اڃا هاريءَ اها ڳالهه پوري ئي مس ڪئي ته اهو
متارو ماڻهو هنن وٽ پهچي ويو. هو عبرت وارين اکين
سان اکيون ڦوٽاري هاري جي پٽ ڏانهن ڏسي رهيو هو ته
ڪوئي هن هڏ ڪاٺ ۽ جسم وارو ماڻهو به پيدا ٿيندو
آهي ڇا؟ آخر سوچي پڪ ڪري هاريءَ جي پٽ کي هٿ تي
ويهاري وري موٽي وري جبلن ڏانهن هليو ويو. هاري
ويچارو پنهنجي پٽ کي صرف ڏسندو ئي رهجي ويو ۽ اهو
ٿلهو متارو ماڻهو هاريءَ جو پٽ تريءَ تي رانديڪي
وانگر ويهاري ويندو رهيو. پنهنجي موت جي خوف کان
هاري پٽ کي چورائي ويندڙ کي ڪجهه به نه چئي سگهيو.
متارو ماڻهو جڏهن پنهنجي جبلن جي وچ ۾ جهنگ واري
گهر ۾ پهتو ته هن هاري جي پٽ کي بي انتها پيار
ڪيو. پيار به اهڙو جهڙو پنهنجا سڳا ماءُ پيءُ ڪندا
آهن. متاري ماڻهو به جهنگ ۽ جبل جي هر ڪا چيز ۽ هر
قسم جي موسم وارو ميوو آڻي سندس اڳيان ڍير ڪيو.
هاريءَ جو پٽ به ايڏا ڍو ڏسي پنهنجي حقيقي ماءُ
پيءُ کي وساري، ان متاري ماڻهو سان ڏاڍو خوش گذارڻ
لڳو. سٺي خوراڪ بهترين چشمن جو پاڻي ۽ بهتر آبهوا
جي ڪري هاري جي پٽ جو قد ڪاٺ ۽ جسم وڌڻ شروع ٿي
ويو. ٿوري ئي وقت ۾ هاريءَ جو پٽ جو جسم ايترو ته
وڌي ويو جو پنهنجي مالڪ کان به وڌيڪ سگهارو ٿي
ويو.
هڪ دفعي هاري جو پٽ جبل تان لهي رهيو هو ته هن جي
رستي ۾ ٻٻر جو وڻ رڪاوٽ ٿي بيٺو. هن هٿ وجهي ٻٻر
جي وڻ کي پاڙئون پٽي پري اڇلائي پنهنجو رستو صاف
ڪيو. هاريءَ جي پٽ جي ايتري طاقت ڏسي، ان متاري
ماڻهو کيس پيار ڪندي چيو منهنجا ٻچا مون کي جيترو
توکي تاتڻو هو سو تاتيم هاڻي تون گهر وڃي پنهنجي
پيءُ ماءُ جي خدمت ڪر اهو چئي اهو متارو ماڻهو
هاريءَ جي پٽ کي ان هنڌ وٺي آيو جتان هو ٻه سال اڳ
کيس وٺي ويو هو. ان هنڌ پهچڻ بعد ان متاري ماڻهو
ڏٺو ته ساڳيو ئي هاري زمين کيڙي رهيو آهي. ان کي
سڃاڻي پڪ ڪري کيس چوڻ لڳو ته هي تنهنجو ساڳيو پٽ
آهي. جيڪو ٻه سال اڳ آءٌ تو وٽان کڻي ويو هئس.
هاڻي هن جي ضرورت مون کان وڌيڪ توکي آهي. هاري
ويچاري کي ته اکين تي اعتبار ئي ڪونه پئي آيو ته
هي ديو جهڙو جوان منهنجو اهو ڄامڙو پٽ آهي. جنهن
کي، آءٌ ڪوٽ جي کيسي ۾ وجهي زمين تي کڻي آيو هئس،
پر جان جي ڀو کان هاري هائوڪار ڪري پٽ کي ڳلي
لڳايو.
جڏهن اهو متارو ماڻهو هاري جي پٽ کي پيءُ وٽ ڇڏي
هليو ويو ته هاري کي پٽ چيو بابا تون مون کي سڃاڻي
ڪونه سگهين. آءٌ تنهنجو حقيقي پٽ آهيان، جنهن تي
هاري چيس ته نه تون منهنجو پٽ ڪونه آهين. منهنجو
پٽ تو جهڙو ديو ڪونه هو. هاري جي پٽ پيءُ کي راضي
ڪرڻ لاءِ چيو تون ۽ تنهنجا ڏاند ويهي آرام ڪريو،
آءٌ ڪوڏر ۽ ٽيڪم سان توکي سڄي ٻني کيڙي ٿو ڏيان.
اهو چئي هڪ هٿ ۾ ڪوڏر ۽ ٻئي هٿ ۾ ٽيڪم کڻي ٻنهي
هٿن سان زمين ۾ گڏ ڪرڻ لڳو ته ساري زمين کي هيٺ
تائين اُکيلي ويو، جنهن تي پيءُ چيس ته منهنجا پٽ
زمين ۾ گڏ ۽ کيڙ ائين ڪونه ڪبي آهي. تو سموري زمين
۾ ڪٿي دڙا بڻائي ڇڏيا آهن ته ڪٿي وري هيٺانهون
کڏون ٺاهي ڇڏيون آهن. هاڻي مهرباني ڪر سموري زمين
جي ليول ڪري ڏئي ته گهر هلي ماني کائي آرام ڪريون.
هاري جي ديو جهڙي پٽ وري ساڳئي ريت ڪوڏر ۽ ٽيم کڻي
زمين سڌي ۽ هڪ ڪري ڪري بيهاري پوءِ هو ماني کائڻ
لاءِ گهر ڏانهن اسهيا.
پنهنجي مڙس سان گڏ هيءُ ديو جهڙو ماڻهو ڏسي هاريءَ
جي زال ڊڄي وئي ته الائي ڪهڙي بلا منهنجي مڙس سان
گڏ گهر پئي اچي. سو ويچاري چلهه ڇڏي وٺي گهر کان
ٻاهر ڀڳي ته سندس مڙس هڪل ڪندي چيس ته ڊڄ نه هي
مون سان گڏ تنهنجو ڄڻيو ڄامڙو پٽ آهي، جيڪو ٻه ٽي
سال اڳ اسان کان ڪوئي جابلو متارو ماڻهو کڻي ويو
هو، جبل جي چشمن جو پاڻي ۽ خالص اناج ۽ ميون کائڻ
ڪري هي ايترو سگهارو ۽ ديو جهڙو ٿي پيو آهي. مڙس
جي دلجاءِ ڪرائڻ کانپوءِ هاري جي زال کي پيٽ ۾
ساهه پيو ۽ موٽي اچي پنهنجي پٽ سان ملي. جنهن تي
پٽس کيس چيو ته امان بک ڏاڍي لڳي آهي. ماني ڳڀو
کڻي اچ ته کائي بک کي ختم ڪريان. هاري جي زال جنهن
اٺن ڏينهن جي ماني ۽ ڀاڄي ٺاهي رکي هئي، اها سموري
جي سموري ماني ٻن ڍاڪن ۾ وجهي آڻي پٽ جي اڳيان
رکي. هاريءَ جي ديو جهڙي پٽ ماءُ پيءُ جي اٺن
ڏينهن واري گذران کي هڪ ئي ڌڪ سان هڙپ ڪندي پيءُ
کي چيو پيٽ ته ڪونه ڀريو، پر ڏاٺ ضرور گرم ٿي.
توهان ڏاڍا غريب آهيو، منهنجو پيٽ توهان کان پاليو
ڪونه ٿيندو، ان ڪري آءٌ هڪ شرط تي هيءُ گهر ڇڏي
پنهنجي جياپي جو پاڻ بندوبست ڪندس، توهان هڪ اهڙي
لوهي لٺ آڻي ڏيو جيڪا آءٌ پنهنجي گوڏن تي هڻان ته
چٻي نه ٿئي. هاري اهو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ته هيءَ
بلا پنهنجو پاڻ وڃڻ لاءِ راضي آهي. تنهنڪري ڏاند
گاڏي جوٽي لوهر کان هڪ ڊگهو ۽ مضبوط لوهو پائيپ
خريد ڪري گاڏي تي رکرائي اچي پٽ کي چيائين ته
منهنجا ديو جهڙا پٽ! هي لوهي پائيپ کان وڌيڪ ڳرو
لوهه لوهر وٽ هيوئي ڪونه. هيءُ به مشڪل سان ڏهن
ماڻهن جي مدد سان کنيو اٿم. جنهن تي هاريءَ جي پٽ
هڪ هٿ سان اهو لوهي پائيپ کڻي پنهنجي ڄنگهه تي
هنيو ته چٻو ٿي پيو ۽ پيءُ کي چيائين ته منهنجي
مطلب جي شيءِ ته ڪونه آندي اٿو، مڙيئي گذاري لائق
آهي. ائين چئي ٻنهي هٿن سان زور ڏئي لوهي پائيپ کي
سڌو ڪري ڪلهي تي رکي پيءُ ماءُ جي گهر مان نڪري
ويو.
سڄو ڏينهن پنڌ ڪرڻ کان پوءِ کيس خوبصورت شهر نظر
آيو، هاريءَ جي پٽ سوچيو ته ههڙي سکئي ستابي شهر
۾ ڪا نه ڪا نوڪري ملي ويندي. ان ڪري پهريائين
لوهار جي دڪان تي آيو، لوهار به ڏاڍو ڪنجوس هو
ڪنهن کي پئسو به نه بخشيندو هو. جن مزدورن کي پاڻ
وٽ ڪم ڪرائيندو هو انهن کي رڙائي رڙائي مزدوري
ڏيندو هو. باقي پاڻ وٽ جام پئسو هوندو هئس.
هاريءَ جي پٽ لوهر کي چيو جيڪڏهن توکي نوڪر جي
ضرورت هجي ته آءٌ حاضر آهيان. لوهر ڇوڪر جي جسماني
۽ سگهاري بناوٽ ڏسي لوهار سوچيو ته آهي ته متارو
مڙس، پر مزدوري الائي ڪيتري وٺي، سو اهو سوچي
چيائين ته مزدوري گهڻي وٺندين؟ ڇوڪر چيس آءٌ
مزدوري ڪونه وٺندس ۽ ڪمائيندس به دل تي پر هر
پندرهين ڏينهن جڏهن تون ٻين مزدورن کي پئسا
ڏيندين. تڏهن مان توکي صرف ٻه ٿڦڪيون پٺيءَ تي
هڻندس. لوهر لالچي هو هن سوچيو هيڏو سارو ڀيم جوان
پندرهين ڏينهن مفت ۾ ڪمائي، جيڪڏهن منهنجي پٺيءَ
ته ٻه ٿڦون هنيائين ته منهنجي گهران ڇا ويندو؟ پر
هن جي پندرهن ڏينهن جي ڪمائي سان منهنجي دولت ۾
ته واڌرو ٿيندو. سو، جلد ئي ها ڪري ڇڏيائن. متاري
ڇوڪر پندرهن ڏينهن دل لڳائي ڪمايو، سورهن ڏينهن ڪم
تي وڃڻ کان اڳ، لوهر کي چيائين منهنجي مزدوري وارو
شرط پورو ڪر ته پوءِ آءٌ ويندس. لوهر هن کي دلاسو
ڏيندي چيو، اڄوڪو ڏينهن ته خير سان ڪمائي اچ، نه
تون ڪيڏانهن ڀڄي ويندين ۽ نه ئي مان وري ڪو شهر
ڇڏي ويندس. سگهارو نينگر جڏهن سورهون ڏينهن ڪمائي
موٽيو ته لوهر پنهنجي بٺيءَ تي ويٺو هو. هن سوچيو
ڇورو اڄ پنهنجي مزدوري ضرور وٺندو، ان ڪري هن سان
ڪائي اٽڪل ڪرڻ گهرجي لوهر ڇا ڪيو جو هڪ تتل سيخ
سنداڻ (لوهي اڏي) تي رکندي کيس چيو ته هن کي ته
هڪڙو ڌڪ هڻ، متاري جوان جيئن ئي مترڪو کڻي لوهي
سيخ تي ڌڪ هنيو ته سيخ ذرا ذرا ٿي وئي، پر سنداڻ
ايترو ته زمين ۾ اندر هليو ويو. جو ملڻ محال ٿي
پيو، ان تي لوهر ڪاوڙجي سگهاري ماڻهو کي گهٽ وڌ
ڳالهائيندي چيو ته تون ته ڪو بيڪار ماڻهو آهين.
ڪنهن ڪم ڪرڻ جو تو وٽ سليقو ڪونهي ان ڪري مون کي
تو جهڙو نڪمو نوڪر نه گهرجي. ڇوڪر چيس ٺيڪ آهي تون
مون کي پاڻ وٽ نه ٿو بيهارين ته منهنجي پهرين
مزدوري ته مون کي ڏي.لوهر چيس ڇا جي مزدوري
ڏيائينس، سڀ ڪم ته اڻپورو ڪيو اٿئي. لوهر جا اهي
لفظ ٻڌي متارو سمجهي ويو ته لوهر جي مزدوري ڏيڻ
واري نيت نه آهي. ان ڪري ڪاوڙ ۾ ايندي اهڙي لپاٽ
هنيائينس جو لوهر جو جسم هوا ۾ اڏامي وڃي هيٺ ڪريو
۽ پوءِ متارو نينگر لٺ ڪلهي تي رکي رمندو ٿيو.
رستي هلندي هن کي بک ۽ اڃ تنگ ڪيو، سامهون ئي کيس
باغ نظر آيو ۽ باغائي وٽ مهمان ٿيو ۽ باغائي کي
چيائين ته جيڪڏهن توکي مزدور جي ضرورت هجي ته آءٌ
حاضر آهيان.
باغائي چيس نوڪر ۽ مزدور مون وٽ ٻيا به گهڻا آهن،
پر جيڪڏهن تون بيروزگار آهين ته لاچار توکي به پاڻ
وٽ مزدور ڪري رکان ٿو، پر اها ڳالهه ته ٻڌاءِ تون
مزدوري ڪيتري وٺندين؟ ڇوڪر اهو ساڳيو ئي شرط
دهرايو جيڪو هن لوهر سان رکيو هو. اها ڳالهه ٻڌي
باغائي سوچيو هي سولو مزدوري آهي. پندرهين ڏينهن
مزدوري جون ٻه ٿڦون منهنجون ڪهڙو خزانو کٽائي
وجهنديون، اهو سوچي هن جوان کي پنهنجي ڪم تي لڳائي
ڇڏيو ۽ ساڻس هڪ سال جو مدو طئي ڪيو. متارو جوان
جنهن وٽ به بيهندو هو تنهن جو ڪم سچائي سان ڪندو
هو، پر پوءِ ماڻهن کي هن جو ڪم الائي ڇو نه وڻندو
هو.
هڪڙي ڏينهن مزدورن جي جمعدار متاري ڇوڪري کي ننڊ
مان جاڳائي چيو ته ٻيا سڀ مزدور ڪم تي روانا ٿي
ويا آهن ۽ تون اڇا تائين ستو پيو آهين. هن جمعدار
کي چيو تون پنهنجي ڪم سان ڪم رک آءٌ پنهنجي ننڊ
پوري ڪري، پوءِ ڪم تي هلندس. گهڻي مٿا ڪٽ کان پوءِ
جڏهن مزدورن ۽ جمعدار ڏٺو ته هي ننڊ مان نٿو اٿي
ته آخرڪار ڪڪ ٿي سڀئي پنهنجي ڪم تي هليا ويا.
هوڏانهن مزدورن ۽ جمعدار جي کِٽِ ڦِٽِ مان جان ڇٽڻ
بعد ٻه ٽي ڪلاڪ وڌيڪ ننڊ پوري ڪري ماني کائي گاڏي
جوٽي هليو ته ڏٺائين ته اڌ ڏينهن گذري ويو آهي.
منهنجا ساٿي پنهنجو ڪم پورو ڪري موٽڻ وارا هوندا.
هاڻي اهڙي اٽڪل ڪيان جو جيستائين آءٌ ڪم پورو ڪري
نه اچان تيساتئين هنن کي مالڪ تائين پهچڻ نه ڏيان،
ڇا ڪيائين جو جهنگ ۾ جيڪو رستو مزدورن جي اچڻ وڃڻ
جو هو، ان رستي تي ٻنهي پاسن کان پاڙن سوڌا وڻ پٽي
آڻي ڍير ڪري هميشه لاءِ بند ڪري گاڏي ڪاهي پنهنجي
ڪم واري هنڌ ڏانهن راهي ٿيو. اڃا هو پنهنجي ڪم
واري هنڌ تي پهتو ئي ڪونه ته ڏسي سندس ساٿي پنهنجو
ڪم پورو ڪري گاڏيون ڀريو موٽيا ٿا وڃن. هن انهن کي
سلام ڪندي چيو هلو آءٌ به جلد ڪاٺ وڍي گاڏي ڀري
موٽي توهان کي جهٽ ٿو پهچان. متارو نينگر وڃي وڻن
وڍڻ ۾ لڳو ۽ ڏسند ئي ڏسندي ڍير ڪري وڌائين.
گاڏي جوٽي جڏهن ساڳي رستي تي پهتو ته ڏٺائين ته
سندس ساٿي اڃا تائين پيا وڻ پاسي ڪن، گاڏين جي
لنگهڻ لاءِ رستو ٺاهين. هن ايندي شرط چين، هوند
توهان به مون وانگر ٽي ڪلاڪ وڌيڪ ننڊ ڪريو ها ته
رستي جي صفائي ۾ ايتري دير ئي ڪانه لڳايو ها. ايئن
چئي پنهنجي گاڏي تان لهي سوير وانگر ڪنهن وڻ کي
لام کان وٺي اڇلايائين ته ڪنهن کي ٿڙ کان ائين اک
ڇنڀ ۾ رستو صاف ڪري. پنهنجي گاڏي، ڪاٺ ۽ ڏاندن
سوڌي ڪلهي تي کڻي ساٿين کان اڳ ٽپائي اچي مالڪ وٽ
پهتو. مالڪ سڀني کان اول متاري جوان کي ڏسي زال کي
چيو هيءُ ڇوڪرو ڏاڍو ڪارائتو آهي. جيتري گهڻي ننڊ
ڪري ٿو، اوترو تڪڙو ڪم ڪري ٿو، ان ڪري، هن جي ماني
ٽڪي جو مڙيئي ٻين کان سرس خيال ڪندي ڪر.
اهڙي طرح متارو نينگر باغائي وٽ ڪمائيندو رهيو. پر
وقت گذرندي ويرم ئي ڪانه ٿي لڳي. اک ڇنڀ ۾ سال به
پورو ٿي ويو. ٻين مزدورن باغائي کان پنهنجي مزدوري
حاصل ڪري کائي به ڇڏي پر، ويچاري سگهاري ڇوڪر سان
باغائي اڄ سڀاڻي ڪندو ٽارندو رهيو. آخر تنگ ٿي
متاري ڇوڪري باغائي کي چيو جيڪڏهن اڄ تون مون کي
پنهنجي مقرر ٿيل مزدوري نه ڏيندين ته پوءِ مون کي
جيئن وڻندو تيئن ڪندس. مون کي ميار نه ڏجو. متاري
ڇوڪري جي دڙڪي تي باغائي سمجهي ويو ته هيءُ ديو
متان ڇا مان ڇا ڪري وجهي. ان ڪري کيس لالچ ڏيندي
چيائين هڪ ڳالهه ٻڌ! تون پنهنجي ڪيل قول تان هٽي
وڃ آءٌ توکي ساري سال جي مزدوري جي عيوض هيءُ
سمورو باغ لکي ٿو ڏيان. جنهن تي ڇوڪر ضد ڪري بيٺو
ته مان ڪڏهن به پنهنجي ڪيل واعدي تان نه ڦرندس ۽
سڄي سال جي محنت جي بدلي تو کي ٻه ٺونشا ضرور
هڻندس. باغائي پريشان ٿيندي اها ڳالهه پنهنجي زال
سان ڪئي. زال پنهنجي مڙس کي صلاح ڏيندي چيو ته
ميان سر کان وڌيڪ ڪائي قيمتي شيءِ ڪانه آهي. هيءُ
مست ته ٻه ٺونشا ٿو چوي تون ته هڪ ٺونشي سان وڃي
ٻي جهان ۾ پهچندين. پوءِ اها ملڪيت ڪهڙي ڪم جي
هاڻي هينئن ڪر جو ان چرئي کي چئه ته هڪ سال جي
مزدوري ۾آءٌ توکي باغ سان گڏ ڪاٺ جي مڏي ۽ ان جو
نفعو سڀ توکي لکي ٿو ڏيان ۽ تون لکن ڪروڙن جي
ملڪيت جو مالڪ بڻجي، ساري عمر عيش ۽ آرام ڪر. زال
واري صلاح وٺي باغائي جڏهن اها ڳالهه سگهاري جوان
سان ڪئي ته ان چيو مون کي ملڪيت جي ضرورت ان ڪري
ڪونهي جو مون کي امير ٿيڻ جو شوق ئي ڪونهي. آءٌ
مزدور آهيان، مزدور ٿي رهندس. جيڪو مزو مون کي
پورهئي مان اچي اهو اميري ۾ مون کي ڪٿي نه ملندو.
هاڻي جلدي ڪري مون سان پنهنجو واعدو پار ۽ مون کي
ٻه ٺونشا هڻڻ ڏي ته منهنجو حق ادا ٿي وڃي. باغائي
جڏهن ڏٺو ته هيءُ ڪنهن بهاني پنهنجي واعدي کان نه
هٽندو، سو منٿ ڪندي چيائينس ته هاڻي ڀلا هڪڙو ڪم
ڪر، مون کي پندرهن ڏينهن جي مهلت ڏي ته آءٌ ڪجهه
کائي پيءُ سگهو ٿي وٺان ته تنهنجي ٺونشي جو ڌڪ به
پچائي سگهان. سگهاري نينگر چيو، پرواهه نه آهي،
جتي سڄو سال گذري ويو آهي، اتي پندرهن ڏينهن به
پري ڪونهن. ائين چئي پنهنجي ڪم تي هليو ويو.
باغائي کي جو پندرهن ڏينهن جي مهلت ملي وئي تنهن
يارن دوستن، مٽن مائٽن کي گهرائي ساڻن صلاح ڏيو ته
هن مان جان ڇڏائڻ جو ڪهڙو وسيلو اختيار ڪيان.
باغائي جي مائٽن گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ فيصلو
ڪيو ته هن کي مارائڻ کان سواءِ تنهنجي جان ڇٽڻ جو
ڪو ٻيو چارو ڪونهي.
باغائي چيو ڳالهه ته درست آهي، پر هن کي ماريندو
ڪير؟ جيڪڏهن کيس ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي ته هيءُ
مون کي مارائڻ گهرن ٿا ته موٽ ۾ هي اسان سڀني کي
ماري ڇڏيندو. سڀن سڄڻن چيو اها ڳالهه به درست آهي.
پوءِ هنن اها صلاح بيهاري ته باغ جي ٻاهرين پاسي
هڪ پراڻو ڦٽل کوهه آهي، ان جي آسپاس وڏن پٿرن جا
ڍير گڏ ڪرائي رکجن۽ متاري مڙس کي چئجي ته اسان ان
کوهه جي مرت ڪرائي ان جو پاڻي باغ لاءِ استعمال
ڪرڻ چاهيون ٿا. تون چنجور کڻي کوهه ۾ لهي ان جي
صفائي ڪر وٺ ته جيئن کوهه مان پاڻي حاصل ڪرڻ ۾
آساني ٿئي، پوءِ جيئن ئي هي کوه ۾ اندر وڃي ته
مٿان پٿرن جا وسڪارا ڪري کيس کوهه ۾ اندر ئي اندر
ماري پوري ڇڏجي. ٻئي ڏينهن باغائي کوهه جي صفائي
بابت متاري نينگر کي اندر لاٿو هيءُ جيئن ئي کوهه
اندر لٿو ته باغائي ۽ سندس ماڻهن کوهه وٽ رکيل پٿر
زور سان مٿس اڇلڻ شروع ڪيا ته اندران سگهارو نينگر
رڙيون ڪري چوڻ لڳو ته اهو ڇا ٿا ڪيو، ڇيڻا ۽ ٻڪرين
جون ڦولهڙيون اندر ڇو ٿا اڇلايو؟ انهن جي ڪرڻ سان
هيٺان واري مٽي منهنجي اکين ۾ پوي ٿي ۽ آءٌ ڪم
ڪري نٿو سگهان. جنهن تي ٻاهران بيٺل باغائي چوڻ
لڳو ته اسان ڪونه ٿا اڇلايون ميدان تي هڪ وڏو
واچوڙو آيو آهي. جيڪو سڀ ڪجهه ميڙي اندر اڇلائي
ٿو. آخر ڪار جيترا پٿر رکيل هئا، باغائي جي ٽولي
سڀ اندر اڇلايا، نيٺ سگهارو نينگر اتان به صحيح
سلامت نڪري آيو. نينگر جي کوهه مان ٻاهر نڪرڻ تي
باغائي ڏاڍو ششدر ٿيو ۽ آخر هن سان ڪيئن منهن ڏجي؟
نيٺ هڪڙي پوڙهي صلاح ڏنس ته هتان پنج ڪوهه پري
فلاڻي ماڻهو وٽ جانڊاهه آهي. ڏينهن جو ته هر ڪوئي
ماڻهو جانڊاهه ڦيرائي اٽو پيهي وڃي ٿو، پر سج لهڻ
کان پوءِ ان جانڊاهه تي پنهنجو مالڪ به ڪونه ويندو
آهي. ڇو ته ان جي ڀرسان ڪنهن ڍيڍ وٽ جن جو آستانو
آهي. جتي هو پنهنجي ٻارن ٻچن سميت رهندو آهي.
ڏينهن جو ته جنُ پنهنجي ڪم ڪار سان پري هليو ويندو
آهي. پر رات جو موٽي پنهنجي آستاني تي اچي آرام
ڪندو آهي. رات جو جيڪڏهن ڪو به ماڻهو ان جانڊاهه
کي اچي ڇيڙيندو آهي يا ڪوئي حل پيدا ڪندو آهي ته
اهو جنُ ان ماڻهوءَ کي ماري ڇڏيندو آهي. ڪيترائي
ڀليل ماڻهو صرف رات رهڻ لاءِ جانڊاهه وٽ اچي
ٽڪندا آهن ته جن انهن کي به ماري ڇڏيندو آهي.
پيرسن، باغائي کي، وڌيڪ چيو ته تون ٻه ٽي مڪئي جون
ٻوريون صاف ڪري رک، سج لهڻ مهل هن کي چئه ته اهي
ٻوريون کڻي انهيءَ جانڊاهه تي وڃي پيهي اچ، هو
جيئن ئي جانڊاهه تي پهچي ڪم شروع ڪندو ته جنُ به
سندن اچي پٺا وٺندو پر مون کي پڪ آهي ته سج اڀرڻ
کان اول جن متاري ڇوڪر جو ڪم تمام ڪري ڇڏيندو ۽
تنهنجي جان هميشه لاءِ ڇٽي پوندي. ٻئي ڏينهن تي
باغائي مڪئي جو بندوبست ڪري سج لهڻ مهل متاري ڇوڪر
کي اٽي پيهڻ لاءِ حڪم ڏنو. پنهنجي مالڪ جو حڪم
ٻڌي سگهاري جوان هڪڙي ٻوري کي پنهنجي هڪ ڪوٽ جي
کيسي ۾ وڌي ۽ ٻي ٻوري ٻئي کيسي ۾ وڌي باقي ٻورين
کي پنهنجي چادر ۾ ويڙهي جانڊاهه طرف روانو ٿيو.
جانڊاهه جو مالڪ اونداهه ٿيڻ سبب جانڊاهه کي تالو
هڻي پنهنجي گهر وڃي رهيو هو ته سگهاري نينگر به
وٽس پهچي جانڊاهه جو دروازو کولڻ لاءِ ضد ڪرڻ
لڳو. آخر چاٻيون وٺي تالو کولي اٽو پيهڻ لڳو. اڌ
رات ڌاري سمورو اٽو پيهي ٻورين ۾ بند ڪري پنهنجي
چادر وڇائي جانڊاهه واري ڇاپري ۾ ئي سمهي پيو. اڃا
اک مس لڳس ته دروازي جي کلڻ جي آواز تي جاڳئي پيو
ڇا ٿو ڏسي ته هڪ ميز آهي. جنهن تي هر قسم جا طعام
تيار پيا آهن. سگهاري نينگر جو وات پاڻي پاڻي ٿي
رهيو هو ۽ هو کائڻ لاءِ سوچي رهيو هو ته ڏٺائين ته
هڪ هٿ جون صرف پنج آڱريون آهن. جيڪي ڇرين ۽ چمچن
سان کاڌو پليٽ ۾ وجهڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون. سگهاري
سوچيو مان به سڄو ڏينهن بکيو رهيو آهيان، جيستائين
هٿ جون آڱريون کاڌو کڻن تيستائين جهٽ ڏئي ميز تي
رکيل سمورو کاڌو کائي هيڏي هوڏي نهارڻ لڳو ته من
ڪو ٻيو به کاڌو اچي ته کائي وٺان. جڏهن ٻيو کاڌو
نه آيو ته ميز تي رکيل سموري شراب گگهين مان پيءُ
ڍؤ ڪري خالي ڪري ڇڏيون. جڏهن هن سڀ ڪجهه کائي
کٽايو ته ميز پاڻ مرادو غائب ٿي وئي. سگهاري ڇوڪر
چادر وڇائي تختي تي سمهي پيو. ٿوري دير ۾ سندس مغز
۾ هٿوڙن جو ٺڪاءُ ٿي پيو. ساري رات هن مٿان هٿوڙا
وسندا رهيا. پر هو پاڻ به پڄڻ لائق هو. سو هن کي
ڪو خاص فرق نه پيو. صبح ٿيو ته جانڊهه جو مالڪ
سوير ئي اچي نڪتو ۽ نينگر کي جيئرو ڏسي چوڻ لڳو
وڏو ڪو بخت وارو آهين، جو بچي ويو آهين. پر اها
ڳالهه ته ٻڌاءِ تون سان هيءُ هيڏي ساري دشمني ڪري
ڪنهن توکي مارائڻ لاءِ موڪليو آهي. سگهاري نينگر
جانڊاهي کي سڄو قصو ڪري ٻڌايو. جانڊاهي چيس تون
جابلو ماڻهو هڪ ڳالهه ڪرڻ وارو آهين. تنهنجي نيت
به صاف آهي، پر هي ميداني ماڻهو وڏا اندر جا پليت
هوندا اٿئي. چڱائي اها اٿئي ته هتان موٽي اٽو
مالڪ کي پڄائي پوءِ هي ڏيهه ڇڏي وڃ. نه ته هتان جا
اٽڪلي ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن عذاب ۾ ڦاسائي مارائي
ڇڏيندءِ. جانڊاهي جي ڳالهه ٻڌي اٽو کڻي باغائي وٽ
پهتو ته باغائي به حيران ۽ پريشان هن کي دري مان
ڏسي خوشامد ڪرڻ لاءِ هيٺ آيو. سگهاري نينگر به اٽو
رکندي ٺڪاءُ جو ٺونسو ڪڍرايس ته باغائي هوا ۾ ڪک
پن وانگر اڏامندو نظر کان اوجهيل ٿي ويو. ايتري ۾
باغائي جي زال رڙيون ڪندي ٻاهر آئي ته ان کي به
ساڳئي طرح هٿوڙن جهڙي مڪ وهايائين ته هوءَ به
مڙس جي پويان هوا ۾ اڏامندي وئي. جنهن کان پوءِ
اها پيءُ واري لوهي لٺ کڻي جبل طرف موٽي هليو ويو.
خوش قسمت هينس
ڪجهه ماڻهو ڏاڍا خوش بخت هوندا آهن. ڄمڻ سان ئي
ڀاڳ سندن غلام هوندو آهي. هڪ چوڻي موجب ڄائي ڄام،
وات ۾ ڄڻ ته سونو چمچو هوندو آهي. جن کي ڄمندي
ڄام به چيو ويندو آهي. هينس به انهن بخت وارن مان
هڪڙو هو. جيتوڻيڪ سندس پيدائش غريب گهراڻي ۾ ٿي
هئي. پر سندن بخت اڳيان غربت ڪائي رڪاوٽ ڪونه بڻجي
سگهي ۽ ترقي واريون منزلون خودبخود طئي ٿينديون
رهيون.
هينس شروع ۾ غربت سبب هڪ شاهوڪار جو ملازم ٿي
نوڪري ڪرڻ لڳو، جتي سندس بخت ڌوڙ مان ڌن ٿيو. پورا
ست سال پنهنجي مالڪ جي نوڪري ۽ خدمت ڪرڻ کان پوءِ
هينس سوچي ته ڇو نه هاڻي محنت جو اجورو وٺي. پوڙهي
امڙ جي خدمت ڪريان. آخر ان جو به ته مون تي حق
آهي. اهو سوچي دل جي مراد پنهنجي مالڪ اڳيان بيان
ڪيائين. هينس جو مالڪ پنهنجي نوڪر جي ڳالهه ٻڌي
ڏاڍو خوش ٿيو. چيائين نصيب وارا آهن اهي ٻار جن جي
عمر، پوڙهي والدين جي خدمت ڪندي گذرندي آهي. سو
هينس کي سندس ايمانداري ۽ ڀلاين جي عيوض سندس مٿي
جيڏو چانديءَ جو ٽڪر انعام ۾ ڏنائين.
هينس چانديءَ جي مليل ٽڪر رومال ۾ ويڙهي پنهنجي
ماءُ ڏي، ڳوٺ طرف روانو ٿي ويو. هينس رستي تي
آهستي آهستي هلي رهيو هو ته سامهون ڏٺائين ته هڪ
خوش پوشاڪ امير، خوبصورت سنجن واري گهوڙي تي وڏي
آرام سان اچي رهيو آهي.
هنيس امير گهوڙي سوار کي ڏسي چيو اهو گهوڙي سوار
ڪيترو نه خوشنصيب آهي. جو ڪيتري آرام سان بالم لڳو
گهوڙي تي چڙهيو ويٺو آهي. کيس نه سفر جي تڪليف جو
احساس آهي. نه پيادل هلڻ جو ۾ نه ئي وري بوٽن تي
رستي جي مٽي ۽ دز جو خيال اٿس.
هينس اهو سڀ ڪجهه پنهنجي منهن ڳالهائي رهيو هو ته
گهوڙي سوار کي به هن جو منهن ڏسي اندازو ٿي ويو
ته هو ڪجهه منهنجي باري ۾ سوچي رهيو آهي. تنهن،
گهوڙي کي هينس جي ڀرسان جهليندي چيو: ”دوست سمجهه
۾ اچي ٿو ته تون ذهني طور ڏاڍو پريشان آهين.“
گهوڙي سوار جي ڳالهه ٻڌي هينس وراڻيو: ”واقعي!
تون سچ ٿو چوين.“
منهنجي هن رومال ۾ هيڏو سارو چاندي جو ٽڪر ٻڌل
آهي. هڪ ته هن جو وزن آهي ۽ ٻيو پنڌ جي تڪليف، ڄڻ
ته جان کان ئي بيزار ٿي پيو آهيان.
گهوڙي سوار چيس : ” جيڪڏهن تون چاندي جي بار کان
بيزار ٿي پيو آهين ته هيئن ڪر جو اها چاندي مون
کي ڏئي ڇڏي ۽ آءٌ توکي هي خوبصورت سجايل گهوڙو ڏئي
ٿو ڇڏيان. هن گهوڙي تي چڙهڻ کان پوءِ، تون وڏي
آرام سان پنهنجي گهر هليو ويندين. جنهن تي هينس
گهوڙيسوار کي چيو ڳالهه ته تو ڏاڍي سٺي ڪئي آهي،
پر آءٌ نٿو چاهيان ته جنهن ڏک ۽ تڪليف سان آءٌ
هيءَ چاندي کڻي هلي رهيو آهيان، اها تڪليف پاڻ تان
لاهي تنهنجي مٿي تي رکان. منهنجو ضمير مون کي
اجازت نٿو ڏئي ته آءٌ پنهنجي جان آجي ڪري ٻئي کي
تڪليف ۾ وجهان. ڇو ته هن چاندي جي وزن ڪري توکي بي
انتها اذيت مان گذرڻو پوندو.
هينس جي واتان همدردي وارو جملو ٻڌي، گهوڙيسوار ٽپ
ڏئي گهوڙي تان لٿو ۽ گهوڙي جون واڳون سندس هٿ ۾
ڏيندي چيو تون پرواهه نه ڪر آءٌ ڄاڻان ۽ چانديءَ
جو وزن ڄاڻي. باقي تون گهوڙي تي چڙهي آرام سان وڃي
پنهنجي منزل تي پهچ.
پر هڪڙي ڳالهه ياد رکجان ته جيڪڏهن تو کي گهوڙو
تيز ڊوڙائڻو آهي ته زور سان دانهون ڪجانءِ ته
گهوڙو ڊوڙڻ شروع ڪندو. پوءِ جيترو تيز رڙيون ڪندين
گهوڙو ايترو تيز ڊوڙندو. پر، جيڪڏهن آرام سان
ڳالهائيندين ۽ ڳائيندين ته گهوڙو به آرام سان پيو
هلندو.
گهوڙي جي مالڪ وٽان هدايتون حاصل ڪري هينس چانديءَ
جو ٽڪرو گهوڙي سوار جي حوالي ڪيو ۽ پاڻ ٽپ ڏئي
گهوڙي تي چڙهي وڏي آرام سان ڳائڻ لڳو ته:
نه ڏک آ نه سور آ
سڀاڻي جو فڪر، نه اڄ جو خيال آ
زندگي آ ته مزا ماڻيندس ۽ ڳائيندس.
راڳ جي مزي۽ سواري وارو سک ماڻڻ کان پوءِ هن
گهوڙي جي تيز رفتار وارو سواد حاصل ڪرڻ لاءِ زور
سان رڙيون ڪيون. جيئن ئي هن زور سان رڙيون ڪيون
گهوڙو تيئن تيز رفتاري سان ڊوڙڻ لڳو. گهوڙي جي تيز
رفتار کان وڌيڪ مزو وٺڻ لاءِ هينس اڃا به زور سان
رڙيون ڪيون ته گهوڙو به هوا سان ڳالهيون ڪرڻ لڳو.
تيز رفتاري جي ڪري هينس جو وزن به هلڪو ٿيڻ لڳو ۽
پاڻ جهلي نه سگهيو، خبر تڏهن پيس جو گهوڙي جون
واڳون سندس هٿ مان نڪري ويون ۽ پاڻ ڌڙام سان اچي
رستي تي ڪريو ۽ سڄو سارو مٽي ۾ ڀڀوت ٿي ويو. هينس
اڃا پاڻ سنڀالي پيرن تي مس بيٺو ته ڏٺائين ته
گهوڙو ساڳئي رفتار سان ڊوڙي رهيو آهي. هن ڪوڪرا
ڪري پري بيٺل ڳئون چاريندڙ ڌنار کي چيو يار وارو
ڪجانءِ، گهوڙو پڪڙي وٺجانءِ، جو مون کي ڪيرايو ڀڳو
ٿو وڃي. ڌنار ڳئن جو کير، مکڻ کاڌو سهارو جوان هو
تنهن هڪدم ڊوڙ پائي گهوڙي جي لغام هٿ ۾ جهلي آڻي
هينس کي ڏنو.
گهوڙي جو لغام هٿ ۾ جهليندي هينس چيو گهوڙي تي
سواري ڪرڻ ڪيتري بدنصيبي آهي، نصيب ته هن ڌنار جو
آهي، جيڪو سڄو ڏينهن ڳئون چاري شام جو آرام سان
ڳئون ڏهي ان جو کير ڪجهه پاڻ پيئي، ڪجهه مان
ڌوئرو، مکڻ ، لسي ٺاهي کايو پيو عيش ڪندو پيو وتي.
اهو سوچي ڌنار کي چيائن ته جيڪڏهن آءٌ پنهنجو
گهوڙو سهڻن سنجن سوڌو توکي ڏئي ڇڏيان ته تون مون
کي پنهنجي ڳئون ڏيندين؟
ڌنار پڇيس ته ڳئون جي بدلي ۾ گهوڙو وٺڻ منهنجي
لاءِ سودو مهانگو ڪونهي پر تون اهو ٻڌاءِ ته مون
سان اهو نفعي وارو سودو ڇو ٿو ڪرين؟ جنهن تي هينس
چيو ته: ”هڪ دفعو گهوڙي تان ڪرڻ کان پوءِ آءٌ
سمجهي چڪو آهيان ته گهوڙي جي سواري ڪرڻ سٺو ڪم نه
آهي. پر ان جي مقابلي ۾ ڳئون چارڻ کير، مکڻ، اپائڻ
وارو پاڙي جي خدمت ڪرڻ سٺو ڪم آهي. ان ڪري آءٌ
گهوڙي جي مقابلي ۾ توکان ڳئون وٺڻ گهران ٿو.
ڌنار لاءِ اهو سودو ڏاڍو نفعي وارو هو. ان ڪري هن
ڳئون هينس جي حوالي ڪري، گهوڙي تي لانگ ورائي
پنهنجي گهر ڏانهن روانو ٿي ويو. گهوڙي ۽ ڌنار کان
واندو ٿي، هينس سڀ کان پهرين پنهنجا ڪپڙا جيڪي
گهوڙي تان ڪرڻ سبب مٽي ۾ مٽيءَ هاڻان ٿي ويا هئا،
اهي صاف ڪيا. ان کان پوءِ پنهنجي ڪوٽ جي صفائي
ڪيائين، پوءِ پاڻ وڻ هيٺان ليٽي پيو ۽ پنهنجي
سامهون ڳئون کي چارڻ لاءِ ڇڏيائين. ڳئون کي چرندو
ڏسي هينس وري به سوچڻ لڳو ته گهوڙي جي بدلي ڳئون
جو سودو مون کي ڪيترو نه سهنجو ۽ سولو پيو آهي.
سارو ڏينهن پيو آرام ڪندس ۽ ڳئون به پاسي ۾ بيٺي
گاهه پئي چرندي. هاڻي صرف هڪ لوٽو وٺڻو پوندو.
جنهن وقت به بک لڳندي ان وقت ڳئون ڏهي کير پي ڍؤ
ڪندس. هينس جي ماءُ جو گهر اڃا پري هو ته رستي ۾
هلندي هن کي ڏاڍي گرمي لڳي. سارو جسم پگهر ۾ شل ٿي
ويس. زبان خشڪ ٿي ويس. ان پريشانيءَ ۾ سوچندي
چيائين ته مان به ڪيترو، بيوقوف آهيان. جڏهن ڳئون
ساڻ آهي ته آءٌ ان کي ڏهي ان جو کير پي پنهنجي اڃ
مٽائي سگهان ٿو. اهو سوچي ڳئون کي هڪ وڻ سان ٻڌي
ونگ وجهي جيئن ئي هن ڳئون کان کير ڏهڻ جي ڪوشش ڪئي
ته ڳئون ڪاوڙ منجهان ٺڪاءُ لت مٿي تي وهائي
ڪڍيس.
مٿي تي لت لڳڻ سان هينس جي اميدن تي ڄڻ ته پاڻي
ڦري ويو. هن ڳئون ان اميد تي ورتي هئي ته هيءَ مون
کي کير مکڻ ڏيندي. آءٌ سکيو ستابو گذاريندس. پر،
ڳئون ته هڪ ڦڙو به کير جو ڪونه ڏنس. اٽلو لت هڻي
مغز ڦيرائي ڇڏيس. هينس جيئن ئي بيهوش ٿي رستي تي
ڪِريو پيو هو ته اتان هڪڙو ڪاسائي اچي لنگهيو.
هينس کي بيهوش ڏسي پنهنجي ٿيلهي مان هڪ پاڻي جي
بوتل ڪڍي ان مان پاڻي جا ڪجهه ڦڙا وات ۾ وڌس ۽
ڪجهه منهن تي ڇنڊا هنيائين ته هيءَ اٿي کڙو ٿيو ۽
ڪاسائي جو شڪر ادا ڪرڻ لڳو ته تو ڳئون مان کير جا
گوها منهنجي وات ۾ وجهي مون کي هوش ۾ آندو آهي.
جنهن تي ڪاسائي چيس مون تنهنجي وات تي ڪراڙي ڳئون
جو کير نه پر پاڻي وڌو آهي.
تنهنجي ڳئون ته اهڙي ڪراڙي آهي، جنهن ۾ نه ٻچن
ڏيڻ جي اميد آهي نه وري کير جو آسرو. هيءُ ته صرف
ڪهڻ جي لائق آهي. ڪاسائي جي ڳالهه ٻڌي هينس کي
ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ چوڻ لڳو مون کي ماڻهن جي سوچ تي
ڏاڍو افسوس ٿيو آهي. جو هو ٻئي کي ڌوڪو ڏيڻ ۾ دير
ئي نٿا ڪن. منهنجي تصور ۾ به اها ڳالهه ڪانه هئي
ته ڪو ڌنار مون کي ڪراڙي ڳئون ڏئي مون کان ڀلوڙ
گهوڙو تڳائي ويندو. مون کي ته ڳئون جو گوشٽ به نه
وڻندو آهي. هجي ها ڪو سوئر جو موٽو تازو گوشت ته
ڀُڃي به کائي ڇڏيان ها.
هينس جي ڳالهه ٻڌي ڪاسائي چيو آءٌ اهڙو رحمدل
انسان آهيان، جو ڪنهن جي خواهش کي ڪڏهن به رد ڪونه
ڪندو آهيان. جيڪڏهن توکي سوئر جو گوشت وڻندو آهي
ته منهنجي گاڏي ۾ ٻه سوئر جوٽيل آهن. انهن مان تو
هڪڙو جهلي ڀلي ڪهي کاءُ ۽ ڪراڙي ڳئون مونکي ڏئي ڇڏ
ته ان کي ڪهي گوشت ڪري هلائي ڇڏيان.
ڪاسائي وٽان همدردي وارو جملو ٻڌي، هينس هڪدم ڳئون
جي واڳ ڪاسائي جي حوالي ڪندي چيو ڀائو تنهنجا وڏا
احسان جو منهنجي جان هن ڪراڙي ڳئون مان آجي
ڪرائيه، الله تعاليٰ توکي ان نيڪي جو اجر قيامت
تائين ڏيندو رهندو. اهو چئي هن ڪاسائي کان سوئر
وٺي رستي تي تيز هلڻ لڳو. تيز هلڻ سب هينس هڪ
ڳوٺاڻي مسافر کي اچي پهتو. جيڪو هنجهه پکي جو
تازو ڄاول ٻچڙو کنيو ان طرف وڃي رهيو هو جنهن
طرف هينس وڃي رهيو هو، رستي ۾ هلندي ڳالهائيندي
ٻنهي جي دوستي ٿي وئي، هينس ڳالهيون ڪندي چانديءَ
جي ٽڪر کان وٺي گهوڙو، ڳئون ۽ سوئر وارا سڀ سودا
بيان ڪندي ٻڌايو ته هيترن سودن جي باوجود به مون
ڪنهن سودي ۾ نقصان ڪونه کاڌو آهي. هينس جي سادگي
ڏسندي ڳوٺاڻي به کيس داءُ ڪندي چيو ته هيءُ منهنجي
بغل ۾ هنجهه پکيءَ جو تازو ڄاول ٻچڙو آهي. جنهن تي
اڄ تائين ڪوئي نالو به رکيو ڪونه ويو آهي. هاڻي هن
کي ڳوٺ جي وڏي عالم ڏانهن نالي رکرائڻ لاءِ کنيو
پيو وڃان، پوءِ هيءُ جڏهن پلجي ٻن ٽن مهينن ۾
جوان ٿيندو ته هن جي گوشت ۾ ايتري ته لذت هوندي جو
ڪائنات جون سڀ نعمتون هن جي ڀڳل گوشت تان گهوري
پري اڇلائي ڇڏجن. هينس ڳوٺاڻي کي چيو تنهنجو
هنجهه ته مس هڪ ماڻهو جو کاڄ ٿيندو منهنجي سوئر جو
گوشت اوڙو پاڙو کائي رڄ ڪندو.
ڳوٺاڻي جنهن ڏٺو ته منهنجو هم سفر ساٿي منهنجي
دلبن ۾ نٿو ڦاسي سو گهڻي سوچ ۽ ويچار کان پوءِ چوڻ
لڳو ته واقعي تو وارو سوئر سهنجو مارو آهي. پر
سمجهان ٿو ته تنهنجو اهو سوئر توکي ڪنهن وڏي مصيبت
۾ نه ڦاسائي وجهي. جنهن تي هينس کيس تڪيندي چيو
اهو تون وري ڪيئن ٿو چوين ته هيءُ سوئر مون کي
مصيبت ۾ ڦاسائي وجهندو؟ جنهن تي ان ڳوٺاڻي وراڻيو
ته سامهون شهر جي وڏي زميندار جي واڙي مان هڪڙو
سوئر چورائجي ويو آهي. مون کي شڪ ٿو پوي ته هيءُ
اهو سوئر آهي، جيڪو ڪاسائي تنهنجي ڳئون جي عيوض
تنهنجي مٿي ۾ هنيو آهي. جنهن تي هينس ويچارو ڏاڍو
پريشان ٿي ويو. ڳوٺاڻي کي منٿ ميڙ ڪندي چيائين
يار واقعي جي تون سچ ٿو چوين ته سوئر واقعي ئي
چوري جو آهي، ته پوءِ مون لاءِ وڏي مصيبت پيدا ٿي
ويندي. زميندار جي ڏاڍ کي ڪير منهن ڏيندو.؟ ويتر
جو هتي منهنجو نه ڪوئي واقف آهي ، نه وري سڃاڻو
تون ئي ته هڪ همدرد ماڻهو سفر ۾ مليو آهين.
تنهنڪري مهرباني ڪري اهو هنجهه جو ٻچو مون کي
ڏئي ڇڏ ۽ هي تازو توانو سوئر تون ڪاهي وڃ. ڳوٺاڻو
افسرده ٿي هنجهه پکي هينس کي ڏئي سوئر ڪاهي جلدي
هليو ويو.
مسافر جي وڃڻ کان پوءِ هينس ويچارڻ لڳو ته دنيا ۾
ڪيترا نه سٺا موجود آهن، جو ٻئي جي مصيبت چند
گهڙين جي دوستي لاءِ پاڻ تي کڻڻ لاءِ تيار ٿي ٿا
وڃن.
اهڙيون سوچون سرجيندي، هينس اچي ڳوٺ پهتو ته
ڏٺائين ته هڪڙوماڻهو پنهنجي سائيڪل تي ڇرين تيز
ڪرڻ واري مشين رکيو ڪاتيون تيز ڪري رهيوآهي. ۽ وڏي
خوشي منجهان ڳائي به رهيو آهي. هينس سندس ڳائڻ ٻڌڻ
واسطي اچي ڪجهه گهڙيون ان ڇرين واري سان اچي بيٺو:
ندين ۽ جبلن کان مٿانهون منهنجو هي ڪم
آءٌ ڪيڏو نصيبن وارو آهيان
جو وتان ٿو جهرجهنگ ۽ شهر گهمندو
آهي ڪوئي ٻيو مون جهڙو خوش نصيب؟
هينس ڪاريگر جو راڳ ٻڌڻ کان پوءِ رڙهي سندس ويجهو
آيو ۽ چوڻ لڳو : ”تون هيءُ جيڪو پورهيو ڪرين ٿو،
ان کان تون ڪيترو نه مطمئن آهين، جو پورهيو به
ڪرين ٿو ۽ راڳ به ڳائين ٿو، جنهن تي ڇرين واري
ڪاريگر چيس ته واقعي آءٌ وڏو خوشنصيب ماڻهو
آهيان، ڪاريگر جو هٿ خالي نه هوندو آهي. نه ئي ان
جو کيسو، هو سدائين سکيو ستابو هوندو آهي. پر مون
کي اهو ته ٻڌاءِ تو اهڙو هنجهه ڪٿان آندو آهي.
تنهن تي هينس ڪاريگر کي منڍ کان وٺي ڪهاڻي ٻڌائي.
ڪهاڻي ٻڌڻ کان پوءِ ڇرين تيز ڪرڻ واري ڪاريگر چيس
ته تون بيشڪ وڏي بخت وارو آهين، جو ايترا سودا ڪرڻ
کان پوءِ به خوش ۽ مطمئن آهين، تو کي ته وڏو
ڪاريگر ٿيڻ گهرجي ها!
هينس چيو اهو وري ڪئين؟ ڪاريگر چيس تون به هڪ
اهڙو ڇرين تيز ڪرڻ وارو اوزار (سراڻ) وٺ، پوءِ
تون به مون وانگر ججهو ناڻو ڪمائي سگهندين؟
هينس چيس ته اهو وري ڪٿان آڻيان؟ ڪاريگر چيس ته
نئون ملڻ ته مشڪل آهي. . البته مون وٽ هڪ پراڻو
پيو آهي. ان جي ٿوري مرمت ٿيندي ته اهو به دولت
ڪمائڻ جي لائق ٿي ويندو ۽ تنهنجو کيسو ڪڏهن به
خالي نه رهندو.
هينس چيس چڱو ڀلا تون اها ڇرين تيز ڪرڻ واري مشين
مون کي ڏئي ڇڏ آءٌ ان جي عيوض ۾ توکي هنجهه جو
ٻچڙو ڏيان ٿو. تون وڃي هنجهه مان سک وٺ آءٌ پئسا
ڪمائي امڙ کي سکيو رکندس.
سودو ڪري هينس وري ماءُ جي ڳوٺ طرف هلڻ لڳو . رستي
۾ هلندي کيس اڃ ستايو ان ڪري درياهه جي ڪناري تي
ڀڳل مشين رکي پاڻي جا ٻڪ ڀري پيئڻ لڳو ۽ منهن تي
وجهڻ لڳو اها ته ڀڳل ٽٽل ڇرين تيز ڪرڻ واري مشين
به رڙهڪي وڃي درياهه ۾ ڪري ۽ درياهه جي گهري پاڻي
۾ هلندي وڃي تر ورتائين.
هينس ڏٺو ته هاڻي مليل اها ڀڳل مشين ٻه ٻڏي وئي سو
الڪو لاهي هٿين خالي ماءُ جي گهر اچي پهتو. ماءُ
گهڻن سالن کان پوءِ پٽ سان ملي ڏاڍي خوش ٿي ۽ هينس
کيس رستي سان اچڻ جا سمورا احوال ڏنا. جن جي ٻڌڻ
کان پوءِ ماءُ چيس، ابا الله جا لک شڪرانا جو تون
صحيح سلامت سفر ڪري گهر پهتين. اڄ کان پوءِ اسين
ٻئي هتي خوشي سان زندگي گذارينداسين. اهو ٻڌي هينس
سک جو ساهه پٽيو ۽ مُشڪڻ لڳو.
بادشاهه جا نڪما پٽ
پراڻي زماني جي ڳالهه آهي ته ڌرتيءَ جي ڪنهن
خوبصورت ٽڪري تي هڪڙو مهربان بادشاهه راڄ ڪندو هو،
جنهن کي ٽي ڏاڍا سهڻا ڳڀرو پٽ هئا. جن کي هو تمام
گهڻو پيار ڪندو هو، بدشاهه تاج و تخت، ملڪ ۽ ماڻهن
جو اڪيلو وارث هو، جنهن جي فيصلي کي ڪو به رد ڪري
نه سگهندو هو، سو بادشاهه جڏهن پيرسن ٿيو ته
پنهنجي جاءِ نشين چونڊڻ لاءِ ٽنهي پٽن کي پاڻ وٽ
گهرائي چوڻ لڳو: ”زندگي فاني هي هر ڪنهن کي اڳتي
هلڻو آهي. ان ڪري، آءٌ چاهيان ٿو ته جيئري ئي پاڻ
پنهنجي تاج ۽ تخت ۽ ملڪ جو وارث چونڊي ڇڏيان.“
بادشاهه جي پٽن ڪنڌ جهڪائي پيءُ کي چيو: ”جيڪو
فيصلو بابا سائين جن ڪندا، سو اسان کي قبول آهي.“
بادشاهه سلامت چيو :” آءٌ تخت جو مالڪ ان کي
بڻائيندس جيڪو توهان ٽنهي ۾ وڌيڪ سست ۽ ڪاهل
هوندو. هاڻي هر ڪو واري واري سان پنهنجي سستي ۽
ڪاهليءَ جو مثال ڏيندو وڃي.“
بادشاهه جي حڪم تي سندس وڏو پٽ چوڻ لڳو: ”جيئندا
قبلا ! دنيا جا سڀ عيش ۽ عشرتون ميسر هجڻ سبب آءٌ
ايترو ته نڪمو ٿي ويو آهيان. جو پلنگ تي ليٽڻ کان
پوءِ جيڪڏهن ڏسندو آهيان ته ڪا شيءِ اڏامندي اچي
منهنجي اکين ۾ پوڻ واري هوندي آهي تڏهن به مون کان
نه پڄندو آهي ته اکيون بند ڪري ان شي کي اکين ۾
پوڻ کان پاڻ بچائي سگهان!
”شهزادي پنهنجي وارتا بيان ڪري ادب وچان سوال ڪيو
ته : ”ڇا توهان جي ساري باڊاهي ۾ ڪوئي اهڙو ڪاهل
ٿي سگهي ٿو؟ جي نه ته پوءِ مون کان وڌيڪ ڪو به سست
نه آهي ۽ توهان جي تخت و تاج ۽ بادشاهي جو حقدار
به آءٌ آهيان. “ باڊاهه جي ٻئين نمبر پٽ اٿي بيهي
ادب وچان عرض ڪيو ته بادشاهه سلامت جي وارثيءَ جو
حقدار آءٌ آهيان، ڇو ته آءٌ پنهنجي ٻنهي ڀائرن کان
وڌيڪ نڪمو آهيان، اها هن طرح جو جڏهن سرد راتين ۾
پاڻ سيڪڻ لاءِ باهه جي مچ تي ويهندو آهيان ۽ باهه
مچي ويندي آهي ته منهنجون ڄنگهون ۽ پير سڙڻ لڳندا
آهن ته آءٌ انهن کي باهه جي تو کان پري سورڻ جي
تڪليف به نه ڪندو آهيان. جنهن ڪري ڪيترائي ڀيرا
منهنجون ڄنگهون ۽ پير لهسجي پيا آهن.
شهزادي شاهدي طور پنهنجا پير ۽ ڄنگهون ڏيکاريندي
چيو: ”ڀلا مون کان وڌيڪ ڪو ٻيو نڪمو به ٿي سگهي
ٿو؟ جي نه ته پوءِ پڪ سان بادشاهه جي سوال جو جواب
مون کان وڌيڪ ڪير به ڏئي نٿو سگهي!
بادشاهه جي ٻئي نمبر پٽ پنهنجي ڪهاڻي ختم ڪئي ته
سڀني کان ننڍي ۽ ٽئين نمبر شهزادي ساڳئي طرح عرض
ڪندي چيو: باداهه سلامت چوندا آهن ته جيءُ آهي ته
جهان آهي.
منهنجي سستي ۽ ڪاهلي جي اها حد آهي. ته جيڪڏهن
منهنجي ڳچيءَ ۾ ڪا نوڙي وچڙي وڃي ۽ ان نوڙي جي
گهٽي کان مهنجو ساهه نڪرندو هجي ۽ ڪوئي ماڻهو مون
کي تيز ڇُري هٿ ۾ ڏئي چوي ته اها ڳچي ۾ ڦاٿل نوڙي
وڍي پنهنجي زندگي بچائي وٺ ته آءٌ اها ڇري وٺي
نوڙي وڍڻ بجاءِ انهي ڦاهيءَ جي موت کي وڌيڪ ترجيح
ڏيندس، پر نوڙي وڍي زندگي بچائڻ جي ڪوشش هرگز نه
ڪندس.“
ننڍي شهزدي جو اهڙو جواب ٻڌي، بادشاهه خوش ٿي ڀاڪر
پائيندي چيو بيشڪ منهنجي تاج ۽ تخت جو تون ئي اصل
وارث آهين. جو تون کان وڌيڪ تنهنجو ڪو به ڀاءُ
نه آهي.
جيءُ آهي ته جهان آهي، بيشڪ، پر سوڀون سر ڏيڻ بغير
ڪونه ملنديون آهن.
ائين چئي بادشاهه سلامت تاج و تخت جو وارث ننڍي پٽ
کي مقرر ڪري ڇڏيو. |