بادشاهه جي ان شرط جو چوٻول پنهنجي ملڪ جون سرحدون
پار ڪندي ٻين ملڪن تائين به پهچي ويو جتان جا
ڪيترائي شهزادا ناڪام ٿي پنهنجا سر وڃارائي اڻ ڏٺل
شهزادين جي ناڪام عاشقن جي قطار ۾ پنهنجو نالو
لکارائيندا رهيا.
انهيءَ ئي بادشاهه جي ملڪ جو هڪ سپاهي پنهنجي ملڪ
جي بچاءَ وارين جنگين ۾ گهڻو وقت وڙهندي ڏاڍو زخمي
ٿي چڪو هو. ان جا جڏهن ڦٽ ڇٽا ۽ گهمڻ ڦرڻ جهڙو ٿيو
ته هن دل ۾ سوچيو هيترين جنگين ۾ وڙهڻ جي باوجود
موت مون کان پاسو ڪري گذري ويو آهي. هر جنگ جي سوڀ
۽ ڪامرانيءَ جون خوشيون مون اکين سان ڏٺيون آهن.
ٿي سگهي ٿو ته هن سر جي سودي واري جنگ ۾ به قسمت
هميشه وانگر مون تي مهربان رهي ۽ ان فتح جون
خوشيون به آءٌ ماڻي سگهان. اهو سوچي اهو زخمي ٿيل
سپاهي ڪشالا ڪندي اچي ان مهربان بادشاهه جي شهر
لاءِ روانو ٿيو، جيڪو ٻارهن ڌيئرن جو پيءُ هجڻ سان
گڏ اعلانيل شرط جي پورائي جو به پابند هو.
سپاهي کي رستي ۾ رات پئجي وئي، سامهون هڪ جهوپڙي
ٺهيل هئي. هو مس اڃا جهوپڙي تائين پهتو ته اچانڪ
کيس هڪ ٻڍڙي نظر آئي. جنهن سپاهيءَ سان عليڪ سليڪ
ڪئي ۽ پڇيائينس ته ”تون ڪير آهين؟“
سپاهي چيس ساري عمر ملڪ ۽ بادشاهه سلامت جي عز ت
۽ وقار لاءِ موت سان اکيون اکين ۾ ملائي وڙهندو
رهيو آهيان، ملڪ کي پنهنجي گهر ۽ بادشاهه سلامت کي
پنهنجي مالڪ ڄاڻي نه پنهنجو گهر ٺاهيو اٿم نه ئي
وري ڪا گهر واري ئي آندي اٿم.
تازو بادشآهه جي اعلان کان دل ۾ پڪو پهه ڪيو اٿم
ته زندگيءَ جي هيءَ آخري ويڙهه وڙهي موت کي هميشه
وانگر شڪست ڏيئي، گهر گهاٽ وارو ٿيان.
ٻڍڙي چيس : ”ته تون به هنن اڻ ڏٺين شهزادين جي
طلبگار آهين؟“
سپاهي هائوڪار ڪئي پر هڪ ڀو جو اظهار به پوڙهي
سان ڪيو ته ڪٿي ناڪام نه ٿي پئي. پوڙهي سپاهي کي
چيو: ”ڏسان ٿي ته تنهنجو حوصلو آسمان جي بلندين
کان به اتاهون آهي، تون هيءَ سوڀ به ضرور ماڻي
وٺندين مون کان جيتري تنهنجي مدد ٿيندي سا مان
ضرور ڪنديس.
سپاهي عرضدار لهجي ۾ ٻڍڙيءَ کان پڇيو: ”تون منهنجي
ڪهڙي مدد ڪري سگهين ٿي؟“
ٻڍڙي ٻڌايس: ”مون ٻڌو آهي ته شهزاديون پنهنجي
نگران ٿي آيل نوجوان کي اول ته پنهنجي حسن ۽ جواني
جي چمڪ دمڪ ڏيکاري وائڙو ڪري پنهنجو پاڻ کي ميزبان
۽ نگران جوان کي مهمان جو شرف بخشيندي ڪنهن نه
ڪنهن بهاني نشي آور شربت پيارين ٿيون جڏهن، ان تي
نشو باقاعده اثر انداز ٿي وڃي ٿو ته پوءِ، دلجاءِ
ڪري ساري رات پنهجي ڪارروائي ۾ شروع ٿي وڃن ٿيون.
صبح ٿيڻ تائين جڏهن هو پنهنجي عمل کان وانديون ٿين
ٿيون، ته نگران نوجوان تان به نشو لهي وڃي ٿو.
اهڙي ريت هو شهزادين جي ڀيد تائين رسائي حاصل ڪري
نه ٿو سگهي ۽ ائين ٽي راتيون گذارڻ کان پوءِ هو
راهه ويندڙ مسافرن وانگي ماريا وڃن ٿا. سو جڏهن
تون اتي پهچي سندن ورانڊي ۾ ويهين ته کانئن ورتل
هر شيءِ کان پاسو ڪجانءِ ۽ ڪنهن نه ڪنهن نموني ڏنل
شربت هاري ڇڏجانءِ. پوءِ مڪر ڪري کين اهو تاثر
ڏجانءِ ته تون سمهي رهيو آهين ۽ پوءِ هو پنهنجي
ڪارراوئي ڪرڻ شروع ڪنديون، جنهن سان سندن بوٽ هڪ
رات ۾ ڦاٽي پون ٿا. ايترو چوڻ کان پوءِ پيرسن عورت
سپاهي کي سندس هٿ ۾ هڪ واچ ڏيندي چيو، جڏهن تون
محسوس ڪرين ته هو پنهنجي ڪارروائي شروع ڪري رهيون
آهن، ته پوءِ هيءَ واچ پنهنجي ٻانهن ۾ ٻڌي سندن
ويجهڙائي وٽان مشاهدو ڪري سگهين ٿو. اهو ان ڪري ته
هن واچ ٻڌڻ سان توکي ڪير ڏسي ڪين سگهندو، پر تون
هر ڪنهن کي آسانيءَ سان ڏسي ۽ پسي سگهندين. اهڙيون
هدايتون ڏئي پوڙهيءَ سپاهيءَ کي بادشاهه جي محل
ڏانهن راهي ڪيو.
سپاهي جڏهن بادشاهه سان ملاقات ڪئي ته بادشاهه
پنهنجي شرط کي نئين سر ورجائيندي چيو ته خدا ڪري
ته تون پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿئين ۽ منهنجي هر ڪا
پريشاني حل ٿي وڃي. ايترو چئي بادشاهه دربان کي
حڪم ڏنو ته سپاهيءَ کي شهزاين جي ڪمري ٻاهران
ورانڊي ۾ ويهاري اچو.
پوءِ معمول مطابق بادشاهه رات جي ماني شهزادين سان
گڏ کائي کين ڪمري ۾ موڪلي سپاهي جي نگراني ۾ ڇڏي
ڏنو. وڏي شهزادي پنهنجي عادت موجب هڪ نشيدار شربت
جو گلاس پيئڻ لاءِ سپاهي کي آڻي ڏنو. جيڪو هن اهڙي
انداز سان ڳوٿريءَ ۾ هاري ڇڏيو جو شهزادي کي پڪ ٿي
وئي ته هن گلاس پيئڻ سان انسان ته ڇا، پر جانور به
صبح ٿيڻ تائين هٿ پير چوري ڪونه سگهندو.
سپاهي به موقعي کي غنيمت ڄاڻندي، گلاس کي محفوظ
ڪرڻ کانپوءِ هاسيڪار جهوٽا کائڻ لڳو، ٿوري دير
جهوٽآ کائڻ کانپوءِ انهيءَ بستري تي اونڌو ٿي ڪري
پيو ۽ زور سان کونگهرا هڻڻ لڳو. سپاهيءَ جي اهڙي
حالت ڏسي، شهزادين کي پڪ ٿي ويئي ته ويچارو اڳئين
جهان ۾ پهچي ويو. پنهنجي ڪاميابيءَ کان پوءِ سڀني
خوشي مان هڪٻئي سان تاڙو ملائيندي چيو هلو ته هلي
پنهنجي ڪم کي لڳون. هيءُ چريو به ڇا ياد ڪندو ته
سندس ڪهڙين چالاڪ ۽ حسين شهزادين سان پالو پيو
آهي. سپاهي به هو پارکو تنهن ٽيڏي اک سان ڏسي
ورتو، شهزادين وچ ڪمري تان قالين جو ٽڪرو پري ڪيو
۽ هڪ دروازي جو تاڪ لاهي هڪ هڪ ٿي هيٺ لهڻ لڳيون.
شهزادين کي هيٺ لهندو ڏسي سپاهي جلدي ڪري پوڙهيءَ
جي ڏنل طلسمي واچ ٻانهن ۾ ٻڌي ورتي ۽ تڪڙو ٿي هيٺ
لهندڙ شهزادين جي آخري نمبر تي وڃي بيٺو. جيئن ئي
آخري شهزادي هيٺ لٿي ته هيءُ به ڏاڪڻ تان هيٺ لهي.
زمين واري سرنگ ۾ شهزدين سان گڏ هلڻ لڳو. سرنگ ۾
هلندي ننڍي شهزاديءَ تاڙي ورتو ته اسان ٻارنهن سان
گڏ ڪوئي تيرهون وجود به گڏ هلي رهيو آهي. جنهن جي
پيرن جو کڙڪو اسان کان مختلف آهي. ننڍي شهزادي
پنهنجي گمان جي ڳالهه سرنگ ۾ هلندي وڏي شهزاديءَ
سان ڪئي، جنهن ننڍي شهزاديءَ جي ڳالهه کي سندس وهم
جو تاثر ڏيندي پنهنجي منزل طرف تڪڙو وڌڻ جي هدايت
ڪري ورتي. سرنگ ۾ هلندي سپاهي ڏٺو ته رستي جي ٻنهي
پاسن کان بيشمار خوشبودار سونين ڪونڊين ۾ گل ۽
ٻوٽا ٽنڊڙيا پيا آهن. سپاهي سٽ ڏئي انهن سونهري
ٻوٽن مان هڪ ٽاري نشاني طور ڀڃي پنهنجي ور ۾ لڪائي
ڇڏي. ٽاريءَ جي ٽٽڻ واري آواز تي ننڍي شهزاديءَ
وري به رڙ ڪري، وڏي شهزادي کي چيو مون کي جيڪو
شروع کان هن وقت تائين لاشعوري طور خطرو محسوس ٿي
رهيو هو ان جي تصديق مون کي سوني ڪونڊيءَ مان ٽاري
ٽٽڻ جي آواز سان ٿي وئي آهي. منهنجي يقين کي
هروڀرو گمان نه سمجهيو، پر هن دفعي به شزادي ننڍي
يڀڻ جي ڳالهه کي وهم سمجهي، اڳتي وڌڻ جي هدايت
ڪئي.
ائين شهزاديون ۽ سپاهي اڳتي هلندا رهيا ته هڪ هنڌ
چانديءَ جي ڪونڊين ۾ کيس چاندي جي رنگ جهڙن گلن ۽
ٻوٽن جو باغ نظر آيو. سپاهي هتي به پنهنجي سچائي
کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ، چاندي جي رنگ وارن وارن ٻوٽن
مان هڪ ٽاري پٽي لڪائي ورتي.
هن ٽاريءَ جي ٽٽڻ واري آواز تي ننڍي شهزادي وري به
دانهن ڪندي وڏي شهزاديءَ جو ڌيان ڇڪايو، پر هن
دفعي به وڏي شهزدي وٽان کيس اهو ئي جواب مليو،
جيڪو هن کي ٻه ٽي دفعا پهريون ملي چڪو هو.
سون ۽ چانديءَ جي رنگت وارين ڪيارين کي پار ڪندي،
سپاهي ڏٺو ته هڪ وسيع سرسبز ميداني علائقو آهي.
جنهن جي ڀرسان صاف شفاف پاڻي وارو درياءُ موجون
هڻي رهيو آهي، ان ميدان تي اهڙو ته من موهيندڙ
هيرن جو باغ موجود اهي. جنهن جي وڻن جا پن هيري جي
مختلف رنگن واري لامن منجهه لڏي هر ايندڙ ويندڙ جي
دل لڀائي رهيا هئا. سپاهي پنهنجي زندگي ۾ اهڙو
هيرن جو باغ ڪڏهن به ڪونه ڏٺو هو.
شهزاديون باغ مان ٽلنديون درياءَ طرف وڌي رهيون
هيون ۽ سپاهي به آهستي آهستي سندن پويان هلي رهيو
هو، ايتري ۾ سپاهيءَ جو پير ننڍي شهزاديءَ جي چولي
مٿان اچي ويو ۽ شهزادي کي سٽ آئي، ته هن وري به سڏ
ڪري ڀينرن کي پنهنجي وچ ۾ ڪنهن جي بيهڻ جو گمان
ڏيکاريو، پر ٻين شهزادين سندس دانهن ورنائڻ بجاءِ
کيس وهمي ۽ ڊڄڻي چئي، سندس ڳالهه کي رد ڪري ڇڏيو.
سپاهيءَ سامهون ڏٺو ته درياءَ جي ڪناري تي ٻارهن
خوبصورت شهزادا ٻيڙا جهلي سندن آمد جو انتظار ڪري
رهيا آهن. شهزاديون به ڪناري تي پهچندي ٽاپ ٽاپ
ڪندي وڃي پنهنجي پنهنجي شهزادي سان گڏ ٻيڙيءَ تي
ويٺيون سپاهي به تڪڙ ڪري ننڍي شهزاديءَ واري ٻيڙي
۾ چڙهيو، جنهن جي ڪري ٻيڙي ٿورو لوڏو کاڌو ۽ وزن
جي ڪري هڪ طرف جهڪي وئي. شهزاديءَ کي جڏهن ٻيڙي
ڳوري محسوس ٿي ۽ هن پنهنجي ڀر ۾ ويٺل ننڍي
شهزاديءَ سان ڳالهه ڪئي ته هن کيس اهو چئي خاموش
ڪرايو ته اڄ گرمي گهڻي آهي، جنهنڪري ونجهه هلائڻ
سان توکي تڪليف ٿئي ٿي ٻيو ڪجهه به نه آهي.
ٻيڙيون درياءُ پار ڪري جڏهن ڪناري لڳيون ته سپاهي
ڏٺو ته هڪ عاليشان باغ آهي، ان ۾ هڪ شاهي قلعي
جهڙو محلات آهي ان قلعي نما محل مان تمام سهڻو
موسيقي جو آواز اچي رهيو آهي، جيڪو رات جو سانت ۾
ماڻهن جي ذهنن ۽ دلين کي لڀائي رهيو آهي.
شهزاديون به ٻيڙين تان لهڻ بعد پنهنجن پنهنجن
محبوبن سان هٿ هٿ ۾ ڏئي قلعي اندر ايندڙ آواز واري
هال ۾ گهڙي ويون ۽ سپاهيءَ به تڪڙ ڪري دروازو پار
ڪري ورتو، جو سندس اندر ٽپڻ سان هال جو دروازو بند
ٿي ويو.
ايترو جدل دروازو بند ٿيڻ سان ۽ پاڻ کي محفل واري
هال ۾ ڏسي سپاهي مالڪ جا لک شڪرانا بجا آندا جنهن
تڙ تڪڙو ۾ دروازي ٽپڻ جي کيس همت ڏني، نه ته
دروازي جي ٻاهران رهجي وڃڻ سان هو ان راز کي معلوم
ڪري نه سگهي ها، ته هر رات شهزادين جا نوان بوٽ ڇو
ٿا ڦاٽن.
هال ۾ پهچي سپاهي ڏٺو ته هر شهزادو ۽ شهزادي الڳ
ٿي موسيقي جي مڌرتا تي مست ٿي نچڻ شروع ڪيو آهي.
ناچ به ايترو وقت جاري رکيو ويو جيتري تائين
شهزادين جي بوٽن جا ترا ۽ بتخيا اڊڙي پيا.
وڏي شهزادي ڀينرن کي چيو هاڻي ناچ بند ڪيو رات جو
پويون پهر شروع ٿي ويو آهي، موٽ تي پنڌ به ڪرڻو
آهي متان دير ٿي وڃي ۽ هو نڀاڳو سپاهي نشي مان
سجاڳ ٿي پوي ۽ اسان کي ڪمري ۾ موجود نه ڏسي تڪڙ ۾
بادشاهه کي اطلاع نه ڪري وجهي، ۽ اسان جو راز نه
کولي وجهي، ان ڪري شهزادين پنهنجو ناچ بند ڪري،
وري به پنهنجن سنگتين سان ٻيڙين تي چڙهيون. هن
دفعي سپاهي کي وڏي شهزاديءَ واري ٻيڙي هٿ اچي وئي.
سپاهي جيئن ئي ٽپو ڏئي ٻيڙي تي چڙهيو تيئن شهزادي
کان رڙ نڪري ويئي، ڇو ته ٻيڙي نه صرف لڏي وئي، پر
هڪ طرف گهڻو جهڪي به ويئي.
شهزادي وڏي شهزاديءَ کي چيو: ”اڄ ٻيڙي ڏاڍي ڳوري
ٿي لڳي، ائين محسوس ٿئي ٿو ته ونجهه هلائي ٿڪجي
پيو آهيان، پر ٻيڙي گهڻو اڳتي چري ئي ڪانه ٿي.“
سمجهان ٿو ته وزن دار شيءِ منهنجي ٻيڙي تي سوار ٿي
آهي.
شهزادي جيڪا خوشيءِ ۾ غلطان هئي، تنهن کيس اهو چئي
چپ ڪرائي ڇڏيو ته گرمي جي شدت سبب توکي ڪمزوري ۽
گهٻراهٽ ٿي ويئي آهي، نه ته ٻيڙي بلڪل صحيح هلي
رهي آهي.
ٻيڙيون اچي ڪناري تي لڳيون ۽ سپاهي ٽپو ڏئي،
خشڪيءَ تي پهچي محلات طرف ڊوڙڻ لڳو. جيستائين
شهزاديون پهچن تيستائين هي اڳ ئي پاڻ سنڀالي مڪر
مان کونگهرا هڻڻ لڳو. شهزاديون جيئن ئي محل ۾ آيون
ته سڌيون سپاهي جي بستري مٿان اچي بيٺيون، جتي
ڏٺائون ته سپاهي ننڊ ۾ الوٽ پيو آهي. ان ڪري
دلجاءِ سان وڃي اندر ستيون.
صبح ٿيڻ تي سپاهي شهزادين کي رات وارو تاثر نه ڏيڻ
جو بهانو بڻائي دير سان ننڊ مان اٿيو. هٿ منهن
ڌوئي نيرن ڪري وري ٻي رات اهو مزو ڏسڻ لاءِ ننڊ
پئجي ويو. ڏينهن جو ننڊ ڪندي شهزادين کي پڪ ٿي وئي
ته هن تي ايڏو وڏو نشو چڙهيو آهي، جو ڏينهن جو به
ننڊ پيو آهي. ان ڪري دلجاءِ سان صبح جو سلام ڀرڻ
لاءِ پنهنجي پيءُ جي ڪمري ڏانهن هليون ويون.
ٻي ۽ ٽئين رات به سپاهي واچ پائي شهزادين سان سفر
۾ گڏ رهيو ۽ سمورو لقا پنهنجي ذهن ۾ محفوظ ڪندو
رهيو. آخري رات واري محفل ۾ جيڪو کائڻ پيئڻ جو
انتطام قلعي اندر ڪيو ويو هو، اتان نشاني طور هڪ
سون جو پيالو به سپاهي پاڻ سان گڏ لڪائي کڻي آيو
هو. جڏهن ٽي راتيون پوريون ٿيون، ته چوٿين ڏينهن
صبح جو پنهنجي درٻار ۾ بادشاهه ان سپاهي کي گهرائي
ورتو، جيڪو تخت و تاج جي وراثت ۽ ٻارهن شهزادين
مان ڪنهن هڪ سان شادي ڪرڻ جي اميد تي پوريون ٽي
راتيون نينگرين جي ڪمري سان لڳ ورانڊي ۾ واڙيو ويو
هو، ته هو اهو راز معلوم ڪري وٺي ته شهزادين جا هر
روز نوان بوٽ هڪ رات ۾ ڪيئن ۽ ڇو ڦاٽي پون ٿا؟
بادشاهه جو سپاهيءَ کي گهرائڻ واري خبر ٻڌي،
شهزاديون هڪٻئي سان ٽهڪ ڏيئي تاڙا ملائي، چئي
رهيون هيون ته ويچارو سپاهي اجهو ڪي ڦاهي چڙهيو يا
سندس سسي ڪنهن جلاد هٿان ترار سان ڌار ڪئي ويندي.
بادشاهه سپاهيءَ سان مخاطب ٿيندي چيو: ”اي سپاهي
هن ڀري محل ۾ تون پنهنجي زباني ٻڌاءِ ته منهنجون
نينگريون رات جي پيٽ ۾ ڪيڏانهن وينديون آهن جو
سندن جوتا ڦاٽي پون ٿا؟
سپاهي نهايت ئي ادب سان اٿي بيهي ثابتي طور اهي
ٻئي سون ۽ چاندي جون ٽاريون، جيڪي شهزادين سان گڏ
سفر ۾ نشاني طور کنيون هيون ۽ اهو سونو پيالو به
بادشاهه اڳيان رکيو، جيڪو هن شهزادين جي محفل
منجهان چورائي کنيو هو.
جنهن کان پوءِ سپاهي ٽن راتين جو احوال بادشاهه کي
تفصيل سان ٻڌايو.
سپاهي جي رام ڪهاڻي ٻڌڻ کانپوءِ، بادشاهه پنهنجي
وڏي ڌيءَ کي گهرائي پڇيو ته جيڪو ڪجهه سپاهي چيو
اهو سچ آهي يا نه.
وڏي شهزادي ڏٺو ته سپاهي سچا ثبوت آڏو کولي رکيا
آهن. تنهنڪري چپ چاپ چئي وئي ته اهو سڀ ڪجهه سچ
آهي.
بادشاهه سپاهي کي مخاطب ٿيندي چيو ته منهنجو
اعلانيل شرط پورو ڪيو آهي، تنهنڪري، آءٌ پنهنجي
واعدي مطابق توکي پنهنجو ولي عهد مقرر ڪيان ٿو ۽
جنهن به شهزادي تي تون هٿ رکندين، تنهنجي شادي ان
سان ڪرائي پوءِ توکي تخت تي ويهاريان ٿو.
سپاهي وري ادب وچان هٿ ٻڌي عرض ڪيو ته منهنجي عمر
ڪجهه وڏي ٿي وئي آهي. ان ڪري بادشاهه سلامت جون
يارهن نياڻيون عمر ۾ مون کان ننڍيون آهن. مون کي
مناسب نه پيو لڳي، ته آءُ وڏي عمر جو ماڻهو ڪنهن
معصوم نينگريءَ جو مڙس بڻجان. اِن ڪري آءُ چاهيان
ٿو ته منهنجي شادي بادشاهه سلامت جي وڏي نياڻيءَ
سان ڪرائي وڃي.
جنهن تي بادشاهه، سپاهي ۽ پنهنجي وڏي نياڻي جي
شادي وڏي ڌام ڌوم سان ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي جيئري
تخت و تاج سپاهي جي حوالي ڪري، پاڻ گوشه نشيني
اختيار ڪري الله جي عبادت ۾ مشغول ٿي ويو.
ٽِلڻُ ڄامڙو
ڪنهن بادشاهيءَ ۾ ٻه زال مڙس پنهنجي سکئي ستابي
گهر ۾ ڏاڍي سڪون ساڻ رهندا هئا. هڪ دفعي سياري جي
موسم ۾ مڙس باهه جي مچ تي ڏاڍي مزي سان چلم جون
ڦوڪون ڀري رهيو هو ۽ زال وري باهه جي روشني تي
پنهنجو چرخو چوري (ڪنهن بهترين) ڪپڙي جي اڻت لاءِ
تياريون ڪري رهي هئي. ٻنهي زال مڙسن جي هڪٻئي سان
بي انتها محبت هئي، اِن ڪري اٿندي ويهندي، سمهندي
جاڳندي سندن ڳالهين جو سلسلو کٽندو ئي ڪين هو، اڄ
به مچ تي ويهي ڳالهيون ڪندي، مڙس پنهنجي زال کي
مخاطب ٿيندي چيو مالڪ جو ڏنو ته سڀ ڪجهه آهي، پر
جيڪڏهن اسان کي ڪو اولاد هجي ها، ته ڪيڏي نه
خوشيءِ جي ڳاله ٿئي ها، ته هن سموري گهر ۽ ڪاٺ جي
واپار جي مڏيءَ جو گهٽ ۾ گهٽ ڪوئي وارث ته هجي ها.
جنهن تي زال پنهنجي چرخي کي ڦيرا ڏيندي چيو، اسان
ته پنهنجي ڌڻيءَ کي هر وقت پئي ٻاڏايو آهي پوءِ به
الائي ڇو اسان جي نصيب ۾ هن وقت تائين اولاد جو
ڪو اُهڃاڻ ئي نه مليو آهي. جيڪڏهن الله تعاليٰ جي
خزاني ۾ اسان جي حصي جو ڪو سالم ٻار نه آهي، ته
ڪوئي هٿ جي آڱر ۽ اڱوٺي جيترو ئي ڪو ٻار ڏئي وجهي
ته ان جي خزاني ۾ ته ڪا کوٽ نه ايندي، پر ان سان
اسان ٻنهي جي خوشين ۾ ڪيڏو نه (بي انتها اضافو ٿي
ويندو! |