سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: گرم جون آکاڻيون

باب:

صفحو :9

ٽلڻ چيو ان نظاري واري شهر ۾ هڪ مالدار ڪاٺير رهي ٿو؟ اها سامهون اڇي ماڙي انهي ڪاٺير ۽ سندس زال جي آهي، ٻئي زال مڙس ڪراڙا آهن، ويتر ته رات ٿئي ته اکين کان به ڪونه ڏسن. انهن جي بورچيخاني ۾ اهي سڀ مال ڪٻٽ ۾ سٿيا پيا آهن. فقط هلڻ جي ويرم آهي، ڇا کائي ڇا کائيندين؟

جنهن تي گدڙ چيو ته پوءِ دير ڪهڙي آهي؟ آءٌ هاڻي ئي دڙي تان ٽپو ڏئي لهي ٿو ڊوڙ پايان ۽ اک ڇنڀ ۾ هلي ٿا مال ملدين جي منهن پئون.

ٽلڻ پنهنجي اٽڪل کي ڪامياب ٿيندي ٿوري پڪائي ڪندي چيو، منهنجا دوست ماڻهو ڳالهه ڪندا آهن ته ماکي کائڻ لاءِ به مهل گهرجي. تڏهن ته هر ڪم لاءِ مهل مقرر ڪئي وئي آهي. ٿورو ترس سج لهي اونداهه ٿئي ته ڪتي ٻلي جي اک ننڊ سان ڪاڻي ٿئي ته پوءِ هلي ٿا (ڍؤ) ڪريون.

سج لهي اونداهه ٿورو سنجهو اڃا ڪونه ٽريو هو، ته ٽلڻ پنهنجي يار گدڙ کي سڌو پنهنجي پيءُ جي گهر وٺي آيو، پر پڻس گهر جي ٻاهرين دروازي تي تالو هڻي بند ڪري ڇڏيو هو، ان ڪري ٽلڻ ڄامڙو گدڙ کي بورچيخاني واري ۽ گهرجي گندي پاڻي واري نيڪال جي نالي وٽ وٺي آيو ۽ گدڙ کي چيائين اتان اندر ٽپي هل ته پوءِ سڀئي شيون تنهنجون آهن، گدڙ جيڪو هفتي کن کان بکن ۾ ڳري ڪنڊا ٿي ويو هو، سو، گندي پاڻيءَ جي نيڪال واري ناليءَ مان آساني سان ٽپي ويو. پوءِ ٽلڻ هن کي سڌو بورچيخاني ۾ اندر وٺي ويو ۽ کانئس ڪٻٽ کولرائي اهو سڀ ڪجهه کارايائينس جنهن جو ذڪر هن سوير ساڻس ڪيو هو، جڏهن گدڙ کائي پي ڍءُ ڪيو ته پنهنجي پيٽ واري دوست کي چيائين، ته هاڻي هلڻ گهرجي وري ڪنهن ٻئي دفعي اهڙو رَڄُ اچي ڪبو.

ٽلڻ جي مرضي هئي ته گدڙ ايترو کائي ٿلهو ٿئي جو سندس پيٽ نالي مان ٽپي نه سگهي ۽ پوءِ آءٌ بابا ۽ امان کي رڙيون ڪري جاڳائي گدڙ مارائي سندس پيٽ ڦاڙائي ٻاهر نڪران. اهو سوچي ٽلڻ وري به گدڙ کي چيو، يار سڀاڻي ڪنهن  ڪانه ڏٺي آهي، جيڪي ڪرڻو اٿئي اڄ ڪري وٺ. سڀاڻي جا ڀاڳ سڀاڻي سان. پيٽ واري جي آواز تي گدڙ وري نئين سر مال تي جنبي ويو. هن ڀيري ايترو کاڌائين جو هلڻ کان هلاک ٿي  پيو، جڏهن ٽلڻ ڏٺو ته گدڙ چُرڻ پُرڻ کان بيهجي ويو آهي، ته هن وٺي زور زور سان رڙيون ڪرڻ ۽ آلاپ ڪري ماءُ پيءٌ کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي. گدڙ چيس يار، اِهو ڇا ٿو ڪرين؟ گدڙ جي جواب تي ٽلڻ چوڻ لڳو تنهنجي سٺي کاڌي جي خوشيءَ ۾ آءٌ به خوشي ٿو ڪريان، تون ڊپ ڊاءُ نه ڪر. گهر جا مالڪ ٻئي ڪراڙا ۽ انڌا آهن.

هوڏانهن ٽلڻ جي رڙين ۽ آوازن تي ٽلڻ جا  ماءُ پيءُ به جاڳي پيا. هنن اول ته گهر جي وچ تي ڪاٺين جو مچ ڪري سڄو گهر روشن ڪيو، ان روشني تي ڏٺائون ته هڪڙو گدڙ ريڙهيون پائيندو گندي نالي ۾ وڃي ڦاٿو آهي، ٽلڻ جي پيءُ ڪهاڙو کنيو، ماڻس ڏاٽو کنيو، گدڙ سان ويڙهه ڪرڻ لاءِ ٽلڻ جي پيءُ زال کي هدايت ڏيندي چيو ته آءٌ گدڙ کي مٿي ۾ ڪهاڙو ٿو هڻان ۽ تون ڏاٽي سان سندس پيٽ ڦاڙي وجهه، جنهن تي ٽلڻ چيو ته بابا امان کي چئجانءِ ته ڏاٽو گدڙ جي پيٽ ۾ اهڙي طرح  هڻي جيئن مون کي نقصان نه پهچي، ڇو جو گدڙ رستي ۾ مون کي کائي ويٺو آهي، آءٌ سندس پيٽ ۾ جيئرو جاڳندو ويٺو آهيان.

پنهنجي پٽ جو آواز ٻڌي، ڪاٺير ٺڪاءُ گدڙ کي ڪهاڙو ڪڍرايو ته گدڙ جو ڪم هڪ ڌڪ سان ئي پورو  ٿي ويو.

پوءِ ماڻس آهستي آهستي ڪري ڏاٽي سان گدڙ جو پيٽ ڦاڙيو ته ٽلڻ ڪن ڇنڊي ٻٽڪو کائي، گدڙ جي پيٽ مان نڪري اچي ماءُ پيءُ جي آڏو  بيٺو. پنهنجي پٽ کي اکين اڳيان جيئرو جاڳندو ڏسي، ڪاٺير ۽ سندس زال ڏاڍا خوش ٿيا ۽ ان مهل ئي ماءُ پيءُ کڻي کيس ڳلي سان لڳايو، ٽلڻ به ماءُ پيءُ سان ملڻ بعد ڏاڍو خوش ٿيو ۽ اول واري سفر کان وٺي آخر تائين سمورا واقعا، ماءُ پيءُ سان بيان ڪندي آئينده لاءِ واعدو ڪيائين ته ڪڏهن به پنهنجو گهر ڇڏي  هليو نه ويندس، ڇو ته انهيءَ سموري سفر ۾ تازي هوا ۽ فرحت واري فضا مون کي پنهنجي ماءُ پيءُ جي گهر ۾ ئي نصيب ٿي آهي، ايتري ۾ سج به اڀري ويو، ۽ ٽلڻ به وهنجي سهنجي نوان ڪپڙا پائي سمهي پيو.

 

ڪُئي، پکي ۽ ٻگهه

هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته جهنگ ۾ رهندي هڪ ڪُئي، پکي ۽ ٻگهه جي پاڻ ۾ گهاٽي دوستي ٿي وئي. هنن ٽنهي ويهي پاڻ ۾ ويچاريو ته اسين سڀ ڇڙا ڇانڊ، نه گهر نه گهاٽ، جو سڪون جو ساهه کڻون. ڇو نه هڪ گهر جوڙي خوشيءِ سان زندگي گذاريون، اها صلاح ڪري ٽئي ڄڻا ڪم ۾ جنبي ويا ۽ هڪ ڏينهن ۾ بهترين آسائش وارو گهر به ٺاهي ورتائون. گهر ٺاهڻ کان پوءِ گهر جي سارسنڀال ۽ ڪم جي ذميواري به  هنن ٽنهي پاڻ ۾ ورهائي کنئي.

جنهن ۾ ڪاٺين آڻڻ جو ڪم پکيءَ تي رکيائون، پاڻي ڀري اچڻ جو ڪم ڪئي تي ۽ رڌ پچاءُ وارو ڪم ٻگهه جي ذمي هو. اهڙي طرح هنن ٽنهي جو ڪم ڏاڍو مزي سان پئي هليو. هرڪو پنهنجي پنهنجي ذميواري سليقي سان سرانجام ڏيندو هو. جنهن جي ڪري وقت سر کين آرام ڪرڻ جو به ڪافي وقت ملي ويندو هو. وري جڏهن آرام ڪري وٺندا هئا، تڏهن ٽئي ڄڻا پنهنجي وس ۽ وتِ آهر گهر ۾ گهربل شيون به جمع ڪندا ويندا هئا، ته برسات يا ڪنهن ڏکئي وقت ڪنهن  به شيءِ جي کوٽ محسوس نه ٿئي. گهڻي سک ۽ آرام  جي ڪري ۽ سٺن کاڌن کائڻ سبب هنن ٽنهي جي صحت به ڏاڍي سٺي رهندي هئي، جنهن ڪري هر ڪو پنهنجي جاءِ تي ڏاڍو سکيو ستابو ۽ خوبصورت لڳندو هو.

هڪ ڏينهن پکي پنهنجي ڪم جي ذميواري نڀائيندي،. ڪاٺيون ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو هو ته رستي ۾ سندس ملاقات هڪ ٻئي پکي سان ٿي، جيڪو هن جي خوبصورتي ۽ صحت ڏسي دل ۾ ته سڙي ويو، پر ظاهري بهانو ڪري کيس چوڻ لڳو ادا، تو کي ڇا ٿي ويو  آهي، جو ايترو ڏٻرو ٿي ويو آهين. جنهن تي گهر اڏيندڙ ۽ ذميواري نڀائيندڙ پکي چيس آءٌ ڏٻرو ڪٿي آهيان، اسان هڪ بهترين گهر ٺاهيو آهي، جتي آءٌ، ڪئي ۽ ٻگهه ڏاڍي آرام سان رهندا آهيون. ٻگهه اسان لا لذيذ طعام تيار ڪندو آهي. کائي پيئي مزو اچي ويندو آهي. جنهن تي رستي تي ملندڙ پکي پڇيس ته تون ڪهڙو ڪم ڪندو آهين؟ ۽ ڪئي ڇا ڪندي آهي؟

پکي ٻڌايس ته آءٌ ڪاٺيون ڪندو آهيان، ڪئي پاڻي ڀريندي آهي ۽ ٻگهه ماني پچائيندو  آهي.

جهنگلي پکي چيس ته هاڻي مان سمجهي ويس ته تنهنجي ڏٻري ٿيڻ جو ڪهڙو ڪارڻ آهي. گهريلي پکيءَ چيسَ اَول ته آءٌ ڏٻرو ڪونه آهيان، پر جي تون چوين ٿو آءٌ ڏٻرو لڳان ٿو ته تون ئي ان جو سبب کڻي ٻڌاءِ. جهنگلي پکي چيس تون ان ڪري ڏٻرو ٿي ويو آهين، جو مشڪل ڪم تنهنجي ذمي رکيو اٿن. تون سڄو ڏينهن رُلي پني ڪاٺيون گڏ ڪري اچين ٿو ۽ هو  ٻئي ڄڻا ارام سان گهر ۾  ٿڌي ڇانوَ ۾ ويٺا آهن، اڃا به مون کي توکي ڏسي ڏک نه ٿئي ته ٻيو ڇا ٿئي؟ جهنگلي پکيءَ جي همدرديءَ تي گهريلو پکي کي به دل ۾ ٿورو ويچار ٿيو ته واقعي منهنجي ذات واري مائٽ مون کي سٺي ڳالهه ته ٻڌائي آهي، ڏينهن جو شڪارين ۽ جانورن جي منهن ۾ آءٌ لڳي ڪاٺيون گڏ ڪيان ۽ هو سکيا ستابا شينهن بنيا گهر ۾ ويٺا آهن. ٻگهه ته گهر ۾ ٽي ويلا کائي گندڙو ٿي پيو آهي، جو رڙهي به ڪونه ٿو سگهي. اهي ويچار ڪري جڏهن گهرو پکي گهر پهتو ۽ ٽنهي گڏجي ماني  کائڻ شروع ڪئي، ته پکي اڄ واري ڳالهه ٻولهه پنهنجي ساٿين کي ٻڌائيندي چيو واقعي آءٌ ڏاڍو ڪمزور ٿي ويو آهيان. توهان مون تي ڏاڍو ڏکيو ڪم رکيو آهي، جيڪو مان گهڻين تڪليفن کان پوءِ مس پورو ڪيان ٿو. جنهن تي ڪُئي ۽ ٻگهه چيس ڀاءُ جيڪڏهن تون ڌارين جي ورغلائڻ ۾ اچي ويو آهين، ته اسان توکي رنج ڪرڻ ڪونه ٿا گهرون، توکي جيڪو ڪم آسان لڳي، اُهو تون کڻ، باقي ٻيا ڏکيا ڪم اسان ٻئي ڄڻا پاڻ ۾ ونڊي ورهائي ڪنداسون. پکيءَ جي ضد ڪرڻ سبب ٻگهه چيو جيڪڏهن ڪاٺيون ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي، ته سڀاڻي کان وٺي اهو ڪم آءٌ ڪندس. جنهن تي پکي راضي ٿيو ۽ پوءِ هو ٽيئي پاڻ ۾ ميٺ محبت جون ڳالهيون ڪرڻ لڳا. ٻئي ڏينهن صبح ساڻ ٻگهه ڪاٺين ڪرڻ لاءِ گهر مان نڪري ويو. ڪئي پاڻي ڀري آئي، پکي گهر جي صفائي ڪري ٿانو ڌوئي ديڳڙو چلهه تي رکي، انتظار ڪرڻ لڳو ته جيئن ٻگهه ڪاٺيون آڻي ته باهه ٻري ۽ کاڌو تيار ٿئي.

ڪُئي ۽ پکي، ٻگهه ۽ ڪاٺين جو انتظار ڪري ٿڪجي پيا، پر ٻگهه نه اچڻو هو سو منجهند ٿي ويئي، تڏهن به ڪونه موٽيو. آخر ٻنهي ڄڻن صلاح ڪئي ته ٻگهه کي ڳولهجي ته ڪاٺين واري ٻيلي ۾ ويو ڪيڏانهن. ان ڪري شام جي پهر پکي اڏامي ٻيلي جي طرف ويو ته رستي ۾ کيس هڪ ٿلهو متارو ڪتو مليو. پکي لامارو ڏئي ڪتي کان پڇيو ته يار ڏي خبر تو اسان جو دوست ٻگهه ته ڪٿي ڪونه ڏٺو؟

ڪتي چيو هائو مون ڏٺو هو، جنهن تي پکي پڇيس تو ڪٿي ڏٺو؟ مون کي ڏس ڏي ته ويچارو سارو ڏينهن گهر ڪونه آيو آهي. اسان سڄو ڏينهن سندس غير حاضري جي ڪري لنگهڻ تي گذاريو آهي.

ڪتي ٻڌايس ته انهيءَ ٻگهه کي ته آءٌ کائي کپائي هاڻي موٽيو پيو اچان. پکي کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽  ڪتي کي چيائين توتي خدا جو قهر پوي، تو اسان جو معصوم دوست کي کائي کپائي هن جي حياتي کٽائي. ڪتي جواب ڏنس ته مان سمجهان ٿو ته هن  کي مرڻ گهرجي ها. هن تي ڪيترائي الزام هنيا ويا. ڪير به هن مان خوش ڪين هو، مون تڏهن هن کي کائي سندس جان آجي ڪئي.

ڪتي جي زباني اِها مايوس ڪن ڳالهه ٻڌي، پکي پويان پير ڪري موٽي گهر آيو ۽ سمورو احوال ڪئي سان ڪيائين. پکي ٻيهر ڪاٺيون گڏ ڪري ڪُئي کي ڏئي، پاڻ ٻيلي ۾  هليو ويو.

ڪئي به باهه ٻاري ڀاڄي تيار ڪرڻ جي ڪم کي لڳي وئي. جڏهن ديڳڙو گرم ٿي ويو ته ڪُئي ڀاڄيءَ جي لوڻ مرچ چکڻ جي ارادي سان جيئن ئي ٽپ ڏئي ديڳڙي جي ڪنن تي ويهڻ جي ڪوشش ڪئي ته اوچتو سندس پير ترڪي پيو ۽ ڌو وڃي ٽهڪندڙ ديڳڙي ۾ ڪيائين. ديڳڙي جي وچ ۾ ڪُئي جي رڙين تي پکي جيڪو ٻيلي مان ڪاٺيون ڪرڻ ويو هو، سو به ڊوڙندو گهر اندر پهتو ڏسي ته ديڳڙي مان ڪُئي جون رڙيون پيون اچن. ويچارو پکي حراسجي جيئن ئي ڪُئي کي بچائڻ لاءِ ڪاٺيون اڇلي ديڳڙي جي طرف ڀڳو ته ڪاٺين کي باهه وڪوڙي وئي. پکي ويچارو اچي ڦاٿو ته هيڏانهن گهر ٿو سڙي هوڏانهن ڪُئي ٿي مري، ڪاڏي وڃي؟ سو به ڊوڙي وڃي بالٽي کنيائين ته کوهه مان پاڻي ڪڍي گهر جي باهه به وسائي ۽ ديڳڙي مان ڪُئي به ڪڍي وجهي. تڪڙ ڪري جيئن بالٽي کوهه مان پاڻي جي ڀري ٻاهر ڇڪڻ جي ڪيائين ته کوهه جي پڳ تان هن جو پير ترڪي ويو ۽ پاڻ به وڃي منهن ڀر کوهه ۾ ڪريو. ٻڏڻ مهل افسوس ڪندي چيائين ته مون پرائي چور تي پنهنجو سڄو ڀريل تريل گهر تباهه ڪري ڇڏيو. پوءِ اهو پکي به غوطا کائي کوهه ۾ ٻڏي مري ويو.

تڏهن ته سياڻا چوندا آهن ته ”ڪڏهن به پرمتڙيون ٿيڻ نه گهرجي، هميشه سوچي سمجهي قدم کڻجي.“

مارڻ واري کان بچائڻ وارو  سگهارو هوندو آهي

ڪنهن ڏورانهين ڏيهه تي هڪ عادل بادشاهه راڄ ڪندو هو. جهڙو هو بادشاهه مهربان، تهڙي هيس سندس سهڻي راڻي. هڪ ڏينهن سياري جي موسم ۾ بادشاهه جي راڻي پنهنجي محلات ۾ ويٺي دريءَ مان برسات ۽ برفباري جو نظارو ڪري رهي هئي ته اوچتو برسات سان گڏ هڪ برف جي ڳڙي به ٽپڪو ڪري دريءَ مان اچي راڻيءَ جي اڳيان ڪري.

برف ڳڙي کي ايترو اڇو ۽ خوبصورت ڏسي ان ۾ رنگ ڀرڻ لاءِ راڻي سئي کڻي پنهنجي آڱر تي هڻي، رت جا ٽي ٽيپا ان برف ڳڙيءَ ۾ ڀري ڇڏيا. پوءِ ان ڳڙيءَ کي کڻي، جڏهن ٽالهيءَ جي ڪاري ڪاٺ مان ٺهيل دريءَ تي رکيائين ته برف ڳڙي اڃا به ڏاڍي خوبصورت ٿي پئي. برف ڳڙي جي سونهن ڏسي، راڻي الله تعاليٰ کان دعا گهري ته اي الله! جيڪڏهن مون کي اولاد ڏئين ته پوءِ هن برف ڳڙي جهڙي خوبصورت ڌيءَ ڏجانءِ؟ جنهن جي جسم برف جهڙو اڇو، ڳل منهنجي رت جهڙا ڳارها، اکيون ناسي ۽ وار اهڙا ڪارا هجن، جهڙو هي ٽالهي جو ڪارو ڪاٺ آهي. الله جي قدرت سان راڻيءَ کي ڌيءَ ڄائي، جيڪا هوبهو اهڙي هئي، جهڙي ان راڻيءَ دعا گهري هئي، ان ڪري الله سائين جو احسا مڃڻ خاطر، راڻي پنهنجي ڌيءَ جو نالو به ”برف ڳڙي“ رکي ڇڏيو.

برف ڳڙي اڃا ٻارڙي هئي، ته سندس ماءُ وفات ڪري وئي بادشاهه سلامت هڪ نئين ننڍي خوبصورت ڪنوار سان شادي ڪري ورتي.

بادشاهه جي نئين زال خوبصورت ته ڏاڍي هئي، پر ساڙولي به حد درجي کان وڌيڪ هئي. هوءَ نه چاهيندي هئي، ته مون کان وڌيڪ ڪائي خوبصورت عورت هجي.

ان ڪري هي روزاني هار سينگار ڪري اچي پنهنجي هڪ طلسمي آئيني اڳيان بيهندي هئي ۽ آئيني کان پهريون سوال اهو ڪندي هئي ته ٻڌاءِ اي منهنجا طلسمي آئينا، مون کان وڌيڪ خوبصورت ڪائي عورت هن دنيا ۾ آهي؟ ته آئينو چئني ڪنڊن تي اکيون ڦيرائي جواب ڏيندو هو. نه راڻي توکان وڌيڪ دنيا ۾ ڪابه خوبصورت عورت ڪانه آهي، صرف تون ئي سونهن جي راڻين جي سردار آهين!

وقت پنهنجي رفتار سان گذرندو رهيو، ننڍا ٻار جوان ٿيندا ويا، جوان پوڙها ٿي رهيا هئا، برف ڳڙي به پنهنجي جواني جي سرحدن کي لتاڙي رهي هئي ته هڪ ڏينهن طلسمي آئيني بادشاهه جي زال يعني برف ڳڙي جي ماٽيجي ماءُ کي ٻڌائي ڇڏيو، ته هاڻي توکان وڌيڪ خوبصورت عورت  به هن دنيا ۾ اچي وئي آهي، جيڪا تنهنجي محل ۾ رهي ٿي ۽ ان جو نالو آهي: ”برف ڳڙي“ آئيني جي زباني برف ڳڙي جي تعريف ٻڌي، راڻيءَ کي ننهن کان چوٽي تائين ڪاوڙ چڙهي وئي. چئي، برف ڳڙي ڪير ٿيندي آهي، جيڪا منهنجي سونهن سان برابري جي دعويٰ ڪري، ان ڪري آڌي رات جو برف ڳڙيءَ کي ننڊ جي حالت ۾ خاص نوڪرن حوالي ڪندي چيو ته، هن ڇوڪريءَ کي گهٽي ساهه ڪڍي جهنگ ۾ اهڙي هنڌ ڦٽو ڪري اچجو، جتي جهنگلي جانور رات جي پيٽ ۾ ئي سندس جسم کائي کپائي ڇڏين، جيئن سندس ڪوئي نانءُ نشان باقي نه رهي.

نوڪرن جي ڪلهي تي جهنگ ۾ هلندي برف ڳڙيءَ کي هوش اچي ويو، هو انهن ماڻهن کان پڇيو توهان ڪير آهيو؟ مون کي ڪيڏانهن کنيو ٿا وڃو؟

برف ڳڙي جي سوال جي جواب ۾ نوڪرن جي اڳواڻ کيس ٻڌايو ته اسان کي تنهنجي ماٽيجي ماءُ راڻي جو حڪم آهي، ته توکي ماري تنهنجو لاش جهنگلي جانورن کان کارائي، پوءِ موٽي اچون. جنهن تي برف ڳڙي نوڪرن جي اڳواڻ کي منٿ ڪندي چيو مون کي مارڻ مان توهان کي ڪهڙو فائدو پوندو. مونکي منهنجي حال تي جهنگ ۾ ئي ڇڏي ڏيو. پوءِ کٽي منهنجي قسمت، باقي آءٌ توهان سان واعدو ٿي ڪريان ته ڪڏهن به شاهي محل ۾ موٽي ڪونه ايندس.

برف ڳڙيءَ جي منٿن تي نوڪرن جي اڳواڻ کي رحم اچي ويو جنهن کيس شاهي محل نه موٽڻ واري واعدي تي جيئدان ڏئي جهنگ ۾ ڇڏي ڏنو ۽ راڻي کي موٽي اچي ٻڌايائون ته برف ڳڙي جو لاش به گم ڪري آيا آهيون، نوڪرن جي زباني برف ڳڙي جو احوال ٻڌي، راڻي ڏاڍي خوش ٿي ۽ اهو راز نه کولڻ لاءِ سندن زبان بندي لاءِ ڪافي پئسا ڏوڪڙ، سون وغيره ڏئي، راڻي اطمينان ڪيو ته مون سان برابري ڪرڻ واري هميسه لاءِ هن جهان مان هلي وئي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com