سيڪشن؛ تنقيد

ڪتاب: ڪلاسيڪي ۽ جديد سنڌي شاعري

باب: --

صفحو :12

 

”هنن حقيقتن مان ظاهر آهي ته سر زمين سنڌ ۾ نه صرف عربيءَ جي اڀياس لاءِ درسگاهون هيون، مگر سنڌي بلڪ هندي زبان جي مطالعي لاءِ جوڳو بندوبست ٿيل هو. سنڌ ۾ سنڌي توڙي عربي ٻنهي ٻولين کي وڏي اهميت هئي، ڇو ته عربن ۽ سنڌين جي گڏيل رهڻي ڪهڻي سبب ٻئي هڪ ٻئي جي ٻولي سمجهندا ۽ ڳالهائيندا هئا، جملي عرب سياحن جو بيان آهي ته، سنڌ ۾ سنڌي توڙي عربي ٻولي، ٻئي رائج هيون. جنهن مان ثابت آهي ته، عرب حڪومت سنڌيءَ ٻوليءَ کي وڏي اهميت ڏني، ۽ ان جي ترقيءَ ۽ واڌاري جو باقاعدي انتظام ڪيو.“

(صفحو 43 حيدرآباد، 1962ع ايڊيشن)

عربن جي دور حڪومت ۾ سنڌي ٻوليءَ جو ڪيئن فروغ ٿيو؟ ان لاءِ ڊاڪٽر صاحب وڌيڪ ساڳي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته، ”فتح اسلام بعد جيئن پوءِ تيئن عربي جي معاشري ۾ عربي ٻوليءَ جي اثر هيٺ، سنڌي ٻوليءَ ۾ وڌيڪ مرڪزيت پيدا ٿي. ٻوليءَ جي نفسياتي ڪيفيت بدلي، ٻوليءَ جي تمدني سرمائي ۾ واڌارو ٿيو ۽ ٻوليءَ جي سٽاءَ. صورتخطي ۽ صرف نحو تي اثر پيو. ملڪ ۾ علمي ترقي سببان سنڌي ٻوليءَ جا عالم ۽ شاعر پيدا ٿيا. عرب عالمن سنڌي ٻولي، ادب توڙي صورتخطيءَ ۾ دلچسپي ورتي،  ان بابت تبادله خيالات ڪيو ۽ پنهنجي معلومات پنهنجين تصنيفن ۾ قلمبند ڪئي. سنڌي ٻولي پهريون دفعو عربي صورتخطيءَ ۾ لکجڻ ۾ آئي، جنهن جو اوائلي ۽ نادر مثال انهيءَ سنڌي شاعر جي قصيدي جو بيت آهي، جو هن يحيٰ يا ان جي پٽ فضل برمڪيءَ جي تعريف ۾ چيو.

(صفحو-50)

فضل برمڪيءَ جي تعريف ۾ اڄ کان ٻارهن سئو سال جو اڳ چيل سنڌي شاعر جو قصيدو عربي ڪتاب ’مجمل التواريخ والقصص‘ ۾ نقل ٿيل آهي.شعر هن طرح آهي:

 

”ارهه برهه ڪنکره کراکري مندره“

هي شعر ٻڌي فضل برمڪي پڇيو ته ڇا ٿو چوي؟ ترجمان ورندي ڏني ته چوي ٿه ته:

 

”واذالمکارم في آفاقنا ذڪرت

فنما بک فيها يضرب به المثل.“

”جڏهن اسان جي طرف چڱاين ۽ نيڪين جو ذڪر نڪرندو آهي، تڏهن تنهن جو مثال ڏيندا آهن.“ مٿيون بيت پير حسام الدين راشدي صاحب به پنهنجي ڪنهن تصنيف ۾ نقل ڪيو آهي. ڊاڪٽر تنوير صاحب دل تي هٿ رکي ٻڌائي ته کيس قديم سنڌيءَ جي نموني جا الفاظ به  عربي ڪتابن ۾ نٿا ملن؟ صاف ظاهر آهي ته. عربن جي دور حڪومت ۾ سنڌيءَ ٻوليءَ کي تنوير جي لکڻ مطابق چيڀاٽيو نه ويو. هي راءِ عدم واقفيت ۽ تعصب تي مبني آهي، جنهن جي ڪوڙي هجڻ لاءِ تاريخ جا صحفا شاهد آهن. تاريخ مان تصديق ٿي ٿئي ته عربن جي دور حڪومت ۾ سنڌيءَ زبان جو فروغ ٿيو، ان ۾ مرڪزيت پيدا ٿي ۽ ان جي صورتخطيءَ جو پڻ بنياد پيو.

ارغون ۽ ترخان دور ۾ سنڌي شاعر:

ڊاڪٽر تنوير صاحب ارغوني ۽ ترخاني دور جو به ذڪر ڪيو آهي ته، سندن دور ۾ به پارسي شاعرن جي همٿ افزائي ٿي ۽ شاهه ڪريم توڙي لطف الله قاري جو ڪلام گم ٿي ويو. جيڪڏهن انهن شاعرن جو ڪلام گم ٿيو ته اڄ وري ڪيئن دستياب ٿيو؟ بيشڪ ارغونن ۽ ترخانن جي دور حڪومت ۾ سنڌ جي سرڪاري زبان پارسي هئي، پوءِ جيڪڏهن هن سبب ڪري مٿين گهراڻن جي عهد حڪومت ۾ سنڌي ٻولي چيڀاٽجي وئي ۽ شاعرن جو ڪلام گم ٿي ويو ته پوءِ ڪلهوڙن جي دور حڪومت کي سنڌي زبان جو سونهري دور ڇو ٿو ڪوٺيو وڃي؟

ڪلهوڙن جي وقت ۾ به سنڌ جي سرڪاري زبان پارسي هئي، پر اسين ڏسون ٿا ته هن ئي دور ۾ لطيف جهڙي باڪمال شاعر جو ظهور ٿيو، جو بقول ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي ”سندس شاعرانيءَ خستوريءَ سڀ ولادت واسي ڇڏي آهي.“ ارغونن جي دور حڪومت ۾ به جيتوڻيڪ پارسي سرڪاري زبان هئي، پر ڊاڪٽر تنوير صاحب کي معلوم هجڻ کپي ته، هيءُ ئي مبارڪ دور هو، حقيقي معنيٰ ۾ سنڌي زبان جو چاسر (Chaucer) آهي.

شمس العلماءِ ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب جي تحقيق مطابق سنڌ جو هي ناميارو شاعر 20 جنوري 1538ع ۾ ڄائو هو. 1937ع ۾ علامه مرحوم ڪافي تحقيق ۾ تدقيق کان پوءِ شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام شايع ڪيو آهي. سندس شعر جي خوبين بابت ڊاڪٽر دائود پوٽو صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته، ”شاهه ڪريم سنڌ جي شعور جو وهائو تارو ۽ سنڌ جي شاعرن جي سر تاج سهڻي شاهه عبداللطيف جو مبشر آهي.“ (شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام صفحو- 28، بمبئي ڇاپو، 1937ع سنڌ جي شعر جو هي وهائو تارو ۽ لطيف جو مبشر به ارغونن جي دور جي پيداوار آهي. شاهه ڪريم جو شعر آهي ته:

”تون چئو الله هيڪڙو، وائي ٻي ۾ سک،

سچو اکر من ۾ سوئي لکئو لک.

پوءِ ڪيئن ٿا چئو ته ارغونن جي دور ۾ سنڌي زبان کي چيڀاٽيو ويو. ارغونن جي دور جو ٻيو مشهور سنڌي شاعر قاضي قاضن آهي، جنهن جا ست بيت بيان العارفين ۾ نقل ٿيل آهن. فرمائي ٿو:

”سي ئي سيل ٿيام پڙهيام جي پاڻ لئي،

اکر اڳيان اڀري واڳو ٿي وريام.“

مخدوم پير محمد لکوي به ارغوني دور جو هڪ سنڌي شاعر ۽ بزرگ ٿي گذريو آهي. سندس هڪ بيت آهي  ته:

”اي صبا واءُ صبح جا خاطي خير هٿاءَ،

تون ريپارو رحمان جو ۽ قاصد قريباءِ.“

ارغوني دور ۾ ٻيا به سنڌي شاعر ملن ٿا. جهڙوڪ مخدوم نوح، لطف الله قادري ۽ عثمان احساني، مخدوم نوح عليه رحمت چوي ٿو:

”نه سي جوڳي جوءِ ۾، نه سي سامي واٽ،

ڪاپڙين ڪنواٽ، وڏي ويل  پلاڻيا.“

لطف الله قادري جو هڪ بيت آهي ته:

”لا سي لہ ٿيون پار الاهه جي آئيا،

ڪين کنيائون پاڻ سين سچو پهه پئون،

وڃي تاڪئون منجهه سير سراءِ سبحان جي.“

ارغوني دور جي آخري هڪ شاعر عثمان احسانيءَ جو هڪ شعر به نموني طور نقل ڪجي ٿو، فرمائي ٿو:

”وهاءِ ڙي ويلو ٿي، اٿي بندا جاڳ،

جنهن محمد مڃيو سدا تن سهاڳ،

’احساني عثمان‘ چوي ڀريو تن جو ڀاڳ،

ڪلمي جي اقرار سين لطفون لهندا لاڳ.“

ارغوني دور جي سنڌي شاعرن جو مٿي مختصر جائزو ورتو ويو. ان جي پڙهڻ مان قارئين ڪرام کي خبر پئي ته اسان جي ٻوليءَ جو وهائو تارو چاسر شاهه ڪريم توڙي ٻيا  نامور شاعر هن ئي دور ۾ پيدا ٿيا. عربن جي دور حڪومت جو به ذڪر مٿي ڪيو ويو. چٽيءَ طرح ڊاڪٽر تنوير جي الزام جي ترديد ٿئي ٿي ته، ٻنهي خاندانن جي راڄ ۾ سنڌي ٻوليءَکي چيڀاٽيو ويو. ڊاڪٽر تنوير صاحب جو هي ارشاد گرامي به غلط آهي ته، شاهه ڪريم يا لطف الله قادري جو ڪلام گم ٿي ويو. هن مان اهو به واضع ٿئي ٿو ته، ڊاڪٽر صاحب کي سنڌي ادب جي تاريخ جو ڪو مطالعو نه آهي. بس رڳو ايلٽ، يا ارزا پائونڊ جا ڪتاب پڙهي هو لطيف جي شاعري بابت لکڻ لاءِ ڪڏهن به مسحتق ٿي نٿو سگهي.

ايلٽ ۽ سورلي جا غلط ترجما:

لائق مصنف ڊاڪٽر تنوير صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ ڪيترن ئي مغربي مصنفن جي ڪتابن مان ترجما نقل ڪيا آهن، پر مون کي هي ڏسي سخت تعجب ۽ افسوس ٿيو جو ڊاڪٽر تنوير صاحب اصل ڪتابن جي حوالن سان غلط ترجما نقل ڪيا آهن ۽ انشاءِ الله آئنده صفحات ۾ انهن جي موقع محل تي نشاندهي ڪندو رهندس. صاف ظاهر آهي ته موصوف جي انگريزي ڪچي آهي. لکي ٿو ته: ” پر ٽي- ايس- ايلٽ جي لکڻ موجب هر قوم کي لازمي طور تي پنهنجي شاعريءَ هوندي آهي.“ (صفحو-6)

هيٺ حاشيه ۾ ڊاڪٽر ايلٽ جي ’آن پوئٽري ائنڊ پوئٽس‘ جي صفحو- 19 جو حوالو ڏنو آهي. خوش قسمتيءَ سان ايلٽ جو مٿيون ڪتاب منهنجو پڙهيل آهي. سندس ڪتاب مان اصل اقتباس هن ريت آهي ته:

“ForI think it is important that every people should have its own poetry.”

ايلٽ جي ڪتاب ۾ مٿيون جملو اڳتي به هلي ٿو، پر ڊاڪٽر صاحب مٿي اڌ جملي جي معنيٰ لکي آهي سا به غلط آهي. مٿئين جملي جو صحيح ترجمو هن ريت ٿيندو ته، ”ڇاڪاڻ ته منهنجي خيال ۾ هر قوم کي لازمي طور پنهنجي شاعريءَ هجڻ گهرجي.“

جڏهن ته، ڊاڪٽر تنوير صاحب ايلٽ جي جملي جو ترجمو ڪيو آهي ته: ”هر قوم کي لازمي طور تي پنهنجي شاعري هوندي آهي.“ يعني ’هجڻ گهرجي‘ جي عيوض هوندي آهي‘ ترجمو ڪيو ويو. ايلٽ هڪ دانا ۽ محقق اديب آهي، هو ڪيئن اهڙو غير معقول بيان ڪندو ته هر قوم کي لازمي طور پنهنجي شاعري هوندي آهي؟ ڇو جو دنيا ۾ اهڙيون قومون به آهن، جن وٽ اڃا تائين پنهنجي شاعري ئي ڪا نه آهي. ايلث صحيح لکيو آهي  ته، سندس خيال مطابق هر قوم وٽ لازمي طور تي پنهنجي شاعريءَ هجڻ گهرجي.

پر اسين ڏسون ٿا ته پيا ته اڄ جي دنيا ۾ به ڪي قومون پنهنجيءَ شاعريءَ کان محروم آهن، جو انهن لاءِ الميو آهي. ايلٽ جي ڪتاب کان علاوه ڊاڪٽر صاحب سورلي صاحب جي انگريزي ڪتاب ’شاهه عبداللطيف آف ڀٽائي‘ جي صفحو-237 مان هڪ عبارت جو ترجمو هن  طرح ڪيو آهي ته، ”سارلي جي لکڻ موجب پنهنجي دور ۾ قائم ٿيل ذهني سامراجيت کي ٽوڙڻ ۾ ڪامياب ٿيو.“ (صفحو- 7) ڊاڪٽر سورلي صاحب جو هي رمارڪ لطيف بابت آهي. سندس ڪتاب ۾ اصل انگريزي عبارت هن ريت لکيل آهي ته:

“The Importance of shah Abdul Latif however, is that he did succeed breaking away to some extent from the prevailing intellectual domination.”

(P-237)

جنهن جو وري صحيح ترجمو ٿيندو ته، ”بهرحال شاهه عبداللطيف جي هي اهميت آهي ته، هو مروج ذهني ڪنٽرول يا تسلط کي ڪنهن حد تائين ٽوڙڻ ۾ ڪامياب ويو.“ ناظرين پاڻ انصاف ڪري ڀٽائي ڏسو ته سارلي جي انگريزي عبارت جو ڪيڏو نه غلط ترجمو ڊاڪٽر صاحب ڪيو آهي. انگريزي لفظ (Domination) جو صحيح ترجمو تسلط يا ڪنٽرول ٿيندو. ڊاڪٽر تنوير صاحب مذڪوره لفظ جي معنيٰ سامراجيت لکي، جا بلڪل غلط آهي، ڇو جو سامراجيت لاءِ انگريزي لفظ امپيريلزم استعمال ٿيندو آهي. ٻيو ته سورلي صاحب جي نقل ڪيل انگريزي  لفظ  “To some extent”جو مورڳو ترجمو (ڪنهن حد تائين) حدف ڪيو ويو.

اڳتي به قارئين آڏو ترجمي جي غلطين جي نشاندهي ڪندس. سولائيءَ  سان سمجهي سگهجي ٿو ته، ڊاڪٽر تنوير صاحب انگريزي عبارتن کي صحيح طور پروڙي نه سگهيو. ان نموني ته ڪتاب جي علمي حيثيت به وڌيڪ ختم ٿئي ٿي، ڇو جو جن مغربي نقادن تي انحصار ڪيو ويو. انهن جي ڪتابن مان به غلط ترجما ڪيا ويا آهن. مشرقي نقادن مان ته ڊاڪٽر تنوير صاحب بلڪل اڻ واقف آهي، پر مٿين مثال مان ظاهر ٿيو ته موصوف مغربي نقادن جي زبان ۽ معنيٰ پروڙڻ جي صلاحيت کان به محروم آهي.

”پوچهتي هين وه کہ غالب کون هي

کوئي بتلائه هم بتلائين کيا-“

لطيف جي شاعريءَ ۾ عربي ۽ فارسي لفظ:

لطيف جي شاعريءَ بابت وڌيڪ وضاحت ڪندي ڊاڪٽر تنوير صاحب لکي ٿو ته: ”هي ٻه روايتون عام آهن ته ساڻس هر وقت مولانا روميءَ جي مثنوي هوندي هئي. ان مان ثابت ٿيو ته هو فارسي پڻ ڄاڻندو هو. پر تنهن هوندي به هن پنهنجي بيتن ۾ عربي ۽ فارسي لفظ انهيءَ ڦريل صورت ۾ استعمال ڪيا آهن، جنهن صورت ۾ عام ماڻهو اچاريندا آهن. شاهه لطيف عالمن ۽ ورسايل طبقن جي غير فطري ۽ متڪلف اچارن واري ٻولي ڇڏي عام پسند جي ڳالهايل ٻوليءَ ۾ اچار ڪتب آندا آهن. هن عام ماڻهوءَ سان سندس ٻوليءَ ۾ ڳالهايو آهي. سُر ليلا چنيسر جو هيءُ بيت پڙهو:

”م ڪر ڍول ڍلو ناتو نماڻيءَ سين،

ڪونهي ڪمينيءَ جو بگر تو بلو،

تنهنجو نانءُ نلو، وٺي ويٺي آهيان.“‎

مٿئين شاعر ۾ اصل لفظ ’بغير‘ بدران ان جي سنڌيءَ ۾ عام رائج بگڙيل صورت ’بگر‘ استعمال ڪئي وئي آهي.’غ‘ جو اچار سنڌي ماڻهن کي نٿو آئڙي، تنهن جي ڪري هو اڃا تائين ’غ‘ کي ’گ‘ اچاريندا آهن.“ (ص-8)

ڊاڪٽر تنوير صاحب جو اهو چوڻ آهي ته، شاهه پنهنجي بيتن ۾ عربي ۽ فارسي لفظ عام ماڻهن جي اچارن مطابق ڦريل صورت ۾ استعمال ڪيا آهن. اُن ڪري اها شاهه لطيف جي عوامي ٻولي ۽ عوامي لهجو آهي. ان جي ثابتي لاءِ موصوف سرليلا چنيسر مان مٿيون بيت نقل ڪيو آهي. جنهن ۾ عربي لفظ بغير جي بگڙيل صورت بگر ڪم آندل آهي. ڇو ته بقول داڪٽر تنوير صاحب ’غ‘ جو اچار سنڌي ماڻهو ’گ‘ سان ڪندا آهن. ڊاڪٽر تنوير صاحب جي هيءَ راءِ بلڪل غلط ۽ خلاف حقيقت آهي. لطيف بغير جي بدران بگر جو لفظ شاعرانه صنعت ڪري استعمال ڪيو آهي. اردو شاعريءَ ۾ به اهڙا مثال اسان کي ملن ٿا. مثلاً مرحوم اڪبر الله آبادي پنهنجي هڪ شعر ۾ انگريزي لفظ ’رپورٽ‘ کي شاعرانه صنعت مطابق ان جي ڦريل صورت ’ريٽ‘ استعمال ڪيو آهي. چوي ٿو ته:

”رقيبون نه رپڻ لکهوائي هي جا جاکي تهانون مين

کہ اکبر نام ليتا هي خدا کا اس زماني مين-“

لفظن جي بگڙيل صورت شاعرانه صنعت جي ڪري استعمال ٿيندي آهي. جيئن لطيف ۽ اڪبر جي بيتن مان ان جي ثابتي ملي ٿي. ڊاڪٽر تنوير صاحب وڌيڪ فرمائي ٿو ته، لطيف بغير جي عيوض ان جي بگڙيل صورت ’بگر‘ ان ڪري استعمال ڪئي، ڇو جو ’غ‘ جو اچار سنڌي ماڻهن کي نٿو آئڙي، تنهن جي ڪري هو اڃا تائين ’غ‘ کي ’گ‘ اچاريندا آهن. هيءَ به ناقص راءِ آهي، جيڪڏهن تنوير جو هي خيال صحيح تسليم ڪجي ته پوءِ مون کي ٻڌايو ته شاهه صاحب پنهنجن ٻين بيتن ۾ ’غ‘ جو اچار ڇو ’گ‘ سان استعمال نه ڪيو آهي؟ مثال طور سُر سريراڳ ۾ شاهه هڪڙي هنڌ چوي ٿو ته:

”غافل ٿي غراب کي اوڙهه تي آندوءِ.“

تنوير جي ٿيئري مطابق ته مٿئين پڙهڻي هن ريت هجڻ کپي ’گافل ٿي گراب کي اوڙهه تي آندوءِ.“ ٻيو مثال وٺي ڏسو. غواص نج عربي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ٽوٻو. لطيف پنهنجي هڪ بيت ۾ غواص جي لفظ کي سندس بگڙيل صورت ’گواص‘ (گ سان) ڪو نه اچاريو آهي. سُر سريراڳ ۾ لطيف سائين فرمائي ٿو:

اي گت غواصن، جيئن سمنڊ سوجهيائون،

پيهي منجهه پاتار جي، ماڻڪ ميڙيائون،

آڻي ڏنائون، هيرو لال هٿن سين.“

صاف معلوم ٿيو ته جناب تنوير صاحب جي ٿيئري ئي غلط آهي. حيرت آهي ته شاعر هجڻ جي باوجود هن کي ڪل ئي نه آهي ته شاعرانه صنعت جي ڪري بگڙيل الفاظ به شعر ۾ ڪم ايندا آهن، جيئن لطيف بغير کي بگر ۽ اڪبر الله آبادي ’رپورٽ‘ کي ’رپٽ‘ طور استعمال ڪيو. جيڪڏهن ’غ‘ جو اچار سنڌين کي نٿو وڻي  ۽ ان جي عيوض هو ’گ‘ کي اچاريندا آهن، ته پوءِ لطيف مٿين بيتن ۾ ’غ‘ جو صحيح اچار ڇو استعمال ڪيو.؟

”شاهه جي عوامي ٻولي ۽ عوامي لهجه“ جي عنوان هيٺ ڊاڪٽر تنوير صاحب جو لکيل بيان غلط ۽ حقيقت جي خلاف آهي. شاهه پنهنجي رسالي ۾ نج سنڌي لفظ به ڪم آندا. پر ان جو مطلب هرگز نه آهي ته هن عربي ۽ پارسي لفظ ئي ڪمَ نه آندا. اسين ڏسون پيا ته ڀٽ ڌڻي ڪيترن ئي عربي ۽ پارسي لفظن کي اصل صحيح صورتخطيءَ سان ڪتب آندو.

سنڌ جي هڪ لاثاني اديب مرحوم و مغفور حڪيم فتح محمد سيوهاڻي صاحب پنهنجي ڪتاب ’آفتاب ادب‘ ۾ شاهه جي رسالي  مان ڪن ٿيون عربي ۽ فارسي لفظن جي لسٽ ڏني آهي، جي هوبهو ٻنهي ٻولين جي صورتخطين ۾ لکيل آهن. (ملاحظه ٿئي مذڪور ڪتاب صفحو-96 کان 99، ڇپايل سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد ٽيون ڇاپو). شاهه جي رسالي مان نج عربي لفظ نقل ڪرڻ بعد مرحوم حڪيم صاحب لکي ٿو ته: ”هاڻي مٿيان لفظ پڙهو ۽ چئو ته اهي نج سنڌي ٻوليءَ جا آهن؟ ڇا عام ماڻهو مٿين لفظن مان هي لفظ بنان سمجهائڻ سمجهندا؟ ڇا عام ماڻهو هندو ۽ مسلمان ڳوٺاڻا هي لفظ عام طرح ٻوليءَ ۾ ڪم آڻيندا آهن؟“(ص -97)

شاهه جي رسالي مان ڪن نج فارسي لفظن جي فهرست نقل ڪرڻ بعد مرحوم حڪيم صاحب وڌيڪ لکي ٿو ته، ”هنن فارسي لفظن ۾ ڪيترائي لفظ اهڙا آهن، جي عام ماڻهو نه ڳالهائيندا آهن ۽ نه سمجهندا آهن. مثلاً رهنما، هر زمان، ناوڪ، رنجوري، بازنده غم، گذار، ابر، سلحدار، تشنگي، تنها وغيره وغيره.“ (ص-98)

ثابت ٿي ويو ته، شاهه لطيف بابت تنوير جو هي خيال ته، ”هن پنهنجي بيتن ۾ عربي ۽ فارسي لفظ انهيءَ ڦريل صورت ۾ استعمال ڪيا آهن، جنهن صورت ۾ عام ماڻهو اچاريندا آهن. شاهه لطيف عالمن ۽ ورسايل طبقن جي غير فطري ۽ متڪلف اچارن واري ٻولي ڇڏي، عام پسند جي ۽ ڳالهايل ٻولي ۽ اچار ڪتب آندا.“ سراسر غلط آهي. ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته موصوف شاهه جي شاعريءَ جو  ڳوڙهو اڀياس نه ڪيو آهي.

لطيف جي عوامي ٻولي ۽ لهجي متعلق وڌيڪ لکندي ڊاڪٽر تنوير صاحب رسالي جي سر ليلا چنيسر جو هيٺيون بيت نقل ڪيو آهي:

”چئي چنيسر ڄام سين ليلا تون نه لکاءِ،

دوس تنهنجو داسڙو کاند وڏيائي کاءِ،

نه ڍولو ڍڪ سندياءِ، عين کي آڏو اچي.“

هن شعر بابت لائق مصنف پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته: ”مٿئين شعر ۾ ’دوس‘فارسي لفظ دوست جي بگڙيل صورت آهي.“ (ص- 9) جواب ۾ عرض ته هي به شاعرانه صنعت جي هڪ صنف آهي. ڏسڻ ۾ ٿو اچي ته محترم ڊاڪٽر تنوير صاحب لطيف کي چڱيءَ طرح مطالعو ڪو نه ڪيو آهي. ورنه کيس معلوم ٿئي ها ته لطيف پنهنجي بيتن ۾ فارسي لفظ دوست به ڪيترن جڳهن تي استعمال ڪيو آهي. جيئن لطيف هڪڙي هنڌ فرمائي ٿو ته:

”ڪي اوڏانهون ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين،

ڪي نه چڙهن چت تي، ڪي نه وسرن مور،

جيئن مينهن ڪنڍڙيءَ پور، تيئن دل وراڪو دوست سين.“

ڏسو ته مٿئين شعر ۾ اصل فارسي لفظ دوست استعمال ٿيل آهي يا لطيف جي هيٺين بيت ۾ به لفظ دوست ڪتاب ۾ آيل آهي:

”سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،

دوست تون دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.“

”لطيف جي سر سريراڳ مان هيٺيون بيت ڊاڪٽر صاحب نقل ڪيو آهي:

”مونا ونئن صراف سين ڀڃي ڇڏ بازي،

چاندي ڪٺو چلائين رپو روازي،

جت ٿيندو رب قاضي، رت توريندا تجويز سين.“

ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو ته، ”هن بيت ۾ رواجيءَ جي ’ج‘کي ’ز‘ سان مٽائي سنڌيءَ جي عام ماڻهوءَ واري ڳالهايل صورت روازي ڪم آندي وئي آهي، اڄ تائين ’رواجي‘، بدران روازي جو اچار ڳوٺاڻن ۾ هلندو اچي.“ (ص-10)

منهنجي گذارش به ساڳي آهي ته، مٿئين شعر ۾ رواجي لفظ بدران روازي اکر به شاعرانه صنعت ماتحت محض شعر جي رواني ۽ سلاست قائم ڪرڻ لاءِ آندو ويو آهي. اسان کي لطيف جا ٻيا ڪيترائي بيت ملن ٿا، جن ۾ ’ج‘جو اچار ورجايل آهي.

سُر حسينيءَ ۾ لطيف سائين فرمائي ٿو:

”جان جيين تان جل ڪانهيءَ جاءِ جلڻ ريءَ.

تتيءَ ٿڌيءَ هل ڪانهه ويل وهڻ جي.“

نيز:

”واڪا ڪنديس ووءِ مون سان جبل ٿو جاڙون ڪري.“

ياد رکڻ گهرجي ته لطيف سائين پنهنجي شعرن ۾ بعض عربي ۽ فارسي لفظن جي بگڙيل صورت محض شاعرانه صنعت ۽ سلاست قائم رکڻ لاءِ استعمال ڪئي آهي، جنهن جي شاعريءَ ۾ اجازت آهي ورنه ادبي ٻوليءَ ۾ اهڙا لفظ العوام جي زمري ۾ اچن ٿا ۽ اسان جي چوٽي جي اديبن هن قسم جي الفاظ اچارڻ تي ناپسندي جو اظهار ڪيو آهي. مرحوم حڪيم فتح محمد سيوهاڻي پنهنجي ڪتاب ’آفتاب ادب‘ ۾ لکي ٿو ته:

”پر همراهه کي هر ما هه، طفل کي طلف چوڻ بلڪل غلط آهي، ڇو ته همراهه کي هرماهه، طفل کي طلف فقط عام ۽ اڻ پڙهيل ئي چوندا آهن، پڙهيل هرماهه ۽ طلف ڪڏهن به ڪين چوندا آهن. جيڪي لفظ عام لوڪ يعني اڻ پڙهيل، غلط اچاريندا آهن، انهن کي غلط العوام چئبو، نه غلط العام، غلط العوام لفظ ڪنهن به صورت ۾ صحيح ڪين چئبا ۽ انهن لاءِ علمي ۽ ادبي زبان ۾ ڪا به جاءِ ڪونهي. غلط العوام بازاري لفظ ٿي سگهن ٿا، علمي ۽ ادبي لفظ نٿا ٿي سگهن.“

(ص-59)

لطيف جي شاعري عوامي ٻولي ۽ عوامي لهجي ۾ ان ڪري هرگز نه آهي. جو ان ۾ بغيرکي بگر، دوست کي دوس، يا رواجي کي روازي اچاريو ويو. لطيف جي شاعريءَ بابت ڊاڪٽر تنوير صاحب جي هيءَ تحقيقي غير علمي ۽ رد ڪرڻ جي لائق آهي، پر لطيف جي شاعريءَ جي عوامي ٻولي، لهجي ۾ مقبوليت جا ڪي ٻيا اسباب آهن. جن تي ڊاڪٽر گربخشاڻي صاحب، ڊاڪٽر سورلي صاحب، پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي صاحب ۽ مرحوم مولانا دين محمد وفائي صاحب پنهنجن ڪتابن مقدمه لطيفي، شاهه عبداللطيف آف ڀٽ، شاهه جي رسالي جو مطالعو ۽ لطف اللطيف ۾ نهايت ئي تفصيل ۽ دلنشين انداز ۾ لکيو آهي. مٿين فاضل مصنفن جي ڪتابن مان قيمتي حوالا آخر ۾ پيش ڪندس.

سنڌي ٻوليءَ ۾ عربي ۽ فارسي الفاظ جو دخل:

ڊاڪٽر تنوير صاحب جي هن ڪتاب پڙهڻ مان معلوم ٿو ٿئي ته موصوف کي سنڌي ٻوليءَ منجهه فارسي نما سنڌي زبان کي هو ورسايل طبقي جي ٻولي تصور ڪري ٿو. حالانڪ ٻين ٻولين جي الفاظ کي پاڻ ۾ جذب ڪرڻ سنڌي ٻوليءَ جي خاصيت آهي. ٻوليون هڪ ٻئي تي اثر انداز ضرور ٿين ٿيون ۽ اهو تاريخ جو هڪ قدرتي پروسيس آهي، جنهن کي ڪو به روڪي نٿو سگهي، ان ڪري عربي يا فارسي لفظ بابت بقول ڊاڪٽر تنوير جي غير متڪلف اچارن جي شڪايت ڪرڻ اجائي هاءِ گهوڙا آهي.

علم انسانيت جي ماهرن کي خبر آهي ته، دنيا جي ڪا به ٻولي پنهنجي اصلوڪي حالت ۾ اڄ موجود نه آهي. خاص طرح فاتح قومن جي ٻولي ۽ ثقافت جو مفتوح قومن جي ٻوليءَ ۽ ادب تي نمايان اثر ٿيو آهي. ذرا انگريزي ادب جي تاريخ جو مطالعو ڪري ڏسو. انگريز ائنگلو-سئڪسان (Anglo-Saxon) عهد حڪومت جي ادب کي انگريزي ادب چوڻ لاءِ به تيار نه آهي، جن جي بادشاهي انگلينڊ تي 870ع تائين هلي هئي. هي سئڪسان اصل جمن نسل سان تعلق رکندا هئا، جي وري رومي سلطنت جي زوال بعد انگلينڊ تي قابض رهيا.

پروفيسر اي- جي- وائٽ (Wyatt) پنهنجي ڪتاب ’انگريزي ادب جي تاريخ‘(History of English Literature) ۾ لکي ٿو ته: ”ائنگل- سئڪسان ادبي لحاظ کان انگريزي هرگز نه آهي ۽ ان جي پڙهڻ جي سکيا لاءِ تڪليف وٺڻ مان ڪنهن به قيمت وصول ڪرڻ جي توقع ئي نه آهي ۽ ان مان ڪو به کڙتيل نه نڪرندو.“

 

“The Anglo Saxon in a Literary sense is not English at all, and that the trouble of learning to read it is out of Proportion to the value to be derived from it.”

(p-1)

تنهن کان پوءِ پورا ٽي سئو سال انگلينڊ تي نارمن(Norman) بادِشاهَن جي حڪومت ٿي. سندن عروج 1066ع ۾ ٿيو ۽ زوال چوڏهين صدي ڌاري ٿين، هن دور ۾ انگريزن جي دفتري ٻولي به هڪ ڌاري زبان فرينچ رهي. بلڪل ان نموني جيئن سنڌ ۾ ارغونن، ترخانن، مغلن، ڪلهوڙن ۽ ميرن جي صاحبيءَ ۾ پارسي زبان سرڪاري ٻولي بڻي. ٻنهي نسلن يعني انگريزن ۽ نارمن جي وچ ۾ ٻوليءَ ۽ ادب جي معاملي ۾ ڪشمڪش ٽن صدين تائين اُجري رهي ۽ بالاخر پروفيسر وائٽ جي الفاظ ۾ ان جي انتها هڪ مصالحت تي ٿي هئي، جنهن مطابق ٻوليءَ جي لحاظ کان انگريزيءَ کي فتح ٿي، پر ان سان گڏ نارمن فرينچ جا هزارها الفاظ انگريزي ٻوليءَ ۾ داخل ٿيا، جي ان کي قبول ڪرڻا پيا ۽ ٻئي پاسي وري بحر، وزن يا علم عروض ۽ فرينچ ٻولي کٽي وئي ۽ ان کي ڪاميابي نصيب ٿي.

(ملاحظه  ٿئي ڪتاب مذڪور ص-9)

بلڪل مٿين مثال مطابق، اسان جي سنڌي ٻوليءَ ۾ به ماضيءَ اندر سرڪاري زبانن، عربيءَ ۽ پارسيءَ جا الفاظ داخل ٿيا، جي لسانيت جي اصولن مطابق اسان جي ٻوليءَ ۽ ادب کي قبول ڪرڻا پيا ۽ اهو تاريخ جو هڪ قدرتي پروسيس آهي، جنهن کي ڪوبه روڪي نٿو سگهي.

تنوير پارا جيڪي اديب ۽ شاعر سنڌيءَ ۾ عربي ۽ پارسي الفاظ خلاف شور ڪري رهيا آهن ۽ چون  ٿا ته، اهڙن لفظن جا اچار غير فطري آهن، سي في الحقيقت تاريخ جي هڪ مڃيل فيصلي کي چئلينج ٿا ڪن، جن مان کين ڪو هڙ حاصل نه ٿيندو ۽ اسان جو ادب هرو ڀرو انتشار جو شڪار ٿيندو. ترقي پسد ٽولي کي منهنجي گذارش آهي ته، ٻولي ۽ ادب جي باري ۾ هو ماضيءَ جي تاريخي فيصلن جو احترام ڪن.ان ۾ ئي سندن ادبي ڀلائي آهي.

ٽي- ايس- ايلٽ جو غلط ترجمو:

مٿي گذارش ڪئي وئي ته موزون جهڳن تي فاضل مصنف جي غلط ترجمن جي نشاندهي ڪندو ويندس، ان لاءِڪي مثال اوهان پڙهي آيا آهيو. جناب ڊاڪٽر صاحب ايلٽ جي ڪتاب مان حوالو ڏيندي لکي ٿو ته، ”هن جي نظر ۾ احساس جو اظهار عام طبقن جي ٻوليءَ ۾ ٿي سگهي ٿو.“ (صفحه -12). ايلٽ جي ڪتاب ۾ اصل انگريزي عبارت هن طرح آهي:

“Emotion and feeling then are best expressed in the common Langugae of the people that is, in the languagte common to all ciases.”

(P-19. Faber Limitted London Ed)

صحيح ترجمو هن طرح ٿيندو: ”جذبي ۽ احساس جو بهترين اظهار، ماڻهن جي عام ٻوليءَ ۾ ئي ٿي سگهي ٿو، يعني ته اهڙي ٻولي جا سڀني طبقن ۾ عام هجي.“

ڊاڪٽر تنوير صاحب کي عرض ڪندس ته ترجمي ڪرڻ وقت اصل عبارت کي خاص ملحوظ ڪري، جيئن مصنف جي پوري منشا ۽ مطلب پڙهندڙن آڏو واضع ٿئي. ڪنهن به هڪ موزون لفظ يا جملي جي معنيٰ کي ترجمي ڪرڻ وقت حذف ڪرڻ ٽي- ايس- ايلٽ جهڙي هڪ بلند پايه اديب ۽ نقاد سان وڏي بي انصافي آهي.

شاهه ۽ ورسايل طبقي جي ٻولي:

ڊاڪٽر تنوير صاحب وڌيڪ لکي ٿو ته، ”شاهه ان خيال کان سنڌي شاعريءَ ۾ وڏو انقلاب آندو، جو پنهنجي وقت جي سرڪار ۽ ان جي ورسايل طبقن جي ٻوليءَ کي ڇڏي ان وقت جي عام ماڻهن جي ٻوليءَ ۽ لهجي ۾ شعر چيو.“

(صحفه-12)

هتي تنوير کان هڪ سوال پڇڻ گهران ٿو، ٻڌايو ته اوهان شاهه کان اڳ جي دور وارن سنڌي شاعرن بابت ڪهڙي فتويٰ ٿا ڏيو؟ مثال طور شاهه لطيف جي پڙ ڏاڏي شاهه ڪريم بلڙيءَ واري متعلق جناب جن جي ڪهڙي راءِ آهي؟ ڇا هن پنهنجي وقت جي سرڪار، (ارغونن) ۽ ان جي ورسايل طبقي جي ٻولي يعني فارسي ۾ شعر چيو؟ ڇا. شاهه ڪريم ان وقت جي عام ماڻهن جي ٻوليءَ ۽ لهجي ۾ شعر نه چيو؟

مان اڳ به لکي آيو آهيان ته، بقول ڊاڪٽر دائود پوٽه صاحب جي شاهه ڪريم سنڌ جي شاعرن جو وهائو تارو ۽ سهڻي شاهه لطيف جو مبشر آهي. سندس ڪلام جي پڙهڻ مان معلوم ٿيو ته هن پنهنجي وقت جي نج يعني عام ماڻهن جي ٻوليءَ ۽ لهجي ۾ شعر چيو. سندس شعر جي ٻوليءَ بابت مرحوم ۽ مغفور ڊاڪٽر دائود پوٽه صاحب لکي ٿو ته: ”شاهه جي بيتن جي ٻولي اڳوڻي نج سنڌي آهي، جا بلڪل صاف ۽ عربي  ۽ فارسيءَ جي آميزش کان پاڪ آهي. (ڏسو ڪتاب شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام صفحو- 29، بمبئي ڇاپو).

تنوير جي مٿي ڏسيل معيار مطابق ته شاهه لطيف کان اڳ، شاهه ڪريم سنڌي شاعريءَ ۾ وڏو انقلاب آندو. ڇو جو عربي ۽ پارسي جي آميزش کان پاڪ نج سنڌي يعني عام ماڻهن جي ٻوليءَ ۽ لهجي ۾ شعر چيو. پر سنڌي ادب جي تاريخ جو مطالعو ڪبو ته معلوم ٿيندو ته، لطيف کان گهڻو اڳ ٻيا به سنڌي شاعر ٿي گذريا آهن. جن وقت جي حاڪمن ۽ بقول تنوير جي پنهنجي وقت جي ورسايل طبقي جي ٻولي يعني فارسي کي ڇڏي نج سنڌي ٻوليءَ ۾ شاعري ڪري وڏي انقلاب کي جنم ڏنو.

مون اڳ ارغوني ۽ ترخاني دور جي سنڌي شاعرن جو ذڪر به ڪيو آهي. افسوس جو زماني جي ستم ظريفيءَ ڪري اڄ اسان وٽ ڪيترن ئي قديم شاعرن جا بيت محدود ٿي ويا آهن. پر ڪجهه اسان وٽ موجود آهن، انهن کي پڙهي اطمينان ٿئي ٿو ته، لطيف جي ظهور کان  گهڻو اڳ سنڌي شاعرن، ان وقت جي عام ماڻهن جي ٻولي ۽ لهجي ۾ شعر چيو آهي.

محترم پير حسام الدين راشدي صاحب پنهنجي ڪتاب ’مڪلي نامه‘ ۾ هڪ بزرگ سيد علي جو هڪ قيمتي سنڌي بيت نقل ڪيو آهي. هي صاحب ارغوني دور ۾ ٿي گذريو ۽ پير صاحب جي تحقيق مطابق سيد علي جي وفات  981 هجري ۾ ٿي هئي ۽ ان حساب سان شاهه عبداللڪريم بلڙيءَ واري کان به عمر ۾ وڏو هو. سيد عليءَ جو فقط هڪ بيت مليو آهي جو هن ريت آهي.

 

”سرتن سانگ سکن جو من کي رويو رهائين.

آءُ ٿي هلان هوت ڏي، هو ٿيون واريو وهارين،

وريتيون  ورن سين ويٺيون گهر گهار،

کهندا ٿيون کارين، ڪا نه هلندي هوت ڏي.“

پير صاحب لکي ٿو ته، ”مٿئين ڏوهيڙي کي سنڌي ادب جي تاريخ ۾ وڏي اهميت آهي، اهو ڏوهيڙو قاضي قاضن جي ئي دور جو آهي.“

(مڪلي نامه صفحو- 29)

سيد علي پاڻ بقول پير حسام الدين راشدي صاحب جي فارسي، عربي ۽ سنڌي زبان جو وڏو عالم ۽ اديب هو. ڊاڪٽر تنوير صاحب کي گذارش ڪندس ته  مٿئين ڏوهڙي کي غور سان پڙهي. ڇا ان ۾ ڪو به عربي ۽ فارسي جو لفظ ملي ٿو؟ حالانڪ سيد صاحب پاڻ عربي فارسيءَ جو وڏو عالم هو. هن ٻنهي ٻولين کي تنوير ورسايل طبقي جي ٻولي ڪوٺي ٿو. صاف ظاهر آهي ته، لطيف کان به گهڻو اڳ سنڌي شاعرن عربي ۽ پارسيءَ جي ڄاڻڻ جي باوجود نج سنڌيءَ ۾ ڪلام چيو. سنڌي شاعريءَ ۾ هن قسم جو انقلاب شاهه کان کان گهڻو ٻين سنڌي شاعرن جو آندل آهي. تنوير ان کان فقط شاهه کي ڪريڊٽ ڏئي ٿو. اهو ڏيکاري ٿو ته هن سنڌي ادب جي تاريخ جو مطالعو چڱيءَ طرح نه ڪيو آهي،

شاعريءَ ۾ ورسايل ۽ غير ورسايل طبقي جو بحث:

حقيقت هي آهي ته شاعري هڪ اعليٰ فن ۽ خدا جي ڏات آهي ۽ ان ۾ ورسايل ۽ غير ورسايل طبقي جو بحث ڇيڙڻ علمي ۽ ادبي ذوق سان مطابقت نٿو رکي. ڏسڻ ۾ ايندو ته ورسايل طبقي مان به نالي وارا شاعر، اديب، فلسفي، سياستدان توڙي سائنسدان ملن ٿا، جن تاريخ جو رخ بدلائي ڇڏيو. ڇا اسان اهڙن عظيم انسانن جي تخليقات کان محض ان ڪري نفرت ڪريون ڇو جو بقول تنوير صاحب جي اهي ورسايل طبقي سان تعلق رکندا هئا؟ مثال طور، عظيم بنگالي رابندر ناٿ ٽئگور (Tagore) ورسايل طبقي سان تعلق رکندو هو.

ڊاڪٽر صاحب کي خبر هوندي ته ڊاڪٽر ٽئگور خانداني طور زميندار گهراڻي سان تعلق رکندو هو. ارڙهين صديءَ ڌاران ٽئگور فيملي اولهه بنگال ۾ آباد ٿي ۽ ان وقت کان کين ٺاڪر يعني معزز زميندار ڪوٺيو ويندو آهي. ٺاڪر لفظ وري انگيزيءَ ۾ ڦري ٽئگور ٿيو ۽ ان انگريزي اسم سان موسم ٿيا. سر رابندر ناٿ انهيءَ بنگال جي ورسيل طبقي جو چشم و چراغ هو، جو هڪ ئي وقت وڏو شاعر ۽ فلسفي ٿي گذريو آهي. سندس همه گير شخصيت بابت مسٽر ڪئسرلنگ (Keyserling) جو رمارڪ ناقابل تريد آهي. جو مسٽر رشبوڪ پنهنجي ڪتاب ”هندستان جا عظيم انسان“ (Great Men of India) ۾ نقل ڪيو آهي.

“The most Universal. The most encompassing. The most complete human being I have ever met.” (P-573)

ٽئگور جهڙو جامع صفات شاعربه ورسايل طبقي سان تعلق رکندو هو، جيئن مٿي بيان ڪيو ويو. ڇا محض هن جرم ڪري دنيا ٽئگور جي تحريرن کان نفرت ڪري؟ ڊاڪٽر صاحب کي سوچڻ کپندو ته هن جي لکيل جملي جو اثر ڪهڙن انسانن تي ٿئي ٿو.

برٽرانڊ رسل جو مثال وٺي ڏسو، يورپ جو هي عظيم دانشور، ممتاز فلسفي ۽ ناميارو اديب به ورسايل طبقي سان تعلق رکندو هو. هو اٺانوي سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو. پاڻ ارڙهن ورهين جي عمر ۾ لکڻ شروع ڪيائين، ان حساب سان سندس تحريري عمر به اسي سال هئي.برٽرانڊ رسل پنهنجي ڪتاب ’حافظي مان تصوير‘ (Portraits from Memory) ۾ لکيو آهي ته،

 

”هن جو ڏاڏو لارڊ جان رسل (Lord Jhon Russel) ٻه دفعا برطانيا جو وزير اعظم رهيو هو.“

(ڏسو مٿيون ڪتاب صفحو- 109).

لارڊ ۽ ورسايل طبقي جي خاندان مان برٽرانڊ رسل جهڙو شخص پيدا ٿيو، جنهن جديد دور جي فڪري انقلاب ۽ عقليت پرستي جي رهنمائي ڪئي. تنوير جي لکڻ مان ته اهو واضع ٿئي ٿو ته، رسل جهڙي شخص جي تحريرن کان به نفرت ڪرڻ گهرجي، ڇو جو هو ورسايل طبقي سان واسطو رکندو هو.

ساڳئيءَ طرح بغداد جو عباسي خليفو هارون الرشيد ورسايل طبقي جو ماڻهو هو پر هو شعر و شاعري ۽ ادب جي علم جو وڏو عالم ۽ نقاد هو. علامه ابن عبدالبر پنهنجي عربي ڪتاب ”عقدالفريد“۾ هارون  جي مشهور عرب اديب اصمعي سان ٿيل ادبي گفتگو کي نقل ڪيو آهي، جنهن مان هارون جي شاعريءَ ۽ ادب تي عبور جو پتو پوي ٿو.

علامه ابوالفرج اصفهاني، عربن جي شاعريءَ ۽ موسيقي بابت پنهنجي تصنيف ’ڪتاب الاغني‘ (The book of songe) هارن جي فرمائش ۽ تعاون سان ڪل ايڪيهن جلدن ۾ لکيو هو، هي ڪتاب اڃا تائين موجود آهي.

مٿي ڪجهه مثال تنوير جي رد ۾ لکيا ويا آهن. معلوم ٿيو ته ورسايل طبقي جي ماڻهن به شاعري، ادب ۽ ٻين علمن جي شعبن ۾ وڏي خدمت ڪئي آهي، جنهن کي وساري نٿو سگهجي. جيڪڏهن هن ڏس ۾ ورسايل ۽ غير ورسايل طبقي جو بحث ڇيڙيو ته اسين ڪيترن ئي جواهرن کان محروم ٿي وينداسون.

پنهنجي ڪتاب ”شاهه لطيف جي شاعري“ ۾ موصوف ورسايل طبقي جو نفرت سان تعارف ڪرايو آهي.حالانڪ علم، دانش ۽ شعر و شاعري جي خدمت ورسايل توڙي غير ورسايل، ٻنهي طبقن جي ماڻهن ڪئي آهي ۽ سندس هي چوڻ ته ”شاعري فقط ورسايل طبقي جي ميراث هئي.“ حقيقت سان مطابقت هرگز نٿو رکي. ادب جي ميدان ۾ ورسايل يا غير ورسايل طبقن جو بحث مارڪسي فڪر  جي غمازي آهي.

اسان کي چڱيءَ طرح خبر آهي ته مارڪسٽ ملڪن ۾ آزاديءَ سان سوچيندڙ اديبن کي ورسايل طبقي جي نمائندگي ڪرڻ جو الزام ڏنو ويو ۽ کين هر قسم جي ذهني اذيت ڏني وئي. ڪتاب ”ڊاڪٽر زواگو“ جو مصنف آنجهائي پاسٽرنائڪ ان جو عملي ثبوت آهي ۽ تازو سولزينٽسن جهڙي بي پاڪ اديب کي به ورسايل طبقي جو نمائندو سمجهي روس مان ڪڍيو ويو. سندس جرم فقط اهو هو ته، هو آزاديءَ سان سوچيندو هو. سرڪار هن جي فڪر تي پابندي وڌي، ڀلا ورسايل طبقي جي ايجنٽ هئڻ جو طعنو به ڪنهن کي سوچڻ کان روڪي سگهي ٿو؟ ڇو جو مشهور فرينچ فلاسفر ڊڪارٽ جي بقول:

”منهنجي هستي سوچڻ جي ڪري آهي.“

“I think there fore Iam”

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com