سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: گرم جون آکاڻيون

باب:

صفحو :14

هينئل جي شهزادي سان شادي ٿيڻ کان پوءِ پورا اٺ سال آرام سان گذرندا رهيا، انهيءَ دوران کين هڪڙو چنڊ جهڙو پٽ به پيدا ٿي چڪو هو. جنهن سان پيار محبت ۾ گذارڻ سان کين زندگي ۾ وڌيڪ مزو اچڻ لڳو. هڪ ڏينهن پٽ سان پيار ڪندي هينئل کي پنهنجو پيءُ ياد اچي ويو ۽ دل ۾ سوچڻ لڳو ته جهڙي طرح آءٌ پنهنجي پٽ سان بي انتها پيار ڪريان ٿو. تهڙي طرح منهنجو پيءُ به مون سان ايترو ئي پيار ڪندو هو. آءٌ هتي عياشين ۾ پنهنجي پيءُ جو پيار وساري چڪو آهيان.

 بادشاهه هينئل سنڀري جڏهن زال کان موڪلائڻ آيو ته راڻي بيشمار دولت ۽ پيءُ لاءِ تحفا ڏيندي چيو ته، هيءَ منهنجي هٿ جي منڊي آهي، جيڪا تون پنهنجي چيچ ۾ پائي ڇڏ، هن منڊي ۾ اها خوبي اٿئي جو هن دنيا جي جنهن به شيءِ جي خواهش ڪندين اها توکي هن منڊيءَ کي مهٽي ڏيڻ سان ملي ويندي ۽ هيءُ مهنجو هار آهي، جنهن جي قيمت هن دنيا جي ستن بادشاهن کان به گهڻي آهي. پر هڪڙي ڳالهه ياد رکجانءِ ته هن منڊيءِ جي وسيلي هر ڪا شيءِ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهندين، ته توکي ملندي رهندي، پر مون کي پنهنجي پيءُ جي گهر گهرائڻ جي ڪوشش هرگز نه ڪجانءِ.

هينئل پنهنجي زال جون نصيحتون، دولت ۽ ٻيو سڀ ڪجهه ساڻ  ڪري پيءُ جي طرف سفر ۾ روانو ٿي ويو.

هن صرف راڻي طرفان ڏنل منڊي کي مهٽو ڏئي خواهش ظاهر ڪئي ته وڃي پيءُ جي دروازي ٻاهران پهتو. دروازي تي پهچي چوڪيدار کي چيائين ته هي منهنجي پيءُ جو گهر آهي. مون کي دروازو کولي ڏي ته آءٌ اندر وڃان، پر، چوڪيدار بنهه نابري واري بيٺو ۽ چيائين ته تنهنجي  پوشاڪ بادشاهي آهي. تون ڪنهن به نموني کان هن واپاري جو پٽ نٿو لڳين.

چوڪيدار جي سخت انڪار کان پوءِ هينئل واپس  موٽي جبل طرف  هليو ويو ۽ هڪ ريڍار کان ان جي پوشاڪ تي سودو ڪري، اها پائي موٽي اچي چوڪيدار کي چيائين هاڻي  مون کي پنهنجي پيءُ سان ملڻ ڏي. چوڪيدار دروازو کوليو. هينئل جيئن دروازو پٽي اچي پيءُ کي پيرين پئي مليو ۽ کيس ٻڌايو ته آءٌ تنهنجو پٽ هينئل آهيان. پيءُ کيس سڃاڻڻ کان نابري واري بيهي رهيو ۽ چيائين ته منهنجو پٽ منهنجي اکين اڳيان گهري سمنڊ ۾ ٻڏي مري ويو هو. پيءُ سوچيو هي ماڻهو منهنجو پٽ سڏائي وڏو ڪوڙ ٿو هڻي. ويتر هن کي هڪ مسڪين واري پوشاڪ پهريل  آهي. سو ڪنهن به نموني منهنجو پٽ ڪونه ٿو لڳي. واپاري ۽ هينئل جي بحث مباحثي دوران هينئل جي ماءُ اچي وچ ۾  پئي. جنهن چيو توهان ٻئي پاڻ ۾ نه وڙهو منهنجي  پٽ جي نشاني اها آهي ته ان کي ساڄي ٻانهن تي نشان هيو، جنهن تي هنيئل پنهنجي سڄي ٻانهن کولي ماءُ پيءُ کي ڏيکاري ته واقعي اتي نشان موجود هو. پوءِ به واپاري ذهني طور پٽ کي قبول ڪونه ڪيو، ايستائين جو نه کيس ويهڻ لاءِ چيو نه وري ماني کائڻ لاءِ چيو. جيتوڻيڪ هينئل پنهنجي سمنڊ ۾ ٻيڙي ٻڏڻ کان وٺي بادشاهه بنجڻ تائين سمورو واقعو ماءُ پيءُ کي ٻڌايس، پر پوءِ به واپاري ڪا ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار نه هو. تنهن تي هينئل ڪاوڙ ۾ اچي منڊيءَ کي مهٽو ڏيندي اها خواهش ظاهر ڪئي ته راڻي سندس پٽ سميت ظاهر ٿئي. راڻي هڪدم پٽ سوڌو اچي پهتي ۽ زارو قطار روئي رهي هئي ته تو واعدو ٽوڙيو آهي. جو مون کي هتي گهرايو اٿئي، هڪ ته تو واعدو ٽوڙيو آهي ٻيو منهنجي مٿان مصيبتن ۽ عذابن جو دروازو کوليو آهي.

هينئل راڻي کي جيئن تيئن ڪري پرچائڻ ۾ ڪامياب ته ٿي ويو، پر، راڻي به دل ۾ پڪو پهه ڪيو ته بادشاهه کي واعدو ٽوڙڻ جي سزا ضرور ڏيندس.

هينئل جي پيءُ وٽ رهندي هنن کي ڪافي ڏينهن گذري ويا. هڪ ڏينهن شام جو هينئل راڻي سميت سمنڊ جو سير ڪندي ان هنڌ تي پهچي ويو، جتان هن کي ٻيڙيءَ ۾ سوار ڪري سمنڊ اندر موڪليو ويو هو. اهي ڳالهيون ڪندي هينئل کي ٿڪاوٽ محسوس ٿي  سو راڻيءَ کي چيائين ته آءٌ پنڌ ڪندي ٿڪجي پيو آهيان. سامهون ٽڪري جي ڇانو ۾ ويهي آرام ڪري پوءِ گهر ٿا هلون، ائين ڪندي ٻئي ڄڻا اچي ڇانولي ۾ ويٺا، هينئل راڻي جي گوڏي تي مٿو رکي اڃا ليٽيو ئي مس ته کيس گهري ننڊ اچي وئي. راڻي آهستي آهستي سندس چيچ مان اها منڊي لاهي، پنهنجي چيچ ۾ وجهي خواهش ظاهر ڪئي ته هڪدم راڻي ۽ سندس پٽ محلات ۾ پهچي ويا. هيڏانهن جڏهن هينئل ننڊ مان اٿيو ته پنهنجو پاسو خالي ڏسي سمجهي ويو ته راڻي مون کي پنهنجي واعدي ٽوڙڻ جي سزا ۾ اڪيلو ڦٽي ڪري وئي آهي. هاڻي هينئل سوچن ۾ پئجي ويو. جيڪڏهن  پيءُ  جي گهر ٿو وڃان ته پيءُ منهنجي ڳالهه ٻڌي مون کي جادوگر ۽ ڪوڙو سمجهي گهر مان ڌڪاري ڇڏيندو ۽ منڊيءَ کانسواءِ راڻي تائين پهچي به ڪونه سگهان. اهي ڳالهيون ويچاريندو بَر پٽ ڏانهن منهن ڪيائين. بر ۾ هلندي هلندي هن کي هڪ ٽڪري نظر آئي، جڏهن ان ٽڪريءَ کي ويجهو پهتو ته ڏسي ته هڪڙا ٽي ماڻهو اهريا پهريا بيٺا آهن، سندن پوشاڪ مان معلوم پيو ٿئي ته وڏا شاهوڪار آهن. اڃا به ويجهو اچڻ تي انهن ٽنهي شاهوڪارن کيس سڏ ڪري پاڻ وٽ گهرائي چيو، اسان هڪ وڏي مالدار امير جا ٽي پٽ  آهيون. بابا جي وفات کان پوءِ ٻيو سڀ مال ملڪيت ته خير خوبي سان تقسيم ڪري پاڻ ۾ کنيو اٿئون پر هڪڙيون ٽي شيون اهڙيون آهن، جن جي ورهاست تي ڪونه ٿا ٺهون. لڪالڪي هت اچي نبيرو ڪرڻ لاءِ پهتا آهيون. پر، هتي به ڪائي ڳالهه طئه ڪري ڪونه ٿا سگهون. اسان جي  ڀاڳن ۾ تون هتي اچي پهتو آهين. شايد ان ۾ اسان جي ڀلائي آهي. هاڻي جيڪو فيصلو تون ڪندين اهو اسان کي قبول آهي.

شاهوڪارن جي پٽن کي هينئل چيو اهي ڪهڙيون ٽي شيون آهن، ۽ انهن ٽنهي شين مان هر هڪ جون ڪهڙيون خوبيون آهن. جو توهان هڪ ٻئي کي برداشت ڪري نٿا سگهو؟

شاهوڪار جي پٽن مان هڪڙي چيو بابا سائين جي هٿن جي هڪ تلوار آهي، ان جي اها خوبي آهي ته اها جنهن جي هٿ ۾ هوندي ۽ اهو ماڻهو تلوار کي حڪم ڪندو ته هزاين ماڻهن جون سسيون پئي لڻندي. ”ايستائين بس نه ڪندي جيستائين مالڪ منع نه ڪندس“ ٻئي چيس، بابا سائين جي هڪ واچ آهي، جيڪو به ماڻهو اها واچ ٻڌندو، اهو هن دنيا جي ماڻهن جي نظر کان غائب ٿي ويندو ۽ جيڪو روپ ڌاريندو اهو  ئي ٿي ويندو. ٽئين چيو ته بابا جي جوتن جو هڪڙو جوڙو آهي، ڪو به ماڻهو انهن جوتن تي هٿ رکي دل ۾ جيڪا به خواهش ڪندو، اها پوري ٿي ويندي، پر جيڪڏهن چاهيندو ته هزارين ڪوهن جو پنڌ تي پهچي وڃان ته اک ڇنڀ ۾ اتي پهچي ويندو. هينئل چيو اول اهي ٽئي شيون مون کي  ڏيو ته آءٌ آزمائي ڏسان انهن جي آزمائڻ کان پوءِ هر ڪنهن شيءِ جي حيثيت ڏسي، ورهاست ڪندس ته ڪهڙي شيءِ ڪهڙي پٽ کي ملڻ گهرجي؟ جنهن تي انهن ٽنهي ڀائرن چيو اسان توکي آزمائڻ لاءِ شيون ڏيون به ۽ تون ڦري اسان تي انهن کي آزمائين ته پوءِ اسان وٽ باقي ڇا  رهندو؟

هينئل کين زبان ڏني ته هو اهي ٽئي شيون وڻن ٽڻن ۽ ٻين ساهدارن تي آزمائيندو.

هينئل ٻانهن  ۾ واچ ٻڌي اها خواهش ڪئي ته مک تي وڃان ۽ هو مک ٿي ويو. پوءِ واچ لاهي چيائين بهترين شيءِ آهي. ان کان پوءِ تلوار ڏنائونس ته هن اها ڀرپاسي واري وڻن تي آزمائي ۽ چيائين ته ڏاڍي  ڪم جي شيءِ آهي. ان  کان پوءِ ٽنهي ڀائرن پيءُ وارا جوتا هينئل حوالي ڪيا. جن تي هٿ رکي چيائين سوني جبل واري رياست ۾ پهچي وڃان. اڃا هينئل خواهش وارا لفظ دهرايا ئي مس ته سوني جبل واري رياست پهچي ويو. اتي ڏٺائين ته چئو طرف دهلن شرناين جا شادمانا آهن. ماڻهو خوشين وچان نچن پيا، هينئل هڪڙي نچندڙ ماڻهو کان پڇيو ته ڪهڙي خوشي ۾ ٿو نچين؟

جنهن ٻڌايس ته اڄ اسان جي راڻي جي شادي آهي، تڏهن پيو نچان.

هينئل محل جي ٻاهران اها ڳالهه ٻڌي واچ پائي ماڻهن جي نظر کان لڪي اچي شهزاديءَ جي پلنگ تي ويٺو. شادي جي خوشيءَ ۾ گهوٽ جا مائٽ جيڪا شيءِ راڻي کي پيا ڏين ته هيءُ اها پليٽ ئي چٽي کائي پيو وڃي.  شراب جو شيشو جڏهن راڻي جي اڳيان رکيو ويو ته  راڻي اڃا هٿ ئي نه لاٿو ته هيءُ ڳٽ ڳٽ ڪري سڄو شراب جو شيشو خالي ڪري ويو. وري گهوٽيتن راڻي کي ڀڳل گوشت ۽ ڪباب آڻي ڏنا ته هيءُ اهي به کائي ويو، پر راڻي جي پيئڻ وارو شربت به پيءُ ويو. جنهن تي راڻي روئندي شادي واري سيج تان لهي محل ۾ هلي وئي ۽  چوڻ لڳي ته نه منهنجو مڙس مون کي طلسمي محل مان آزاد ڪري ها ۽ نه هي ڏينهن ڏسان ها. جنهن تي واچ پاتل هينئل چيس ته تون به ته ان مڙس سان ڌوڪو ڪري کيس سمنڊ ڪناري روئندي ڇڏي آئين هئين. راڻي هينئل جو آواز سڃاڻي چيو ته واقعي مون کان غلطي ٿي آهي. هاڻي ظاهر ٿي ته آءٌ توکان معافي وٺان، جنهن تي هنيئل ٻانهن مان واچ لاٿي ته راڻي اڳيان حاضر ٿي ويو.

راڻي ماڻهن کي ٻڌايو ته منهنجو مڙس اچي ويو آهي، ان ڪري شادي جون تقريبون ختم ڪيون وڃن،  وري هينئل کي چيائين ته تون محل مان ٻاهر نڪري سڀني  گهوٽيتن کي اعلان ڪري ٻڌاءِ ته آءٌ اچي ويو آهيان. منهنجي جيئري منهنجي زال جي شادي نٿي ٿي سگهي.

هينئل جو اعلان ٻڌي نئين گهوٽ جي مٽن مائٽن ۽ دوستن دڙن تلوارون ڪڍي، هن کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي پر هينئل به امير جي ٽن پٽن واري تلوار ڪڍندي حڪم ڪيو ته سڀن جا سر ڌڙن کان ڌار ڪر ۽  تلوار اک ڇنڀ ۾ سڀني حمله آوارن جون سسيون لاهي پٽ ڪيون.

ان کان پوءِ هينئل ۽ راڻي پنهنجي پٽ سميت محل اندر هليا ويا، جتي پوءِ هو هميشه خوش گذارڻ لڳا.

راڳي

ڪنهن ٻهراِڙيءَ ۾ هڪڙو هاري رهندو هو، جيڪو پنهنجي سچائي ۽ ايمانداري جي ڪري پري پري تائين مشهور هو. ان پنهنجي ڪم ڪار ۽  بار کڻڻ لاءِ هڪڙي گڏهه پالي هئي. پر جيئن ته ماڻهوءَ کان جانور جي عمر ٿوري ٿيندي آهي. سو گڏهه ويچاري جلدي ڪراڙي ٿي وئي، نه هلي ڦري پئي سگهي نه وري بار پئي کڻي سگهي. هاري ويچارو خدا  ترس هو، هن ڏٺو ته گڏهه ڪنهن ڪم ڪار جي نه رهي آهي، پر منهنجي ۽ منهنجي ٻچن جي خدمت ڪئي اٿس، سو وڃي، پاڙي وارن  سان صلاح ڪيائين ته وڏي عمر سبب ويٺي ٿي عذاب کائي ۽ هلڻ کان هلاڪ آهي.

پاڙيوارن صلاح ڏنس ته گڏهه جيئن ته تنهنجو نمڪ حلال جانور ٿي رهي آهي. تنهنڪري هر روز جي عذاب بجاءِ ڪهي ڪري کڏ کوٽي پوري ڇڏينس. گڏهه جڏهن پنهنجي پاڙي وارن ۽ مالڪ جي سس پس ٻڌي ته سوچيو ته هتي رهي ڪري بي گناهه قتل ٿي وڃان. ان ڪري ڇو نه رڙهندي ڪنهن وڏي شهر وڃان ۽ اتي پنهنجو پراڻو پيشو بدلائي ڪوئي موسيقي جو پيشو اختيار ڪيان ته ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ زندهه رهڻ جو موقعو ملي ويندو. اهو سوچي رات جي پيٽ ۾ مالڪ جي گهران نڪري، پڪي شهر وارو رستو وٺي رواني ٿي. ڳچ وقت پنڌ ڪيائن ته رستي تي هڪ ڪتو سهڪندي ۽ ڦٿڙندي نظر اچي ويس. گڏهه لڙي اچي ڪتي کي چوڻ لڳي: ”مالڪ جي هر شيءِ جا چوڪيدار! اڄ اهڙي بري حال ۾ ڇو پيو سهڪين؟“

جنهن تي ڪتي وراڻيو ته مائي گڏهه ڪهڙا ٿي منهنجا حال پڇين: جڏهن آءٌ ڦوهه جواني ۾ هيس ۽ ڀڄڻ  ڊوڙڻ ۾ ڦڙت هئس ته مالڪ سان پاڇي وانگر هر هنڌ، گهر ۾ توڙي شڪار ۾ گڏ هوندو هئس. اڄ جڏهن پوڙهو ٿي ويو آهيان ۽ هلي ڦري ڪونه ٿو سگهان ته  منهنجو مالڪ صبح شام مون کي پيٽ ۽ مٿي ۾ لتون هڻي بي  عزت ڪندو رهي ٿو. روز روز جي بي عزتي کان پاڻ بچائي مالڪ جي گهر کان نڪري ڀڳو آهيان. هن برپٽ ۾ ڦٿڪي ساهه ڏيڻ، بي عزتي کان بهتر آهي. گڏهه ڪتي جي ڳالهه ٻڌي چيو: جيڪو تنهنجو مسئلو آهي اهو ساڳيو منهنجو به آهي. تنهن ڪري مان ساهه بچائي وڏي شهر جو رخ ڪيو آهي جو اتي و ڃي موسيقي سکي پنهنجي  باقي زندگي آرام سان گذاريان. جيڪڏهن تون به مون سان گڏجي هلين ته اتي شهر ۾ ڪجهه نه ڪجهه هٿ پير هڻي پنهنجي پڇاڙي سڌاري سگهين ٿو. اها ڳالهه ڪتي کي دل سان لڳي ۽ هو به همت ڪري گڏهه سان گڏجي شهر طرف هلڻ لڳو. ڪتو ۽ گڏهه اڃا ڪجهه پنڌ اڳڀرو هليا ته ساڳئي ئي رستي تي ڏسن ته هڪ ٻلي پريشان حال پاسا بدلائي رهي  آهي. گڏهه سندس مٿان بيهندي چيس: ادي ٻلي توکي ڪهڙي ڳڻتي آهي، جو هن طرح بي قرار ڦٿڙندي ٿي وتين؟

گڏهه جي سوال تي ٻلي ٿڌو شوڪارو ڀريندي چيو: ادي گڏهه، ڪهڙا ٿي حال پڇين، ڏکين جا ڏک نه کول ته سٺو اٿئي. جڏهن جوڀن هيو ته هڪ ئي ٽپ سان ڪوئي جو وڃي مٿو پڪڙيندي هيس، منهنجي ايتري چالاڪي ڏسي منهنجي مالڪياڻي مون سان ڏاڍو پيار ڪندي هئي ۽ پيار منجهان پٺيءَ تي هٿڙا پئي ڦيرائيندي هئي. هر روز پيالي  ۾ کير به آڻي پياريندي هئي. هاڻي جڏهن عمر وڏي ٿي وئي آهي. هلي ڦري به ڪونه ٿي سگهان ۽ سارو ڏينهن چلهه جي گرمي جي آسري پئي آهيان، جسم ۾ اهو رت ست ڪونه رهيو آهي. ڪوئا مٿان بل  ڏيو هليا وڃن ٿا، ته انهن کي هڙپ ڏيڻ ئي وسري ويو اٿم. بکن ۾ ساڻي ٿي پئي آهيان، مالڪياڻي به اکيون ڦيري  ڇڏيون آهن. جو کير ته پري پر مانيءَ جو سڪو ٽڪر به ڪونه ٿي ڏئي. الٽو ٻهاري کڻي ان سان ڌڪ هڻي. گهر مان ڪڍي ٿي ڇڏي. سو روز روز جي ڪر ڪر کان تنگ ٿي گهر ڇڏي آئي آهيان. ته هوند رستي ۾ ئي مري وڃان ته بهتر  ٿيندو. جنهن  تي گڏهه چيس ته دل نه لاهه مايوسي گناهه آهي. مان ۽ ڪتو به پنهنجي گهر وارن کان تنگ ٿي قسمت آزمائڻ خاطر شهر وڃي رهيا آهيون، ٻيو نه سهي پر رات جي راڳڻي جي ته تون سٺي موسيقار ٿي سگهين ٿي. جي دل گهرئي ته همت ڪري اسان سان هل ۽ هلي وڏي شهر ۾ موسيقي سکي، پنهنجي قسمت سنواري سگهين ٿي. گڏهه جي ڳالهه ٻڌي ٻليءَ به دل جهلي گڏهه ۽ ڪتي سان گڏ  سفر تي رواني ٿي وئي. سفر ۾ هلندي هنن کي رات پئجي ويئي ته رستي جي هڪ پاسي ڪنهن آبادگار جو گهر هو، هي ٽئي ڄڻا اڃا ان گهر جي ويجها مس آيا ته ڏٺائون ته هڪڙو ڪڪڙ آهي جيڪو زارو قطار روئي رهيو آهي. گڏهه ڪڪڙ کي چيو ادا تو سان ڪهڙي ويڌن آهي جو هن طرح دردناڪ دانهن ٿو ويٺو ڪرين؟

ڪڪڙ چيس:  ادي توکي ڪهڙي خبر ته مون سان سڀاڻي ڇا ٿيڻ وارو آهي. سڀاڻي آچر جو ڏينهن آهي، منهنجي مالڪن وٽ ڪي مهمان اچڻ وارا آهن. منهنجو مالڪ ۽ مالڪياڻي مون کي ڪهي منهنجي گوشت مان سوپ ٺهرائي انهن کي پياريندا. تڏهن ٿو ويٺو دردن جون دانهون ڪريان. ڪوئي ڇڏائڻ وارو نه آهي.  ڪڪڙ جي ڏکن جي ڪهاڻي ٻڌي، گڏهه جي اکين ۾ پاڻي اچي ويو، ڪڪڙ کي دلجاءِ ڏيندي چيائين ته اسان ٽئي ڄڻا پنهنجي قسمت آزمائڻ لاءِ وڏي شهر ۾  وڃي رهيا آهيون. جيڪڏهن تو ۾ به همت آهي ته اسان سان سفر ۾ شريڪ ٿي وڃ. شهر ۾ رهي ڪري راڳ روپ سکي، ڳائي پنهنجي بگڙيل قسمت بنائي سگهون ٿا.

گڏهه جيڪا سڀن جي وڏڙي ۽ صلاحڪار هئي، تنهن جي سمجهائڻ تي ڪڪڙ به پنهنجي جاءِ تان ٽپو ڏئي اچي هنن سان شامل ٿيو. سفر ڪندي سڀن کي ٿڪ به گهڻو ٿيو، پر  رات به اڃا گهڻي پئي هئي سو پاڻ ۾ ويهي ويچاريون ته رات جا ٻه پهر گذري ويا آهن. باقي پويان ٻه پهر ڪٿي آرام ڪري پوءِ سفر شروع ڪجي. ته ڏاڍو سٺو ٿيندو. رستي جي چوڌاري وڏو جهنگ هو، ماڻهن جي نظر کان بچڻ لاءِ جهنگ جي جاءِ پسند ڪري هڪڙي وڏي وڻ جي هيٺان گڏهه ۽ ڪتو سمهي پيا. ٻلي وري وڻ جي ٻن ڇاڙهن جي منڍ تي بالم ٿي سمهي  پئي. ڪڪڙ وري وڻ جي چوٽيءَ واري ڏار تي وڃي ديرو ڄمايو. اڃا اتي  ويٺو  ئي مس ته سامهون کيس هڪ گهر جي درين مان روشني نظر آئي. ڪڪڙ پنهنجا پر ڦڙڪائيندي ساٿين کي خبردار ڪندي چيو، يارو هوشياري وٺو منزل جي ويجهو اچي پهتا آهيون. جنهن تي ڪتي ۽ ٻلي چيو جيڪڏهن منزل جي ڀرسان اچي  پهتا آهيون ته پوءِ آرام ڪهڙو؟ اڳي پوءِ جتي هلڻو آهي، اتي ئي هلي آرام ڪجي. جنهن تي گڏهه چيو صلاح ڏاڍي  نيڪ آهي ته پوءِ دير ڇو ڪجي!. ائين چئي هيءُ چار ئي ڄڻا وڏي عزم ۽  حوصلي سان روشني جي طرف ڪاهيندا  ويا. سفر ۾ ٻلي، ڪتو ۽ ڪڪڙ زمين جي ويجهو هلي رهيا هئا پر گڏهه جون ٽنگون  ڊگهيون هيون، ان جڏهن ڪنڌ مٿي ڪيو ته هڪل ڪري ساٿين کي چيائين يارو منزل تي ته پهچي ويا آهيون، پر هاڻي ڪرڻ ڇا گهرجي؟ اڃا انهن صلاحن ۾ هئا ته ٻلي صلاح  ڏني ته اسان سڀني ۾ گڏهه ڊگهي آهي، اها آهستي وڃي انهي جاءِ جي دريءَ مان ليئو پائي ڏسي  اچي ته اندر ڪهڙو لقاءُ ٿي  رهيو آهي، پوءِ اڳتي جي رٿابندي ڪجي. گڏهه آهستي دري مان جهاتي پائي ڏسي ته  چار  پنج ڦورو پنهنجا هٿيار ميز تي رکي پيا ميز تي ويٺا ماني کائين، جنهن تي ڪتي ۽ ٻلي چيو بس اها ئي اسان  جي منزل آهي. اتي ئي کائبو اتي ئي آرام ڪبو. پر اهو سوچيو ته هنن هٿياربندن ڦورن کان هتان ڪيئن ڀڄائجي. گڏهه چيو پرواهه نه ڪيو، جيئن آءٌ چوان ٿي تيئن ڪندا وڃو. سڀ دريءَ جي سامهون اچي بيٺا گڏهه  پنهنجا اڳيان  ٻئي پير دريءَ تي رکيا. ڪتو گڏهه جي پٺيءَ تي چڙهي بيٺو. ٻلي وري ڪتي جي منڍيءَ تي وڃي ويٺي، ڪڪڙ ڀڙڪو ڏئي ٻلي جي مٿان ٿي پير رکي بيهي رهيو.

گڏهه چيو، آءٌ اڳ ۾ راڳ ڳائيان ٿي. ائين چئي هن هينگڻ شروع ڪيو، اڃا گڏهه هينگ پوري ڪئي ته ڪتو ڀونڪڻ لڳو، ڪتي ڀونڪي بس ڪئي ته مٿان ٻليءَ  ٻرڙاٽ شروع ڪرڻ شروع ڪيا. ٻليءَ جا ٻرڙاٽ پورا ئي مس ٿيا ته مٿان ڪڪڙ جلد ٻانگ ڏيڻ شروع ڪئي. ڪڪڙ جي ٻانگ کانپوءِ چئني ڄڻن گڏجي پنهنجي موسيقي شروع ڪئي. ڦورن جو ڌيان هن طرف ڇڪجي ويو ته ڪهڙي قسم جي بلا دري وٽ پهچي وئي آهي. ويتر جو گڏهه پنهنجا اڳيان کر هڻي دريءَ جا شيشا ڀڳا ته ڦورو هراسجي وٺي ڀڳا. ڦورن جي ڀڄڻ کان پوءِ هيءُ چارئي ڄڻا انهيءَ جڳهه ۾ ڪاهي پيا. هنن جا وارا نيارا ٿي ويا ۽ کائي پي ڍو ڪيائون. کائڻ کانپوءِ گڏهه ڦوڪارا  هڻي سڀ روشنيون وسائي سمهڻ واري ڪئي. گڏهه اڱڻ ۾ سمهڻ پسند ڪيو، ڪتو تڏي تي  ويهي رهيو. ٻليءَ وڃي رڌڻي واري چلهه وسائي ۽ ڪڪڙ وڻ جي ڏار تي اڃا ويهڻ وارو هو ته ڦورن مان جيڪو بهادر هو، اهو سوچي پوئين پير موٽيو ته ڏسان ته اهو ڪهڙو عجيب اسرار آهي. اڃا جيئن ئي دري مان منهن ڪڍي اندر ٽپو ڏنائين ته ٻلي سندس منهن ۾ وچڙي وئي. ٻليءَ جي منهن ۾ وچڙڻ کان ڊڄي ٻاهر نڪتو ته ڪتي ٺڪاءُ چڪ ڄنگهه ۾ ڪڍرايس. ڪتي کان جان ڇڏائي ڀڳو ته سامهون گڏهه اهڙي ته لت هنيس جو منهن ڀر وڃي ڪريو ته مٿان ڪڪڙ پر ڦرڪائي زور سان ٻانگون ڏيڻ لڳو.  ڦورو ڊڄي ڀڄندو وڃي ساٿين کي ٻڌايو ته يارو هيءَ جوءِ ڇڏي وڃو جو اسان واري ويران جاءِ تي بدروحن، جنن، ديون ۽ ڏائڻين جو قبضو ٿي ويو آهي. پنهنجي ساٿين کي منهن وارا رانڀوٽا ڏيکاريندي چيو ته هي ڏسو ڏائڻ منهنجي منهن ۾ چنبو هنيو  آهي. ڪتي جو چڪ ڏيکاريندي چيائين بدروح چاقو سان منهنجا آنڊا پيو ڪڍي، پر سندس هٿ ڦري وڃي ڄنگهه تي لڳو. وري گڏهه واري لت ڏيکاريندي چيائين جنن مون کي مڪون هنيون آهن. اهڙي طرح جڏهن سڀئي ڦورو ڀڄي ويا ته هيءُ چارئي موسيقار پنهنجي منتخب ڪيل جاين تي بي اونا ٿي سمهي پيا ۽ باقي عمر نئين گهر ۾ آرام ۽ سڪون سان گذارڻ لڳا.

 

 

متارو نينگر

آڳاٽي وقت جي ڳالهه آهي ته ڪنهن هاريءَ کي پٽ  ڄائو هو، اهو به اهڙو جهڙو ڄائو تهڙو نه. ڇو ته ڇوڪر جو قد ڪاٺ اڱوٺي کان وڏو ڪونه هو، هاري ۽ سندس زال پنهنجي پٽ جي جسم وڌائڻ لاءِ سندس ڏاڍي  کاڌ خوراڪ ڪئي پر نينگر جو قد  جيترو هيو ان کان ذرو به وڌي ڪونه سگهيو. پٽ کي ان آس تي ته هو ڪجهه قد ڪاٺ ڪندو، ورهيه گذري ويا. هن سان گڏ ڄاول پاڙي وارا ٻار جوان ٿي ويا، پر هيءُ اوتري جو اوترو رهيو. ويچارو هاري۽ سندس زال خدا طرفان پنهنجي پٽ کي ڏنل جسم تي شڪرانو ادا ڪري وقت گهاريندا رهيا.

هڪ ڏهاڙي هاري پنهنجي زمين کيڙڻ لاءِ هر کڻي ۽ ڏاند ڪاهي وڃي رهيو هو ته سندن ڄامڙو نينگر ضد ڪري بيٺو ته هو به پيءُ سان گڏ وڃي. پيءُ ڪيترو ئي سمجهايس ته پٽ اول ته توکي جسم ئي ڪونه آهي. ڪنهن ڀتر  يا ڦوڙ هيٺان اچي وئين ته آءٌ توکي ڪٿي ڳوليندو رهندس، ڇوڪر چيو ته هو هر حالت ۾ پيءُ سان گڏ زمين تي ضرور ويندس. آخر پيءُ ٻارڙي جي ضد تي نرم ٿي پيو ۽ هن کي کڻي پنهنجي ڪوٽ جي کيسي ۾ ويهاريو.

جڏهن هاري زمين تي پهتو، ته نينگر کي ٻني تي ويهاري پاڻ زمين کيڙڻ ۾ لڳي ويو. ايتري ۾ هاري ڏٺو ته جبلن کان هڪ ڊگهو ماڻهو متارو وڏيون ٻرانگهون ڀرندو ٽڪريءَ تان لهندو هن طرف وڌي رهيو هو، ان متاري ماڻهوءَ کي ايندو ڏسي، هاري پنهنجي پٽ کي ڊپ ڏيندي چيو آرام سان ٻني تي  ويٺو رهه، جيڪڏهن تون پنهنجي جاءِ کان چرپر ڪري ڪٿي هيٺ مٿي لهڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهو متارو ماڻهو توکي پاڻ سان کڻي ويندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com