ٻھ اکر
محترم علي نواز گھانگرو ۽ ڀاءُ احمد شيخ منھنجي
اسپتال ۾ آيا ۽ چيائون تھ ڪتاب ”عبرت ڪده“ تي
پنھنجي طرفان ٻھ اکر لکي ڏيان، حالانڪھ ٻھ سال اڳ
بھ مرحوم رسول بخش ”خمار“ اھڙي خواھش جو اظھار ڪيو
ھو، مگر ان وچ ۾ ھو راھ رباني وٺي وڃي پنھنجي
حقيقي مالڪ سان مليو
ھاڻي جڏھن ٻيھر اھڙي خواھش جو اظھار ٿيو آھي تڏھن
ٻھ اکر ھن ڪتاب بابت لکان ٿو.
”عبرت ڪده“ ھن کان اڳ اداره آواز ادب ۽ زيب ادبي
مرڪز شايع ڪيو ھو، گڏوگڏ مختلف رسالن ۾ انھيءَ
ڪتاب مان افسانا ڪڍي شايع ڪيا ويا ۽ ڪيترن افسانن
جو اردوءَ ۾ ترجمو بھ ٿيو ۽ ڪي اسٽيج تي بھ پيش
ڪيا ويا ۽ ريڊيو پاڪستان تان نشر ٿيا.
ڊاڪٽر خليل جڏھن اھي افسانا لکڻ شروع ڪيا تڏھن
آئون ڏسندو ۽ ٻڌندو ھوس تھ ڊاڪٽر صاحب، گلاب ڪو چو
ان کي تاڪيد ڪندو ھو تھ روزانھ ميڊيڪل ايمجنسي
باڪس سان گڏ بيد واري ھڪ تساري ۽ مريضن جي سرگذشت
جا لکيل پنا ۽ سندن اھم فائل بھ کنيا وڃن. ھي سال
1948ع
کان
1950ع جي وچ وارو دور آھي، جنھن دوران اھي افسانا لکيا ويا، جي دفتر بزم خليل جي
محفل ۾ پڙھيا ويندا ھئا، جن تي تنقيد بھ ٿيندي ھئي
تھ تعريف بھ ٿيندي ھئي.
اھوئي دور ھو جو دماغي بيماريءَ لاءِ ھڪ نئين دوار
ايجاد پڻ ٿي جا ڪامياب ٿي ۽ ان جي موجد کي نوبل
پرائز مليو، جنھن تي مون ڊاڪٽر صاحب کي عرض ڪيو تھ
انھيءَ دوا تي سائنسي حوالي سان ڪم ڪيو وڃي تھ
مريضن لاءِ ڏاڍي ڪارائتي ڳالھھ ٿيندي، مگر جيئن
تھ ڊاڪٽر صاحب انھن ڏينھن ۾ انھن افسانن ۽ ٻين
ادبي ڪارگذارين ۾ ايڏو تھ مشغول ھو جو ان پاسي
توجھ نھ ڏيئي سگھيو، بلڪھ نفسياتي طرح ھڪ نئين
انوکي طرز تي ڪتاب لکي ورتائين ڪتاب جو پھريون
ڀاڱو شايع ٿيندي ھٿو ھٿ کپي ويو. پوءِ ھن جا مسلسل
ٽي ڇاپا شايع ڪيا ويا. شائقين ڏاڍي ذوق ۽ شوق سان
انھن افسانن کي پڙھيو، تمام جلد ان ڪتاب جو ٻيو
ڀاڱو شايع ٿيو جيڪو پڻ ھٿو ھٿ کپي ويو، وقت گذرندي
ان ڪتاب جي ٻيھر اشاعت جي ضرورت محسوس ڪندي زيب
ادبي مرڪز پھريون ڀاڱو بھ شايع ڪيو تھ ٽيون ڀاڱو
بھ شايع ڪيو.
ھاڻي خوشيءَ جي ڳالھھ آھي تھ جو انھن ٽنھي ڀاڱن کي
يڪجا ڪري ھڪ جلد ۾ اشاعت جو ازم روشني پبليڪيشن جي
پبلشر علي نواز گھانگھري ڪيو آھي. آئون کين دلي
مبارڪ ٿو ڏيان جو ھڪ تھ انھن ڊاڪٽر شيخ محمد
ابراھيم خليل جي ڪيل محنت کي مد نظر رکندي ڪتاب جي
ٻيھر خوبصورت اشاع جو ازم ڪيو آھي، ٻئي طرف منھنجي
والد مرحوم جي ديرينھ تمنا کي پايئھ تڪميل تي
پھچايو آھي، رب پاڪ کين جزائ خير ڏئي.
آخر ۾ خاص گذارش آھي تھ ڪوبھ ادارو يا ڪوبھ شخص بنا اجازت جي ڊاڪٽر محمد
ابراھيم خليل جي ڪابھ تصنيف شايع نھ ڪري.
دعائن سان
صدر، حيدرآباد شيخ محمد اسماعيل ولد محمد ابراھيم خليل
تمھيد
ننڍي ھوندي کان يعني اسڪول جي زماني کان وٺي ڪتابن
پڙھڻ جو ڏاڍو شوق ھوندو ھو؛ خصوصا آکاڻين جا ڪتاب
۽ ناول، اھوئي سبب ھو جو الف ليليٰ، طلم ھوش ربا
جا سڀ ڀاڱا، امير حمزي جا داستان، آرائش محفل،
ممتاز دمساز، چار درويش گل بڪاولي، گل صنوبر،
مولانا عبدالحليم شرر جا ناول، آغا حشر جا ڊراما،
مھاڀارت، رامائڻ، چندر ڪانتا ۽ پوتنا جھڙا ڪتاب
مون تمام ننڍي وھيءَ ۾ پڙھي ختم ڪري ورتا. ساڳيو
سلسلو ڪاليج ۾ جاري رھيو، جتي ڪيترين ٻولين جا
ڪتاب مون مطالعو ڪيا جھڙوڪھ، انگريزي، اردو،
فارسي، گجراتي، سنڌي وغيره. انھيءَ مطالعي جو
نتيجو اھو نڪتو جو جڏھن سائنس ۽ ڊاڪٽري پڙھڻ لاءِ
بمبئي روانو ٿيس تھ اتي پھچي ايتري ھمت ٿي جو فلمن
جي آکاڻين، پلاٽن ۽ مڪالمن لکڻ جو شوق جاڳيو ۽
ڪرڪيٽ، فٽ بال، ھاڪيءَ جي سٺي رانديگر ھجڻ ڪري
گھڻن ماڻھن سان واقفيت ٿي، جن مون کي لکڻ لاءِ
اڀاريو ۽ ڏاڍي حوصلھ افزائي ڪئي. نالي ۽ شھرت حاصل
ڪرڻ جو مون کي ڪڏھن بھ خيال ڪونھ ٿيو، ڪيتريون
آکاڻيون ۽ پلاٽ لکي اوڻي پوني وڪڻي ڇڏيم ۽ اھو
خيال ئي ڪونھ ڪيم تھ انھن آکاڻين تي منھنجو نالو
ضرور اچڻ گھرجي، منھنجي انھيءَ سادگيءَ جو ڪيترا
ماڻھو فائدو وٺي ويا.
بمبئي ۾ شاگردي واري عرصي ۾ منھنجي زندگيءَ ۾ ھڪ
اھڙو حادثو پيش آيو، جنھن منھجي حياتيءَ ۾ وڏو
ڦيرو آندو ۽ شاعريءَ ڏانھن وڌيڪ رغبت پيدا ٿي پئي،
بمبئي کان موٽڻ بعد ادبي ذوق و شوق ساڳيو رھيو، پر
جڏھن بدلي ٿي گدوءَ جي پاڳل خاني جو سپرڊنٽ مقرر
ٿي آيس تھ پنھنجي ھميشھ جي عادت مطابق ھر ھڪ بيمار
جي ڪيس ۾ دلچسپي وٺي گھرو مطالعو ڪرڻ لڳس. انھيءَ
جو نتيجو اھو نڪتو تھ بيمارن جي حالتن بابت چڱي
معلومات حاصل ٿي. خصوصا انھيءَ ڳالھھ جو گھڻو پتو
پيو تھ ڪھڙي سبب ڪري اھي ماڻھو پنھنجو دماغي توازن
وڃائي ويٺا ھئا. انھيءَ مان مون کي ٻھ وڏا فائدا
پھتا. ھڪڙو تھ سبب معلوم ھئڻ جي حالت ۾ بيمارن جي
علاج ۾ سھولت ٿي ۽ ٻيو انھن جي حالتن کي قلمبند
ڪرڻ جو موقعو ملي ويو. ڪيترن پاڳلن جون ڳالھيون نھ
رڳو تعجب پيدا ڪندڙ ھيون، بلڪھ عبرتناڪ بھ ھيون،
اھو ڏسي مون کي اوچتو خيال آيو تھ ڇو نھ مرڪزي
ڳالھھ ساڳي رکي، ان کي افسانوي رنگ ڏيئي، ھڪ ڪھاڻي
ٺاھي وڃي. وري جڏھن پاڪستان ۽ ھندستان ٺھڻ جو
معاملو پختو ٿيندو نظر آيو ۽ اھو بھ ٻڌڻ ۾ آيو تھ
ھندو پاڳل ھندستان ڏانھن اماڻيا ويندا تھ موقعي کي
ھٿن مان وڃڻ نھ ڏيڻ جي خيال سان ۽ ڪھاڻين ٺاھڻ جي
خيال کي مڪمل ڪرڻ لاءِ دل ۾ وڌيڪ تقويت پيدا ٿي ۽
اھا افسانا ٺھي پيا.
”اتني سي بات تھي، جسي افسانھ کرديا“
ڳالھيون سچيون ھيون مگر انھن ۾ مرچ مسالو گڏي
افسانھ تيار ڪيا ويا آھن، انھن افسانن ٺاھڻ ۾
ننڍپڻ جي ڪتابن جو مطالعو ڏاڍو ڪم آيو بلڪھ انھيءَ
مطالعي ڏاڍي ھمراھي ڪئي آھي جو تيلين مان ٿنڀ ٺھي
ويا آھن. انھن افسانن ۾ ھڪ قسم جي ڦيرڦار ڪرڻ جي
ڏاڍي سخت ضرورت محسوس ٿي، جنھنڪري ماڻھن جا حقيقي
نالا، ھنڌن جا سچا پچا نالا ۽ خاندان جا اصلي نالا
مٽائي ٻيا رکيا ويا آھن، تاڪھ اھا خبر نھ پئجي
سگھي تھ اھي ماڻھو اصل ۾ ڪير ھئا، ڪھڙي خاندان ۽
شھر سان انھن جو واسطو ھو، باقي ممڪن آھي تھ
افسانوي رنگ ڏيندي انھن ۾ اھو ساڳيو رنگ ڍنگ اچي
ويو ھجي، جيڪو منھنجي مطالعي ھيٺ اڳي ئي آيو ھو،
جنھن کي اوھين سمجھي سگھو ٿا تھ ھر لکندڙ مجبور
ھوندو آھي، پر-
زماني ۾ جي گذرن واقعا
خليل اڳتي سي افسانھ ٿين ٿا
تنھنڪري جيڪي واقعا انھن سان ٿي گذريا ھئا، تن کي
مون اڳتي ھلي افساني طرح پيش ڪيو تھ ڪو گناھھ
ڪونھي، باقي تعجب خيز ۽ عبرت پيدا ڪندڙ ڳالھين جي
ڪري مون ڪتاب جو نالو ماڳھين ”عبرت ڪده“ رکيو آھي
تھ پڙھندڙن جو ڌيان ڇڪائي. سچ آھي تھ:
ڪري دنيا سان نفرت ڇو نھ انسان
جڏھن پنھنجا بھ بيگانھ ٿين ٿا
انھن افسانن کي پيش ڪرڻ بعد آئون سخت مونجھاري ۾
آھيان تھ انھن افسانن کي ڇا سڏجي، آيا طبعزاد يا
ماخذ، ڇاڪاڻ تھ مرڪزي پلاٽ منھنجي دماغ جو پيدا
ڪيل آھي ئي ڪونھ، باقي رھيو افسانوي رنگ سو بھ
ڪتابن جي مطالعي جو مرھون منت آھي، تنھنڪري انھيءَ
فيصلي کي ناظرين تي ٿو ڇڏيان.
پڇاڙيءَ ۾ آئون مرحوم حاجي محمود خادم، شمس
العلماءُ ڊاڪٽر دائود پوٽي، رئيس ضياءُالدين،
”ضياءُ“ عبدالفتاح، ”عبد“ سرور علي ”سرور“
”منظور“ نقوي، مظفر حسين ”جوش“ ”احسن“ ڪربلائي،
رشيد احمد لاشاري ۽ عبدالقيوم ”صائب، جو نھايت
ٿورائتو اھيان، جن ھميشھ زور پئي ڏنو آھي تھ انھن
افسانن کي صاف ڪري ڇپرائي وٺان. خصوصا پوئين صاحب
جو جنھن جي اصرار تي ڪي ٿورا افسانھ تيار ڪري کيس
ئي سپرد ٿو ڪريان.
سپر دم بتو مايئھ خويش را
شيخ محمد ابراھيم خليل
1-
جنوري
1961ع
حيدرآباد، سنڌ
|