سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: گرم جون آکاڻيون

باب:

صفحو :1

گرم جون آکاڻيون

جيڪب گرم ۽ وليم گرم

ڇپائيندڙ پاران

ڪنهن به ادب جو سرچشمو اُتان جو عوامي ادب يعني لوڪ ادب هجي ٿو. ڇو ته هن ادب ۾ ئي مڪمل طرح عوامي جذبن ۽ نفسياتي مسئلن سميت عوامي لوڪ ادب جي اٿڻي ويهڻي، رسم و رواج وغيره جو پورو پورو عڪس ڏنو ويندو آهي.

”گِرِم جون آکاڻيون“ مفهوم ۽ اسلوب جي اعتبار کان عاليشان ڪهاڻيون آهن. هي ڪهاڻيون ”گِر ِم ڀائرن“ جون لکيل  آهن. هن جو پهريون ڀاڱو خانصاحب مريد علي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو، جيڪو بورڊ 1964ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو هو. پر ان جو ٻيو ڀاڱو ترجمو نه ٿي سگهيو هو، اها خوش قسمتي اسان جي حصي ۾ آئي جو هن جي ٻئي ڀاڱي ڇپرائڻ جو سعيو اسان جي ڪُڻي پيو. ٻي ڀاڱي جو سنڌي ترجمو محترمه رفيعه ملاح کان ڪرايو ويو  آهي. ترجمي جي سوڌ سنوار ۽ پروف ريڊنگ جو ڪم سنڌي شعبي جي قابل پروفيسر ڊاڪٽر تهمينه مفتي صاحبه کان ڪرايو ويو، ادارو ٻنهي ارپنائن جي انهيءَ پورهئي کي قدر جي نظر سان ڏسي ٿو.

هيءُ ڪهاڻيون اصل ۾ جرمن ٻوليءَ ۾ لکيل آهن، جتان پوءِ ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿيون. بورڊ هي ڪهاڻيون اصل انگريزي ٻوليءَ تان ترجمو ڪرايون آهن. هي ڪهاڻيون حالانڪه ٻارڙن لاءِ لکيون ويون آهن، پر وڏا به هنن ڪهاڻين ۾ خاصي دلچسپي رکن ٿا، اهو ئي سبب آهي، جو هن ڪتاب جو پهريون ڀاڱو ٻارڙن کان وڌيڪ وڏن ۾ مقبوليت ماڻي آهي. ٻارڙن توڻي وڏن جي بار بار تقاضا ڪرڻ تي “Grimm’s Fairy Tales” جي ڀاڱي ٻئي جو سنڌي ترجمو ڪرائي ڇپرايو ويو آهي، ته جيئن ٻارڙن سميت وڏا به هن ڪتاب مان مڪمل حظ وٺي سگهن.

ڄامشورو سنڌ                         اعجاز احمد منگي

اڱارو 26 ذي الحج1427ع                    سيڪريٽري

بمطابق 16 جنوري 2007ع                 سنڌي ادبي بورڊ

 

ڪتاب بابت

گِرِم جون اکاڻيون دراصل جرمن قوم جون لوڪ ڪهاڻيون آهن، جي جيڪب ۽ وليم گِرِم نالي ٻن ڀائرن اڄ کان اٽڪل ڏيڍ سؤ سال اڳ گڏ ڪري ڇپايون هيون. هو گِرِم خاندان مان هئا، انهيءَ ڪري گرم ڀائر نالي سان مشهور ٿيا. ٻنهي ڀائرن کي پنهنجي جرمن قوم، وطن ۽ زبان لاءِ ڏاڍي حب هئي. انهيءَ جزبي هيٺ، هنن جرمنيءَ جي قديم اتهاس، تاريخ، قانون، زبان، موسيقي ۽ اڳوڻي اعليٰ ادب ۾ گهري دلچسپي ورتي ۽ انهن ڪمن تي سالن جا سال علمي تحقيق ڪري، ڪيترائي بلند پايي جا ڪتاب لکيا ۽ ڇپايا.

هنن سنه 1812ع ۾ لوڪ ڪهاڻين جو پهريون جلد ”ڪنڊر انڊهاس مارچن“ نالي سان شايع ڪيو، پوءِ سنه 1815ع ۽ 1822ع ۾، انهن ڪهاڻين جا ٻيا جلد ڪڍيائون. سنه 1870ع ۾ ٻنهي ڀائرن جي وفات کانپوءِ ، جيڪب جي وڏي پٽ هرمئن، انهن ڪتابن  جون ڪهاڻيون گڏ ڪري، هڪ مستند ڇاپو ”ڪنڊر انڊهاس مارچن“ نالي سان ڪڍيو. ان ڪتاب ۾ جملي اڍائي سئو ڪهاڻيون هيون، جن  مان پنجاهه چونڊ ڪهاڻين جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ”گرم جون آکاڻيون“ (Grimm’s Fariy Tales) نالي سان ڇپيو. انگريزي کان پوءِ دنيا جي ٻين سنڌريل زبانن ۾ گرم جي آکاڻين جا ترجما شروع ٿيا، ۽ هاڻي ته دنيا جي شايد ئي ڪا اهڙي سڌريل زبان هجي، جنهن ۾ گرم جي آکاڻين جو ترجمو نه ٿيو هجي. گرم جون آکاڻيون هاڻي عالمي لوڪ ادب جي ميدان ۾ جديد علم جو سنگ بنياد شمار ٿين ٿيون.

1954ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ انگريزي زبان مان ڪي چونڊ ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرائي شايع ڪرڻ جي رٿ تيار ڪئي. انهن چونڊ ڪتابن ۾ ”گرم جون آکاڻيون“ وارو ڪتاب به شامل ڪيو ويو. ترجمي جو ڪم سنڌ مدرسي جي لائق ۽ فائق اڳوڻي وائيس پرنسپال مرحوم خانصاحب مريد عليءَ خان سرانجام ڏنو. اهڙيءَ ريت، هي بين الاقوامي شهرت يافته ڪتاب پهريون ڀيرو سنڌيءَ زبان ۾ شايع ٿيو.

ڪتاب ”گرم جون آکاڻيون“ ڀاڱي ٻئي لاءِ پڙهندڙن جي هڪ وسيع حلقي ۾ تمام گهڻي عرصي کان گهر  هئي، ”دير آيو به درست آيو“

هن ڪتاب جي ترجمي وارو ڪم محترمه رفيعه ملاح صاحبه سال 2006ع ۾ مڪمل ڪري بورڊ جي حوالي ڪيو، جڏهن ته پروفيسر ڊاڪٽر تهمينه مفتي صاحبه مذڪوره ترجمي تي نظرثاني ڪري بورڊ تي وڏا ڀال ڪيا آهن.

اميد آهي ته هيءَ ڪتاب ”گرم جون آکاڻيون“ ڀاڱو ٻيو ڇپيل  پهرئين ڀاڱي وانگر ننڍن توڙي وڏن ۾ مقبول ۽ مشهور ٿيندو.

ادارو

 

فهرست

ڪهاڻي                                       

ڏکويل پکيئڙو                                        

وفادار جان                                             

چورن مٿان مور                                

سونن پرن وارو هنـج’                                  

ست ڀائر                                              

ٻارنهن ڀينرون                                        

ٽِلَڻُ ڄامڙو                                            

ڪُئي، پکي ۽ ٻگهه                                  

مارڻ واري کان بچائڻ وارو سگهارو هوندو آهي      

ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ                                       

سوني جبل وارو بادشاهه                              

راڳي                                                  

متارو نينگر                                           

خوش قسمت هينس                                  

بادشاهه جا نڪما پُٽَ                                

ڏکويل پکيئڙو

اُتر ولايت جي هڪ ٿڌي ملڪ جي ڳالهه آهي، ته ڪنهن زماني ۾ هڪ وڏو مالوند ماڻهو پنهنجي گهر واريءَ سان  محل جهڙي هڪ وڏي ۽ شاندار گهر ۾ رهندو هو. سندن گهر ۾ دولت جي ڪمي نه هئي، جنهن ڪري هر آسائش ۽ ضرورت جي شيءِ سندن گهر ۾ موجود هئي. جيڪڏهن ڪجهه نه هو، ته اهو هو پنهنجو پيٽ ڄڻيو اولاد، جنهن جا هو ورهين کان سڪايل هئا.

سندن گهر جي اڳيان هڪ خوبصورت وڻ پوکيل هو، جنهن سندن خوبصورت گهر کي چار چنڊ هڻي ڇڏيا هئا. هڪ ڏينهن شاهوڪر جي زال برفباريءَ جو مزو وٺڻ لاءِ ان وڻ هيٺان ويهي صوف ڇلي پئي کاڌو، ته سندس هٿ واري ڇريءَ آڱر کي جهير ڏئي وڍي وڌس. رت جا ڦڙا جيئن ئي هيٺ برف تي ڪريا، ته رت ڦهلجي اهڙو گلابي رنگ ٺاهي بيٺو، جو ان مالدار جي زال جي واتان هي لفظ نڪري ويا ته: ”اي الله سائين! جيڪڏهن مون کي برف جهڙو اڇو ۽ ڦهليل رت جي رنگ جهڙو گلابي اولاد ڏئي ڇڏين ها، ته تنهنجي ايڏي اڻ کٽ خزاني ۾ ڪهڙي ڪمي اچي وڃي ها!“

اهو سوال ڪرڻ بعد  گهر ڌياڻيءَ کي اهرو ته سڪون اچي ويو، جو ڄڻ ته هن جي مراد پوري ٿي وئي هجي ۽ هوءَ  انهيءَ وڻ  جي آغوش ۾ بيحد اطمينان محسوس ڪرڻ لڳي. جڏهن برف باريءَ جي موسم ختم ٿي ۽ برف رجي پاڻي ٿي سموري زمين کي سرسبز ڪري ڇڏيو. وڻن ۾ گونچ اُڀري وڏا ڏار بڻجي ويا هئا، تڏهن هن ساڳئي وڻ تمام سٺا ۽  مٺا ميوا جهليا. ان جي سڳنڌ مان ماڻهن کي ڏاڍي خوشي محسوس ٿيندي هئي. انهيءَ ئي سال مالڪياڻي کي چنڊ جهڙو سهڻو پٽڙو ڄائو، ٻئي زال مڙس پنهنجي پٽ کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندا هئا.

گهر ڌياڻيءَ ان پوکيل وڻ سان اولاد جهڙي محبت ڪندي هئي، واندڪائيءَ جي وقت ۾ پئي وڻ جي شيوا ڪندي هئي. قدرت جو رنگ ته ڏسو، جو گهر ڌياڻي جڏهن به اچي وڻ جي ڇانوَ ۾ ويهندي هئي ته وڻ پنهنجي ٽارين ۽ پنن سان مالڪياڻيءَ کي پيو جهَلو هڻندو هو. ٻارڙي جي ڄمڻ کان ٽئين سال پوءِ مالڪياڻي سخت بيمار ٿي پيئي. سندس مڙس گهڻائي حيلا هلايا، پر ڪو به فرق ڪونه پيو. آخر مرڻ کان اڳ مڙس کي وصيت ڪيائين ته هن جي قبر انهيءَ وڻ هيٺان ٺاهي وڃي، جتي کيس ذهني ۽ روحاني سڪون ميسر هو، مالڪياڻيءَ جي وصيت مطابق مڙس کيس وڻ هيٺان دفنايو، جنهن کانپوءِ هو پٽ سميت اُتي رهڻ لڳو.

ڇهن مهينن جي  وقفي کان پوءِ گهر جو مالڪ هڪ ننڍي نيٺي ڪنوار پرڻجي آيو. نئين ڪنوار ڪجهه وقت ته پنهنجي اڳ ڄائي پٽ سان سُٺي هلي، پر پوءِ ماٽيجي ماءُ ننڍڙي ڇوڪر سان اهڙو ته وير وڌو، جيڪو هميشه ماٽيليون مائرون وجهنديون آهن.

شاهوڪار کي انهيءَ ٻيءَ زال مان ”مارلن“ نالي هڪ نينگري به ڄائي، جيڪا  ڀاءُ سان تمام گهڻو پيار ڪندي هئي، پر ماٽيجي  ماءُ کي اها ڳالهه پسند نه هئي. هڪ ڏينهن انهيءَ شاهوڪار جي گهر ۾ شهر جو مشهور مالهي صوفن جو ٽوڪرو ڏئي ويو. گهر ۾ صوف ڏسي مارلن ڊوڙندي اچي ماءُ کي چيو: ”امان مون کي به انهن صوفن مان ڪو سٺو صوف ڏي ته کاوان.“ جنهن تي ماڻس خوش ٿيندي چيو: ”مارلن هيءُ سمورو ٽوڪرو تو لاءِ ئي ته آهي.“ ننڍڙي مارلن اهڙا پيارا ٻول ٻڌندي ٽوڪري مان ٻه سٺا صوف چونڊي کنيا ۽ ماءُ کي ڏيکاريندي چيائين: ”هيءُ منهنجو صوف آهي ۽ هيءُ منهنجي مٺڙي ڀاءُ جو. جڏهن اسڪول کان ايندو، ته کيس ڇلي کارائينديس.“

ماٽيجي ماءُ جو اهي لفظ ٻڌا، ته سندس اندر سڙي ويو ۽ سٽ ڏيئي ڌيءُ کان هٿن مان صوف کسي ورتا.

نينگر جڏهن اسڪول کان گهر موٽيو ته سندس ماٽيجي ماءُ کيس برف واري پيتيءَ مان صوف کڻي کائڻ لاءِ چيو. نينگر جيئن ئي صوف کڻڻ لاءِ جهڪيو ته ماٽيجي ماءُ پيتيءَ جو ڍڪ هيٺ لاهي سندس ڪنڌ ڀڃي ڇڏيو ۽ هو مري ويو. ڇوڪر کي مرندو ڏسي، عورت کي اچي ڊَپ ورايو، ته جيڪڏهن هن مهل سندس مڙس پهچي ويو۽ پنهنجي پٽ کي مئل ڏٺائين، ته منهنجو الائي ڪهڙو حشر ڪندو. ان ڪري تڙ تڪڙ ۾ ڇوڪرو کڻي صوفي تي ويهاري، صوف سندس هٿ ۾ ڏئي، وات تائين جهلرائي ڇڏيو. ڇوڪري کي اهڙي اٽڪل سان ويهاري ڇڏيائين. جيئن ٻاهران ايندڙ ائين محسوس ڪري ته ڇوڪرو آرام سان صوف کائي رهيو آهي.

مائي، ڇوڪري کي صوفي تي ويهاري، ٻاهر نڪري آئي ته ، سندس ڌيءُ ڊوڙي اچي کيس چيو،  ”منهنجي ڀاءُ کي صوف کارايئي؟“

ڌيءُ جي انهيءَ سوال تي ماڻس چيو ”تنهنجو سڪيلڌو ڀاءُ اندر ڪمري ۾ صوف کائي رهيو آهي.“ ماءُ جي واتان اهو ٻڌي مارلن ڊوڙندي ڪمري ۾ وئي ۽ ڏٺائين ته سندس ڀاءُ صوفي تي صوف هٿ ۾ جهليو ويٺو آهي. مارلن سندس ويجهو ويندي مٿي کي لوڏو ڏيندي ڀاءُ کي چيو ته ”صوف هٿ ۾ ڇو جهليو ويٺو آهين؟ کائين ڇو نٿو؟“ مارلن جي لوڏي ڏيڻ سان ڇوڪر جو ڪنڌ هڙڪي اچي سيني تي پيو. مارلن ڊپ کان رڙيون ڪندي، اچي ماءُ کي ٻڌايو ته ادا جو ڪنڌ الائي ڪنهن ڀڃي وڌو آهي. جنهن تي ماءُ مٿس رعب وجهندي چيو ته ڇوري ڪنڌ پاڻ ڀڃي آئي آهين ۽  پڇين وري مون کان ٿي! ماءُ جي داٻي تي مارلن وائڙي ٿي وئي ۽ ڪوبه جواب نه ڏئي سگهي ۽ صرف روئيندي رهي. مارلن جي حراس جو فائدو وٺندي، ماڻس کيس چيو ته ”خبردار! جي پيءُ سان اهڙي ڳالهه ڪئي اٿئي، جي تون ڪا اهڙي ڳالهه ڪندينءَ ته تنهنجي پيءُ کي ٻڌائينديس ته ڇوڪري کي تنهنجيءَ لاڏليءَ ماريو آهي.“ مارلن ويچاري پيءُ جي ڊپ ۽ ڀاءُ جي ڏک کان لڙڪ هاريندي رهي، پر ٻڙڪ ٻاهر نه ڪڍيائين.

مارلن جي ماءُ ڇوڪر جو لاش رڌڻي ۾ کڻي اچي ٽڪرا ٽڪرا ڪري وڏي ديڳ ۾ سندس گوشت پچائي ڀُڃي، ڪجهه پاڻ کاڌائين، ڪجهه پاڙي وارن کي ڏنائين. باقي مڙس ڪارڻ رکي ڇڏيو. مڙسهنس جڏهن رات جو ماني کائڻ  ويٺو ته زال کان پڇيائين: ”منهنجو پٽ نظر نٿو اچي؟“

زال وراڻس ته ، سندس مامو آيو هو، اُهو وٺي ويو اٿس، ٻه ٽي هفتا ٽڪائي، پوءِ واپس ڇڏي ويندس. زال جي واتان مناسب جواب ٻڌي، ماني طلبي، جوڻس به سندس ئي پٽ جي گوشت جو ٻوڙ آڻي اڳيان رکيس، جيڪو مزي سان کائي وڃي آرام سان بستري تي سمهي پيو. مارلن جيڪا ويچاري خوفزده هئي تنهن ميز جي هيٺين خاني مان رومال ڪڍي. ڀاءُ جا بچيل هڏا ميڙي ٻڌي، ان وڻ جي هيٺان پورڻ وئي ته وڻ نِوِڙي سندس استقبال ڪيو. وڻ جو پن پن ائين پيو جرڪي، ڄڻ ته سارو وڻ مارلن جي انهيءَ عمل تي خوشيءَ جو اظهار ڪري رهيو هجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com