سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: گرم جون آکاڻيون

باب:

صفحو :6

بادشاهه پنهنجي درٻاررين کي حڪم ڏنو ته پوڙهي کي شراب خاني ۾ ڊرمن جا ڀڙ کولي ڏيڻ جو  حڪم ڏنو. ٻڍڙي ويرم ئي ڪونه لاتي ۽ سڄا ڊرم ڳڙڪائي ويو. جنهن بعد ڊنيڊي شهزادي جو سڱ بادشاهه کان گهريو.

بادشاهه ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ دل ۾ چوڻ لڳو ته هن ڳنوار مان ته ڦاسي ويس ڪٿي هن جي اوقات، ڪٿي منهنجي ڌيءَ جو شان. ائين سوچي ڊنيڊي کي چيائين اڃا منهنجا ٻه شرط رهجي ويا آهن، اهي پورا ڪر ته آءٌ پوءِ توکي پنهنجي ڌيءَ خوشيءِ سان ڏيندس. هيءُ سامهون جبل ڏسين ٿو، آءٌ ان جبل جيڏو مانين جو ڍير پچرائي رکان ٿو، تون ڪو اهڙو ماڻهو پيدا ڪري اچ جيڪو اهو جبل مانين جو کائي ڏيکاري. ڊينڊي چيو پرواهه ناهي اهو ڪم به ٿي ويندو.

هن ڇا ڪيو جو تڪڙو موٽي پيرسن وٽ آيو، جنهن هن کي هنج پکي جو ڏس ڏنو هو. پيرسن بک ۾ پاهه لڳو پيو هو. ڊينڊي پڇيس ته تنهنجي طبيعت ڪيئن آهي؟ ٻڍڙي چيس ته لڳي ٿو ته هتي جهنگ ۾ بک مري ويندس. ڇو ته منهنجي بک لهڻ واري ڪونهي. ڊينڊي پيرسن کي سمورو احوال ڪري ٻڌايو ۽ چيو پنهنجي بک به تون هميشه لاءِ لاهه ۽ منهنجي ائين ئي مدد ڪر جيئن اڳ ۾ ڪندو آيو آهين.

پيرسن ڊينڊي جي پٺي تپيندي چيو ته پرواهه نه ڪر، اها شهزادي تنهنجي ضرور زال ٿيندي. تو، مون سان هڪ دفعو چڱائي ڪئي آهي، مان توسان سو دفعا چڱايون ڪندس. ائين چئي پير مرد ڊينڊي سان هلڻ لڳو ۽ اچي بادشاهه  کي ٻڌايائن ته جبل جيڏو مانين جو  ڍير کائڻ لاءِ منهنجو هي همراهه اڳ ۾ ئي تيار آهي.

سڄي بادشاهي کي ان تماشي ڏسڻ جي دعوت ڏني وئي. ڊينڊي جو ساٿي پير مرد اچي مانين تي کُٿو هڪ ڏينهن ۾ سارو مانين جو جبل کائي ويو پر بادشاهه پوءِ به واعدو پورو ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه ٿيو. نئين سر ڊينڊي کي ٽرڪائي هڪ ڏکيو شرط رکيائين ته هڪ اهرو ٻيڙو تيار ڪري کڻي اچ، جيڪو درياهه ۽ سمنڊ جي پاڻي تي هلڻ کان پوءِ خشڪي تي به  آساني سان هلي سگهي. جيڪڏهن تو اهڙو ٻيڙو ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندين، ته پوءِ مان توکي پنهنجي ڌيءَ جو سڱ به ڏيندس ۽ ان ٻيڙي ۾ شادي به ڪرائيندس.

بادشاهه جو آخري شرط ته ڏاڍو مشڪل هيو، جنهن ڊينڊي کي پريشان ڪري ڇڏيو، پر هن همت نه هاري.

سوچي سوچي وري به جهنگ  ڏي منهن ڪيائين جتي، سندس همدرد ويٺو هو. پير مدد جيئن ئي ڊينڊي کي ڏٺو ته ڏاڍو خوش ٿيو. پٺي ٺپيندي چيائينس ته هميشه منهنجي هن ڪراڙپ ۾ خدمت ڪئي آهي. جڏهن مان اُڃ ۽ بک ۾ پاهه پئي ٿيس، تڏهن تو ئي مون کي پيٽ ڀري کارايو ۽  جيئاريو. منهنجي دل تولاءِ ڏاڍي ٿڌي آهي. سو هاڻي مان پنهنجي طرفان به توکي هڪ اهڙو ٻيڙو تحفي ۾ ڏيان  ٿو، جيڪو نه صرف تيز رفتاريءَ سان پاڻي ۾ هلندو، پر خشڪي تي به تيز هلندو.

اهو ٻڌي ڊينڊو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ سندس مقصد بنا  ٻڌائڻ جي ئي حل ٿي ويو، سو اهو ٻيڙو ڪاهي بادشاهه جي محل ۾ اچي پهتو. بادشاهه ٻيڙو ڏسڻ کانپوءِ مجبور ٿي پيو  ۽ پنهنجي ڌيءُ جو هٿ ڊينڊي کي ڏيڻ جو اعلان ڪيو.

شادي وڏي شان و شوڪت سان ٿي، جڏهن بادشاهه وفات ڪئي، ته پوءِ ڊينڊو ۽ سندس شهزادي ملڪ ۽ تخت تاج جا مالڪ بڻيا. جن پوري حياتي سک ۽ شانتي سان گذاري. ان کان پوءِ هنج جي سوننن پرن جو ڇا ٿيو؟تنهن بابت ڪنهن کي ڪابه ڄاڻ ڪونهي.

ست ڀائر

آڳاٽي زماني جي ڳالهه آهي ته ڪنهن شهر ۾ هڪ اهڙو شخص رهندو هو، جنهن  کي الله تعاليٰ ستن پٽن ۽ پوڇڙ  نينگري سان نوازيو هو. اولاد جي خوشي کان علاوه جيڪا به ڌن دولت جي خوشي هئي سا به کيس نصيب هئي. ان شخص جو هونئن ته سڀ اولاد خوبصورت هو پر نياڻي ڪا آسماني حور هئي. هن کي جيڪو به ڏسندو هو ته الله جي تعريف ڪرڻ کان سواءِ رهي نه سگهندو هو. پر افسوس اهو جو هوءَ ويچاري هر وقت ڪنهن نه ڪنهن بيماريءَ  ۾ مبتلا رهندي هئي. جنهن ڪري جسماني طور ڏاڍي ڪمزور هئي. والدين سندس گهڻو ئي علاج ڪرايو، پر شفا الله سائين جي هٿ ۾ هئي. جنهن ڪري ماڻهن ان شخص کي صلاح ڏني ته نياڻي جي علاج ۾ تو زمين اٿلائي ڇڏي آهي، پوءِ به کيس ڪٿان ڪو فرق نه ٿيو آهي. سو جڏهن انسان جا سڀ دروازا بند ٿي ويندا آهن، ته هڪڙو دروازو ئي ان لاءِ کليل هوندو آهي. اهو دروازو آهي الله جو، الله جي رسولن جو ۽ پيارن عابدن ۽ زاهد ٻانهن جو؟

جيڪي پنهنجي حياتي ۾ رب کي راضي ڪري ويا آهن. سندن درگاهن تان اڄ تائين ڪوئي سوالي خالي ڪونه موٽيو آهي. ماڻهن چيس ته هن نياڻي جي شفا به الله جي انهيءَ دروازي وٽان ٿيندي، ان ڪري ڪنهن به درگاهه تي عقيدو ڪري، وڃي الله کي ٻاڏاءِ. ڇو ته سڏ ڪرڻ واري کي الله ڏاڍو ويجهو ايندو آهي.

اها صلاح ڪري اهو شخص پنهنجي زال، ڌي ۽ ستن پٽن سوڌو درگاهه تي سوالي ٿي وڃي ويٺو. پيءُ پنهنجي وڏي پٽ کي چيو هوءَ سامهون رکيل بالٽي کڻي کوهه تان پاڻي ڀري اچ ته رڌ پچاءُ ڪري وٺون. ڇو ته ننڍڙي ڀيڻ کي جلدي بک لڳندي آهي. وڏي ڀاءُ کي  کوهه طرف روانو ٿيندي ڏسي، ننڍا ڇهه ڀائر به پويان لڳي پيا.

وڏي ڀاءُ بالٽي کوهه ۾ وجهي پاڻي ڀري جيئن ئي سٽ ڏني ته بالٽي جو رسو وچ تان ڇڄي پيو ۽ بالٽي کوهه ۾ اندر هلي وئي.

بالٽي جي گم ٿي وڃڻ کانپوءِ  ڇوڪرن سوچيو ته بابا وٽ موٽي وينداسون ته سزا ۾ مار ڏيندو، ماڳو گهر ئي ڪونه ٿا وڃون، اهو سوچي هو شهر جي ڪنهن ٻئي طرف هليا ويا، ٻارن جي دير تي پيءُ ڏاڍو پريشان ٿيو، پر سوچڻ لڳو ته پڪ سان هو راند کيڏندا هوندا ۽ هنن کان پاڻي ڀرڻ واري ڳالهه وسري وئي هوندي.

پيءُ پٽن ۽ پاڻي جي راهه تڪيندي جڏهن بيزار ٿي پيو ته پٽن کي پاراتو ڏيندي چيائين ته : ”شال ڪارو منهن ٿئين جهڙو ڪانگن ۽ آڙين جو آهي.“ اڃا هن شخص اهي لفظ ڪڍيائي مس ته ست آڙيون آواز ڪنديون ڪرڪر ڪنديون هنن جي مٿان لامارا ڏينديون رهيون. آخر ست ڦيرا ڏيڻ بعد آڙيون رڙنديون هڪ طرف هليون ويون.

پيءُ کي هڪ ته پٽن جي گم ٿي وڃڻ جو فڪر هو ٻيو وري مٿانئس ست آڙيون ست ڦيرا ڏئي رڙنديون هڪ طرف هليون ويون.

پيءُ کي هڪ ته پٽن جي گم ٿي وڃڻ جو فڪر هو، ٻيو وري مٿانئس ست آڙيون ست ڦيرا ڏئي رڙِندون هليون ويون. هن سمجهي ورتو ته درگاهه وارو ستل بزرگ الله جو پهتل ٻانهو آهي، هن جي درگاهه ۾ جيڪي ڪجهه گهربو سو ملي ويندو. سو مون کي ڌيءُ جي صحتيابيءَ جو اهو ڏڻ مليو آهي ته مون پٽن کي پاراتو ڏنو ته شال ڪانگن ۽ آڙين جهڙو ڪارو منهن ٿئين، منهنجو پاراتو ڪم ڪري ويو. اهي ست آڙيون اسان مٿان جيڪي رڙنديون هليون ويون، اهي منهنجا ست ئي پٽ هئا. اهو سوچي هي ٻئي ڏينهن گهر موٽي آيا.

گهر اچڻ کانپوءِ نينگري صحتمند ٿي وئي، سُهڻي ته اڳيئي هئي وري جو الله کيس صحت ڏني ته سندس سونهن جو چرچو هنڌين ماڳين مشهور ٿيڻ لڳو.

هڪ ڏهاڙي نينگري دڪان وٽان گذري رهي هئي، ته دڪان تي ٻاهران ويٺل ماڻهو هن جي حسن جي تعريف ڪرڻ کانپوءِ چوڻ لڳا ته اها سونهن ڪهڙي ڪم جي جنهن جي ڪري ست ڀائر قربان ٿي وڃن. جن جو اڄ تائين ڏس پتو ئي ڪونهي ته ڪيڏانهن ويا؟ ڇوڪريءَ جڏهن اها ڳالهه ٻڌي ته ڏاڍي غمگين ٿي وئي ۽ روئندي پنهنجي والدين وٽ پهتي. والدين ڏاڍا پريشان ٿيا ۽ ڇوڪريءَ کي راضي ڪري پڇڻ جي ڪوشش ڪئي، آخرڪار نينگريءَ کين اها سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي جيڪا ٻاهر دڪان جي ٿلهي تي ويٺل ٻه ماڻهو ڪري رهيا هئا. ڌيءُ جي ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ پيءُ  ماءُ ٻئي روئي پيا ۽ چيائون ته اسان توکان اها ڳالهه ان ڪري لڪائي هئي، ته توکي ڏک ٿيندو ۽ تون پريشان ٿي وينديئن، جنهن سان وري تنهنجي طبيعت خراب ٿي پوندي.

ڇوڪريءَ، پيءُ ماءُ کي چيو واقعي توهان سچ ٿا چئو مون جڏهن کان اها ڳالهه ٻڌي آهي، تڏهن کان بي قرار آهيان ۽ مون پڪو پهه ڪيو آهي ته ڀل منهنجي جان هلي وڃي پر آءٌ  پنهنجن ڀائرن کي ڳولي توهان وٽ حاضر ٿيندس، پوءِ ڀلي هو پاتال ۾ ڇو نه هجن، تڏهن به آءٌ انهن وٽ پهچنديس. پيءُ ماءُ اسان اهي ڳالهيون ڪندي نينگري ننڊ پئجي وئي، خواب ۾ ڏسي ٿي ته ڪوئي بزرگ کيس چوي ٿو ته تنهنجا ڀائر پاتال کان به پرتي سج، چنڊ ۽ تارن کان به اڳڀرو موجود آهن. جيڪڏهن، تو همت ڪئي ته تنهنجي ڀائرن جو ملڻ آسان ٿي پوندو.

خواب جي ڳالهه صبح جو اٿي ڇوڪري ڪنهن سان به نه ڪئي ۽ ڀائرن کي ڳولڻ لاءِ اڻ ڏٺي سفر تي اُسهڻ جي تياري ڪري گهران نڪتي. گهران نڪرڻ مهل ڇوڪري هڪ منڊي کئين جيڪا کيس پنهنجي ماءُ ڏني هئي. هڪ ويلو ماني، پاڻيءَ جو لوٽو ۽ آرام ڪرڻ لاءِ هڪ ڪاٺ جو تختو کڻي اڻ ڏٺي پنڌ تي هلي پئي.

ڇوڪري هلندي ستن دريائن، سمنڊن کان اڳتي پاتال کان به پري هلي وئي ۽ وڃي سج جي ويجهو پئي. جيئن ته، سج ڏاڍو گرم هو ان ڪري پنهنجي سفر جو رخ مٽائي هن چنڊ طرف ڪيو. چنڊ وٽ پهتي، پر چنڊ به ڏاڍو ٿڌو هو. اتان هيءَ سفر جاري رکي ستارن ڏانهن هلي وئي. ستارا ڏاڍا رحمدل هئا ۽ نينگري کي وڏي عزت ڏيندي چيائون ته تنهنجو ڪم اسان جي وڏي ڀاءُ صبح جي تاري وٽان ٿيندو، تون ان ڏانهن  هلي وڃ. ڇوڪري تڪڙو سفر ڪري اچي صبح جي تاري وٽ پهتي. صبح جو تارو وڏو ٻاجهارو هو. هن ڇوڪري کي گهڻو مان ڏنو ۽ جنهن منجي، تي پاڻ ويٺو هو اها سرڪائي سندس حوالي ڪئي ۽ دلجاءِ ڏيندي چيائين، ”هتان تون سڌي هلي وڃ، گهڻي پنڌ کان پوءِ توکي هڪڙو شيشي جهڙو جبل نظر ايندو، ان جبل جي مٿان هڪ مضبوط قلعو آهي، ان قلعي کي هڪ مضبوط دروازو آهي. ان دروازي کولڻ لاءِ مان توکي هيءُ ڪاٺ جو ٽڪر ڏيان ٿو.“

جڏهن تون قلعي وٽ پهچين، ته هن ڪاٺ جي ٽڪر سان دروازي کي ڇهندين ته دروازو کلي پوندو ۽ ان قلعي ۾ تنهنجا ڀائر موجود آهن، جن سان تنهنجي  ملاقات ٿي ويندي.

ڇوڪري صبح جي تاريخي کان اها ڪاٺ جي ٽڪري وٺي. پنهنجي چادر ۾ ٻڌي شيشي واري جبل طرف رواني ٿي وئي. گهڻي سفر کان پوءِ ڏٺائين ته واقعي هڪ شيشي جو جبل سامهون بيٺو آهي. ان جبل جي مٿان هڪ عاليشان خوبصورت قلعو ٺهيل آهي. ڇوڪري مٿي چڙهندي وڃي ان قلعي جي دروازي تي بيٺي ۽ پنهنجي چادر کولي ان مان ڪاٺ جو ٽڪرو ڪڍڻ لڳي ته ڏٺائين ته چادر خالي آهي، شايد ڪاٺ جو ٽڪرو هن کان رستي هلندي ڪري پيو هو. ويچاري ڏاڍي مايوس ٿي پوءِ کيس ذهنتي اها ڳالهه ويٺي ته جيئن ته اهو ڪاٺ جو ٽڪر منهنجي چيچ جيترو هو ڇو نه آءُ پنهنجي آڱر ڪٽي دروازي جي سوراخ ۾ وجهي ان سان ڇهان ته دروازو کلي پوي!

اهو سوچي هن چاقو ڪڍي آڱر ڪپي رت وهندڙ آڱر سان دروازي کي ڇهيو ته دروازو کلي پيو ۽ هوءَ اندر هلي ويئي. ڇوڪري جيئن ئي چائنٺ پار ڪئي ته هڪ ڄامڙو هٿياربند سندس سامهون اچي بيٺو ۽ کيس چوڻ لڳو ته آءٌ توکي اڳتي ٽپڻ ڪونه ڏيندس، جو آءٌ هن قلعي جو بورچي ۽ چوڪيدار آهيان. پر تون اصل ڪير آهين؟ تنهنجي هتي اچڻ جو ڪهڙو مقصد آهي؟ نينگري ڄامڙي کي ٻڌايو ته منهنجي پيءُ جي پاراتي سان منهنجا ست ڀائر آڙيون ٿي هتي پهتا آهن، آءٌ انهن کي ڳولڻ لاءِ ايڏا ڪشالا ڪري هتي پهتي آهيان، مون کي پڪ آهي ته منهنجا ڀائر ضرور هتي آهن ۽ آءٌ ساڻن ضرور ملندس.

ڄامڙي ڇوڪري کي ڪنڊائتي ڪمري ۾ ڪري ويهاريو. جتي نينگري ڀائرن جو اتنظار ڪرڻ لڳي. ڄامڙو آڙين جي لاءِ رات جي ماني پچائڻ لاءِ رڌڻي ۾ گهڙي ويو.

نينگري اک ٽيٽ ڪري ڄامڙي جو هر ڪم ڏسي رهي هئي. آخر رات جو کاڌو تيار ڪري سڀ آڻي ميز تي رکي ست پليٽون، چمچا ۽ ٻئي گهربل سامان سميت شراب جا ڀريل ست گلاس به آڻي ميز تي رکيا. ڇوڪريءَ وجهه وٺي اها منڊي، جيڪا سندس ماءُ هن کي تحفي ۾ ڏني هئي سا، گلاس ۾ وجهي ڇڏي.

ايتري ۾ تيز هوا گهلي گجگوڙ سان گڏ مينهن ڪڻيون پوڻ شروع ٿيون ته ڄامڙي ڇوڪري کي سڏي چيو هاڻي تنهنجا ڀائر اچڻ وارا آهن، ان ڪري ماني کائڻ کان اڳ ڪڏهن به ڪمري مان نه نڪرجانءِ.

بورچي جي هدايت تي ڇوڪري خاموش ويٺي رهي، ايتري ۾ سڀ ڀائر ميز جي چوڌاري ويهجي ويا ۽ کاڌو کائڻ شروع ڪيائون ته وڏي ڀاءُ پنهنجي ڀائرن کي چيو، منهنجي پليٽ مان چانورن جا ڪڻا هاريل آهن، شايد اڄ اسان جي قلعي ۾ ڪو مهمان اچڻو آهي جو رز ق وڌي پيو آهي. ايترو چئي کاڌو کائڻ لڳو جڏهن شراب پيئڻ جو وارو آيو ۽ گلاس خالي ڪيائين ته ڏسي ته گلاس ۾ اها منڊي پئي آهي، جيڪا سندن امڙ جي چيچ ۾ هوندي هئي.

بورچي کي سڏ ڪري پڇيائين ته اڄ اسان وٽ ڪير آيو آهي؟ ڀاءُ جو اهو چوڻ ۽ نينگري دروازو کولي وٺي ڀڳي ۽ سڌو اچي ڀاءُ کي ڳلي لڳي. پوءِ واري واري سان سڀن ڀائرن سان ملي. ماءُ پيءُ جو ڏنل پاراتو ڀائرن مٿان تڏهن لٿو جڏهن هنن ماءُ جي موڪليل منڊي نشاني طور سڃاتي. پوءِ هو وري پنهنجي اصل روپ ۾ اچي ويا. دير تائين هڪٻئي سان حال احوال اروڻ کان پوءِ سڀئي گڏجي اتان هليا ۽ اچي پيءُ ماءُ سان پيرين پئي مليا.

ٻارنهن ڀينرون

ڏاها ماڻهو ڳالهه ٿا ڪن ته آڳاٽي زماني ۾ ستن دريائن ۽ سمنڊن کان ڏور ڌرتيءَ تي خوبصورت ملڪ آباد هو. جنهن جي مٽيءَ مان هر قسم جا ميوا، اناج ۽ ٻوٽا ڪثرت سان پيدا ٿيندا هئا. اتي جا ماڻهو زنده دل ۽ ڏاڍا سکيا ستابا ۽ سهڻا متارا هئا.

الله جي اهڙين رحمتن سبب ان ملڪ جو بادشاهه وڏو رحمدل ۽ مهربان طبيعت جو هو. پر  ڏک جهڙي صرف هڪ ڳالهه هئي ته اهڙي فياض حاڪم کي پٽاڻو اولاد ڪونه هو، جيڪو سندس وفات کان پوءِ تخت ۽ تاج جو مالڪ بڻجي. هن کي صرف ٻارنهن ڌيئرون هيون، جن جي به ماءُ  مري چڪي هئي. جنهنڪري بادشاهه سلامت پنهنجن پيارين نياڻين کي وڏي لاڏ ڪوڏ سان نپايو ۽ کين ڪڏهن  به ماءُ جي ڪمي محسوس ٿيڻ ڪانه ڏني.

پر جيئن ته بادشاهه هڪ مرد هو. جنهن کي زالاڻي اٿڻي ويهڻي سان زندگي گذارڻ جو ڏاءُ ڪونه هو، تنهنڪري شاهي محل ۾ سندس ٻارنهن ئي نياڻيون سڄي رات پيون هلا گلا ڪنديون هيون ۽ کيس هر وقت پريشان ڪنديون رهنديون هيون. بادشاهه پنهنجو سمجهه مطابق سمجهائڻ  جي باوجود ڇوڪرين جي سرگرمين  کي ڏينهون ڏينهن وڌندو ڏٺو.

ڇوڪرين جي وڌندڙ ناجائزين کان تنگ ٿي ڪري، سندن پيءُ ٻارنهن ئي ڄڻين کي رات جي ماني کارائڻ بعد هڪ ڪشادي ڪمري ۾ بند ڪري، ٻاهران تالو هڻي ڇڏيندو هو، ته جيئن باقي رات ڌيئرن جي ڌم ڌڙاڪي کان محفوظ  ٿي آرام جي ننڊ ڪري سگهان. بادشاهه جا ڪجهه ڏينهن ته هن تجويز جي ڪري آرام سان گذريا، پر  جلدئي سندس پريشاني لاءِ نئون مسئلو کڙو ٿي ويو. هر روز بادشاهه سلامت کي نياڻين لاءِ بخمل جي جوتن جو نئون جوڙو خريد ڪرڻو پوندو هو، ڇو ته معمول  موجب شهزاديون صبح جو ننڊ مان بيدار ٿي جڏهن پنهنجي پيءُ کي سلام ڪرڻ اينديون هيون، تڏهن سندن جوتن جا ترا ڦاٽل هوندا هئا.

جوتن  جي حالت مان اها ڳالهه چٽي طرح محسوس ٿيندي هئي ته نينگريون ساري رات نچنديون ٽپنديون آهن، جنهنڪري سندن جوتن جي ستياناس ٿي ويندو آهي. ان ڪري بادشاهه سلامت پنهنجي ڌيئرن لاءِ هر روز جوتن جا ٻارنهن نوان جوڙا خريد ڪري کين ڏيندو هو.

شهزادين جي انهي عمل کي پرکڻ ۽ پروڙڻ واري اُڻ تڻ بادشاهه جي ذهن تي وڌندي وئي ته آخر اهو ڪهڙو سبب آهي جو رات جي پيٽ ۾ شهزادين جا جوتا تباهه ٿي وڃن ٿا جڏهن ته سندن ڪمري وارو تالو به معمول مطابق ساري رات بند رهندو آهي، نه وري ڪو سندن ڪمري مان اڳي وارو ڌمچر ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. آخر اهڙي ڪهڙي ماجرا آهي، جنهن سان نوان ورتل جوتا ڦاٽي ٿا پون؟

انهيءَ راز کي معلوم ڪرڻ ۽ اصل ڳالهه جي تهه تائين پهچڻ لاءِ بادشاهه سلامت اعلان ڪرايو ته جيڪو ماڻهو شهزادين جي جوتن ڦاٽڻ واري راز جو ڀيد ڳولهي ڏيندو، ان ماڻهو کي آءٌ پنهنجي تخت ۽ تاج جو وسيع وارث ۽ ولي عهد چونڊڻ کان علاوه، انهن ٻارنهن ئي شهزادين مان جنهن کي هو پسند ڪندو ان سان شادي به ڪرائي ڇڏيندس.: پر شرط جي اڻ پورائي موٽ ۾ سزا طور ان ماڻهو کي قتل به ڪرايو ويندو. بادشاهه جي اعلان جو چوٻول ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ماڻهن جي زبانن تي ٻرڻ لڳو. ڪيترائي نوجوان پنهنجي قسمت آزمائڻ لاءِ تيار ته ٿي ويا، پر پوءِ اهو سوچي ته جيڪڏهن هو اهو شرط پورو ڪري نه سگهندا ته کين حياتي تان هٿ کڻڻو پوندو، اهو سوچي پوئتي هٽي ويا. جڏهن ته ڪي اهڙا به مٿي ڦريل جوان هئا، جن جان جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ بادشاهه سان رابطو ڪيو. بادشاهه کين باقاعده هدايتون ڏيندي چوندو رهيو ته، بابا توهان کي شهزادين واري ڪمري جي ورانڊي ۾ پوريون ٽي راتيون گذارڻيون پونديون ۽ اتان انهن تي نگاهه رکڻي پوندي، ته هو ساري رات ۾ ڪهڙا ڪم ڪن ٿيون. جنهن سان سندن نوان نڪور جوتا ڇڄي پون ٿا. جيڪڏهن اهو راز ثبوت سان ثابت ٿيو ته آءٌ پنهنجي واعدي جي پورائي لاءِ ذميوار هوندس. ناڪامي جي صورت ۾ اوهان جو سرعام سر قلم ڪيو ويندو. هيڏي ساري خطرناڪ انعام جي لالچ ۾ ڪيترائي ماڻهو ناڪام ٿيندا رهيا ۽ بادشاهه جي واعدي مطابق قتل ٿيندا رهيا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com