سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: گرم جون آکاڻيون

باب:

صفحو :11

شاديءَ واري ڏينهن برف ڳڙيءَ جي ماءُ وڏو قيمتي لباس پائي پنهنجي مڙس سان گڏ پرڏيهي شهزادي جي شادي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃي رهي هئي ته ويندي ويندي راڻيءَ جي نظر طلسمي آئينه تي پئجي وئي ۽ لڙي اچي آئينه کان پراڻو سوال ڪيو ته ڏي خبر آئينه آهي ڪائي ڌرتيءَ تي منهنجي سونهن جي برابري ڪرڻ واري؟

آئيني هن دفعي سندس اُميدن جي خلاف جواب ڏيندي چيو ته جنهن ڪنوار جي شادي ۾ تون شرڪت ڪرڻ وڃين ٿي، سونهن ۾ تون ان جي ٻانهين ۾ نٿي سونهين. آئيني وٽان اهڙو کتو جواب ٻڌي راڻيءَ جي ڪپڙن کي باهه لڳي وئي، پر پوءِ چيائين ته آخر ڏسان ته اها ڪنوار ڪهڙي آهي؟ جنهن جي آئينه ايتري تعريف ڪئي آهي.

آخر اهو وقت به اچي ويو جڏهن پرڏيهي شهزادي ڪنوار کي ٻين ملڪن مان آيل شاهي بيگمات سان ملايو، جڏهن برف ڳڙيءَ کي ڪنوار جي حيثيت ۾ پنهنجي ماٽيجي ماءُ سان ملڻ جو ٽائيم آيو، ته سندس ماٽيجي ماءُ کيس سڃاڻي ورتو ته هيءَ ته ساڳئي برف ڳڙي آهي، جنهن کي مون ڪيئي دفعا مارڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر مارڻ واري کان جيئارڻ وارو سگهارو آهي. اهو چئي هن هڪ دردناڪ ساڙ سڙيو ٿڌو شوڪارو ڀريو، جنهن شوڪاري ڀرڻ سان راڻيءَ جي دل ٽٽي پئي.جنهن کان پوءِ برف ڳڙي  پنهنجي پيءُ سان پنهنجو تعاف ڪرائيندي چيو ته ”مارڻ واري کان بچائڻ وارو سگهارو هوندو آهي؟“

ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ

ڳالهه ٿا ڪن ته ڪنهن شهر ۾ هڪڙو درزي رهندو هو، جنهن کي ٽي پٽ هوندا هئا. هن ٽنهي پٽن ۽ پنهنجي کير پيئڻ لاءِ درزيءَ هڪ ٻڪري خريد ڪئي هئي. جنهن کي چارڻ لاءِ پنهنجن پٽن تي ذميواري رکي. هڪ ڏينهن هڪ پٽ، ٻئي ڏينهن ٻيو پٽ، ٽئين ڏينهن ٽيون پٽ ٻڪري کي چاريندو هو. پهرئين ڏينهن جڏهن سندس وڏو پٽ ٻڪري چارڻ لاءِ ڪاهي ويو ته هن وڏي محنت سان ڪونئرا گونچ، نوان ڦٽل گل ۽ ٻوٽا  ٻڪري کي کارايا ۽ هوءَ وڌيڪ چرڻ کان نابري واري بيٺي. شام ٿي ته درزي جي پٽ ٻڪري کي چيو: ”هاڻي گهر واپس ورڻ جي مهل ٿي آهي، چو ڦير ساوڪ لڳي پئي اٿئي، جيڪڏهن ڪجهه کائڻ چاهين ته کائي پي ڍؤ ڪر ته پوءِ گهر هلون.“

جنهن تي ٻڪري چيو: ”مون ڪک پن چري ڍؤ ڪيو آهي، گهر هلو ته ڀلي هلو مون کي وڌيڪ کائڻ پيئڻ جي ڪابه ضرورت ڪانهي. جنهن بعد ڇوڪر ٻڪري کي رسو  وجهي گهر ڪاهي  آڻي واڙي ۾ ٻڌو.

رات جو درزي جڏهن پنهنجي دڪان تان واندو ٿي گهر آيو ته اچڻ شرط پنهنجي وڏي پٽ کي چيو: ”پٽ خبر ڏي ٻڪري کي ڪيترو کارايئه ۽ ڇا ڇا کارايئه.“ درزي جي پٽ اڄ جي سموري ڪارگذاري پيءُ کي ٻڌائي، جنهن کان پوءِ درزي پڪ ڪرڻ لاءِ ٻڪري جي واڙي ۾ ويو ۽ ٻڪري جي پٺيءَ تي هٿ ڦيريندي چوڻ لڳو، منهنجي سهڻي ٻڪري اڄ وارو احوال ته ڏي توکي منهنجي پٽ ڇا ڇا کارايو، تو ڍؤ ڪيو يا نه؟ ٻڪري درزي سان ڳالهائيندي چيو منهنجا مالڪ ته پنهنجي پٽ جا ڪهڙا ٿو پرڪار پڇين! مون کي هتان ڪاهي شهر کان ٻاهر مقام جي ٻن قبرن جي وچ تي ڪلو هڻي ٻڌي سوگهو ڪري، پاڻ هڪ جيڏن سان راند روند ڪندو رهيو، سڄو ڏينهن راند ڪري سج لٿي ڌاري اڃيو بکيو آڻي واڙي ۾ بند ڪيو اٿس.

ٻڪري جي ڳالهه ٻڌي درزي تپي باهه ٿي ويو ۽ ڪاوڙ منجهان ڏاڪڻيون چڙهندو مٿي اچي پنهنجي ڪمري ۾ پيل لٺ کڻي اچي وڏي پٽ جي مٿان بيٺو ۽ هڪل ڏئي  ان کي چوڻ لڳو نالائق پٽ مون اڄ جو ڏينهن توکي ٻڪري سنڀالڻ ۽ کارائڻ لاءِ مقرر ڪيو هو يا توکي اهو چيو هو ته ان کي قبر جي وچ ۾ ٻڌي سڄو ڏينهن بک ماري بکيئي پيٽ آڻي واڙي ڇڏ؟

درزي ڪاوڙ ۾ اهڙو ته بي قابو ٿي ويو جو پٽ کي لٺيون هڻي ساڻو ڪري گهر مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.

 ٻئي ڏينهن تي درزي پنهنجي دڪان تي  وڃڻ کان اول ٻئي نمبر پٽ کي ٻڪريءَ جي پارت ڪري هليو ويو. درزي جي ٻئين نمبر پٽ جنهن پنهنجي ڀاءُ جي حالت ڏٺي هئي، ان ڀو کان ٻڪريءَ کي هڪڙي باغ ۾ وٺي ويو ۽ سارو ڏينهن گل ۽ ٻور وارا ٻوٽا کارائي ڏاڍو ڍؤ ڪرايو. شام  ٿي ته ڇوڪر ٻڪريءَ کي چيو ٻڪري هاڻي گهر هلڻ جي مهل ٿي آهي. تنهنجي  ڪائي ڪک خالي آهي، ته ٻڌاءِ  ته آءٌ سڀ ڪجهه توکي کارائي پوءِ گهر وٺي هلان. جنهن تي ٻڪري چيس ڏاڍو ڍؤ ٿي ويو آهي جو هلي ئي ڪونه ٿي سگهان. جنهن کان پوءِ ڇوڪرو دلجاءِ ڪري، ٻڪري گهر ڪاهي آيو ۽ آڻي  واڙي ۾ بند ڪئي.

رات جو درزي اچڻ سان پنهنجي پٽ کان پڇيو خبر ڏي ٻڪري ڍؤ ڪيو يا نه؟ درزي جي پٽ سڄي ڏينهن جي ڪارگذاري پيءُ کي ٻڌائي، جنهن کان  پوءِ هو هيٺ واڙي ۾ ويو ۽ ساڳئي طرح ٻڪريءَ مٿان پيار جا هٿ ڦيرائيندي چيائين ته ڏي خبر اڄ ڪوئي کائڻ پيئڻ مزي جو ٿيو يا نه؟ جنهن تي ٻڪري وري ساڳئي ڳالهه کيس ٻڌائي ته ٻن قبرن جي وچ ۾ ٻڌي پئي هيس نه ڪک کاڌم نه پَن، نه ئي وري سڄو ڏينهن ڪو پاڻي ڍُڪ پيتم. ٻڪري جي ڳالهه ٻڌي درزي اڳي کان به وڌيڪ ڪاوڙ ۾ باهه ٿي ويو، مٿي چڙهي ساڳئي ڪمري مان لٺ کڻي پٽ  تي کپي ويو ۽ لٺيون هڻي پٽ کي گهر مان ڪڍي ڇڏيائن.

جڏهن ڦري ٽيون ڏينهن ٿيو ته وري به درزيءَ پنهنجي معمول مطابق ٽئين ۽  آخري پٽ کي هدايت ڪندي چيو؛ ”اڄ ٻڪري تنهنجي حوالي ڪيان ٿو. منهنجي ڪم ۾ ڪوتاهي ڪرڻ جي سزا تون پنهنجي ٻنهي وڏن ڀائرن جي ڏسي چڪو آهين، جيڪڏهن اڄ به  ٻڪري سان تو اهڙي جٺ ڪئي، جهڙي ساڻس تنهنجي ٻنهي ڀائرن ڪئي آهي ۽ ٻڪري مون کي دانهن ڏني ته ائين سمجهجاءِ ”ته تنهنجو خير ڪونهي.“ درزي جو ننڍڙو نينگر ڊپ وچان ٻڪريءَ کي اهڙي ته سهڻي ڦلدار باغ ۾ وٺي ويو، جتي اڄ تائين ڪو ٻيو ڪو جانور چرڻ لاءِ نه ويو هو. هن ويچاري سڄو ڏينهن باغ جا سٺا ٻوٽا ميون ۽ گلن جا گؤنچ ۽ مکڙيون هٿ سان پئي پٽي جهول ڀري  سارو ڏينهن کارائيندو رهيو. جڏهن شام جو  گهر موٽڻ جي مهل ٿي، ته ننڍڙي نينگر ٻڪريءَ کي ڪنڌ ۾ ڀاڪر وجهي چيو ٻڪري سڄي ڏينهن ۾ مون  توکي ايترو سٺو ۽ گهڻو کارايو آهي، جيڪڏهن، ڪو ٻيو جانور هجي ها، ته هوند ڦاٽي مري ها. هاڻي  تون ٻڌاءِ ته مون کان ڪائي ڪمي ٿي آهي ته گهر هلڻ کان اڳ آءٌ اها پوري ڪري پوءِ هلان. ٻڪري چيو هر ڪک هر پن هر گل ۽ ٻوٽو ته کارايو اٿئي، باقي ڇا رهيل آهي جو آءٌ ويهي توکي شڪايت ڪيان، مون بلڪل ڍؤ ڪيو آهي، مون کي هينئر ڪنهن  به شيءِ جي ضرورت ڪانه آهي.

ٻڪري جي زباني اهڙا دلجاءِ وارا لفظ ٻڌي اطمينان ڪري ننڍرو نينگر ٻڪريءَ کي ڪاهي آيو ۽ کيس واڙي ۾ ٻڌي پنهنجي ڪمري ۾ هليو آيو. هوڏانهن درزي  اچڻ شرط پٽ کان سوال ڪيو ته نينگر ڊڄندي سڄي ڏينهن جو احوال ٻڌايس ۽ آخر ۾ ٻڪري جا لفظ به دهرايا. جنهن تي پيءُ خوش ٿي هيٺ ٻڪري جي واڙي ۾ لٿو ۽ ٻڪريءَ مٿان شفقت جا هٿ ڦيرائيندي پڇيو ته ڪر خبر اڄ ڪو عزت جو چرڻو ٿيو يا نه؟ ٻڪري وري به ساڳي ڳالهه دهرائي. ٻڪري جي واتان ساڳيا لفظ ٻڌي، درزي ڇتو ٿي پيو ۽ چوڻ لڳو ته مون ٽئي ٺڳ پاليا آهن. جن ٽئي ڏينهن ڪوڙيون ڳالهيون ٻڌائي، مون کي ٺڳيو ۽ منهنجي معصوم ٻڪري کي بک ماريو آهي. ائين چوندو ساڳئي لٺ کڻي هن ننڍڙي پٽڙي  کي لٺين جو ڦهڪو ڪڍي گهر مان ٻاهر اڇلائي ڇڏيو. هاڻي گهر ۾ اڪيلو درزي پاڻ رهجي ويو. صبح جو دڪان تي وڃڻ بجاءِ سڌو ٻڪريءَ وٽ آيو ان جي مٿي تي هٿ ڦيرائيندي چوڻ لڳو منهنجي پياري ٻڪري مون کي معاف ڪجانءِ، مون  ٽي ڏينهن ڇوڪرن جي آسري  تي توکي بک ماريو آهي. اڄ آءٌ پنهنجي ڪم تي ڪونه ٿو وڃان سارو ڏينهن توکي چاري ٽن ڏينهن  جي بک جو توکي ڍؤ ڪرائيندس. ائين چئي ٻڪري کي ڇوڙي ٻنين ۾ وٺي ويو ۽ جيڪو به گاهه هن کي سُجهندو هو، ته هيءُ گاهه ٻڪرين کي وڻندو آهي، اهو پٽي جهول ڀري اچي ٻڪريءَ کي کارائڻ لڳو. ٻڪري هميشه جيان کائي پيئي اوڳر ورائڻ لڳي، درزي سمجهيو هاڻي ٻڪري جي پيٽ ۾ باقي گاهه کائڻ جي گنجائش ڪانه آهي، جو اوڳر ڪرڻ ويهي رهي آهي، آخر وري به شام جو درزي  دل ڀري ٻڪري کي کارايو پياريو ۽ هلڻ مهل کيس چيو اڄ ڍؤ ڪيئي يا گنجائش آهي؟ ٻڪري درزي کي به ساڳيو جواب ڏنو ته هر ڪک پن سائو گاهه سڀ ڪجهه کائي رَڄُ ڪيو اٿم، هاڻي گهر هلو ته ڀلي هلو.

ٻڪري کي دلجاءِ وارو جواب ٻڌي، درزي رسو وجهي گهر آڻي واڙي ۾ ٻڌي ڇڏيو.

ٿوري دير کان پوءِ درزي سوچيو ٻڪريءَ کي ته ڏسي اچان  متان ڪنهن شيءِ جي ضرورت هجيس. اهو سوچي هيٺ لهي آيو ۽ ٻڪري جي واڙي ۾ پهچي ساڳي طرح سندس مٿي ۽ پٺيءَ تي هٿ ڦيرائيندي چيائين: ”اڄ تون ڏاڍي خوش هوندينءِ ڇو ته اڄ پهريون ڀيرو تون ڍؤ ڪري آئين آهين.“ مالڪ جي ڳالهه ٻڌي ٻڪري ساڳئي ڳالهه ڪئي ته ڍؤ وري ڪهڙو سڄو ڏينهن پراڻين قبرن جي وچ تي ٻڌي پئي هئس نه ڪک کاڌم نه پَن. بک مري وئي آهيان، ساهه وڃي ٿو.

اهڙو جواب ٻڌي درزيءَ جون اکيون ڦوٽارجي  ويون. پاڻ کي پاڻ چوڻ لڳو ٻڪري چوي  ڇا ٿي؟ آءٌ خود پنهنجي هٿن سان هن کي سڄو ڏينهن سٺا ٻوٽا، وڻن جا گونچ پٽي کارايا آهن، هنيئر مون تي به ڪوڙ ٿي هڻي. هاڻي مون کي پڪ ٿي وئي ته تو اڳ ۾ جيڪو ڪجهه منهنجن پٽن بابت چيو، اهو ڪوڙ هو. مون تنهنجي چوڻ تي پنهنجن پٽن کي ماري بي عزتو ڪري ڪڍي ڇڏيو.

اهو چئي درزي ڪاوڙ ۾ مٿي پنهنجي ڪمري ڏانهن ويو ۽ ڪٻٽ کولي ان مان هڪ تيز ۽ تکي پاڪي ڪڍي اچي ٻڪري مٿان بيٺو ۽ چوڻ لڳو خوش آهين ته آءٌ توکي ڪنهن ڪاسائي وٽ وڪڻندس يا توکي ڪهي گوشت کائي کپائي ڇڏيندس. آءٌ توکي اهڙي سزا ٿو ڏيان جو تون ساري عمر ياد ڪندين ۽ آئينده اکيون کڻي ڪنهن ڏانهن نهاري به نه سگهندين. اهو چئي پاڪيءَ سان ٻڪريءَ جي سموري کل جا وار ڪوڙي ٽرڙ بڻائي ڇڏيائين.

ٻڪري جي کل اهڙي صاف ڪري ڇڏيائين. جهڙي هٿن جي تري، وارن ڪوڙڻ کان پوءِ ساڳي لٺ جنهن سان هن پٽن کي ماريو هو اها کڻي اچي مٿس ڪڙڪيو ۽ ايتريون ته لٺيون هنيائينس جو مجبورن ٻڪري رسو ڇنائي زوري گهر مان ٻاهر نڪري ڀڄي وئي.

ٻڪري جي ڀڄي وڃڻ کان پوءِ درزي ٿڌو  ساهه کڻي اچي پنهنجي ڪمري ۾ ويٺو. هيڏي هوڏي نظر ڦيرائڻ کان پوءِ چوڻ لڳو ته بي گناهه پٽن کي گهر مان ڪڍي ڇڏيم. هينئر اڪيلو ويٺو آهيان، ويچارا  الائي ڪهڙي پاسي ويا هوندا؟ کين ماني ڳڀو به ملندو هوندو يا نه؟ وري واپس گهر ايندا الائي نه؟اهو سوچي درزي ننڊ پئجي ويو.

درزي جو وڏو پٽ گهر کان نڪرڻ بعد رُلندو پنندو هڪ سوداگر وٽ وڃي نوڪر بيٺو. هن سوداگر جي نوڪري اهڙي ته ايمانداريءَ سان ڏني جو جڏهن اهو سوداگر پنهنجو سمورو مال وڪرو ڪري جهاز هاڪاري ڪنهن ٻي ملڪ وڃڻ جي تياري ڪئي ته ويندي مهل نينگر کي ايمانداري جي بدلي ۾ هڪ طلسمي ميز تحفي طور ڏنائين. ميز ڏيڻ وقت سوداگر کيس ٻڌايو ته هن ميز جي موجودگيءَ ۾ تون ڪڏهن به بک ڪونه مرندين. جڏهن به سفر ۾ توڙي گهر ۾ ميز کي ڇنڊي ڦوڪي پنهنجي اڳيان رکندين ته هڪدم ميز تي هڪ خوبصورت چادر وڇائجي ويندي ۽ ان چادر مٿان هر قسم جو کاڌو، چمچن ۽ پليٽن سميت اچي ويندو. وري جڏهن تون کائي پي ڍؤ ڪري چادر جي ڪنڊ کان وٺي ٿورو ڇنڊڪو ڏيندين، ته هر ڪا شيءِ پاڻ مرادو غائب ٿي ويندي. پوءِ اها  ميز سهيڙي سميٽي ڳوٿري ۾ وجهي، جيڏانهن وڃين آساني سان کڻي سگهندين.

سوداگر کان ميز وٺي هڪ دفعو آزمائڻ بعد ڇوڪرو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ دل ۾ اهو سوچي سفر تي روانو ٿي ويو ته جيستائين منهنجي حياتي آهي ۽ هن ميز جو ساٿ آهي، ته ڪٿي به بک ڪونه مرندس. هڪ ڏينهن سفر دوران هن سوچيو ته گهران نڪتي ڪافي عرصو ٿي ويو آهي، بابي جي ڪاوڙ به ٿڌي ٿي وئي هوندي ٻيو وري جو هي جادوئي ميز  ڏيکاريندو مانس ته ڏاڍو خوش ٿيندو. اها سٽِ سٽي منزلون طئي ڪندوم اچي پنهنجي پيءُ جي شهر ۾ پهتو. پر جيئن ئي شهر ٻاهران پهتو ته هن کي ڏاڍي اوير ٿي وئي هئي ۽ اچي  بک ورايس سو سوچيائين ته سامهون واري مسافر خاني ۾ رات ترسي، پنهنجي جادوئي ميز جي کاڌن جو لطف وٺان. اهو سوچي ويچارو مسافر خاني ڏانهن لڙي پيو. مسافر خانو سڄو مسافرن سان ڀريو پيو هو، جڏهن مسافر خاني جي خدمت گذارن کائنس ماني کائڻ بابت پڇيو ته هن چيو ته توهان جي بورچي جي پچايل ماني ۽ کاڌو مون کي ته وڻندو ئي ڪونه، مون سان پنهنجو بورچي ساڻ آهي، اهو منٽن ۾ سڀ ڪجهه تيار ڪري وٺندو، جيڪڏهن توهان جي دل چاهي ته توهان به پنهنجي مالڪ سميت مون سان گڏ منهنجي ماني کائيندو ته اها منهنجي وڏي  عزت افزائي هوندي. خدمتگارن مسافر خاني جي مالڪ سان ڳالهه ڪئي جنهن کان بعد مسافر خاني جو مالڪ ۽ مزدور گڏجي وٽس ماني کائڻ لاءِ آيا.

هن مهمانن  کي ويهاري ان وچ ۾ ميز سنواري رکي ته يڪدم هر قسم جو طعام، پڪل گوشت، شراب ۽ شربت جي شيشن جا ميز مٿان  ڍير ٿي ويا. مالڪ، مزدورن ۽ درزي جي پٽ دل کولي ماني کاڌي، تڏهن به ماني بچي  پئي. مزي جي ڳالهه ته هيءَ هئي جو جڏهن به ڪوئي ٿانو مهمانن جي کائڻ کان پوءِ خالي پيو ٿئي ته هڪدم اهو ميز تان غائب ٿي پيو وڃي ۽ ان جي جاءِ تي نئون ڀريل ٿانو پهچي پيو وڃي.

جڏهن سڀ مهمان کائي پئي فارغ ٿيا ته درزي جي پٽ ميز تي پيل چادر جي پلاند کي وٺي ٿورو ڇنڊيو ته سڀ ڪجهه ميز تان غائب ٿي ويو.

اهو لقاءُ سامهون ويٺي هڪ زميندار ڏسي ورتو، جنهن سمجهيو ته اهو سڀ ڪمال ان  ميز جو آهي، ڇو نه اها ميز درزي جي پٽ بجاءِ مون وٽ هجي، زميندار اهو سوچي دل ۾ هڪ رٿ رٿي ته جيئن سارو لوڪ ننڊ ڪندو ته آءٌ مسافر خاني جي مٿئين ڪمري مان ان ميز جهڙي ميز رکي اها ميز چورائي وڃان ته ڪيڏو نه مزو ٿي ويندو. جڏهن سڄي  مسافر خاني جا ماڻهو سمهي پيا ته زميندار مٿي وڃي، ان ميز جهڙي ميز آڻي  ڇوڪر جي پاسي ۾ رکي ۽ اصل طلسمي ميز چورائي راتو رات مسافر خانو ڇڏي هليو ويو.

درزي جو پٽ صبح ٿيڻ تي پنهنجو سمورو سامان ان نقلي ميز  سوڌو کڻي جڏهن پيءُ جي گهر پهتو ته پڻس هن کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائنيس ته پٽ هيترو سارو وقت ڪيئن ۽ ڪٿي گذاريئي؟ڇا ڇا ڪمايئي، ڇا ڇا کپايئي؟ ڇوڪر پنهنجي پيءُ سان سمورو احوال سودار جي نوڪري تائين تفصيل سان بيان ڪري کيس ٻڌايو. آخر ۾ اها ميز ڏيکاريندي چيائين ته هن ميز ۾ اهڙي ته ڪرامت آهي جو هن کي ڇنڊي ڦوڪي توهان پنهنجي اڳيان رکندو ته هر قسم جا طعام ۽ شراب ڍير ٿي ويندا، جيترا به ماڻهو هوندا کاڌو کائي پيٽ ڀري اٿندا، پر کاڌو کٽندو ڪونه. پٽ جي طرفان ميز جي ايتري تعريف ٻڌي درزي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائينس ته منهنجا پيارا ٻچڙا ڇو نه اڄ شام تنهنجي خير سان موٽي اچڻ جي خوشي ۾ پنهنجي مائٽن ۽ دوستن کي رات جي مانيءَ جي دعوت ڏجي ۽ پوءِ سڀ گڏجي تنهنجي ميز تي سٺا ۽  مزيدار طعام کائي خوش  ٿيون. درزي جي پٽ چيو اها مون  لاءِ وڏي خوشنصيبي ۽ عزت جي ڳالهه آهي، توهان پنهنجن مائٽن کي ضرور گهرايو. درزي سڀن مٽن مائٽن ۽ دوستن کي پٽ جي واپس ورڻ جي خوشي ۾ گهر اچي ماني کائڻ جي دعوت  ڏئي آيو. اڃا سج ئي مس لٿو ته مانيءَ جي دعوت واري لالچ ۾ درزي جا سڏيا اڻ سڏيا مائٽ ۽ دوست بيشمار اچي گڏ ٿيا.

درزي پنهنجي پٽ کي چيو شاباس منهنجا پٽ هاڻي جلدي ڪري کاڌي جو بندوبست ڪر ته جيئن مهمان کائي خوش ٿي توکي دعائون ڪندا وڃن.

درزي جي پٽ ميز کي ڇنڊي ڦوڪي سڀني مهمانن جي وچ تي رکيو ۽ ميز کي حڪم ڪيو ته سڀني مهمانن لاءِ طعام تيار ڪر.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com