سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: ڪلاسيڪي ۽ جديد سنڌي شاعري

باب: --

صفحو :20

(29) ”مند ٿي“، ”منڊل منڊيا“، ”ڪي اوهيڙن اوڪ“.

(30) ”ڇاڇرٿي ڇنن ۾“، ”مينهون چرن موڪ“.

(31) ”اچن آب اکين ڪيو وڄون اُتر واءِ“.

(32) ”ڪامل ڪپاهن ۾ پيئي ٺار ٺران.“

(33) ”سڄو صاف نه اڀري سرلي وٺان سج“.

(34) ”منهن چڙهيو ماڻهن کي ڏئي واڌائي وڄ“.

(35) ”ڍٽ ڍري/پٽ پيون/ پاسي پارڪر“.

 

مٿيان سڀئي عڪس مون شاهه لطيف جي رڳو هڪ سُرَ مان ڏنا آهن. ڪي ڪي سٽون اهڙيون آهن، جن ۾ هڪ کان وڌيڪ عڪس آهن، پر سڀ (Complex Image) چئبو. (ڏسو 15، 16، 17، ۽ 27).

مٿي آيل عڪسن کي جدا جدا هيڊن ۾ ورهائي ٿو سگهجي.

مثال طور؛

ڏسڻ جي وسيلي مشاهدي ڪرڻ جا عڪس، (sight imagery): هي هيٺيان آهن آگميو آهي، لڳهه پس، اٻون ڪڪرن ڪڍڙيون، ڪڪر ٿو ڪري، اڄ پڻ منهنجي يار وسڻ جا ويس ڪيا، ڪڪر ڪي چوٽي، مند ٿي، منڊل منڊيا، ڪي اوهيڙن اوڪ.

رنگين عڪسي مشاهدي وارا عڪس: (Colour imagery) مثال طور: سارنگ سائي سٽ، جهڙي لالي لاک جي، ايءُ سي اُٻن انگيا چئن سي چنيءَ چت، اڄ رسيلا رنگ بادل ڪڍيا برجن سين، وڄون وسڻ آئيون ڪري ال لبيس، ڪارا ڪڪر ڪيس.

غير متحرڪ مشاهدي وارا عڪس (Static magery) مثال طور: پٽن جهليا پاه، مٿي گسن گاهه، سرهي سيج، پاسي پرين، آڙيون ابر آسري، تنگ ڀڄن، ترڪش پس، سڄڻ چت پون.

متحرڪ مشاهدي وارا عڪس: (Kinetic  imagery). ساريو سپرين کي کڙڪ ڳلن تي پون، سي مر رويو رون جن مسافر پسرين، سارنگ کي سعيو، اچن آب اکين ڪيو وڃون اتر واءِ، منهن چڙهيو ماڻهن کي ڏئي واڌائي وڄ.

انتقالي مشاهدي وارا عڪس (Synaesthetic imagery): پرين جي پرديس مون کي مينهن ميڙيا، سانوڻ پسي سرتيون سڄڻ ساريو مون، جهڙ نيڻون نه لهي ڪڪر هون نه هون، ساريون سپرين کي لڙڪ ڳلن تي پون، مينهان ۽ نيهان ٻئي اکڙ هيڪڙي، ڍٽ ڍري پٽ پيون پاسي پارڪر.

ٻڌڻ واري مشاهدي جا عڪس، مثال طور: تاڙا تنوارين، گڙي ٿو گمان ۾ آيو ڪي آيو، ڪڻڪن ڪانڌ چت ڪئو جهڙ پسيو جهجن، سڻي رڙ رعد جي ڪليون ٿيون ڪنبن.

حرارت واري مشاهدي جا عڪس (Thermal imagery): ڪانڌ تنهنجي پاند ريءَ سيءَ مران سڀ رات، ڪامل ڪپاهن ۾ پيئي ٺار ٺران.

حواسن کي لطف ڏيڻ وارا عڪس (Sustatory inagery): مينهان ۽ نيهان ٻئي اکر هيڪڙي، جهڙ نيڻون نه لهي ڪڪر هون نه هون، بادل ٿي بيهان جي آگم اچڻ جا ڪرين.

هنن عڪسن کانسواءِ ڪي اهڙا عڪس به آهن، جن ۾ ڪنهن به حواس کان مدد نه ورتي ويئي آهي. هنن عڪسن جو واسطو تصور ۽ سوچ سان آهي. مثال طور:  ”سارنگ کي سعيو نه ٿيو،“ ”گڙي ٿو گمان ۾ آيو ڪي آيو.“ ڏسجي ٿو ته هنن عڪسن جو واسطو دل جي ڪيفيتن سان آهي. ”ساريو سپرين کي، لڙڪ ڳلن  تي پون“ دل جي اڌمي جو اظهارڪري ٿو. اهڙيءَ ريت ”سڀئي مر رويو رون، جن مسافر سپرين“ به دل جي حالت ۽ غم ۽ اندوه جو تصور ظاهر ڪري ٿو.

هنن مثالن جي آڌار تي شاهه جي ڪلام کي وڌيڪ سمجهڻ جي خيال کان اسان وڌيڪ ڪم ۽ محنت ڪرڻ لاءِ ڪي نوان نڪتا به مقرر ڪري سگهون ٿا. مثال طور:

شاهه گهڻي ۾ گهڻا عڪس سر سارنگ ۾ ڇو ٿوڏئيئ

سارنگ ۾ ڪم آيل عڪسن  مان گهڻا ڪهڙي نموني جا آهن ۽ انهن مان توهان شاهه لاءِ ڇا ٿا سوچيو.

شاهه جي قلبي مشاهدي ۽ بصري مشاهدي جي ڀيٽ ڪريو.

شاهه جا اُهي عڪس ڏيو، جن ۾ بصري ۽ قلبي مشاهدا هڪڙي ئي هنڌ آهي. (مثال طور: اچن آب اکيئين ڪيو وڄون اتر واءِ. هن عڪس ۾ ”آب اکئين ڪيو“ قلبي ڪيفيت لاءِ آيو آهي ۽ ”اچن وڄون اتر واءِ“ بصري مشاهدي لاءِ آيو آهي). ٻئي مشاهدا هڪڙي هنڌ ملي هڪ نرالو يعني انتقالي مشاهدو ٺاهن ٿا.

رسالو منهنجي اڳيان رکيو آهي. انسان جي من جي ڪهاڻي منهنجي اڳيان آهستي آهستي پاڻ کي کوليندي ٿي وڃي ۽ مان ان کي ڏسندو ٿو وڃان. ڀٽائيءَ جي عظمت مون جهڙي هڪ سنڌي پڙهيل ماڻهوءَ کان ڪجهه گهري ٿي. آءُ سمجهان ٿو ته عقيدت ۽ عزت ٻئي اسان کي للڪاري رهيون آهن. اسان اڃا تائين پنهنجي ورثي کي پاڻ به سمجهي نه سگهيا آهيون ته ٻين کي ڪهڙيءَ ريت ۽ ڪڏهن سمجهائي سگهنداسون. آهي ڪو جو لوڪ سُتي اُٿي ويهي ۽ پرينءَ جي پچار ڪري ۽ انهيءَ ڳالهه جي پرواهه ڪرڻ کان سواءِ ته ماڻهو منهنجو لکيو پڙهندو ئي ڪو نه هو، هو رڳو کلندو رهي!

 

نشان، علامت ۽ اهڃاڻ (Signal, sign and symbol):

اهڃاڻ جي باري ۾ مون پنهنجي معلومات کي پنهنجن ڪن ٻين مضمونن ۾ به ظاهر ڪيو آهي. اهڃاڻ رڳو شعر جي اڀياس جو موضوع به نه آهي. اهڃاڻ ته حقيقت ۾ ٻوليءَ جو مامرو آهي، جنهن کي شعر ۾ به ڪم آندو ويو آهي.

پنهنجي مضمون ”شعر جي اڀياس جا نوان طريقا“ جي پهرينءَ قسط ۾ مُنڍ ۾ ئي مون ڏيکاريو آهي ته شعر جي اڀياس جي طريقن ۾ جيڪا ڦير گهير آئي آهي، تنهن جو وڏو سبب ٻوليءَ جي باري ۾ نئين نئين معلومات آهي، ۽ ٻوليءَ جي باري ۾ جيڪا نئين معلومات آئي آهي، ان ۾ اهڃاڻ ۽ عڪس جا موضوع وڏيءَ اهميت جا حامل آهن. اهو ئي سبب آهي، جو مون پهرينءَ قسط ۾ ٻوليءَ جي باري ۾ بحث ڪيو هو، ٻيءَ قسط ۾ عڪس جي باري ۾، ۽ ان کان پوءِ آءُ اهڃاڻ جي موضوعن تي لکي رهيو آهيان.

انسان جي ٻولي اهڙي شيءِ نه آهي، جنهن کي ماڻهو ڄمڻ وقت ئي پاڻ سان کنيون آيو هجي. ٻولي ته اسان کي سيکاري وئي آهي ۽ ٻولي اسان کي پنهنجي سماج وٽان ملي آهي. ٻوليءَ جي باري ۾ جيڪي پهريان سوال انسان جي اڳيان آيا هئا، سي هئا.

الف-   ٻولي ٺهي ڪيئن ٿي؟

ب-     مادري ٻوليءَ ۽ ٻيءَ ٻولي جي وچ ۾ فرق ڪهڙو آهي؟ (ڏسو منهنجو مضمون ”ٻوليءَ جو ٻٽو سرشتو“).

ج-     ٻوليءَ ۾ جانورن جي علامتي رڙين (Signal Cries) ۾ فرق ڪهڙو آهي؟

د-      انساني سماج ۾ عام رواجي ٻولي (Every day speech) اظهار جي ٻين طريقن کان ڪهڙيءَ ريت مختلف آهي؟

اهڙن سوالن تي سوچڻ کانپوءِ اسان ٻوليءَ جي قاعدن جو علم معلوم ڪري ورتو، جيڪو اڄڪلهه ”ٻوليءَ جي علم“ جي نالي سان گهڻو پڙهيو ٿو وڃي. جنهن شيءِ کي ”علامت جو نظريو“ (Sign Theory) چيو ٿو وڃي، اهو به ٻوليءَ جي مامري ۽ مانڊاڻ جو هڪ سوال آهي، پر اهو ئي سوال آهي، جيڪو اسان کي اهڃاڻ تائين پهچائي ٿو. اهو ئي سبب آهي، جو آءُ اهڃاڻ کي رڳو شعر جي اڀياس جو طريقو ڪو نه ٿو سمجهان. منهنجو ته ڀروسو آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڃاڻ  هاڻ عام رواجي ٻوليءَ ۾ به ڪم اچي ٿو. هن ڳالهه جي آڌار تي منهنجو ڀروسو آهي ته سنڌي ٻولي پنهنجي اوج تي پهچڻ واري آهي، ۽ اسان جي رڳو ٿورن سالن جي ڪوشش، جيڪا اسان کي ڪرڻي پوندي، سنڌي ٻوليءَ کي تمام وڏي درجي تي پهچائي ڇڏيندي.

علامت جي نظريي مطابق، جنهن جو مون مٿي ذڪر ڪيو آهي، ٻوليءَ جي علم (Linguistics) کان سواءِ هڪ ٻي سائنس به ٻوليءَ جي اڀياس ۾ مدد ڪري ٿي. عام طور تي ان کي Semiotics يعني ”ٻوليءَ جي علامت وارو علم“ چئي ٿو سگهجي، پر مان هن لفظ جي سنڌي سڪي جي باري ۾ يقين سان چئي نٿو سگهان. بهر حال هن علم جو واسطو ٻوليءَ جي علامتي ۽ اهڃاڻوي طريقن سان آهي، جن کي “sign and symbol” چيو ٿو وڃي. هنن طريقن جي وسيلي اسان کي خبر پوي ٿي ته انسان جي ٻولي اظهار جي ٻين طريقن کان ڪهڙيءَ  ريت نرالي آهي ۽ انسان جي ٻولي جانورن توڙي مشين جي ٻوليءَ کان ڪهڙيءَ ريت جدا آهي.

هن جاءِ تي مناسب معلوم ٿو ٿئي ته اهو ڏسجي ته ڪا اهڙي ٻولي به آهي ڇا، جيڪا فطرت (Nature) ڳالهائي سگهندي هجي؟ هيءُ سوال مون هن ڪري اٿاريو آهي، جو ان جو واسطو ٻوليءَ جي تاريخ اڀياس سان آهي. ٻوليءَ جو تاريخي اڀياس (Historical Linguistics) هڪ جدا شيءِ آهي، پر ان مان اسان کي ٻوليءَ جي نوعيت ۽ ارتقا جي خبر پوي ٿي. ان ڪري فطرت جي ٻوليءَ وارو سوال خاصو اهم آهي.

قرآن پاڪ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سج جي اڀرڻ ۽ لهڻ ۽ اهڙيءَ ريت ٻين شين جي ڦير گهير مان حضرت ابراهيم عليه السلام کي انهن جي بي ثباتيءَ جي خبر پئجي ويئي هئي ۽ هن اهو فيلصو ڪيو هو ته هي شيون عبادت جي لائق نه آهن. اهڙيءَ ريت هنڌ هنڌ اهو ٻڌايو ويو آهي ته انسان پنهنجي ماحول مان علم پرائي ٿو ۽ پوءِ فڪر جي وسيلي ان علم جا معيار مقرر ڪري ٿو. اهڙيءَ ريت شاعرن کي پاڻيءَ جي وهندڙ نالين ۾ ڪتاب ڏسڻ ۾ ايندا آهن ۽ ڪڪرن جي وچ مان نڪرندڙ سج اُنهن جي لاءِ هڪ نئون نياپو آڻيندو آهي. شاهه سائين جو لفظ ”آگم، به سڌو سنئون فطرت مان ورتو ويو آهي. ”سڻي رڙ رعد جي، ڪليون ٿيون ڪنبن“ واري سٽ پڻ ٻڌائي ٿي ته ماحول جو اثر انسان تي پوي ٿو.

اهڙيءَ ريت اِها ته  خبر پوي ٿي ته اسان کي علم جي صورت ۾ يا معلومات جي صورت ۾ ڪا شيءِ پهچائي ٿي، پر البت هنن خيالن جي آڌار تي ائين چئي نٿو سگهجي ته فطرت جي ڪا ٻولي ٿيندي آهي. جديد علوم جي بنيادن تي فقط ايترو وسهڻ  جهڙو آهي ته ٻوليءَ جو لفظ فقط انسان لاءِ مخصوص آهي. هن ڳالهه جي لاءِ دليل اهو آهي ته فطرت جو مخاطب ڪو خاص ماڻهو نه هوندو آهي، پر ٻوليءَ جي باري ۾ اها راءِ هاڻي وزندار آهي ته ڳالهائڻ جي لاءِ ڪو خاص ٻڌندڙ اڳ موجود هوندو آهي، جنهن کي ڪجهه نه ڪجهه ٻڌايو ويندو آهي. (مون ڳالهائڻ ۽ ٻڌڻ وارن نظامن جي باري ۾ جدا ڪٿي لکيو آهي.)

اهڙيءَ ريت فطرت جي ٻوليءَ لاءِ رڳو ايترو چئي ٿو سگهجي ته فطرت معلومات ڏئي ٿي پر ڳالهائي نه ٿي سگهي.

علامتن (signs) جا جدا جدا سرشتا (systems) ٿين ٿا. انهن سرشتن تي ڪم ڪرڻ لاءِ هڪ وسيلو ٿئي ٿو، جنهن کي (Cybernetic device)چيو ويندو آهي. چيو وڃي ٿو ته انسان ۽ جانور به اهڙي قسم جا وسيلا آهن، جيڪي ڪنهن مقرر ٿيل ”علامتن جي نظام“ جنهن کي ٻولي ٿو چئجي- تي ڪم ڪري رهيا آهن.

پر اچو ته اڳ ۾ ڏسون ته علامت ۽ نشان (sign and signal) آخر آهن ڇا؟

باهه جو دونهون هڪڙو سگنل آهي (سنگل جي لاءِ مان لفظ نشان ٿو لکان)، جنهن کي علامتن ۽ اهڃاڻن جي علم (semiotics) جي خيالن کان (Index sign) چيو ٿو وڃي. انهيءَ نشان ۾ باهه جي وجود جو اطلاع آهي، توڙي جو خود باهه اسان کي ڏسڻ ۾ ڪانه ٿي اچي. پر ساڳي شيءِ (يعني دونهون) علامت به بڻجي ٿي سگهي. سو هن طرح، جو جيڪڏهن اسان ڪي به ٻه ماڻهو اڳ ۾ هڪ ٻئي سان اهو فيصلو ڪري ٿا ڇڏيون ته فلاڻي هنڌ تي اسان مان خطرو آهي“ يا ”اسان مان ڪو اتي انهيءَ هنڌ تي اڳ ۾ ئي موجود آهي“، ته انهيءَ حالت ۾ دونهون نشان نه پر علامت آهي. اهڙيءَ حالت ۾ دونهون، دونهين کان وڌيڪ، ڪنهن اطلاع جو وسيلو آهي، ۽ اهڙيءَ حالت ۾ اهو دونهون نشان نه ، پر علامت آهي، جنهن کي (sign) چئبو.

علامت جي لاءِ ٻه ڳالهيون نهايت ئي ضروري آهن:

خبرچار ڏيڻ واري شيءِ

خبر چار وٺڻ، حاصل ڪرڻ يا ٻڌڻ واري شيءِ.

پرنشان (signal) لاءِ ضروري نه آهي ته  ان ۾ اهي ٻيئي ڳالهيون هجن. ڪنڊ تي گهاٽو جهڙ ڏسي، اسين معلوم ڪري ٿا وٺون ته ڪٿي مينهن وسي رهيو آهي، پر اهڙو اطلاع اسان کي ڪنهن شيءِ ارادي طور تي ڪو نه ڏنو آهي.

مون مٿي عرض ڪيو آهي ته علامتن جو هڪڙو نظام ٿئي ٿو، جنهن کي ٻولي ٿو چئجي. هن جاءِ تي انهيءَ نظام کي وڌيڪ سمجهڻ لاءِ آءُ عرض ڪندس ته ڪنهن علامت کي ان وقت تائين ڪا معنيٰ ڪا نه ٿي ٿئي، جيستائين ان جو تعلق علامتن جي نظام سان قائم نه ڪيو ويو آهي. ٻوليءَ جو هي مامرو انسان جي جماعتي نظام جهڙو آهي. اچو ته هاڻي علامتن جي نظام کي سمجهون.

(1) هيءَ عجب جي نشاني آهي، پر جدا جدا هنڌن تي ان جون جدا جدا معنائون آهن. اسڪول جو شاگرد چوندو ته هيءَ عجب جي نشاني آهي، ڊرائيور چوندو ته هيءُ خبردار ڪرڻ جو نشان آهي، رياضيءَ جو عالم ان کي جزن ڪرڻ جو نشان ڄاڻندو، ۽ شطرنج جو رانديگر ان کي ”بهترين چال“ سمجهندو. آهن چار ئي برابر- نشاني ته ساڳي آ، پر اُن کي معنائون آهن چار. سو هن طرح، جو هن نشانيءَ جو واسطو چئن جدا جدا علامتن جي نظامن سان آهي. هر نظام اُن کي هڪ جدا معنيٰ ڏئي ٿو. جهڙو نظام تهڙي معنيٰ.

هن مان معلوم ٿو ٿئي ته اسان وٽ ٻوليءَ جي مٽا سٽا (Transformation) جا ڪيئي نظام ٿين ٿا ۽ انهن جا ڪيئي درجا ٿين ٿا. ڇو ته اهو ڪمال فقط انسان کي حاصل آهي ته هو علامتن کي حالتن کان جدا ڪري سگهي. انسان ماضي، حال ۽ مستقبل جي حالتن ۾ ڳالهائي سگهي ٿو. ان جو مطلب اهو آهي ته هو علامتن کي ڪن خاص حالتن جي تابع نٿو سمجهي. پر جانور ائين ڪري نٿو سگهي. جانورن جي حالتن ۾ علامتون متحرڪ ڪو نه ٿيون ٿين. اُهي تبديل ٿي ڪو نه ٿيون سگهن. ڪڪڙ چوزي کي اهو ٻڌائي نٿي سگهي ته ڪالهه ڇا ٿيو هو ۽ سڀاڻي ڇا ٿيندو. جانورن جي حالت ۾ علامت کي پيدا ڪرڻ واري هڪڙي خاص حالت ٿئي ٿي ۽ علامت رڳو هڪڙي خاص وقت ۾ پيدا ٿئي ٿي.

علامت (sign) ڳالهائڻ کان سواءِ به پيدا ٿي سگهي ٿي. ڳالهه ٿا ڪن ته ڪو ڪاڻو همراهه عقل ۾ ڏاڍو اڳرو ليکبو هو. ماڻهو هُن جو ٻوٿ ٻڌي، هن کي بادشاهه جي درٻار ۾ وٺي ويا ته جيئن هُنَ جو عقل راڄڌانيءَ جي مامرن ۾ ڪم اچي ۽ اجايو وهي نه وڃي. بادشاهه ڳالهه ٻڌي، وزير کي حڪم ڪيو ته عقل ۾ هن عاقل جو امتحان ورتو وڃي. وزير وڏو ڏاهو هو، سو هن همراهه کي چيو ته تون منهنجن سوالن جا جواب ڏيندو وڃ پر ڳالهائجانءِ نه. ان کانپوءِ وزير هڪڙي آڱر مٿي ڪئي. جواب ۾ عقل واري ماڻهو کڻي ٻه آڱريون مٿي ڪيون.  وزير ٽي آڱريون مٿي ڪيون ته همراهه مُڪ ڏيکاريس. وزير ٻيرکڻي چٻاڙي ڦٽو ڪيو ته همراهه ٻير ڳڙڪائي ويو. عاقل ماڻهن جو مقابلو ڪافي وقته هليو، پر آخر وزير کي هار مڃڻي پيئي. جڏهن بادشاهه وزير کي سڄيءَ ڳالهه جو راز پڇيو، تڏهن وزير وراڻيو، ”بادشاهه سلامت، شل بخت بالا ۽ عزت  اعليٰ هجي- هي عاقل مڻهو ته عقل جو وڏو خزانو آهي. مون جڏهن هڪڙي آڱر کڻي هن کي چيو ته خدا واحد آهي تڏهن هن ٻه آڱريون کڻي چيو ته ايمان لاءِ رسالت جو اقرار به ضروري آهي. مون جڏهن ٽي آڱريون کڻي هن کان پچيو ته تثليت (Trinity) جي باري ۾ هن جو رايو ڇا آهي، تڏهن هُن مُڪ ڏيکاري مون کي ٻڌايو ته خدا پوءِ به واحد آهي ۽ ان جو ڪو ثاني ڪونهي. سائينءَ جن جي بخت جو خير هجي، جڏهن مون ٻير کڻي کاڌو ۽ پوءِ ٿو ڪاري ڇڏيم. تڏهن ڄڻ مون هن کي چيو ته زندگي لذيذ آهي پر آهي کٽي، ان ۾ ڏک به آهي. تڏهن صاحب عقل جي بادشاهه ٻير ڳهي مون کي ٻڌايو ته زندگيءَ پوءِ به ماڻڻ ۽ گذارڻ جي لائق آهي. جهان پناهه هي ڪاڻو عقل جو وڏو بادشاهه آهي، آءُ هن سان ڀيٽ ڪري نٿو سگهان.“

بادشاهه تپرس ۾ اچي ويو ۽ ڪاڻي عاقل کي ڳالهائڻ جي اجازت ڏيئي. هن کان پڇيائين، ”هي تخت ۽ بخت هن عقل واري ڪاڻي کان معلوم ڪرڻ ٿو گهري ته هن دين ۽ زندگيءَ جي باري ۾ ايڏي واقفيت ڪٿان حاصل ڪئي آهي!“ ڪاڻو عاقل ٿڪ ڳهي چوڻ لڳو، ”بادشاهه خان! مون کي مذهب جي ڪهڙي خبر. هن هڪڙي آڱر کڻي چيو تون ڪاڻو آن ڙي، ڀڄ تون ڇا مقابلا ڪندين. تڏهن مون به کڻي چيو مانس منهنجي هڪڙي تنهنجي ٻن جي برابر آهي. جڏهن هن ٽي آڱريون کڻي چيو ته اسان ٻن کي ٽي اکيون آهن. تڏهن مون چيو مانس ته منهنجي مقابلي ۾ اچ ته خبر ڏيانءِ. جڏهن هن مون کي چيو ته مان تو کي ڪچو چٻاڙي پوءِ ڦٽو ڪري ڇڏيندس. تڏهن مون چيو مانس ته مان تنهنجا هڏا به کائي ويندس.“

هن ڳالهه يا ”ڳالهڙي“ سان اسان کي علامتن جي ٻن نظامن جي خبر پوي ٿي. هڪڙي نظام ۾ بحث جو موضوع مذهب هو ته ٻئي نظام ۾ جهيڙو. توڙي جو علامتون هڪ جهڙيون هيون، پر انهن جون معنائون پنهنجي علامتي نظام مطابق جدا جدا هيون.

ٻوليءَ ۾ علامتن جا گهڻائي نظام ٿين ٿا، ان ڪري ٻوليءَ جي هڪڙي ئي لفظ جون گهڻيون معنائون ٿين ٿيون. (هن باري ۾ مون اڳ ۾ ئي لکيو آهي ته جدا جدا معنائون ڪئين ٿيون نڪرن. مون مثال به ڏنا آهن.) هن مان هيءَ ڳالهه پڌري ٿئي ٿي ته

ٻوليءَ جي هڪڙي نظام ۾ علامتن جا گونا گون نظام ڪم ڪن ٿا.

علامتن جي ٻاهرينءَ صورت کان علامت جي اندرين صورت بلڪل جدا ٿئي ٿي، ۽ ان ڪري لفظ جي عام رواجي معنيٰ کان مٿي ۽ جدا لفظ جي علامتي معنيٰ به ٿئي ٿي.

علامت وارو نظام ٻوليءَ جي عام رواجي نظام کان مختلف ٿئي ٿو.

اهڙي ريت غور ڪبو ته ٻوليءَ جي مربوط نظام ۾ اشارن، آوازن ۽ چرپر جا ڪيترائي علامتي نظام به ڳولي سگهبا. (هن باري ۾ ڏسجي منهنجو مضمون ”اسان جي اڻ ڳالهايل ٻولي.“)

هن جاءِ تي مناسب ٿو معلوم ٿئي ته انهيءَ ڳالهه تي ويچار ڪجي ته هڪڙي ئي سماج ۾ علامتن جا گهڻا نظام ڇو ٿا ٿين؟

هيءُ سوال ڏاڍو اهم ۽ ڏاڍو ضروري آهي. هن سوال جي جواب مان اسان کي معلوم ٿيندو ته

اسان جي عام رواجي ٻوليءَ جو علامتي نظام ڪهڙو آهي.

اسان جي مٿاهين ٻوليءَ يا شاعراڻي ٻوليءَ جو علامتي نظام ڪهڙو آهي.

اسان جي معياري ۽ اتم ٻوليءَ جو علامتي نظام ڪهڙي معيار جو آهي.

اهڃاڻ جي منزل تي پهچڻ لاءِ اسان کي نقطي نمبر 3 تي سوچڻو پوندو، ڇو ته اهڃاڻ ۾ جيڪو علامتي نظام ڪم ڪري رهيو آهي اُهو نهايت ئي ڳوڙهو ۽ گوناگون ٿئي ٿو.

علامتي نظام کي سمجهڻ لاءِ اسان کي سڌو ٻوليءَ جي لفظن جو اڀياس ڪرڻو پوندو، ۽ شايد اسان مان ڪنهن کي اهڙو پورهيو به ڪرڻو پوي، جنهن مان اسان کي اهو معلوم ٿي وڃي ته ڪو لفظ اسان جي ٻوليءَ ۾ استعمال جي خيال کان ڪيترو اهم آهي. (هيءَ وڏي ڳالهه آ، ڪنهن کي کٽيءَ کنيو آ، جو هن ڪم ۾ هٿ وجهندو.)

عام رواجي طور تي هر لفظ هڪ علامت آهي، اهو ئي سبب آهي، جو ٻوليءَ کي علامتي نظام مڃيو ويو آهي، اهڙيءَ ريت ٻولي جا مدارج ۽ مراتب دراصل علامتن جا مدارج ۽ مراتب ٿين ٿا. پر اکرن ۾ اڙجڻ اسان لاءِ ضروري نه آهي، ڇو ته اکر معنيٰ ڪو نه ٿو ڏئي، ان ڪري اکر علامت نه آهي.

اکر وري جدا نظام سان ڳنڍيل آهي، جنهن ۾ ٻوليءَ جو ٽوليمي، فونيمي ۽ ٽوني نظام ڪم ڪن ٿا. سچ پچ ته ٻولي به جيمس جينس جي ”پراسرار ڪائنات“ جهڙي هڪڙي ڪائنات آهي.

 

ٻوليءَ جي مابعدالطبعيات

اهڃاڻ تي پهچڻ کان اڳ منهنجي لاءِ اهو ضروري ٿي پيو آهي ته آءُ پڙهندڙن کي ٻوليءَ جي انهيءَ پراسرار ڪائنات جي خبر ڏيان، جنهن ۾ ٻولي اسان جي سوچ ۽ اسان جي عمل جو واحد طريقو ۽ بنياد ٿي ليکجي. دراصل هن مامري ۾ اسان کي ٻوليءَ جي سماجي ڪارج جو اڀياس ڪرڻو پوندو (۽ اهو ئي منهنجي تحقيق جو موضوع آهي).

عرض آهي ته هر سماج جو هڪ سياسي، هڪ سماجي، هڪ روحاني، هڪ اقتصادي، هڪ اخلاقي ۽ هڪ مابعدالطبعياتي پهلو ٿئي ٿو، ۽ ٻولي سماج جي سڀني پهلوئن ۾ ڪم ڪري ٿي ۽ سڀني پهلوئن ۾ سوچ ۽ عمل جا ميدان موجود ڪري ٿي ڏئي. اهڙيءَ ريت ٻولي پنهنجي سماج جو هڪ اندروني نظام ٺاهي  ٿي. جنهن مان ڪو سماج پنهنجي لاءِ اتساهه، ڪوشش، ڇڪتاڻ ۽ جدوجهد جو مواد حاصل ڪري ٿو.

ٻوليءَ جو انهيءَ قسم جو اڀياس اسان کي پنهنجي سماج جي ڪلچري نظام تائين وٺي ٿو وڃي. ان ڪري اهڙي اڀياس کي ٻوليءَ جو ڪلچري اڀياس به چئي سگهجي ٿو. هن باري ۾ بينجامن لي هورف (Bengamin Li Whorf) وڏي مدد ڪئي آهي. هورف جو نظريو ڏاڍو مشهور ٿي ويو هو.

هورف صاحب جي وفات کان پوءِ شڪاگو ۾ هڪ ڪل قومي ميڙ سڏايو ويو هو، جنهن هورف جي نظريي جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي هئي.

هورف صاحب جو نظريو مختصر طور تي هيئن بيان ڪري ٿو سگهجي ته ”ٻولي فردن جي سوچ ۽ عمل جو بنياد آهي، يا هيئن ته فردن جي سوچ ۽ عمل جو دارومدار سڄو سارو ٻوليءَ تي آهي.“

سچ پچ ته ٻوليءَ جي باري ۾ هن خيال ٻوليءَ جا وڏا  وڏا سومناٿ ڊاهي وڌا هئا.

هورف جي نظريي جو بنياد انهيءَ ڳالهه تي هو ته جدا جدا ٻولين ۾ علامتن جا جدا جدا نظام ٿين ٿا. جنهن جو مطلب اهو آهي ته اسان جي دنيا جيڪا اسان جو ماحول بنائي ٿي، سا جدا جدا ٻولين ۾ جدا جدا طريقن سان بيان ڪئي ٿي وڃي، انهيءَ حد تائين، جو زمان ۽ مڪان جا عام اصول به جدا جدا ٻولين ۾ جدا جدا طريقن  سان بيان ٿيا آهن. اهڙيءَ ريت (جيئن مون مٿي عرض ڪيو آهي) هر هڪ ٻوليءَ ۾ ڪيترائي علامتي نظام ٿين ٿا. ٻار جڏهن ٻولي سکي ٿو تڏهن هو پنهنجي آسپاس واريءَ دنيا کي فقط پنهنجي ماءُ جي ٻوليءَ ۾ بيان ڪري ٿو (ڏسجي منهجو مضمون ٻار ۽ ٻولي.)

(Word Labela) جي حد تائين محدود هوندو آهي. هن مان پڌرو ٿئي ٿو ته ان عمر ۾ ٻار جي سڄي سوچ هن جي ٻوليءَ جي خزاني تائين محدود هوندي آهي.

اهو ئي سبب آهي، جو هورف صاحب چيو آهي ته ”ماڻهو رڳو شين جي دنيا ۾ يا سماجي دنيا ۾ نه ٿو رهي، ماڻهو ته پنهنجي ٻوليءَ جي دنيا ۾ به رهي ٿو، جيڪا هن جو ماحول ۽ هن جي ڪائنات ٺاهي ٿي. ٻار جي ٻاهرينءَ دنيا جو احاطو ٻار جي ٻوليءَ جي احاطي کان وڌيڪ ويڪرو ڪو نه ٿو ٿئي.

نه رڳو ايترو پر ماڻهوءَ جا نظريا، اصول، نفرت جا طريقا ۽ محبت جا قانون سڀ ٻوليءَ جي حد تائين محدود هوندا آهن. اڃا به وڌ ڳالهه هيءَ ته ڇاڪاڻ ته ٻولين ۾ تبديلي اچي ٿي، ان ڪري ٻولين جي جي سماجن ۾ به مٽ سٽ ۽ ڦير گهير جو نظام رائج رهي ٿو.

هورف صاحب اهو به مڃي ٿو ته رڳو هڪڙي ٻولي، پنهنجي ارتقا جي ڪري، پنهنجي سماج کي ارتقا جي منزلن مان لنگهائي ٿي.

 انهن ڳالهين جي ڪري هورف چيو، .اسان به لفظن جا اسير آهيون. اسان پنهنجي مادري ٻوليءَ جا قانون ننڍپڻ ۾ اڻڄاڻائيءَ ۾ سکون ٿا. اهڙيءَ ريت اسان ٻولي سکڻ سان گڏوگڏ سوچ جو هڪ (1) خاص طريقو به سکون ٿا، جنهن ۾ هڪ ڳجهي مابعدالطبعيات موجود آهي.“

 هورف جي نظريي مان معلوم ٿو ٿئي ته جيڪڏهن نيوٽن انگريزيءَ جي بدران سنڌيءَ ۾ سوچي ها، ته دنيا جي اُها صورت جيڪا تحريڪ جي قوانين ۾ پيش ڪري  ٿو سا ٻي هجي ها! تمام وڏي ڳالهه آ.

اها ڳالهه صحيح آ ته هو رف صاحب جي دعويٰ ان جي دليل کان وڌيڪ وزندار آهي. آءُ ڀانيان ٿو ته سکر کان وٺي حيدرآباد تائين جيڪڏهن مفاصلو ميلن يا ڪلو ميٽرن ۾  بيان ڪبو ته ان جو مطلب اهو ڪو نه ٿيندو ته مفاصلو يا ميلن يا ڪلو ميٽرن ۾ بيان ڪبو ته ان جو مطلب اهو ڪو نه ٿيندو ته مفاصلو يا شين جي نوعيت جدا جدا بيانن جي ڪري ڦري ٿي وڃي.

 مانائتو ڪونڊرا ٽوف، هورف جي نظريي تي لکندي، ٻڌائي ٿو، ”ڇا، ٻوليءَ جو سوچ تي واقعي ڪو اثر پوي ٿو؟ هائو برابر پوي ٿو، پر اهو اثر رڳو سوچ جي طريقن تي پوي ٿو ۽ نه سوچ جي نوعيت تي. سوچ جي نوعيت يا ان جو اصل ته شين جي بنيادي حقيقت سان واسطو رکي ٿو ۽ ٻوليءَ جو مقصد رڳو شين جي بنيادي حقيقت جي متعلق معلومات فراهم ڪرڻ آهي، جنهن جي حقيقت نياپي پهچائڻ جهڙي آهي.(1)  

اها ڳالهه آهي ته هورف صاحب جو نظريو ڪيترن ئي عالمن کي نه آئڙيو آهي، پر اها ڳالهه پوءِ به آهي ته هورف جو نظريو اسان لاءِ وڏي اهميت جو حامل آهي. مٿي مون هورف جو نظريو ۽ ان جي متعلق ڪرنڊرا ٽوف جو جيڪو رد پيش ڪيو آهي، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته

هورف جي نظريي کي سماجي عملن جي آڌار تي نه ڏٺو ويو آهي.

هورف جي نظريي جي مخالفت تڪنيڪي ٻوليءَ جي آڌار تي ٿي آهي.

هورف جي تمام وڏي دريافت اها آهي ته ٻوليءَ جي ٻوليءَ وارن جي سوچ تي اثر پوي ٿو، ۽ ان ڳالهه جي مخالفت نه ٿي آهي.

هورف جي ٻي وڏي دريافت اها آهي ته هر ٻوليءَ جي هڪ مابعدالطبعيات ٿئي ٿي ۽ ان جي مخالفت جي لاءِ به دليل ڪو نه آيا آهن.

هورف جي نظري کي ڪلچر جي آئيني ۾ نه ڏٺو ويو آهي.

اهڙين حالتن ۾ اسان جي لاءِ هورف جي نظريي کي ٿڏي ڇڏڻ، آءُ ڀانيان ٿو، ممڪن نه آهي. جيڪڏهن اسين هورف جي رڳو ايتري ڳالهه مڃينداسون ته ماڻهوءَ جي ٻوليءَ  جو ماڻهوءَ جي سوچ تي اثر پوي ٿو، ته رڳو ايتري ڳالهه به اسان لاءِ وڏي اهميت واري آهي. سوچ تي اثر پوڻ جو مطلب آهي ته عمل تي اثر پوڻ ۽ عمل تي اثر پوڻ سان ماڻهوءَ جي ڪارڪردگي متاثر ٿئي ٿي. اهڙيءَ ريت اها ڳالهه انهيءَ حد تائين صحيح آهي ته ٻولي ماڻهوءَ جي طرِز عمل کي بدلائي ٿي سگهي.

جيڪڏهن اسان جو نظريو يا مفروضو درست ثابت ٿئي ته پوءِ اهو سوال اٿندو ته ٻوليءَ جو ڪلچر تي ڪهڙو اثر ٿو پوي، ۽ اهڙيءَ حالت ۾ اسان لاءِ اهو ثابت ڪرڻ ڏکيو نه ٿيندو ته هر ٻوليءَ جو هڪ جدا ڪلچر ٿئي ٿو- ماٺ ڀلي- ايتري ڳالهه اسان کي ڪٿان کان ڪٿي وڃي  پهچائيندي (هن باري ۾ ڏسجي منهنجو مضمون”ٻولي ۽ ڪلچر“).

هورف جي نظريي تي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ سان اسان کي جيڪي ٻيا فائدا ٿيندا، اُهي هيٺ ڏيان ٿو:

اسين پنهنجي ڪلچر کي سمجهڻ لاءِ ڪي اصول مقرر ڪري سگهنداسون.

اسين پنهنجي ٻوليءَ جي هڪ سڌريل تاريخ لکي سگهنداسون.

اسين پنهنجي ادب ۾ اهڃاڻ جي نوعيت کي سمجهي سگهنداسون.

اسين پنهنجي ٻوليءَ جي سماجي عمل جو اڀياس ڪري سگهنداسون.

هورف جي نظريي جي مخالفت ٿي آهي ته اُها ٿيڻ گهربي هئي، ڇو ته هورف سماجي تبديل جي اسباب ۾ ٻوليءَ کي پيداوار جي طريقن جي جاءِ تي ٿو رکي. پر هن بنياد تي به-

هورف جي لاءِ ڪو نه ڪو عذر پيش ڪري ٿو سگهجي، هورف انڊو يورپي ٻولين جو اڀياس ڪيو هو. هُن کي انهن ٻولين جي سماجن ۾ ٻوليون متحرڪ ۽ چرندڙ پرندڙ نظر آيون هيون. ان ڪري هو ٻولين جي باري ۾ ”صوفي” ٿي ويو هو ۽ ان ڪري هُن جو استدلال سائنسي تحقيق جي بجاءِ رومانوي ڪيفيتن جو شڪار ٿي ويو هو. پر ته به هن جي نظريي جي ڪن اصولن کي ٿڏيو نه ويو آهي. عجب اتفاق آ:

ٻوليءَ جو تصوف، جنهن جي بنياد تي هورف پنهنجو نظريو ٺاهيو هو، سو ٻوليءَ تي وڌيڪ تحقيق جي ڪري پاڻ وڌيڪ طاقتور ٿيو آهي. هاڻي ٻوليءَ جو محقق به هڪ ’معرف‘ جي تلاش ۾ آهي.

”چيو وڃي ٿو ته آئينسٽائن چيو هو ته ڪو به سائنسدان فارمولن ۾ ڪو نه ٿو سوچي، اسين هميشه ٻوليءَ جي مدد سان سوچيون ٿا. ٻوليءَ کان سواءِ ٻيا علامتي نظام سڀ مددي يا ناڪافي آهن، اُهي سڀ گهڻو اڻ چرندڙ، روايتي ۽ ساڪت ٿا نظر اچن- جيڪڏهن انهن کي ٻوليءَ سان ڀيٽيو ٿو وڃي ته.“ (1)

هن مان معلوم ٿو ٿئي ته هورف هرو ڀرو ڪو خواب ڪو نه لڌو هو، هن به علامتي نظام جو دقيق اڀياس ڪيو هو.

لفظ سڀئي علامتون آهن، جيڪي پنهنجي شين (References) جي باري ۾ اسان کي ڪا معلومات ڏين ٿا. پر انهيءَ معيار تي لفظ پاڻ هڪ ڳوڙهو نظام ٺاهين ٿا. لفظ جي خطي صورت، لفظ جي صوتي صورت، لفظ جي ٽونيمي صورت، لفظ جي فونيمي صورت، لفظ جي ٽوني صورت- هي سڀ صورتون لفظ جو ظاهر ٺاهين ٿيون. لفظن جو باطن اڃا هڪ وڏو مامرو آهي. لفظ جي باطن ۾ لفظ جو  معنيٰ وارو نظر اچي ٿو وڃي.  معنيٰ وارو نظام وڌيڪ ڳوڙهو ۽ وڌيڪ سڌريل (Reformed) نظام آهي. هن نظام تي مون هڪ جدا مضمون ۾ بحث ڪيو آهي- (هي مضمون اڃا نه ڇپيو آهي.)

معنيٰ واري نظام جو واسطو سماجي ۽ ڪلچري نظامن سان آهي. سماجي نظام انسان جي نسل، تاريخ، عصبيت، اقتصاد، اخلاق ۽ سياسيات تي بحث ڪري ٿو، ۽ ڪلچري سماجي نظام جي پنهنجي ارتقا ۽ ترقيءَ سان تعلق رکي ٿو.

ان ڪري اهڃاڻ سماجي نظام جي سطح تي ٺهي ٿو ۽ ڪلچري نظام جي سطح تي ڪم اچي ٿو. اهڃاڻ پنهنجي معنيٰ جي لاءِ ٻوليءَ جي مابعدالطبعيات سان تعلق رکي ٿو، ڇو ته ڪلچري نظام ۾ لفظ جو ظاهر ڪا معنيٰ ڪا نه ٿو رکي. سو چئبو ته اهڃاڻ لفظ جو اُهو باطن آهي، جيڪو پنهنجو روح ڪلچر مان حاصل ڪري ٿو ۽ ورائي اُهو روح ڪلچر ۾ ڀري ٿو.

اهڃاڻ به ٺاهيو ويندو آهي، پر اُهو فقط مادري ٻوليءَ ۾ ٺهي ٿو، ڇو ته ٻولي جنهن جو واسطو ڪلچر سان آهي، سا فقط مادري ٻولي آهي. شاهه سائينءَ جو شعر  جي ڪلچري اڀياس اسان کي ٻڌائي ٿو ته شاهه اهڃاڻ ٺاهي ٿو، لفظ جڏهن علامتن (Signs) جي صورت وٺن ٿا، تڏهن اهي پنهنجي روايتي معنيٰ کان وڌيڪ ڪا وڌيڪ معنيٰ به ڏين ٿا. پر لفظ جڏهن اهڃاڻ (Symbol) جي صورت وٺن ٿا، تڏهن اهي هڪ مختلف ۽ سڌريل (Reformed) معنيٰ جا سڪا ٿي ٿا پون. ان  وقت معنيٰ جا اهڃاڻ وٽان ملي ٿي، سا رواجي معنيٰ جي آڌار تي ته سمجهي به نه ٿي سگهجي، ڇو ته اهڃاڻ جي حالت ۾ لفظ ظاهر وڃائي باطن جي بنياد تي ٺهي ٿو.

اهو ئي سبب آهي، جو اسان جو ڀروسو آهي ته اسان جي سماج جي هڪ سڌريل تاريخ رڳو شاهه سائينءَ جي شعر جي اڀياس جي بنياد تي به لکي ٿي سگهجي.

(لفظ جي باطني نظام جي باري ۾ مان وڌيڪ تحقيق ڪري رهيو آهيان. جيڪي جيئرا. پر ويساهه اهو آهي ته ٿوري ئي وقت ۾ آءُ هن باري ۾ پنهنجا خيال پيش ڪري سگهندس).

هاڻ اچون ٿا اهڃاڻ تي.

هيتري ڪئي پڄاڻان آءُ ڀايان ٿو ته هاڻي اهڃاڻ جي هيئت ۽ نوعيت کي سمجهڻ ۾ دير نه لڳندي. هن باري ۾ هيٺ ڏنل نقطا پهريائين خيال ۾ رکڻ گهرجن:

معنيٰ ته انسان پنهنجي ماحول مان به پرائي ٿو (جيئن سگنل جي باري ۾ يا فطرت جي باري ۾ مون مٿي ڄاڻايو آهي)، پر ڳالهائڻ جي لاءِ رڳو ٻن انسانن جي ضرورت آهي.

اسان جيڪي ڳالهايون ٿا، سو علامتن جي صورت ۾ هوندو آهي، ڇو ته هر لفظ هڪ علامت آهي ۽ ٻولي گونا گون علامتن جو هڪ نظام آهي. لفظ جي معنيٰ واري صورت شين جي حقيقت جي علامت هوندي آهي ۽ هر لفظ پنهنجي معنيٰ پنهنجي شيءِ جي حقيقت جي بنياد تي ٺاهي ٿو.

هڪ ٻوليءَ ۾ علامتن جا ڪيئي نظام ٿين ٿا. سائنسي ٻولي هڪ جدا نظام آهي ته واپار وهنوار جي ٻولي جدا، اخباري ٻولي هڪ جدا نظام آهي ته عالم رواجي ٻولي هڪ جدا تحقيقاتي ٻولي هڪ جدا نظام آهي ته شاعراڻي ٻولي هڪ جدا. اهڙيءَ ريت ٻوليءَ جو ڳوڙهو اڀياس اسان فقط ٻوليءَ جي علامتي نظامن کي سمجهڻ سان ئي ڪري سگهنداسون.

علامت جا ترڪيبي جزا ٻه آهن. هڪ خبر چار ڏيڻ واري شيءِ. ٻي خبر چار حاصل ڪرڻ واري شيءِ.

علامتي نظام اسان کي ٻوليءَ جي مابعدالطبيعاتي نظام کي سمجهڻ ۾ مدد ڪري ٿو.

مابعدالطبعياتي نظام وري اسان کي اهڃاڻ جي سمجهڻ ۾ مدد ڪري ٿو.

اهڃاڻ جو تعلق سماج جي اندرئين ۽ غير معمولي وجود سان آهي، جيڪو ڪلچر جي اڀياس کانسواءِ سمجهي نه ٿو سگهجي.

ٻولي انسان جي انفرادي عمل تي اثر ڪري ٿي، ان ڪري ٻولي سماجن جي ارتقا يا اٿل پٿل ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.

اهڃاڻ جو ڳوڙهو اڀياس اسان کي پنهنجي شاعراڻي ٻوليءَ کي سمجهڻ ۾ به مدد ڪري ٿو ۽ پنهنجي ادب، تاريخ ۽ ثقافت کي سمجهڻ ۾ به مدد ڪري ٿو.

 

علامت کان وٺي اهڃاڻ تائين

معنيٰ جو نظام هڪ ارتقائي نظام آهي ۽ سنگل معنيٰ جو پهريون ڏاڪو ٿئي ٿو. سگنل گهڻو ڪري ماحول ۾ پيدا ٿين ٿا. پر اهو سگنل جيڪو معنيٰ پيدا ڪري ٿو، سو انساني عمل ۽ ردِ عمل جي پيداوار آهي. عمل وري پنهنجي وجود جي لاءِ هڪڙي قسم جي سڀاويڪ پر فطري حالت- جنهن کي Stimulus چيو ويو آهي،  تنهن جو محتاج آهي. اهڙي حالت يا واقفيت عمل جي پيدا ڪرڻ لاءِ هڪڙي قسم جو ذهني ردِ عمل پيدا ڪري ٿي، جنهن کي Response ٿو چئجي. اهڙو رِد عمل پکي، جانور ۽ انسان سڀ ڪن ٿا، پر انسان جي رِد عمل ۾ واقفيت جي خيال کان هڪ علامت پيدا ٿئي ٿي، جا پوءِ لفظ جي صورت وٺي ٿي. ان ڪري ٻوليءَوارو نظام انسان جي مجموعي رِد عمل جو  نظام آهي. جيڪو علامتن جي نظام جي صورت وٺي ٿو ۽ اهڙيءَ ريت ٻولي ٺهي ٿي.


 


(1) A. Kondratov- sounds and  Signs, Translated ionto English by G. yan- kovsky 1969. page86.

 

(1) A. Kondratov-Sounds and Signs, Translated into English by. G.Yan kovsky 1969. Page 88.

(1) A. Kondratov- Sounds and Signs, Translated into English by G. Yankovsky 1969.page 94.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com