قسمت جي گردش
پنھنجي نوڪريءَ جو ڳچ مدو مون چرين جي اسپتال جي
نوڪريءَ ۾ گذاريو، منھنجا سنگتي ساٿي حيران ٿيندا
ھئا تھ انھيءَ نرڪ ۾ پئجي رھڻ آئون ڪيئن پسند
ڪريان ٿو! سنگتي ساٿي مان منھنجو مطلب آھي تھ
منھنجا ھم پيشھ، پھريائين انھن ڀانيو تھ شايد ھتي
ڪا وڏي ڪمائي آھي، پر جڏھن منھنجي حالت ڏٺائون تھ
آئون اقتصادي طور پنجن ڏھن بلڪھ چوڏھن سالن جتي
ھيس اتي ئي ھيس تھ ھيڪاري وڌيڪ اچرج ۾ پئجي ويا.
چوڏھن ورھن کان ڪجھھ مٿي ھتي نوڪري ڪيم، ڪن دوستن
پڇيو تھ ”يار! ھتي ڇا آھي جو چنبڙي پيو آھين.“ تھ
کين کلي جواب ڏنم، ”خدا جي خلق جي خدمت ڪرڻ جو
جيڪو سٺو موقعو ھتي ملي ٿو سو ڀانيان ٿو تھ ٻئي
ھنڌ ڪونھ ملندو.“
ھڪڙي ڏينھن گورنر شيخ دين محمد پڇيو تھ ”شيخ
صاحب، تنھنجي اسپتال ۾ درويش صفت انسان آھن؟“ مون
جواب ڏنو تھ ”ھائو! پر انھن کي سڃاڻڻ سولو ڪم نھ
آھي! ھو پاڻ کي ظاھر نٿا ڪن، مان پنھنجي ٻنھي
ڪتابن ۾ انھن جو ذڪر ڪري آيو آھيان. عاشق، رحمو
فقير، ۽ باغائي، انھن جا مثال آھن، اڄ ھي چوٿون
درويش صفت انسان پيش ٿو ڪريان.“
اسپتال ۾ مون اڪثر ٻن قسمن جا انسان ڏٺا آھن، ھڪڙا
اھي جن کي گھر وڃڻ جي تات رھندي ھئي، اھڙن ماڻھن
جو حتي المقدور علاج ڪري انھن کي گھر اماڻيو ويندو
ھو، ٻيا اھڙا ماڻھو جن جي حالت درست ٿيڻ تي بھ ھو
ٻاھر وڃڻ پسند ڪين ڪندا ھئا. ۽ پڇڻ تي چوندا ھئا
تھ ٻاھرين فريبي دنيا کان اھا مخلوق سٺي آھي جو
گھٽ ۾ گھٽ دوکو تھ نٿي ڏئي، ھر ڪو پنھنجي ڌن ۾ ئي
مست آھي. آئون انھن جي اھڙن فلسفي تي حيران رھجي
ويندو ھوس ۽ زوريءَ انھن کي ٻاھر ڪڍڻ جي ڪوشش نھ
ڪندو ھوس. پاڻيھي وڃڻ گھرندا ھئا تھ کين ڇڏي ڏيندو
ھوس، يا سندن مائٽ گھر ڪندا ھئا تھ انھن کي انھن
جي ٻانھن سپرد ڪري ڇڏيندو ھوس. اھو خيال ھرگز نھ
ڪندو ھوس تھ ڪو بيمارن جي چڱي ٿيڻ جو سيڪڙو وڌي!
ڇاڪاڻ تھ جڏھن دنيا جي بھترين اسپتال جو نتيجو مس
35
سيڪڙو آھي تھ پنھنجي اسپتال جو
سيڪڙو پنجاھ فيصد ڏيکارڻ حماقت نھ آھي تھ ٻيو ڇا!
مگر اڄڪلھھ حالتون ٻيو آھن جو بيمارن کي اڌ چڱي
ٿيڻ تي بھ ڪڍڻو ٿو پوي. ڇاڪاڻ تھ اسپتال ۾ جڳھھ
ٿوري ۽ بيمارن جو تعداد گھڻو وڌي ويو آھي ۽ اڃا
وڌندڙ آھي.
محسن علي آزيو نيزايون ڪري اسپتال ۾ رھڻ چاھيندو
ھو، ھڪڙي ڏينھن مون کيس ڪڍي ڇڏڻ جو دڙڪو ڏنو! مون
کي روئي چوڻ لڳو:
محس علي: صاحب! منھنج اوھان تي ڪھڙو زور، بيشڪ
اوھين مون ڪڍي سگھو ٿا پر ڏٺو ڪونھ اٿو تھ اوھان
جو اھو چوڻ تھ ”مون کي ٻاھر ڪڍي ڇڏيندوئ“ منھنجي
طبيعت خراب ڪيو وجھي، حقيقت ۾ مون کي ٻاھرين دنيا
سان نفرت آھي، تنھنڪري ٻاھر وڃڻ جو خيال ئي منھنجي
دماغ تي خراب اثر ٿو ڪري.
محسن علي جو چوڻ سچ ھو مون ڪيترا ڀيرا آزمائي ڏٺو
ھو تھ ھن سان ائين ٿئي ٿو جيئن ھو چئي رھيو ھو ان
کان سواءِ محسن اسان لاءِ ڏاڍو ڪارائتو ھو، اسپتال
۾ پٽين ٻڌڻ لاءِ ڪو گھرجي تھ محسن ڪم ايندو ھو،
بيمارن کان دوا پيارڻي آھي يا اوزار گرم ڪرڻا آھن
تھ محسن ئي تيار ھوندو ھو. آفيس ۾ ڪم وڌي ويندو ھو
۽ ڪاغذ ٽائيپ ڪرڻا ھوندا ھئا تھ ٻانھن ٻيلي محسن
ئي ٿيندو ھو. تنھنڪري اسان لاءِ ڏاڍو ڪارائتو
ھوندو ھو ۽ آئون بھ کيس زوري ڪڍڻ ۾ تيار نھ ھوس.
پر ھڪڙي ڳالھھ جنھن مون کي ڏاڍي فڪر ۾ وڌو ھو سا
ھئي پنھنجي احوال ٻڌائڻ کان انڪار. تھ ھو ڇو
پنھنجو دماغي توازن وڃائي ويٺو ھو، ڪيترا ڀيرا
نموني سان ھن جو ڀيد معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم پر
ھميشھ انڪار ڪندو آيو، نيٺ ھڪ ڏينھن مون ھن کي
سڏيو ۽ چيم:
محسن، ممڪن آھي تھ منھنجي ھتان بدلي ٿئي، خبر نھ
آھي ٻيو ڊاڪٽر جيڪو ايندو سو توکي ھتي رھڻ ڏئي يا
نھ. ڇاڪاڻ تھ ھر ڪنھن جي پنھنجي طبيعت ھوندي آھي،
منھنجي دل ۾ حسرت رھجي ويندي تھ تنھنجو احوال
معلوم ڪري نھ سگھيس، جيتوڻيڪ مون توسان چڱا پير
ڀريا آھن. تنھنجي علاج ڪرڻ ۾ مون ڪڏھن گھٽايو ڪين
آھي ۽ خدا جي وڏي مھرباني آھي جو تون جنھن حالت ۾
مون وٽ آيو ھئين تنھن کان لک درجا تنھنجي حالت
ھاڻي بھتر آھي، چڱي ڀلي ٿيڻ کان پوءِ بھ مون جيئن
تو گھريو تيئن پئي ڪيو آھي، تنھنڪري ھاڻي منھنجي
اھا خواھش پوري ڪر ۽ ٻڌاءِ تھ ڪھڙي ڳالھھ تنھنجو
دماغ خراب ڪري ڇڏيو؟“
محسن ٻن ٽن سالن کان مون کي انڪار ڪندو پئي آيو،
پر الائي اڄ ھن کي دل ۾ ڇا آيو جو پنھنجو سمورو
واقعو ٻڌائڻ لاءِ تيار ٿي ويو.
محسن: آئون ھڪ پوليس سب انسپيڪٽر جو ھڪڙو ئي پٽ
آھيان، اسين گھر ۾ ٽي ڀاتي ھوندا ھئاسين، بابو،
امان ۽ مان. بابو ڏاڍو ايماندار شخص ھو. ھڪ پوليس
سب انسپيڪٽر جي ڀلا پگھار ڇا! تنھن ھوندي بھ
منھنجي تعليم ۾ بابا گھٽايو ڪين، آئون بي اي آنرس
فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪئي، پر خدا جي ڪرڻي جو ھڪ ڌاڙيلن
جي ٽولي جو پيڇو ڪندي جھنگ ۾ پوليس ۽ ڌاڙيلن جي وچ
۾ ٺڪا ٺوڪي ٿي. ڌاڙيلن جو سردار ۽ ٻيا ڪيترائي
ڌاڙيل سواءِ ٻن ٽن جي سڀ مارجي ويا. قضا سان باب
پڻ ڌاڙيلن جي نشاني جو شڪار ٿي مارجي ويو. جيتوڻيڪ
انھيءَ بھادرءَ تي سرڪار ٻھ ھزار روپيا اسان کي
انعام ڏنو، مگر اھي ڪھڙي ڪم جا. ٿورن ڏينھن ۾ اھي
ختم ٿي ويا، بابي منھنجي تعليم تي خرچ ڪري ڇڏيو ھو
تنھنڪري پئسو ڏوڪڙ پٺتي ڪونھ ڇڏيو ھيائين، نوڪريءَ
جي ڏاڍي ڪوشش ڪيم پر ھن زماني ۾ ايمانداري يا
محنت ڪري فرسٽ ڪلاس ۾ اچڻ کي ڪير ٿو ڏسي. ڏاڍي
ڪوشش ڪيم تھ بابي جي بھادريءَ جي آڌار تي من ڪا
نوڪري ملي وڃي، پر آفيسرن منھن کڻي ڦيرايو، مان ۽
منھنجي ماءُ ڏکيو سکيو وقت گذارڻ لڳاسين تنھن
ھوندي بھ ڪوشش کان ڪين گھٽايم.
بابو مون کي ھميشھ چورن، بدمعاشن ۽ ڌاڙيلن جي
ڪارواين بابت جڏھن نوڪري کان موٽي ايندو ھو تھ
ٻڌائيندو ھو. امان ۽ آئون ماٺ ڪري ھن جون ڳالھيون
ٻڌندا ھئاسين، ڪيئن انھن کي منھن ڏجي، انھن جو
مقابلو ڪجي، ۽ روڪجي، اسان کي سڀ ٻڌائيندو ۽ چوندو
ھو تھ گھڻو ڪري گناه ڪندڙ ماڻھو ڇاڪاڻ تھ پنھنجي
ڪرتوتن کان وقف ھوندا آھن تنھنڪري انھن جو اندر ئي
کاڌل ھوندو آھي، ۽ سندن ضمير ئي کين ملامت ڪندو
رھندو آھي، پر ھو گناه ڪندي ڪندي ھري ويندا آھن ۽
نٺر ٿي پوندا آھن، بابي جون اھي ڳالھيون ٻڌي آئون
دل سان ھنڊائي ياد رکندو ھوس ۽ اتفاق اھڙو ٿيو جو
ھڪ ڀيري اھي ڳالھيون مون کي ڪم اچي ويون.
ھڪ ڏينھن آئون ھاڪي مئچ ڪڏي گھر موتي رھيو ھوس ۽
اتفاق جي ڳالھھ تھ ھن ڏينھن راند ڪندي آئون ڏاڍو
ٿڪجي پيو ھوس، تنھنڪري ھڪ ھٿ گاڏي واري وٽ جو ليمن
سوڍا وڪڻندو ھو ڪجھھ پيئڻ لاءِ گھڻو دير ترسي پيس.
انھيءَ وچ ۾ ٻيا رانديگر ۽ جيڪي ماڻھو مئچ ڏسڻ آيا
ھئا سڀ ھليا ويا. ۽ آئون ڇڙو رھجي ويس پر مون ھن
جي پرواه نھ ڪئي جو مونو ٽ موٽر سائيڪل ھئي، اڃا
ايتري اونده ڪانھ ٿي ھئي بس سج رڳو لھي رھيو ھو،
جتي اسان جي ھاڪي فٽ بال يا ڪرڪيٽ وغيره راند ڪرڻ
جو ميدان ھو سو ٽي يا چار ميل کن پنڌ تي شھر کان
ٻاھر ھو. شھر ۽ انھيءَ ميدان جي وچ ۾ ھڪڙو ننڍو
ٻيلو ھو جنھن جي وچان ھڪ پڪي سڙڪ ھئي ميدان جي ٻئي
طرف بھ بستي ھئي جنھن کي غريب آباد سڏيندا ھئا،
آئون ٿڪ ڀڃي ٿڌي ليمن وغيره پي پنھنجي موٽر سائيڪل
تي چڙھي گھر ڏانھن روانو ٿيس. ڪجھھ ڪجھ روشني اڃا
ھئي، پڪي سڙڪ جي اڌ تائين مس پھتو ھوس تھ پريان ھڪ
شور ليٽ موٽر بيٺل ڏٺم جا خالي ھئي، مون سمجھيو تھ
شايد ھن جو مالڪ پيشاب ڪرڻ لاءِ جھاڙين ۾ ويو آھي
تھ ايتري ۾ دل ڏريندڙ ڪوڪ ٻڌم! آئون بيھي رھيس،
جنھن پاسي کان رڙ ٻڌڻ ۾ آئي ھئي نظر ڊوڙائي ڏٺم تھ
ھڪڙا ٽي ماڻھو ھڪ نوجوان کي جو سوٽ بوٽ ۾ نيڪٽائي
پاتل ھو گھليو پيا وڃن. ٻن ڄڻن ھن کي ٻانھن کان
پئي گھليو ۽ ٽئين جي ھٿ ۾ چاقو ھو جنھن ھن کي
ڏيکاري اڳتي ھلڻ لاءِ پئي چيو. آئون سمجھي ويس تھ
اھي ڪي غنڊا ھئا، جي ھڪ شريف کي ڦرڻ لاءِ گھليو
پيا وڃن، مون ڇا ڪيو جو پنھنجي موٽر سائيڪل کي
موٽر جي پٺيانن بيھاري ۽ پنھنجا بوٽ لاھي، ھاڪي
(اسٽڪ) کڻي ھنن جي ڪڍ ويس! انھن کي خبر ئي ڪانھ
پئي ڦڙتيءَ سان چاقو واري ماڻھوءَ جي ڪلھي تي
ھاڪيءَ سان اھڙو زوردار ڌڪ ھنيم جو ھن جو چاقو ھٿ
مان ڇڏائجي ويو ۽ ھو ٻئي ھٿ سان پنھنجو ڪلھو جھلي
بيھي رھيو، ٻھ ڄڻا جي نوجوان کي گھلي رھيا ھئا،
پٺتي ڦري ڏسڻ لڳا تھ ڇا آھي. ايتري ۾ مون ٻئي
ماڻھوءَ جي ڪاپار تي زور سان ڌڪ ھنيو ۽ رڙ ڪري ڄڻ
ڪن ماڻھن کي سڏيو تھ ”ڇا ٿا ڪريو جلدي اچو.“
بدمعاش سمجھيو تھ مون سان ٻيا بھ ڪي ماڻھو آھن، سو
پڇ پائي ڀڳا، مون ڏٺو تھ نوجوان جي ھٿ مان رت وھي
رھيو ھو.
نوجوان چيو، ڪجھھ ڪونھي گھلڻ ۾ ھٿ کي انھن جو چاقو
لڳي ويو! تنھنجي وڏي مھرباني جو تون مون کي انھن
غنڊن کان بچايو.
مان: پر تون ھنن جي ور ڪيئن چڙھين ۽ ھيءَ موٽر
ڪنھن جي آھي؟
نوجوان: موٽر منھنجي آھي پر جڏھن آئون اتي پھتس تھ
ھڪ ماڻھو منڊڪائي ٻنھي ڪلھن تي ھٿ رکي ڪنجھندو وڃي
رھيو ھو، ھڪ ڄڻي رڙ ڪري مون کي چيو تھ ادا ھن کي
ڏاڍو ڌڪ لڳو آھي مھرباني ڪري اسان کي شھر تائين
وٺي ھل. آئون ڌوڪي ۾اچي ھيٺ لھي ھنن جي ويھڻ لاءِ
پٺيان موٽر جو درواز کوليو تھ ٽنھي ڄڻن مون کي کڻي
سوگھو جھليو، ھڪڙي چاقو ڏيکاري مون اندر جھنگل ۾
ھلڻ لاءِ چيو، ڇڪتاڻ ۾ چاقو منھنجي ھٿ کي لڳي ويو
ايتري ۾ مون تنھنجي موٽرسائيڪل جو آواز ٻڌو
تنھنڪري زور سان رر ڪيم تھ تون من مدد لاءِ پھچي
وڃين، تو منھنجي جان بچائي آھي، ھي ماڻھو يا تھ
مون کي ماري وجھن ھا يا تھ منھنجا پئسا کڻي وڃن
ھا، ھاڻي ڀلائي ڪري مون سان گڏ ھل تھ اچ، دھلي
ھوٽلن ۾ ھلي ھٿ منھن ڌوئي پٽي بھ ڪري وٺان ۽ پوءِ
ويھي ڳالھيون بھ ڪنداسين.
(2)
دھلي ھوٽل ۾ ھلي ھن گرم پاڻي ۽ صابڻ گھرائي چڱي
طرح رت ڀريل ھٿ ڌوتا، معمولي وڍ اچي ويو ھوس، پوءِ
ڪجھھ ڪباب گھرائي کاڌاسين ۽ چانھھ جو آرڊر ڏيئي
ڳالھيون ڪرڻ لڳاسين.
مون کي معلوم ٿيو تھ ھن جو نالو محمود آھي، ۽ ڪروڙ
پتي حميد خان جو پٽ آھي، جنھن جا ڪپڙي جا ٻھ، ٽي
ڪارخانا آھن، محمود گھڻو ڪري انھن ڪارخانن جي نظر
داري ڪندو آھي ۽ اڄ اتفاق سان گھمڻ جي خيال سان
اچي نڪتو ھو تھ کيس سان ھي حادثو پيش آيو. پوءِ
پنھنجو ڪارڊ ڪڍي چيائين تھ، دوست! تنھنجو ڪو ڪم
پوي تھ ھن پتي تي خط لکجانءِ، يا روبرو اچي
ملجانءِ. پوءِ مون کان حال احوال ورتائين.
مون ٻڌايومانس تھ منھنجو نالو محسن آھي، کلي
چيائين تھ تون واقعي محسن آھي، پوءِ پڇيائين تھ ڇا
ڪندو آھين؟
مان: يار بيڪار ويٺو آھيان! بي، اي آنرس فرسٽ ڪلاس
۾ پاس ڪري بھ نوڪريءَ لاءِ ڌڪا پيو کاوان، سرڪار
کي بھ نوڪريءَ لاءِ لکيم تھ من بابي جي بھادري جو
جي ڪارنامي کي ڏسي نوڪري ملي وڃي پر ڪنھن بھ ڪونھ
پڇيو.
محمود: تنھنجو پيءُ ڇا ڪندو ھو؟
مان: منھنجو پيءُ شريف خان پوليس ۾ سب انسپيڪٽر
ھو، مون کي حيرت سان ڏسندين چيائين: اڙي! شريف خان
اھو تھ نھ، جنھن جو بيان اخبار ۾ آيو ھو تھ ڌاڙيلن
سان جنگ ڪندي مارجي ويو!
مان: (غمگين لھجي ۾) ھا اھوئي.
محمود: تنھنجو ٻيو ڪو مائٽ آھي.
مان: نھ بابا اڪيلو ھوندو ھو باقي ھڪ ٻڍڙي ماءُ
اٿم، ڏٺم تھ محمود جي چھري مان افسوس جا آثار نظر
آيا، اٿندي وري منھنجا ٿورا بجا آندائين ۽ چيائين
تھ آئون ڏسندس تھ تنھنجي ڪھڙي مدد ڪري سگھان ٿو.
منھنجي ائڊريس پڇي ھٿ ملائي موٽر ۾ چڙھي ھليو ويو.
گھر پھچي انھيءَ حادثي جو بيان امان سان ماني
کائيندي مون ڪيو، جنھن چيو تھ ”پٽ اھڙا خطري جا ڪم
ڪندو ٿو وتين، پنھنجي سنڀال رک! منھنجو ڏسڻ وارو
ٻير ڪير آھي؟“
پوءِ مون محمود جي ڳالھھ ڪئي، تنھن تي چيائين ”ھا
پٽ انھن وڏن ماڻھن جي ڇا ڳالھھ ڪجي! انھن کي ڪھڙي
خبر تھ غريب ماڻھو پنھنجي زندگي ڪيئن گذاري رھيا
آھن.“
محمود کي ملي چار مھينا گذري ويا، انھيءَ وچ ۾
مسواڙ جي گھر تي امان پنھنجا زيور ھڪٻئي پٺيان
وڪڻندي وئي، مون کيس گروي رکڻ لاءِ چيو تھ، چيائين
گروي رکڻ ۾ ايترا پئسا ڪونھ ملندا ۽ نڪو اسين گروي
رکيل شيءِ وري ڇڏائي سگھنداسين، تنھن جي ڪري الٽو
نقصان ٿيندو.
آئون صبح کان نوڪري جي تلاش ۾ نڪرندو ھوس پر ڪو
ٻوٽو نھ ٻريو، امان جا زيور بھ ختم ٿيڻ تي پھتا
ھئا، باقي ڪي منڊيون وڃي بچيون ھيون، پريشان ھو تھ
ڇا ڪريان، شام جو رلي پني آيس تھ امان ھڪ لفافو
ڏنو جنھن تي منھنجو پتو لکيل ھو، پر ھٿ اکر مون
ڪين سڃاتا ڇاڪاڻ تھ منھنجي ڪنھن دوست جا ھٿ معلوم
نٿي ٿيا. نيٺ خط کولي ڏٺم تھ اندر حميد ملس ليميٽڊ
لکيو پيو ھو. سمجھيم تھ ضرور محمود جو خط آھي،
تڪڙو تڪڙو خط پڙھيم ۽ خوشيءَ سان ٽپ ڌيئي اٿيس،
امان جا اندران نڪري آئي تنھن کي وٺي ڀاڪر پاتم،
تنھن بدحواس ٿيندي پڇيو تھ ڇا آھي؟ کيس ٻڌايم تھ
نوڪري ملي وئي.
امان: ٿڌو ٿي ٻڌاءِ تھ ڪنھن جو خط آھي؟ ڇا جي
نوڪري؟ خط پڙھي ٻڌاءِ، امان کي ڪرسي تي ويھندي چيم
تھ خط محمود جو آھي، نھايت مختصر آھي لکيو اٿس تھ
مون تنھنجي نوڪريءَ جو بندوبست ڪري ورتو آھي، ھڪ
ھنڌ مئنيجري جي نوڪري آھي. چئن مھينن تائين ڪم
سکڻو پوندو، جنھن لاءِ ساڍا ست سئو روپيھ ماھوار
پگھار آھي، چئن مھينن کان پوءِ ھڪ ھزار روپيا
پگھار مقرر ڪئي ويندي. في الحال جنھن حالت ۾ بابا
۽ چاچا جي فئملي ولايت ويل آھي ۽ بنگلو سڄو خالي
پيو آھي تنھنڪري ھن خط ملڻ شرط چوٿين ڏينھن ڪراچي
ھليو اچ ۽ پنھنجي ماءُ کي بھ وٺيو اچج، نھ تھ
اڪيلي اباڻڪي ٿيندي، پوءِ جدا رھڻ جو بندوبست ڪيو
ويندو، آئون اسٽيشن تي توھان کي وٺڻ لاءِ ايندس،
تون ڪوئٽيا ميل ۾ ھليو اچج.
امان خط ٻڌي ڏاڍي سرھي ٿي ۽ چيائين تھ ”بيشڪ محمود
وارا ڪي ڏاڍا خانداني ماڻھو آھن، خدا جا لک شڪرانا
آھن جو توکي نوڪري ملي وئي آئون سمجھان ٿي تھ
محمود پنھنجي ڪنھن ڪارخاني ۾ ئي تنھنجو بندوبست
ڪيو آھي.“ ۽ حقيقت ۾ ھو بھ ائين.
(3)
آئون امان کي وٺي ڪراچي پھتس، محمود موٽر سميت
اسان کي اسٽيشن تي وٺڻ آيو ھو، جتان اسين سندس
بنگلي تي پھتاسين، بنگلو نھايت عاليشان ھو، محمود
مون کي ٻڌايو تھ ”بابا، چاچا ۽ سندس فيملي ولايت
وڃڻا ھئا. مون بابا سان ڳالھھ چوري تھ ٽن ڪارخانن
کي سنڀالڻ منھنجي وس کان ٻاھر آھي، ڇاڪاڻ تھ ڪم
وڌي ويو آھي ۽ ٻيو شڪ پوي ٿو تھ حساب ڪتاب ۾ گھوٻي
پئي لڳي جو ھو سمجھن ٿا تھ ٽن ڪارخانن جو ڪم
سنڀالڻ تنھنجي لاءِ ممڪن نھ آھي، تنھن تي ٻنھي مون
کي چيو تھ ”شاباس! اسان کي پاڻ شڪ ھو تھ ائين پيو
ٿئي ۽ اسان اڳي ئي فيصلو ڪيو ھو تھ ھڪ مئنيجر
ولايت وڃڻ کان اڳ مقرر ڪري وينداسين، اسان کي ھي
ڳالھھ ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿي آھي تھ تون نھايت بيدار
آھين ۽ ھر ڳالھھ کي ڌيان ۾ رکيو ويٺو آھين، ابا،
ڌنڌو ائين ھلندو آھي، ھاڻي اسين بي فڪر ٿي ولايت
وينداسين. سڀاڻي ٽن چئن اخبارن ۾ اشتھار ڏيئي ڇڏ
تھ اسان کي ھڪ ھزار روپئي پگھار تي ھڪ ماڻھو گھرجي
جو مئنيجري جو ڪم سنڀالي سگھي.“
انھيءَ تي مون بابا ۽ چاچا کي چيو تھ مون وٽ ھڪڙو
ماڻھو اڳي ئي موجود آھي، پوءِ مون غنڊن واري ڳالھھ
ڪئي ۽ پنھنجي وڍيل ھٿ جا نشان ڏيکاريا ۽ کين سان
تنھنجو ذڪر ڪيم ٻڌي وائڙا ٿي ويا. توکي رکڻ ۾ راضي
ھئا، پر چيائون تھ تون تجربيڪار ھوندين، تنھن تي
مون ٻڌايو تھ چئن مھينن تائين توکي ڪم سيکاريندس ۽
پگھار فقط ساڍا ست سئو ڏيندس، جڏھن ڪم سکي وٺندين
تھ چئن مھينن کان پوءِ پگھار ھزار روپيا ڪيو
ويندو. کليا ۽ چيائون تھ ھاڻي تو ڪم ڪار جو ھوشيار
ٿي ويو آھين، چڱو جيڪا تنھنجي مرضي. انھن جي اسھڻ
کان پوءِ مون مناسب سمجھيو تھ توکي گھرايان ڇاڪاڻ
تھ مون کي خيال ھو تھ اچڻ لاءِ تھ تون اچي ويندين،
پر رھندين ڪٿي، ھاڻي ٻئي بنگلا خالي آھن، تون رھي
سگھين ٿو، تيستائين تنھنجي لاءِ ڪارخاني وٽ نئون
بنگلو چئن مھينن ۾ تيار ٿي ويندو. باقي بابا ۽
چاچا جي موٽڻ کان اڳي تون پنھنجو ڪم سکي وٺ، پوءِ
تھ انھن کي بھ ڪنھن قسم جي شڪايت نھ رھندي.
آئون اھي ڳالھيون ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيس ۽ محمود جو
ٿورائتو ٿيس، ويتر ھن منھنجو وات اھو چئي تھ ”تون
منھنجي جان بچائي آھي.“ بند ڪري ڇڏيو. صبح جو اٿي
اسان ٻئي سڀئي ڪارخانن ۾ وياسين ۽ مون پنھنجو ڪم
سمجھڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ سکڻ لڳس، محمود مون کي ھر
ڪا شيءِ سمجھائڻ لڳو، آئون نھايت ڌيان سان پنھنجو
سڄو ڪم ڪرڻ لڳس، جتي منجھندو ھوس تھ محمود مون کي
دڳ لائي ڇڏيندو ھو، اھڙي طرح ٻن مھينن اندر آئون
ھر ڪنھن قسم جو ڪم پاڻ سنڀالڻ جھڙو ٿي پيس. خاص
ڪري لک پڙھ جو ڪم نھايت خوبيءَ سان ٿيڻ لڳو ۽
محمود جي مٿي تان گھڻو بار ھلڪو ٿي ويو، منھنجي
محنت ۽ ڪم تي پورو ڌيان ڏسي، محمود بھ ڏاڍو خوش
ٿيو، تان جو چار مھينا بھ پورا ٿيڻ تي آيا ۽
ڪارخاني ۾ منھنجو بنگلو بھ تيار ٿي چڪو ھو. محمود
مون کي چيو تھ بابا چاچا سڀ اچڻا آھن تنھنڪري ھاڻي
تون پنھنجي ئي بنگلي ۾ ھلي رھ، باقي اسين روز پاڻ
۾ گڏ آھيون.
(4)
اڄ اسين صبح جو سويلي تيار ٿي ھوائي اڏي تي
پھتاسون، ھوائي جھاز پوري وقت تي اچي پھتو، محمود
مون کي پھريائين پنھنجي پيءُ سان ملايو ۽ پوءِ
پنھنجي چاچي سان. ھڪ معمر مائي بھ ھئي، سمجھيم تھ
اھا محمود جي چاچي ھئي، جنھن کي مون نمي سلام ڪيو،
ٻھ ڇوڪريون بھ گڏ ھين جن مان ھڪڙي ڏاڍي چلولي ۽
چنچل ھئي جا محمود جي سوٽ سلمھ ھئي ۽ ٻي نھايت
خاموش طبيعت محمود جي ڀيڻ زبيده ھئي، ٻھ موٽرون
ھيون، ھڪي ۾ محمود، سندس ڀيڻ پيءُ، چاچو ۽ سندس
فيملي جڏھن بنگلي تي پھتاسون تھ محمود مون کي چيو
اٺين بجي اچج تھ گڏجي سڀئي ناشو ڪنداسين.“
ناشتي جي ميز تي حميد صاحب مون کان پڇيو تھ ڀلا ڪر
خبر ڪم ڪار سڄو سمجھھ ۾ اچي ويو آھي ڪو نھ؟ اڃا
آئون جواب ڏيان ئي ڏيان تھ محمود وچ ۾ چوڻ لڳو:
ٻيءَ ۾ ”بابا اوھين پاڻ ڏسندا تھ ڇا ٿيو آھي! مون
حساب کي چيو جا آھي تھ اڃا تائين پنج لک اچي چڪا
آھن، باقي ھفتي کن ۾ ٻيا ٻھ لک اچي ويندا.
حميد خان: اھو ٻڌي آئون ڏاڍو خوش ٿيو آھيان.
محمود: بابا بنگلي جو جيڪو ذڪر مون اوھان سان ڪيو
ھو سو تيار ٿي ويو آھي ۽ محسن ھاڻي پنھنجي ماءُ
سان اتي رھي ٿو، منھنجي خيال ۾ جيڪڏھن اوھان جي
اجازت ھجي تھ محسن کي ھڪ نئين موٽر وٺي ڏجي. ڇاڪاڻ
تھ ڪم ۾ رنڊڪ ۽ دير ٿي ٿئي. محسن کي پوري نگرانيءَ
لاءِ ھڪ ڪارخاني کان ٻئي ڪارخاني وڃڻو پوي ٿو ۽
مون کي پنھنجو ڪم آھي، جيسين منھنجي موٽر اچي،
محسن کي سيڙڻو پوي ٿو.
حميد صاحب اجازت ڏني، آئون وائڙو ٿي ويس، سلمھ
مون کي ٽيڏي اک سان جاچي رھي ھئي، ڳالھيون ڪندي
حميد صاحب مون کان پڇيو، ”محسن تو ڇا پاس ڪيو
آھي؟“
مان: صاحب! بي، اي آنرس فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيو آھي.
محمود: محسن سب انسپيڪٽر شريف جو پٽ آھي، جنھن
بابت اوھان اخبار ۾ پڙھيو ھوندو جو ڌاڙيلن سان
وڙھندي مارجي ويو ھو.
حميد خان: ھا! برابر ھاڻي مون کي ياد اچي ٿو!
(ڀاءُ سان مخاطب ٿي) ادا توکي تھ خبر آھي تھ شريف
خان، دائود خان پوني واري جو پٽ آھي ۽ دائود خان
جي سان اسان جي ڏورانھين مائٽي آھي، ڏاڍا خوددار
ماڻھو ھئا.
سڀئي حيران ٿي مون کي ڏسڻ لڳا.
وقت سٺو گذرندو ويو، سڀني جي طبيعت ۾ عجيب و غريب
انقلاب اچڻ شروع ٿيو، چوندا آھن، ”عشق ڏسي نھ ذات
نھ پات“ پھرين ڏينھن کان جو مون سلمھ کي ڏٺو ھو تھ
منھنجي طبيعت ھن ڏانھن مائل ٿي وئي ھئي، پر آئون
پنھنجو قدر سڃاڻندو ھوس. ڪيترا ڀيرا دل کي سنڀاليم
تھ ڪٿي ھي ماڻھو ڪٿي منھنجي اوقات، مگر واقعن
ايترو جلد ڦيرو کاڌو جو آئون گھٻرائجي ويس سلمھ جي
دل بھ مون ڏانھن راغب ٿيڻ لڳي، بلڪھ ھوءَ ڪا
پرواه نھ ڪندي مون سان گھمڻ گھتڻ لڳي، ڪلفٽن تي
وڃون تھ گڏ، ڪياماڙي تي وڃون تھ بھ گڏ، ھر قسم
جي پارٽين ۽ سئنيمائن ۾ اسين گڏ وڃڻ لڳاسين، پر ھڪ
ڏينھن بھ مون پنھنجي محبت ظاھر نھ ڪئي، بلڪھ
انھيءَ چڻنگ کي دٻائي رکيم، انھيءَ ڳالھھ کي ٻھ
مھينا ٿي ويا، محمود جڏھن بھ ملندو ھو تھ نھايت
خنده پيشاني سان آئون پنھنجو ڪم ڏاڍيءَ محنت ۽
ھوشياريءَ سان ڪندو آيس، ڪنھن کي ڪجھھ چوڻ جو
موقعو نھ ڏنم ھڪ ڏينھن حميد خان جو حڪم آيو تھ
آئون ھن گھر تي ملي وڃان، آئون جيئن ھميشھ جي
معمول مطابق اندر ڊرائنگ روم ۾گھڙيس تھ مون کي
ڊرائنگ روم مان محمود ۽ حميد خان جو ڳالھائڻ صفا
ٻڌڻ ۾ آيو:
حميد خان: پٽ زمانو ڏاڍو نازڪ آھي! ڪنھن تي بھ
اعتبار نھ ڪرڻ گھرجي، مون کي انھن جو آزاد گھمڻ
پسند نھ آھي.
محمود: بابا جيئن اوھين سمجھو ٿا تيئن نھ آھي،
محسن اھڙو شخص نھ آھي جو اسان سان ڌوڪو ڪندو، ھو
نھايت سمجھو ۽ پنھنجو قدر ڄاڻي ٿو.
حميد خان: مون ھن کي اڄ سڏيو آھي، الائي اڃا
تائين ڇو نھ آيو.
محمود: ضرور ايندو، ھلو ڊرائنگ روم ۾ ھلي ويھون،
ھو ڊرائنگ روم مان اڃا نڪرن ئي نڪرن تھ مان ٻاھر
گئلري ۾ وڃي بيٺس، ٻن ٽن منٽن کان پوءِ در کولي
اندر ويس تھ محمود اٿي بيٺو ۽ پيءُ کان موڪلائي
مون سان بيٺي خير و عافيت ڪندي ٻاھر نڪري ويو.
حميد صاحب مون کي ويھڻ لاءِ چيو ۽ ڪاروبار جي پڇا
ڳاڇا ڪيائين.
مان: حضور ھڪ ڳالھھ جي اجازت ھجي تھ ڪريان؟ ھن مٿو
لوڏي مون کي اجازت ڏني.
مان: حضور اسسٽنٽ مئنيجر مسٽر ستار جا طريقا مون
کي نٿا وڻن، مون ڏٺو آھي تھ ٻھ ٽي ڀيرا چيڪ يا
پئسا آيا آھن تھ ھفتي تائين بئنڪ ۾ نھ موڪليا اٿس،
انھيءَ لاءِ مون کيس ڇينڀيو آھي.
حميد خان: تو اھا ڳالھھ محمود سان ڪئي آھي؟
مان: نھ، ڇاڪاڻ تھ محمود جو ھن ۾ تمام گھڻو اعتماد
آھي.
حميد خان: محسن اڄڪلھھ مون ٻڌو آھي تھ تون سئنيما
ڏيڻ گھڻو ٿو وڃين؟
مان: سائين مون کي سئنيما جو شوق بلڪل نھ آھي پر
جڏھن اوھان جي ڪن ماڻھن جو حڪم ٿئي ٿو تھ مجبور
ٿيو پوان.
حميد خان: چڱو محسن، سڀاڻي شايد محمود ٻاھر وڃڻو
آھي تنھنڪري آفيس جو خيال رکج.
آئون موڪلائي آفيس ڏانھن روانو ٿيس، سڄي واٽ
سوچيندو رھيس تھ پيءُ پٽ ۾ مون ۽ سلمھ بابت ئي
ڳالھھ ٿي رھي ھئي ۽ محمود جو ائين چوڻ تھ محسن
پنھنجو قدر سڃاڻي ٿو مون ۽ سلمھ بابت ئي ھو ۽ پوءِ
حميد خان جو طعنو ڏيڻ تھ آئون سئنيما گھڻو ڏسان
ٿو معنيٰ خيز ھو. ڇاڪاڻ تھ آئون رڳو سلمھ سان ئي
سئنيما ڏسڻ ويو آھيان، ٻيو ڪنھن سان ڪڏھن ڪونھ ويو
آھيان، بيشڪ محمود جنھن جي مھرباني سان آئون
انھيءَ درجي تي پھتو ھوس، تنھن جو مون کي خيال رکڻ
کپندو ھو، مگر اڄ ڏينھن تائين مون تھ ڪجھھ بھ ڪين
ڪيو ھو ۽ پنھنجي محبت کي دٻائي رکيو ھو جيڪا
اڳرائي ٿي رھي ھئي سا سلمھ جي طرفان ئي ھئي، آئنده
آئون پاڻ کي وڌيڪ روڪيندس.
آفيس پھچي آئون ڪم ۾ رڌو رھيس، ٻپھرن جو ماني بھ
نھ کاڌم، شام جو سلمھ چيو ھو تھ گھر اچجانءِ پر
آئون نھ ويس، سڌو پنھنجي بنگلي تي ھليو ويس. چانھھ
پي سوچيندو رھيس نيٺ ستين بجي دل وندرائڻ لاءِ وڏي
باغيچي ۾ ھليو ويس. ھڪ اھڙي بينچ تي وڃي ويٺس، جا
بلڪل نويڪلي ھئي البتھ بينچ جي پٺيان مينديءَ جي
وڻن جو اھڙو جھڳٽو ھو جو آئون نھ ھن ڀر ڪنھن کي
ڏسي ٿي سگھيس نھ ٻيو ڪو ماڻھو جتي آئون ويٺو ھوس
مون کي ڏسي سگھيو. ھوا نھايت خوشگوار ۽ فرحت ڏيندڙ
پئي لڳي، آئون خيالن جي دنيا ۾ غرق ٿي ويس، اوچتو
ميندي جي جھڳٽي جي پٺيان مون کي محمود ۽ سلمھ جي
ڳالھائڻ جو آواز ڪنن تي پيو. آئون ماٺ ڪري انھن
جي گفتگو ٻڌڻ لڳس.
محمود: سلمھ! ڇا منھنجي محبت جي آزمائش وٺي رھي
آھين يا مون کي ساڙڻ لاءِ تون محسن سان گھمندين
وتين! ڇا توسان محبت ڪرڻ جو منھنجي لاءِ ھي انعام
آھي؟ ڇا تو پنھنجا سڀ وعدا وساري ڇڏيا؟
سلمھ: محمود! آئون ڏاڍي مجبور آھيان!
محمود: ڇا جي مجبوري آھي؟ ھڪ پاسي بابا ۽ چاچا
شادي جي تياري ڪرڻ لاءِ تيار آھن ٻئي طرف تنھنجي
ھي پار آھن.
سلمھ: محمود، آئون برابر تنھنجي قصور وار آھيان پر
ڇا ڪريان دل مڃي ئي نٿي، آئون ڪنھن ٻئي کي چاھيان
ٿي.
محمود: ڇا ھن توسان پنھنجي محبت جو ذڪر ڪيو آھي؟
سلمھ: نھ، ھن ڪڏھن بھ اھڙو ذڪر نھ ڪيو آھي، پر
منھنجي دل چوي ٿي تھ ھو مون سان محبت ڪري ٿو.
محمود: تو ھن کان پڇيو آھي جي نھ تھ پڇي ڏسينس،
آواز بند ٿي ويو. آئون ڏاڍو بيقرار ھوس، نيٺ
منھنجن اکين مان ڳوڙھا وھڻ لڳا جڏھن چڱي طرح روئي
بس ڪيم تھ طبيعت ۾ ھڪ قسم جو لاڙو محسوس ڪيم.
سوچڻ لڳس تھ مون کي ڇا ڪرڻ آھي، ھڪ اھڙي دوست سان
جنھن مون کي سھارو ڏنو تنھن سان ائين ڪريان!
منھنجي منھن تي ئي نٿي پيو. محمود جا پويان لفظ
”پڇي ڏسينس“ ٻڌائي رھيا ھئا تھ جيڪڏھن ھن کي خبر
پئي تھ سچ پچ آئون سلمھ سان محبت ٿو ڪريان تھ ھو
پاڻ کي قربان ڪري ڇڏيندو. ڇاڪاڻ تھ ھو ائين سمجھي
رھيو ھو تھ مون ھن جي جان بچائي آھي، حقيقت ۾
منھنجو خيال ھو تھ غنڊن رڳو پئسن ڦرڻ جو ويچار ڪيو
ھو ۽ رستي کان پري وٺي وڃڻ ٿي گھريائون، ٿوري دير
کان پوءِ مون پنھنجي دل ۾ فيصلو ڪري ورتو تھ مون
کي ڇا ڪرڻو آھي.
آئون سڌو سلمھ جي جاءِ تي پھتس، ڏٺم تھ ھوءَ ماٺ
ڪري ويٺي آھي. مون کي ڏسڻ شرط چھري تي رونق اچي
ويس.
سلمھ: محسن، مون توکي شام جو سڏيو ھو تون ڇو ڪين
آئين؟
مان: سلمھ انسان کي دنيا ۾ ٻيا ڪم بھ آھن، اڄ تمام
گھڻو ڪم ھو، فرصت ئي نھ ملي، اڄ سڄو ڏينھن ڪونھ
مليا آھيون، رڳو صبح جو حميد صاحب سڏايو ھو، محمود
مون کي اتي مليو ھو، پر مون کي ڇڏي ھليو ويو.
سلمھ: چاچا ڇو سڏايو ھو؟
مان: ڪارخاني جا ڪيترائي ڪم ھوندا آھن، جن بابت
صلاح ڪرڻي پوندي آھي.
سلمھ: چاچا ٻيو بھ ڪجھھ پڇيو ھو ڇا؟
مان: نھ، ڇو ڪجھھ آھي ڇا؟
سلمھ: محسن ھڪ ڳالھھ پڇانءِ ٿي صاف صاف ٻڌائجانءِ.
مان: جيڪي پڇڻو ھجيئي سو پڇ.
سلمھ: محسن آئون توسان پيار ڪريان ٿي مون سان شادي
ڪندين؟
آئون ڪيتري دير تائين ماٺ ۾ ويٺو رھيس ۽ ڏاڍي مشڪل
سان پنھنجي جذبات تي قابو پائي کيس چيم، سلمھ چري
ٿي آھيم ڇا، چڱي خاندان جون ڇوڪريون ائين ڪڏھن ڪين
ڪنديون آھن، تنھنجا وڏا ويٺا آھن جتي ھو تنھنجو
بندوبست ڪن توکي ماٺ ڪري قبول ڪرڻ گھرجي. آئون جو
توسان ملندو ھوس تو شايد مون کي غلط سمجھيو آھي.
سلمھ پنھنجي ٻنھي ھٿن سان منھن ڍڪي روئڻ لڳي، پاسي
کان دروازو کليو، حميد صاحب ۽ چاچو ٻئي نڪري آيا.
حميد: شاباس محسن، اسان کي تومان اھائي اميد ھئي،
محمود سچ ٿي چيو.
مان: اوھين مھرباني ڪري سلمھ کي سنڀاليو آئون وڃان
ٿو، آئون موٽي گھر آيس، امان کي چيم تھ ماني ڪونھ
کائيندس. ڪپڙا لاھي ميز وٽ ويھي رھيس ۽ سڄي معاملي
تي سوچڻ لڳس، دل ڀرجي آئي، ڏاڍو رنم طبيعت جڏھن
ھلڪي ٿي ھڪ خيال دم ۾ آڻي محمود کي ھڪ خط لکيم:
پيارا دوست محمود!
آئون وڃان ٿو سڀني لاءِ ائين بھتر آھي! حميد صاحب
توکي ٻڌائيندو، امان جو خيال رکجانءِ.
خدا حافظ.
احسان مند محسن
اھو خط لکي محمود جو پتو لکيم نوين بجي آفيس
پھتس، محمود ٻاھر ويل ھو، خط ھن جي ميز تي رکي
ڪجھھ ضروري ڪاغذ نيڪال ڪري پٽيوالي کي چيم تھ ٻاھر
جيڪڏھن رڪشا بيٺي ھجي تھ ھن کي ترسائي ڇڏ آئون
اچان ٿو. پٽيوالو حيران ٿي مون کي ڏسڻ لڳو. آئون
ھڪ ننڍو سوٽ ڪيس اڳي ئي تيار ڪري گھران کڻي آيو
ھوس، رڪشا ۾ ويھي ڪياماڙي پھتس، سر سوتي جھاز
بمبئي وڃڻ لاءِ تيار بيٺو ھو، صبح جو مون بمبئي
وڃڻ جو اڳي ئي سمورو بندوبست ڪري ڇڏيو ھو، جھاز اڌ
ڪلاڪ کان پوءِ روانو ٿي ويو.
(5)
منھنجي لاءِ ٻيو ڪو چارو نھ ھو، امان کي انھيءَ
لاءِ ڇڏي ويس تھ محمود اھڙو ھو جو ھن کي پنھنجي
ماءُ وانگر سنڀاليندو، گھٽ ۾ گھٽ امان اتي سکي
رھندي، بمبئيءَ ۾ بھ مون کي سک نھ آيو، ھڪ ڏينھن
شام جو چوپاٽي تي وڃي نڪتس، ڏٺم تھ ھڪ ساڌو ويٺو
آھي ۽ ماڻھن جو گوڙ لڳو پيو آھي، ساڌو وڏي آواز
سان ڳائي رھيو ھو، سندس آواز ڏاڍو سريلو ھو ۽ آواز
۾ بيحد سوز ۽ درس ھيس:
دکھيا من ھي دکھيا کايا، چھوڙ گيا ھي اپنا پرايا
دنيا کيا ھي؟ کھوڻي مايا، مايا کو سب چاھين بابو
مون جھڙي عشق جي ڌڪ کاڌل شخص تي انھيءَ راڳ جي ٻول
آفت جو ڪم ڪيو، آئون اتي ئي ويھي رھيس، ھن راڳ جو
ھڪ ھڪ لفظ بڙڇي وانگر منھنجي دل ۾ ڇڀي رھيو ھو،
منھنجي اکين مان ڳوڙھا زارو قطار وھي رھيا ھئا،
ساڌوءَ جي نظر مون تي پئي، پر ھو ور ور ڏيئي اھي
ٻول آلاپي رھيو ھو، مون ايترو رنو جو بيھوش ٿي
ويس، خبر جڏھن پئي تھ ساڌو پنھنجي لوٽي مان پاڻي
ڪڍي منھن تي ڇنڊا ھڻي رھيو ھو، نيٺ سامت ۾ آيس ڏٺ
تھ ماڻھو سڀ ھليا ويا ھئا، سج بھ لھي چڪو ھو،
ساڌوءَ مون کي اٿاري وھاريو ۽ چيائين تھ ايتري ۾
ھمت ھاري ڇڏي اٿئي! مون کي ڏس اڄ ٻھ سال ٿيا آھن
جو ڌيرج ڪندو اچان.
مون ساڌوءَ کان سندس نالو پڇيو تھ ھن پنھنجو نالو
”من موھن“ ٻڌايو آئون ھن کان موڪلائي پنھنجي ھوٽل
۾ آيس، ٻئي ڏينھن وري شام جو آئون چوپاٽي تي ويس،
پر مون کي ساڌو نظر نھ آيو وڌيڪ ٽي ڏينھن ٻيا بھ
بمبئي ۾ رھيس ۽ روز شام جو چوپاٽي ويندو ھوس، پر
ساڌوءَ جو پتو نھ پيو. بيقراري وڌي وئي ھئي. نيٺ
دھلي کان ٿيندو لکنو پھتس، ھڪ ڏينھن امين آباد
پارڪ ۾ ڏٺم تھ ساڳيو ساڌو ويٺو آھي! وڃي ھن کي
پيرين پيس تھ اھو راڳ ٻڌاءِ.
ساڌوءَ وري الاريو:
کوئي تو کھدي پريم کي نگري، کبٿي کسي ني بستي ديکھي
مجھھ سي پوچھو کيا کيا گذري روتي روتي گئي عمريا بيت
مايا کس کي ميت بابو؟ مايا کس کي ميت!
راڳ پورو ڪري ساڌو اچي روئڻ ۾ ڇٽڪيو، راڳ مون کي
بھ بيخود ڪري ڇڏيو. بمبئي ۾ آئون روئي بيھوش ٿيو
ھوس، ھتي ساڌو روئي رھيو ھو، پوءِ يڪدم اٿي ھلڻ
لڳو. مون روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪين ترسيو، پڇيومانس
تھ ڪڏاھن ٿو وڃين؟ تھ نھايت سٺي انگريزي زبان ۾
جواب ڏنائين تھ آئون نيني تال ويندس، من اتي
ھرديھھ کي قرار اچي! آئون وائڙو ٿي ڏسندو رھجي ويس
۽ ساڌو رمندو رھيو، جيءَ کي لکنو ۾ بھ قرار نھ
آيو، ساڌوءَ جو ويچار ڪندي منھنجي دل بھ ڦتڪڻ لڳي.
لاچار لاھور روانو ٿيس، ھڪ ڏينھن شالامار باغ ويس.
گھمندي اتي ڏٺم تھ پري کان ھڪ ساڌو نظر آيو. مون
سمجھيو تھ ساڳيو ويراڳي آھي سو ھن ڏانھن ويس، پر
ڏٺم تھ ھي ھڪ جوڳڻ آھي ٿوري دير کان پوءِ ھن بھ
راڳ الاپڻ شرو ڪيو! عورت ھئڻ جي ڪري آواز بھ نھايت
سريلو ھئس، راڳ ڳائڻ جو رنگ ڍنگ بلڪل ساڳيو، جھڙو
مون ساڌو کي بمبئي ۾ لکنو ۾ ڳائيندي ٻڌو ھو! آئون
حيران ٿي ھن کي ٻڌڻ لڳيس:
دنيا والي لوبھھ کي بندي تن کي اجلي من کي گندي
آنکھون والي ليکن اندھي پريت کي اب کچھھ
ساکھھ نھين ھي
سب کي جھوڻي پريت
مايا کس کي ميت بابو؟ مايا کس کي ميت!
مون جوڳڻ کي مخاطب ٿيني چيو: ديوي جي ڏاڍي عجيب
ڳالھھ آھي جو مون ھي ڳانو اڳي ٻڌو آھي.
تنھن تي چيائين تھ ھا بابو، تو ٻڌو ھوندو!
مون چيومانس: تو منھنجو مطلب نھ سمجھيو. مون اھو
گانو ھڪ ساڌوءَ کان ٻڌو آھي، تون زال آھين پر ھو
مرد ھو.
ھاڻي جوڳڻ ڪن کڙا ڪيا ۽ پڇيائين تھ ڪٿي؟
مون چيو: من وٽان! منھنجو مطلب آھي تھ من موھن جي
واتان.
جوڳڻ بيقرار ٿي چيو: ڀڳوان جو واسطو اٿئي تھ ڪٿي
ٻڌو؟
مون جواب ڏنو: ٻن ھنڌن تي ھڪ ڀيرو بمبئي ۾ ٻيو
ڀيرو لکنوءَ ۾. ٿڌو ساھھ ڀري چيائين: ھاءِ رام
ڪٿي ڪٿي ڳولھيان! مون کي ھن تي ڏاڍي ڪھل آئي. مون
کيس ٻڌايو تھ مون کي آخر ۾ چيو ھيائين تھ نيني تال
وڃان ٿو.
ايتري ۾ ھڪ شيور ليٽ ڪار اتان لنگھي، جا محمود جي
ھئي، پر آئون حيران ھوس تھ گاڏيءَ جو نمبر بدليل
ھو، ۽ گاڏي ۾ ماڻھو اھڙا ويٺل ھئا، جي غنڊا معلوم
ٿي ٿيا! ھڪ پاسي گاڏي بيھاري ھو پارڪ ۾ ھڪ بينچ تي
ويھي رھيا، ھاڻي مون جوڳڻ ڏانھن منھن ورائي ڏٺو تھ
ھو غائب ٿي چڪي ھئي. آئون آھستي آھستي موٽر جي طرف
آيس، جاچي ڏٺم تھ موٽر ساڳي محمود جي ھئي پر نمبر
لاھور جو ھو. مون کي شڪ پيو، ھڪ خالي ٽيڪسي بيٺي
ھئي، تنھن ۾ چڙھي ويٺس. ٽيڪي واري پڇيو تھ ڪڏانھن
ھلون؟
مون کيس چيو تھ فڪر نھ، جيڪي گھرين سو ڏيندس.
ايتري ۾ ھو ٻھ ڄڻا بھ اٿيا ۽ موٽر ۾ ويھي ھليا.
مون ٽيسڪي واري کي چيو تھ ھن شيورليٽ جي پٺيان ھل.
اھڙي طرح جو ھنن کي شڪ نھ پوي تھ اسين ھنن جي ڪڍ
آھيون.
موٽر ھڪ شاندار ھوٽل جي ڪمپائونڊ ۾ گھڙي ھوٽل جي
در وٽ بيھي رھي. مونو ٽيڪي واري کي ٻھ نوٽ ڏھين
ڏھين وارا ڏنا، ھن سلام ڪري مون کي چيو تھ صاحب
آئون ھتي ئي ڪمپائونڊ ۾ بيھان ٿو متان اوھان کي
ضرورت پوي.
آئون تڪڙو تڪڙو ھنن ماڻھن جي پٺيان ويس ڏٺ۾ تھ ھنن
کي ڪلارڪ ويھين نمبر ڪمري جي چابي ڏني ۽ پوءِ مون
سان مخاطب ٿيو. مون کيس خالي ڪمري لاءِ پڇيو؟ تھ
چيائين نمبر
19 ۽
21
خالي آھن، پر ڊبل ڪمرا آھن.
مون چيو تھ فڪر ناھي پر پھريائين آئون ڪمرا ڏسي
پسند ڪندس.
بيرو ٻنھي ڪمرن جون چاٻيون کڻي ھليو، مون ڏٺو تھ
نمبر
19
منھنجي ڪم جو ٿيندو، سو اھو
ڪمرو مون پسند ڪيو، ڪمري جي پٺيان ننڍي گيلري ھئي،
۽ اتان نمبر
20
ڪمري جي گيلري ۾ سولائيءَ سان
ماڻھو وڃي سگھيو ٿي. ڪانچ جو دروازو جنھن تي ٿلھي
ڪپڙي جو پردو ڏنل ھو، پردو ھٽائي دروازو کولي
گيلري ۾ ماڻھو وڃي ٿي سگھيو، آئون پنھنجي گيلريءَ
تان ٽپي
20
نمبر گيلريءَ ۾ ويس، پردو ڏنو
پيو ھو ڏٺم تھ ٽي ماڻھو پلنگ تي ويٺا آھن ۽ پاڻ ۾
سس پس ڪري رھيا آھن ۽ ھڪ ڪرسيءَ تي محمود جي ڀيڻ
زبيده ٻڌي پئي آھي، آئون يڪدم مينيجر جي ڪمري ۾
ويس ۽ ھن کي چيم تھ مون کي ڪراچي ٽيليفون ڪرڻو آھي
جيڪي خرچ ھوندو آئون ڀري ڏيڻ لاءِ تيار آھيان، ھن
فورا پنھنجي فون تي بندوبست ڪري ڏنو، مون محمود
کي ٽيليفون ڪيو.
محمود حيران ٿي مون کان آڏا ابتا سوال پڇڻ لڳو.
مون يڪدم چيومانس تھ انھن ڳالھين کي ڇڏ! مون کي
ٻڌاءِ تھ زبيده ڪٿي آھي؟ ھن آھستگيءَ سان مون
ٻڌايو تھ شيورليٽ ڪار ۽ زبيده ٻئي گم آھن.
مون پڇيو تھ پوليس ۾ رپورٽ ڪيل آھي؟
جواب ڏنائين تھ نھ، ڇاڪاڻ تھ عزت جو سوال آھي.
پوءِ مون کيس ڳالھھ ڪري ٻڌائي ۽ چيومانس تھ آئون
ھوٽل مان اصل نھ چرندس ۽ بنا ضرورت جي اھڙو ڪو قدم
نھ کڻندس جيستائين سڀاڻي تون ھوائي جھاز جي رستي
نھ پھچين.
صبح جو اٺين بجي مون ڏٺو تھ بدمعاش زبيده تي زور
آڻي رھيا ھئا ۽ کيس اتي ئي قتل ڪري ھليا ويندا،
جيڪڏھن ھو ھنن کي خط تي ڪجھھ لکي نھ ڏيندي.
مون وڏي بيوقوفي ڪئي جو پوليس کي خبر نھ ڏنم پر
رات جو مون ڇا ڪيو جو شيورليٽ جي اڳين ٽائرن مان
ھوا ڪڍي ڇڏيم ۽ بيري کي ملائي
19
نمبر جي ٻي چاٻي پاڻ وٽ ھٿيڪي
رکي ڇڏيم، ڏٺم تھ بدمعاش زبيده کي ماري وجھندا.
مون وٽ ٻيو ڪجھھ ڪين ھو ھڪ ڏنڊو ھٿ ۾ کڻي يڪدم
19 نمبر ڪمرو چاٻيءَ سان کولي اندر ڪاھي پيس ۽
”خبردار پوليس اچي وئي آھي!“ چئي لٺ الاري ھڪڙي کي
بيڪار ڪري ڇڏيم، ھڪ جي ھٿ ۾ چاقو ھو سو ھن منھنجي
ساڄي ساتيءَ ۾ پيوست ڪري ڇڏيو. منھنجي وات مان رڙ
نڪتي ۽ مون فقط ايترو ڏٺو تھ ٽئين بدمعاش پٺين
گيلري مان ھيٺ ٽپو ڏنو ۽ آئون بيھوش ٿي ويس. جڏھن
منھنجي اک کلي تھ مون پاڻ کي ھتي پاگل خاني ۾ ڏٺو!
مان: ھا تون سخت زخمي پيو ھئين توکي ھوٽل مان
لاھور جي وڏي اسپتال کڻائي ويا ھئا، جتي توکي گھڻو
رت چاڙھيو ويو تون ھڪ مھيني تائين بيھوش پيو ھئين.
محمود خرچ ڪرڻ کان ڪين گھٽايو، ڇھن مھينن کان پوءِ
تنھنجو زخم ڇٽو پر انھيءَ وچ ۾ تنھنجو دماغي توازن
ختم ٿي ويو، چريو ٿي پئين. محمود توکي ھن اسپتال ۾
کڻائي آيو، سڄا ٻھ سال تنھنجو دماغ سالم نھ ٿيو
ڇاڪاڻ تھ گھڻي رت وھڻ جي ڪري نھ رڳو تون ڪمزرو ٿيو
ويو ھئين پر شاق جي ڪري تنھنجا اعصاب ڪمزور ٿي چڪا
ھئا. چريائي ۾ ڪنھن ڪنھن مھل تون ديوي جي، چوندو
ھئين، معلوم ٿو ٿئي تھ ساڌو ۽ جوڳڻ بابت بھ تنھنجي
لاشعور ۾ اھا ڳالھھ ھئي، ڇاڪاڻ تھ خود تنھنجي
حياتيءَ ۾ بھ اھڙو واقعو ٿي گذريو ھو. محمود سڄو
سال توکي ڏسڻ لاءِ اچي نھ سگھيو ڇاڪاڻ تھ ھن جو
پيءُ ۽ چاچو جلدي ھڪ ٻئي پٺيان مري ويا. اھي
ڳالھيون مون کي محمود ٻڌايون آھن. پر سڀ ڳالھيون
ڪين ٻڌايون ھيائين، ھاڻي تنھنجو احوال ٻڌي سڄي
معاملي کي سمجھيو اٿم. محمود تنھنجي وڃڻ کان پوءِ
ستار کي مينيجر بنايو، پر ھن گھڻا پئسا غبن ڪيا
جنھن جي ڪري ھن کي جيل اماڻيو ويو. تنھنجي ماءُ
اڃا جيئري آھي ۽ محمود وٽ آھي. محمود سلمھ سان نيٺ
شادي ڪئي جنھن مان ھن کي ھڪ پٽ ۽ ڌيءَ آھي، تنھنجي
ماءُ کي تنھنجو حال اڃا ڪونھ ٻڌايو ويو آھي.
منھنجي صلاح مڃيندي تھ ھاڻيبھ گھڻو ئي ٿي پوندو.
تون موٽي محمود وٽ وڃ ۽ ھن جي ڀيڻ سان شادي ڪري
وٺ، اوھان ٻنھي لاءِ اھو چڱو ٿيندو، مون کي پڪ آھي
تھ محمود ڳالھھ مڃي ويندو؟
|