سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: عبرت ڪده

باب: --

صفحو :19

 

ماءُ جو پٽ

 

مون کي ملڪان ملڪ گھمڻ جو ڏاڍو شوق ھو ۽ گھڻو ڪري قديم آثار ڏسڻ جو خبط. انھيءَ ڪري جڏھن اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ويانا (جو آسٽريا جو وڏو شھر آھي) ۾ ويس تھ تعليم حاصل ڪرڻ دوران وچ يورپ گھڻو ڪري سڄو ئي ڏٺم. ھندوستان بھ سواءِ ڏاکڻي ڀاڱي جي سڄو گھميو آھيان. رانچي کان نفسياتي ڪم سکي اچڻ کان پوءِ گدوءَ جي چرين جي اسپتال جو عھدو سنڀاليم تھ گرمين بھ اچي منھن ڪڍيو. طبيعت ۾ اھوئي گھمڻ جو شوق ھو تنھنڪري خيال ڪيم تھ ھيل گرميون ھلي ڪوئٽيا يا ان پسگردائي ۾ گذارجن. ڪوئٽيا کان ٻاھر ٿوري ٿوري پنڌ تي سٺا سٺا باغ آھن. ڪيترن دوستن سان واقفيت ھيم ۽ خاص ڪري ٻيلي کاتي وارن سان، تنھنڪري دل ۾ خيال ڪري نڪتس تھ انھن دوستن جي ذريعي ٿورا ڏينھن ڪنھن ڪنھن باغ ۾ گرميون گذاريندس. ڪوئٽيا پھچي پلٽڻ ھوٽل ۾ لٿس. پوءِ ھڪ ٻيلي کاتي جي دوست جي معرفت ڪوئٽيا کان ٻاھر ھڪ ڳوٺ گلستان ۾ ھڪ پٺاڻ زميندار جي باغ ۾ اچي قيام ڪيم. اھو ڳوٺ خوبصورت ٽڪرين جي وچ ۾ واقع ھو ۽ ان جي ويجھڙائي ۾ نھرن جي ھئڻ ڪري ڏاڍو سرسبز شاداب ھو ۽ ڪافي ٿڌڪار ھئي، جنھن جي ڪري گرميون فرحت ۾ پئي گذريون.

شام جو لڪڻ کڻي نھرن طرف نڪري ويندو ھوس تھ ڏاڍو مزو ايندو ھو. مون سان گڏ ٻيلي کاتي جو ھڪ دوست بھ ھو، اسان جو وقت ڏاڍو مزي سان پئي گذريو، ھڪ ڏينھن جو ذڪر آھي جو سام جو گھمندا تمام گھڻو پري نڪري وياسين، ڀانيان ٿو تھ پنج ميل کن پري نڪري آيا ھونداسين، وڏي سڙڪ ھئي جا شھر چمن ڏانھن پئي وئي. انھيءَ سڙڪ جي ڪناري تي مختصر ھوٽل ھو، جنھن ۾ کائڻ ۽ چانھھ وغيره جو معقول انتظام ھو، ڇاڪاڻ تھ ايندڙ ويندڙ لارين وارا ھاسيڪار اتي موٽرون بيھاري، ٿڪ ڀڃندا ھئا ۽ ماني ٽڪي کائيندا يا چانھھ پيئندا ۽ ٻيڙيون سگريٽ وغيره خريد ڪندا ھئا. اسين بھ گھڻو ھلڻ جي ڪري ٿڪجي پيا ھيائيسن، ۽ مون کي اڃ بھ ستايو ھو، تنھنڪري ٿڪ ڀڃڻ جي لاءِ ھوٽل ۾ گھڙي وياسين، ھڪ پاسي ويھي چانھھ آڻڻ لا، چيم ۽ پاڻي پيئڻ لڳس، جنھن پاسي اسين وڃي ويٺا ھئياسين تنھن جي سامھون ھڪ پوڙھي زال ميز وٽ ويٺي ڏٺم. ھن جي عمر سٺ ورھين کان مٿي پئي لڳي، شڪل مان مون کي سنڌي ھندو پئي لڳي، تنھن منھنجو ڌيان وڌيڪ ڇڪايو تھ اھڙي ويڳاڻي ھنڌ، ڪمھلي وقت، ھندو زال ھتي ڪٿي. ساڳي ڳالھھ منھنجي ٻيلي کاتي جي ھندو دوست بھ ڌيان ڇڪايو. ھن جي مٿي جا وار سڀ اڇا ھئا ۽ منھن تي گھنج پيل ھئس، جنھن مان سندس فڪر ۽ ويچار جي حالت جو پورو پورو پتو پئي پيو. ھن اڪيلي ويٺي بسڪوٽ کاڌا ۽ چانھھ پيتي. ھن جي اکين ۾ غم ڀريل ھو، چھري تي گھنج ھئس ۽ وار برف وانگر اڇا ۽ پريشان ھئس. ھن جي انھيءَ حالت مون تي ڏاڍو اثر ڪيو، ھن جي صبر ۽ سڪون سان مليل ڏک ڀريل ڪيفيت منھنجي دل ۽ دماغ ۾ بيقراري پيدا ڪئي، ھو ماٺ ڪيو ويٺي ھئي ۽ خاموشيءَ سان ويٺي چانھھ پيتائين. مان پنھنجي دل ۾ ويچاري رھيو ھوس تھ ھيءَ زال ڪير ھوندي؟ ايتري ڏکويل ڇو پئي نظر اچي ۽ ھن جابلو ملڪ ۾ اڪيلي ڇو آئي آھي.

ٿوري دير کان پوءِ اھا زال ھوٽل کان ٻاھر نڪري وئي، اسين بھ غير ارادي طور ھن جي پٺيان روانا ٿياسين، ڏٺوسين تھ مائي استقلال سان رستو لنگھندي سامھون جھنگ جي طرف تڪڙو تڪڙو وک وڌائيندي پئي وئي. اسان حيرت سان ھن کي ڏسندا رھجي وياسين. اسين گھمڻ جي خيال سان ھڪ واھھ لنگھي سامھون ٽڪريءَ ڏانھن وياسين ۽ آھستي آھستي مٿي چڙھڻ لڳاسين. ٽڪريءَ تي پھچڻ شرط واھھ جو نظارو ڏٺوسين، ٽڪريءَ کان پري پري ڪيترا ڳوٺ نظر اچي رھيا ھئا، چوڌاري واه ئي واه نظر پئي آيا، جن جي ڪري آس پاس ساوڪ ئي ساوڪ ھئي ۽ چئو طرف عجيب خاموشي ڇانيل ھئي ۽ فرحت بخش ھوا لڳي، طبيعت ۾ سڪون پيدا پئي ڪيو. اھو نظارو ڏسي اڃان پٺ ڦيرايم تھ اوچتو منھنجي نظر انھيءَ ساڳي پوڙھي زال تي پئي، جا ھوٽل مان چانھھ پي نڪتي ھئي، ھوءَ عجيب انداز سان ڳوٺ جي جھوپڙين جي طرف نظر ڪيو بنا چرپر جي خاموش بيٺي ھئي، ڄڻ تھ ڪا مورتي بيٺي آھي، آئون ڄاڻي ٻجھي ان جي اڳيان ٿي لنگھيس ۽ منھنجو دوست منھنجي ڪڍ پئي آيو. آئون ٽيڏي اک سان ھن کي ڏسندو اڳتي لنگھي ويس. مون کي ھن ڏکويل چھري تي وساڻل اکين مان ڳوڙھا ڪرندي نظر آيا، ھوءَ شايد روئي رھي ھئي، جتي ٽڪيل ھئاسين اتي پھچي مون پنھنجي دوست کان پڇيو ”ھي مائي ڪير ھئي؟“ پر ھن کي ڪا خبر ڪانھ ھئي، صبح جو ناشتو ڪري ھڪ ڊٺل قلعي کي ڏسڻ لاءِ روانا ٿي وياسين، ھي قديم زماني جو ھڪ مضبوط شاھي قلعو ھو، جو ھاڻي ڊٺل حالت ۾ بيٺو ھو جيڪو آسپاس شاداب واديءَ جي وچ ۾ سنگ خارا جي ھڪ چبوتري تي ٺھيل ھو. قلعو چڱي طرح گھمي ھڪ پاسي مضبوط ديوار تي چڙھي ويس تھ منھنجي اچرج جي حد ئي نھ رھي، جو ديوار جي ھيٺان ٻئي پاسي انساني پيرن جو آواز ٻڌم. مون کي ھڪ پاڇو نظر آيو، ڄڻ ڪو ڀٽڪيل روح ھو، جو اھڙي غيرآباد ۽ سنسان جڳھھ ۾ چڪر لڳائي رھو ھو، وحشت ۾ جھڪي ڏٺم تھ اھا ساڳي پوڙھي زال، جنھن کي ھوٽل ۾ ڏٺو ھوم سا ديوار جي پٺيان چڪر لڳائي رھي ھئي ۽ ھن جي اکين مان ڳوڙھا زارو قطار وھي رھيا ھئا ۽ ھو رومال سان انھن کي اگھي رھي ھئي. آئون فورا پٺتي ھٽي ديوار تان ھيٺ لھي آيس ۽ حيران ھوس تھ معاملو ڇا آھي. مون کي ڏاڍي اڻ تڻ ھئي تھ پوڙھي زال جتي آئون وڃان پيو اتي نظر ٿي اچي، آخر ڪير ھئي ۽ ڇو حيران و پريشان روئندي نظر پئي اچي. مون کي ايتري ھمت نھ ٿي جو اڳتي وڌي ھن کان پڇان، آئون باغ ۾ آيس ۽ ٻئي ڏينھن ڪوئٽيا روانو ٿي ويس.

ٻنھرن جو پلٽڻ ھوٽل جي ڊائنگ روم ۾ ماني کائي رھيو ھوس، تھ پري ھڪ ٽيبل تي ساڳي زال کي نھايت غمگين حالت ۾ ماني کائيندو ڏٺم، ھن بھ مون کي سڃاتو ۽ مون مٿو لوڏي ھن کي سلام ڪيو، ھن مشڪي منھنجي سلام جو مٿي جي اشاري سان جواب ڏنو، جڪڏھن ڪافي آندي وئي مان ڪافي جو ڪوپ کڻي وڃي ھن جي ٽيبل تي ويٺس ۽ انگريزيءَ ۾ کيس مخاطب ٿي چيم تھ معاف ڪندا، مون ڪالھھ توھان کي گلستان جي پسگردائي ۾ ڏٺو ھو. ھن بھ جواب ڏنو تھ  ھائو، مون وري کيس چيو، ”ڇا اوھين سنڌي آھيو؟“ ھن مون ڏانھن غور سان چتائي ڏٺو ۽ چيائين تھ، ”ھائو ڇو؟“ اھو جواب ٻڌي مون کي ھمت اچي وئي ۽ مون سنڌيءَ ۾ ڳالھائيندي چيو، ”مان بھ سنڌي آھيان،  معاف ڪجو مون توھان جي اڪيلائي ۾ دخل ڏنو آھي، پر اوھان کي سنڌي سمجھي مون  اھو قدم کنيو، ڪالھھ کان آئون ڏسان پيو تھ اوھين ڏاڍو حيران ۽ پريشان آھيو، شايد اوھان ڪنھن غيرمعمولي رنج ۽ ڏک ۾ ڦاٿل آھيو، ڇا آئون اوھان جي ڪا مدد ڪري سگھان ٿو؟ ھتي ڪوئٽيا ۾ منھنجا گھڻا ئي دوست آھن، ضرورت پئي تھ مدد ڪري سگھندا.“ مائيءَ زوري مشڪندي چيو، ”اوھان جي وڏي مھرباني آئون پاڻ ھتي ڪوئٽيا ۾ رھندڙ آھيان، آئون نٿي ڀانيا تھ جنھن مصيبت ۾ آئون گرفتار آھيان، ان ۾ اوھين منھنجي سھائتا ڪري سگھندا.“ ڏٺم تھ سندس آواز ڀرجي آيو ھو، مون وري ساڻس ھمدردي ڪندي چيو ”ائين برابر ھوندو پر ڪالھھ کان آئون ڏسي رھيو آھيان تھ اوھين روئي رھيون آھيو، تنھنڪري ڄاتم تھ حال احوال وٺي، ٿي سگھي تھ اوھان جي ڪا سھائتا، گھٽ ۾ گھٽ خبر تھ پوري تھ اوھان کي ڪھڙي تڪليف آھي، اوھان جي ملڪ جو آھيان، تنھنڪري ايتري پڇڻ جو مون کي بھ حق آھي، ڪھڙي خبر تھ شايد آئون اوھان جي ڪا مدد بھ ڪري سگھان. ايترو ضرور ٿيندو تھ مون کي ٻڌائڻ سان اوھان جي طبيعت تي جيڪو بار بيٺو آھي سو ممڪن آھي تھ ڪجھھ ھلڪو ٿي پوي.“ منھنجي ايتري چوڻ تي کيس آٿت آئي ۽ دلجاءِ ٿيس، چڱو ڀلا منھنجي ڪمري ۾ ھلو اتي سڀ ڪجھھ ٻڌائيندس، ٻيو تھ اتي ڪو ماڻھو اچڻو آھي جو مون کي سڀ ڪجھھ سماچار آڻي ٻڌائيندو، جڏھن سندس ڪمري ۾ پھتس تھ مائيءَ پنھنجو قصو ٻڌائڻ شروع ڪيو.

اسين اصل ۾شڪارپور جا آھيون ميوي جو واپار ڪندا ھئاسين، ڪوئٽيا، ڪچلڪ، بوستان ۽ گلستان م اسان جا باغ آھن، اسين ڏاڍا سکيا ھئاسين،  پر توکي منھنجي ھاڻوڪي تلخ زندگي ۽ مصيبت سان گھيريل ماحول جي خبر نھ آھي. گلستان ۽ ڪوئٽيا ۾ منھنجا خوشنما مڪان آھن، جتي سک ۽ آرام لڳو پيو آھي، پر اتي ھاڻي آئون وڃڻ بھ نٿي گھران، ڇاڪاڻ تھ انھن نڀاڳن گھرن سان منھنجون منحوس گھڙيون ڳنڍيل آھن، ھاءِ! منھنجو رڳو ھڪڙو سڪيلڌو پٽ ھو جنھن سان منھنجو ڏاڍو پيار ھو، اھو پيار چريائين جي حد تائين پھتل ھو، ڀلا مامتا جي ماريل ڇا نٿي ڪري، ڏاڍي لاڏ ڪوڏ سان پاليوسين، ان کي ڪوئٽيا جي ھڪڙي اسڪول ۾ ويھاريوسين، جتي بورڊنگ ۾ رھندو ھو. اسڪول مان پاس ٿي ڪاليج ۾ داخل ٿيو، آئون ھن کي روز ڏسي نھ سگھندي ھيس، ڇاڪاڻ تھ اسين پري گلستان واري بنگلي ۾ رھندا ھئاسين، ڇنڇر ۽ آچر تي ايندو ھو يا ڪاليج جي موڪلن تي ايندو ھو، سندس پيءُ جو ھميشھ ضد ھوندو ھو تھ ٻار مائٽن کان پري رھن تھ جلدي سکندا ۽ کرندا بھ نھ. مون کي اھا ڳالھھ نھ وڻندي ھئي پر ڪري بھ ڇا ٿي سگھيس، ڪڏھن ڪڏھن تھ ھو ڇنڇر آچر تي بھ نھ ايندو ھو، جڏھن بھ ھو ايندو ھو تھ ان ۾، ان جي ڳالھين ۾ ھن جي شڪل صورت ۾ آئون غيرمعمولي ڦيرو ڏسندي ھيس، ان کان پوءِ مون جاچيو تھ آھستي آھستي ھن جي عادتن ۾ بھ ڦيرو اچڻ لڳو. ھاڻي ڀڳوان جي ديا سان جوان جماڻ ٿي ويو ھو، ٿورن ڏينھن کان پوءِ جڏھن ھو اڃا ڪاليج ۾ پڙھي رھيو ھو تھ اسان تي مصيبت اچي ڪڙڪي. منھنجي مڙس جو چالاڻو ٿي ويو ۽ ٿورن ڏينھن کان پوءِ منھنجو پيءُ ۽ چاچو گذاري ويا، آپدا جي پٺيان آپدا  اچي پئي. جلدي منھنجون ٻھ ڀينرون بھ پرلوڪ سڌاري ويون، ڪال ڄن گھر ڏسي ورتو ھو. آھستي آھستي سڄي آڪھھ جو خاتمو ٿيڻ لڳو. رڳو آئون زندگيءَ جي وسيع ميدان ۾ اڪيلي رھجي ويس، گھر ۾ مون کي وحشت ٿيڻ لڳي ۽ سڃن ڪمرن جون دريون ۽ در مون کي کائڻ ايندا ھئا. منھنجي زندگيءَ جو سھارو منھنجي آشنائن جو مرڪز، ھاڻي رڳو منھنجو پٽ ھو، جو ڪاليج ۾ تعليم حاصل ڪري رھيو ھو. انھيءَ وقت جو بيقراري سان انتظار ڪري رھي ھيس، جو ھو ڪاليج مان تعليم کان فارغ ٿي گھر موٽي ايندو، پر مان انھيءَ حالت ۾ گھڻو وقت ترسي نھ سگھيس، ڳوٺ مون کي نرڳ جو نمونو معلوم ٿيڻ لڳو ۽ سندم گھر پاتال. آئون انھيءَ وحشت جي عالم ۾ شھر ڪوئٽيا ھلي آيس. منھنجو خيال ھو تھ پنھنجي پٽ سان گڏ رھي آرام جي زندگي گذاري سگھيندس ۽ منھنجي موجودگيءَ ۾ ھن کي ڪافي سک ۽ اطمينان ملي سگھندو، پر مان پنھنجي سڪيلڌي سان گڏ وڌيڪ  وقت رھي نھ سگھيس، ڇاڪاڻ تھ مون محسوس ڪيو تھ مان ھن جي لاءِ برداشت کان ٻاھر ھڪ بوجھھ ثابت ٿي رھي ھيس، ھن کي منھنجي حاضري ھڪ مصيبت معلوم ٿي رھي ھئي. نفرت سان گڏ جذبن جو اثر ھن جي شڪل جي ڪيفيت مان بھ بکي رھيو ھو ۽ مان اھو خيال ڪري تھ متان ھن جي دل کي ڪو صدمو پھچي ماٺ ميٺ ۾ موٽي ڳوٺ ھلي آيس. ھاءِ! اھا منھنجي ڀل ھئي، جنھن جو نتيجو ھاڻي ڀوڳي رھي آھيان، انھيءَ ڏينھن کان وٺي محسوس ٿيو ڄڻ مان ھن جي ماتا نھ ھيس؟“

اھا درد انگيز ڳالھھ ٻڌي مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو ھڪ ماءُ جي دل جو اندازو بھ ٿيو ھن پنھنجو قصو جاري رکندو چيو، ”ان کان پوءِ ڪيتري وقت تائين آئون ھن کي ڏسي نھ سگھيس، انھيءَ اڪيلائي ۽ بيڪسي جي عالم ۾ دل ۽ دماغ تي جي انھيءَ بي پناھھ اونداھين ۾، جو ھڪ حياتي جو ڏيو روشن ھو سو بھ وسامڻ جي ڪنڌي تي اچي پھتو ھو، دل جي دنيا مان سڀ  سک ۽ خوشيون موڪلائي ويون. انھن ئي ڏينھن  ۾ مون کي ھن جو ليٽر پھتو، سندس خط ملڻ تي آئون ڏاڍي سرھي ٿيس،  ڇاڪاڻ تھ اڳي سڄي حياتيءَ ۾ اھڙو اتفاق ڪڏھن نھ ٿيو ھو جو ھن جي ھٿن جي لکيل چٺي مون کي ملي ھجي.

ڏڪندڙ آڱرين سان لفافو ڦاڙيم ۽ ڏڪندڙ دل سان خط پڙھڻ لڳس ھن پنھنجي شادي بابت مون کي لکيو ھو، مان انھيءَ خيال کان خوش ٿي ويس ۽ سوچڻ لڳس تھ شايد ھاڻي منھنجي مصيبت جي حياتي ختم ٿي ويندي ۽ سک ۽ سانت جا ڪڪر وري منھنجي زندگيءَ جي فضا تي ڇانئجي وسڻ شروع ڪندا. آئون ڏاڍي خوشيءَ ۾ ڀرجي سندس نئين جڳھھ ۾ اچي سھڙيس. ٻئي زال مڙس سک ۽ سانت جي زندگي گذاري رھيا ھئا، اھائي منھنجي بھ آشا ھئي، ٻنھي کي خوش ڏسي آئون ڪپڙن ۾ ئي نھ ماپندي ھيس، پر ھاءِ! منھنجي ڦٽل قسمت. منھنجي قسمت مون لاءِ ڏک ۽ درد جي ھڪ نئين دنيا پيدا ڪري ڇڏي، خود منھنجي ننھن مون کان نفرت ڪرڻ لڳي ۽ مان اڄ سوڌو ان جو سبب  معلوم ڪري نھ سگھي آھيان، مان ٻنھي جي سک جي غرض خاطر ھر قسم جون تڪليفون ۽ مصبتون برداشت ڪندي ھيس ۽ انھن کي ھر طرح سکي رھڻ گھرندي ھيس، پٽ جيڪڏھن منھنجي جگر جو ننھن بھ ھني جي حياتيءَ جي ساٿي ھئي. اھو سوچي تھ انھن ٻنھي جي حياتي جو دارومدار جڏھن ھڪ ٻئي تي ھو، تڏھن اھڙي حالت ۾ آئون پنھنجي سڪيلڌي پٽ، جنھن سان منھنجو بيحد پيار ھو. انھن ٻنھي جي جوين ۾ ڪنھن بھ قسم جو دخل يا تلخي پيدا ڪرڻ  نٿي گھري؟ ھرگز نھ! جيڪڏھن مان ائين ڪريان ھا تھ اھو منھنجو ڏوھ معافي جي قابل ئ نھ ھجي ھا. ليڪن افسوس! اسين پنھنجين ڪوتاه انديشين جي ھٿن ۾ مجبور آھيون، اسين ڪنھن شيءِ کي وڌيڪ ويجھڙائي کان ڏسڻ جا عادي نھ آھيون! بلڪھ پري کان ڏسي غلط اندازو  لڳايون ٿا ۽ پوءِ پنھنجن ھٿن سان پنھنجو آرام ۽ سک ناس ڪري، پنھنجي اڻ ڄاڻائي جو نتيجو پرايون ٿا، منھنجي ننھن بھ مون لاءِ اھڙو ئي غلط اندازو لڳايو ۽ پنھنجي  پھرين ئي سنڪار تي ڀروسو ڪندي مون سان بڇان ڪرڻ لڳي.  ڌيري ڌيري منھنجي دل جي ڪنڊ ۾ بھ، ھن جي لاءِ بڇان  پيدا  ٿي پئي، انھن حالتن کي ڏسي مون وري ھڪ ڀيرو پنھنجي جياپي جي رخ کي پلٽيو ۽ بنا ڪنھن ٻڌائڻ جي گلستان موٽي آيس، انھن کي  منھنجي اوچتو اھڙي طرح موٽي اڻ جو تر جيترو بھ رنج نھ ٿيو. ان کان پوءِ مون کي خبر پھتي تھ منھنجو پٽ زال سوڌو ساھرن ۾ وڃي رھيو آھي ۽ ھميشھ لاءِ اتي ئي ٽڪندو.“

منھنجا دوست! منھنجي انھيءَ مصيبت تي ويچار ڪريو، منھنجو پنھنجو ڄائو  منھنجو آنڊو، مون کي ائين ڇڏي ويو  ھليو. ھاءِ! ان وقت منھنجي دل ھڪدم رڪجي وڃڻ ٿي گھريو، ھن مون کي ڇڏي ھڪ ٻي ماتا ٺاھي ورتي يعني پنھنجي سس کي ماءُ سڏڻ لڳو ۽ ساھرن کي ئي پنھنجو ھمدرد ۽ خير خواه سمجھي مون اڀاڳڻ کي پنھنجي دل تان ميساري ڇڏيائين ھاءِ! اھو منھنجو پيارو ٻچو ھو. شاديءَ کان پوءِ ھن جي ساھرن منھنجو ٻچوڳ مون کان کسي ورتو. ھاءِ! ھو ھڪ قيمتي موتي ھو، جنھن کي منھنجي غير حاضريءَ ۾ انھن مون کان چورائي ورتو ۽ مون کي بي يار و مددگار ڇڏي ڏنو. ھو ڪڏھن ڪڏھن مون کي خط لکندو ھو پر ڪجھھ ڏينھن کان پوءِ اھو سلسلو بھ بند ڪري ڇڏيائين، الائي ڇو؟

تڙپندي ڦٽڪندي چار سال گذري ويا، آئون ھن حالتن کان بي خبر رھيس، پوءِ مون کي ڪن ماڻھن جا واتان معلوم ٿيو تھ ھن جي ساھرن ھن جي ڌن مان ڏاڍا جاوا ڪيا ۽ فائدو حاصل ڪيو ۽ جڏھن ھن جي دولت ۽ ملڪيت کٽڻ جي ڪنڌيءَ تي پھتي يا سڀ رقم پوري ٿي وئي تھ ڪوئٽيا ۽ گلستان وارن بنگلن  کي ڦٻائڻ ٿي گھريائون، پر اھي بنگلا ۽ باغيچا منھنجي نالي تي ھئا، تنھنڪري ماٺ ڪري ويٺا ۽ ھن کي پنھنجي گھر مان ڪڍي ڇڏيائون،  ھن جي استري بھ ھن کان منھن ڦيرائي وئي بلڪھ مون ٻڌو تھ ھن جو لاڳاپو ڪنھن ٻئي سان ٿي ويو ھو، ھاءِ منھنجو بينگناھ پٽ وقت کان اڳي جھور ٿي چڪو ھو، مون ٻڌو تھ ھن جا وار سڀ اڇا ٿي ويا ھئا ۽ منھن تي گھنج پئجي ويا ھئس، مون سمجھيو تھ جنھن ننڍپڻ ۾ ھن کي لاڏ ڪوڏ سان پالي وڏو ڪيو ھو تنھن گود جي ھن کي ياد ايندي، انھيءَ کير جي ڇڪ ٿيندس جنھن کي پي ھو ايڏو سارو مڙس ٿي ويو،  پر انھيءَ دکدائڪ واقعي کان پوءِ ھن پنھنجي شڪل وري مون کي نھ ڏيکاري، پنھنجي ڪرڻي تي شايد پيشمان ھو. پنھنجي ڪئي جو نڪو ويڄ نڪو طبيب. مون وٽ موٽي اچڻ ۾ شرم محسوس ڪندو ھوندو، ھن شايد ماتا کي بھ ساھرن وانگر پٿر جي طرف سخت ۽ تيز نوڪ وارو سمجھيو ھو.

ڪاش! ماءُ جي دل سمجھي ھا، جيڪا پاپ ڪرڻ تي بھ پٽ کي شرن ڏيڻ جي لاءِ تيار رھندي آھي، اھڙن دل ڏاريندڙ مصيبتن جي ڪري ھن جي نازڪ نرم دل تي برو اثر پيو، مون ٻڌو تھ ھن پنھنجا ھوش ۽ حواس وڃائي ڇڏيا آھن، شرم ۽ مصيبتن ۽ ڏکن جي دل ۾ گھر ڪندڙ حالتن ھن کي پاگل  بنائي ڇڏيو آھي، ھو منھنجي اکين کان تھ پري ھو ئي پر ھاڻي ھتان بھ گم  ٿي ويو آھي، جتي ھن پنھنجي سرھي زندگي پنھنجي تنگ نظر ۽ جفاڪار استري ۽ ھن جي مائٽن تي ٻليدان ڪري ڇڏي ھئي.

انھيءَ کان پوءِ منھنجي رھيل کھيل برداشت جي قوت بھ مون کان ڇڏائجي وئي ۽ اھو منحوس گھر ۽ نڀاڳو ڳوٺ مون کي زھر ٿي لڳو، تنھنڪري انھيءَ ٽڪري کي ئي خيرآباد چئي ھتي ھتي، جدا ھنڌن تي حياتيءَ جا ڏھاڙا پئي گذاريان. انھيءَ خيال کان  تھ شايد منھنجي جيون جي موڙي وري مون کي واپس ملي وڃي پسگردائي جي سڀني ڳوٺن ۾ پئي چڪر ڪاٽي ۽ ان ڦرندي وتان، من ڪاٿي ملي وڃيم، پر اڃا تائين پنھنجي طلب ۾ موچاري نھ ٿي سگھي آھيان، رستو ڀليل آھيان، اڃان تائين منزل تي پھچي نھ سگھي آھيان.

مون کي ھتي آئي ٻھ ڏينھن مس گذريا ھئا تھ منھنجي زندگي وري ھڪ ٻيو پلٽو کاڌو ۽ منھنجا سڪل زخم وري تازا ٿيا ويا. الائي ڪھڙي جذبي مون کي مجبور ڪيو، جو سڄي واھڻ جي چوڌاري چڪر لڳائيندي  ويس ۽ آس پاس جي ٽڪرين ۽ ساوڪن ۾ سير ڪندي رھيس، ڪالھھ مون کي تو قلعي ۽ ٽڪريءَ تي عجيب حالت ۾ ڏٺو ھو منھنجي دل جي عجيب حالت ھئي، مٿي ۾ ھلڪو ھلڪو سور ھو ۽ ھڪ غير ارادي نموني ۾ منھنجي دل ڌڪ ڌڪ ڪري رھي ھئي، ان وقت زور زور سان روئڻ لاءِ طبيعت پئي گھريو، ان وقت منھنجين اکين ۾ لڙڪن جو دريائ ڀرجي آيو ھو، آئون سڄي رات انھيءَ ٽڪري تي بيٺي ھيس ۽ منھنجي اکين مان زارو قطار نير وھي رھيا ھئا، تان جو ھتان ھڪ ڌنار اچي لنگھيو، مون کي روئندي ڏٺائين تھ ھمدري ڪرڻ جي خيال سان منھنجي ويجھو ھلي آيو. ھتي جا ڳوٺاڻا ڏاڍا رحمدل ۽ ھمدرد آھن. مون کان پڇيائين تھ خير تھ آھي؟ ڇا ٿيو آھي جو پئي روئين؟ ھن جي پڇڻ ۾ مون ڏٺو تھ صحيح ھمدردي آھي، تنھنڪري پنھنجي پٽ جي گم ٿيڻ جو سڄو واقعو ٻڌايومانس، ھو گھڻي دير تائين تعجب ۾ منھنجو قصو ٻڌندو رھيو، پھريائين ڪجھھ ڪڇڻ تي ھو، پر پوءِ الائي ڇا سمجھي ماٺ ۾ رھيو، جيستائين مون سڄو قصو پورو ڪري ماٺ ڪئي، ڏٺم تھ ھو جوش ۾ ھو ۽ تڪڙو تڪڙو چوڻ لڳو، ”اڙي، برابر! انھيءَ شڪل ۽ صورت جو تھ مون ھڪ ماڻھو ڏٺو ھو، ٿورا ڏينھن ٿيا تھ اھڙو شخص ھن ڳوٺ ۾ اڪثر ايندو ھو، ھو اڌ پاگل جھڙو پيو لڳندو ھو ۽ برابر ھن جا وار بلڪل اڇا ٿي ويا ھئا.“

”اھو ٻڌڻ سان منھنجي عجيب ڪيفيت ٿي وئي، مون وري ھن کان پڇڻ شروع ڪيو، ڇا! تون سچي چئي رھيو آھين؟ ڇا! تو منھنجي مصيبت ۾ ڦاٿل پٽ کي انھيءَ ڳوٺ ۾ ڏٺو ھو! ھاءِ ڀڳوان! الائي ھو ڪھڙي مصيبت ۾ گرفتار ھوندو؟ ڇا توکي خبر آھي تھ ھو ڪٿي ٿو رھي!“

منھنجي ھڪ ٻئي پٺيان سوالن تي سوال کان، ھو ڳوٺاڻو گھٻرائجي ويو، پر پوءِ پاڻ کي سنڀاليندي چوڻ لڳو، ”ھا! مون ڪيترا ڀيرا ھن کي پنھنجي اکين سان ھن ڳوٺ ۾ ۽ ان جي چوڌاري پاگلن وانگر گھمندي ڏٺو آھي ۽ انھيءَ جي شاھدي ڳوٺ جا ٻيا ماڻھو بھ ڏيندا، پر ھن جي رھڻ جو ڪو خاص ٺڪاڻو ڪونھ ھو، ھو سڄي ڳوٺ جي ٻاھر ٽڪرين تي ٻنين ۾ رڙيون ڪندو وتندو ھو، ماڻھو ھن جي حالت ڏسي افسوس ڪندا ھئا ۽ ھن جي آواز تي ٻار پنھنجن مائرن کي چنبڙي روئندا ھئا. جڏھن گھڻي رات گذري ويندي ھئي تھ ھو انھيءَ ساڳي ٽڪريءَ تي جتي تون بيٺي آھين، ايندو ھو ۽ زور زور سان اوڇنگارون ڏيئي روئندو ھو، جيئن ھاڻي تون روئي رھي آھين، عجيب اتفاق آھي جو اڄ ماءُ کي روئندو ٿو ڏسان ۽ ڪجھھ ڏينھن اڳي پٽ کي ائين روئندي ڏٺو ھوم.“ ان کان پوءِ پوڙھي ڳوٺاڻي جو آواز غم جي ڪري لگھو ٿي ويو ۽ منھنجي بيچيني ھيڪاري وڌي وئي.

ٻئي ڏينھن صبح جو ٻين ڳوٺاڻن سان ملي انھيءَ ڳالھھ جي پڪ ڪيم.

ڪيترن ٻين ڳوٺاڻن مون کي وڌيڪ ٻڌايو تھ انھيءَ سنسان ۽ غيرآباد دٺل قلعي ۾ بھ رلندو ڏٺو ويو ھو نيٺ ھڪڙي ٻڍي ڳوٺاڻي مون کي ٻڌايو تھ ھڪ پوليس جو جمعدار ان کي جھلي ڪوئٽيا وٺي آيو آھي، جڏھن ڳوٺاڻن جون ڳالھيون ٻڌيون ھيم، تڏھن منھنجي دل جي جذبن ۾ طوفان برپا ٿي ويو ھو ۽ مان انھيءَ خيال سان تھ منھنجو اجڙيل شباب ڀٽڪيل روح ۽ وڃايل جگر جو ٽڪر شايد لڀي پوي، تنھنڪري ھتي اچي پھتي ھيس ۽ تون مون کي جابجا رلندو پنندو ڏٺو ھو. ڪيترن ڊٺل قلعن ۽ جاين جون ڪنڊو جاچيون اٿم تھھ خانھ، سرنگون ۽ زمين جي ھيٺ رستن کي ڳولي ڏٺو اٿم، پر افسوس جو پنھنجي جگر جي ٽڪري کي نھ لڌو اٿم.

نيٺ  نااميد ٿي ٽڪرين ۽ جبلن ۽ پيچرن ۽ ڊگھين ڊگھين ديوارن کي ڪن لايو پئي ٻڌان، تھ من انھن ديوار مان ھن جي واتان نڪتل ڪو لفظ يا ان جو پڙاڏو يا ھن جي دل مان نڪتل دانھن جو آواز  منھنجي ڪنن ۾ پھچي وڃي تھ منھنجي حياتي جو مقصد ۽ منھنجي روح جو ابدي سڪون مون کي حاصل ٿي وڃي.“ ايترو چئي ھوءَ مصيبت جي ماريل ضعيف عمر زال خاموش ٿي وئي، ھن جا چپ ڪنبڻ لڳا ۽ لڙڪ اکين مان وھڻ لڳا، ھن جي دردناڪ ڪھاڻي ٻڌي آئون خود غم ۾ ٻڏي ويس ۽ زندگي جي اھڙن واقعن انساني فطرت جي انھن حقيقتن جا نقش منھنجي دل ۾ گھر ڪري ويا. ايتري ۾ دروازي جي کڙڪائڻ جو آواز منھنجي ڪنن تي پھتو ۽ مائي ٽپ ڏيئي اٿي در کوليو، ڏٺم تھ ھڪ ڳوٺاڻو جنھن جي پٺيان ھڪ پوليس جو جمعدار ھو، اندر لنگھي آيا. مائيءَ انھن کي  ويھڻ لاءِ  چيو، ٿوري دير کان پوءِ مائي جمعدار کان پڇيو جنھن کي شايد ڳوٺاڻو اڳي ئي سڀ ڪجھھ ٻڌائي آيو ھو، جمعدار گلو صاف ڪندي چيو، ”مون کي ڳوٺاڻن کان خبر پئي تھ ڪو چريو ڳوٺن ۾ پيو رلي، جنھن جي خوفناڪ رڙين کان ٻار ڊڄي  ٿي ويا، تنھنڪري صوبيدار صاحب جي اجازت سان ھتي اچي واءُ سواءُ لڌم ۽ جنسي ڏٺم، مون کي پاڻ اچي ڊپ کنيو تھ متان اھو چريو ڪنھن کي ڌڪ ھڻي نھ ڪڍي، ڇاڪاڻ تھ ھن عجيب و غريب نموني سان رڙيون ٿي ڪيون. خاص ڪري ھڪ جملو گھڙي گھڙي ٿي وات مان ڪڍيائين. ”امان! امان! ھاءِ منھنجي امڙ!“ پوليس واري جي وات مان اوچتو نڪري ويو. ”اڙي! اھو تھ اھو ساڳيو ماڻھو آھي.“ منھنجي واتان اھو لفظ ٻڌندي ئي  مائي منھنجي ھٿ کي ڇڪيندي پڇيو، ”ڪھڙو ماڻھو؟ توکي ڪھڙي خبر آھي؟ تون مون کي اڳي ڇو نھ ٻڌايو؟ اھو ماڻھو ڪٿي آھي؟“

مون کيس چيو، ”ماءُ جو پٽ.“ مائي مون کي حيراني  سان ڏسندي چيو، تھ ”ڇا پيو چوين؟ آئون سمجھان ئي نٿي.“ اتي مون ڏٺو تھ برابر منھنجي ڳالھھ ڪنھن ڪانھ سمجھي ھوندي، مائيءَ کي آٿت ڏيندي  مون چيو تھ ڇھھ  ڏينھن کن ٿيندا تھ چرين جي اسپتال ۾ مون وٽ بلوچستان گورنمينٽ کان ھڪ چريو پھتو ھو جو ڳالھائي  ٻولھائي  ڪونھ ٿو. نالو پڇڻ تي ڪونھ ٿو ٻڌائي، رکي رکي رڙ ڪري. ”امان! امان! ھاءِ منھنجي امر! تنھنجي  ڪري سڃاڻپ جي لاءِ اسان ھن جو نالو ”ماءُ جو پٽ“ رکي ڇڏيو آھي، ڇاڪاڻ تھ رکي رکي  ھو پنھنجي ماءُ  کي سڏي ٿو.“ اتي پوليس واري بھ چيو تھ برابر،  صوبيدار صاحب سرڪار جي اجازت سان ھن کي حيدرآباد جي پاگل خاني ۾ علاج لاءِ ڏياري موڪليو آھي.

مون مائيءَ کي دلاسو ڏنو تھ ڪيس مون چڱي طرح اڃا نھ ڏٺو آھي، ائين ڇڏي موڪل تي ھليو آيو آھيان، تون بھ حيدرآباد ھل تھ ڪوشش ڪري سندس علاج ڪندس، خدا گھريو تھ تنھنجو پٽ چڱو ڀلو ٿي ويندو. 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com