سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: گرم جون آکاڻيون

باب:

صفحو :10

هوڏانهن جڏهن جهنگ ۾ ڪهار برف ڳڙيءَ کي اڪيلو ڇڏي موٽيا، ته هوءَ ويچاري جنهن ساري عمر محلات کان ٻاهر قدم نه  رکيو هو سا، جڏهن اوسي پاسي جهنگلي جانورن جون رڙيون ۽ آواز ٻڌڻ لڳي، ته ڏاڍو اچي پريشان ٿي. نيٺ ڪوئي ٻيو سهارو نه ڏسي، پاڻ بچائڻ لاءِ هڪ وڏي وڻ تي چڙهي وڃي رات گذاريائين. پر پوءِ به بک ۽ اُڃ جي ستائڻ تي وڻ تان لهي، الله تي آسرو ڪري هڪ طرف هلڻ لڳي. ويچاري برف ڳڙي جا پير ڪنڊن ۾ رتورت ٿي ويا، آخر هلڻ کان هلاڪ ٿي هڪ وڻ جي ڇانوَن ۾ ساهي پٽڻ ويهي رهي. اڃا آرام ئي ڪونه ڪيائين ته سندس نظر سامهون ڪنهن پراڻي جهوپڙيءَ تي پئجي وئي. جهوپڙي کي ڏسندي ئي هن جي من ۾ جيئڻ جي اميد پيدا ٿي ۽ پنهنجو پاڻ کي چوڻ لڳي ته آخر اها جهوپڙي ڪن انسانن ٺاهي هوندي، ڪو ته هن جو مالڪ هوندو. اهو خيال ڪري، وڻ جي ڇانو مان اٿي رڙهندي اچي ان جهوپڙي جي دروازي تي پهتي اڃا دروازي مان اندر جهاتي ئي مس پاتائين ته سندس حيرت جي حد ئي نه رهي. ڇو ته جهوپڙي ٻاهران، پراڻي ۽ گدلي نظر اچي رهي هئي، ان جي برعڪس اندران اڇي اجري ۽ صاف ٿيل هئي، جنهن جي وچ تي هڪ خوبصورت ٽيبل رکيل هئي، ٽيبل جي مٿان اڇي رنگ جو ميز پوش رکيل هو، جنهن جي مٿان ست پليٽون ۽ هر هڪ پليٽ مٿان هڪ هڪ ماني رکيل هئي، ان کان علاوه هڪ هڪ سهڻو گلاس شربت سان ڀريل به پيو هو. ساڳئي ميز تي ست چمچا ۽ ست ڇريون  ۽ ست ڪانٽا به رکيل هئا.

اهو سڀ ڪجهه ڏسي، ٽن ڏينهن کان بکايل ۽ اڃايل برف ڳڙي کان رهيو نه ٿيو ۽ بي اختيار ٿي وڃي هڪ مانيءَ جو ٽڪر ڀڃي کائڻ لڳي ۽ ڀرسان رکيل شراب جي گلاس مان به پيئندي رهي، جڏهن هن کائي پي ڍءُ ڪيو ته، هن کي آرام ڪرڻ جي سخت ضرورت محسوس ٿي، اِن ڪري هن جهوپڙي ۾ پردو پاسي ڪري نهاريو ته ست کٽون هنڌن بسترن سميت وڇايون پيون آهن. انهن کٽن مانجيڪا تمام سهڻي ۽ خوبصورت بستري واري هئي، ان تي چڙهي بالم ٿي سمهي پئي. کيس گهڻي ٿڪاوٽ سبب جلدي ننڊ اچي وئي. ننڊ به ايتري گهري اچي ويس، جو هن کي ڏينهن مان رات ٿيڻ جو احساس به ڪونه رهيو. جڏهن رات گهري ٿيڻ لڳي، ته جهوپڙي جا مالڪ به اچي پهتا. نه ڄاڻ ته اها جهوپڙي انهن ڄامڙن ستن ڀائرن جي هئي، جيڪي سارو ڏينهن ڀر واري سونهري جبل تي پيا سون ڳوليندا هئا ۽ جڏهن شام ٿيندي هئي، ته شهر ۾ سون کپائي سيڌو سامان ۽ ٻيون شيون وٺي ايندا هئا. رات هن جهوپڙي ۾ گذاري صبح جو روزانو ڪم تي هليا ويندا هئا. اڄ جيئن ئي ست ئي ڀائر دير سان شهر مان موٽيا ۽ جهوپڙي ۾ داخل ٿي شمع روشن ڪيائون ته ڏٺائون ته صبح جيڪو ترتيب سان سامان رکي ويا هئاسون؟ اهو سمورو ڊانوان ڊول لڳو پيو آهي. هڪڙي چيو منهنجي ماني ڪو کائي ويو آهي، ٻئي چيو منهنجي شراب جو گلاس خالي لڳو پيو آهي، ٽئين چيو منهنجي پاڻي جي بوتل هاري پئي آهي، چوٿين چيو منهنجو چمچو زمين تي ڪريو پيو آه،. پنجين چيو منهنجي ويهڻ وارو اسٽول ڪريو پيو آهي، ڇهين چيو منهنجي گوشت ڪٽڻ واري ڇري گم آهي، ستين چيو منهنجو ڪانٽو الائي ڪٿي آهي؟

اهڙي افراتفري کان اڃا جهوپڙي جي اندرئين حصي جو پردو پري ڪيائون ته ڏسن ته هڪ شهزادي وڏي ڀاءُ جي بستري تي گهري ننڊ ۾ ستي پئي آهي. شهزاديءَ کي ڏسي سڀئي مڙي مچو ٿي اچي مٿانئس بيٺا هر ڪو پنهنجي پنهنجي زباني هن خوبصورت شاهڪار کي ٺاهڻ واري جي تعريف ڪري رهيو هو. وڏي ڀاءُ پنهنجي سڀني ڀائرن کي چيو سهڻن ماڻهن تي الله سائين جو راضپو هوندو آهي، هن کي ڪنهن به صورت ۾ ڏک نه ڏجو. اگر هيءَ ناراض ٿي وئي ته سمجهجو ته خدا ناراض ٿي ويو آهي، جيڪڏهن الله سائين جو ڪرم ۽ مهربانيون حاصل ڪرڻيون اَٿو ته واري واري سان هن جي مٿان جاڳي پهرو ڏيو، جيئن سندس ننڊ ۾ ڪنهن به قسم جو خلل نه پوي ۽ پوءِ پاڻ سوڌو هڪ هڪ ڪلاڪ لاءِ پهرو  ڏيڻ جي ڊيوٽي ورهائي، ٻين ڀائرن کي چيو توهان سڀ وڃي آرام ڪريو، جڏهن منهنجي هڪ ڪلاڪ جي ڊيوٽي پوري ٿيندي ته آءٌ پاڻهي ٻئي کي اٿاري پهري تي ويهاريندس. اهڙي طرح سڀني جي ننڊ به پوري ٿي ويندي ۽ شهزادي به آرام سان ننڊ ڪري سگهندي.

اهڙي طرح سڀني ڀائرن جڏهن ساري رات شهزاديءَ مٿان پهرو ڏئي کيس سڪون سان ننڊ ڪرڻ جو موقعو ڏنو، ته صبح جو سويل برف ڳڙي به ننڊ پوري ڪري اٿي. هن جي اُٿڻ سان سڀ ڀائر اُٿي ويٺا ۽ کانئس حال احوال معلوم ڪرڻ لڳا. برف ڳڙي گذريل ٻن ڏينهن واري پوري وارتا بيان ڪري ڄامڙن کي ٻڌائي، جيڪي سندس ڳالهه ٻڌي حيرت ۾ پئجي ويا، ته هن خدا جي ڌرتيءَ تي ڪي اهڙا به ساڙ سڙيا ماڻهو آهن، جيڪي بيگناهه ماڻهن کي به مارائي ڇڏين ٿا. ان کانپوءِ هنن سڀني ڀائرن ساڻس گڏجي اها ڳاله طئي ڪئي ته تون هميشه لاءِ اسان وٽ رهندينءَ ۽ اسان جا ڪپڙا ۽ جهوپڙي جي صفائي جو انتظام ڪندي رهندين مگر، هڪڙو شرط به وڌائونس ته تون ڪڏهن به هن جهوپڙي کان ٻاهر نه نڪرندين نه ئي وري ڪنهن ڌارئي ماڻهوءَ کي اندر داخل ٿيڻ ڏيندينءَ ڇو ته، جيڪڏهن ڪنهن جاسوس تنهنجي ماٽيلي ماءُ کي وڃي ٻڌايو ته تون زندهه آهين، ته هوءَ توکي ضررو مارائي ڇڏيندي، اهڙي طرح برف ڳڙي وڏي آرام سان هنن ڄامڙن ڀائرن سان گڏ رهڻ لڳي ۽ سندس وقت سڪون سان گذرڻ لڳو.

هوڏانهن راڻي کي به جڏهن ڪهارن پڪ ڏاياري ته هاڻي تنهنجي ڌيءَ کي هميشه لاءِ ختم ڪري آيا آهيون ته، ڪي ٻه چار مهينا راڻي به برف ڳڙيءَ جو الڪو لاهي وڏي سڄ ڌَڄ سان محل جي عورتن تي پنهنجو داٻو قائم ڪرڻ لڳي.

هڪ دفعي محلات ۾ انهيءَ ڪمري وٽان سندس گذر ٿيو. جتي اهو طلمسي آئينو پيو هو، آئيني کي ڏسندي ئي موٽ کائي، اچي سندس سامهون بيٺي ۽ فخر وچان چوڻ لڳي:

ڪر خبر منهنجا طلسمي آئينا!

ڌرتيءَ تي ڪوئي مون کان وڌيڪ

سهڻو ڪو ڄائو آهي يانه؟

۽ سڀني عورتن کان ڪير سهڻي آهي؟

ته آئيني جواب ڏنو:

راڻي تون واقعي زمين جي راڻي

۽ سڀني عورتن کان سهڻي آهين.

پر  جبلن ۽

گهاٽن ٻيلن جي وڻن جي ڇانوَ ۾

هڪ برف ڳڙي ستن ڄامڙن جي لانڍيءَ ۾

ويٺي آهي، جيڪا جڏهن منهن تان پلاند

هٽائيندي آهي ته جنت جون حورون به

ان جي اڳيان شرمائجي ڪنڌ هيٺ ڪنديون آهن.

اُها ايتري ته دلڪش ۽ دلربا آهي جو،

تون اُن جي اڳيان اچي وڃي ته هوند پاڻ کي بونڙي سمجهين.

ائيني جي زباني مان راڻي کي پڪ ٿي وئي، ته منهنجن نوڪرن مون کي ڌوڪو ڏئي مون سان ڪوڙ ڳالهايو آهي ته اسان برف ڳڙيءَ کي ماري آيا آهيون، جيڪو ڪوڙ آهي ڇو ته آئينو ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهائيندو آهي.

برف ڳڙي واقعي زندهه آهي.

برف ڳڙي  جو زندهه هجڻ به واقعي راڻي جي برداشت کان ٻاهر هو، ان ڪري، هن ڪنهن ٻئي تي اعتبار ڪرڻ بجاءِ پنهنجي سر پاڻ برف ڳڙي کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.

ڏور جبلن ۽ جهنگ ۾ ستن ڄامڙن جي لانڍي  ۾ برف ڳڙي کي ڳولي مارڻ لاءِ راڻيءَ سنياسين(جوڳين) جو لباس پهري، جڙين ٻوٽين جي بهاني دوائن ٺاهڻ جا ٽيٽا ٽٻڻيون به ساڻ کنيون. هلندي هلندي منزلون ماڻيندي اچي ستن ڄامڙن جي لانڍيءَ واري جوءِ وسائي.

ٻئي  ڏينهن سهي سنبري ڌاڳا ۽ ٻيو سامان گودڙين ۾ وجهي اچي لانڍي ٻاهران هوڪو ڏيڻ لڳي.

هر مال، هر مراد، هڪ لمحي پوري

دنيا جي سک جون دوائون ۽ دعائون سڀ مفت.

برف ڳڙي جنهن ٽن چئن مهينن کان ڄامڙن کانسواءِ ڪنهن انسان جو آواز ڪونه ٻڌو هو، تنهن راڻيءَ جي زناني آواز جي فريب ۾ اچي لانڍيءَ جي دروازي تي بيهي چوڻ لڳي ماسي جيءُ آئيئن ڀلي آئيئن ڇا ڇا وڪڻي ٿي ۽ ڇاڇا وٺين ٿي. ساڙ سڙي راڻيءَ جي جيئن ئي برف ڳڙيءَ تي نظر پئي، کيس سڃاڻي روتو ۽ سندس ڪپڙن کي باهه لڳي وئي. بهانو ڪري چوڻ لڳي ڌيءَ آءٌ هر قسم جو اعلاج ڪندي  آهيان. ڪپڙا ٺاهيندي آهيان، سهڻي سهڻي پوشاڪ پهرائيندي آهيان. نوجوان ۽ خوبصورت شهزادين جا هار سينگار ڪرائيندي آهيان وغيره وغيره. راڻيءَ جي چرب زبانيءَ تي ڌوڪو  کائي برف ڳڙيءَ ان سنياسڻ کي در کان اندر اچڻ لاءِ سڏي ورتو. راڻيءَ کي ته صرف برف ڳڙيءَ تائين پهچڻ جو بهانو گهربو هو، تنهن چالاڪيءَ سان کيس بيهوش ڪرڻ واري دوا سنگهائي ورتي ۽ معصوم برف ڳڙي ته پهرئين ساهه کڻڻ سان بيهوش ٿي وئي. راڻي هوشياري کان ڪم وٺندي سندس رَئو مٿي تان لاهي ڳچي ۾ وجهي زور زور سان مروٽا ڏيڻ لڳي ٻن ٽن مروٽن کان پوءِ برف ڳڙي جو ته ساهه منجهي ويو ڄامرن جي اچي وڃڻ جو ڀوَ کان تڙ تڪڙ ۾ راڻي هن کي مئل سمجهي پنهنجي سامان سوڌو جهنگ ۾ غائب ٿي وئي.

شام جو جڏهن ستئي ڄامڙا ڀائر  پنهنجي لانڍي ۾ پهتا ته ڏٺائون ته برف ڳڙي مئل حالت ۾ زمين تي ليٽي پئي آهي. رئي جو پلاند سندس ڳچي ۾ ٻڌل آهي، هنن ويچارن تڪڙ ڪري اهو رئو سندس ڳچي مان ڇوڙي کيس هوش ۾ آڻڻ ۽ ساهه کڻڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويا. آخر، خدا سندن محنت قبول ڪئي برف ڳڙيءَ جي زندگيءَ ۾ وري نئين حرارت پيدا ٿيڻ لڳي ۽ آهستي آهستي هوش ۾ اچڻ لڳي. جڏهن پوري طرح هوش ۾ آئي، ته مائي سنياسڻ واري سموري ڳالهه ستن ئي ڄامڙن کيڪري ٻڌائي، جنهن تي ڄامڙن کيس چيو، الله الله ڪري توکي خدا کان زندگي ملي آهي، آئنده ڪنهن به عورت يا مرد کي اندر اچڻ نه ڏجانءِ! اها سنياسڻ يا ته راڻي پاڻ هئي يا راڻي جي موڪليل ڪائي ڌوتي هوندي. اِن ڪري پنهنجو خيال رکندي ڪر، لانڍي جو دروازو ڪڏهن به نه کوليندي ڪر، ڄامڙن ڀائرن جون نصيحتون دل سان هنڊائيندي

 

 

برف ڳڙي آئينده اهڙي اٻهرائي ڪرڻ کان توبهه ڪري ڇڏي. هوڏانهن راڻي به  تڙ تڪڙ ۾ برف ڳڙيءَ کي مئل سمجهي خوش  خوش جيئن ئي پنهنجي محلات ۾ پهتي ته هڪدم ڪپڙا بدلائي هار سينگار ڪري اچي آئيني اڳيان بيٺي ۽ فخر سان چوڻ لڳي:

ڪر خبر جهان گشت آئينا

آهي ڪائي دنيا ۾ سهڻي عورت

جيڪا مون سان سونهن ۾ مقابلو ڪري؟

راڻيءَ جي سوال تي آئيني وري به چئني طرفن اکيون ڦيرائيندي چيو ها.

تون راڻي ڌرتيءَ  تي سهڻي عورت آهين

پر ٽڪرن جبلن مٿان گهاٽن ٻيلن جي وڻن جي

ڇانوَن ۾ ستن ڄامڙن ڀائرن جي لانڍيءَ ۾

برف ڳڙي اڃا زندهه آهي. اُها،

تو کان سونهن ۾ سرس ۽ وقار ۾ بلند آهي.

هن دفعي به طلسمي آئيني راڻيءَ  کي پنهنجي مطلب وارو جواب  ڪونه ڏنو، ان ڪري بيٺي بيٺي آئيني اڳيان  ئي سڙي پچي لال ٿي وئي ۽ هڪدم اهي هار سينگار ريشمي وڳا لاهي، ساڳئي طرح سنياسي روپ ڌاري اچي برف ڳڙيءَ جي لانڍي ٻاهران هوڪو ڏيڻ لڳي. برف ڳڙي جيڪا عمر ۾ اڃا ڪچڙي هئي کڙپيل عورتن جي داءُ پيچن کي ڪونه پئي سمجهي تنهن هن سنياسڻ جي هوڪي تي دروازو کوليو ۽ سنياسڻ کان هڪ خوبصورت ڦڻي خريد ڪري روتائين، جيڪا اصل ۾ زهر ۾ ٻڏل هئي برف ڳڙي جيئن ئي اها ڦڻي پنهنجي  وارن ۾ ڦيرائڻ شروع ڪئي ته ڦڻيءَ جا ڏندا سندس مٿي واري کل ۾ کپي ويا  ۽ هن جي سڄي جسم ۾ زهر ڦهلجي ويو ۽ ڪري پئي.

راڻيءَ کي پڪ ٿي وئي ته منهنجي زهر واري ڦڻي ڪم ڪري ورتو آهي ۽ برف ڳڙي زهر ۾ سڄي سائي ٿي، ڪري پئي آهي. سا تڪڙي تڪڙي ڊوڙندي پنهنجي محلات ۾ پهتي، ڪپڙا لاهي نوان پائي آئينه کان فتويٰ وٺان ته مون کان وڌيڪ سهڻو ڪوئي آهي يا ڪونهي؟

هوڏانهن برف ڳڙيءَ جا ڄامڙا ڀائر به هر وقت هن جو خيال رکڻ لاءِ ڪونه ڪو واري سان ڪم ڇڏي اچي لانڍيءَ تان ڦيرو پائي ويندو هو ته، جيئن ڪٿي برف ڳڙي اڳي جهڙي ناداني نه ڪري وجهي ۽ راڻي جي ڌوتين طرفان ٻيهر نه دوکو کائي ويهي.

انهيءَ ارادي سان اڃا هڪ ڄامڙو ڀاءُ لانڍي ۾ مس پهتو ته ڏٺائين ته برف ڳڙي يبهوش لڳي پئي آهي، وات مان گگ ٿي وهيس. برف ڳڙي کي بيهوش ڏسي هن سندس جسم ۾ لڳل ڪنهن هٿيار ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي ته سندس وارن ۾هن کي هڪ ڦڻي نظر آئي، جنهن کي هن وارن مان ڇڪي ڪڍي. جيئن ئي  هن اها ڦڻي، ڪڍي، تيئن برف ڳڙي هوش ۾ اچي وئي ۽ اٿي ويٺي. جنهن کانپوءِ هن سوير واري سموري ڳالهه  ڄامڙي ڀاءُ سان ڪري ورتي. جنهن چيس ته اسان تو کي منع   ڪئي هئي ته ڪنهن ڌارئي عورت ۽ مرد لاءِ گهر جو دروازو نه کوليندي ڪر ته تو اهڙو ڪسو ڪم ڪري دروازو ڇو کوليو؟ جنهن تي برف ڳڙي پنهنجي ڪنن جون پاپڙيون پڪڙيندي چيو هاڻي توبهه ڪيم ڇا به ٿي پوي دروازو ڪونه کولينديس.

هتي راڻي جيئن ئي سينگارجي آئيني اڳيان فتويٰ وٺڻ لاءِ  ٽيون دفعو حاضر ٿي، ته آئيني هڪدم ساڳئي ڳالهه ڪري ٻڌايس ته جبلن ۽ گهاٽن ٻيلن وارن وڻن جي ڇاون ۾ پلجندڙ برف ڳڙي اڃا توکان وڌيڪ خوبصورت آهي. آئيني جي فتويٰ کان پوءِ راڻي دل ۾ پڪو پهه ڪري ڇڏيو ته چاهي برف ڳڙي کي بچائڻ لاءِ دنيا اُٿلي پوي تڏهن به اِن ڇوڪريءَ جو سر کڻڻو آهي جنهن، مون کي ٽن چئن مهينن کان ايترو پريشان ڪري رکيو آهي.

هن ڇا ڪيو جو پنهنجي محل ۾ شاهي طبيب کي گهرائي ورتو ان سان برف ڳڙي جي اُڦٽ مارڻ جو سمورو راز سليندي چيائين ته ڪائي اهڙي ترڪيب ٺاهي ڏي، جنهن جي  استعمال سان برف ڳڙي بچي ئي نه سگهي. شاهي طبيب هڪ خوبصورت  صوف زهر سان ڀري راڻي حوالي ڪيو ۽ چيو ته جيڪو ماڻهو هن کي کائڻ ته پري وات تائين آڻيندو ته مري ويندو. تون ڪنهن به صورت ۾ هيءُ صوف اُن سهڻي ڇوڪري تائين پهچائي ته ڏس!

راڻي خوش ٿي مالهڻ جو لباس پهري، ٿو ڪري ۾ ٻيا تازا صوف ڀري اُنهن مٿان هيءُ زهر وارو صوف رکي اچي ڄامڙن جي لانڍي جي ٻاهران هوڪو ڏنو. بادشاهي باغ جا تازا تازا صوف حاضر آهن، جيڪو هنن صوفن کي هڪ  دفعو کائندو ته عمر ساري سندس وات مان صوفن جي خوشبوءِ ختم نه ٿيندي. برف ڳڙيءَ جو اهڙو دل لڀائيندڙ هوڪو ٻڌو، سا دروازي جي سوراخ کان مالهڻ جي صوفن کي ڏسڻ لڳي، جنهن تي، مالهڻ (راڻي) چيس شهزادي ڏسين ڇا ٿي دروازو کول ته سڀ صوف آڻي تنهنجي اڳيان رکان، پوءِ جيڪي کائين، جيڪي بچائين. برف ڳڙي چيس ته آءٌ دروازو ڪونه کوليندس مون کي ڄامڙن ڀائرن منع ڪئي آهي ته ڪنهن بهص ورت ۾ دروازو نه کولجانءِ.

جنهن تي مالهڻ (راڻي) ڇوڪري کي چيو ته ڪيتري نه سٺي ڀيڻ آهين جو ڀائرن جي حڪم تي سچي ٿي بيٺي آهين.

تنهنجي ڀائرن سان سچائي جو قدر ڪندي توکي هيءُ سهڻو  صوف تحفي ۾ ڏيان ٿي، جنهن جي کائڻ سان تون ستن آسمانن جا پئي سير ڪندينءِ، ائين چئي اُهو زهر وارو صوف دروازي جي ڳڙکي مان ٽپائي برف ڳڙي کي چيائين هن کي کائڻ ۾ دير نه ڪجانءِ. جيڪڏهن  هيءُ صوف پاروٿو ٿي ويو ته هن مان اِهي سڀ خوبيون ختم ٿي وينديون، جن جو مون تو سان ذڪر ڪيو آهي. برف ڳڙي سوراخ مان صوف وٺي جيئن ئي وات تي رکيو ته ٺڪاءُ وڃي زمين تي ڪري ۽ بيهوش ٿي وئي.

برف ڳڙيءَ کي زمين تي ڪرندو ڏسي، راڻي ڏاڍي خوشي ٿي کيس يقين هيو ته صوف ۾ زهر قاتل پيل آهي. هن جي اثر کان بچڻ جو ڪوئي سوال ئي پيدا  نٿو ٿي سگهي. ان ڪري خوشي خوشي تڪڙي اچي محلات ۾ پهتي اُتي جلدي مالهڻ وارو لباس لاهي، شاهي لباس پهري هار سينگار ڪري اچي آئيني کان ساڳيو سوال ڪيو، ڏي خبر آئينه هن ساري جڳ ۾ ڪوئي ٻيو آهي جيڪو سونهن ۾ مون کان سرس هجي؟

هن دفعي آئينه واقعي کيس اهو ئي ٻڌايو ته هن جڳ ۾ توکان وڌيڪ ڪائي عورت سهڻي ڪانه آهي، شام جو جڏهن ڄامڙا ڀائر گهر آيا ته ڏٺائون ته برف ڳڙي  ۾ ساهه ست آهي ئي ڪونه زندهه لاش زمين تي پئي آهي.

ويچارا چامڙا ڀائر ڏاڍا  پريشان  ٿي ويا، کين پڪ ٿي وئي ته راڻي اڄ به ڪوئي ڊوهه ڪري وئي آهي. هنن شراب سان سندس منهن ڌوتو وات ۾ پاڻي ۽ شراب وڌائون مگر برف ڳڙيءَ جي حالت جهڙي هئي، تهڙي ئي رهي. لاچار هنن هڪ تختي تي برف ڳڙي کي ليٽائي ڪفن ڏئي پورڻ جو پروگرام ڪيو. ڀيڻ جي آخري ديدار وقت وڏي ڀاءُ رڙ ڪري پنهنجي ننڍن ڀائرن کي چيو اسان جي ڀيڻ ۾ زندگي جي حرارت موجود آهي، هي ڏسو نٿا سندس ڳل اڃا ڳاڙها آهن، جيڪي حياتي جي علامت آهن، انڪري هن لاش کي پورڻ بجاءِ پورو هفتو انتظار ڪيو، ته من ڪائي ڀيڻ جي حياتي بابت واڌائي ملي. پر، برف ڳڙي جو جسم پوري هفتي تائين نه ڪنو ٿيو نه وري ان ۾ زندگي جي چرپر پيدا ٿي، البته ايترو ٿيو ته سندس ڳل ۽ چهرو اڳي کان به وڌيڪ سهڻو ۽ دلڪش ٿيڻ لڳو. آخر هنن ستن ئي ڀائرن فيصلو ڪيو ته برف ڳڙي بادشاهه جي ڌيءَ آهي. بادشاهن ۾ روحاني طاقتون هونديون آهن. ان ڪري اها روحاني طاقت هن ۾ موجود آهي، جيڪڏهن هن کي زمين ۾ پورينداسون ته اها طاقت ضايع ٿي ويندي دنيا وارن لاءِ عبرت حاصل ڪرڻ لاءِ هنن هڪ شيشي جي طابوت ٺهرايو ۽ اُن ۾ ڀيڻ کي رکائي مٿس نالو برف ڳڙي لکرائي جبلن جي خوبصورت وادي ۾ رکائي ڇڏيو. هڪ ڀاءُ کي روزانو ان تابوت تي ڊيوٽي هڻي ڇڏيائون ته تون هر وقت هن تي نظر رکندو ڪر، جڏهن به هن ۾ زندگي جي ذري به جهلڪ پيدا ٿي پوي، ته هڪدم اسان کي ٻڌائجان ته جيئن اسين جلدي ۾ اُن جي جيئڻ جو بندوبست ڪري سگهون.

شهزدي جو تابوت وادي ۾ رکڻ کانپوءِ ڪيترائي مهينا ڄامڙا ڀائر سندس تابوت جي نگراني ڪندا رهيا پر برف ڳڙي جي حالت جهڙي اول هئي اُها ئي قائم رهي، نه ان ۾ صحتياب ٿيڻ جي اُميد وڌي نه وري جسم ڳرڻ جو ڪوئي اهڃاڻ ظاهر ٿيو.

هڪڙي ڏينهن ڪنهن ٻئي ولايت جو بادشاهه زادو پنهنجي لشڪر سوڌو ان ماٿريءَ وٽان اچي لنگهيو ته سندس نظر شيشي جي هن ٺهيل تابوت تي پئجي وئي ۽ معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ اچي تابوت مٿان بيٺو. نگراني ڪندڙ ڄامڙي کان پڇيائين ته هيءُ ڪنهن جو تابوت آهي؟ ان ۾ ستل شهزادي ڪير آهي؟ تون هتي ڇو ويٺو آهين؟

تابوت جي نگران ڄامڙي شهزادي جي سڀني سوالن جي جوابن ۾ کيس ٻڌايو ته هيءَ وقت جي بادشاهه جي ڌيءَ  برف ڳڙي آهي. هن جي سونهن سان سندس ماٽيجي ماءُ جو ساڙ هو، جنهن ڪري هن کي ڪيترائي دفعا مارائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر هر دفعي بچندي رهي ۽ اسان سندس خدمت ڪندا رهياسون پر هن دفعي اسان جي غير حاضري ۾ ساڻس اهڙو ڪوئي ڊوهه ڪيو  ويو آهي. جو نه مري ٿي نه هوش ۾ اچي ٿي. اسان ڀائرن گڏجي سندس ياد ۾ هي تابوت ٺاهي ان اميد تي هن کي هتي رکيو آهي، ته ڪڏهن نه ڪڏهن ته هوش ۾ ايندي ۽ جڏهن هوش ۾ ايندي ته اسان هن جو علاج ڪري نوبنو ڪرائينداسون.

ڄامڙي جي واتان برف ڳڙيءَ جو داستان ٻڌي، ان پرديسي شهزادي نگران ڄامڙي کي چيو، جيڪڏهن هيءَ شهزادي توهان کان تابوت سوڌو خريد ڪيان ته توهان مون کان ڪيتري رقم وٺندو؟

ڄامڙي چيو جيڪڏهن توهان سامهون وارا ٻئي جبل سونا ڪري تڏهن به ڏيندو اسان هيءُ تابوت ڪونه وڪڻنداسون.

پرديسي شهزادي هڪ دفعو ٻيهر تابوت مان نظر گهوري برف ڳڙي کي ڏٺو ته هن کي بي اختيار ساڻس محبت ٿي وئي ۽ ڄامڙن کي منٿ ڪندي چوڻ لڳو مون کي توهان جي شهزاديءَ سان پيار ٿي ويو آهي، آءٌ خود به پرڏيهي ملڪ جو شهزادو آهيان، جيڪڏهن توهان کي هن تابوت واريءَ سان پيار آهي ته اها تابوت سميت منهنجي حوالي ڪيو، آءٌ هن کي  پنهنجي ملڪ کڻائي ويندس. منهنجي ملڪ جا طبيب وڏا قابل آهن، ٿي سگهي ٿو ته هن جي ڳجهارت اهي سلجهائي وجهن. هن کي زندگي ملي وڃي. پرديسي شهزادي جي ڳالهه ڄامڙن ڀائرن کي سمجهه ۾ اچي وئي ۽ آخر پاڻ ۾ صلاح ڪري تابوت پرديسي شهزادي جي حوالي ڪري ڇڏيو. پرڏيهي شهزادي جيئن ئي تابوت کڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، تابوت کي لوڏا آيا ته اُهو زهر واري صوف جو ذرو جيڪو، برف ڳڙي جي ڏندن  ۽ چپن ۾ ڀيڪوڙيل هيو ڪري پيو. صوف جو حصو برف ڳڙي جي وات مان ڪرڻ شرط شهزادي اکيون مهٽي اٿي ويٺي ۽ ڄامڙن ڀائرن سميت پرڏيهي شهزادي کي موجود ڏسي، چوڻ لڳي هيءُ سڀ ڪجهه ڇا آهي؟ پوري ماجرا سمجهايو قصو ڪهڙي ريت آهي، جنهن کان پوءِ ڄامڙن ڀائرن  سندس بيهوشي کان تابوت تائين جي سموري ڳالهه ڪري ٻڌايس جنهن تي، پرڏيهي شهزادي به پنهنجو سمورو تعارف ڪرائيندي چيس ته منهنجي توسان بي انتها محبت ٿي وئي آهي آءٌ تنهنجي ملڪ جي بادشاهه جو ولي عهد آهيان، جيڪڏهن تون مون سان گڏ هلندئين ته آءٌ توکي پنهنجي راڻي بڻائي وڏي ڌام ڌوم سان شادي ڪندس. جڏهن تون مون سان شادي ڪندئين ته تنهنجي هميشه لاءِ پنهجي ساڙولي ماٽيجي ماءُ کان جان ڇٽي پوندي ڇو ته آءٌ خود بادشاهه زادو آهيان، تنهنجي ماٽيجي ماءُ کي ڪنهن به نموني اها سگهه حاصل ٿي نه سگهندي  ته هوءَ منهنجي محلات ۾ داخل ٿي توسان دست اندازي ڪري سگهي.

پرڏيهي شهزادي جون ڳالهيون ۽ ڄامڙن ڀائرن جي صلاح ٻڌي برف ڳڙي پرڏيهي شهزادي سان شادي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وئي.

ان کان پوءِ پرڏيهي شهزادي پنهنجي پيءُ ڏانهن چوايو ته پنهنجي راڻي ڳوليو پاڻ سان وٺيو ٿو اچان. ان ڪري سارو ملڪ خوشيون ڪري ۽ منهنجي راڻي جي استقبال  جون تياريون ڪري، جنهن کان پوءِ وڏي ڌام ڌوم سان برف ڳڙي ۽ پرڏيهي شهزادي جو پنهنجي ملڪ ۾ استقبال ڪيو ويو ۽ محل ۾ چراغان ڪيو ويو، آخر شادي جي تاريخ به مقر ر ٿي وئي، جنهن ۾ پرڏيهي بادشاهه برف ڳڙيءَ جي پيءُ ۽ ماٽيجي ماءُ کي به شاديءَ ۾ شرڪت ڪرڻ جي دعوت ڏني.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com