تنوير عباسي
شاهه لطيف جي شاعريءَ جو
سياسي ۽ تاريخي پس منظر
جر ٿر تک تنوار، وڻ ٽڻ وائي هيڪڙي،
سڀوئي سي ٿيا، سوريءَ سزاوار،
هم منصور هزار، ڪهڙا چاڙهئو چاڙهئين.
مون شاهه لطيف جو هيءُ شعر ان ڪري چونڊيو جو شاهه لطيف جي
شاعريءَ ۾ اسم خاص (Proper Nouns)
تمام گهٽ ملندا، سواءِ نيم تاريخي داستانن جي
ڪردارن جي. اهڙا تمام گهٽ ماڻهو آهن، جن کي شاهه
لطيف ان لائق سمجهيو آهي جو انهن جو نالو کڻي،
جيئن ابڙو آهي، جکرو آهي، لاکو آهي، پر شاهه لطيف
انهن سڀني نالن مان ڪنهن کي به اهڙي اهميت نه ڏني
آهي، جو اهي وڻ ٽڻ جي وائي ٿي وڃن ۽ جر ٿر تائين
انهن جي تک تنوار پهچي. اهو ڇا جي ڪري؟ اهو ان
ڪري جو منصور جي شخصيت ئي اهڙي آهي. حسين بن منصور
الحاج، جنهن اناالحق جو نعرو هنيو ۽ پنهنجو سر
صديقي ڪيو. تڏهن شاهه لطيف ٿو چئي ته، اهو منصور
هڪڙو نه هو، جيڪو سوريءَ تي چڙهيو. هزارين منصور
آهن، جر تڙ ۾ اهي آهن. وڻ ٽڻ ۾ انهن جي وائي آهي،
اها ئي اناالحق جي وائي. تون انهن مان گهڻا ڦاهي
تي چاڙهي گهڻا چاڙهيندين.
ته دوستو! شاهه لطيف کي ڇا به چيو وڃي، گهڻا اختلاف آهن، هن جي
شخصيت تي، هن جي خيالن ۽ نظرين جي باري ۾، پر هڪ
ڳالهه تي سڀ متفق آهن. اها هيءَ ته شاهه لطيف صوفي
هو، وحدت الوجودي هو.
هاڻي اچو ته ڏسون ته تصوف جي اها جيڪا وحدت الوجودي شاخ آهي،
اها هند ۽ سنڌ ۾ ڪيئن آئي،ان جا ڪهڙا سياسي، سماجي
۽ تاريخي سبب هئا، ان جو ڪهڙو ضرور هو.
وحدت الوجود جو مطلب آهي وجودن (هئڻ) جي هيڪڙائي
Unity of Existances
پرين سڀ ۾ آهي، خدا هن ڪائنات کان ٻاهر ۽ الڳ نه
آهي، جيڪي فلسفي جا شاگرد آهن، انهن کي خبر هوندي
ته فلسفي ۾ ٻه اسڪول
Dualism
۽
Monoismآهن.
مونو ازم موجب ڪائنات ۽ خدا ٻئي هڪ آهن. خدا
ڪائنات کان ٻاهر ڪونهي ۽ ڊيوئلزم جو مطلب آهي ته
خدا ۽ ڪائنات ٻه الڳ الڳ شيون آهن، ٻنهي جو وجود
هڪ ٻئي کان ڌار آهي.
ته اهو تصور جيڪو مونو ازم آهي، جنهن کي وحدت الوجود ٿو چئجي.
ان ۾ خدا جو وجود هن ڪائنات کان ٻاهر آهي ئي ڪو
نه. اها ذري گهٽ وڃي مٽيريلزم ٿي. ته هن مئٽر ۾
ئي خدا سمايل آهي. ان کان ٻاهر ڪجهه به نه آهي.
بهرحال اهو فلسفو قديم يوناني فلاسافرن وٽ به ملي
ٿو ته قديم هندستاني ڪتابن ويدن، اپنشندن ۾ به
آهي. قديم هندستاني فيلسوف شنڪر آچاريه وٽ به آهي
ته قديم چيني تائوازم
Taosim
۾ به.
منصور حلاج جو ذڪر شاهه لطيف ڪيوآهي. ان کان پوءِ محي الدين ابن
عربي ٿو اچي. اهو پهريون عالم ۽ فلاسافر هو، جنهن
هن وحدت الوجود جي نظريي تي، قرآن مجيد ۽ حديث
شريف مان حوالا ڏئي، باقاعدي هڪ ڪتاب ’ فصوص
الحڪم ‘ لکيو ۽ ثابت ڪيو ته سڀ ۾ پرين آهي.
ڪائنات کان ٻاهرڪو به خدا ڪونهي. سڀ ڪجهه خدا آهي.
بهر حال، منصور حلاج ئي پهريون شخص آهي، جنهن کليو کلايو
اناالحق جو نعرو هنيو ۽ سوريءَ تي چاڙهيو ويو. سڀ
کان پهرين شخص، جنهن منصور حلاج تي تحقيق ڪئي ۽ هن
جي سوانح عمري لکي، اهو آهي فرينچ اسڪالر لوئي
ماسينان.
منصور حلاج جي باري ۾ تحقيق ڪندڙن صاف لکيو آهي ته هن جو قتل
سياسي قتل هو. مذهبي الزامن ۽ فتوائن جو رڳو بهانو
هو. هن جي دؤر ۾ اميرن طرفان غريبن تي جيڪي
ڏاڍايون پئي ٿيون، منصور انهن جي خلاف آواز
اٿاريو. وقت جي پرمار جي خلاف ڳالهايائين، ان ڪري
وقت جي حڪومت ۽ مذهبي اڳواڻن هن کي ڪافر ۽ زنديق
ٺهرائي، هن جي خلاف مذهبي فتويٰ لڳرائي. هن کي بي
درديءَ سان قتل ڪيو. انهي ئي منصور جي نالي، جنهن
جو اصلي نالو حسين بن منصور هو، شاهه لطيف چيو
آهي:
همِ منصور هزار، ڪهڙا چاڙهئو چاڙهئين.
هاڻي اچو ننڍي کنڊ تي. مان ان معاملي ۾ ٿورو تفصيل ۾ وڃڻ ٿو
چاهيان، ته بر صغير ۾ پهريون آريا آيا. انهن آرين،
جيڪي هتان جا مقامي يا لوڪ ماڻهو هئا، انهن کي اڻ
آريون سڌريل چيو. انهن لاءِ تعليم منع هئي، هنن
کي ويدن ۽ پرُان پڙهڻ نه ڏنائون ۽ چيائون ته اهي
ان لائق ئي نه آهن، جو پڙهي سگهن. انهن کي تمام
هيٺئين درجي جو ڪم ڏنائون. پاڻ قابض ۽ حڪمران رهيا
ته ان وقت حاڪم قوم ۽ محڪوم قوم ڌار ٿي پئي. حاڪم
قوم ٻاهران آيل ماڻهو هئا، ته محڪوم قوم مقامي يا
ملڪي ماڻهو.
ان کان پوءِ گوتم ٻڌايو. گوتم ٻڌ ويدن واري يا هندن واري انهيءَ
طبقاتي (ڪلاس) سسٽم جي خلاف هڪڙو انقلاب آندو. هن
جي تعليم به سيڪيولر هئي. هن چيو ته هن حياتيءَ
کان پوءِ ٻي ڪا حياتي آهي يا نه؛ مان ان لاءِ ڪجهه
به نه ٿو چئي سگهان، پر گهٽ ۾ گهٽ هيءَ حياتي جيڪا
توهان کي ملي آهي، انهيءَ کي ته سجايو ڪريو.
انهيءَ کي ته پاڻ ۾ جنگ جهيڙو ۽ فساد ڪري خراب نه
ڪريو، هڪ ٻئي سان پيار ڪريو، هڪ ٻئي سان ميٺ
محبت سان ملو. هڪ ٻئي کان نفرت نه ڪيو. ڪو به شودر
گهٽ ڪونهي، ڪو به برهمڻ مٿي ڪونهي. اها هئي گوتم
ٻڌ جي تعليم.
تنهن کان پوءِ مسلمان آيا. محمد بم قاسم جڏهن سنڌ ۾ آيو، ته چچ
نامو لکي ٿو، ته، محمد بن قاسم اچڻ سان سنڌ ۾ ٽئڪس
جا به اگهه مقرر ڪيا، هڪڙو مسلمانن لاءِ ته ٻيو
اگهه غير مسلمانن لاءِ جيڪي غير مسلم هئا، انهي کي
وڌيڪ ٽئڪس ڏيڻي پوندي هئي. اهو هڪڙو
Incentive
هو، جئين مقامي ماڻهو مذهب تبديل ڪري مسلمان ٿين.
ٽئڪسون بچائڻ جي لاءِ.
بهر حال اها ڳالهه اتي جو اتي رهي. تنهن کان پوءِ محمود غزنوي
آيو يا ٻيا جيڪي به حمله آور آيا اهي ايندا ويا ۽
واپس ويندا رهيا. تان جو دهلي سلطنت قائم ٿي ۽ قطب
الدين ابيڪ پهريون شخص هو، جنهن اها سلطنت قائم
ڪئي ۽ ان کان پوءِ حڪمران مستقل طور دهليءَ ۾ رهڻ
لڳا.
مسلمانن فاتحن ۽ حڪمرانن پاڻ سان گڏ جيڪي فوجون آنديون انهن جا
فوجي به هن سر زمين جا نه هئا. اهي ٻاهريان هئا.
مثلاً افغان هئا، مغل هئا يا ايراني هئا، ته انهن
حڪمرانن پنهنجي انتظام لاءِ سڄو ملڪ فوجين ۾
ورهائي ڇڏيو. يعني هڪڙو ساڳيو ماڻهو جيڪو فوج جو
جرنيل به هو، ته ساڳيو ماڻهو انتظامي طور گورنر به
هو ۽ وري ساڳيو ئي ماڻهو جاگيردار پڻ هو، يعني ٽي
طاقتون هڪ ئي ماڻهوءَ وٽ اچي ڪَٺيون ٿيون. بيورو
ڪرپٽ به اهو ته فيوڊل به اهو. ته آرمي جرنيل به
اهو. انهن کي حڪمرانن جاگيرون ورهائي ڏنيون. ڀلي
وڃي هنن جاگيرن جي هارين ۽ ٻين ماڻهن کي ڦريو ۽
لٽيو، پر هر سال سرڪاري خزاني ۾ هيتري رقم ڏيندا
رهو. خاص ڪري مغلن جي دؤر ۾ اهو طريقو هو.
ته انهيءَ وقت هندستان ۾ ٻه طبقا هئا. هڪڙو طبقو پرمار طبقو،
جيڪو ڌاريو هو. جئين پهريون آريا آيا ته انهن
مقامي ماڻهن کان پاڻ کي مٿي سمجهيو، انهن سان خلط
ملط نه ٿيا. انهن کان الڳ رهيا. ساڳيءَ طرح هي
حڪمران توڙي انهن جا سپاهي ۽ حاڪم طبقا،پاڻ کي
هتان جي مقامي ماڻهوءَ کان مٿاهون سمجهڻ لڳا ۽ ان
جي پرمار ڪندا رهيا، انهن کان وصوليون ڪندا رهيا،
پر انهن سان گڏ ملي هڪ ٿي نه سگهيا.
پهريون پهريون صوفي، جنهن هندستان جي سر زمين تي پير رکيو، شايد
محمد غزنويءَ جي دؤر ۾، اهو هو سيد علي هجويري،
جنهن کي عام طرح داتا گنج بخش چوندا آهن. هنن
ماڻهن، يعني صوفين، اچڻ سان جيڪو پيغام ڏنو، اهو
انسانيت جو هو. هنن پهرين ڳالهه جيڪا ڦهلائي، اها
هئي، ”وحدت اديان“. جن کي فلاسافيءَ جي ٻولي ۾
Pantheism
چوندا آهن. يعني هر مذهب جيڪو آهي اهو سچو آهي. ڪو
به مذهب ڪوڙو ڪونهي. ڪنهن به هڪ مذهب وارو ماڻهو
ٻئي کان گهٽ ڪونهي. سڀني وٽ پرين آهي، انسان ۽
انسان جي وچ ۾ ويڇو نه وجهو. اها هڪ ڪوشش هئي ته
انسان ۽ انسان جي وچ ۾، پر مار ڪندڙ طبقن جيڪو خال
پيدا ڪيو هو، اهو ڀرجو وڃي.
داتا گنج بخش کان پوءِ سيد بختيار ڪاڪي، اُن کان پوءِ بابا
فريد گنج شڪر، خواجه معين الدين چشتي اجميري، جنهن
کي عام ماڻهو خواجه غريب نواز چوندا آهن ۽ اڃا
تائين ماڻهو خواجه غريب نواز ٿا چون ۽ ڳائيندا ٿا
وتن ته: خواجه غريب نواز ميري ڀي جهولي ڀردي.
ته ان کي غريب نواز سڏيندا هئا.ڇو ته هن غريب طبقن کي پنهنجو
ڪيو. اهي غريب طبقا جيڪي هئا، سي مقامي ماڻهو هئا.
پوءِ چاهي هندو هجن، چاهي مسلمان هجن، هڪڙو طبقو
هو پر ماري طبقو. جيڪي ٻاهران آيا هئا. اهي جابر
هئا. ظالم هئا. جيڪي زبردست هئا. جن جي هٿ ۾ تلوار
هئي، جن ۾ مسلمان به هئا ته غير مسلم به. اهي هئا
هتان جا مقامي ماڻهو. جن کي نه ڪو هو فوج ۾ عهدو،
نه ڪا حڪومت، نه زور، نه پئسو، رڳو پئي ڦريا رهيا
ته خواجه معين الدين چشتيءَ انهن جو پاسو ورتو. ان
ڪري ان جو پئجي ويو. نالو خواجه غريب نواز ۽ اڃا
تائين ماڻهو چوندا ٿا رهن ته:
خواجه غريب نواز ميري ڀي جهولي ڀردي
انهن صوفين جو يڪو سلسلو هو. قلندر شهباز سنڌ ۾ آيو. خواجه فريد
گنج شڪر، جنهن جو گهڻو ڪلام سنڌيءَ ۾ آهي، ڇو ته
اها پراڻي پنجابي سنڌيءَ سان گهڻي مشابهت رکي ٿي.
نظام الدين اوليا جي دور ۾ تاريخ جو هڪ عجيب واقعو ٿيو. نظام
الدين اوليا چشتي طريقي جا هئا. جڏهن مسلمان،
هندستان ۾ آيا، ته ڏٺائون ته سڀئي لطيف فن، هندو
مذهب ۾ به فقط جائز هئا، پر اهي مذهبي رسمن جو حصو
هئا. مثلً موسيقي ۽ راڳ هنن جي مذهب جو حصو.
رامايڻ شعر ۾ آهي. ۽ ڀڄن ڳائجن، ساز وڄائجن، شاعري
هنن جي مذهبن جو حصو، رامايڻ شعر ۾ آهي، ۽ ڀڄن،
رام ڀڳتي، ڪرشن ڀڳتي سڄي شعر ۾ آهي.
Sculpture
يا سنگت راشي هنن جي مذهب جو حصو، ڊرامو هنن جي
مذهب جو حصو، جيئن رام ليلا ۽ ناچ هنن جي مذهب جو
حصو، جيئن مندرن ۾ ٿيندو هو. مصوري هنن جي مذهب جو
حصو. مسلمانن جو مذهب بياباني سماج (خشڪ سماج) هو.
ان جي ڪٽر اڳواڻن وٽ شاعري، مصوري، سنگتراشي،
موسيقي، نازڪ ۽ ناچ سڀ منع هئا. صوفين ڏٺو ته هن
سر زمين تي موسيقيءَ کي خدا تائين پهچڻ جو ذريعو
ٿو سمجهيو وڃي ۽ اها مذهبي تبليغ جو هڪ سٺو ذريعو
آهي. ان ڪري چشتين نه فصقط راڳ کي جائز قرار ڏنو،
پر ان کي سماع جو نالو ڏئي رائج ڪيائون. (امام
غزالي جا خيال پڻ اهڙا آهن) ۽ سڀني چشتي درگاهن تي
قوالي ۽ سماع رائج ٿيا.
سنڌ ۾، علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي لکڻ موجب چشتيءَ طريقو
مقبول نه ٿيو. شاهه لطيف ۽ سچل سرمست قادري طريقي
جا هئا ۽ ان طريقي ۾ راڳ منع ٿيل آهي، پر شاهه
لطيف مسجد ۾ سماع شروع ڪيو. سنڌ جا صوفي، چاهي
ڪهڙي به طريقي جا هجن، پر عمل ۾ چشتي آهن ۽ اڳ هر
درگاهه جو معمول آهي.
ته مون پئي چيو ته، انهن چشتي طريقي جي بزرگن، جن ۾ نظام الدين
اولياءُ به شامل هو، ڇو ته سماع خدا تائين پهچڻ جو
هڪ ذريعو آهي ۽ انسان سماع وسيلي خدا کي وڌيڪ
ويجهو ٿيون ٿا. ان تي جيڪي ٻيا ٺڪر ملان يا چئجي
ته نيٺ ملان، جنهن کي انگريزي ۾ Fundamentalist
چوندا آهن، انهن فتوائن ڏنيون، نظام الدين اولياءُ
هو، غياث الدين تغلق جي وقت ۾، غياث الدين تغلق ان
وقت مولوين جي هڪ ڪميشن مقرر ڪئي. جنهن ۾ پنج سئو
کان وڌيڪ مولوي هئا، جيڪي هندستان جي ڪنڊ ڪڙڇ مان
گهرايا ويا هئا. انهن جي آڏو نظام الدين اويليا کي
تعزيز سزا ڏني وڃي ها، يا هو ڇا به ڪن ها. بهرحال
تاريخ ان ڏس ۾ خاموش آهي. تاريخ ۾ ڪا به اهڙي
ڳالهه ڪانهي ته نظام الدين اوليا کي ڪا سزا ملي،
پر مان سمجهان ٿو ته، نظام الدين اوليا کي عوام ۾
ايتري ته مقبوليت هئي، عام ماڻهوءَ جي ان سان
ايڏي ته همدردي هئي، جو وقت جي حڪومت کيس سزا ڏيڻ
جي همت نه ساري سگهي.
ساڳي طرح سنڌ ۾ به ٿيو. شاهه لطيف تي کهڙن جي مخدومن ۽ مخدوم
محمد هاشم ٺٽويءَ ساڳيا اعتراض ڪيا. سماع تي.
بهر حال هڪ طرف اينٽليڪچوئل تحريڪون هيون، جن هتان جن مظلوم
طبقن کي پنهنجي ويجهو آندو، خواجه معين الدين
چشتي، بابا فريد گنج شڪر، نظام الدين اوليا، سليم
چشتي، هنن سڀني جي باري ۾ چون ٿا ته، غير مسلم به
وڃي انهن جا مريد ۽ معتقد ٿيا. ته ٻئي طرف وقت جون
حڪومتون ۽ انهن جا ڪارندا ۽ مذهبي، تعصبي اڳواڻ،
پنهنجي پرمار کي قائم رکڻ لاءِ جواز ڳوليندا رهيا.
اڪبر اعظم جي زماني تائين، صوفين جي تحريڪ ايترو ته عوام ۾
مقبول ٿي وئي، جو اڪبر هندستان جي تاريخ ۾ پهريون
دفعو، غير مسلمانن کي پنهنجي حڪومت ۾ شامل ڪيو.
انهن سان شاديون ڪيائين، مذهبي مت ڀيد کي ختم
ڪري، هندن ۽ مسلمانن کي هڪ جهڙا حق ڏنائين، سنسڪرت
۽ هنديءَ جي فلسفي ۽ مذهب جي ڪتابن کي فارسيءَ ۾
ترجمو ڪرايائين. هتان جي موسيقيءَ ۽ ٻين فنن کي
همٿايائين. مسلمانن جي اچڻ کان پوءِ پهريون دفعو
مقامي ماڻهن کي ڪجهه حق مليا ۽ غير مسلمانن کي
مذهبي آزادي.
پرماري طبقا، جيڪي ٻاهران آيل سپاهين ۽ مذهبي اڳواڻن تي ٻڌل
هئا، انهن جي سياسي توڙي اقتصادي هڪ هٽي ختم ٿي
وئي. هنن جي هٿن مان ڄڻ طوطا اڏامي ويا. هنن
پنهنجي ختم ٿيل هڪ هٽيءَ کي ٻيهر قائم ڪرڻ لاءِ
جواز ڳولڻ شروع ڪيا. سڀ کان مضبوط جواز هو. مذهب،
ڇو ته رڳو مذهب جي ذريعي ئي هو مقامي ماڻهن جي
ايڪي کي ختم ڪري ٿي سگهيا، جيڪو وحدت الوجودي
صوفين جي ذريعي قائم ٿيو هو. تان جو جهانگير جي
وقت ۾ هڪ مذهبي اڳواڻ پيدا ٿيو، جنهن جو نالو شيخ
احمد سرهندي، هو جنهن کي مجدد الف ثاني به چوندا
آهن ۽ امام ربانيءَ جي نالي سان به سڏيو ويندو
آهي، کي هندستان ۾ مجدد الف ثاني به چوندا آهن. ان
هندستان جي تاريخ ۾ پهريون دفعو وحدت الوجود جي
فلسفي کي رد ڪري وحدت الشهود جو فلسفو دنيا جي آڏو
رکيو. هندستان ۾ پرماري طبقي جي ضرورتن هيٺ همه
اوست جي فلسفي کي چئلينج ڪرڻ ضروري ٿي پيو. صوفين
جيڪا بي تعصبي ۽ مذهبي رواداريءَ قائم ڪئي هئي، ان
کي ختم ڪرڻ لاءِ لکيو ته، غير مسلم جي ذلت اسلام
جي عزت آهي. هڪ هنڌ لکي ٿو ته، جڏهن مان مڪاشفي ۾
وهان ٿو ته منهنجو مقام حضرت ابوبڪر صديق رضه کان
وڌي ٿو وڃي. اهو آهي يارهون مڪتوب امام ربانيءَ
مجدد الف ثانيءَ جو.
اڃا ٻيون به عجيب ڳالهيون توهان کي ٻڌايان، ته مجدد الف ثاني
چيو،
مئٿميٽڪس يا رياض هڪڙو فضول علم آهي ۽ سڄي جو سڄو رد ڪرڻ گهرجي.
ٻئي هنڌ چوي ٿو ته فسلفو بيوقوفي آهي. ان ڪري ان
جي ويجهو نه وڃو. اهي هئا خيال ان وقت جي عالم
مجدد الف ثانيءَ جا. جنهن تاريخ ۾ ڪردار ادا ڪيو،
انهن ماڻهن جي لاءِ، جن جي هٿان ڦرلٽ جو سامان
ڦرجي ويو هو، جيئن ڪنهن کان طوطا ڇڏائجي ويندا آهن
۽ وري پنهنجي اقتدار کي حاصل ڪرڻ لاءِ بي چين ٿي
ويا هئا.
هلندي هلندي تاريخ اچي اورنگزيب تي پهتي. اورنگزيب کان پوءِ
مغلن جي زوال جو ئي دؤر آهي، جنهن ڌاري شاهه لطيف
ڄائو. هيءُ سڄو پس منظر مون ان ڪري ڏنو، جيئن
توهان سمجهي سگهو ته شاهه لطيف جي ڄمڻ وقت ڪهڙيون
خالتون هيون. ان کان اڳي ڇا ٿيو، تصوف ڇا هو ۽ ان
وقت ڪهڙا ڪهڙاForces
هئا ڪهڙيون ڪهڙيون طاقتون هيون، جيڪي هڪ ٻئي سان
زور آزمائي ڪري رهيون هيون.
اورنگزيب اچڻ سان مجدد الف ثانيءَ جي فلسفي ۽ نظرين مطابق حڪومت
قائم ڪئي. هن ان ڳالهه کي سامهون رکيو ته اسلام جي
عزت غير مسلم جي ذلت ۾ آهي. ان ڪري هن حڪم جاري
ڪيو ته غير مسلم جڏهن به ٽئڪس ڏئي ته ان جو هٿ
هيٺان هجي ۽ ٽئڪس وٺندڙ مسلمان هو هٿ مٿان. يعني
اتي به ان جي ذلت ٿئي. پئسا ڏيڻ وقت به.ٻيو تنهن
کان پوءِ، بر صغير جي تاريخ ۾ پهريون دفعو
اورنگزيب جي ئي وقت ۾ شيعا سني فسد ٿيا. هن ڏکڻ
هندستان جي شيعا حڪومتن کي به برداشت نه ڪيو ان
کان اڳ ۾ ننڍي کنڊ ۾ ڪڏهن به شيعا سني تعصب جو
نشان نه ٿو ملي.
هاڻي وڏي ڳالهه، جو اورنگزيب جو ڀاءُ داراشڪوه وهدة الوجود جي
فلسفي جو مڃيندڙ هو. هن هڪڙو ڪتاب لکيو، ”مجمع
البحرين“ تمام ننڍو ڪتاب آهي، ٽيهن صفحن جو. ان ۾
هو هڪ هندو عالم جي حوالي سان لکي ٿو ته:
”وحدانيت ڪنهن به مذهب جو ٺيڪو ڪونهي“. هن انهيءَ ڪتبا ’مجمع
البحرين‘ ۾ اسلامي فلسفي ۽ هندي فلسفي، ٻنهي ۾
ساڳيون
Common
ڳالهيون ڳولي ڏنيون آهن. مثلاً روح جي باري ۾،
عالم بزرخ جي باري ۾، يا جسم جي باري ۾، جيڪو به
مسلم فلسفو آهي يا هندو فلسفو آهي. ان ۾ اختلاف
آهي ئي ڪو نه. هن گيتا ۽ اپنشدن جو فارسيءَ ۾
ترجمو ڪيو. هو مريد ۽ شاگرد هو ميان سنڌيءَ جو.
ميان مير سنڌي، جنهن جو مقبرو لاهور ۾ آهي ۽ اڃا
تائين اتي هن جو ميلو لڳندو آهي. ميان مير سنڌي،
سنڌيءَ جي مشهور اساسي شاعر قاضي قادن جو ڀاڻيجو
هو. اهو داراشڪوه جو مرشد هو.
داراشڪوه لکيو آهي ته، وحدانيت ڪنهن به مذهب جو ٺيڪو نه آهي،
مون تازو اڀياس ڪيو آهي ۽ ويدن مان ڪجهه سٽون
توهان کي ٻڌايان ٿو.
خدا کي ڪا به شڪل نه آهي.
God does not have any shape.
هي آهي يحرويد ۽ اٿرويد ۾ آهي ته:
“He is single indivisible and supreme reality”
”هو اڪيلو، اڻ ڀڄندڙ ۽ سڀ کان مٿاهين حقيقت آهي.“
تنهن کان پوءِ يجرويد ۾ آهي:
He is all prevling.
ليس ڪمشله شيءِ.
(ڪا به شيءِ هن جهڙي ناهي.)
اها ساڳي ڳالهه قرآن ۾ آهي ته اهي سڀ ڳالهيون هيون، جيڪي
داراشڪوه ڌيان ۾ رکيون. داراشڪوه کي ميان مير
سنڌيءَ جي رهنمائي حاصل هئي. داراشڪوه، ميان مير
سنڌيءَ تي هڪ خاص الڳ ڪتاب لکيو آهي. اهو آهي:
’سڪينہ الاوريا‘جنهن ۾ ميان سنڌيءَ ۽ ان جي خليفن
۽ ٻين
Disciples
معتقدن جو ذڪر ڪيو اٿاين. هاڻي توهان کي هڪ ٻي
عجيب ڳالهه ٻڌايان. علام غلام مصطفيٰ قاسمي تازو
ريسرچ ڪئي آهي ته، سنڌ جو هڪ نومسلم ابو علي سنڌي
بسطام پهتو، جتي هو بايزيد بسطاميءَ جو شاگرد ٿيو.
مشهور صوفيءَ بايزيد بسطاميءَ کي هن هندي فلسفي
کان واقف ڪيو. (ڊاڪٽر ائنميري شمل ان راءِ سان سئو
سيڪڙو متفق ناهي.) پر اهي لنڪس
Links
(سلسلا) آهن تاريخ جا.
بهر حال داراشڪوه کي اورنگزيب شهيد ڪيو. نه رڳو هن کي بيدرديءَ
سان مارايائين، پر هن جي وڍيل سِسي خونچي ۾ رکي
پنهنجي قيد ۾ پيل پيءُ شاهجهان ڏي موڪليائين ته
مون توڏي ناشتو موڪليو آهي ۽ پوڙهو پيءُ جيڪو قيد
۾ هو، ان چيو ته، خدا جو شڪر آهي جو سالن کان پوءِ
مون کي منهنجي پٽ ياد ڪيو آهي، ائين چئي ڪپڙو جو
پري ڪيائين خون جي تان ته پٽ جي سسي.
مون هن کان اڳ توهان کي ويدن جا شلوڪ ٻڌايا ته اسلام جي اچڻ کان
پوءِ هندي شاعريءَ ۾ هڪ تحريڪ پيدا ٿي، ان کي
چيائون نرگن واد. نر معنيٰ نه، گن معنيٰ خاصيت يا
Attribute واد معنيٰ ازمNon
Attributism
يعني خدا کي ڪا به شڪل ڪونهي.
مطلب ته جيئن اسلام ۾ آهي، تيئن هن نظريي موجب بت
پرستيءَ کان منع ٿيل آهي. اها وحداني يت واري نرگن
واد واري تحريڪ اڳ ۾ پيدا ٿي چڪي هئي، شاهه
عبداللطيف کان.
شاهه لطيف، پنهنجي دؤر ۾ انهن فلسفن، وحدت الوجود ۽ وحدت الشهود
کان واقف هو، انهن ٻنهي جي وچ ۾ جيڪو
Clash
يا تصادم هو، اهو اڃا تازو هو. سرمد ۽ دارا جي
شهادت کان شاهه صاحب فقط يارنهن سال پوءِ ڄائو.
تنهن کان پوءِ شاهه عنايت جهوڪ واري شهادت جو واقعو ٿيو. شاهه
عنايت جهوڪ واري کي پير حسام الدين راشديءَ سنڌ جو
پهريون سوشلسٽ سڏيو آهي. هن اها تحريڪ شروع ڪئي ته
بابا ملڪ موليٰ جو آهي. جيڪو کيڙي سو کائي.ڪنهن به
جاگيردار کي حق نه آهي. جو بٽئيون وٺي. هارين کان
پيسا وٺي يا ٽئڪس لاڳوڪري. هن ٽئڪس ڏيڻ کان انڪار
ڪيو ۽ مان سمجهان ٿو ته، دنيا جي تاريخ ۾ پهريون
دفعو اجتماعي زراعت
Collective Farming
جو بنياد رکيو. ان تي جاگيردارن، مغل حڪمرانن جي
مدد وٺي شاهه عنايت کي دعا سان شهيد ڪري سندس سِسي
دهليءَ جي مغل شهنشاهه ڏي موڪلي وئي. اهو واقعو
تڏهن ٿيو. جڏهن شاهه لطيف اڃا ويهن ٻاويهن سالن جي
ڦوهه جوانيءَ ۾ هو.
شاهه لطيف جو همعصر ۽ سندس جگري دوست، خواجه محمد زمان لنواريءَ
وارو نقشبندي طريقي جو هو، ۽ امام رباني مجدد الف
ثانيءَ جي مسلڪ تي، پر هن جون شاهه لطيف سان خاص
رهاڻيون هيون. هو امام ربانيءَ جي تعليم جي خلاف
غير مسلمن کي به مريد ڪندو هو. اهڙا قول سندس
ملفوظات ۾ موجود آهن. سنڌ جي مٽيءَ ۾ سڀ مسلڪ ۽
نظريا پيار ۽ محبت سان رڱجي وڃن ٿا. هن ملڪ جي
مٽي ڪٽريڻي جي ڪٽ کي لاهي، جيءَ کي جرڪايو ڇڏي.
هاڻي اچو ڪلهوڙن جي دؤر تي، شاهه لطيف ڪلهوڙن جي دؤر ۾ ڄائو.
آدم شاهه ڪلهوڙو، اڪبر جي زماني ۾ هو. عبدالرحيم
خان خانان، جيڪو شاعري ۾ ’رحمن‘ جي نالي سان مشهور
آهي، جنهن کي بيرم خان به چوندا آهن. اهو اڪبر جو
سپهه سالار هو ۽ سنڌ تي حملي ڪرڻ دوران جڏهن هو
سکر ۾ آيو ته آدم شاهه ڪلهوڙي وٽ آيو ۽ ان کان
دعاگهرايائين ، پر ملتان جي گورنر آدم شاهه کي نه
سَٺو، ڇو ته آدم شاهه هڪ تحريڪ هلائي رهيو هو ،
ڌارين جي خلاف انهيءَ ڪري آدم شاهه کي شهيد ڪيو
ويو.
آدم شاهه کان پوءِ آدم شاهه جو ڀائٽيو، ميان شاهه محمد ڪلهوڙو،
ان کي به شهيد ڪيو ويو. ان کان پوءِ ميان دين محمد
تنهن کي اورنگزيب پڪڙي گواليار ۽ شايد دهليءَ ۾،
ٻن هنڌن تي قيد ڪيو ۽ ويچاري جي سڄي عمر قيد ۾ ڳري
وئي. تنهن کان پوءِ ميان يار محمد ڪلهوڙو، اهو
گوريلا جنگ ڪندو رهيو. مغلن جي خلاف. اورنگزيب جو
پٽ معزالدين انهيءَ به سنڌ ۾ ڪلهوڙن کي گرفتار
ڪرايو. ان کان پوءِ ٻيا چار پنج مغل بادشاهه ڇهن
سالن ۾ ٿيا. آخر مرڪز جڏهن صفا ڪمزور ٿي ويو، تڏهن
خدا يار خان جي لقب سان ميان يار محمد سنڌ جي تخت
تي ويٺو.
اهو دور آهي، اها تاريخ آهي جنهن جي پس منظر ۾ شاه لطيف پيدا
ٿيو. اهو اينٽليڪچوئل ماحول آهي، ڀڳتي تحريڪ،
نرگن واد جي تحريڪ.
ان وقت هڪ خاص تاريخي واقعو ٿيو. اهو هو شاهه ولي الله جو ڄمڻ،
شاهه ولي الله جنهن کي محدث دهلوي ٿا چون. ان جڏهن
مغل سلطنت جو زوال ٿيندي ڏٺو.هن جي نظر ۾ حڪومت جو
زوال معنيٰ اسلام جو زوال، حڪومت به دهليءَ جي،
مرڪز جي. هنن جي نظر ۾ سنڌ ۾ ٻيا حصا ۽ انهن جا
عام ماڻهو يا اتان جون حڪومتون اهم نه هيون.
بهرحال هن چيو ته ان مرڪز کي مضبوط ڪرڻ گهرجي. ان
لاءِ هن پهريون قدم اهو کنيو جو وحدت الوجود ۽
وحدت الشهود جي فلسفي. يعني محي الدين ابن العربي
۽ امام رباني، ٻنهي جي فڪر کي هڪ ڪرڻ جي ناڪام
ڪوشش ڪيائين. ناڪام ان ڪري ٿو چوان جو اهي ٻئي
نظريا، پر مار ڪندڙ پرمار ٿيندڙ، ڪڏهن به هڪ نه ٿي
سگهيا آهن. البته مولانا عبدالله سنڌيءَ، شاهه ولي
الله جي فڪر مان انقلابي ۽ سوشلسٽ عنصر تلاش يا.
پر اهي ٻه فلسفا الڳ الڳ ئي رهيا. هڪ قدامت پسند
ملن جو، ته ٻيو ترقي پسند، ٻي تعصب صوفين جو.
ٻي ڪوشش جا شاهه ولي الله ڪئي، اها هيءَ ته احمد شاهه ابداليءَ
کي خط لکي گهرايائين ته تون هتي اچي اسلام جي خدمت
ڪر. ڇو ته هتي مغلن جي اسلامي حڪومت ڪمزور ٿي وئي
آهي. تون ايندين ته اسلام جي فتح ٿيندي. شاهه ولي
الله، شاهه لطيف جي ڄمڻ کان ٿورو پوءِ احمد شاهه
ابداليءَ کي گهرايو. بهرحال اهو لازمي آهي ته شاهه
لطيف پنهنجي دور جي هن عالم جي فلسفي کان غير واقف
هجي، جڏهن روايتون آهن ته شاهه لطيف جو بهترين
دوست جنهن سان سندس روح رهاڻ هوندي هئي. مخدوم
ٺارو، جنهن کي مخدوم معين ٺٽوي به چون ٿا، اهو
شاهه ولي الله سان تعلق ۾ هو.
ته شاهه لطيف جي زماني ۾ ٽي اينٽليڪچوئل تحريڪون هيون، هڪ محي
الدين ابن العربي وحدت الوجود، ٻي شيخ احمد
سرهندي، امام رباني ۽ مجدد الف ثاني جي وحدت
الشهود ۽ ٽين شاهه ولي الله جي، جيڪا ٻنهي متضاد
تحريڪن کي ملائڻ جي ڪوشش هئي. پر شاهه لطيف ان
وحدت الوجودي نظريي کي ئي ڦهلائيندو رهيو. جيڪو هن
ڌرتيءَ جي مظلوم طبقن، محڪوم طبقن، پرمار ٿيل
پڙهيل طبقن جي لاءِ هو، مختلف طبقن ۾ پيار محبت
وڌائن لاءِ هو، اهو ئي شاهه لطيف جي شاعريءَ جو
رول
Role
هو، جيڪو هن پنهنجي دؤر ۾ ادا ڪيو ۽ هن دور ۾ به
اهو ساڳيو ئي رول ادا ڪندي ٿي اچي.
(شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسيئيشن کي ڏنل ليڪچر.)
تنوير عباسي
شاهه لطيف جي شاعريءَ جو ادبي
پس منظر
شاعر، خلائن ۾ پيدا نه ٿيندا آهن. شعري ادب جي تارخ جي اونهي
اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو، ته هر شاعر پنهنجي دؤر جي
سماجي، اقتصادي، سياسي، توڙي ادبي ڌارائن جو اثر
قبول ڪري ٿو. شعري ادب جي تاريخ ۾، ڪٿي به، ڪوئي
به خال نه آهي. شعري ادب جي اؤسر هڪ مسلسل عمل
آهي، هڪ وهندڙ ڌارا آهي. شعري ادب شروع کان وٺي
تسلسل سان ارتقا پذير رهيو آهي. هر ٻوليءَ جا عظيم
شاعر، ان ارتقا جي ڏاڪڻ جو هڪ اهم ڏاڪو هوندا آهن.
شاهه لطيف به اسان جي سنڌي شاعريءَ جي ڏاڪڻ جو هڪ اهم ڏاڪو آهي،
شاعر، جنهن به دور ۾ پيدا ٿيندو آهي، ته سندس
چوڌاري، ڪو خاص، ادبي سماجي ۽ ذهني (Intellectual)
ماحول موجوود هوندو آهي. ان ماحول جي تخليق ۾
کانئس اڳ آيل اديبن، شاعرن توڙي ڏاهن جو حصو هوندو
آهي. هو پهرين ان ٺهيل ٺيڪل (ReadyMade)
ماحول کان متاثر ٿيندو آهي. ڪن شاعرن جي ذهني
ارتقا ان ماحول کان متاثر ٿيڻ جي حد تائين ختم ٿي
ويندي آهي، پر عظيم؛ انوکا ۽ ڪلاسيڪي شاعر اها حد
ٽپي، ذهني بلوغت کي پهچي، پنهنجو انفرادي اسلوب ۽
ٽيڪنڪ گهڙي، پنهنجي دور، توڙي پاڻ کان پوءِ ايندڙ
دور تي، پنهنجي انفرديت جي ڇاپ هڻي ڇڏيندا آهن.
سندن انفراديت جي ڇاپ، سندن لاڏاڻي کان پوءِ به هڪ
عرصي تائين قائم رهندي آهي.
اهڙيءَ طرح، عظيم انوکا ۽ ڪلاسيڪي شاعر، شعري ادب توڙي سماج جي
تاريخ ۾ اڳتي وڌائڻ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن.
شاهه لطيف به انهن تاريخي، عظيم ۽ انوکن شاعرن مان
هو. سندن دور ۾ پڻ ٺهيل هڪ ٺڪيل ادبي توڙي ذهني
ماحول هو، جنهن کان هو پنهنجي اوائلي عمر، توڙي
پنهنجي شاعريءَ جي ابتدائي دور ۾ ضرور متاثر ٿيو
هوندو.
شاهه لطيف جي ڄمڻ تائين، سنڌي شاعري، پنهنجي اوسر ۾ ڪافي اڳتي
وڌي چڪي هئي. ڳاهن، گنانن ۽ ڏوهيڙن کان اڳتي هلي،
بيت ۽ وائي رواج ۾ اچي ويا هئا. بيتن توڙي واين
کي داستانن توڙي سُرن ۾ ورهائڻ ۽ ترتيب ڏيڻ جو
طريقو گهڻو اڳ شروع ٿي چڪو هو. سنڌ جي لوڪ ڪهاڻين
جي ٽاڻن، ماڳن توڙي ڪردارن جو اهڃاڻي استعمال به
عام ٿي چڪو هو. جوڳي، کاهوڙِي، سسئي، مارئي، سهڻي،
توڙي ٻيا داستان ۽ ڪردار سنڌي شاعريءَ جو موضوع
بنجي چڪا هئا. شاهه لطيف جي پس منظر ۾ ڳاهن،
گنانن، ڀاڳو ڀان، قاضي قادن، شاهه لطف الله قادري
۽ ميپن شاهه عنات جون شاعراڻيون روايتون هيون. خود
شاهه لطيف جو خاندان بهترين ادبي روايتن جو مالڪ
هو. پاڻ شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جي پونيئر مان هو.
مخدوم ٺاري (معين ٺٽوي)، ميان صاحب ڏني فاروقي،
خواجه محمد زمان لنواريءَ واري جهڙا باڪمال عالم ۽
شاعر سندن صحبتي هئا- مدن ڀڳت جهڙو سنت سندس ساٿي
هو. اهو هو مقامي ادبي ماحول، جنهن ۾ سنڌ جو
هيءُ ڪلاسيڪي شاعر ساهه کڻي رهيو هو.
ٻئي طرف فارسيءَ جو زور شور هو. سنڌ جو هر عالم فارسي ڄاڻندو
هو. مير علي شير قانع، جيڪو شاهه لطيف جو هم عصر
(سهيوڳي) هو، تنهن پنهنجي ڪتاب ’مقالاة الشعراءِ‘
۾ ڪيترن ئي سنڌ ڄاون فارسي شعرن جو ذڪر ڪيو آهي.
خود شاهه لطيف، مولانا روميءَ جي مثنوي پنهنجي سفر
جو ساٿي ڪري کڻندو هو. سنڌ ۾ ڪيترن ئي فارسي شاعرن
جو ڪلام کي پڙهيو ۽ پڙهايو ويندو هو. گنج واري
نسخي ۾ ڪيترائي فارسي شعر آهن، جن جي باري ۾ روايت
آهي ته، اهي شاهه لطيف آڏو، سماع جي محفلن ۾ ڳايا
ويندا هئا.
فارسيءَ سان گڏ، ان وقت جي سنڌ ۾، عربي جو پڻ زور هو. مدرسن ۾
قرآن شريف سان گڏ عربيءَ جا ڪتاب پڻ پڙهايا ويندا
هئا. شاهه لطيف جي ئي دورجي ڪيترن سنڌي عالمن
عربيءَ ۾ ڪتاب لکيا. ان اثر هيٺ، شاهه لطيف پنهنجي
ڪلام ۾، جاءِ بجاءِ نه فقط قرآن شريف جون آيتون ۽
حديثون حوالي طور ڏنيون آهن. پر ان سان گڏ ڪي ئي
عربيءَ جا پهاڪا ۽ چوڻيون پڻ ڪتب آنديون اٿائين.
شاهه لطيف جي دؤر تائين، ننڍي کنڊ جي شاعري پڻ اؤسر جي چوٽ تي
پهچي چڪي هئي. سنسڪرت ۽ ان کان پوءِ اپڀرنش ۽
هنديءَ جو ادب، ويدن، اپنشدن، مهاڀارت ۽ رامائڻ
کان ٿيندو. ڪرشن ڀڳتيءَ ۽ رام ڀڳتيءَ کان اڳتي
هلي. ’نرگن واد‘ تائين اچي پهتو هو. هندي ادب ۾
ٻڌمت جي ’ناٿ پنتي‘ تحريڪ جو اثر پڻ سمائجي ويو
هو. ڪاليداس، تلسي داس، ميران ٻائي، هيم چند، چندر
بردائي، ملڪ محمد جائسي، عبدالرحيم خان خانان،
ڪبير ڀڳت، دادو ديال ۽ ٻيا شاعر پنهنجو وارو وڄائي
چڪا هئا.
گنج جي نسخي ۾ پڻ ڪيترائي هندي دوها ۽ ڀڄن شامل آهن، جن جي باري
۾ روايتون آهن ته اهي شاهه لطيف جي سماع جي محفلن
۾ ڳايا ويندا هئا. شاهه لطيف جي اڪثر سوانح نگارن،
هندستان جي ٻن گوين ’اٽل‘ ۽ ’چنچل‘جو ذڪر ڪيو آهي.
جيڪي شاهه لطيف جي سماع جي محفلن ۾ ڳائيندا هئا.
ممڪن آهي ته گنج جي نسخي ۾ آيل هندي ڪلام ۾ انهن
ٻن گروپن جي ذريعي شاهه لطيف جي محفل تائين پهتا
هجن.
اهي چار ڌارائون هيون، جيڪي شاهه لطيف جي وقت ۾ وهي رهيون هيون.
هڪ عربيءَ واري مذهبي ڌارا، ٻي مقامي ڌارا، جيڪا
شاهه لطيف کان اڳ وارن سنڌي شاعرن تي مشتمل هئي.
ٽين فارسيءَ واري ڌارا ۽ چوٿين ننڍي کنڊ جي ادبي
ڌارا، جيڪا سزسڪرت، اپڀرنش ۽ هنديءَ جي ادبي
روايتن جي به ملن ٿا، عربي آيتن ۽ حديثن وارا بيت
به ته هندي ڀڄن ۽ دوها به موجود آهن.
شاهه لطيف پنهنجيءَ شاعريءَ جي اوائلي دور ۾ انهن سڀني ادبي
لاڙن جو اثر قبول ڪيو ۽ پوءِ سندس شاعري اڳتي هلي،
بلوغت کي پهچي، انهن سڀني روايتن کي پٺتي ڇڏي
پنهنجو نرالو ۽ انوکو رستو گهڙي، انهن چئني
روايتن جي ميلاپ سان ڪلاسيڪي ادب ۾ پنهنجو انفرادي
مقام پيداڪيو.
هن مضمون جو مقصد انهن اهڃاڻن ڏي اشارو ڪرڻ آهي. جيڪي شاهه لطيف
جي شاعريءَ ۾ ان ادبي ماحول جي اثر طور ملن ٿا،
جيڪو کانئس اڳ يا سندس حياتيءَ ۾ سنڌ ۾ موجود هو،
جنهن کان پوءِ هو پنهنجي اوائليءَ عمر ۾ پنهنجي
شاعريءَ جي شروعاتي دور ۾ متاثر ٿيو.
مذهبي ۽ عربي اثر
شاهه لطيف جو جنم هڪ مذهبي خاندان ۾ ٿيو. ان خاندان جي رغيت
قرآن مجيد ۽ حديث شريف سان رهندي ٿي آئي. شاهه
لطيف جي باري ۾ اهو به مشهور آهي ته هو سفر ۾ قرآن
مجيد جو نسخو ساڻ کڻندو هو. شاعر لطيف جي رسالي جي
پوئين دؤر جي قلمي نسخن جي شروعات ئي ’اول الله
عليم‘ سان ڪيل آهي. ان کانپوءِ ’مڃ محمد ڪارڻي‘ ۽
ان کان اڳتي هلي، ’وحده لا شريڪ لہ‘ جو اقرار
ڪندي، ڪثرت ۽ وحدت جو فلسفو سمجهايو اٿائين.
ان کانسواءِ شاهه لطيف پنهنجي بيتن ۾ ڪيتريون ئي قرآن مجيد جوون
آيتون، حديثون، توڙي عربي چوڻيون حوالي طور ڪم
آنديون آهن، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته، هن کي قرآن
مجيد، حديث، توڙي عربي ٻوليءَ تي ڪافي عبور هو. ڪو
به ماڻهو، بنا معنيٰ ڄاڻڻ جي، عربيءَ جا اهي لفظ
استعمال نه ٿو ڪري سگهي. |