انعام شيخ
شاهه لطيف جي ڪلام جو فلسفو
’انسان ٿيڻ‘ لاءِ ڪجهه ويلا ماني کائڻ، ڪمائڻ ۽
زندگيءَ جا ٻيا سطحي مزا ماڻن ئي سڀ ڪجهه نه آهي،
ماڻهو بڻجڻ لاءِ زندگي گهاريندي ان ڏانهن سنجيده ۽
سُرت ڀريا رويا رکڻ به ضروري آهي ۽ در حقيقت اها
’سُرت ڀرين روين‘، جي شڪتي ئي آهي جيڪا انسان کي
امتياز بخشي سندس رهنمائي عظمت جي وادين ڏانهن ڪري
ٿي. انهيءَ ڪري ئي عام طور تي ڏٺو ويو آهي ته هر
سوچيندڙ وجود ۽ چُر پر ڪندڙ سَرير، زندگيءَ جي
اڻکُٽ راهُن تي هلندي ڪڏهن ڪڏهن هڪ اهڙي ته چؤواٽي
تي اچي بيهندو آهي، جتي مناسب واٽ وٺڻ لئه سندس من
۾ مونجهارا اچي واسو ڪندا آهن. ڇو ته ڪيترائي اهڙا
سوال مٿانئس حملو ڪري ڏيندا آهن. جن جي باري ۾ هو
رواجي زندگي ۾ ڪو نه سوچيندو آهي. پوءِ هو ويچارڻ
شروع ڪندوآهي ته هن ڪائنات جي اصلي حقيقت ڪهڙي
آهي؟ منهنجي وجود جي ان سان ڪهڙي نسبت آهي؟ زندگي
ڇا آهي ۽ ان جو مقصد ڪهڙو آهي؟؟ ۽ اهو به ته
زنده رهندي دنيا ۾ ڪيئن گهارجي؟ اهڙي ڪيفيت پيدا
ٿيڻ کان پوءِ هر انسان جي شين جي باري ۾ وڌيڪ تجسس
رکي تجزيا ڪرڻ لئه سندس جستجو به وڌيڪ تيز ٿيندي
ويندي آهي.
اهو سڄو عمل يعني زندگيءَ جي ازلي حقيقتن کان آشنا
ٿيڻ لاءِ مختلف ڪوششون ڪرڻ ڪهڙي معنيٰ رکي ٿو ۽
دوستو وسڪيءَ جي ناول ’برادرز ڪرامروف‘ جو اهم
ڪردار متيا هڪ هنڌ ائين چوڻ لئه ڇو مجبور ٿئي ٿو
ته:
”..... پر مون کي لکين روپيا نٿا کپن، آءُ ته فقط
پنهنجن سوالن جا جواب گهران ٿو.“
(1)
ان ڪري جو ذهن ۾ اٽڪيل سوال ئي ته آهن، جيڪي انسان
کي بيچين ڪري کانئس فيصلي جي قوت کسي کيس مونجهارن
جي ماڳ تي پهچائي ڇڏين ٿا ۽ اها انساني نفسيات آهي
ته، اسان جو ذهن، مونجهه، اضطراب، پريشاني ۽ عذاب
کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جي لڳاتار ڪوشش ڪندو رهي ٿو.
زندگيءَ جي انهن پيچيدگين کي سمجهڻ ۽ سور ڏيندڙ
سوالن کي حل ڪرڻ لئه اُتساهه پيد اڪندڙ علم کي
اسين عام طور تي فلسفي جو علم سڏيندا آهيون. جيڪو
اسان جي مناسب رهنمائي ڪري روح ۾ سڪون جي پرٽ ڪري
ٿو هونئن ته علم فلسفي جي لاءِ
ڪا خاص وضاحت ڏيئي نٿي سگهجي.
ڇاڪاڻ جو ڪائنات ۾ هر تصور ڦرندڙ گهرندڙ آهي ۽ ڪا
به شيءِ جامد ۽ مطلق (Absolute)
ڪانهي، جڏهن ته فلسفي جو علم ئي ڪائنات ۽ ان ۾
موجودات سان ڳنڍيل آهي، پر پوءِ به اٽليءَ جي هڪ
مدبر ۽ عالم جولين مارياس (Julian Marias)
جي راءِ تي هڪ نظر وجهڻ جي ڪوشش ڪري ڏسون ته هو ڇا
ٿو چوي!
“Philosphy has been understood to mean properly
two things knowledge and the way of life-word
Philosopher contains the two different meanings
of “The man who possesses certain knowledge” and
“The man who lives and acts in a particular
way.” (2)
(عام طؤر تي علم فيسلوفيءَ کي ٻن خاص مقصدن يعني علم جي حاصلات ۽ زندگي
گهارڻ جي راهه کي سمجهڻ لاءِ ڪتب آندو وڃي ٿو ۽
فيلسوف به ٻه مختلف معنائون رکي ٿو، هڪ ته اهو شخص
جيڪو ڄاڻ رکندو هجي ۽ ٻي ته اهو ماڻهو جيڪو
(زندگي) خاص طريقي تحت گذاري.)
ته هي جيڪو ’علم حاصل ڪرڻ‘ ۽ ’زندگي خاص نموني
گهارڻ‘ آهي، تنهن کي نظر ۾ رکندي جيڪڏهن انساني
فڪري ارتقا جي تاريخ تي وڙائتي نظر وجهي ۽
ايمانداريءَ جو انداز اختيار ڪري ڏسبو، ته اهي ٻئي
پهلو سڄي ذهني پورهئي ۽ مادي جستجو جو نچوڙ ۽ اهم
ترين جُز لڳندا. ڇو ته عالم تصوريت پسند هجي يا
مادي پرست پر ڏاهپ جي دنيا ۾ جيستائين دليل ۽ سبب
کي ساڻي سمجهي اڳتي نٿو وڌي تيستائين سندس ويچارن
کي ڪا به اهميت حاصل ٿي نٿي سگهي ۽ فلسفي جي علم ۾
بار بار مٿيان ٻه نقطا بحث هيٺ اچي ان سچائيءَ کي
وڌيڪ واضع ڪن ٿا.
اڄ کان تقريباً اڍائي هزار سال اڳ پاڻيءَ کي
ڪائنات جو بنيادي جُز ۽ گرُ ڄاڻائيندي يونان جي
عظيم فلسفي ٿيلس (Thales)
جڏهن اعلان ڪيو هيو ته: (3) “Water is the
besyt” (پاڻي ڪائنات
جو اهم ترين عنصر آهي) ته هن در حقيقت مادي دليل
ڏئي مٿين ٻن ڳالهين بابت پنهنجي فڪري واٽ کان اسان
کي آشنائي ڏياري هئي. مثال طور تي سندس خيال مطابق
ته آسمان مان بارش ٿي ٿئي يا زمين کوٽجي ٿي، رڳن ۾
رت آهي يا اکين مان ٽمندڙڳوڙها، اٿاهه ساگر جون
مستانيون موجون هجن يا هاضمي جي نظام ۾ هلندر
مختلف رطوبتون، سڀ پاڻي آهن. پاڻي نه هجي ته ڪا به
جوڙجڪ (Composition)
ڪا نه ٿي سگهندي.
اڄ جڏهن آمريڪا جي ڏاهي جان ڊيويءَ (John
Dewy) جو فڪر
“Instrumentalism”
پڙهون ٿا ته اتي به هو سچ کي اڪائي قرار ڏيئي ان
کي انهن ٻنهي پهلوئن سان تعلق رکندڙ هر صالح
تبديلي جو بنيادي محرڪ چوندي دنيا جي ترقيءَ ۾
يقين رکي ٿو.
(4)
اهڙي طرح فڪر جي تاريخ ۾ اسين چين، هندستان،
عربستان يا ايران جا مثال وٺنداسون ته انهن علائقن
جي اڪابرن به سُکي ۽ ڪامل زندگي گهارڻ لاءِ هڪ خاص
فڪري واٽ اختيار ڪرڻ جي صلاح ڏني.
جيڪڏهن اهو ئي معيار رکي اسين فڪر لطيف جون
ڏياٽيون روشن ڪري روح کي روشن ڪنداسين ته اها
ڳالهه آسانيءَ سان پسي سگهنداسين ته: سندس شاعري
هڪ مقصد ۽ ان جي حاصلات لاءِ تخليق ٿي آهي ۽ اهو
مقصد ساڳيو ئي آهي، يعني وجود ۽ ڪائنات جي حقيقتن
کان آگاهي ڪيئن حاصل ڪجي ۽ پوءِ زنده رهندي سچائي
۽ پوترتا جو مظاهرو ڪيئن ڪجي، يا ٿلهي ليکي ته
ڪامل انسان ڪيئن بڻجي ۽ لافانيت جا جلوا ڪيئن
پسجن. ساڳي ڳالهه سنڌ جي مشهور دانشور اي- ڪي-
بروهي پڻ ڪئي آهي:
“A deep and intimate study of the poetry of
Latif makes one feel what is to be Insane- Kamil,
a completely integrated man.
(5) لطيف جي ڪلام جو گهرو ۽ ڳوڙهو مطالعو ڪرڻ کان
پوءِ اسان کي ڪامل انسان ۽ مڪمل مربوط شخصيت کي
سمجهڻ جو ڏس ملي ٿو.)
ته اهو ’انسان‘ يعني مڪمل انسان ٿيڻ وارو نقطو ئي
آهي جيڪو لطيف جي سڄي فلسفي جي ڳر آهي ۽ ان کي ئي
اسين هن مضمون ۾ سمجهڻ جي جستجو ڪري رهيا آهيون،
ڇو ته منهنجو علم، ادراڪ، تجزيو ۽ شعور سڀ ان
ڳالهه تي متفق آهن ته لطيف جون آيتون ۽ سندس فڪر
ڇڙو سٽاءَ سان ڀرپور سونهن، روحاني توڙي مادي
ڳيجهپي کان آزاديءَ جو اعلان ڪندي هڪ خاص راهه تي
رهنمائي ڪندي نظر اچي ٿي. سندس سڀ محنتون، ڪوششون
۽ جدوجهد ڪنهن عظيم مقصد لاءِ آهن، اهو عظيم مقصد
مرحليوار ۽ ڏاڪي به ڏاڪي ضرور طئي ڪري سگهجي ٿو،
پر ان کي مقرر معيارن ۾ بند ڪري ڪنهن خاص گروهه يا
ٽڪري تائين محدود نٿو ڪري سگهجي. لطيف جو فڪر ته
ڪائناتي احساسن، ازلي سچائين، لافاني، محبتن ۽
لازوال جدوجهد جو بي مثال شاهڪار آهي، جيڪو آجپي ۽
آزاديءَ جو اعلان ڪندي پوري ڪائنات ۾ هڪ خاص ترتيب
پيدا ڪرڻ جو سڏ ڏئي ٿو ۽ در حقيقت اهو معيار ئي
ڪنهن اعليٰ مفڪر ۽ شاعر جي فڪري عظمتن جو معراج ٿي
سگهي ٿو، جيئن ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي ٿو چوي ته:
“It is the function of poet not merely to
express felicitously the ideas of his time but
also to use his own language musically in order
to bring out the great truths, the Shah Abdul
Latif has established his claim to be an
original poet of his own right and not a
soulless copyist of better ideas expressed by
others by him.
(6)
(ڪنهن به شاعر جو ڪم ڇڙو اهو نه آهي ته پنهنجي دؤر جا تصور هُٻڙ دٻڙ ڪري پيش
ڪري پر پنهنجي ٻولي کي اهڙي ته موسيقيت سان
استعمال ڪري جو عظيم سچائين کان آشنائي حاصل ٿئي.
انهن معيارن تي لهندي لطيف سائين پاڻ کي هڪ بنيادي
۽ اصلي شاعر ثابت ڪيو آهي نه ڪي هڪ اهڙو بي چسو
نقال جنهن ٻين جي خيالن کي پيش ڪيو هجي).
لطيف ڪائناتي سچائين کي هر شيءِ تي مقدم سمجهي اها
ئي تبليغ ضرور ڪري ٿو، جيڪا کانئس اڳ گوتم ٻڌ،
ڪنفيوشس، سقراط، پاسڪل، اسپنوزا، ڪاليداس، ڪيٽس ۽
ٻين مهان هستين پنهنجي پنهنجي دؤر ۾ ڪئي. پر هڪ
ڳالهه پوءِ به باڪل واضع آهي ته لطف اظهارن ۽
احساسن ۾ پنهنجو انداز آندو آهي. سندس محبتن سان
ڀرپور ۽ ڄاڻ جي نور ۾ وهتل سوچون ماحول سان ربط
رکندي پنهنجي انفراديت وڏي واڪي بيان ڪن ٿيون، ان
انفراديت ۽ خصوصيت کي لفظن جي نغمگيءَ ۾ ترتيب ڏيڻ
لاءِ خود لطيف جيتري احساساتي ڪشمڪش، خيالن جي
مسلسل وهڪ، ادراڪ جي گهرائي ۽ دلي وسعتن جي ضرورت
آهي ته جيئن جو تيئن هن جي خيالن جو ست ڪڍي دل جي
ويران خانن کي سندس پاڪ آيتن سان آباد ڪري وضاحتون
ڏيئي سگهجن. منهنجي ناچيز راءِ موجب ته لطيف کان
پوءِ اسين هڪ به اهڙي ڪا ٻي شخصيت ڏسي نه سگهيا
آهيون، جيڪا سندس فڪر جي انهن اٿاهه گهرائين کي
لطيف وانگر سمجهي اڳتي پيش قدمي ڪري سگهي.
اهو سڀ ڪيئن ٿئي؟ ان لئه هر ماڻهو ۽ ڏاهو پنهنجي
حواسن جي حيثيت آهرڪو به جواب ڏيئي سگهي ٿو، پر
لطيف سرڪار ٽن سٽن ۾ اهو سلسلو سمجهايو آهي، جنهن
کي اسان جا ڏاها فقط بيان ڪرڻ ۾ ئي سوين صفحا صرف
ڪري ڇڏين.
ڪَسرَ ڇڏ، ڪنواٽ، وکون وجهه وڌنديون،
سنئين سُپرين جي، ونگي ڀانءِ مَ واٽ،
ڇڏ جهوري ڏي جهاٽ، ته هونديءِ رات هُت مڙون.
(کنڀات)
اسان کي اهو فيصلو ڪرڻو آهي، ايمانداري ۽ دل جي
رضا سان ان ڳالهه تي پختو يقين رکڻو آهي ته جيڪڏهن
لطيف جي فڪر کي چڱي طرح سمجهي ۽ دنيا کي سچائيءَ
جا سبق پاڙهڻا آهن ته پوءِ اها تلقين ته سُستي ڇڏي
تکو هلڻ وارو سبق سکڻو پوندو. ڇو ته راهه روشن آهي
۽ سنهنجي پڻ، رڳو عمل جي ضرورت آهي، سا تلقين
هيئين سان هنڊائڻي پوندي، انهيءَ ڪري جو پوءِ ئي
اهو ممڪن آهي ته ٻاٽ اونداهيءَ ۾ ڪي روشن ستارا
بنجي عظمت جي آڪاش ۾ امر ٿي وڃون، جنهن ڪري ئي
لطيف ’هونديءَ رات هت مڙون‘ جو تصور ڏنو آهي.
اها ئي واٽ هُئي جنهن کي لينن اختيار ڪري مارڪس جي
خوابن کي سچو ثابت ڪيو هيو، ساڳي طرح انساني تاريخ
جي لازوال سَچائين تان پڙدو هٽائي سادگي سان
پيڙهيل ۽ هيسيل ماڻهن آڏو پيش ڪري سندن زندگيءَ
منجهه سڪون جي سُرهاڻ سمائڻ ئي لطيف جي ڪلام جو
بنيادي فلسفو آهي.
لطيفي فلسفي کي ٻن حصن ۾ ورهائيندي پهرين اسين علم
ڇا آهي، ڪيئن ۽ ڪنهن لئه حاصل ڪجي؟ تي غور ڪنداسين
۽ پوءِ زندگي ڪيئن گهارجي؟ واري نقطي تي ڪجهه
ڳالهائينداسون. ’علم ڇا آهي؟‘ اهو سوال ايترو آسان
هرگز به ڪونهي جيترو اسين ان کي سمجهندا آهيون، ڇو
ته ’ڪو به ماڻهو ڪا به شيءِ،‘ جان لاڪ (John Locke) برطانوي تجربيت پسند چواڻيءَ
”سواءِ تجربن جي سکي نٿو سگهي، ان ڪري جو اسان جو
ذهن ڄمڻ وقت هڪ شفاف صاف پني جي مصداق (Tebula
Rausa) آهي، جنهن تي
تجربا پنهنجي هلچل جي ٻولي تحرير ڪن ٿا.
(7)
ظاهر آهي ته ماڻهو
اهو ڪجهه ئي سمجهندو، جيڪو تجربن جي ذريعي سکندو ۽
تجربا غلط ۽ صحيح ٻنهي رخن ۾ ٿي سگهن ٿا، ته پوءِ
ان جو مطلب اهو ٿيندو ته، ’سچ ۽ ڪوڙ‘ يا درست ۽
غلط جو فرق رکڻ يا حاصل ڪرڻ علم چئبو. پر ٿورڙو
وڌيڪ باريڪبينيءَ سان سوچجي ته اهو مسئلو سامهون
ٿو اچي ته آخر ڪوڙ کي ڪوڙ ۽ سچ کي سچ چوڻ فقط انهن
لفظن کي تصور ڪري ذهن ۾ ’رکي سگهڻ‘ سان ته ممڪن
ڪونهي، ڇو ته جڏهن ڪا به ڳالهه ڇنڊ ڇاڻ کان پاڻ
ڇڏائي ٿي ۽ پنهنجي هُجڻ جا پڪا پختا سبب مهيا نٿي
ڪري ته آخرڪار اها شيءِ انڌي اعتقاد ڏانهن ريڙهي
ٿي ڇڏي ۽ اعتقاد انڌو نه کڻي، سالم ڇو نه هجي، علم
جي حقيقي حصول ۾ اسان جي ڪا مدد نٿو ڪري سگهي،
جيئن انگريز حقيقت پسند ڏاهو برٽرينڊ رسل ٿو چوي
ته:
“True belief can not be called knowledge when it
is deduced by fallacious process of reasonining
(8)
(سچو اعتقاد جڏهن دليلن جي غلط طريقي منجهان اخذ
ڪيو ٿو وڃي ته ان کي ڪڏهن به ڄاڻ جو درجو نٿو ڏيئي
سگهجي).
تنهن ڪري سچ جو حصول فقط تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن نه
فقط اسين پنهنجي سر سچائيءَ جو ديدار ڪيون ٿا، پر
خود ان سچائيءَ جو نه ڇڄڻ جوڳو حصو بڻجي پئون ٿا،
مثال طور، ته جڏهن ڪنهن صحرا ۾ ويندي تيز هوائون
لڳن ٿيون ته ماڻهو نه فقط انهن شوخ هوائن کي محسوس
ڪري ٿو، پر خود به انهن هوائن جي تيزيءَ جو حصو
بڻجي وڃي ٿو ۽ عام حالتن جي ڀيٽ ۾ هوائن جو ڌڪو
کيس هلڻ ۾ تيزي آڻڻ تي مجبور ڪري ٿو. سچائين جا
منتظر ماڻهو تاريخ ۾ هميشه هٺيلا احمق سمجهيا ويا
آهن ۽ آخرڪار ڏوهي ثابت ٿيا آهن ۽ جيڪي ماڻهو به
سچ پسي ان جو حصو بڻيا آهن، سي انساني ارتقائي
ڪهاڻيءَ جا نه وساري سگهڻ جوڳا باب بڻجي هميشه
هميشه لئه عظمت سان ڀرپور ۽ تقدس جا پئمانا بڻجي
ويا آهن. خود ذات باري تعاليٰ جو تصور به تڏهن هن
دنيا جي شعور ۾ سرايت ٿيو، جڏهن هن تخليقي عمل
(جيڪو سچائي جو سڀ کان وڏو ذريعو آهي) کان ڪم ورتو
جيئن هڪ عظيم صوفي ’باري‘ خدا جي ادب تصور جي اکرن
جي ذريعي تصوير ڪشي ڪندي چيو آهي.
ڪُنت ڪنزاً مخفياً فاجبت ان اعراق مختلف الخلق
(9)
آئون هڪ لڪل خزانو هُيس، مون گهريو ته منهنجي
معرفت عام ٿئي، آئون سُڃاتو وڃان، ان ڪري مون
مخلوق کي پيدا ڪيو).
ان جو مطلب اهو ٿيو ته سچائيءَ جو عمل سواءِ سچي
خيال ۽ عمل جي ممڪن ٿي نٿو سگهي.
لطيف اهو سڀ ڪجهه ڄاتو پئي، سندس زندگي حقيقتن جي
جبر جو چڱي طرح مشاهدو ڪري رهي هئي. هڪ طرف سندس
جوانيءَ ۾ شاهه عنايت شهيد پنهنجي سرڪشيءَ ۽
سرمستيءَ جي ڪري مغل سامراج ۽ سندس حوارين جو بکُ
بڻجي چڪو هو ۽ ٻئي طرف ان عظيم هستيءَ جي قاتل جو
اؤلاد (ڪلهوڙا) سنڌ جي تاريخ ۾ ڪافي عرصي کان پوءِ
مقامي ماڻهن جي حڪومت قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا
رهيا هئا. خود عالمن ۾ مختلف مسئلن تي گروهه
بنديون هيون ۽ قبائلي ڇڪتاڻ عروج تي هئي.
مطلب ته سنڌي سماج هڪ شديد خلفسار جو شڪار هيو،
ڪنهن به شيءِ ٻئي سان ميل نٿي کاڌو، اُتي لطيف
پنهنجي ڏاهپ کي مناظريبازيءَ کان بچائينديءَ ۽
خانداني ميداڻي پس منظر (جيڪو ان دؤر ۾ انتهائي
شدت سان اثر انداز ٿيندو هو) کان بغاوت اختيار
ڪري، عام ماڻهوءَ جي مٿان بربريت ڪرڻ واري عمل کان
پنهنجو پلاند آجو ڪرائيندي. تضاد جا گهيرا پنهنجي
سمجهه ڀري سنترتا سان ٽوڙي عمل جي ميدان ۾ ڪُڏي
آيو ۽ پنهنجي علم توڙي عمل ذريعي ان ڀُرندڙ سماج
جو حقيقي تجزيو ڪري هڪ شاعر جي روپ ۾ هڪ استاد ۽
عظيم رهبر جو رول ادا ڪريو ۽ چيو ته:
سڄو صاف نه اڀري، سرلي وچان سُج،
منهن چڙهيو ماڻهن کي، ڏئي واڌايون وڄ،
هينئڙا کُپ م کُج، سنگها ملندءِ سپرين.
(سارنگ)
حالتن جو گهرائيءَ سان مشاهدو، سچائيءَ جو صحيح
ادراڪ، انساني نفسيات جي احساساتي ڪيفيتن جو تُز
مطالعو ۽ هيڏي زبردست اميديت (Optimism) جو مظاهرو لطيف جي علمي عظمتن جو
ديوانو بڻائڻ لاءِ ڪافي آهي، هو نه فقط حالتن جي
سنگيني جي خبر رکي ٿو، پر پاڻ انهيءَ هانءُ
ٻوساٽيندڙ ڪيفيت ۾ رهي ٿو، ان هوندي به سپرين
(سچائي) جي سگهي ملڻ جو ايڏي يقين ۽ پڪ سان اطلاع
ڏئي ٿو جو ڄڻ ته سپرين قرآن مجيد جي هن آيت جو
تعمير بڻجي سندس ئي اندر موجود آهي.
’ونحن اقرب اليہ من حبل الوريده‘
اهو سڀ ان ڪري آهي جو لطيف وٽ سوچڻ جو اندازو ۽
سمجهڻ جو شعور ميڪانيڪي نه پر تخليقي طريقهءِ ڪار
سان واڳيل آهي، هو پنهنجي قديم ورثن، عظمتن ۽ هيرن
تي فخر به ڪري ٿو ۽ سندن حضور ۾ عقيدتن جا ترانا
به ڳائي ٿو، پنهنجي همعصر هستين لاءِ ”مون سي ڏٺا
ماءِ جن ڏٺو پرينءَ کي.“چئي سندن اُتم درجن جو
اقرار ته بيشڪ ڪري ٿو، پر زندگيءَ جي سونهن،
موسيقيءَجي وسعتن، رندانه مستيءَ سان ڀرپور ڪيفيتن
جي لمس هو پنهنجي سالمه حواسن ۽ ذهني ايمانداريءَ
سان محسوس ڪري، هلي ان راهه تي ٿو جنهن مان آجپي،
ماڻهپي ۽ حق پرستيءَ جا هزارين شاهراهه ڦٽي نڪرن
ٿا. سندس علم جا جَرَ عام لوڪ جي زندگيءَ مان جاري
ٿين ٿا ۽ هن لاءِ اهو ذريعو ئي معتبر آهي، ڇو ته
ممڪن آهي ته شعروي سطح جي لحاظ کان اهي مسڪين
ماڻهو حاصل هجن پر پنهنجين جبلتن، فطرتن ۽ روحاني
لطافتن جي خزانن مان ڀرپور ’مسڪين‘ ماڻهو ئي هر
سکيا جو بنياد ٿين ٿا.
لطيف جي فڪر لاءِ گهربل ڪردارن جي حاصلات جو
بنيادي ذريعو ۽ چٽو (Prosperious) رستو انهن ئي
ڪمتر ۽ ’ڪين جهڙن‘ ماڻهن جي دلين منجهان ڦٽي ٿو
نڪري. ان جي حاصلات لاءِ مان اڳ ئي چئي چڪو آهيان
ته، هو ڪي خاص پئمانا ڪو نه ٿو ٻڌائي، ڇو ته عارضي
حقيقتون ۽ سچائيون وقت ۽ جڳهه (Space and
Time) جون محتاج
آهن، ڪالهه جيڪا ڳالهه درست هئي، سا سڀاڻي غلط به
ٿي سگهي ٿي ۽ پرينءَ سچائيءَ جا ڪي نوان پئمانا به
جڙي سگهن ٿا. پر هو اهڙيون صلاحون ضرور ڏئي ٿو، جن
سان پنهنجي حيثيت جو احساس ٿيندو رهي ۽ لوڪ جي
ڀلائيءَ وارو اصل ڪم سرانجام ڏنو وڃي. اهو درجو،
ڪمال يا عرفان ضروري ناهي، ته علم جي خاڪي معيارن
(Terrestrial Standards)
يعني وڏن علمي سَندن رکڻ سان حاصل ٿئي، ان جي ابتڙ
ان اهم ذهني ۽ دلي لڳاءَ جي ضرورت آهي، جنهن سان
من اندر مفرح خيال سوچڻ لڳن ٿا.
ظاهر ۾ زاني، فڪر منجهه فنا ٿيا،
تنين کي تعليم جي، ڪڙهه اندر ڪاني،
حرف حقاني، دور ڪيائون دل ۾
(يمن ڪلياڻ)
پوءِ جڏهن اهو ’حرف حقاني‘ يا سچ جا ٻول دل اندر
عجب اسرارن سان ڀرپور سڪون جي ڪيفيت جي پرٽ ڪن ٿا.
ته ماڻهوءَ جي من ۾ نه فقط علم لئه عزت پيدا ٿئي
ٿي، پر جن ماڻهن لئه ۽ جن ماڻهن منجهان هو سکي ٿو،
انهن جو به احترام ڪرڻ شروع ڪري ٿو ۽ اهو سکڻ جو
مرحلو منجهس اها تڙپ به پيدا ڪندو رهي ٿو ته هو
اها علمي دولت انهن ڏانهن منتقل ڪري، جيڪي ان کان
وانجهيل آهن. تنهن ڪري سندس سڄي شعور ۽ ڏاهپ جي
کپت وارو به هڪ حلقو پيدا ٿئي ٿو ۽ اها ته اسان
سڀني کي سُڌ آهي ته معاشي سائنس ۾ پڻ ’رسد ۽ طلب‘
(Demand
and Supply) جي اصول
جي اهميت ايڏي آهي، جيڏي ڪنهن موٽر جي انجڻ لاءِ
تيل جي. جيڪو به ماڻهو ان اصول جو پابند ٿي ڄاڻ جي
جستجو ڪري ٿو، تنهن ماڻهوءَ جو ذهن هڪ اهڙي کوهه
وانگر ٿي پوي ٿو، جنهن مان جيترو به پاڻي ڪڍيو
رهجي ٿو تيترو جر منجهان سدا بهار ۽ شفاف سونهن
سان پُر ٻيو پاڻي اچي ڪڍيل پاڻيءَ جي جڳهه والاري
ٿو،
اهڙيءَ طرح اهو ماڻهو ڪارج ڀريو ٿيو پوي ۽ پوءِ
جتي وڃي ٿو اُتي محبتن ۽ سچائين جون هيرون گهلڻ
لڳن ٿيون ۽ هو نه فقط عوام جو من گهريو محبوب بڻجي
وڃي ٿو پر عوام جي خدمت ۽ مدد ڪرڻ ۾ ئي پنهنجي
مهانتا ڳوليندي سندن اک جو تارو بڻجي وڃي ٿو، ڇو
جو هو علم، ان جي حاصلات ۽ ڦهلاءَ وارو سڄو طريقو
سمجهي لافانيت ڏانهن پنڌ ڪندو رهي ٿو. لطيف پڻ
’علم ڪهڙو، ڪيئن ۽ ڪنهن لئه‘ واري مقصد کي سمجهندڙ
سورهين جون تعريفون ڪندي چوي ٿو ته:
وڃن مَ وينجهار! پاڻيٺ جي پرکڻا،
ڪنير پايو اکئين، لهن سڀ ڪنهن سار،
موتيءَ جي مجاز جو، قدر منجهه ڪنار،
صرافئون ڌار، ماڻڪ مُلاخطو ٿئي.
(سُر سريراڳ)
جڏهن لطيفي فڪر جي ٻئي پهلو يعني ’زندگي ڪيئن
گهارجي؟‘ واري نقطي تي نظر ٿا وجهون ته ان ۾ به
عقيدن جا وروڪڙ، ٺڳين ۽ حرفتن سان ڀرپور حيلا ۽
پاڻپڻي جي غليظ کامي مان اٿندڙ بدبوءِ جي بدران
عقل، سمجهه ۽ سوچ، سادگي سچائي، ايمانداريءَ ۽ خدا
جي مخلوق سان اڻ کُٽ پيار پلٽا ڏيندي نظر اچي ٿو.
هو افلاطون جي ’فلسفي بادشاهه‘ (The
Philosopher King)واري
سورمي وانگر ضابطن جي جڪڙ ۾ جڪڙجي پنهنجي فطري
صلاحيتن کي گهٽو ڏيئي مارڻ جو درس ڏيڻ ۽ پنجٽيهن
ورهين جي عمر تائين ٻين جي ٺاهيل سخت قائدن قانون
کي اختياري ڪرڻ کان انڪار ڪري ٿو.
لطيف فريڊرڪ نٽشي جي ’سپر مين‘ جي لاءِ به ڪو
اتساهه نٿو رکي، ڇو ته هو ٺوٺ ارادي جي سڪل ۽ سڙيل
کل سختيءَ سان اوڍي سڄي دنيا جي مخلوق کي احساس
ڪمتريءَ جي اونداهي غار ۾ ڌڪيندي پنهنجي ذاتي
خواهش جو طالب بڻجي پوي ٿو، ان ڪري جو هو ان ۾ ئي
يعني ٻين کي ڊاهي پاڻ ٺاهڻ واري شديد خواهش ۾ ئي
پاڻ کي اُتم محسوس ڪري ٿو. اهڙي طرح لطيف ميڪياولي
جي شهزادي (The
Prince) جهڙي ڪپت
واري زندگي اختيار ڪرڻ جي حق ۾ به ناهي، ڇو ته
سندس آڏو جبر، اختيار، ڏاڍپي ۽ بربريت سان ڀرپور
حياتي ماڻڻ لاءِ ڪا به جڳهه ڪانهي. اهڙي ڪرڀ ڀري
حياتيءَ جي حقير خسيس هجڻ کان کيس اڳ ئي آگاهي آهي
۽ انهن مان پلئه پوندڙ بُرن نتيجن ۽ اُهنجن آزارن
جي به کيس پروڙ آهي ۽ کيس اها به سڌ آهي ته زندگي
گهارڻ جي ان انداز جي پڇاڙي ڏاڍي ڀوائتي، دردناڪ ۽
وحشت سان ڀريل آهي، تڏهن ئي ته تنبيهه ڪندي ان
گمراهيءَ کان خبردار ڪندي چوي ٿو ته:
ڀيرئين ۽ ڀانئيين، ڀانئڻ ڀڃي ڇڏ،
ڪتو وِتو پورهيو، هوڏ وجهنديءَ هڏ،
هتي ڏيڍو مٽج ڏڏ! جتي ڏهڪن ڏهسئي واريون.
(ڪاپائتي)
ان جو مطلب اهو به ڪونهي ته ڪو لطيف ’رهبانيت‘ جي
حق ۾ آهي ۽ ذات جي اونهيءَ کڏ ۾ ڪري وجود جي ڌٻڻ ۾
ڦاسڻ جي تربيت پيو ڏئي. هر گز نه! هو ته مارٽن
هيڊگر جي دهشت (Dread)
واري نظريي جي نفي ڪندي سهڻيءَ جي دريءَ جي وچ ۾
دهشت سان مقابلو ڪري مرڻ کي ته ساراهي ٿو، پر وحشت
۽ ڪرب جي ڪاري اوندهه ۾ هٿوراڙيون ڏيڻ کان شديد
نفرت ڪري ٿو. سارتر وٽ جيڪا وجود جي انڪاريت آهي،
جنهن کي هن ’وٿ اندر پيهيل وجود‘ (Being
for Itself) جي
اصطلاح ۾ بيان ڪيو آهي ۽ کيس ’عدم وجود‘ (يعني
انساني وجود کي) ڄاڻائيندي آوارگيءَ ۽ اضطراب جو
شڪار ڪري ڇڏيو آهي، تنهن جي خلاف به لطيفي لات ۾
چٽا آواز اڀرندي محسوس ٿين ٿا.
بيشڪ لطف ڏک کي انساني زندگيءَ جو مسلسل پيڇو ڪندي
ڏسي ٿو ۽ ڪنهن حد تائين ان جي ضرورت تي به زور ڏنو
اٿائين، پر ڏکن کان فرار جي راهه سندس هڪ سٽ ۾ به
نظر نٿي اچي. ان جي ابتڙ مشڪل مرحلن ۾ رهندي، سور
۽ عذاب سهندي به هو وري وري مقابلو ڪري ٿو ۽ پوئتي
پير نٿو وجهي، ڇو ته لطيف جو مقصد ئي سماج مان
ڏکن کي تڙي سک ۽ سرهائيءَ کي آڻڻ آهي.ظاهر آهي ته
جيستائين انهن ڏولاون ۽ تڪليفن جي جنڊ ۾ فرد نه
پيڙهبو ته منجهس سماج بدلائڻ ۽ ڏکن کي نست نابود
ڪرڻ لاءِ مناسب حڪمت عملي ۽ پروگرام جي تربيت ڪيئن
عمل ۾ ايندي؟!
سُوريءَ چڙهڻ سيج پسڻ، ايءُ ڪم عاشقن،
پاهون ڪين پسن، سائو هلن سامهان.
يا وري ٻئي هنڌ چوي ٿو ته:
عاشق زهر پياڪ وهه ڏسي وهسن گهڻو،
ڪڙي ۽ قاتل جا هميشه هيراڪ،
توڙي چڪن چاڪ ته به آهه نه سلن عام سين.
(ڪلياڻ)
پر هتي اها ڳالهه واضع هجڻ کپي ته هي جيڪي ’چاڪ
چڪن ٿا‘ پر پوءِ به ’آهه عام سان نٿي سلجي‘
تنهنجو مقصد اهو ناهي ته هي سور ۽ عذاب ڪو ذاتي
سور آهن ۽ شرم جو باعث آهن، تنهن ڪري ان کي ظاهر
نٿو ڪجي يا شاهه جو آدرشي سومرو جيڪو سندس ڪلام جي
فلسفي جي نمائندگي ڪري ٿو سو ٻڌائيندي گهٻرائي ٿو
يا ڪو منجهس ايتري اخلاقي يا روحاني جُرئت ڪونهي.
ڪڏهن به نه لطيف جو سورهيه ته انهن معمولي آزمائش
مان بنا منهن مٿو پٽڻ ۽ رنج روڳ ڪرڻ جي گذري ٿو.
هو ته پراوا سور به پنهنجا ڪري خاڪ ۾ خاڪ ٿي هلي
ٿو ۽ پنهنجي اصل مقصد کي سيني ۾ سانڍي پنهنجي
مظلوم ماڻهن جي حق پرست جدوجهد لاءِ نيون راهون ۽
رستا تلاش ڪرڻ جي جستجو ۾ آهي. اها حق پرست جدوجهد
ڪهڙي آهي؟ اها آهي ته مادري وطن جي مٿان آيل
اُگرين گهڙين ۾ مڙس ٿي بيهجي، آپيشاهي، ظلم،
بربريت ۽ ڏاڍي خلاف مقابلو ڪيو وڃي. عوام جي وقار،
قوم جي عزت نفس ۽ تشخص لئه پنهنجي جندڙي کي گهورڻ
کان به نه لنوائجي.
شاهه جي سورمي سهڻي جيڪا سندس رسالي ۾ هڪ اهڃاڻ جي
طور ڪتب آئي آهي، تنهن جي پنهنجي مقصد سان سچائي ۽
پروگرام سان لاڳاپو يا وابستگي ايتري ته پختي آهي
جو جنهن مهل هوءَ پنهنجي اندر جي آواز تي لبيڪ چئي
درياهه ۾ وڃي ٿي ته مصلحتن جا هڙئي برُقعا اڇلائي
پري ڪري ٿي ۽ بيڊپي ٿي اڳتي وڌي ٿي. جيئڻ ۽ مرڻ جي
ان انداز جو لطيف شيدائي آهي، ڇو ته اصولن ۽
سچائيءَ خاطر حاصل ٿيل موت کي به هو ايترو مان ڏئي
ٿو جيرو ڪنهن زنده وطن پرست سپاهيءَ جي دليريءَ
کي. لطيف آڏو سورهيائپ واري موت جي اهميت ڳيجهپي
واري زندگيءَ تي سؤ دفعا مقدم آهي ۽ اهڙن ماڻهن
لئه موت جي شڪل ۾ به سچ جي تلاش ڪڏهن به خفو ناهي
پر نفعو آهي:
ڪنهن جنهن گهيڙ گهڙي، جئن اوتڙان تڙ ٿيوس،
سالم ويئي سِهڻي، ڪپن ڪين ڪيوس،
اُهس اکڙين ۾ پريان جو پيوس،
حقان حَق ٿيوس، هُئي طالب حق جي.
(سهڻي)
تنهن ڪري لطيف آڏو زندگي گهارڻ جو مطلب آهي ته،
”زندگي جا حق ادا ڪرڻ“ ۽ زندگيءَ جو وڏي ۾ وڏو حق
ڪيئن ادا ڪجي؟ اهو هيئن ته، نه فقط پنهنجي اصطلاح
ڪري پاڻ کي ماڻهو بڻائجي پر پاڻ هُر تڙو ٿي ذاتي
مفاد، حرص، يودائپ ۽ ڇتڪتائي کان پاسو ڪري ڏيکاري،
اڊمبر ۽ ٻيائي کي ٻَن ڏئي انهن ماڻهن جي زندگيءَ
کي تبديل ڪرڻ لئه عمل جي ميدان ۾ اچجي، جن لاءِ
گورڪيءَ بي مزي زندگي گذاريندڙ موڙهل ماڻهو (Drab
people)
(10)
جو اصطلاح ڪم آندو آهي. اُهي ماڻهو جن جي زندگي
ڏکڙن ڏهاڙڻ ۾ گذري وئي آهي ۽ جن جا چهرا تڪليفون ۽
عذاب ڏسي سونهن سوڀيا کان وانجها بڻجي پُسا ٿي ويا
آهن، دوستو وسڪي جي انهن ڪردارن سمان ذلتن ڀري
زندگي گذاريندڙ ماڻهو جن لاءِ زنده رهندي ئي جهنم
ڀري حياتي گذارڻ آهي، تن ماڻهن جي قسمت سنوارڻ لئه
ميدان ۾ اچي انهن ڌڪاريل ۽ بي عزت ٿيل ماڻهن (Humiliated
and Insulted)
(11) جي
دستگيري ڪري، کين عظمتن جي منزلن طرف رهنمائي ڪري.
مطلب ته اهو معاشرو جتي ڪنهن به روپ ۾ انساني وقار
جي توهين ٿئي ٿي ۽ پهرا پائينديون موجود آهن، اُتي
زندگي گذارڻ جو مطلب سرڪار لطيف آڏو ’ٻين لئه
جيئڻ‘ آهي ۽ اهو جيئڻ تيستائين جاري رهن کپي
جيستائين سماج ۾ روسو جي انهن ٻولن ته ’فطرت انسان
کي آزاد پيدا ڪيو آهي، پر هو هر هنڌ جڪڙيل آهي.‘
جي تعبير سندس جملي جي پهرين اڌ جي صورت ۾ ڪاميابي
ذريعي ڪو نه ٿي ٿئي ۽ پوئين اڌ جو خاتمو ڪو نه ٿو
ٿئي، تنهن ڪري لطيف جي لئه ان احترام ڀرئي زندگيءَ
منجهه ئي مهاتما سمايل آهي، جيئن هو چوي ٿو ته:
ڇپون ڇپر کٽ، پهڻ پٿراڻيون ڀانئيان،
جتي رهان راتڙي، مرون منهنجا مٽ،
سيڻن جي سهٽ، ڏونگر ڏولي مون ٿيو.
(حسيني)
اهو مختصر جائزو آهي، لطيفي لات جو جيڪو بنيادي
طؤر تي مون سجهيو آهي. آءُ نه ته ڪو وڏو اديب
آهيان ۽ نه ئي ڪو دانشور بس لطيف سان پريم ڪندڙ هڪ
اهڙو معمولي ماڻهو آهيان، جيڪو لطيف جو پوئلڳ
انهيءَ ڪري ئي ناهي ته هو هڪ عظيم شاعر آهي، پر
انهيءَ ڪري به سندس عظمتن ۾ سربسجود ٿئي ٿو، جو
لطيف هُن لئه هڪ آدرشي انسان به آهي. تنهن ڪري
بائيبل مقدس جي هيٺين اکرن کي ٻڌڻ کان پوءِ ته:
.اوهين جي شريعت جي ماتحت رهڻ گهر ٿا سي مون کي
ٻڌايو ته اوهين شريعت نٿا ٻڌو ڇا؟ “
(12)
لطيف جي ڪلام جو معترف ٿي نه فقط ان جي فڪري ۽ فني
عظمتن جو قدر ڪيان ٿو، پر ان کي زندگي گذارڻ لئه
’موچاري راهه ڏسيندڙ شانائتو فڪر به سمجهان ٿو. پر
آخر ۾ هتي سوال ٿو اُڀري ته اها ’وچٿري واٽ يا
موچاري راهه‘ جنهن کي گوتم ٻڌ ’شٽ مارگ‘ چيو آهي،
تنهن جي لطيف وٽ ڪهڙي وضاحت آهي. جيڪا ئي حقيقت ۾
لطيف جي ڪلام جي فلسفي جو روح چئبي، ته ان جو مون
وٽ هڪڙو خاص تصور آهي، جيڪو مون لطيف منجهان
پنهنجي سمجهه آهر سمجهيو آهي.
اها واٽ آهي مٿي بيان ڪيل راهُن تي مستقل مزاجيءَ
۽ ترقي پسنديءَ ذريعي جدوجهد ڪرڻ، يعني شين جي
اندر تضاداتي ڪيفيتن کي حقيقي سمجهي، انهن منجهه
جاري و ساري تضادن کي لا محدود سمجهي، اڳتي وڌڻ جي
جستجو ڪرڻ، خود لطيف منزل جي مڪمل حاصلات کي فقط
سپنو ئي سمجهي ٿو، ها فقط ايترو ممڪن آهي ته اسين
هڪ ڏاڪو طئي ڪري وڃون پر ٻيا ڏاڪا پوءِ پٺتي رهيل
آهن، انهن ڏاڪن جو مرحليوار ۽ ترتيب وار سفر طئي
ڪرڻ ۾ شاهه سائين زندگيءَ کي ٽڙندي ڏٺو آهي. ڇو
ته کيس سُڌ آهي ته جڏهن اسين شعور جي بلندين تي
حملو ڪري کين مسمار ڪيون ٿا، سوچن جي آزاد رخن ۾
ڦهلجڻ تي بندش لڳايون ٿا ۽ سماج جو تجزيو انساني
فطرت جي روين کي نظرانداز ڪندي ڪريون ٿا ته اصل ۾
اسين تباهي ۽ برباديءَ جي راهه تي پير ڌرڻ لڳون
ٿا، پوءِ اشتراڪي سماج جهڙو بهترين معاشرو ئي ڇو
نه هجي اسين ناڪاميءَ کان سواءِ ڪجهه نه ٿا ڪري
سگهون.
تنهن ڪري لطيف بار بار اهو دهرائيندو رهيو آهي ته
ڪنهن به شيءِ کي حتمي سمجهندي بس ڪري نه ويهجي، ڇو
ته جڏهن ڪا به ڳالهه حرف آخر سمجهي قبول ڪري ويهجي
ڇو ته، معنيٰ عقل، ڏاهپ ۽ ترقيءَ جهڙن بهترين جذبن
۽ گڻن جي توهين ڪجي ٿي ۽ سچائي، انصاف ۽ سونهن کان
ڪَن لاٽار ٿيندي رهي ٿي. تنهن ڪري پاڻ به انهيءَ
سوچ کي مانُ ڏيندي هو چئي ويٺو ته:
ڳوليان ڳوليان مَ لهان، شال م ملان هوت،
من اندرجا لوچ، مڇڻ ملڻ سين ماٺي ٿئي.
حقيقت ته هي ئي ٻه سٽون آهن. جن کي شاهه سائين جي
ڪلام ۾ آيل فڪر ۽ فلسفي جو سَتُ سمجهي پيش ڪري
سگهجي ٿو، هي سٽون نه فقط مسلسل جستجو ۽ پائيدار
تلاش جو ذڪر ڪن ٿيون، پر منزل نه ملڻ جي دعا پڻ
گهرن ٿيون. ڇو ته منزل جو ملڻ معنيٰ اتساهه ۽
جدوجهد جو خاتمو ۽ جدوجهد جي خاتمي کي لطيف
زندگيءَ جي خاتمي سان تعبير ڪيو آهي، ان ڪري جيڪا
به شيءِ جستجو کان سواءِ ٻئي ڪنهن طريقي سان حاصل
ٿئي ٿي، تنهن جي وصال ۾ اها شدت ڪانهي جيڪا انساني
روح کي سڪون سان معطر ڪري ٿي.
اسان سان اها ويڌن آهي ته اسين ٻاهرين فلسفن ۽
فڪرن ۽ مطالعي کي ته چاهه ۽ دل جي حضور سان پڙهون
ٿا، پر لطيف کي ائين پڙهڻ ۽ سمجهڻ جي جستجو نه ڪئي
آهي، جيئن ڪو عاشق پنهنجي محبوب جي اکين ۾ قربتن
جا رنگ پسڻ گهرندو آهي. عجيب ڳالهه ته اها آهي ته
ٻاهريان ماڻهو ته سان کي لطيف جي فلسفي جي نون
پهلوئن کان آشنا ڪرائين ٿا، پر پاڻ وٽ اهڙو ڪم ڪو
نه ٿو ٿئي، جنهن مان اطمينان ظاهر ٿئي.“
’اياز‘ پڻ اهڙي شڪايت ڪندي چوي ٿو ته: .ان کان اول
جو مان شاهه ڀٽائيءَ جي فيلسوفيءَ ۽ فڪر جو ذڪر
ڪريان، مان پنهنجي ۽ اسان سڀني جي هڪ اهڙي
ڪوتاهيءَ ۽ ڪم نظريءَ ڏانهن اشارو ڪرڻ ضروري
سمجهان ٿو، جيڪا اسان جي قومي بدنصيبيءَ جي برابر
آهي. اسين ماڻهو تيستائين پنهنجين عظمتن ۽ بلندين
جو اعتراف نه ڪندا آهيون جيستائين غير جي نگاهه
اسان کي اهو احساس نه ڏياري. اها بيقدري رڳو اسان
وٽ ئي نه آهي، پر لڳ ڀڳ سموري اوڀر ۾ آهي. اسان
عمر خيام جي عالمگير عظمت کي تڏهن سڃاتو جڏهن
“Fitzgarald” ان آڏو
ڪنڌ نوايو. ڪاليداس. کي تڏهن مڃيوسين جڏهن
“Max Muller” سندس
عظمت جو اعتراف ڪيو ۽ اهڙي طرح شاهه لطيف ۽ ٽئگور
جي اعليٰ مقام ڏانهن تڏهن اک کڻي نهاريوسين جڏهن
سورلي ۽ Yeats
انهن جي قدر ۽ قيمت جي جهلڪ
ڏيکاري. خاص ڪري شاهه لطيف کي ته ڪو عرصو مقامي حد
بندين ۾ رکيو ويو. جڏهن ته هو جاگرافيائي حدن کان
ٻاهر جو انسان هيو.“
(13)
ڀٽائي اهو سڀ ڪجهه تنهن دؤر ۾ به ڄاتو ٿئي پر حضور
شرمي ۽ قوم سان محبت وچان پنهنجي ان سموريءَ عظمت
کي غير معمولي ڄاڻندي به لڄارو ٿو ٿئي. اسان جي
معمولي معيارن جي سُڌ هوندي به هو چوندو رهيو ته:
پلئه پايو سچ آڇيندي لڄ مران.
نوٽ: شاهه سائين جي بيتن لاءِ ڪلياڻ آڏواڻيءَ واري
رسالي مان مدد ورتي وئي.
(ماهوار پروڙ جي مارچ، اپريل
1990ع، شماري تان ورتل)
|