاحمتي دڳ تي هلائيندڙ شاعر، صرف ڪنهن مخصوص وقت
لاءِ پنهنجي ڏات جون ڏياٽيون روشن نه ڪندا آهن.
هنن جي لفظ لفظ ۾ پرهه جا پيغام ۽ صدين جي صدائن
جا پڙلاءَ سمايل هوندا آهن. تڏهن ته اڄ به لطيف
توڙي حمل فقير جو ڪلام هر دؤر جي حالتن تي ٺهي ٿو
اچي.
قرآن
شريف ۾ ارشاد آهي ته ”الله جي رسيءَ کي مضبوطيءَ
سان پڪڙيو ۽ تفرقي ۾ نه پئو.“ هتي زور الله جي
رسيءَ کي مضبوطيءَ سان پڪڙيو“ تي ته، پر زور
”تفرقي ۾ نه پئو“ تي ڏنل آهي. يعني ٽڪرا ٽڪرا نه
ٿيو. اتحاد نه ٽوڙيو، عظيم شخصيتن جا پيغام هر دؤر
جي حالتن لاءِ هوندا آهن. عظيم ڪلاڪارن جو ڪلام،
عظيم ڏات ڌڻين جي ڏات ۽ عظيم پيغمبرن جا پيغام،
ماضيءَ جي قيدخانن ۾ قيد نه ٿيندا آهن. هُو حال جا
هم سفر ۽ ماضيءَ جي ماضيءَ ۽ مستقبل جي مستقبل جا
مفڪر ۽ ڏاها ڏات ڌڻي هوندا آهن.
اڄ جڏهن اسان جي قوم تفرقي جي ور چڙهي وئي آهي، هر
ننڍي ٽولي کي پنهنجو جدا جدا جهنڊو آهي، ته حمل
فقير جي لفظن مان سنڌ سڏڪي ٿي پئي. وجود جي تحفظ
لاءِ ڪا منظم قوت ڪانه ٿي ڏسي ته اڄ به اها ساڳي
سٽ چئي سنڌ سڏڪي ٿي پئي ته:
ڪانهي ڪل اُها، ته ڪميڻي سان ڪيئن ڪندا.
ها! پر شاعر، اديب، مصور، موسيقار، مفڪر، ڏاها ۽
ڏات ڌڻي پُراميد به هوندا آهن. اسان جو شاعر حمل
فقير به هيڏن هاڃن، تاريخي تڪرارن ۽ وجود جي ويڙهه
جي اکين ڏٺو گواهه به رهيو آهي. هن کي پوري پڪ آهي
ته جڏهن ۽ جتي به ظلم، انياءَ، ڏاڍ، ڏهڪاءَ ۽
ناانصافي وڌي آهي ته تاريخ اتي نئين مسيحا کي جنم
پئي ڏنو آهي. هن کي شڪ نه پر پوري پڪ آهي ته حالتن
جي به ضرورت آهي ۽ تاريخ کي پنهنجا ورق روشن رکڻا
آهن ته ڪي ارڏا، اڻموٽ، جانٺا ۽ جنگ مڙس ۽ ڌڱ جوان
جن جي ڪلهن تي تاريخ پنهنجو بار وجهندي. تن کي همت
جي هٿيار سان ڪُنن ۾ ڪاهي پوڻو آهي، ۽ حمل سائين
تن کي تاڪيد ڪندي چئي ٿو ته:
ڀيلي مٿي ڀر، مٿان ڪج مهراڻ ۾،
اڳئون آب عميق وهي ٿو، جوش منجهاران جر،
ڪچي تي ڪاوڙ مان، ڪري ليٽ لهر،
ٻيڙن جا ٻار ۾، وير لاهي ٿي ور،
هيبتناڪ حمل چئي، ڪڙڪن ڪن ڪپر،
ٺوڪي هت ٺڪر، پڪو کڻج پاڻ سان.
فقير محمد ڍول
پوپٽ رنگ رنگيلا
(ٻارڙن لاءِ شاعري)
بلاشڪ ته ٻار نيڻن ٺار آهن!
دنيا جي حَسِين هجڻ واري حُسن ۾، جيڪا رنگيني ۽
رعنائي ٻارن جي هجڻ سان آهي، سا بي مثل آهي. ٻارن
جو ڄمڻ، ٻارن جو وڌڻ ويجهڻ ۽ ٻارن جو هجڻ اِهي سڀ
ڳالهيون سبب آهن انسانن جي خوشيءَ جو... ٻارن سوا
انسان جون سڀ خوشيون ۽ خواهشون اڌوريون ۽ اڻپوريون
آهن ۽ ٻارن سان وري زندگيءَ جي حُسناڪي آهي.
خود ٻارن لاءِ ٻاروتڻ واري زندگي ڪيڏي شاندار ۽
بادشاهيءَ واري آهي، اُن جو احساس هر ٻارَ کي مون
جيئن ئي، پڪ سان پوءِ ٿيندو هوندو، جڏهن اُهي وڏا
ٿي ويندا آهن ۽ سندن ٻاروتڻ واري وَهِي واريءَ
جيئن سندن هٿن مان وهِي ويندي آهي.
ٻار، اصل ۾ پنهنجي پَرَ ۾ ملوڪيت جا ڌڻي هوندا آهن
۽ هجن به ڇو نه... ملوڪيت جا ڌڻي اصل ۾ ته هجڻ ئي
معصوم گهرجن ۽ اڄ به جيڪڏهن دنيا جي مڙني ملڪن جا
مڙيئي حاڪم معصوم ٿي پون ته اڄوڪي هيءَ دوزخ جهڙي
دنيا، جنت بڻجي پئي.
ٻارن جي دنيا ۾ رنگيني پيدا ڪرڻ لاءِ ۽ سندن
احساسن ۽ اُمنگن ۾ وڌيڪ سونهن ۽ نکارُ پيدا ڪرڻ
لاءِ ۽ انهي معصوميت واري عمر کي تِهان وڌيڪ
انجواءِ ڪرڻ لاءِ ۽ گد گد ٿي گذارڻ لاءِ، دنيا
اندر هميشه کان ٻارن لاءِ تخليقي ادب لکيو ويو
آهي، جنهن ٻارن منجهه وڌيڪ سنوار ۽ سُڌار آندي
آهي. دنيا سميت سنڌ اندر به ٻارن جي ادب جي آبياري
اصل کان ٿيندي رهي آهي. اهڙي ڪِرت ۽ نِرت کي اڳتي
وڌائيندي، نوجوان شاعر ۽ اسان جو دوستُ دلبر ’وفا
مولا بخش‘ به وقتاً فوقتاً پنهنجو فرض ادا ڪندو
رهيو آهي. تازو سندس هڪڙو ڪتاب اهڙن ٻاراڻن گيتن
کي مانُ بخشيندي، سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري
پاران آپا فهميده حسين ۽ تاج جويي پاران پڌرو ڪيو
ويو آهي. جنهن جو نالو رکيو اٿن ’پوپٽ رنگَ
رنگيلا‘...
وفا جو ٻارن جي شاعريءَ تي پڌرو ٿيل هيءُ پهريون
ڪتاب آهي، جنهن ۾ هُن پنهنجي ٻاروتڻ ۽ ٻارن پيارن،
اکين جي تارن بابت، پنهنجن احساسن کي پنن تي پينٽ
ڪندي پلٽيو آهي. سندس سمورا گيتَ ايڏي ته تخليقي
حُسن سان مالا مال آهن جو، ’ڪيا بات هئه‘.
هن ڪتاب جو بئڪ ٽائيٽل سنڌي ٻوليءَ جي اهم شاعر ۽
ٻارن لاءِ بالخصوص انتهائي اهم شاعر ’ادل سومري‘
جو لکيل آهي، جنهن سندس ڪوشش کي ساراهيو آهي. جڏهن
ته هن ڪتاب جو مهاڳ سنڌ جي نامياري نثر نويس،
براڊڪاسٽر ۽ پنهنجي طبيعت و مزاج جي اڪيلي ۽ منفرد
محبتي ماڻهوءَ ’نصير مرزا‘ لکيو آهي. جنهن کي فخر
آهي ته وفا مولا بخش سندس ذاتي دوستن منجهان آهي ۽
هُو، وفا مولا بخش جي اِن خوبيءَ تي تمام گهڻو خوش
به آهي، ته وفا بيحد پختو شاعر آهي ۽ هُن سندس
گيتن کي رسيلو، سُريلو، نصيحت ڀريو، مزيدار ۽ جهٽ
۾ ٻارن جي چپن تي چڙهي ايندڙ ڪوٺيو آهي. ۽ اهي لفظ
ڄڻ ته وفا جي لاءِ سرٽيفڪيٽ آهن... علاوه ازين
اهڙي سرٽيفڪيٽ جي نصير ته سندس لاءِ تحفتاً هيئن
به لکي ڇڏيو آهي:
دادُ اسان کان وٺندو رهه ادا
ههڙا گيتَ - لکندو رهه وفا
وفا جي ڪتاب ۾ شامل اسمن جو تعداد اٺٽيهه آهي. جن
۾ اڪثريت ته بيحد ’روان اسمن‘
جي آهي، جن ۾ ’ڀيڄ ڀٽائي، سچل سائين‘، ’پيارا
پيارا، پيارا ٻالڪ‘، ’وهه وا من ۾ ٿي مهڪار‘،
’سُستي ڇڏ تون ننڍڙا ٻار‘، ’آئي آئي ڪاري ٻلڙي‘،
’گيت خوشيءَ جو هر ڪنهن ڳايو‘، ’اُڀ سڄي ۾ ڄڻ ته
ستارا‘، ’ناني مون کي ڀائيندي آ‘، ’گڏ ٿيو ٻارو
ڳالهه سُڻايان‘ ۽ ’پياري امڙ او پياري‘ جنهن تي
مون کي ته برملا ٻاروتڻ ۾ پڙهيل گيتُ ’منهنجي امڙ‘
ياد اچي ويو. مون مٿي ته فقط چند گيتَ مثال طور
ڄاڻايا آهن، جو هتي ساراهه ته مڙني گيتن جي ڪرڻ
گهرجي، اِن ڪري جو ڪوبه گيت ڪنهن به گيت کان گهٽ
ناهي بلڪِ اُتر لهڻي. ساڳئي وقت وفا هن ڪتابڙي
منجهه انفرميٽِو ۽ موضوعاتي گيتَ شامل ڪري، هِن
ڪتاب جي اهميت وڌائي ڇڏي آهي، اهڙن گيتن ۾
’موٽرڪار‘، ’ٽيليفون‘، ’ڪرڪيٽ‘،
’هاري‘، ’صفائي‘، سنڌ ميوزيم‘ ’بهار‘ ۽ ’علم‘
وارن عنوانن سان گيتَ شامل آهن، جيڪي ٻارن جي ذهني
اوسر لاءِ ڪافي ڪمائتا ثابت ٿيڻ واري سگهه سان
مالامال آهن... مطلب ته وفا مولا بخش هن ڪتاب جي
هٽَ تي پيارن ٻارن لاءِ جيڪو کَٽمِٺڙن جهڙو وکرُ
رکيو آهي، تنهن جو ڪو مُلهه ڪَٿي نٿو سگهجي، هيءُ
سڄو وکرُ، املهه ۽ بي مثل آهي.
سنڌ ٻوليءَ لاءِ ڪم ڪندڙ سنڌ جي اهم ترين اداري
’سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ، پاران پڌرو ٿيل هيءُ ڪتاب
ٻارڙن جي لاءِ ڪنهن سُوکڙيءَ کان گهٽ ناهي. هيءُ
ڪتاب ’پوپٽ رنگ رنگيلا‘
اٺهٺ صفحن جو آهي ۽ وفا جي خوبصورت شاعريءَ سان گڏ
رابيلا ابڙو جي وڻندڙ اسيڪچز به هن ڪتاب جي سونهن
۾ وڌيڪ اضافو ڪيو آهي. هيءُ ڪتاب هر گهر ۽ هر ٻارَ
تائين پهچڻ کپي ۽ ٻارن کي پڙهڻ، پڙهائڻ کپي ائين
ڪرڻ سان منجهنِ سجاڳي پيدا ٿيندي... سمجهه ۽ سنوار
سُڌار ايندي.
عبدالرزاق
ڪلهوڙو
مَسُ آ چانڊوڪي، لکان ٿو چنڊ سان
(سنڌ جي سريلي شاعر رياضت ٻرڙي جي شعري مجموعي
”شام جي هوا“ بابت ڪجهه ويچار)
ليکڪ ڪهڙو به هجي جڏهن هُو پنهنجا خيال، جذبا ۽
احساس ٻين تائين شيئر ڪري ٿو ته ذهني طرح هلاکيون
۽ ٿڪاوٽون کيس اندر ۾ هميشه لاءِ سرائيت ڪري وڃن
ٿيون ۽ پوءِ کيس جيڪا حاصلات دم ڀري ٿي سا يقيناً
حيرت ۾ وجهندڙ هوندي آهي.
اهو بلڪل به سچ آهي ته ادب زندگيءَ سان لاڳاپو رکي
ٿو ۽ ادب کان سواءِ زندگي ڄڻ اڌوري رهي ٿي. تڏهن
ته ميڪسم گورڪيءَ چيو هو: ادب انسان جي هستي،
حقيقت ۽ مقصد جي اظهار جو هڪ بهترين اوزار آهي.
اسان جي سٿ جو اهڙوئي منفرد قلمڪار رياضت ٻرڙو به
آهي، جنهن پنهنجي لاءِ زندگيءَ ۾ هميشه لاءِ ادب
کي چونڊيو آهي.
رياضت جي هٿ وس ۾ اهڙو ادبي گر موجود رهيو آهي جو
مسلسل پنهنجيءَ ڏات ۾، پاڻ هڪ يگانو مثال بڻجي ويو
آهي. هن جي زندگيءَ ۾ سندس اهو ادبي ذوق شوق ڏاڍو
مضبوط ۽ گهڻ طرفو پئي رهيو آهي. رياضت ٻرڙي جي
ادبي سکيا سنڌي ادبي سنگت شاخ قنبر ۾ ٿي آهي. اسان
جي ٽهي جو هيءُ لائق فائق قلمڪار شاعريءَ کان
علاوه هڪ برجستو ڪهاڻيڪار، ترجمي نگار ۽ ريڊئي جو
سٺو ميزبان به آهي سندس ڪتاب ”واءُ وکيريا خيال“
سهيڙيل آهي، جنهن ۾ لاڙڪاڻي جي چونڊ شاعرن جو ڪلام
ڏنل آهي، جنهن کي پڙهي بيحد لطف اندوز ٿي سگهجي
ٿو.
ادبي حوالي سان رياضت ٻرڙي شروع ۾ هڪ ننڍڙو ڪهاڻي
ڪتاب ”پيار ڪهاڻي“ جي نالي سان ڇپرايو هو ۽ ڪجهه
وٿيءَ کان پوءِ شاعريءَ تي هڪ ٻيو ڪتاب ”شام جي
هوا“ لکي پڌرو ڪيائين جنهن ڪتاب کيس اڳتي وک کڻڻ
جي آرزو ۽ پختگي ڏني ۽ ڪافي ٻيا به ڪيترائي سٺا
ڪتاب تخليق ڪري سنڌي ادب کي ڏنا آهن. آءٌ هتي ”شام
جي هوا“ ڪتاب تي مختصراً ٻه اکر لکڻ گهران ٿو.
160 پيجن جو هيءُ ڪتاب آهي، جنهن ۾ بيت، گيت، غزل،
آزاد نظم، ٽيڙو، هائيڪا ۽ ترائيل آهن. جن ۾ ٻوليءَ
خوبصورتيءَ سان گڏ فني ۽ فڪري حسناڪي تراشيل آهي.
ڪتاب جو مهاڳ سائين محمد ابراهيم جويي صاحب لکيو
آهي. مهاڳ ۾ نڪور ادبي ٻولي رمز شناسي، احساس
واريون پوتر ڳالهيون ۽ خوبيون نروار ڪري تخليقڪار
جي شاعراڻي پورهئي کي خوب مڃتا ڏني آهي.
رياضت ٻرڙو ننڍي وهي کان وٺي ادبي مطالعي ۽ مشاهدي
۾ شعوري پختگيءَ سان نوازيو ويو آهي، جنهن جو خاص
سبب خانداني طرح سان هن جو علمي ۽ ادبي گهراڻي سان
واسطو ۽ سٻنڌ رهيو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي نامور محقق
۽ اديب ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي سرپرستي ۽ رهنمائي
رهيس. اهڙي سهوليت ۽ علمي آسائش ورلي ڪنهن کي ڪا
عطا ٿي هوندي.
نثر توڙي نظم ۾ ساهس ۽ اُتساهه رکندڙ هيءُ ڳڀرو
قوي، شاعريءَ جي مختلف صنفن ۾ خوب ڪؤنتل ڪڏايا
آهن. سندس شاعريءَ ۾ ٻوليءَ جي فني شائستگي ۽ سندر
خيالن جي جل ٿل ڌارا هميشه روان دوان رهي آهي.
ڇانورو هي شاعريءَ جو بي مثال!
مس آ چانڊوڪي، لکان ٿو چنڊ سان.
رياضت جي شاعري پڙهندڙن جي دلين تي اثرانداز ٿئي
ٿي، ته ازخود اندر مان بي اختيار لفظ تري اچن ٿا
ته منڙا تنهنجا اهي سانول رنگ، هورا کوريون ۽ آلاپ
رڳي توکي نه ٿا گهائن پر تنهنجا اهي لفظ ۽ اثرائتا
احساس تنهنجي پرينءَ جي روح ۽ من کي به ضرور اشانت
رکندا هوندا:
گوليءَ جيان نه گهاءِ!
اڳ ئي وڍ وجود تي،
نرميءَ سان ڳالهاءِ.
منهنجي اُداس درس تي،
تنهنجو اچڻ ائين آ،
ڇوليون جيئن ڪپر تي.
زندگيءَ جو حوصلو، حاصلات، خواب سراب، ڀرڻ ڊهڻ ۽
انهن متعلق آگاهي ڏيڻ واري جرئت، بهادري ۽ دليري
ئي سرجيندڙ قلمڪار جو ڪمال چئبو، جنهن جي دماغ جون
سوچون روشنيءَ جو چراغ بڻجي نگهوسار ٿي ويل حالتن
کي پنهنجو سالم هوش حواس سان هڪ اتاولي اندر ۾
شعور جو ساگر ڀري ڇڏين ٿيون.
رياضت جي هن ادبي ذخيري ۽ ڪوتائن ۾ اهڙيون لاتعداد
خوبيون، ڀاونائون ۽ اڇوتا احساس آهن جو پڙهندڙ جي
دل کي ديالو رکن ٿيون پيون:
هيڏي چپ چپات،
ڪوئي ڳالهائي نه ٿو!
ڪير پڄي ويا پنڌ مان،
۽ ڪنهن کاڌي ماتِ،
ڪوئي ڳالهائي نه ٿو.
دک جي اڳيان،
ننڍوڙو هي آڪاش آ.
دل جي دنيا آ وڏي،
گهڻو گهڻو ان کان،
ننڍڙو هي آڪاش آ.
ساروڻين جي پائيندڙ لهرن ۾ ليکڪ يا قلمڪار جڏهن
پڄرندو آهي تڏهن سندس راتيون اوجاڳن ۾ رقص ڪندي
گذرنديون آهن، ڇاڪاڻ جو منزل کيس لاحاصل هوندي
آهي، تنهن هوندي به هو سهپ ۽ صبر واري ان پريم نگر
۾ نرمل آشائون پنهنجي اکين ۾ وڇائي (سجائي) رکندو
آهي، شايد هن ليکڪ سان به اهڙائي واقعات ۽ روئداد
ٿيا آهن.
بند ٿي ويون اکيون،
ڏس ته تنهنجون سکيون،
مون تي روئن پيون.
ڇا ته پنهنجي شروعات هئي!
جاڳ ۾ هر نئين رات هئي.
خواب ننيڻن هئا مڌ جان،
پنهنجي سيڻين هئا مڌ جان.
منظرن ۾ هئا خيال تنهنجا پرين!
جيترا تو ڏنا پيار منهنجا پرين.
رياضت جي شاعري ديس واسين، ٿر بر ۽ مسڪين ماروئڙن
لاءِ به من جي پڪار ۽ سار نازڪ نينهن جيان جونجهار
آهي، اها جونجهار دل تي احساس جو انبار ٽاڪي ڇڏي
ٿي.
جسم آ دفنائجي ويو ڪتبو جنهن جو آ نشان،
روح کي پر سنڌ جي، مٺڙي مٽي ناهي ملي.
هي ڪي واريءَ جا دڙا هن يا ڀليون آهن اکيون!
ڪيترو ڳوليا اڃا، سنڌوندي ناهي ملي.
رياضت جي شاعري ۾ خوبصورت احساس به آهن ته مڪمل
معنيٰ سان اندر جي محل کي شانت ڪرڻ وارو ڪهڪاءُ به
آهي ته حسن جي ديويءَ جهڙو پرتوو، آهنگ ۽ آجپو،
ساهس جهڙو سوراج ۽ چوڏهين چنڊ جهڙي ڌيمي روشني به
آهي جيڪا من ۾ هڪدم پکڙجي وڃي ٿي ۽ پوءِ سڄي ڏينهن
جون ٿڪاوٽون شام هجڻ تائين يقيناً ”شام جي هوا“
بڻجيو پوي ٿي.
لمحي لمحي ۾ زندگي آهي،
تنهنجي سپني ۾ زندگي آهي.
پرهه جو مان ڏسان پيو منظر،
صبح اُجري ۾ زندگي آهي.
ساڻ آهين جڏهن به”رياضت“سان،
ساٿ سرهي ۾ زندگي آهي.
اسين جنهن معاشري ۾ رهون پيا يا ننڍا ٿي وڏا ٿيا
آهيون ۽ سماج ۾ جيڪي ڪجهه وهي واپري ٿو، انهيءَ
صورتحال تي منظرڪشيءَ جا انبار اوتي رياضت تمام
گهڻي دلچسپيءَ ۽ لڳاءَ سان قلم کي وسعت ڏني آهي ۽
پنهنجي ذهن مان لفظن جي منظوم ڪٽهڙي ۾ ڪيئي ميسيج
تيار ڪري پني تي لاهي ڇڏيا آهن.
هو جي اوچايون ۽ هي نيچايون ميان!
طبقاتي سماج م، ڇا دل بهلايون،
آءُ، ته مٽايون، سارا ويڇا واٽ تان.
ڪو ته سمهيو پيو آ، اوندهه ۾ فوٽ پاٿ تي،
پاڇو جنهن کان ڌار ٿي، پرتي ٿي ويو آ،
ٿڪجي ڳوليو آ، ڇا هن سپنو ننڊ ۾.
پار ويٺا رهيا، ماءُ جي ڇانوَ ۾،
جهوپڙي جو ڊٺي، رات برسات ۾.
عڪسن کي ڀي ننڊ اچي ٿي،
ڪرڻن کي ڀي ننڊ اچي ٿي.
امرت ڏيندي ڏيندي آخر،
ندين کي ڀي ننڊ اچي ٿي.
جسم پنهنجو جهان وانگر آ،
جنهن ۾ دل آسمان وانگر آ،
ڇو نه ٿيندو اُداس ”رياضت“ ڀي!
هو ڊٺل
ڪنهن مڪان وانگر آ.
|