سلڇڻي
انسان جي زندگيءَ ۾ ھميشھ عجيب و غريب واقعات
ٿيندا رھندا آھن ۽ ھن جي اھا ڪوشش رھندي آھي تھ
جيتري قدر ٿي سگھي انھن کي وساري ڇڏجي. پر ڪنھن
وقت ڪو اھڙو بھ واقعو ٿي ويندو آھي جو ھن جي لاءِ
وسارڻ ناممڪن ٿي پوندو آھي، منھنجي حياتيءَ ۾ بھ
ھڪ اھڙو واقعو پيش آيو، جنھن منھنجي سڄي زندگيءَ ۾
ڦيرو آڻي ڇڏيو. منھنجي خواب ۽ خيال ۾ بھ ڪين ھو تھ
اھڙو ڦيرو ڪو منھنجي زندگيءَ ۾ اچي ويندو.
ڇھھ مھينا مس ٿيا ھئا جو ولايت مان بي اي بعد ايم،
اي انگريزيءَ ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ کان حاصل ڪيو
ويٺو ھوس، جيتوڻيڪ پئسن جي مون کي ڪاڻ ڪانھ ھئي،
جو زمينداريءَ سان گڏ بئنڪ ۾ بابو ڪافي رقم ڇڏي
مئو ھو، پر مون کي انھن ٻنھي کان نفرت ھئي، ڇاڪاڻ
تھ مون اھا ناجائز ڪمائي ٿي سمجھي.
منھنجي پيءُ انجنيئري کاتي ۾ وڏي عھدي تان پينشن
ورتي ھئي ۽ مون تي ڏاڍو زور ڀريندو رھيو تھ آئون
بھ انجنيئري جو امتحان پاس ڪري ولايت مان ڪا وڏي
ڊگري وٺي اچان. پر بابي جا ناجائز ڪمائي ڏسي مون
کي انجنيئريءَ کان نفرت ٿي پئي، اڪثر ائين بھ
ٿيندو آھي تھ پٽ پيءُ وارو پيشو اختيار نھ ڪندو
آھي، مون سان بھ ائين ٿيو، مون کي ادبيات سان
گھڻي رغبت ھئي، تنھنڪري ايم، اي پاس ڪيم، پھريائين
ڪجھھ تڪليف ٿي، پر نيٺ ڪامياب ٿي موٽي آيس.
سکر ۾ زندگيءَ جا ڏھاڙا گذارڻ مشڪل ٿي پيم، جدا
جدا ڪاليجن کي چئني طرفن درخواستون موڪليم تھ من
ڪا انگريزيءَ جي پروفيسري ملي. چار مھينا
درخواستون ڪرڻ کان پوءِ حيدرآباد ڪاليج مان ملاقات
جي لاءِ سڏ ٿيو. سھي سنڀري حيدرآباد روانو ٿيسن.
اڄ سخت گرمي ھئي، اسٽيشن تي ماڻھو ڏاڍا پريشان
ھئا، ۽ ھميشھ کان وڌيڪ پليٽ فارم تي مسافر نظر پئي
آيا گاڏي ڇٽڻ جو وقت بھ ڀريو بيٺو ھو، مسافرن جي
ڀيڙ مان لنگھي گاڏيءَ ۾ گھڙڻ بھ منھنجي لاءِ وڏو
مسئلو بڻجي پيو. ماڻھو ھتي ھتي ھڪ ٻئي کي ڌڪا ڏيئي
دٻي ۾گھڙن جي ڪوشش ۾ لڳا پيا ھئا، غريب ماڻھن جي
ھٿن ۾ ھنڌ ۽ مبغل ۾ ننڍڙيون ڳٺڙيون ھيون ۽ ڀڄ ڊڪ ۾
ھئا، آئون بھ ڌڪن ڌوڻن ۾ ھڪ فرسٽ ڪلاس دٻي ۾ وڃي
ويٺس. ڀڳوان جي ڪرپا ٿي جو دٻي ۾ ڪونھ ڪو ھو. ٺھي
ٺھي دري کولي ويھي رھيس ۽ ماڻھن جي گپا گيھھ جو
تماشو ڏيڻ لڳس، مس ٻھ ٽي منٽ گذريا ھوندا تھ گارڊ
سيٽي وڄائي، سائي جھنڊي لوڏي رھيو ھو تھ انجڻ
گھوگھٽ وڄائي خبر ڏني تھ گاڏي ڇڏڻ تي آھي. گاڏي
آھستي آھستي ھلڻ لڳي تھ ڇا ڏسان تھ ھڪڙي سھڻي
نوجوان ڇوڪري، ڊڪندي، ماڻھن جي ڀيڙ کي چيريندي
ھلندڙ ٽرين طرف ڊوڙندي آئي، دٻن کي ڏسندي ٿي وئي،
شايد ڪنھن خاص دٻي ۾ چڙھڻ جو خيال ھوس، پر ٽرين جي
رفتار تيز ٿيندي پئي وئي، ٻي واه نھ ڏسي لاچار
منھنجي دبي ۾ گھڙي آئي.
ڪاڙھي تيز ھجڻ ڪري ڇوڪري پگھر ۾ شل ھئي، سندس ڪپڙا
پگھر سان پسيل ھئا، مھانڊو پگھڙ جي ڦڙن سان ڀريل،
گرميءَ جي روشنيءَ ۾ موتين جيا، پي چلڪيو، ڊوڙي
گاڏي جھلڻ تڪڙو تڪڙو ساھ کڻي رھي ھئي. مون کيس
چتائي ڏٺو ۽ سندس شڪل مان ڳالھيون معلوم ڪيم. مون
کي اھڙي گھوريدنو ڏسي ڇوڪري پھريائين خوفائتي ٿي،
پر پوءِ جلدي ھڪ پاسي سولي ٿي ويٺي شايد منھنجي
چھري مان کيس ڊپ نھ ٿيو. مون ڏٺو تھ ڇوڪري موضوع
ھئي، سندس چھري مان معصوميت پئي بکي. ڪپڙا اڇا
پھريل ھئس، جن جي سادگيءَ مان ئي پئي ثابت ٿيو تھ
ڇوڪري ڪنھن وچولي درجي جي گھراڻي جي ھئي، باوجود
بدن تي ڪنھن بھ قسم جي زيور پھريل ھجڻ جي بھ سندس
سوڀيا انسان کي اچرج ۾ ٿي وڌو. ھوءَ پنھنجي شڪل ۽
صورت مان ذھين ۽ پڙھيل معلوم پئي ٿي. پر ھڪ ڳالھھ
جو مون کي نظر آئي سا ھئي، سندس چھري تي گھٻراھٽ.
ڏاڍي منجھيل منجھيل نظر پئي آئي. ايتري ۾ ڇوڪريءَ
دريءَ مان جھاتي پائي ٻاھر ڏٺو ۽ ڏسي گھٻرائجي
يڪدم مٿو اندر ڪري ورتو ائين ۽ پوءِ تڪڙو ڪاڪوس ۾
گھڙي وئي. ايتري ۾ ھلندڙ گاڏيءَ ۾ ھڪ ٽڪيٽ
تپاسيندڙ گھڙي آيو. منھنجي ٽڪيٽ تپاسي ان تي صحيح
ڪري ڪاڪوس جي طرف نھارڻ لڳو. ان وقت ھڪ خيال
بجليءَ وانگر منھنجي دماغ ۾ ڊوڙي ويو. گاڏي اسٽيشن
تان ڇٽڻ کان وٺي ٽڪيٽ تپاسيندڙ جي گاڏي ۾ گھڙي اچڻ
تائين جيڪي ننڍا وڏا واقعا ٿي گذريا، تن منھنجو
ڌيان ڇڪايو ۽ آئون انھيءَ ڇوڪريءَ جي گھٻراھٽ جو
سبب سمجھي ويس، ھڪڙو تھ عين گاڏي ڇٽڻ جي وقت ڇوڪري
تڪڙو تڪڙو اسٽيشن تي پھتي ھئي، تنھنڪري ممڪن آھي
تھ ھن کي ايترو وقت مليو ئي ڪين ھوندو جو ٽڪيٽ
خريد ڪري سگھي، ٻيو تھ ڇوڪري جڏھن دٻي ۾ چڙھي آئي
تھ ساڻس سامان سڙو ھو ئي ڪونھ، جنھن ڳالھھ پڪ
ڏياريم تھ اھڙي طرح روانو ٿيڻ ھن جي پريشانيءَ جو
ھڪ وڏو سبب ٿي سگھي ٿو، دريءَ مان جھاتي پائڻ شرط
يڪدم مٿو اندر ڪري وٺڻ پوءِ تڪڙو تڪڙو ڪاڪوس ۾
گھڙي وڃڻ ۽ ٽڪيٽ تپاسيندڙ جي اندر اچڻ، ثابت ڪيو
تھ ڇوڪري بابوءَ کي ڏسي ڊڄي ڪاڪوس ۾ لنگھي وئي
ھئي.
سندس انھيءَ حرڪت مان صاف ظاھر ھو تھ ڇوڪري بنا
ٽڪيٽ ھئي، ٽڪيٽ تپاسيندڙ ڇوڪريءَ کي ڏسي ورتو ھو ۽
ھن گاڏو خالي ڏسي سمجھي ورتو ھوندو تھ ڇوڪري اندر
ڪاڪوس ۾ آھي، انھيءَ ڪري ئي منھنجي ٽڪيٽ تپاسڻ کان
پوءِ ھن سمجھيو ھوندو تھ اھا ڇوڪري جدا مسافر آھي
نھ تھ جيڪڏھن مون سان گڏ ھجي ھا تھ آئون ٻھ
ٽڪيٽون ڏيان ھا، پوءِ ممڪن آھي تھ جھڙي طرح ھو
اندر آيو ھو تھ ترسي ئي ڪين ھا، بلڪھ ٻئي پاسي
ھليو وڃي ھا. پر ھن ائين نھ ڪيو ۽ ڇوڪريءَ جي اچڻ
تائين ترسي پيو. ڇوڪري بھ نڪرڻ ۾ دير ڪئي، ۽ جڏھن
ٻاھر نڪتي تھ ٽڪيٽ تپاسيندڙ کي ڏسندي ئي ھن جي
منھن جو پنو لھي ويو، پر ھمت کان ڪم ورتائين.
بابو ھن کان ٽڪيٽ گھري تھ ڇوڪريءَ چيو تھ آئون ڀل
۾ دٻي ۾ چڙھي ويٺي آھيان، حقيقت ۾ گاڏي ڇٽي چڪي
ھئي، تنھنڪري ٽڪيٽ خريد ڪرڻ جو وقت ڪونھ مليو،
ھلندي گاڏيءَ ۾ مجبور ٿي ھن دٻي ۾ چڙھڻو پيو. اڳين
اسٽيشن تي لھي آئون ٽڪيٽ خريد ڪري ٻئي دٻي
۾ويھندس،
مون ڏٺو تھ ڇوڪري سچ چئي رھي آھي، تنھنڪري مون بھ
بابوءَ کي چيو تھ گاڏي ڇٽي چڪي ھئي ان ۾ شڪ نھ آھي
تھ ھن کي مجبورا ھن دٻي ۾ چڙھڻو پيو ھو.
بابو ڏاڍو ڪو شريف انسان ھو، تنھن ڳالھھ سمجھندي
چيو تھ مون کي اڳين اسٽيشن تي پاڻ لھڻو آھي
تنھنڪري توکان پئسا وصول نٿو ڪريان. پر اھڙي طرح
بنا ٽڪيٽ مسافري ڪرڻ جرم آھي ڀلائي ڪري اڳين
اسٽيشن کي جنڪشن آھي، تنھنڪري لھي ٻئي دٻي ۾ ھلي
وڃجانءِ، ۽ ڪنھن بابوءَ کي چئي ٽڪيٽ وٺي ڇڏجانءِ،
نھ تھ رولي ۾ پئجي ويندينءَ. ايترو چئي بابو
دروازو کولي ٻئي دٻي ۾ ٽڪيٽون تپاسڻ لاءِ ھليو
ويو.
ٽڪيٽ تپاسيندڙ جي ويندي ئي ڇوڪري اچي روئڻ ۾ ڇٽڪي.
مون کي جيڪو خاص شڪ ھو سو سچو ٿيندو نظر پئي آيو،
منھنجو گمان ھو تھ ڇوڪري گھران ڀڄي نڪتل آھي، تھ
وٽس ممڪن اھي تھ پئسو پنجڙ ڪونھ ھوندو. مون ساڻس
نرميءَ سان ڳالھائيندي کانئس پڇيو تھ ھوءَ روئي
ڇو ٿي؟ تھ ڇوڪريءَ جواب ڏنو تھ ھوءَ گھران ايترو
تڪڙو نڪتي ھئي جو پئسا کڻڻ ئي وسري ويم. پڇيو تھ
ڪڏانھن وڃڻو اٿس؟ جواب ڏنائين تھ حيدرآباد سنڌ.
وڌيڪ پڇيومانس تھ ڪير آھين؟ ڪنھن جي ڌيءَ آھين، ۽
اھڙي طرح ڇو گھران نڪتي آھين؟ تھ ڪجھھ جواب نھ
ڏنائين بلڪھ سڏڪا ڀري وڌيڪ روئڻ لڳي.
آئون حيران ٿي ويس تھ معاملو ڇا آھي، ڇوڪريءَ جي
شڪل صورت مان مون اڳي ئي اندازو لڳايو ھو تھ ھوءَ
ڪا لچي يا بدمعاش نھ آھي.
نيٺ ھڪ ڳالھھ مون کي سمجھھ ۾ آئي، مون پنھنجي ٽڪيٽ
ڪڍي ھن جي ھٿ ۾ رکندي چيو تھ: ”چڱو ھي ٽڪيٽ تون
رک، آئون ٻي ٽڪيٽ جو پاڻھي بندوبست ٿو ڪريان.“
ڇوڪري روئڻ بند ڪري مون سان مخاطب ٿي چوڻ لڳي:
”اوھين ڏاڍا شريف ٿا معلوم ٿيو! آئون اوھان جي
ڏاڍي ٿورائتي آھيان جو مون سان اھڙي طرح
ھمدرديءَ سان پيش آيا آھيو، پھريائين تھ منھنجي
اھا حيثيت ئي ڪانھي جو فرسٽ ڪلاس ۾ مسافري ڪريان،
اوھان کي خبر آھي تھ آئون ڏاڍي مجبوريءَ سان
گاڏي ڇٽي وڃڻ جي ڊپ کان انھيءَ دٻي ۾ چڙھي ويٺس.“
مون کي ٽڪيٽ واپس ڪندي چوڻ لڳي، ”ھيءَ ٽڪيٽ آئون
ڪنھن بھ حالت ۾ قبول ڪري نٿي سگھان، باقي ھڪ
مھرباني ڪندا تھ اوھان جي وڌيڪ ٿورائتي ٿيندس،
مھرباني ڪري مون کي ٿرڊ ڪلاس جي حيدرآباد تائين
ٽڪيٽ وٺي ڏيو ۽ ڏھ روپيھ کن ٻيا ڏيو! پر اھي بھ
انھيءَ شرط سان وٺندس تھ پنھنجو پتو مون کي ڏيندا
تھ انھيءَ پتي تي سڀئي پئسا ٿورن ڏينھن ۾ ڏياري
موڪليندس.“
مون ساڻس گھڻو ئي بحث ڪيو، پر ڇوڪري اصل مڃڻ لاءِ
تيار نھ ٿي، مون خيال ڪيو تھ في الحال چپ ڪري
ويھان، پاڻيھي راه تي اچي ويندي، مون کي ڪاڪوس ۾
وڃڻ جي ضرورت محسوس ٿي تھ اندر ويس، پر اڃا موٽي
اچان تھ اسٽيشن اچي وئي ۽ گاڏي بيھي رھي ۽ ٻاھر
نڪرڻ کان اڳي ڪنھن جي زور سان ڪرڻ جو آواز ٻڌڻ ۾
آيو ۽ دٻي ۾ ماڻھن جي تڪڙي تڪڙي ڳالھائڻ جو شور
ھو، آئون جلدي ٻاھر نڪري آيس، ڏسان تھ ڇوڪري
بيھوش پئي آھي ۽ ھڪ نئون ٽڪيٽ تپاسيندڙ کيس حيرت
۾ پيو ڏسي، ھڪ ماڻھو اخبار سان زور زور سان پکو
پيو ڪريس تھ ٻيو ڄڻو گلاس مان ٿڌي پاڻيءَ جا ڇنڊا
پيو ھڻيس.
مون بابوءَ کان پڇيو ڇا ٿيو؟ ھي ھن جي ڪرڻ جو آواز
ھو؟ تھ بابو نھايت شوخيءَ سان جواب ڏيڻ جي بدران
اٽلو مون کان پڇڻ لڳو، ”ھي ڇوڪري اوھان سان گڏ
آھي؟ ڇا اوھان جي ڀيڻ آھي.“
مون کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي، پر مصلحت سمجھي صبر کان ڪم
ورتو ۽ جواب ڏنم تھ ”واقعي ھيءَ انھيءَ گاڏيءَ ۾
ھئي.“
بابو وري ٿوري ترشيءَ سان پڇيو، ”اوھين ھن کي
سڃاڻو ٿا تھ ڪير آھي؟“ من مٿو ڌوڻي انڪار ڪيو
پڇيومانس: ”ڇو؟“
ڏاڍي رکاڻ سان جواب ڏيندي چيائين: تھ ”ھن ڇوڪريءَ
وٽ ٽڪيٽ آھي ئي ڪانھ ۽ نڪو پئسو ڏوڪڙ اٿس. تنھنڪري
جڏھن مون چيو تھ کيس پوليس جي حوالي ڪرڻو پوندو تھ
بيھوش ٿي ڪري پئي! ھاڻي مصيبت کي ڪير منھن ڏيندو؟
خبر ناھي تھ ڪير آھي؟“
مون مشڪندي کيس جواب ڏنو تھ ”مصيبت کي اھو ماڻھو
منھن ڏيندو جنھن اھا پيدا ڪئي آھي! باقي مون کي
خبر ھجي ھا تھ ھيءَ ڇوڪري ڪير آھي تھ اوھان جي مدد
ضرور ڪريان ھا، مون کي بھ ايتري خبر آھي جيتري
اوھان کي.“
حيدرآباد جي اسٽيشن اچي پھتي، ڇوڪري نيم غشيءَ جي
حالت ۾ لاٿي وئي، مون کي بھ ھتي لھڻو ھو، تنھنڪري
لٿس، پر ڇوڪريءَ لاءِ مون کي ڏاڍي ھمدردي ھئي، جا
کليو کلايو ڏيکاري نٿي سگھيس، ڇاڪاڻ تھ بابو ڌنگي
سڀاءَ جو ماڻھو نظر ٿي آيو، ماڳھين منھنجي گلي
پئجي وڃي ھا، پر آئون جنھن ڪم لاءِ حيدرآباد آيو
ھوس، تنھن کي منھن نھ ڏئي سگھان ھا، تنھنڪري
ڇوڪريءَ جي معاملي ۾ دخل ڏيڻ في الحال مناسب نھ
سمجھيم.
سڄي رات ٽرين واري معاملي ۾ ڇوڪريءَ بابت خيال
ڊوڙائيندو رھيس، ھڪڙي ڳالھھ جي مون کي پڪ ھئي تھ
ڇوڪري ڪا لچي يا بدمعاش نھ ھئي، پر پوءِ گھر ڇڏي
بنا پئسن جي ائين پرديس ۾ نڪري پئي ھئي؟ جيڪڏھن
ڇوڪريءَ جي نيت چڱي نھ ھجي ھا تھ ائين بنا پئسن جي
پرديس ۾ نڪري نھ پوي ھا، ضرور اھڙي ڪا ڳالھھ ھئي
جو اوچتو گھران نڪرڻو پيس ۽ پئسا کڻڻ وسري ويس يا
گاڏي ڇٽڻ جو ڊپ ھوس جو تڪڙ ۾ ھلي آئي ۽ پئسا کڻڻ
وسري ويس!
وري اوچتو خيال آيو تھ مون وڏي بيوقوفي ڪئي جو کيس
ائين ڇڏي ڏنم، بابو بيوقوفي ڪري جيڪڏھن ھن کي
پوليس جي حوالي ٿو ڪري تھ ڇوڪريءَ سان الائي ڪھڙن
ويڌن ٿئي، ائين پھھ پچائيندي اک لڳي وئي. صبح جو
اٿي ڪاليج ويس، جتي بورڊ جي اڳيان ملاقات ھئي،
بورڊ مون کي ڏاي خوشيءَ سان چونڊيو، مان ٻئي
ڏينھن نوڪريءَ تي چڙھڻ جو وعدو ڪري سڌو اسٽيشن تي
آيس، جتان پڇا ڳاڇا ڪندي خبر پئي تھ ڇوڪريءَ جي
ھوش ۾ اچڻ کان پوءِ خبر پئي تھ سندس دماغ درست نھ
آھي، اسٽيشن ماستر ڪو چڱو مڙس ھو، تنھن اڪيلي
نينگري ڪنھن شريف خاندان جي سمجھندي ڪن چڱن مڙسن
سان گڏ سول اسپتال موڪلي ڏني. پر پوءِ خبر پئي تھ
اتي رکڻ جھڙي ڪونھ ھئي، تنھنڪري چرين جي اسپتال
ڏياري موڪليو ھيائون.
ٻن، ٽن ڏينھن کان پوءِ آئون چرين جي اسپتال وڃي
سپرنٽينڊنٽ سان مليس، ڏاڍي آڌر ڀاءُ سان گڏيو، مون
کيس سڄو معاملو ٻڌايو ۽ پنھنجي پوزيشن صاف ڪندي
چيم تھ ”منھنجو ٻيو ڪو مطلب ڪونھي، فقط ايترو تھ
ڇوڪري مون کي معصوم نظر ٿي آئي، متان ڪنھن چڱي
آڪھھ جي ھجي تنھنڪري سندس چڱي پرگھور لھڻ گھرجي،
آئون خرچ ڪرن لاءِ تيار آھيان، کيس سٺو کاڌو ملڻ
گھرجي.“ کيسي مان سئو روپين جو نوٺ ڪڍي ڏنم.
سپرنٽڊنٽ نھايت ھوشيار شخص ھو تنھن ھڪ پرکڻ جھڙو
سوال ڪيو! ”ڇا اوھين ڇوڪريءَ کي ڏسڻ گھرو ٿا؟“
آئون سندس مطلب سمجھي ويس، يڪدم جواب ڏنم: ”مون کي
ھن سان ڪو واسطو ڪونھي، مون رڳو ھمدرديءَ جي خيال
کان پئسا ڏنا آھن ۽ ھن کان پوءِ شايد ، ھتي نھ بھ
اچان. رڳو ٽيليفون تي اوھان سان ڳالھايان.“
ڊاڪٽر صاحب کي جڏھن منھنجي طرفان خاطري ٿي تھ
منھنجو ٻيو ڪو مطلب ڪونھي تھ ھو مون سان وڌيڪ کليو
۽ خيال ڏيکاريائين تھ ”خير علاج تھ ڏاڍي ڪوشش سان
ڪبو پر معاملو گنڀير انھيءَ لاءِ ٿي پيو آھي تھ
ڪنھن ڄاتل ڳالھھ کان سواءِ ڌڪي تي ڪم ڪرڻو پوندو،
خبر نھ آھي تھ ھن جا مائٽ ڪير آھن؟ اوھان کي بھ پڪ
نھ آھي تھ ھو سکر جا آھن يا نھ!“
مون چيو، ”ھڪ ڳالھھ جي ڪري خيال ٿو ٿئي تھ ھو سکر
جي آھي، ڇاڪاڻ تھ جيڪڏھن سکر جي ھجي ھا تھ کيس
گاڏي ڇٽڻ جي وقت جي خبر نھ ھجي ھا، جو ايترو عين
وقت تي پھچي ٽڪيٽ وٺڻ جي ڪوشش نھ ڪيائين، بلڪھ سڌو
گاڏيءَ ۾ ھلي آئي، ٻيو سکر کان ٻاھران اچي ھا تھ
پوءِ ھنڌ بستري ۽ پئسن جو پورو پورو بندوبست ڪري
نڪري ھا. ھي تھ اوچتو ڪنھن حادثي يا جذبي جي ڪري
گھران ڏاڍي تنگ وقت تي نڪري مس پھتي آھي ۽ گاڏي
جھلي سگھي آھي، تنھنڪري اھڙو ڪم شھري ماڻھو ڪري
سگھي ٿو نھ ٻاھران ايندڙ.“
ڊاڪٽر صاحب منھنجو ھم خيال ٿيو، پر چوڻ لڳو تھ
”باوجود سکر جي ھجڻ جي بھ اسان جي معلوم ڪرڻ لاءِ
ڏکيو ٿي پيو آھي تھ ھن جا مائٽ ڪير آھن.“
مون ڊاڪٽر صاحب کي ھڪ ڳالھھ چئي تھ ”اخبارن ۾
اشتھار ڏيارجي.“
ڊاڪٽر صاحب ھڪ خطري کان مون کي واقف ڪيو تھ
”جيڪڏھن ڇوڪرو ھجي ھا تھ ڀئو ڪونھ ھو، پر ظاھر
ظھور ڪنھن ڇوڪريءَ لاءِ ائين ڪرڻ کيس ھٿ وٺي بدنام
ڪرڻو ٿيندو.“
مون کي ان وقت ھڪ خيال آيو جو مون ڊاڪٽر کي ٻڌايو
تھ ”منھنجي ماءُ سکر ۾ گھڻو ڪي ڪم ڪندي آھي
تنھنڪري ھن جي طرفان سنڌي ھندو اخبار ۾ ھڪ اشتھا
ڏجي تھ اھڙي قسم جي ھڪ ھندو ڇوڪري گھران رسي اسان
وٽ اچي ٽڪي آھي، بھتر آھي تھ سندس مائٽ اسان وٽ
اچي ھن جي ٻانھن وٺي وڃن.“
ڊاڪٽر صاحب اھا ڳالھھ قبول ڪئي ۽ مون پنھنجي ماءُ
کي ھڪ اشتھار لکي موڪليو تھ اخبار ۾ ڏياري ۽
جيڪڏھن ڪو انھيءَ اشتھار کي پڙھي اچي نڪري تھ ھن
کي مون ڏانھن حيدرآباد ڏياري موڪلي. اھا صلاح
ڏاڍي ڪارائتي ثابت ٿي جو اخبار ۾ پڙھندي شرط غلام
محمد ۽ سندس زال منھنجي ماءُ وٽ اچي پھتا. جنھن
ترت ھنن کي مون ڏانھن ڏياري موڪليو.
غلام محمد ۽ سندس زال ٻئي وڏي عمر جا ھئا، جڏھن
مون وٽ پھتا تھ انھن جي حالت نھايت پريشان ھئا،
مون کي ڏسي اچي روئڻ ۽ ڇٽڪيا ۽ پڇڻ لڳا ”ڪٿي آھي؟
بابو! ھي ڇا ٿيو؟ ائين ڇو ٿيو؟“
مون سمجھي ورتو تھ اسان ھنن کي ڪجھھ ئي ڪين ٻڌايو
آھي، مون انھن کي آٿت ڏني ۽ کين چيم تھ انھن کي
مون وٽ ڪجھھ ترسڻو پوندو، ڇوتھ نوران اسپتال ۾
بيمار پئي آھي.
ھو وائڙا ٿي ھڪ ٻئي کي ڏسڻ لڳا ۽ پوءِ غلام محمد
مون کي مخاطب ٿي چيو تھ ”اسان کي ٻڌايو ويو ھو تھ
نوران اوھان وٽ آھي! ھي سڀ ڇا آھي؟ نوران اھڙي
ڇوڪري تھ نھ ھئي، ھوءَ ڏاڍي سلڇڻي ھئي؟ ھن جو
اوھان سان ڪھڙو سٻنڌ ھو؟
مون ڏٺو تھ غلام محمد ۽ ھن جي زال سڄي معاملي کي
ابتو سمجھي ويٺا آھن، نيٺ ڏاڍي آھستگي ۽ نرميءَ
سان مون انھن کي چيو تھ ”ھو ڀليل آھن پريم نوران
اھڙي ئي سلڇڻي ڇوڪري آھي جھڙو ھو سمجھن ٿا،
منھنجو ھن سان ڪوبھ لاڳاپو ڪونھي.“پوءِ سربستي
ڳالھھ ڪري کين ٻڌايم تھ وائڙا ٿيا ويا. نيٺ ٻنھي
کي ڊاڪٽر وٽ وٺي ويس، جنھن ٻنھي کي پريم نوران سان
ملايو، ماءُ پيءُ کي ڏسندي ئي پريم نوران ۾ عجيب
ڦيرو آيو. ھو جذبي جي جوش کان روئڻ لڳي ۽ پنھنجي
ماءُ پيءُ کي ڀاڪر پائي ملي.
ڊاڪٽر ان وقت فورا ڪي سيون گھرائي يڪدم نوران کي
انجيڪشن ھنئي، ٿوري دين کان پوءِ پريم نوران کي
ننڊ اچي وئي، ڊاڪٽر صاحب ٻڌايو تھ ”ڪنھن ڪنھن وقت
اھو جوش نقصانڪار ثابت ٿيندو آھي، تنھنڪري ان جي
تيزيءَ کي گھٽائڻ لاءِ بيمار کي آرام جي سئي
ھنئي ويندي آھي، ان ڪري ئي ائين ڪرڻو پيو.“
پوءِ ڊاڪٽر صاحب انھن کان حال احوال پڇيو جو انھن
سربستو ڪري ٻڌايو.
ويچارن جي ھڪڙي ئي سڪيلڌي ڏيءَ ھئي کين ٻيو ڪو
نرينو اولاد نھ ھو ڪيترن ڏکن ڏاکڙن کان پوءِ وڏي
عمر ۾ اھا ڌيءَ ملي ھين، ٻنھي زال مڙس پنھنجي صحت
لاءِ تھ جيئن کين ڪو ٻار پيدا ٿئي دوا درمل تي بھ
ڏاڍو خرچ ڪيو ھو ۽ ڪو ڊاڪٽر يا حڪيم ڪونھ ڇڏيو
ھيائون. جنھن کان علاج نھ ڪرايو ھجين. نيٺ مس مس
وڃي کين اھا ڌيءَ ڄائي ھئي، ڀڳوان جو شڪر ڪري ھن
نينگريءَ کي پٽ وانگر پالي وڏو ڪيائون ۽ ڏاڍيون
مصيبتون سھي بکون ڪڍي کيس تعليم ڏياريائون، نيٺ
پريم نوران بي، اي پاس ڪئي، ۽ پيءُ ماءُ جي ڏاڍي
عزت ۽ خدمت ڪندي ھئي ويچارا پيرسن ٿي چڪا ھئا،
پريم نوران کي انھن مصيبت جو ڏاڍو احساس ھو،
تنھنڪري سڄي گھر جو ھاج ختم ڪري، ماني ٽڪي پچائي
ماءُ پيءُ کي کارائي، پوءِ پڙھڻ ويندي ھئي. ڏاڍي
سلڇڻي ۽ جفاڪش ڇوڪري ھوندي ھئي ۽ ننڍي ھوندي کان
ئي ماءُ کي گھر جي ڪم ھاج ۾ ھٿ ڏيندي ھئي.
ھڪڙي ڏينھن جي ڳالھھ آھي، شايد جنھن ڏينھن پريم
نوران گھر ڇڏي نڪتي ھئي، تنھن کان ڪجھھ ڪلاڪ اڳي
زال مڙس پنھنجي ڪمري ۾ ھئا ۽ پريم نوران پنھنجي
ڪمري ۾ ڪجھھ ويٺي پڙھيو، ميز جي سامھون بند دري
ھئي، پر ٻنھي زال مڙس جو ڳالھائڻ پريم نوران پئي
ٻڌو.
زال: سڄو ڏينھن رڳو ناول پڙھندا يا گھر جو بھ ڪو
خيال اٿو، نوران ھاڻي اچي وڏي ٿي آھي، اسان بھ
الائي ڪيترو وقت جيئرا ھونداسين.
مڙس: اڙي ھا! سچي! مون کي تھ ڳالھھ ئي وسري وئي،
خان بھادر در محمد جو خط ڪالھھ پھتو آھي.
زال: (تڪڙو تڪڙو) چڱو! ڇا لکيو اٿس؟
مڙس: اھي لوڀين وارا پار! ھيڏو وڏو ماڻھو ھوندي بھ
اڃا پئسي جي لالچ نٿو ڇڏي.
زال: انھن ڳالھين کي ڇڏيو، ڇا لکيو اٿس، سو ٻڌايو.
مڙس: خان بھادر درمحمد پنھنجي پٽ جيڪو ايم، اي ۾
پڙھي رھيو ھو ۽ ڇوڪرو نھايت ھوشيار آھي ۽ ھميشھ
پھريون نمبر ايندو آھي، تنھن لاءِ خان بھادر جو
خيال ھو تھ اھڙي قابل اولاد کي ضرور ولايت موڪلڻ
گھرجي. پر پاڻ پراڻن خيالن جو ماڻھو ھو، تنھنڪري
اھو ڊپ ھوس تھ متان ڇوڪرو ولايت مان نھ پرڻجي اچي،
تنھنڪري انھيءَ ڳولاءِ ۾ ھو تھ ڪا اھڙي ڇوڪري ھٿ
اچي جا پٽس وانگر پڙھڻ ۾ تکي ۽ ھوشيار ھجي تھ جيئن
ٻنھي کي ولايت موڪلجي تھ وڏيون ڊگريون وٺي اچن.
زال مڙس گڏ ھوندا تھ پوءِ ڇوڪرو ٻي ڪنھن عورت
ڏانھن خيال ئي ڪونھ ڪندو. ان کان سواءِ خان بھادر
ٿورو خود غرض ۽ لالچي بھ ھو، اھو ويچار بھ ھوس تھ
ڇوڪري ڪنھن وڏي آڪھھ جي نھ ھجي تھ چڱو. ڇاڪاڻ تھ
کانئس گھٽ درجي جا ھوندا تھ ٻھ فائدا ٿيندا،
ھڪڙو ھميشھ ھن جي رعب ۽ دٻاءَ ۾ رھندا ۽ ٻيو ھن جي
خان بھادري جي رعب ۾ ڇوڪريءَ وارن کان ڏاج بھ چڱو
حاصل ٿيندو تھ ولايت جو خرچ بھ نڪري ايندو. وڏن
ماڻھن ۾ جي پٽ ٿو پرڻائجي تھ ٽٽا بھ چٻائيندا تھ
خرچ بھ ڪرائيندا ۽ اھي ڪٿي ٿا ھن جي رعب م اچن.
نيٺ سندس ڌيان غلام محمد ۽ سندس ڌيءَ ڏانھن ويو،
ھو ڏاڍو چالاڪ ھو، کيس خبر پئجي وئي ھئي تھ پريم
نوران پڙھڻ ۾ ڏاڍي قابل آھي، ۽ اھا بھ خبر ھيس تھ
ڇوڪري گھرو ڪم ڪاج ۾ بھ چڱي آھي ۽ سڀ کان وڌيڪ
نھايت سلڇڻي آھي ۽ اھا بھ خبر ھيس تھ غلام محمد
سندس زال ۽ ڇوڪريءَ کان ٻيو سندن ڪو مٽ مائٽ ڪين
ھو، ھڪڙو عمدو باغ بھ ھو، جنھن جي ڪمائيءَ مان
سندن گذارو ٿيندو ھو ۽ گھر جنھن ۾ رھندا ھئا، سو
بھ انھن جو ئي ھو، غلام محمد ھو ڪفايتي ماڻھو،
تنھنڪري ضرور ڪجھھ نقد رقم بچائي بئنڪھ م رکي
ھوندائين ۽ اھي سڀئي ڳالھيون سوچي ۽ سمجھي خان
بھادر غلام محمد کي ڇوڪريءَ جي ٻانھن لاءِ چوايو
ھو.
خان بھادر کي جڏھن پڪ ٿي تھ غلام محمد پنھنجيءَ
ڌيءَ کي ھن جي پٽ سان پرڻائڻ لاءِ تيار آھي تھ ھن
رعب ڄمائڻ شروع ڪيو ۽ کيس لکي موڪليائين تھ ھن جي
پٽ کي سڱ ڏيڻ لاءِ ڪيترائي ماڻھو آتا ويٺا آھن، ۽
ھزارين روپيا پيا آڇين، ھڪ ڄڻي تھ پنجاه ھزار
آڇيان آھن! پر اسان کي ڇوڪري پسند نھ آھي جو
ايترو پڙھيل نھ آھي. تنھنجي ڇوڪري ڇڪاڻ تھ پڙھيل
آھي تنھنڪري اسين فقط پندرھن ھزار وٺنداسين!
ايترو ياد رک تھ تنھنجي ڇوڪري ڪنھن معمولي آڪھھ ۾
نٿي اچي! اھڙو گھر نصيب وارن کي ملندو آھي.
غلام محمد جي زال جڏھن مڙس کان خط بابت سمورا
احوال ٻڌا تھ چيائين: ماريو ڏاڍو ڪو لوڀي آھي! ڀلا
ڪھڙو ويچار ڪيو اٿو؟
مڙس: توسان صلاح ڪرڻي ھئي، پر ڳالھھ دل تان لھي
وئي، ھا! ھڪ ٻي ڳالھھ بھ لکي اٿس تھ خط جو جواب
جلد ڏيان، ڇاڪاڻ تھ ٻيا بھ ڪيترائي زور وجھي رھيا
آھن.
زال: ھيءَ تھ ڳري ڳالھھ ٿي! اسين مسڪين ھيترا سارا
ڏوڪڙ ڪٿان آڻينداسين؟ مئي کي خدا جو بھ ڀئو ڪونھي!
مڙس: تنھنجي ڳالھھ برابر آھي پر گھر بھ سٺو آھي ۽
خان بھادر جو ڇوڪرو بھ سٺو آھي، ڇوڪري وڃي سکي
ٿيندي.
زال: برابر! پر پئسن جي پورائي ڪيئن ڪندين؟
مڙس: انھيءَ ڳالھھ تھ ويچار ۾ وجھي ڇڏيو آھي تھ
اڄڪلھھ انھن ڳالھين ئي کي ماڻھو ڏسن ٿا، دنيا ئي
بدلجي وئي آھي.
زال: ڀلا گھڻا ڏوڪڙ آھن؟ اسان جي بھ ھاڻي حياتي
ڪيتري؟ جيڪي آھي سو سڀ نينگري جو آھي.
مڙس: تون ڄاڻندي بھ پڇين ٿي! پنھنجي بيماريءَ تي
ڪيترو نھ خرچ ٿيو ھو! ۽ وري نوران جي تعليم تي بھ
ڳپل لڳي چڪو آھي، مون وٽ مس ھاڻي ڏھھ ھزار روپيا
نقد بئنڪ ۾ بچيا آھن، نوران جي شاديءَ تي بھ زيورن
۽ ڪپڙن تي ڏٺي وئي ڏھھ ھزار کن تھ پڪ لڳن.
نينگريءَ کي خالي ھٿين تھ ڪين اماڻبو؟ ھاڻي خان
بھادر لاءِ پنڌرھن ھزار روپيا ڪٿان آڻيندس جو ڏئي
سگھان!
زال: پوءِ ڪيئن منھن ڏبو؟
مڙس: اھائي تھ توسان صلاح ڪرڻي ھئي، منھنجي خيال ۾
باغ تي ڏھھ پنڌرھن ھزار قرض ملي ويندو جو شاديءَ
کان پوءِ ٿورو ٿورو ڏيئي قرض لاھي وٺنداسين.
زال: ھا! پنھنجي سڪيلڌيءَ لاءِ ڪجھھ تھ ڪرڻو
پوندو، ڀل وڃي سکي ٿئي، اسان پنھنجو وقت ڏکيو
سکيو گذاري وٺنداسين سڪي ماني کائي بھ پورائي ڪري
وٺنداسين.
مڙس: ھا، ڇونھ! ڀانيو ھو تھ اباڻو جڳھو پيريءَ ۾
آڳانڍو ٿي پوندو! پر خدا جي مرضي ڪا ٻي ٿي ڏسجي.
زال: ھاڻي دير نھ ڪرڻ گھرجي، خان بھادر کي لکي
ھائو ڪريو، ائين نھ ٿئي ھو لوڀي وري ڦري وڃي.
زال، مڙس جڏھن اھا ڳالھھ ڊاڪٽر صاحب کي ٻڌائي تھ
ڏاڍي حيرت مان ڊاڪٽر کي چوڻ لڳا تھ اسان ڇوڪريءَ
جي لاءِ ھي سانباھا پي ڪيا، پر خبر نھ آھي تھ
ڇوڪريءَ کي ڇا سجھي آيو جو اسان کي مصيبت ۾ ڇڏي
ھلي وئي. اھو بھ خيال نھ ڪيائين تھ ماڻھن ۾ ڪيتري
نھ بدماني ٿيندي. اسان تھ مرڻ جي ڪنڌيءَ تي آھيون،
پر سندس بدماني ٿيندي ۽ ھر ڪو نندا ڪندو.
زال: مون ڏٺو تھ اسان جي انھن ڳالھين کان پندرھن
منٽ کن پوءِ نوران صاف ۽ اڇا ڪپڙا پائي تڪڙي تڪڙي
ٻاھر وڃي رھي ھئي، پڇڻ تي جواب ڏنائين تھ
”ساھيڙيءَ وٽ ٿي وڃان، ھڪ ڪتاب جي ضرورت آھي اجھو
ٿي موٽي اچان.“ نوران اڳي بھ ائين ساھيڙين وٽ
ويندي ھئي، مون کي ڪھڙي خبر تھ گھر ڇڏيو ٿي وڃي!
نھ تھ ڪڏھن نڪرڻ ڪين ڏيانس ھا.
مون ڏٺو تھ ڊاڪٽر صاحب ڳوڙھي ويچار ۾ ھو ۽ ٻنھي
زال مڙس جي چھري کي عجيب نظرن سان ڏسي رھيو ھو،
انھيءَ بيان مان مون پنھنجو انومان ڪڍيو ۽ سوچي
رھيو ھوس تھ الائي ڊاڪٽر ڪھڙو انومان ڪڍيو آھي تھ،
ڊاڪٽر غلام محمد مخاطب ٿيندي چيو:
ڊاڪٽر: غلام محمد کي تون ڏاڍو ڪو ڀورڙو آھين! اڃا
پيو پنھنجي ڌيءَ ۾ شڪ ڪرين! تون تھ ڏاڍو ڀاڳ وارو
آھين تھ اھڙي سٺي ڌيءَ توکي خدا ڏني آھي.
غلام محمد: جنھن کي ڏسو اھوئي پيو چوي! پر اھو نٿو
ويچار ڪري تھ ڀڄي نڪرڻ بعد ويل عزت آبروءَ جو ڇا
ٿيندو!
ڊاڪٽر: انھيءَ جو ڪارڻ اوھين ٻئي زال مڙس آھيو!
اوھان ٻنھي جون ڳالھيون نوران ٻڌي ورتيون ھيون،
اڻ پڙھيل ڇوڪري ڪانھ ھئي، جو ماٺ ڪري ويھي ھا ۽
خوش ٿئي ھا، ماءُ پيءُ جي پريم جي ھن کي سڌ ھئي،
ھن کي اھا بھ خبر پئي تھ اوھين ٻئي لاءِ ٻليدان
ڏيڻ ٿا چاھيو پر ھن ٻليدان جو جيڪو نتيجو نڪندو
تنھنجي بھ ھن کي سڌ ھئي! ھو شادي ڪري وڃي سکي تھ
ٿئي ھا، پر ھن جا ماءُ پيءُ ڏينھن ڏسن ھا! جنھن
ڳالھھ ھن جي دل ۾ شاديءَ لاءِ ۽ خان بھادر لاءِ
ڌڪار پيدا ڪري ڇڏي، ھو اھڙي بيوقوف ڪين ھئي، جو
شاديءَ جي معاملي ۾ پنھنجي ماءُ پيءُ سان بحث ڪري
ھا، جا ڳالھھ اوھين ڪڏھن ڪين مڃو ھا! تنھنڪري ھن
ڏٺو اھا شادي ڪنھن بھ حال ۾ نھ ٿيڻ گھرجي، ھن خيال
ھن جي طبيعت تي ايترو تھ اثر ڪيو جو ھن کي بدنامي
جو خيال ئي نھ رھيو تھ ھو ڇا ڪري رھي آھي، تنھن
کان سواءِ اوھان لاءِ ھن جي پريم ھن کي ملامت
ڪئي. جڏھن ھن جا پوڙھا ماءُ پيءُ ھن جي لاءِ
ٻليدان ڏيئي سگھن ٿا، تڏھن ھڪ جوان ڄماڻ ڌيءَ ائين
نٿي ڪري سگھي! سندس انھيءَ اندر جي آواز کيس
فراريت اختيار ڪرڻ تي مجبور ڪيو ۽ سندس ناتجربي
ڪاريءَ کيس تڪليف ۾ وجھي ڇڏيو.
غلام محمد: ڀلا ڊاڪٽر! اھو تھ ھن پاڻ ڪيو، پر ھي
دماغ جو خراب ٿيڻ، تنھنجو بھ تھ ڪو ڪارڻ ھوندو.
ڊاڪٽر: ڇو نھ! خان بھادر جي شڪ ۽ اوھان جي تڪليف
جي خيال اڳي ئي ھن جي دماغ تي اھڙو اثر ڪيو جو ھن
جو دماغ منجھي پيو ھو، تنھنڪري ھو صحيح فيصلو نھ
ڪري سگھي ۽ جڏھن فرار ٿي نڪتي تھ دماغ ايترو
مائوف ٿي ويل ھوس جو پئسو ڏوڪڙ کڻڻ بھ وسري ويس،
جڏھن ٽڪيٽ ڪليڪٽر جي مصيبت مٿانس اچي ڪڙڪي ۽
ڏٺائين تھ ھاڻي ناموس وڃڻ م دير ئي ڪانھي تھ سندس
طبيعت خود سند سھائتا ڪئي ۽ ھوءَ بيھوش ٿي، ۽
پنھنجو دماغي توازن وڃائي ويٺي.
ڊاڪٽر صاحب جي انھيءَ نفسياتي سمجھاڻيءَ مون کي
اچرج ۾ وجھي ڇڏيو ۽ غلام محمد جي انھيءَ معاملي ۾
آئون وڌيڪ دلچسپي وٺڻ لڳس. ڊاڪٽر کي چيم تھ ”ڊاڪٽر
صاحب! اھو سڀ ڪجھھ ٺيڪ پر اسين اصل حقيقت کان وڃي
پري پيا آھيون! اوھان جيڪي ڪي فرمايو آھي، برابر
سمجھھ ۾ اچڻ جھڙيون ڳالھيون آھن پر نيٺ پريم نوران
جي بيماريءَ جو ڇا ٿيندو؟ انھيءَ بابت اوھان اڃا
ڪجھھ ڪين ٻڌايو آھي!“
ڊاڪٽر: (مشڪندي) پروفيسر صاحب! اوھان ڏٺو ڪين تھ
نوران جي دماغ تي ڪيترو نھ بار ۽ ڇڪ ھئي، جڏھن
پھريائين ھوءَ اسپتال آئي ھئي اھو تاڻ ماءُ پيءُ
جي ڳالھين ۽ ٽرين ۾ جيڪي ٿي گذريو ھو، اھو سڀ ان
جو سبب ھو، پر جڏھن ھن پنھنجن مائٽن کي ڏٺو تھ
اوھان ڇا چيو ھوندو تھ ڪيئن ھن ٺاپر جو ساھ کنيو
ھو ۽ ڊوڙي پنھنجي ماءُ کي چنبڙي ھئي، اھا ھڪ سٺي
نشاني ھئي، پر مون ڏٺو تھ متان انھيءَ جذبي ۽ جوش
جو ڪو خراب اثر ٿئي، تنھنڪري کيس ننڊ جي سئي ھڻي
سمھاريو تاڪھ جڏھن سمھي اٿي تھ ممڪن آھي تھ سندس
حالت سڌريل ملي.
غلام محمد: ڊاڪٽر صاحب! جيڪڏھن سڌريل حالت نھ
ھوندي تھ پوءِ؟
ڊاڪٽر: ممڪن آھي تھ حالت سڌريل نظر بھ اچي، پر مون
کي اميد آھي تھ جيڪڏھن بجليءَ جو علاج ڪيو ويندو
تھ ٺيڪ ٿي ويندي.
پريم نوران جڏھن سجاڳ ٿي تھ سندس حالت اھڙي نھ
ھئي، جيئن ڊاڪٽر صاحب ٿي گھريو، تنھنڪري مھينو کن
بجليءَ جي علاج کان پوءِ ٺيڪ ٿي وئي ٧ جڏھن کانئس
ڊاڪٽر صاحب پڇيو تھ ھن سربستو احوال ڪري ٻڌايو تھ
جڏھن ماءُ پيءُ جون ڳالھيون ٻڌائين تھ ھن جي من ۾
انيڪ قسم جا خيال پيدا ٿيڻ لڳا ۽ ھن جي حساس طبيعت
کي ھڪ سخت ڌوڏو آيو ۽ اھڙي شاديءَ کان ھن جي طيبعت
۾ بڇان پيدا ٿي، جنھنڪري ھن جا ماءُ پيءُ تڪليفن ۾
پئجي وڃن، پر جڏھن ٽڪيٽ بابو ھن کي چيو تھ ھو ھن
کي پوليس جي حوالي ڪندو تھ بي عزتيءَ جي ڊپ کان ھن
جي دماغ کي اھڙو جھٽڪو آيو جو ھوءَ بيھوش ٿي وئي.
پريم نوران چڱي ڀلي ٿي سکر پھتي. خان بھادر جي پٽ
سان شادي جو معاملو ختم ٿي ويو، پر ٿورن ڏينھن کان
پوءِ پروفيسر سان شادي جو معاملو فيصل ٿيو جو
نوران بھ خوشيءَ سان قبول ڪيو.
|