سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-1/ 2016ع

باب:

صفحو:5 

رسول بخش ٻگهيو

 

 

 

حضرت شير شاهه سيد جلال الدين سرخ پوش بخاري جد امجد

”حضرت مخدوم جهانيان جهان گشت“

سنڌ سونهاري، هميشه عالمن ۽ اديبن، اوليائن ۽ عشاقن، بزرگن ۽ درويشن، شاعرن ۽ شائقن، فقيرن ۽ فقيهن، محدثن ۽ صوفين جي ڌرتي پئي رهي آهي، پوءِ ڪي بزرگ اصل هتان جا آهن ته ڪي وري ٻاهران آيا ليڪن انهن سنڌ کي پنهنجي امڙ سمجهي، ان جي خدمت ڪئي ۽ سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجي علم، ادب ۽ شاعريءَ سان اهڙو سينگاريو ۽ شاهوڪار ڪيو جنهن جو مثال ملڻ مشڪل آهي. جهڙي طرح شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمة الله عليہ، شاهه ڪريم بلڙي وارو، ميان عبدالوهاب عرف سچل سرمست ۽ مخدوم محمد زمان عرف مخدوم طالب الموليٰ وغيره وغيره. اهڙن علمي، ادبي، روحاني ۽ سماجي خدمتگذار خاندانن ۾ مخدوم جهانيان جو ”خاندان جهانيان“ به عظيم گهراڻو آهي.

پهريان خيال ڪيم ته ’جهانيان خاندان‘ جي انهن بزرگن تي لکان جن جو تعلق منهنجي پنهنجي علائقي گچيري پراڻي سان آهي، يعني سيد حامد ٻڍو عرف شاهه مراد اُچي (اوچي) جيڪو شاهه حسن ارغون جي اُچ شريف تي حملي ۽ ڦر ڪرڻ وقت اُچ کي ڇڏي عيسيٰ خيل (ميانوالي) جي طرف هليو ويو، جتان پوءِ سنڌ جي ”خطهء گچيره“ جنهن کي هاڻي ’گچيرو پراڻو‘ سڏجي ٿو، تنهن کي پنهنجو مسڪن بنايو.

ليڪن دل گهريو ته ’مخدوم جهانيان‘ جي گهراڻي جو مطالعو ته مون سائين مقصود علي شاهه جهانيان سجاده نشين درگاهه مخدوم حسن جهانيان جن جي دلي ارادي ۽ شاهپور جهانيان جي ٽائون آفيسر عزيز دوست محترم عزيز مگسي جنهن جي هڪ جهانيه ادبي ڪانفرنس ۾ تقرير ڪندي چيو ته آءٌ (يعني عزيز مگسي) پنهنجي مقامي ليکڪ ۽ محقق رسول بخش گچيرائي کي صلاح ڏيندم ته پاڻ جهانيان خاندان تي لکن، ان بعد سائين مخدوم سيد مقصود علي شاهه صاحب جن منهنجي مطالعي لاءِ پنهنجي حويلي مان لائبرري کڻائي ٻاهرين اوطاق ۾ رکرائي ۽ آءٌ جهانيان خاندان تي لکيل ڪتابن يا ڪن ڪتابن ۾ آيل حوالن ۽ حضرت مخدوم سيد علي شاهه جهانيان جن جي لکرايل قلمي نسخن جو ڪجهه مطالعو ڪري ورتو هو. انڪري پنهنجي مضمون جي شروعات، ان بزرگ کان ڪيان ٿو، جنهن بزرگ پنهنجي خاندان مان سڀ کان پهريان سنڌ ڌرتيءَ تي قدم رکيا ۽ اها شخصيت هئي، حضرت شير شاهه مخدوم سيد جلال الدين سرخپوش بخاري بن سيد علي ابوالمؤيد مدني رحمة الله عليہ جن جي.

بخارا ۾ سيد علي مدني جي آمد ۽ سيد جلال الدين بخاريءَ جي ولادت:

حضرت سيّد علي ”ابوالمؤيد“ نهايت بلند پايي جو جيد عالم رباني، عابد، زاهد، عارف ۽ ڪامل ولي هو. جڏهن پاڻ مديني منوره کان ساداتن جي هڪ قافلي سان بخارا ڏانهن اچي رهيا هئا ته بخارا جي سلطان محمد خدانبده کي سرور ڪائنات حضرت مُحمّد صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن خواب ۾ بشارت ڏني ۽ سيد علي ابوالمؤيد مدني جن جو کيس چهرو مبارڪ به ڏيکاريو ۽ هدايت ڪرڻ فرمائي ته: ”مدينه منوره کان ساداتن جو هڪ قافلو بخارا پهچي رهيو آهي، جنهن ۾ هڪ سيدزادو آهي، تنهن کي پنهنجي ٽين نياڻي عقد ۾ ڏجانءِ ۽ سندس شاهاڻو استقبال خدمت چاڪري ڪجانءِ.“

جڏهن ساداتن جو قافلو بخارا پهتو ته سلطان محمد خدابنده سندن مهمان نواري جو انتظام شاهاڻي انداز ۾ ڪيو، پر بشارت ڏنل ۽ ڏيکاريل چهرو بزرگ، سلطان محمد خدابنده کي انهن ساداتن ۾ نظر نه آيو. پڇا ڪرڻ تي ساداتن ٻڌايو ته اسان جو هڪ سيدزادو پوئتي آهي، جيڪو ڪنن کان ڪجهه گهٽ ٻڌي ٿو، بخارا جي بادشاهه چيو ته مون کي ان بزرگ جو انتظار آهي، جڏهن سيد علي ”ابوالمؤيد“ مدني بخارا پهتو ته سلطان محمد خدابنده کين سڃاتو ۽ شاهاڻو استقبال ڪيو ۽ کين پنهنجي نياڻيءَ جو نڪاح ساڻن ڪرايائين ۽ بادشاهت جي مسند پڻ حوالي ڪيائين ۽ پاڻ سلطان محمد، سندن وزير بنيو. اهڙي طرح سيد علي ”ابوالمؤيد مدني، بخارا جو بادشاهه بنجي ويو ۽ بخارا ۾ ئي سڪونت اختيار ڪيائون، جتي کين ان حرم پاڪ مان حضرت شير شاهه سيد جلال الدين بخاري تولد ٿيا. گزيٽيئر رياست بهاولپور مطابق، پهرين رمضان المبارڪ 959هجري بروز سومر تي سيد جلال الدين جي ولادت ٿي، جڏهن ته ڪن ڪتابن ۾ غلطيءَ کان 5 ذوالحج لکجي وئي آهي پر گهڻيون ۽ صحيح روايتون پهرين رمضان المبارڪ ئي آهي جو پاڻ ڄمڻ وقت ڏينهن جو ماءُ جيجل جو کير نه پيتو ۽ سارو ڏينهن روزي ۾ هئا.

”گلزار جلالي“ جي مصنف مولوي تصدق حسين نقويءَ لکيو آهي ته: ”سيد جلال الدين سرخپوش بخاري جي ولادت واري رات الله پاڪ جي حڪم سان ملائڪن رحمت جا دروازا کولي ڇڏيا ۽ دوزخ جا دروازا بند ڪري ڇڏيا ۽ بهشت ۾ حورن خوشيون ملهائيون. الله تعاليٰ هزارين گنهگارن جا گناهه بخشي ڇڏيا. سندن ناف بريده هو (يعني دن جو ناڙو وڍيل هو) ۽ سندن طوهر پڻ ٿيل هو ۽ هر طرف کان مبارڪ مبارڪ جا آواز اچڻ لڳا ۽ سڀ شاهه و گدا شادماني ۽ خوشيءَ واري زندگي بسر ڪرڻ لڳا.

راوي روايت ڪن ٿا ته حضرت شير شاهه سيد جلال الدين سرخپوش بخاري جن جي والده ماجده جي خادمه مسماة سعيده جو بيان آهي ته حضرت سائين جلال بخاري رحمة الله عليہ جن اڃان پنهنجي والده ماجده جي شڪم مبارڪ ۾ هئا ته سندن والد بزرگوار سيد علي ابوالمؤيد مدني هڪ رات ڪيڏانهن ٻاهر ويل هئا جڏهن رات جو آرام ڪرڻ جو وقت ٿيو ته خادمه سعيده حضرت جن جي والده ماجده جن کي مؤدبانه عرض ڪيو ته سانئڻ! روزانو رات جو بعد نماز تهجد جي منهنجو آقا مرشد سيد علي ابوالمؤيد هميشه قرآن مجيد پڙهندا آهن ۽ حضرت صاحب جن جي حسن صوت، فصاحت ۽ بلاغت سان هيءَ خادمه هميشه مستفيض ٿيندي رهندي آهي. سانئڻ سڳوري جيئن ته منهنجو آقا ۽ رهنما اڄ ٻاهر ويل آهن، انڪري اڄ رات هيءَ خادمه ان برڪت کان محروم رهندي، جڏهن خادمه اها ڳالهه ڪري بس ڪئي ته حضرت جلال الدين بخاري پنهنجي ماءُ جي شڪم مبارڪ مان آواز ڏنو ته ”اي سعيده فڪر نه ڪر، اڄ مان توکي قرآن مجيد ٻڌائيندس.“ خادمه سعيده چئي ٿي ته هيءُ آواز ٻڌي آءٌ ڊڄڻ لڳس ته پاڻ منهنجي اضطراري حالت معلوم ڪري ورتي ۽ وري پنهنجي والده ماجده جي شڪم مبارڪ مان آواز ڏنائون ته ”اي سعيده توکي خوف نه ڪرڻ گهرجي آءٌ يعني سيد جلال بخاري مخزن اسرار الٰهي آهيان. اسين بندگان خدا کي فيض پهچائڻ وارا آهيون.“ خادمه چئي ٿي ته: سندن ارشاد تي منهنجي دل مطمئن ٿي وئي. تهجد جي نماز بعد حضرت جلال صاحب جن پنهنجي والده جي شڪم مبارڪ ۾ ئي اهڙي فصاحت ۽ بلاغت سان قرآن مجيد جي تلاوت ڪئي جو بغير سندن والده ماجده حضرت سيد علي مدني جي، مون (خادمه) ڪنهن کان به قرآن پاڪ جي اهڙي قرائت ڪانه ٻڌي هئي. جڏهن سيد ابوالمؤيد مدني پنهنجي حويليءَ تي واپس تشريف فرما ٿيا ته مون (خادمه) سندن اڳيان حضرت سيد جلال بخاري جو پنهنجي ماءُ جي شڪم مبارڪ ۾ تلاوت قرآن ڪرڻ واري ڳالهه پيش ڪئي ته پاڻ فرمايائون ته: ”سعيده هي مقام تعجب نه آهي، خداوند ڪريم آل رسول الله صلي الله عليہ وآلہ وسلم کي صاحبِ ڪمال خلق عطا فرمايو آهي، هيءُ منهنجو فرزند نور الٰهي آهي.“

حضرت جلال الدين بخاري جي ولادت کان اڳ شيخ ابوسعيد محزومي ڪامل ولي الله فرمايو ته ”هڪ ڏينهن آءٌ مراقبي ۾ هئس ته مون فرشتن کي ڏٺو ته اهي سڀ سيد جلال الدين بخاريءَ جي منقبت خواني ڪري رهيا آهن. مان حيران هئس ته هيءُ ڪير موصوف آهي؟ پرده غيب مان آواز آيو: ”ابوسعيد! سڀ اولياء ستارن جي طرح درخشان آهن ۽ انهن ۾ حضرت جلال الدين بخاري چوڏهينءَ جو چنڊ آهي!“ ]وهو افضل من کل اولياءَ الله[ آهي.“

حضرت جلال الدين بخاري جن ڄمڻ وقت ماءُ جو کير نه پيتائون ۽ سارو ڏينهن فاقي ۾ گذاريائون ۽ سج غروب ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي امڙ جيجل جي ٿڃ پيتائون، اهڙي طرح سارو ماه رمضان المبارڪ ڏينهن جو پره ڦٽڻ کان غروب آفتاب تائين ماءُ جي ٿڃ نه پيتائون يعني روزي ۾ رهيا.

تعالی اللہ ہویدا شد سعادت

نمودہ شاہ جلال الدین ولادت

بہ ہنگامِ ولادت کرد آ نماز

تلاوت پاک قرآن صاحب راز

بروز شِیر مادر را نخور دے

بشب خوردے کہ صوم افطار کردے

ولی ابن ولی گروید صائم

بشب افطار روزہ کرد دائم

شجره مبارڪ حضرت سيد جلال الدين بخاري رحمة الله عليھ:

                                                  سلسلئه نسب

حضرت سيد جلال الدين بخاري رحمة الله عليہ

بن

 

حضرت سيد علي ابوالمؤيد مدني رحمة الله عليہ

بن

 

حضرت سيد جعفر رحمة الله عليہ

بن

 

حضرت سيد محّمد رحمة الله عليہ

بن

 

حضرت سيد محمود اصغر رحمة الله عليہ

بن

 

حضرت سيد ابويوسف محمد رحمة الله عليہ

بن

 

حضرت سيّد عبدالله رحمة الله عليہ

بن

 

حضرت علي اصغر رحمة الله عليہ

بن

 

حضرت امام زاده سيد جعفر ثاني رحمة الله عليہ

بن

 

حضرت امام نقي عليہ السلام

بن

پاڻ سلسلئه امامت جا 10هان امام آهن، حضرت سيد جلال الدين بخاري جو سلسلئه نسب نائين واسطي سان حضرت امام نقي عليہ السلام سان ملي ٿو، انڪري سندن خاندان ”نقوي“ سڏائيندا آهن.

حضرت امام تقي عليہ السلام

بن

 

سلسلئه امامت جا 9وان امام

حضرت امام علي رضا عليہ السلام

بن

سلسلئه امامت  جا 8وان امام

حضرت امام موسيٰ ڪاظم عليہ السلام

بن

سلسلئه امامت جا 7وان امام

حضرت امام جعفر صادق عليہ السلام

بن

سلسلئه امامت جا 6هان امام

حضرت امام محمد باقر عليہ السلام

بن

سلسلئه امامت جا 5وان امام

حضرت امام زين العابدين عليہ السلام

بن

سلسلئه امامت جا 4وان امام

حضرت امام حسين عليہ السلام

بن

سلسئه امامت جا ٽيان امام، جن ڪربلا جي ميدان تي يزيد سان حق جي خاطر لڙندي شهادت ماڻي.

حضرت علي ڪرم الله وجہ

بن

سلسلئه امامت جا پهريان امام، چوٿان خليفة المسلمين اميرالمؤمنين.

ابوطالب

بن

 

عبدالمطلب

 

بن

هاشم

 

جنهن جو اصل نالو عمرو هو، کين هاشم انڪري سڏيندا هئا جو هڪ ڀيري مڪہ مڪرمہ ۾ ڏُڪار پيو ۽ عمرو ان وقت مانيءَ جي چوري ٺاهي ٻوڙ ۾ ملائي، ماڻهن کي کارائيندو هو. عربيءَ ۾ چُوري ٺاهيندڙ کي هاشم چوندا آهن، انڪري عمروءَ کي ’هاشم‘ ڪري سڏيندا هئا، ۽ پوءِ ان ئي نالي سان مشهور ٿي ويا. سندن نالي پٺيان ئي حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن کي هاشمي سڏيو وڃي ٿو. حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جو سلسلئه نسب هن طرح هاشم سان ملي ٿو، حضرت محُمّد صلي الله عليہ وآلہ وسلم بن عبدالله بن عبدالمطلب بن هاشم.

عبدالمناف

 

بن

قصيٰ

بن

 

قصيٰ نهايت خاص مشهور ۽ معروف شخصيت هو. قصيٰ کي ڪعبة الله جو متولي بنايو ويو هو. پاڻ ڪعبة الله شريف جي زيارت ڪندڙن جي کاڌي پيتي جو انتظام ڪندو هو ۽ منيٰ ۽ مڪي شريف ۾ هر سال کاڌو ورهائيندو هو ۽ پاڻيءَ جو حوض پڻ حاجين لاءِ ڀرائيندو هو.

ڪلاب

بن

 

مره

بن

 

ڪعب

بن

 

لوي

بن

 

غالب

بن

 

فهر

بن

فهر جنهن جو اصل نالو قريش هو، جنهن کان قريش قبيلو شروع ٿيو، ڪن روايت ۾ اچي ٿو ته ان جو نالو فهر ئي هو ۽ قريش سندس لقب هو، قريشي قبيلو يا خاندان فهر کان ئي شروع ٿيو، هيءُ خاندان پيڙهين کان معزز ۽ معتبر سمجهيو ويندو هو.

ڪنان بن خزيمه

بن

 

مدرڪ

بن

 

الياس

بن

 

مصر

بن

 

نزار

بن

 

معد

بن

 

عدنان

بن

هيءُ حضرت ابراهيم عليہ السلام جي اولاد ۾ نهايت افضل هو، مؤرخين متقدمين عدنان تائين لکيل شجره تي متفق آهن، ليڪن ڪن مؤرخين عدنان کان مٿي آدم عليہ السلام تائين شجرو لکيو آهي ۽ ان کي صحيح قرار ڏنو آهي. بهرحال مؤرخ جو فرض آهي ته هو تاريخي حالات، نهايت احتياط ۽ صحت سان لکي، انڪري نهايت صحت ۽ احتياط سان معتبر ڪتابن کي ڀيٽي عدنان کان مٿي شجرو لکجي ٿو:

اود

بن

ڪن هن کي اد ڪري لکيو آهي، هيءُ 24 ٻوليون ڳالهائيندو هو.

اُودَاوَا

بن

 

ايسع

بن

 

سليمان

بن

 

بيت يا نبت (برار)

بن

 

حمل

بن

 

قيدار

بن

 

حضرت اسماعيل عليہ السلام

بن

حضرت ابراهيم عليہ السلام

بن

حضرت اسماعيل عليہ السلام ۽ حضرت ابراهيم عليہ السلام ٻئي الله پاڪ جا پيغمبر سڳورا هئا، جن ڪعبة الله شريف جي تعمير ڪئي هئي ۽ دعا گهري، جنهن دعا جي طفيل ئي حضرت مُحمّد صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن سندن ئي خاندان مان تشريف فرما ٿيا. حضرت اسماعيل عليہ السلام کي ذبيح الله جو لقب ۽ حضرت ابراهيم عليہ السلام جن کي خليل الله جو لقب مليل هو.

تارخ

بن

ناحور (اشوخ)

 

ناحور (راشوخ بن شاروغ يا شاروخ)

بن

 

يرغو

بن

 

قانع

بن

 

غابر (غالب)

بن

 

شالخ

بن

 

ارفخشد

بن

 

سام

بن

 

نوح عليہ السلام

بن

 

لامخ (لامڪ)

بن

 

متوشلح

بن

 

خنوخ (شنوخ)

بن

 

برد

بن

 

مهلائيل

بن

 

قينان

بن

 

انوش

بن

 

حضرت شيث عليہ السلام

بن

 

حضرت آدم عليہ السلام

 

مٿيون شجرو مبارڪ (i) ’جواهر فريديه‘ بحواله صاحب ’روضة الاحباب‘ صاحب ’سيرة النبي صلي الله عليہ وآلہ وسلم‘.

(ii) تاريخ باب مصطفيٰ- المرتضيٰ عليہ السلام

(iii) حضور پاڪ صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي پاڪ زندگي (حصو پهريون).

(iv) شُجره السادات جهانيه (قلمي) از- مخدوم سيد علي شاهه الجهانيه الشاهپوريه، مان ورتو ويو آهي

حضرت جلال الدين سرخپوش بخاري رحمة الله عليھ جن جو ننڍپڻ:

(1) حضرت جلال الدين سرخپوش بخاري رحمة الله عليہ جن ڄمندي ڄام هئا. ”مظهر جلالي“ جي مصنف ملفوظات حضرت شيخ الاعظم زڪريا ملتاني رحمة الله عليہ مان نقل ڪيو آهي ته: حضرت شير شاهه جلال الدين بخاري رحمة الله عليہ جن جي عمر مبارڪ چار سال هئي ته پاڻ پنهنجن همعصر ننڍڙن ٻارن سان بخارا ۾ کيڏي رهيا هئا ته ماڻهو هڪ جنازو گورستان کڻي وڃي رهيا هئا ته پاڻ به انهن سان گڏ هلڻ لڳا ۽ ان جنازي جي نماز پڙهڻ بعد کيس قبر ۾ لاهڻ لڳا ته هڪ ضعيف عورت روئيندي روئيندي اچي ان جنازي جي مٿان ڪِري پئي ۽ جنازي جي منهن کي چمندي اهڙو فرياد ۽ پڪار ڪئي جو سڀني حاضرين روئي ڏنو. حضرت سيد جلال الدين بخاري جن ان ضعيفه عورت جي اشڪباري ۽ بيقراري ڏسي پڇا ڪيائون ته هن عورت جو مرڻ واري سان ڇا رشتو آهي؟ ماڻهن چيو ته هيءَ عورت ان مرڻ واري (ميت) جي ماءُ آهي، تنهن تي سيد جلال الدين بخاري فرمايو ته: ان ميت کي قبر ۾ نه لاهيو، آءٌ ان لاءِ دعا گهران ٿو، بس پاڻ وضوع ڪري ٻه رڪعتون نفل نماز ادا ڪئي ۽ ننڍڙا هٿ مبارڪ کڻي اَشڪبار  ٿي دعا گهري ”ياالٰهي تون منهنجي جدامجد حضرت مُحمّد صلي الله عليہ وآلہ وسلم کي بهترين خلق، سيد المرسلين ۽ رحمة العالمين بنايو آهي ۽ حضرت عيسيٰ عليہ السلام  کي تو هيءُ معجزو عطا فرمايو هو ته ان جي حڪم سان مرده زنده ٿي پوندا هئا، هاڻي منهنجي جدامجد حضرت مُحمّد صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي واسطي هن مرده نوجوان کي زندهه ڪر ۽ وڌيڪ حياتي عطا فرمائيس، پوءِ هڪ لمحو توقف فرمائي، ان فوت ٿيل نوجوان جي مٿان بيهي فرمايائين ته ”قم باذن الله يا عبدالله!“ ته اهو فوت ٿيل نوجوان ڪلمئه طيب پڙهندي (لا اِلٰہ اِلا الله مُحمّد رسول الله صلي الله عليہ وآلہ وسلم) زندهه ٿي اُٿي ويٺو ۽ حضرت سيد جلال الدين بخاري معصوم جا قدم چمڻ لڳا، اها ڪرامت ڏسي سڀ حاضرين حيرت ۾ پئجي ويا ۽ سچيءَ دل سان حضرت جلال الدين بخاريءَ جا سچا معتقد ۽ مريد ٿي پيا ۽ جيئرو ٿيل نوجوان پنهنجي والده سان پنهنجي گهر روانو ٿي ويو ۽ 40 سالن تائين زندهه رهيو، جڏهن اها خبر سيد جلال الدين بخاري جي والد ماجد حضرت علي ابوالمؤيد مدني کي پئي ۽ ان پنهنجي فرزند سيد جلال الدين کي فرمايو ته: ”نور البصر جلال الدين شريعت ظاهره جي پاسداري چاهين ٿو؟“ فرزند ارجمند عرض ڪيو ته: ”يا حضرت اگر توهان منع نه ڪيو ها ته ماڻهن جي استدعا تي هي توهان جو خادم سمورن مُردن کي الله پاڪ جي حڪم سان زندهه ڪري ڇڏي ها، والد محترم!! حضرت مسيح عليہ السلام مردن کي زندهه ڪندو هو ته ڇا سيد المرسلين جي اولاد کي هيءُ حق حاصل نه آهي ته هو مُردن کي زندهه ڪري؟ اڃان پيءُ ۽ پٽ جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي رهي هئي ته سيد جلال الدين بخاري جي والد بزرگوار سيد علي ابوالمؤيد مدني کي الهام ٿيو ته سيد جلال الدين بخاري مون (الله) جو ڪامل ولي آهي، ان جي هرهڪ ڳالهه کي خدا پاڪ سچو ڪرڻ وارو آهي ۽ سيد جلال الدين بخاريءَ جو هر سچو ۽ اطاعت ڪندڙ مريد خدا تعاليٰ جي مقبول ٻانهن مان هوندو ۽ ان جي دعا ۾ به هميشه اثر هوندو.

(2) حضرت جلال الدين بخاريرحه جن جي ننڍپڻ جو هڪ ٻيو واقعو آهي ته حضرت صاحب جن هڪ ڀيري بخارا جي ٻاهران ٻارن سان راند کيڏي رهيا هئا ته ڏٺائون ته هڪ ميت جي جنازه نماز تيار آهي، پاڻ اڳتي وڌي ڪانڌين کان ميت جي باري ۾ پڇيو، حاضرين مان ڪنهن کين جواب ڏنو ته فلاڻو ماڻهو فوت ٿي ويو آهي، جنهن جي جنازي نماز پڙهجڻ واري آهي. حضرت جلال الدينرح وري کانئن پڇيو ته ”پوءِ ڇا ڪندو؟“ ته ڪانڌين مان هڪ وراڻيو ته ”جنازي نماز پڙهڻ بعد ميت کي زمين ۾ دفن ڪنداسين.“ هيءَ ڳالهه ٻڌڻ سان سيد جلال الدين بخاريرح جن جو بدن ڏڪڻ لڳو ۽ الله اڪبر چئي ميت جي مٿن کان بيهي فرمايو ته: ”قم باذِن الله“ ته ميت يڪدم زندهه ٿي کٽ تان لهي پنهنجن پيرن تي پنهنجي گهر ڏانهن هليو ويو ۽ ڪافي سال زندهه رهيو.

حضرت سيد علي ابوالمؤيد مدني جن خود اعليٰ عالم ۽ علمي ذوق رکندڙ هئا، انڪري پاڻ پنهنجي لائق ۽ صالح فرزند سيد جلال الدين بخاري جي تعليم ۽ تربيت جي طرف پورو توجه ڏنائون، جڏهن ته ٻئي طرف خود هن ننڍڙي ڄمندي ڄام حضرت سيد جلال الدين بخاريرح جن کي پڻ علم حاصل ڪرڻ جو بيحد شوق ۽ عشق هو، انڪري پاڻ نهايت پوري ڌيان ۽ شوق سان پنهنجي والد بزرگوار ڪامل استاد ۽ مرشد سيد ابوالمؤيد مدني کان ابتدائي خواه اعليٰ تعليم حاصل ڪيائون ۽ 7 سالن جي عمر ۾ ئي پنهنجي تعليم جا مدارج طئه ڪري تعجب ۾ وجهي ڇڏيو! جيئن اڳ اهو به اچي چڪو آهي ته پاڻ جڏهن پنهنجي امڙ جي شڪم مبارڪ ۾ هئا ته ٻانهي سعيده کي تهجد جي نماز بعد قرآن پاڪ جي نهايت قرائت سان تلاوت ڪري ٻڌائي هئي، يعني ته قدرتي طور سندن تعليم ۽ تربيت جو بندوبست امڙ جي شڪم مبارڪ ۾ ئي شروع ٿي چڪو هو. جيئن ويهڙ شريف (ضلع دادو) جي بزرگ حضرت ميان فقير محمد ويهڙائي رحمة الله عليہ جن جي متعلق سندس سوانح حيات ۾ لکيل آهي ته پاڻ 14 مهينا پنهنجي امڙ جي بطن مبارڪ ۾ گذريا، پوءِ تولد ٿيا جڏهن هڪ ڀيري کانئس پڇيو ويو ته سائين توهان 14 مهينا پنهنجي امڙ جي بطن ۾ ڇو رهيا ته پاڻ فرمايائون ته ”ڪجهه سبق رهجي ويا هئا جيڪي پڙهي پورا ڪيم.“

حضرت سيد جلال الدين شاههرح جن ننڍي هوندي ئي تعليم حاصل ڪري ورتي ۽ رياضت شاقه شروع ڪئي، جنهن دور ۾ سيد جلال الدين بخاري تعليم پنهنجي والد بزرگوار وٽ وٺندا هئا ته ان دوران سهروردي بزرگ حضرت غوث بهاءُالحق (شيخ بهاؤالدين) زڪريا ملتانيرح تحصيل علم جي سلسلي ۾ بخارا ۾ مقيم هو، جنهن جي ولادت 566هه بمطابق 1172ع ۾ ڪوٽ ڪروڙ ۾ ٿي، تاريخ ”تذڪره اوليائي هندو پاڪ“ ۾ 578هه ولادت جو سنه ڄاڻايو ويو آهي.

غوث پاڪ بهاؤالدين رحمة الله عليہ جن 12 سالن جا هئا ته سندن والد بزرگوار وفات ڪري ويو. پوءِ سندن ڏاڏو ڪمال الدين علي قريشيرح مڪي مڪرمہ مان ٿيندا اچي اوچ خوارزم ۾ رهيا، جنهن بعد ملتان ۾ آيا. غوث بهاؤالدين ملتاني 12 سالن جي عمر ۾ قرآن پاڪ قرائت سان پڙهي ورتو ۽ پورو قرآن مجيد ياد به ڪري ورتائون. جنهن کان پوءِ پنهنجي والد بزرگوار جي وصيت مطابق پهريان خراسان پڙهڻ ويا جتي 7 سال رهي ظاهري خواهه باطني تعليم حاصل ڪري واپس آيا ۽ بعد ۾ وصيت مطابق بخارا ۾ حصول تعليم واسطي آيا ۽ حضرت سيد علي ابوالمؤيد مدني وٽ تحصيل علي ابوالمؤيد پنهنجي هن نوجوان شاگرد (غوث بهاؤالدين زڪريا) ۾ آثار ولايت ڏسي خود پاڻ سندن مداح ٿي پيا ۽ حضرت جلال سرخپوش بخاري رحمة الله عليہ جن پڻ غوث بهاؤالحقرح جن جي شخصيت کان بيحد متاثر ٿيا.

حضرت سيد جلال الدين سرخپوش بخاري رحمة الله عليھ جن جا القاب:

1) البخاري:

(i) بخاري چوارائڻ جو پهريون سبب اهو هو جو پاڻ ’بخارا‘ شهر ۾ پيدا ٿيا هئا، اتي ئي پڙهيا ۽ ۽ تربيت حاصل ڪيائون، سندن رهائش بخارا ۾ ئي هئي، انڪري کين ’البخاري‘ لقب سان سڏيو وڃي ٿو.

      (ii) بخاري چوارائڻ جو ٻيو سبب اهو هو جو سندن سيني ۾ بي ڪيني ۾ عشق الٰهيءَ جي ايتري ته تپش هئي جو پاڻ جنهن طرف نظر کڻندا هئا ته سندن اندر جي بخار ۽ تپش ڪري هر چيز خشڪ ٿي ويندي هئي، انڪري به کين بخاري ڪري سڏيو ويندو هو.

    البخاري چوارائڻ جو ٽيون سبب اهو هو جو هڪ ڀيري ظالم بادشاهه کين سچي سيد هئڻ جي ثبوت ۾ ڪنهن رنجش خاطر باهه جو وڏو آڙاهه ٻارائي، ان بخاري ۾ اندر وڃڻ جو مطالبو ڪيو ۽ سيد جلال الدين بخاري ان بخاري ۾ اندر وڃي ويهي رهيا ۽ بيمثل حضرت ابراهيم خليل الله جي اُها آتش ۽ بخاره گلزار ٿي وئي ۽ سيد جلال کي ڪجهه به ڪين ٿيو ۽ ڪجهه دير بعد جڏهن کين بخاري ۽ آتش مان اچڻ لاءِ چيو ويو ته پاڻ باسلامت ان بخاري مان نڪري آيا ۽ کين ’بخاري‘ ڪري پڪاريو ويو.

2) شير شاهه:

حضرت جلال الدين خوفِ خدا کان سواءِ ٻئي ڪنهن کان به ڪين ڊڄندا هئا. نهايت دلير، همت وارا، بردبار هوندا هئا، انڪري کين ”شير شاهه“ پڻ سڏيو ويو.

3) ابوالبرڪات:

الله پاڪ جي طرفان کين ڪئين نعمتون ۽ برڪتون عطا ڪيون ويون هيون، پاڻ صاحبِ برڪات هئا، انڪري کين ابوالبرڪات جي لقب سان پڻ ياد ڪيو وڃي ٿو.

4) ابواحمد:

ابواحمد سندن ڪنيت آهي، کين فرزند سيد احمد ڪبير جي نالي جي پٺيان ابواحمد سڏيو ويو.

5) مير بزرگ:

سيد جلال الدين شاهه بخاري رحمة الله عليہ جن هڪ اعليٰ خاندان سان تعلق رکندا هئا ۽ پاڻ به نهايت بلند پايي جا بزرگ هئا ۽ پنهنجي وقت جي مڙني بزرگن جا وڏا يعني مير هئا، انڪري کين ”مير بزرگ“ ڪري سڏيو ويو.

6) مخدوم اعظم:

مخدوم ان بزرگ هستيءَ کي چيو ويندو آهي جنهن جي بلند مرتبي، عزت ۽ شانُ شوڪت جي ڪري، خدمت ڪئي وڃي ۽ اعظم معنيٰ وڏي يا بيحد گهڻي. مطلب ته اهڙي بزرگ هستي جنهن جي وڌ ۾ وڌ محبت ۽ دل سان خدمت ڪئي وڃي ته ان کي ”مخدوم اعظم“ سڏجي ٿو.

7) جلال اڪبر:

جيئن ته پاڻ وڏي جاهه و جلال وارا بزرگ هئا، انڪري کين جلال اڪبر سڏيندا هئا.

     ۽ ٻيو سبب اهو هو ته سندن پوٽي جو نالو به جلال الدين هو، انڪري سيد جلال الدين بخاريءَ کي ”جلال اڪبر“ ۽ مخدوم جلال الدين جهانيان کي ”جلال اصغر“ سڏيو ويندو هو.

8) آدم ثاني:

حضرت سيد جلال الدين بخاري جن جي احوالِ زندگيءَ بابت مؤرخين لکيو آهي ته پاڻ هڪ ڀيري حج ادا ڪرڻ ويا، اُتي بيت الله شريف ۾ رات جو ويٺا هئا ته کين هيءُ آواز ٻڌڻ ۾ آيو ته: ”اي جلال الدين بخاري، خدا تعاليٰ تنهنجي عبادت ۽ رياضت قبول ڪرڻ فرمائي ۽ توکي ”آدم ثاني“ جي لقب سان نوازيو ويو آهي، ۽ ٻيو حڪم کين مليو ته هاڻي پاڻ پنهنجي جدامجد حضرت مُحمّد صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي روضئه اطهر جي حاضري ڀرائي.

9) حيدر ثاني:

سيد جلال الدين بخاري جڏهن ڪعبة الله کان روضئه اطهر پهتا ته کين خواب ۾ حضرت مُحمّد مصطفيٰ صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن فرمايو ته: ”يا ولدي جلال بخاري تون حيدرثاني آهين.“

10) حيدري:

ڪن ڪتابن ۾ سيد جلال الدين کي حيدري لکيو ويو آهي، حيدري لقب، حضرت علي ڪرم الله وجہ سان نسبت ۽ تعلق ظاهر ڪري ٿو.

11) سرخپوش:

سيد جلال الدين بخاريرح جن حضرت امام حسين عليہ السلام جي شهادت جي نسبت ڪري ڳاڙها ڪپڙا پهريندا هئا، انڪري کين ”سرخپوش“ جي لقب سان گهڻو ياد ڪيو وڃي ٿو ۽ هن قسم جو صوفين جو حلقو ڳاڙهي پوشاڪ پهرڻ جي ڪري ”حسيني صوفي“ پڻ سڏجندا آهن. ان کان سواءِ حضور پاڪ صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن پڻ هڪ چمڪندڙ چنڊ جي روشنيءَ ۾ هڪ رات ڳاڙهي پوشاڪ پهري ويٺا هئا ته ڏسندڙ اصحابي سڳورو روايت ٿو ڪري ته مون ڏٺو ته حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن ڳاڙهي پوشاڪ ۾ ايترا ته حسين، جميل ۽ روشن نظر اچي رهيا هئا جو سندن حُسن مبارڪ جي سونهن ۽ روشني، چنڊ جي سونهن ۽ روشنيءَ کان وڌيڪ نظر اچي رهي هئي. ان لحاظ کان ڳاڙهي پوشاڪ به سفيد پوشاڪ وانگر سنتِ رسول الله صلي الله عليہ وآلہ وسلم آهي.

12)  نقوي:

حضرت سيد جلال الدين بخاري جن جو سلسلئه نسب جيئن ته ڏهين امام حضرت امام نقي عليہ السلام نائين واسطي سان وڃي ملي ٿو ان نسبت کي ظاهر ڪرڻ لاءِ کين ’نقوي‘
سڏيو ۽ لکيو وڃي ٿو.

13) اُچوي:

سيد جلال الدين بخاريءَ اُچ شريف کي پنهنجو مسڪن بنايو، انڪري کين ’اچوي‘ پڻ سڏيو وڃي ٿو.

حضرت سيد جلال الدين بخاري جن جي بخارا ۾ شادي:

حضرت سيد جلال الدين بخاري رحمة الله عليہ جن پهرين شادي بخارا جي هڪ نامور عالمِ دين حضرت سيد ابوالقاسم فقيه الحسن جي دخترنيڪ اختر صاحبزادي حضرت فاطمہ سڳوريءَ سان ٿي. جنهن مان کيس خدا پاڪ ٻه فرزند عطا ڪيا، جن مان هڪ جو نالو سيد جعفررح ۽ ٻئي جو نالو سيد عليرح.

حضرت جلال الدين بخاري جن جي ٻيءَ شادي متعلق ”مظهر جلالي“ ۾ لکيل آهي ته جڏهن سيد جلال الدين بخاري هلاڪو خان کي دعوت اسلام ڏني ته بادشاهه هلاڪو خان سخت غصي ۾ اچي چوڻ لڳو ته تون ڪير آهين، جو درويشي لباس ۾ بادشاهن کي پنهنجي دين جي دعوت ڏين ٿو؟ تنهن تي سيد جلال الدين بخاري جن فرمايو ته:

مخمِ فرزند ختم المرسلین ام

مخمِ دلبند امیر المؤمنین ام

مرا آ نمائے صاحب تمکین گوید

مراد کثر جلال الدین گویند۔

هلاڪو خان چيو ته جيڪڏهن تنهنجو جدامجد سيد المرسلين برحق پيغمبر آهي ته مان توکي آتش ۾ جلايان ٿو، اگر توتي باهه اثر نه ڪيو ته مان يقين ڪندس ته تنهنجو جدامجد (حضرت) مُحمّد (صلي الله عليہ وآلہ وسلم) جن جو دين اسلام برحق آهي، پاڻ فرمايائون ته:

ترارم باک زمین آتش کہ گفتہ

بخواھی دید چوں بستان شگفتہ۔

لکيو ويو آهي ته چاليهه قدمن تائين ڪاٺين کي باهه لڳائي وئي جڏهن باهه خوب جلڻ ۽ ٻرڻ لڳي ته هلاڪو خان چيو ته جيڪڏهن توهان صحيح سيد آهيو ته هن ڀڙڪندڙ باهه ۾ هليا وڃو. هلاڪو خان جي ائين چوڻ سان سيد جلال الدين بخاري بسم الله الرحمٰن الرحيم پڙهي، ان وڏي آتش ۾ هليو ويو ۽ هزارين ماڻهو ڏسڻ وارا هئا.

نگہبان آتش را فرودہ

خدا ہر شعلا و گل لالہ نمودہ

ہلاکو چونکہ آتش زکردہ

برائے حضرت، خدا گلزار گردہ

ہلاکو دیدہ حیرات ماندہ

بگلزار ولی قبر آن خواندہ

ہلاکو شد مسلمان زیں کرامات

شدہ چنگیز خان مز بدرجات۔

هلاڪو خان اهڙي ڪرامت ڏسي پنهنجن خاص ماڻهن سميت مسلمان ٿيو ۽ سندن مخلص مريد بنيو ۽ حضرت صاحب جن هلاڪو خان جو نالو چنگيز خان رکيو ۽ چنگيز خان پنهنجي دختر ”ڪنيز زينب“ سيد جلال سرخ بخاريءَ کي نڪاح ڪري ڏني، ليڪن ان مان کين ڪوبه اولاد ڪونه ٿيو. (ڪن ڪتابن ۾ چنگيز خان جي دختر سان شادي پهريان ڄاڻائي ويئي آهي جيڪا ڳالهه غلط آهي).

سيد جلال الدين جي ٻيءَ شادي متعلق ’مظهر جلالي‘ ۽ ’تاريخ اُچ‘ جي مصنف حفيظ الرحمٰن جيڪو احوال لکيو آهي، ان جي باري ۾ ’خطئه پاڪ اوچ‘ جي صفحي نمبر 210 تي چنگيز خان جو اسلام قبول ڪرڻ، سيد جلال بخاريءَ جي هٿ تي بيعت ڪرڻ ۽ سيد جلال بخاري سان چنگيز خان جي نياڻيءَ سان نڪاح ٿيڻ کي رد ڪندي ڄاڻايو آهي ته اهي ڳالهيون صحيح نه آهن ڇو ته چنگيز خان جو عهد سيد جلال بخاريءَ کان اڳ جو آهي ۽ ڪنهن به تاريخ ۾ چنگيز خان جي مسلمان ٿيڻ جو سراغ نٿو ملي ۽ چنگيز خان جي نياڻي سان سيد جلال بخاري سان نڪاح واري ڳالهه پڻ بي بنياد آهي، خطئه پاڪ اُوچ جي صفحي 204 تي چنگيز خان جو مسلمان ٿيڻ ۽ جهانگير نالو رکرائڻ به تاريخي اعتبار کان غلطي آهي، البت ڪن تذڪرن ۾ سيد جلال بخاري جن کي باهه ۾ وجهڻ جو حڪم (ڪنهن به حڪمران کان؟) صادر ڪرڻ جي روايت ملي ٿي.

شير شاهه سيد جلال الدين سرخپوش بخاري رحمة الله عليھ جي سنڌ ۾ آمد:

حضرت سيد جلال الدين بخاري جنهن وقت پنهنجي والد بزرگوار حضرت سيد علي ابوالمؤيد مدني وٽ پڙهندا هئا ته ان دوران حضرت غوث بهاؤالحق پنهنجي والد بزرگوار حضرت شيخ وجهه الدين جي وصيت مطابق، خراسان کان بعد حصول تعليم لاءِ بخارا پهتا، ۽ سيد ابوالمؤيد وٽ پڙهي دستار فضيلت حاصل ڪيائون. اهڙي طرح غوث بهاؤالحق ملتانيءَ جا هن سيد گهراڻي سان نهايت گهرا تعلقات ٿي ويا. حضرت سيد ابوالمؤيد مدني به هن پنهنجي عزيز شاگرد (غوث پاڪ) ۾ آثار ولايت ڏسي خود پاڻ غوث بهاؤالحق زڪريا ملتانيءَ کان تمام گهڻو متاثر ٿيا. ان گهري ظاهري ۽ باطني تعلق ڪري حضرت غوث پاڪ پنهنجي استاد مڪرم سيد علي ابوالمؤيد مدني جن کي ملتان اچڻ جي دعوت ڏيڻ فرمائي ۽ سيد ابوالمؤيد مدني جن وڏي عمر ۽ ضعيفائي جي ڪري فرمايائون ته آءٌ هلڻ جي قوت ڪونه ٿو رکان، باقي سيد جلال الدين بخاري توهان وٽ ايندا. ان قول مطابق، سيد جلال الدين بخاري جن هندستان جو سفر ڪيو، پاڻ بخارا مان ايران جي رستي کان اچي رهيا هئا ته کين قافلي جي هڪ ساٿيءَ اشرفين جي هڪ ٿيلهي بطور امانت سندن حوالي ڪئي، ۽ چيو ته هندستان پهچي پوءِ توهان کان آءٌ هيءَ ٿيلهي واپس وٺندس. اتفاق سان اها ٿيلهي چورن جي ور چڙهي وئي ۽ جڏهن قافلو، بکر (سکر) پهتو ته ٿيلهيءَ جي مالڪ سيد جلال بخاريءَ کان امانت طور ڏنل اشرفين جي ٿيلهيءَ جي گهُر ڪئي ۽ لب آب درياهه مان سيد جلال بخاري هٿ وجهي ٿيلهي ٻاهر ڪڍي مالڪ کي ڏني، ٿيلهيءَ جو مالڪ اها ڪرامت ڏسي، سيد جلال بخاريءَ جو سچو معتقد ۽ مريد ٿي پيو.

”انسان جلالي“ جي مصنف سيد صفي الدين نامي لکيو آهي ته سيد جلال الدين بخاري جي سفر هندستان جو سبب، سندن فرزندن: سيد علي ۽ سيد جعفر جيڪي کانئن اڳ هندستان آيل هئا، انهن سان ملڻ جو غرض هو.  ٽيون سبب ”انساب جلالي“ ۾ ئي ٻڌايو ويو آهي ته ان وقت ’بخارا‘ جي حاڪمن سان سيد جلال بخاري جا تعلقات بگڙجي ويا هئا، انڪري سفر هندستان اختيار ڪيائون. مجمع شاعري ”مسڪين نامو“ ۾ سيد شير شاهه جلال بخاريءَ جو هندستان ۾ اچڻ جو سال 632هه لکيو آهي. ماستر ويسومل جيوت رام پنهنجي M.A لاءِ لکيل ٿيسز ۾ ڄاڻائي ٿو ته: سلطان شمس الدين التمش جي حملي وقت سنڌ ۾ ناصرالدين قباچه حڪمران هو، جنهن جي گاديءَ جو هنڌ ”اُچ شريف“ هو، هن جي حڪومت 602هه کان 625هه تائين آهي. التمش سنه 633هه ۾ وفات ڪئي، ان وقت اُچ شريف ۽ ملتان سنڌ جي حدن ۾ هئا ۽ سنڌ جي گورنر جي سنڀال هيٺ هئا. انهيءَ وقت سيد جلال الدين بخاري هندستان ۾ آيا ۽ التمش کين چڱي عزت ڏني، هن مان چئي سگهجي ٿو ته پير سيد جلال بخاري 632هه ۾ هندستان آيا هوندا، ويسومل صاحب حاشيي ۾ ”تاريخ اُچ“ جي صفحي 25 تان نقل ڪري لکي ٿو ته: پير جلال، التمش جي پوٽي علاؤالدين جي ڏينهن ۾ بخارا کان ملتان پهتو ۽ 641هه ۾ اُچ شريف ۾ آيو. ليڪن تاريخ معصوميءَ واري لکيو آهي ته علاؤالدين 695هه ۾ تخت تي ويٺو هو. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته سيد جلال بخاري 632هه ۾ ئي هندستان آيو هوندو. ان وقت سيد جلال بخاريءَ جي عمر 37 سال هئي.

’خطئه پاڪ اوچ‘ جي مصنف مسعود حسن شهاب الدين پنهنجي تصنيف ۾ مٿين ڳالهه ويسومل جي جيڪا مختلف تاريخن تان ورتي آهي ته سيد جلال بخاري 632هه ۾ آيو يا التمش سندن وڏي مرحبا ڪئي، کي رد ڪندي لکي ٿو ته: سيد جلال سرخپوش بخاري 635هه ۾ پنهنجن ٻن صاحبزادن: سيد علي ۽ سيد جعفر سان گڏ بکر (سکر) پهتا ۽ سندن پهرين گهر واري سيده فاطمہ انتقال ڪري چڪي هئي. ليڪن ڪن محققن لکيو آهي ته حضرت شير شاهه جلال الدين سرخپوش بخاري جن سڀ کان پهريان ملتان پهتا جتي حضرت غوث بهاؤالدين ملتانيءَ سان مليا ۽ سندن مهمان ٿي رهيا، ان وقت هڪ ڏينهن گرمين جي موسم ۾ گرميءَ جي شدت جي ڪري حضرت سيد جلال بخاريءَ جن جي زبان مبارڪ مان هيءُ فقرو صادر ٿيو ته:

آہِ یخ بخارا   در چنیں حرارت از کجایا بم

يعني: ہن گرميءَ ۾ بخارا جي برف ڪٿان ملندي؟ ته ڪشف جي ذريعي سندن ارادو، حضرت غوث بهاؤالحق کي معلوم ٿي ويو ۽ جلدي پاڻ مسجد شريف ۾ آيا ۽ مسجد جي خادم کي مسجد جي ٻهارڻ ۽ صاف ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنو، خادم نکون وغيره ويڙهي صحن کي ٻُهاري ڏئي صفائي ڪري بس ڪئي ته يڪدم صاف آسمان مان ڪڪر نمودار ٿيو ۽ خوب بارش پئي ۽ ڳڙا پڻ پيا، جڏهن ته مسجد کان ٻاهر نه بارش پئي ۽ نه ڳڙا وسيا. حضرت غوث بهاؤالحق جن حضرت سيد جلال بخاريءَ کي مشڪندي فرمايو ته: ”چئو سيد صاحب ڳڙا، ملتان جا بهتر آهن يا برف، بخارا جي بهتر آهي؟“ حضرت سيد جلال بخاري جن فرمايو ته: ”هن صورت ۾ ڳڙا ملتان جا سؤ سيڪڙو وڌيڪ بهتر آهن، بخارا جي برف کان.“ (تذڪره اوليائي پاڪ و هند، از: ڊاڪٽر مظهرالحسن)

حضرت جلال الدين بخاريرح جي سنڌ ۾ شادي:

حضرت جلال الدين بخاريرح جن جڏهن ملتان مان ٿي بکر پهتا ته ”تذڪره خاندان مخدوم جهانيان“ تحرير رفيعي رسول بخش گچيرائيءَ مطابق، ايران کان هندستان طرف سفر دوران جنهن شخص اشرفين جي ٿيلهي سيد جلال بخاريءَ کي ڏني هئي ۽ پوءِ هندستان (سنڌ) ۾ پهچڻ بعد کانئن اها ٿيلهي واپس وٺڻ لاءِ عرض ڪيو هو، اُهي ملتان مان جڏهن سکر پهتا ته کانئن ٿيلهي جي گهُر ڪئي ۽ سيد جلال بخاري پنهنجو هٿ درياهه ۾ وجهي اها اشرفين جي ٿيلهي ڪڍي ٿيلهي جي مالڪ کي ڏني هئي، جيڪا سفر دوران چوري ٿي وئي هئي. جڏهن سيد بدرالدين بکريءَ ٻڌو ته کين حضرت جلال الدين بخاريءَ سان ملڻ جو اشتياق پيدا ٿيو ۽ اچي خدمت ۾ حاضر ٿيا ۽ پهرين ملاقات سان ئي سندن قلبي لاڳاپو ٿي ويو، ان ملاقات بعد سيد بدرالدين پنهنجي نياڻي بيبي زهره سيد جلال الدين سرخپوش بخاريءَ کي نڪاح ڪري ڏني، جنهن مان کين حضرت سيد محمد غوث ۽ حضرت سيد بهاؤالدين پيدا ٿيا، ڪن جو چوڻ آهي ته حضرت بيبي زهره مان سيد جلال بخاريءَ کي صرف هڪ فرزند سيد محمد غوثرح پيدا ٿيو، هن لکيو آهي ته:

ليڪن ”ملفوظات مخدوم“ ۾ آهي ته سيد جلال سرخپوش بخاريرح جن کي اُچ شريف ۾ سيد بدرالدين جي ٻنهي نياڻين مان ٽي فرزند پيدا ٿيا ۽ بخارا ۾ کين ٻه فرزند پيدا ٿيا هئا.

”خزينة الاصفيا“ جي مصنف پنجن ئي فرزندن جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته:

یں پنج فرزند چوں پنج بنياد اسلام

در ولایت و شرافت و خوارق اشتہار دانشمند"

هي پنج فرزند جي اسلام جي پنجن بنيادي رڪنن (ارڪان الاسلام) جي طرح هئا، پنج ئي ولايت، شرافت ۽ خوارق ۽ ڪرامات ۾ شهرت رکندا هئا. انهن پنجن مان ٽي فرزند حضرت جلال الدين سرخپوش بخاريءَ کي حضرت سيد بدرالدين بکريرح جي نياڻين مان جيڪي پيدا ٿيا، اُهي هي آهن: (1) حضرت سيد محمد غوثرح، (2) سيد بهاؤالدينرح ۽ (3) سيد احمد ڪبيررح.

”اخبار الاخيار“ ۾ حضرت شاهه عبدالحق محدث دهلويءَ سيد بدرالدين جي نياڻين سان ٿيل نڪاح متعلق لکيو آهي ته:

"گویند کہ درخواب از جانب رسالت مآب صلی اللہ علیہ وآلہ وسلم مبشر شد تزویج صغیرہ سید بدرالدین (جلال الدین) و سید بدرالدین نیز بہ ایں دولت بشارت یافتہ جگر گوش خود  را بہ  دے عقد تزویج بست و ازاں جا بہ جہت حسد و نزاع؟"

يعني: ان نڪاح جي بشارت حضرت مُحمّد صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي دربار مان کين ملي هئي، ۽ خواب ۾ ان بشارت سان بدرالدين کي به نوازيو ويو هو، ۽ پوءِ عزيزن ۽ قريبن جي حسد جي ڪري حضرت جلال الدين بخاري بکر کان اُچ شريف روانا ٿيا ۽ اُتي ئي سڪونت اختيار ڪيائون.

بکر شهر ۽ سيد بدرالدين جي خاندان جي باري ۾ چند ڳالهيون:

’خطئه پاڪ‘ جي مصنف لکيو آهي ته سيد بدرالدين جي جدامجد سيد مُحمد شجّاع مڪي کان بکر آيو ته سندس زبان مان هي الفاظ نڪتا ته: ”جعل الله بکر تي في البقعد المبارڪ يعني: الله بابرڪت مقام تي منهنجو صبوح ڪيو. عربيءَ ۾ ’بکرة‘ صبح يا پره ڦُٽيءَ کي چئبو آهي، اهڙي طرح ان جاءِ تي ’بکر‘ نالو پئجي ويو.“ هڪ ٻي روايت: جڏهن سيد محمد مڪي بن شجاع مڪي کان بکر پهتو ته پاڻ هڪ ڳئون ذبح ڪيائون عربيءَ ۾ ڳئون کي ”بقرة“ چئبو آهي انڪري ان بقره پويان ان مقام جو نالو ’بقر‘ پوءِ ’بکر‘ سڏجڻ ۾ آيو.

حضرت شجاع جن حضرت شيخ شهاب الدين سهروردي جا مريد هئا. حضرت شيخ شهاب الدين کين پنهنجي نياڻي نڪاح ۾ ڏني، جنهن مان حضرت سيد محمد مڪي پيدا ٿيا. تاريخ ۾ اچي ٿو ته سيد بدرالدين بکري ۽ اُچ جا بخاري سادات ٻئي نقوي آهن. هنن جو سلسلئه نسب، امام نقيءَ سان هن طرح ملي ٿو:

سيد جلال الدين بن سيد علي مدني بن سيد احمد بن عبدالله بن علي اصغر بن جعفر (ثاني) بن امام نقي عليہ السلام سيد بدرالدين بن سيد محمد مڪي بن شجاع بن ابراهيم بن امير قاسم بن ابوالمڪارم بن حمزه بن هارون بن عقيل بن سيد اسماعيل بن علي اصغر بن جعفر (ثاني) بن سيد امام نقي عليہ السلام. (ڪجهه ليکڪن سيد بدرالدين کي سيد صدرالدين جو فرزند ڄاڻايو آهي. ميمڻ عبدالمجيد سنڌي پڻ پنهنجي مقالي ”سنڌ جا سهروردي بزرگ“ ۾ بدرالدين بن شاهه صدرالدين لکيو آهي).

ٻنهي خاندانن جو نسب، سيد علي اصغر بن جعفر (ثاني) بن امام نقي سان وڃي ملي ٿو. جيئن مٿي ڄاڻايو ويو آهي ته حضرت عبدالله بن علي اصغر بن جعفر بن امام نقي.

حضرت اسماعيل بن علي اصغر بن جعفر بن امام نقي يعني حضرت سيد جلال الدين بخاري جن حضرت عبدالله بن علي اصغر جي اولاد مان آهن ۽ حضرت بدرالدين بکري جن حضرت اسماعيل بن علي اصغر جي اولاد مان آهن، ۽ اهڙي طرح ٻئي خاندان نقوي آهن، يعني امام نقي عليہ السلام جو اولاد آهن.

”آبِ ڪوثر“ جي مصنف لکيو آهي ته: سڀ کان پهريان جنهن سهروردي بزرگ اُچ شريف ۾ پنهنجا قدم مبارڪ رکيا، سو حضرت سيد جلال الدين سرخپوش بخاري جن هئا، حضرت صاحب جن 1244ع ۾ بکر کان اُچ شريف ۾ آيا ۽ اچي ”محله بخاريه“ جو بنياد رکي هميشه لاءِ سڪونت پذير ٿيا. ان زماني ۾ اُچ شريف کي ”ديوڳڙهه“ چوندا هئا ۽ هتي هندن جي اڪثريت هئي ۽ هتي حضرت جلال بخاري جي اچڻ سان اسلام کي رونق بخشي وئي. ان وقت جي راجا جيتوڻيڪ حضرت جلال بخاري جن جي سخت مخالفت ڪئي، ليڪن بالآخر ان راجا کي پنهنجي رياست تان هٿ ڌوئڻا پئجي ويا ۽ اُچ شريف، اشاعت اسلام جو هڪ وڏو مرڪز بنجي ويو. حضرت سرخپوش بخاري اُچ شريف ۾ ”خانقاهه بخاريه“ جو بنياد رکيو. ان خانقاهه ۾ علمي ۽ روحاني استفاده ڪئين ماڻهو حاصل ڪندا رهيا ۽ ان ديو ڳڙهه تي ”اُچ شريف“ جو نالو پئجي ويو ۽ اڄ به ”اُچ جهانيان بخاريه“ جي نالي سان ان کي ياد ڪيو وڃي ٿو.

”خطئه پاڪ اُوچ“ جي مصنف لکيو آهي ته: سيد جلال الدين بخاري ۽ سيد بدرالدين بکري گڏجي اُچ شريف اچي رهيا هئا ته ”مئو“ (مئو هڪ قديم ڳوٺ آهي، ان جو ذڪر راءِ جي خاندان دورِ حڪومت ۾ ملي ٿو). هن ڳوٺ ۾ سندن ملاقات سلطان محمد تغلق سان ٿي جو ٺٽي جي مهم تي وڃي رهيو هو، سلطان محمد تغلق جن حضرت غوث بهاؤالحق زڪريا ملتاني جن کان حضرت سيد جلال الدين سرخپوش بخاري جن جي اوصاف و ڪمالات جو ذڪر اڳ ئي ٻڌي چڪو هو، انڪري سلطان محمد تغلق حضرت جلال سرخپوش بخاري جن کي ڏهه ڳوٺ بطور نظر جاگير عطا ڪيا هئا.

حضرت جلال الدين سرخپوش بخاري رحمة الله عليہ جن جڏهن ”مئو“ کان اُچ شريف جي قريب پهتا ته حضرت شيخ جمال الدين خندان رو سندن آجيان لاءِ اڳتي وڌي آيا ۽ کين اُچ شريف ۾ وٺا آيا. ان وقت اُچ شريف ۾ هڪ شخص جي گهر ۾ ڪو نانگ يا بلا يا ڪا آفت هئي. حضرت جلال الدين بخاري کي اُتي رهايو ويو، ته سندن قيام جي برڪت سان اها آفت، بلا يا نانگ الله تعاليٰ جي مهرباني سان ختم ٿي ويو. هيءَ ڪرامت ڏسي سارو شهر سندن معتقد ٿي ويو.

حضرت جمال الدين خندان رو جيڪو حضرت جلال الدين بخاري کي اُچ شريف ۾ وٺي آيا سو به هڪ عظيم بزرگ، نهايت اصحاب ڪمال ۽ ارباب علم و فضل مان هئا. ”مراة المناب“ ۾ آهي ته حضرت زڪريا ملتاني رحمة الله عليہ جن جڏهن اُچ شريف ۾ آيا ته سندن نظر جڏهن هڪ نوجوان جي پيشانيءَ تي پئي ته ان ۾ کين آثار سعادت جي ڀرپور جهلڪ نظر آئي ۽ ان جي حق ۾ دعا فرمايائون. حضرت غوث بهاؤالدين زڪريا ملتاني رحمة الله عليہ جن پنهنجي عمر جي آخري حصي ۾ يا پنهنجي انتقال کان ڪجهه اڳ پنهنجي صاحبزادي حضرت شيخ صدرالدين عارف کي فرمايائون ته:

”اي صدرالدين پٽ جڏهن تو وٽ جمال الدين خندان رو پهچي ته ان کي وڏي عزت ۽ احترام سان هڪ حُجري ۾ ٽن ڏينهن تائين تلاوت قرآن ۾ مشغول رکجانءِ ته جيئن ان جو عشق ۽ مستي ڪنهن حد تائين سُڪون ۾ اچي ته جيئن هو شعور سان آداب صحبت بجا آڻڻ جي قابل ٿي سگهي. ان کان پوءِ کين (يعني حضرت جمال الدين خندان رو کي) حضرت شيخ شهاب الدين سهروردي جن جي ”خرقه مبارڪ“ کان سواءِ جو ڪجهه تو وٽ هجي، ان جو نصف (اڌ) ان جي سپرد ڪري ڇڏجانءِ.“

جڏهن حضرت جمال الدين خندان رو، حضرت غوث بهاؤالدين زڪريا ملتاني رحمة الله عليہ جن جي وفات بعد، حضرت شيخ صدرالدين عارف جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ته حضرت شيخ صدرالدين عارف هن نامور عالم کي پنهنجي والد بزرگوار جي ڪيل وصيت مطابق کين حضرت شيخ شهاب الدين سهروردي جو ”خرقه خلافت“ سان گڏوگڏ تمام تبرڪات مان به حصي مطابق (يعني اڌو اڌ) عطا ڪيائون.

حضرت جمال الدين خندان رو، رسول الله صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي مشهور اصحابي حضرت ابوهريره رضي الله عنہ جن جي اولاد مان هو. سندن جدامجد اُچ شريف ۾ آيو جو سيد احمد ڪبير رفاعي جو مريد ۽ خليفو هو. سندن وصال پٽن (نهه واله) گجرات ۾ ٿيو.

حضرت جلال الدين بخاري جن اُچ ۾ اچڻ کان اڳ، اُچ شريف ۾ ٻه خانقاهون مشهور هيون، انهن مان هڪ گازرونيه جي هئي ۽ ٻي حضرت جمال الدين خندان رو جن جي خانقاه ”خانقاه جماليه“. جڏهن ته ”خانقاه گازرونيه“ ۽ حضرت سيد صفي الدين گازروني جي هئي، هڪ عام روايت مطابق سيد صفي الدين گازروني چوٿين صدي هجريءَ ۾ اُچ شريف جي مقام وٽ آيو هو.

”آبِ ڪوثر“ جي مصنف- ”اخبار الاخيار“ جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته: ’اخبار الاخيار‘ ۾ شيخ عبدالحق محدث دهلوي لکي ٿو ته اُچ شريف جو بنياد، شيخ صفي الدين گازرونيءَ رکيو هو. (گازروني 962ع ۾ تولد ٿيا ۽ 1007ع ۾ وفات ڪيائون).

حضرت شير شاهه جلال الدين بخاري جو اولاد:

هن کان اڳ مٿي اچي چڪو آهي ته شير شاهه جلال بخاريءَ کي پنج فرزند هئا، اهي هئا:

(1) سيد علي، (2) سيد جعفر، (3) سيد محمد غوث، (4) سيد بهاؤالدين ۽ (5) سيد احمد ڪبير.

ڪن تاريخن ۾ اچي ٿو ته شير شاهه جلال بخاري جا ٻه فرزند: سيد علي ۽ سيد جعفر پنهنجي والد سان گڏ هندستان آيا هئا، ليڪن پوءِ واپس ’بخارا‘ هليا ويا. ليڪن نواب صديق حسن خان ”الفرع النامي“ جي صفحي 40هين تي لکيو آهي ته شير شاهه جلال بخاري جو وڏو فرزند سيد علي پنهنجي والد بزرگوار سان سنڌ ۾ ئي رهيو هو.

ڪن تاريخن ۾ لکيل آهي ته قلندر شهباز جي طلب تي شير شاهه جلال بخاري پنهنجو فرزند سيد علي سرمست سندس حوالي ڪيو هو، جنهن جي پرورش ۽ تربيت قلندر شهباز ئي ڪئي هئي ۽ قلندر شهباز جن سيد علي سرمست کي ڪيڏانهن به ويندا هئا ته پاڻ سان گڏ وٺي ويندا هئا.

”سوانح حيات قلندر شهباز“ جو مصنف صفحي 73 تي لکي ٿو ته:

”سيد شبير شاهه جلال، قلندر شهباز کي پنهنجو فرزند سيد علي سرمست قلندر شهباز جي طلب تي ئي کيس ڏنو هو، جنهن جي پالنا، تعليم ۽ تربيت، قلندر شهباز پاڻ ئي ڪئي هئي ۽ هميشه کيس پاڻ سان گڏ کڻندا هئا ۽ پنهنجي جاءِ نشيني به سيد عليءَ کي ڏنائين، کيس پنهنجي تدفين جي جاءِ به ڏسيائين ۽ ان بعد ياد الٰهيءَ ۾ مراقبو ڪري ويٺا ته ڪجهه دير بعد ڏٺائون ته قلندر شهباز جن وصال ڪري ويا. قلندر شهباز سيد علي سرمست کي طالب ڪرڻ جي به اجازت ڏني هئي ۽ سندن آخري عمر ۾ ئي اڪثر ڪري سيد علي سرمست جن ئي فيض حيدري ونڊيندا هئا.“

جيئن هڪ انگريزي ڪتاب جيڪو شهنشاهه قلندر ئي لکيل آهي، جنهن جا شروعاتي ڪافي صفحا ضايع ٿي ويل آهن (شايد سيد ڏنل شاهه جو لکيل آهي)، ان جي صفحي 131 تي لکيل آهي ته:

        The first and foremost important associate of our shahanshah who merits our special reference is sayed Ali sarmast as already observed. He was not only known as his vazir  (وزير) during his life time but became his spiritual successor or “Sajjadah-Nashin” or “Masnad-e-Nasheen”

قوّي انديشو آهي ته مٿين لکت مطابق، سيد علي سرمست اهوئي آهي جيڪو شير شاهه جلال بخاريرح، قلندر شهبازرح کي ڏنو هو، جنهن جي تصديق مٿئين بيان مان ٿئي ٿي، جيڪو ”الفرع النامي“ جي مصنف مطابق سيد علي واپس بخارا نه ويو هو، بلڪ پنهنجي والد بزرگوار شير شاهه سان گڏ سنڌ ۾ ئي رهيو هو. هڪ ڀيري سيد مقصود علي شاهه جهانيان سجاده نشين درگاهه مخدوم حسن جهانيان شاهپور جن پڻ فرمايو هو ته: قلندر جا وارث اسين ئي آهيون.

سيد احمد ڪبير بن سيد جلال الدين بخاري:

سيد احمد ڪبير بن حضرت شير شاهه سيد جلال الدين سرخپوش بخاري جن ڄمندي ڄام هئا، جڏهن سندن ولادت ٿي ته پنهنجي ماءُ جي ٿڃ نه پيتائون، ان تي سندن ماءُ حضرت سيد جلال الدين سرخپوش بخاري جن کي عرض ڪيو ته: سرتاج! ٻار شير مادر نوش نه ٿو ڪري، ته سيد جلال بخاري فرمايو ته: ان ٻار کي مون ڏي کڻي اچو. پوءِ دائي ٻار کي سندن آڏو کڻي آئي ته حضرت صاحب جن ان کي بسم الله الرحمٰن الرحيم پڙهي کنيو ۽ پنهنجي زبان مبارڪ سندن منهن (وات) ۾ ڏني ته ٻار زبان کي ڌائڻ ۽ چوسڻ لڳو. ان بعد هن ننڍڙي احمد ڪبير پنهنجي والده ماجده جي ٿڃ ورتي ۽ کير پيتو. مٿان جڏهن ماه رمضان المبارڪ آيو ته پاڻ ڏينهن جو ماءُ جي ٿڃ پيئڻ ڇڏي ڏني، جڏهن پاڻ سمجهه لائق ٿيا ته پنهنجي والد بزرگوار وٽ تعليم وٺڻ شروع ڪيائون ۽ نهايت ڪمال جي ڳالهه آهي جو ستن، اٺن سالن جي عمر مبارڪ ۾ نه صرف ظاهري علمن ۾ عبور حاصل ڪيائون، بلڪه باطني علوم جي پڻ تڪميل ڪيائون. پاڻ پنهنجي والد بزرگوار جن وٽ ئي دستِ بيعت ٿيا ۽ سندن مريد ۽ خليفه اعظم بنيا. ان کان سواءِ خانواده (حسينيه بخاريه) ۾ پنهنجي والد ماجد قدس سره کان ۽ خانواده سهرورديه ۾ به پنهنجي والد صاحب سميت حضرت شيخ صدرالدين عارف ملتانيءَ کان خلافت ۽ اجازت حاصل ڪئي. سندن فرزند مخدوم جهانيان فرمائين ٿا ته منهنجا والد صاحب (احمد ڪبير) خوف الٰهي جي سبب بستري تي ڪين سمهندا هئا ته متان غفلت جي ننڊ اچي وڃي. سرديءَ جي موسم هجي يا گرميءَ جي هجي، صرف هڪ چادر ويڙهيندا هئا. قرآن پاڪ جا روزانو ٻه ختما شريف پڙهندا هئا، هڪ ڏينهن جو ۽ ٻيو رات جو.

جڏهن نماز پڙهندا هئا يا قرآن پاڪ جي تلاوت ڪندا هئا ته مٿن رِقت طاري ٿي ويندي هئي ۽ اهڙي طرح روئندا هئا جو محسوس ٿيندو هو ته سندن سيني مبارڪ مان نعرا بلند ٿي رهيا آهن، قرآن مجيد سان وڏو شغف رکندا هئا. هميشه عشق الٰهي ۾ سرشار رهندا هئا، جڏهن مصلي تي نماز لاءِ بيهندا هئا ته زارو قطار روئندا رهندا هئا.

حضرت صدرالدين عارف جا خليفا ۽ سلسلئه سهرورديه جي نامور بزرگ شيخ جمال خندان رو اوچي، حضرت احمد ڪبير جي حفاظت ۽ رعائيت فرمائيندا هئا ته هڪ موقعي تي شيخ جمال خندان رو فرمايو ته جڏهن مون کي حضرت جلال بخاري فرمايو هو ته منهنجو فرزند احمد ڪبير وڏو باشوق ۽ عشق الٰهي ۾ سرشار ٿيندو ۽ تون ان جي حفاظت ڪجانءِ ۽ لهٰذا مان گهڻو خيال رکندو هوس، ابتدا ۾ احمد ڪبير حضرت جمال خندان رو جو ڪجهه وڌيڪ خيال نه رکندو هو، هڪ ڀيري حضرت رڪن الدين ابوالفتح جن حضرت مخدوم جي ذريعي پيغام موڪليو ته احمد ڪبير جلدي حضرت جمال خندان رو جي خدمت ۾ پهتو ۽ قدم بوسي ڪئي ۽ وري ڪڏهن به آئنده اعتنائي جو اظهار نه ڪيو.

ان زماني ۾ اُچ شريف ۾ ٽي خانقاهون هيون: (1) خانقاه شيخ جمال خندان رو، (2) گازروني جي خانقاه، (3) احمد ڪبير سهروردي جي خانقاه. حضرت احمد ڪبير جي خانقاه ۾ پري، ويجهي جا ڪيئي مهمان، مسافر، مشائخ ۽ سياح اچي مقيم ٿيندا هئا. حضرت احمد ڪبير جو اُچ شريف ۾ انتقال ٿيو. حضرت مخدوم جهانيان انتقال جي ڪيفيت جي متعلق فرمائي ٿو ته:

”جنهن رات منهنجي والد ماجد جو انتقال ٿيو، مان ان رات موجود هئس، ان رات هو عشاء جي نماز وقت مستحب ۾ نه پڙهي سگهيو، جڏهن آڌي رات ٿي ته پاڻ مون کي گهرايائون، وضوع ڪيائون، نماز عشاء ادا ڪيائون ۽ قبلي جي طرف منهن ڪري سُتا ته سندن روح پرواز ڪري ويو.“

حضرت سيد احمد ڪبير جي طبعيت جي اڪثر جذبه ۽ مستي جو غلبو طاري رهندو هو ۽ جيڪڏهن حضرت جمال خندان رو سندن نگهباني نه فرمائين ها ته پاڻ (احمد ڪبير) مجذوب ٿي وڃن ٿا.

حضرت احمد ڪبير جا ڪيترائي مريد هئا، سندن خليفن ۾ شيخ جلال مجرد سلهٽي خاص طور تي مشهور هو، جنهن بنگال ۽ سلهٽ ۾ اسلام جي شمع روشن ڪئي، هيءَ ڳالهه به مشهور آهي ته شيخ جلال مجرد سهلٽي، حضرت احمد ڪبير جو ڀاڻيجو هو ۽ حضرت مخدوم جهانيان به سندن وڏا خليفا هئا.

حضرت سيد احمد ڪبير کي ٻه فرزند هئا: (1) سيد صدرالدين راڄو قتال، هن جو اولاد ضلعي بهاولپور ۽ سرهند ۾ آهي، (2) حضرت مخدوم جلال الدين جهانيه جهان گشت رحمة الله عليہ.

هندستان جا مشهور چار يار:

حضرت سيد جلال سرخپوش بخاري جن جي زماني ۾ ٻيا به ٽي عظيم همعصر بزرگ، هندستان ۾ رهندا هئا، جن ۾: (1) شيخ بهاؤالحق ملتاني رحمة الله عليہ جيڪو 578هه/1182ع ۾ ڄائو هو، ۽ 7 صفر سنه 666هه ۾ 88 ورهين جي عمر ۾ وفات ڪيائين، جڏهن ته ’سفينة الاولياء‘ سنه ولادت 565هه لکيل آهي، (2) شيخ فريدالدين شڪر گنج پاڪ پٽن وارو، هن جي ولادت 584هه ۾ ٿي (سير الاولياء 569هه ڏيکاريل آهي)، سندس وفات 677هه ۾ 93 سالن جي عمر ۾ ٿي (سفينة الاولياء ۾ 5 محرم سنه 664هه ڏيکاريل آهي)، (3) سيد عثمان مروندي قلندر شهباز بن سيد احمد ڪبير جو سنه 662هه ۾ مروند کان محمد غياث الدين بادشاهه جي عرض ڪرڻ تي ملتان ۾ آيو هو، قلندر شهباز 21- شعبان سنه 673هه ۾ سيوهڻ ۾ وفات ڪئي، هي چارئي يار گڏجي سفر ڪندا هئا.

مٿي ذڪر ڪيل انگريزي ڪتاب مطابق قلندر جا همعصر دوست:

The detail account and names of his contemporaries:

Among his close companions and associates the name of Sayed Ali sarmast is first. He is popular known as his vazir.

The other famous spiritual leaders who joined his company were:

1.       Ghous Baha-ul-Haque Zakria Multani.

2.      Khuwaja Farid-u-ddin Ganj-e-Shakr of Pak Patan.

3.      Sayed Jalal-u-ddin Bukhari of uch .

They were all known as four friends of Hind-us-tan.

يڪ ٿنڀي- چو ٿنڀي:

’سوانح حيات قلندر‘ جي صفحي 83 کان 85 تي آهي ته: يڪٿنڀي هڪ غار آهي، جنهن ۾ شهنشاهه قلندر عبادت ڪندو هو ۽ چِلا ڪڍندو هو، جا سيوهڻ شهر جي ڏکڻ پاسي اسٽيشن کان ٿوري مفاصلي تي موجود آهي. ان کي يڪ ٿنڀي يا چو ٿنڀي ۽ قلندر جو تخت به چوندا آهن، اتي هي چار يار، (زڪريا ملتاني، جلال بخاري، قلندر شهباز ۽ فريد شڪر گنج) ڪچهريون ڪندا هئا، ان غار ۾ وچ تي هڪ ٿنڀو بيٺل آهي، ان جي اندر هڪ چوقبلي روءِ محراب جي صورت ۾ آهي، جتي چون ٿا ته قلندر شهباز عبادت ڪندا هئا، ساڳِي ديوار ۾ ٻه اونها ٻيا ٻه غار به آهن، جن مان چون ٿا ته قلندر شهباز ۽ ٻيا مطلب چارئي يار مديني شريف ۽ ڪربلا معليٰ ايندا ويندا هئا. ان جبل جي مٿان اٺاس ۾ هڪ ٿَلهو آهي، جنهن کي تخت قلندر سڏين ٿا. انهيءَ تخت جي چئن ڪنڊن تي چار ننڍا منارا آهن، انڪري ان آستاني کي چوٿنڀي به چوندا آهن، هتي حضرت علي ڪرم الله وجہ جي دلدل جا قدم مبارڪ پڻ آٻُڌايا وڃن ٿا.

’تحفة الڪرام‘ ۾ لکيل آهي ته: هڪٿنڀي هڪ جاءِ آهي جا جبل ۾ هڪ وڏو صفحو هڪ ٿنڀ تي بيٺل آهي، ماڻهن جي عقيدي مطابق هڪ قدرتي ٺهيل آهي، هتي ماڻهو سير سفر ۽ صفائيءَ تي ايندا آهن، ان جي ڇت تي چڙهي ماڻهو نظارو ڏسندا آهن، چون ٿا ته مٿين چئن يارن اتي ويهي مڪاشفا ڪيا، هي هڪ ناليرو مقام ۽ سڳورو مڪان آهي.

مٿي ذڪر ڪيل انگريزي ڪتاب جي مصنف لکيو آهي ته:

Chauthanbhi: (Four pillars) This is an abode to the south west of sehwan, where the shahanshah is said to have line in and prayed for a conservable time. It is a small cave on a small hillock. The prayer carpet on the hard stone on which the sain prayed is still maintained. It is known in popu parlance as (تخت قلندر شهباز), i. e the Throne of Qalandar. It is further related that, Sayed Shah Jalal (Bukhari) and Baba Farid-u-ddin used to visit their leader in this cave. There is one stone pillar in the centre of the cave and hence the name “Yak Thanbhi”. The throne is a smart plat from over the cave with pillers on the four corners and a flag just above the cave (Page 2).

صفحي 173 تي مصنف لکي ٿو ته:

Yak Thanbhi: on a small hillock to the south-west near the railway station of sehwan is the cave in which the Qalanadar offered prayers and prayed often. Above it can be seen four small pillars. It was a meeting place and platform for exchange of spiritual views and ideas by the four companions viz: 1. Qalandar Lal Shahbaz, 2. Baha-u-ddin Zakria Multani, 3. Farid-u-ddin Shakar Ganj, and 4. Sayed Shah Jalal Bukhari.

It is obvious that shaikh Farid-u-ddin whose holy remains are buried “Pak-Patan” in Panjab has clearly refered to his visit to sehwan in his famouse book “Rahatul- Qulub” (راحت القلوب)

حضرت جلال الدين سرخپوش بخاري 19- جمادي الاوّل 690هه/1291ع تي وفات ڪري ويا، سندن سنه وفات ”مخدوم“ مان حاصل ٿئي ٿو، کين موجوده اُچ شريف کان 6 ڪوس پري چناب رسول پور ۾ دفن ڪيو ويو. پر سيلاب جي ڪري سندن خاڪ مبارڪ کي سيونگ ٻيلا ۾ دفن ڪيو ويو، ليڪن اُتي به سيلاب تنگ ڪيو ۽ اُتان به سندن خاڪ مبارڪ کي صدرالدين راجو قتال جي مزار سان گڏ دفن ڪيو ويو، هي سنه 837هه/1424ع هو. ان کان پوءِ 1026هه/1617ع ڌاري سندن جسد مبارڪ کي چوٿون ڀيرو موجوده جاءِ تي دفن ڪيو ويو.

موجوده مقبرو سنه 1261هه/1845ع ۾ نواب بهاول خان (ثالث) نهايت پائدار نموني ٺهرايو ۽ 1300هه ۾ نواب صادق محمد خان (رابع) ان جي تمام سُٺي مرمت ڪرائي. مقبري جي دروازي تي هيءَ رباعي لکيل آهي:

یا رب برسالت رسول الثقلین

یا رب بغزا کنندہ بدرد حنین

عصیان مراد و حصہ کن در عرصات

نمے بہ حسن بخش و نمے حسین۔

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org