انتقام
اڄ آئون ھميشھ جي معمول جي برخلاف پاگل خاني دير
سان پھتو ھوس، ڇاڪاڻ تھ صبح جو ھڪ ضروري سرڪاري
ميٽنگ ۾ ٿوري دير ٿي وئي ھئي، جڏھن آئون اسپتال
پھتس تھ ڏٺم تھ وڏي لوھي دروازي جي ٻاھران ھشام
ماڻھن جا بيٺا ھئا ۽ انھن ۾ ڪيتريون زالون بازار
حسن جون ھيون، ڏاڍي مشڪل سان ڀيڙ کي چيريندي
منھنجي موٽر اندر اسپتال ۾ داخل ٿي سگھي. آفيس ۾
پھچڻ شرط معلوم ٿيو تھ اڄ ھڪ مشھور ڳائڻ واري جنھن
جو نالو نيل ھو، سا چري ٿي آئي آھي. بازار حسن جي
زالن جي ايتري ڀيڙ جو سبب ھاڻي مون کي معلوم ٿيو،
پر آئون حيرت ۾ پئجي ويس جو ڏٺم تھ نيلم کي
ھٿڪڙيون پيون ھيون ۽ ھوءَ پوليس جي حوالات ۾ ھتي
موڪلي وئي ھئي. منھنجي نوڪريءَ ۾ اھو پھريون ڀيرو
ھو جو بازار حسن مان ڪو چريو ٿي آيو ھو. پوليس
جيڪي ڪاغذ پٽ آندا ھئا، تن مان خبر پئي تھ نيلم
چاقوءَ سان پنھنجي ماءُ تي حملو ڪري، ھن کي زخمي
وڌو ھو. ھتي جيڪي ماڻھو موجود ھئا، سي جيڪڏھن وچ ۾
نھ پون ھا، تھ شايد پنھنجي ماءُ کي ماري وجھي ھا.
پوليس اچي وئي ھئي ۽ ھن کي جھلي مئجسٽريٽ جي روبرو
پيش ڪيو ويو ھو جنھن کي شڪ پيو تھ ممڪن آھي تھ
نيلم پاگل آھي تنھنڪري کيس مون وٽ جاچ لاءِ اماڻيو
ويو.
ٻئي ڏينھن صبح جو مقامي اخبارن ۾ سربستو احوال ويو
جن کي خبر نھ ھئي تن کي بھ خبر پئجي وئي ۽
منھنجي لا ھڪ مصيبت پيدا ٿي پئي، ڇاڪاڻ تھ منٽ منٽ
۾ ٽيلفون تي جيڪو ڏسو سو پيو نيلم بابت پڇا ڪري.
ھڪ ٻن دوستن کي ڏاڍي حرفت سان ٽاريم تھ پوليس گھري
تھ انھن ماڻھن جا نالا پوليس کي ٻڌايان جن نيلم
بابت پڇا پئي ڪئي آھي. شايد ان ڪيس ۾ ڪو وڏو ڀيد
آھي، تنھنڪري پوليس کي خبر پئي تھ انھن لاءِ ٺيڪ
نھ ٿيندو.
سمجھان ٿو تھ انھيءَ حرفت پنھنجو ڪم ڪيو جو وري
ڪنھن دوست ٽيليفون نھ ڪيو، ڇاڪاڻ تھ انھن پوليس جي
پڇا بابت ھڪ ٻئي خبر ڏني ھوندي، تنھنڪري وري ڪنھن
کي ھمت ئي نھ ٿي جو مون کان پڇي پر پاڻ پوليس وارن
سڀني کان وڌيڪ ڪڪ ڪيو، ڇاڪاڻ تھ بازار حسن ۾ پھچڻ
جا ھي ڏاڍا ڪوڏيا ٿيندا آھن ۽ ممڪن آھي تھ ڪيترن
جو نيلم سان رستو بھ ھجي، نيٺ ڪڪ ٿي مون پنھنجي
ڪمري مان ٽيليفون ھٽائي ڇڏيو، تڏھن وڃي ڪٿي
منھنجي جان ڇٽي.
ٽئين ڏينھن ڏسان تھ اخبارن جا نمائندا ھڪ ٻئي
پٺيان اچڻ لڳا، انھن يارن پنھنجي سڄي حياتيءَ ۾
پاگل خاني ڏانھن سماچار لاءِ ڪڏھن بھ رخ نھ رکيو
ھو بلڪ پاگل خاني بابت مضمون چرين جي فائدي لاءِ
ڏبو ھو تڏھن بھ ڪونھ ڇڏيندا ھئا، مون کي بھ مٿن
ھئي خار سو اڌ ڪلاڪ کان مٿي ٻاھر ڪمري ۾
ترسايومان. جڏھن اندر آيا تھ معلوم ڪرڻ ٿي
گھريائون تھ نيلم پاگل آھي يا نھ. مون بھ ٽاري
ڇڏيو، مان کين چيو تھ ٻن ٽن ھفتن کان اڳي منھنجي
لاءِ ممڪن نھ آھي تھ ٻڌائي سگھان تھ ھوءَ سچ پچ
چري آھي يا مڪر ٿي ڪري، ھر وقت ٻاھر بيھارڻ جي
سزا اھڙي ھئي جو وري مون ڏانھن رخ نھ رکيائون.
اخبارن ۾ منھنجي برخلاف ابتو آڏو لکڻ جي ڪوشش
ڪيائون، پر مون پرواه ئي نھ ڪئي. ماٺ ڪري خاموش ٿي
ويا.
شام جو پنھنجي حساب کان فاغ ٿي، منھنجي عادت ھئي
تھ جيم خاني يا ڪلب ويندو ھوس، پر انھيءَ پچ پچ جي
آزار کان ھڪ ھفتي تائين وڃڻ ئي ڇڏي ڏنم. صبح جو
روزانو نيلم کي تپاسي اھڙي قسم جا نوٽ سندس فائل
تي چاڙھي ڇڏيندوس ھوس، ٻن ٽن ڏينھن جي تپاس ۾ مون
کي معلوم ٿي ويو ھو تھ نيلم پاگل آھي، پر ڇاڪاڻ
تھ ھڪ ڏوھيءَ جي حيثيت ۾ موڪلي وئي ھئي تنھنڪري
مون کي بھ خبرداري ڪرڻي ھئي، ڏھن ڏينھن گذرڻ کان
پوءِ مون ڏھھ ڏينھن وڌيڪ تپاس لاءِ مئجسٽريٽ لکي
لکي موڪليو ھو. انھيءَ وچ ۾ نيلم جي ماءُ اسپتال ۾
مون کي گڏجڻ لاءِ آئي. سندس زخم ٺيڪ ٿي چڪا ھئا،
جيتوڻيڪ ڪروڙڍ ھئي، پر ڏسڻ ۾ اڃا خوبصورت ھئي،
سندس اکيون نانگ وانگر ڇپندڙ ۽ ڳولا ڪندڙ ھيون،
جنھن ڳالھھ مون کي ھوشيار رھڻ جو چتاءُ ڪيو، ڏٺم
تھ ڳالھائڻ ۾ ڏاڍي سٺي ھئي ۽ کيس اھا ڏات ھئي جو
ٻئي کي پاڻ ڏانھن ڇڪي سگھي آئون ويتر کانئس وڌيڪ
خبردار رھيس. سندس ڳالھين مان ايترو سو معلوم ڪيم
تھ نيلم کي ڏاڍي لاڏ ڪوڏ سان پاليو ھيائين،
جنھنڪري نيلم ھڪ کريل ٻار جيان ھئي، مائيءَ کي
نيلم سان ڏاڍو پيار ھو ۽ اچرج جي ڳالھھ آھي تھ
نيلم بھ کيس ڏاڍو ڀائيندي ھئي ۽ سندس ھر ھڪ مرضي
رکندي ھئي پوءِ خبر نھ آھي تھ ڇو اچانڪ مٿس چاقوءَ
سان وار ڪري کيس ڦٽي وڌائين. مون کيس کلي چيو تھ
ھيءَ ڳالھھ سمجھڻ جي آھي تھ پيار ڌڪار جي صورت ۾
ان وقت بدلبو آھي، جڏھن ڪا اھڙي حرڪت ڪئي ويندي
آھي، جنھن جو اثر ھن جي دل و دماغ تي ٿيندو آھي،
منھنجي انھيءَ چوڻ ڏٺم تھ کيس ڇرڪائي ڇڏيو ۽ ھوءَ
وڌيڪ احتياط سان ڳالھائڻ لڳي مون سندس اچڻ جو ڪارڻ
پڇيو تھ چيائين، ”نيلم کي ھڪ نظر ڏسڻ ٿي گھران،
مون کيس مشڪي جواب ڏنو تھ سندس ڏسڻ نيلم لاءِ
نقصانڪار ثابت ٿيندو. ڇا ھوءَ گھري ٿي تھ نيلم
ڪڏھن بھ ٺيڪ نھ ٿئي؟ ڏٺم تھ سندس اکين ۾ پاڻي ڀرجي
آيو، چيائين تھ کيس ڀلا جدا ڪمري ۾ رکيو وڃي ۽ سٺو
کاڌو ڏنو وڃي، جنھن جي لاءِ ھوءَ خرچ برداشت ڪرڻ
لاءِ تيار آھي، مون کيس اطمينان ڏنو تھ ائين
ٿيندو. نيلم جي ڪيس منھنجي لاءِ ڏاڍي دلچسپي پيدا
ڪئي، سندس ماءُ جي وڃڻ کان پوءِ آئون پنھنجو دماغ
ڊوڙائڻ لڳس تھ مائيءَ جي ايتري پيار ۽ محبت ھوندي
بھ ڇو نيلم پنھنجي ماءُ کي ڦٽي وڌو آھي ان ۾ ضرور
ڪو راز آھي.
ڪيترا ڏينھن ٿيا ھئا جو آئون نھ ڪو ڪلب نھ ڪو جيم
خاني ويو ھوس، طبيعت بھ گھٻرائجي رھي ھئي، تنھنڪري
شام جو جيم خاني ويس، جتي منھنجو ھڪ پيارو دوست
وڪيل گڏيو جنھن سان ڏٺم تھ ھڪ خوبصورت جوان ھو
جنھن کي ھٿن ۾ ھيرن ون منڊيون پيون ھيون. منھنجي
دوستن ھن سان تعارف ڪرايو تھ ھي حيدرآباد جو مشھور
جواھري يونس آھي، ايترو بھ معلوم ٿيو تھ منھنجي
دوست پٽ جي شادي ۾زيور ۽ ھيرا ھن جي ئي جواھرن جي
دوڪان تان تيار ڪرايا ھئا. منھنجي دوست زور ڏنو تھ
اڄ ماني جيم خاني ۾ کائينداسين. ٿوري دير برج راند
ڪرڻ کان پوءِ مانيءَ لاءِ ھڪ جدا ڪمري ۾ ٽئي ڄڻا
وياسين، مانيءَ جي وچ ۾ نيلم جي ڳالھھ نڪتي،
انھيءَ دوست کي آئون انڪار ڪري ڪين سگھيس. جيترو
مون کي معلوم ھو، مون سڀ انھن کي ٻڌايو نيٺ منھنجو
دوست کليو تھ سچي ڳالھھ ھيءَ آھي تھ يونس جي نيلم
سان دلچسپي آھي، بلڪھ انھيءَ رات جڏھن نيلم پنھنجي
ماءُ تي وار ڪيو ھو تھ يونس اندرين ڪمري ۾ ھو ۽
پوليس جي اچڻ کان اڳي پٺيان لھي غائب ٿي ويو ھو.
اھو ٻڌي آئون وائڙو ٿي ويس. نيٺ پڇا ڪيم تھ آئون
ڪھڙي مدد ڪري ٿو سگھان؟ منھنجي دوست مون تي زور
آندو تھ ھر قسم جي توکي مدد ڪرڻي پوندي.“ آئون اچي
ڦاٿس ھڪ پاسي فرض ادائگي، ٻئي پاسي دوست جي گھر.
نيٺ ھمت ڪري چئي ڏنم، ”ھڪ ڳالھھ جو آئون چتاءُ ڪري
ٿو ڇڏيان تھ ڪنھن بھ حالت ۾ ڪوڙ نھ ڳالھائيندس نڪي
پنھنجي فرض ادائگي ۾ ڪوتاھي ڪندس.“
منھنجي دوست کلي چيو، ”مون کي تنھنجي عادت جي اڳي
ئي خبر آھي، اسين اھو تھ گھرون ئي ڪين ٿا، اسان کي
پوري طرح ٻڌڻ کان اڳي انومان ڇو ٿو ڪڍين؟“
”چڱو ڀلا ٻڌايو.“
پھريون سوال آھي تھ ھر طرح ڪوشش ڪري نيلم کي ھوش ۾
آڻڻ گھرجي، يعني جھڙي طرح ٿي سگھي ان جو علاج ڪرڻ
گھرجي، خرچ کي ڏسڻو نھ آھي.
بيشڪ! پر اھا الله جي وس جي ڳالھھ آھي، آئون
پنھنجي ڪوشش کان ڪين گھٽائيندس.
نيلم جڏھن ھوش ۾ اچي ويندي تھ لازمي ڳالھھ آھي تھ
ھن تي ڪيس ھلندو، ڀلا اتي ڪھڙي مدد ڪري سگھندين.
”ڪابھ نھ.“
”توکي مدد ڪرڻي پوندي، ڪوڙ نھ ڳالھائجانءِ، پر سچ
کان ابھ انڪاري ٿيندي ڇا.“
”آئون وعدو ٿو ڪريان تھ سچ ڳالھائيندس پر ھن جو
ڪيس ڪير ھلائيندو.“
منھنجي دوست چيو، ”ڇو وائڙو ٿي ويو آھين، ڇا آئون
اھو ڪيس ھلائي ڪين سگھندس.“ مون کلي چيو تھ: ”مان
اھو تھ چوان ئي ڪونھ ٿو.“
منھنجي دوست چيو، ”آئون توکان پڇندس ٻين شروعاتي
ڳالھين کي کڻي ڇڏ، تھ ڇا نيلم کي اوھان جڏھن ھيترا
ڏينھن جانچ ۾ رکيو ھو تھ ھوءَ پاگل ھئي يا نھ؟
يا ڪوڙ ٿي ڪيائين.“
مان: پاگل ھئي.
دوست: اوھين خاطريءَ سان چئي سگھندا تھ حملي ڪرڻ
وقت نيلم پاگل ھئي!
مان: نھ.
دوست: اوھين خاطريءَ سان چئي سگھندا تھ حملي ڪرڻ
وقت نيلم جو دماغ سالم ھو؟ آئون ٿورو ھٻڪيس تھ
منھنجي دوست چيو. ”جواب ڏي.“
مان: نھ.
دوست: سالم دماغ ماڻھو ھرو ڀيرو ائين حملو ڪندو
ڇا، جڏھن ھو سندس ماءُ آھي، جنھن کي ھو پيار بھ
ڪري ٿي؟
مان: نھ.
دوست: ضرور اھڙي ڪا ڳالھھ ٿي ھوندي جنھن وقتي کيس
ڪاوڙايو ھوندو يا انھيءَ ڳالھھ سندس دماغي توازن
ھيٺ مٿي ڪري ڇڏيو ھوندو.
مان: ٿي سگھي ٿو.
ھاڻي اھڙي ڳالھھ ٿي آھي، جنھن اسان کي پڪ ڏياري
آھي تھ ھن جو دماغ ھيٺ مٿي ٿيو ھوندو، جيڪڏھن اھو
ثابت ڪري وڃجي تھ پوءِ اھا ڳالھھ کيس فائدو ڏيندي
يا نھ؟
آئون سمجھان ٿو تھ اھڙي ڳالھھ جيڪڏھن آھي تھ ضرور
فائدو ملندو.
ٻئي ڏينھن جڏھن آئون جيم خاني ويس تھ ٻئي ڄڻا ويٺا
ھئا، مون پنھنجي دوست کي چيو تھ سڀني لاءِ سٺو
ائين ٿيندو تھ يونس پنھنجي ڳالھھ سربستي ڪري
ٻڌائي، پوءِ سڀئي ھڪ پاسي ٻين کان ڌار ٿي ويٺاسين،
قصو ھينئن شروع ٿيو.
مھينو کن ٿيندو تھ منھنجي ھڪ دوست شادي جي
پارٽيءَ ۾ نيلم کي ڳائڻ لاءِ گھرايو ھو، اھا ھڪ
مخصوص مجلس ھئي اسان ٻنھي جون اکيون چار ٿيون.
نيلم ڏاڍي خوش خلق ڇوڪري آھي. کل مسخري پئي ٿي،
نيلم ڪيترن کي دعوت ڏني تھ سندس جاءِ تي اچن تھ ھڪ
جدا محفل رقص و سرورد ڪئي ويندي، اھڙي طرح اسان جي
ملاقات جو سلسلو شروع ٿي ويو. مون کيس ڏھن ھزارن
جي ھيرن جي مالھا ڳچيءَ ۾ وڌي. اھڙي طرح شڪاري خود
شڪار ٿي ويو، يعني اھي زالون اسان جو شڪار ڪنديون
آھن پر ھتي معاملو ٻيو ھو، خود نيلم منھنجو شڪار
ٿي وئي ھئي، ھوءَ مون کي چوڻ لڳي تھ ھن کي منھنجن
خيالن ۾ ننڊ ئي نٿي اچي، شايد مون مٿانس جادو ڪري
ڇڏيو ھو. اھڙي طرح اسان جا ڪجھھ ڏينھن گذريا ۽
آئون روزانو نيلم وڃڻ لڳس، مون ڪافي پئسا ان تي
ھاريا، پئسن جي مون وٽ لوڙ ئي ڪانھ ھئي، بابي جي
مرڻ کان پوءِ آئي فقط ھن جي ملڪيت ۽ ڌنڌي جو اڪيلو
وارث ھوس. ھڪ ڏينھن نيلم جو مون کي خط پھتو جنھن ۾
لکيل ھو:
مسٽر يونس، اوھين مھرباني ڪري مون وٽ نھ ايندا
ڪريو، آئون ڏائڻ آھيان، نانگڻ آھيان، ڪيترن انسانن
جو رت چوسيو اٿم، پر اوھان کي تباھھ ڪرڻ نٿي
گھران، اوھين مون وٽ نھ اچو آئون زھر آھيان مون
وٽ اچڻ سان اوھين مون کان بچي نٿا سگھو. الله جو
سنھن اٿو خدا جو واسطو اٿو مون وٽ نھ اچو. آئون
ايترو ڪڏھن نھ رني آھيان، پر اڄ منھنجا لڙڪ نٿا
بيھن، خبر نٿي پوي تھ ڇا ٿي ويو آھي، جيڪي بھ
ٿيندو ڏٺو ويندو، مون گھڻن ئي ماڻھن کي برباد ڪيو
آھي، شايد پاڻ بھ برباد ٿي ويندس، پر اوھين.....
موٽ وٽ ھرگز نھ اچو، آئون ھٿ ٿي جوڙيان، پيرين ٿي
پوان، مون وٽ نھ اچو!..... ھرگز نھ اچو!!..... نھ
اچو!!
ڪا سٺي ڇوڪري ڏسي ان سان شادي ڪري وٺو ۽ آرام سان
پنھنجي زندگي گذاريو. منھنجو خيال اوھين لاھي
ڇڏيو، آئون نانگڻ آھيان، جنھن جي ڏنگ جو ڪو علاج
ڪونھي.
گنھگار نيلم
مون جڏھن کان نيلم کي ڏٺو ھو پنھنجي ھوش و حواس ۾
نھ ھوس، دنيا ڄڻ منھنجي لاءِ ھئي ڪانھ. پيءُ جي
مرڻ کان پوءِ منھنجو ڪو ھو ئي ڪونھ. ماءُ اڳي ئي
مري چڪي ھئي. اڪيلو ٿي پيو ھوس، ھيڏو سارو گھر
سنسان لڳو پيو ھو. نيلم جي شڪل ھر وقت اکين جي
اڳيان پئي ڦرندي ھئي. جڏھن اھو خط پھتو تھ منھنجي
حالت وڌيڪ ابتا ٿي وئي، پھريائين تھ آئون ھن جي
شڪل ۾ حسن اخلاق ڏسي موھت ٿي پيو ھوس، پر ھاڻي خط
پڙھڻ کان پوءِ مون کي ھن جي سيرت پنھنجو ڪري ورتو.
دل اندران ئي اندران چئي رھي ھئي تھ ھوءَ عورت نھ
آھي پر ڪو ........
مون سندس خط جو جواب ھيٺين ريت ڏنو:
من مندر جي راڻي
تو ڪيئن لکيو آھي تھ آئون تو وٽ نھ اچان، ھي ڀلا
ڪيئن ٿي سگھي ٿو؟ پھرين ڪنھن جي دل کسي پوءِ اکيون
ڦيرائي ڇڏڻ! تو ڪڏھن ڪنھن سان محبت ڪئي ھجي تھ
توکي خبر پوي تھ ائين ٿي نٿو سگھي! ھرگز ٿي نٿو
سگھي!
محبت انسان جي دل جو ھڪ مقدس جذبو آھي ان جي لاءِ
جيڪڏھن اسين تباھ ٿي وڃون برباد ٿي وڃون در در جي
ٺوڪر کائيندا پنندا وتون تھ بھ پرواه نھ آھي، ٻيو
تھ آئون توسان رڳو محبت نٿو ڪريان بلڪھ تنھنجي
پوڄا ٿو ڪريان، تنھنجي پرستش ٿو ڪريان، تون مون کي
ٺوڪر نھ ھڻي سگھندينءَ. ھي بھانا توکي ڪم نھ ڏيندا
منھنجي دل جيڪو فيصلو ڪيو آھي سو اوس ٿيندو، ضرور
ٿيندو.
انھيءَ لاءِ ٿڏي نھ ڇڏيم. نيلم! انھيءَ ماڻھوءَ کي
ٿڏي نھ ڇڏ، جنھن جو دنيا ۾ ٻيو ڪوبھ ڪونھي، ھو
تنھنجي لاءِ سڀ ڪجھھ ڪري سگھي ٿو، توکي سڀ ڪجھھ
ڏيئي سگھي ٿو ۽ ان جي بدران رڳو تنھنجو پيار گھري
ٿو.
تنھنجو پوڄاري
يونس
مون سمجھيو ھو تھ اھو منھنجو خط پنھنجو گھريل اثر
ڏيکاريندو، منھنجو خيال ھو خط پڙھندي شرط نيلم
بيقرار ٿي پوندي، منھنجي غيرموجودگي بيقرار ڪري
ڇڏيندس. ھو ضرور بي چين ٿي منھنجي انھيءَ خط جو
جواب ترت موڪليندي، پر ھڪ ٻھ ڏينھن نھ سڄا سارا
ڏھھ ڏينھن گذري ويا ۽ اڃا تائين ڪو قاصد پرينءَ جي
پار نھ پھتو.
منھنجي لاءِ دنيا اوندھي ٿي رھي ھئي، ڪاوڙ ۽ غصي
۾ نيلم جو خيال دل مان ڪڍي ڇڏڻ جي ڪوشش ڪرڻ تي بھ
آئون ھن کي وساري نھ سگھيس، منھنجي راحت ۽ خوشي ڄڻ
ھن ماٺ ميٺ ۾ مون کان کسي ورتي ھجي، اٽلندو مون
کان کائڻ پيئڻ وسري ويو، مان پنھنجي آپي ۾ نھ ھوس
جو ڪو مون کي سمجھائي سگھي، نيٺ لاچار ٿي مون ھن
کي وري ھيٺيون خط لکيو:
پياري نيلم!
ھي منھنجو پويون خط آھي، الائي ڇو ايتري ڪٺور دل
ٿي آھين، منھنجو ڀلا ڪو ڏوھ! جي آھي تھ ٻڌائين ھا!
مون کي پاڻ وٽ اچڻ ڏي. ڀلي تباھ ٿي وڃڻ ڏي يا ھڪ
آڇ ٿو موڪليان تھ جيڪڏھن تون شادي ڪري منھنجي گھر
۾ رھي سگھين تھ وڏي مھرباني. جيڪڏھن تون انھن ٻنھي
ڳالھين مان ڪابھ ڳالھھ ڪري نٿي سگھين تھ خط ملڻ جي
ٽن ڏينھن بعد آئون ريل گاڏيءَ جي پٽڙي تي مٿو رکي،
ھن دنيا مان موڪلائي ويندس. مون ۾ ھاڻي انھن
تڪليفن جي برداشت ڪرڻ جي ھمت نھ رھي آھي، آئون
اميد ٿو ڪريان تھ جيڪڏھن ڪنھن جي لاءِ نھ تھ
پنھنجي محبت جي خاطر ئي ھن خط جو جلدي جواب
ڏيندينءَ.
تنھنجو فقط تنھنجو
يونس
منھنجي انھيءَ خط اھو ڪم ڪيو جنھن جي مون کي اميد
نھ ھئي، ٻئي ڏينھن قاصد اچي خبر ڏني تھ نيلم مون
کي ياد ڪيو اھي، آئون ڏاڍي انتظار ۾ ھوس تھ سج
لھي، رات ٿئي تھ نيلم وٽ وڃان پھچان، ۽ ھن کان
ھيترن ڏينھن جي غير حاضري جي خبر چار وٺان. اڃا
رات مس منھن ڪڍيو ھو تھ آئون بھ وڃي پھتس، ڏٺم تھ
نيلم جو ڪمرو بند ھو، پر اندران ٻن ڄڻن جي تکي
ڳالھائڻ ۽ غصي ۾ وڙھڻ جو آواز اچي رھيو ھو، نيلم
جو آواز مون سڃاتو جو ڪاوڙ ۾ چئي رھي ھئي. ”آئون
ھرگز ائين ڪرڻ لاءِ تيار نھ آھيان ڇا بھ ٿي پوي
آئون تنھنجي ڪابھ ڳالھھ مڃڻ لاءِ تيار نھ آھيان.“
منھنجو ارادو ھو تھ در کڙياڪايان پر پوءِ آئون
اتي ئي بيھي ٻڌڻ لڳس، اندران ٻئي آواز چيو، ”توکي
ياد آھي تھ ھتي اچڻ کان اڳي تو ڪھڙو وعدو ڪيو ھو
ھاڻي انھيءَ کان ڇو ٿي ڦرين.“
نيلم جو آواز: ”مون جيڪو انجام ڏنو ھو ان تي پورو
پورو بيٺي ھيس، مون کي ڪھڙي خبر تھ يونس.....“
اڃا نيلم جملو پورو ئي نھ ڪيو ھو تھ ٻئي آواز
ڳالھھ ڪٽيندي چيو. ”يونس ڀلي محبت ڪري تنھن سان
تنھنجو ڇا! تون پنھنجو ڪم ڪندي اچ، اھو تھ پاڻ
اسان کي موقعو مليو آھي، اسان جيڪا صلاح بيھاري
ھئي، تنھن کان وڌيڪ ھي سٺو آھي.“ ايترو چئي آواز
ٽھڪ ڏيئي کلڻ لڳو، ٻڌم تھ نيلم تمام گھڻي ڪاوڙ ۾
چوڻ لڳي، ”ماءُ ٿي تون مون کي اھا صلاح ٿي ڏين،
تون انسان ناھين حيوان کان بھ بدتر آھين.“
ٻئي آواز ٽوڪ ھڻندي چيو ”تون انسانيت جو ذڪر ٿي
ڪرين ھتي اسان وٽ انسانيت آھي ڪٿي! بيوقوف! ھتي
اسان وٽ انسان ايندا آھن يا خونخوار مرون؟ ائين
ھجي ھا تھ ڇا اسان جي ھيءَ حالت ٿئي ھا، توکي ياد
نھ آھي تھ ھن حالت ۾ اسان کي ڪنھن پھچايو؟ پنھنجو
وعدو ياد ڪر ۽ پنھنجو ڪم ڪندي اچ، نيلم وراڻيو،
”جيڪي گھرين ٿي آئون ھرگز نھ ڪندس، اڄ کان وٺي
آئون ڳائڻ وڄائڻ جو پيشو ئي ڇڏي ڏيندس.“
آئون وڌيڪ ٻڌڻ لاءِ نھ ترسيس زور سان دروازو
کڙڪايم، در يڪدم کلي پيو ۽ نيلم جي ماءُ تڪڙي تڪڙي
ڪاوڙ ۾ ڀريل ٻاھر نڪري آئي.
آئون اندر ويس تھ ڏٺم تھ نيم جو اکيون ڪاوڙ کان
تپي باھھ ٿي ويون ھيون، مون کي ڏسندي ئي سندس ڪاوڙ
ٿڌي ٿي وئي ۽ اڳتي وڌي پنھنجا ٻئي ھٿ ڊگھيري منھجن
ھٿن کي جھليندي ۽ مشڪندي مون کي ڪوچ تي وھاري ڀر ۾
ويھي رھي. آئون حيران ٿي سندس ٻن ھرڻيءَ جھڙين
ڪارين اکين ۾ ڏسڻ لڳس ٿوري دير تائين خاموشي ۾اسين
ھڪ ٻئي کي ڏسندا رھياسين. نيٺ خاموشيءَ جي مھر
کي ٽوڙيندي، مون کانئس پڇيو، ”نيلم! ھي سڀ ڪجھھ ڇا
آھي؟ ڇا ٿي رھيو آھي؟ منھنجو دماغ چڪر ۾ آھي، آئون
ڪجھھ سمجھي نٿو سگھان.“
نيلم: اوھان لاءِ بھتر ٿيندو تھ ڪجھھ نھ سمجھو ۽
مھرباني ڪري سمجھڻ جي ڪوشش بھ نھ ڪريو، نھ تھ
اوھان جي طبيعت خراب ٿي پوندي.
مان: ڇو نھ سمجھان؟ ڇا تون ھاڻي مون سان محبت ڪرڻ
نٿي گھرين؟
نيلم: (تڪڙ ۾) نھ نھ يونس تون سمجھين ڪين سگھندين.
تو سان جيڪا محبت اٿم تنھن کي دنيا جي ڪا طاقت
ٽوڙي نٿي سگھي، انھيءَ لاءِ تھ توکي پاڻ وٽ اچڻ
کان ٿي روڪيم.
مان: (حيرت ۾) عجيب ڳالھھ آھي پيار بھ ڪرين ٿي،
پوءِ اچڻ بھ نٿي سگھرين.
ھا! منھنجي زندگي جو مقصد ئي مردن کي تباھ ڪرڻ جو
آھي، انھن کي درد جو بکاري بنائڻ جو آھي، انھن کي
دوزخ جي باھ ۾ وجھڻ جو آھي، پر تون.... تو.....
تون ........ آھين، تون اھو آھين جنھن کي آئون
پنھنجي ڦندي ۾ ڦاسائڻ نٿي گھران، توسان ائين ڪرڻ
نٿي گھران.
مان: جيڪڏھن ائين آھي تھ اڄ انھيءَ پيشي کي ڇڏي ڏي
۽ جيئن مون توکي اڳي ئي لکيو آھي، مون سان شادي
ڪري وٺ، ٻئي سکيا گذارينداسين.
نيلم: نھ نھ، يونس تون من کي سمجھڻ جي ڪوشش نٿو
ڪرين، پر انھيءَ ڳالھھ کي تون سمجھي بھ نھ
سگھندين.
مان: چڱو مان نٿو سمجھان! ڀلا تون کڻي سمجھاءِ.
نيلم: نھ نھ يونس آئون مجبور آھيان.....
ڏاڍي...... مجبور توکي خبر پئي تھ تون مون سان
نفرت ڪرڻ لڳندي، جا ڳالھھ آئون نٿي گھران تھ دنيا
توتي آڱريون کڻي.
ايترو چوندي نيلم ڏاڍي پريشان نظر اچڻ لڳي، ھن جي
نرڙ تي پگھر جا ڦڙا نڪري آيا، جنھن کي اگھڻ لاءِ
ھن پنھنجي چولي جي مٿان رکيل رومال کي ڇڪي ڪڍيو،
تھ اوچتو رومان سان گڏ ھڪ فوٽو نڪري آيو ۽ منھنجي
پيرن وٽ اچي ڪريو. مون ڏٺو تھ اھو فوٽو ڪنھن مرد
جو آھي ۽ جيئن جھڪي کڻڻ پئي گھريم تھ نيلم يڪدم
مون کان اڳي جھڪي ان کي ٻنھي ھٿن سان قابو ڪري کڻي
ورتو ۽ وري ويڙھي چولي ۾ رکي ڇڏيائين.
نيلم جي انھيءَ حرڪت تي مون کي ھاڻي شڪ پيو. پر
مون ھمت ۽ بردباريءَ کان ڪم وٺندي کيس چيو، ھيءَ
تصوير ڪنھن جي آھي؟ مون کي ڏي تھ آئون ڏسان! ڪنھن
خوبصورت نوجوان جي ٿي ڏسجي. منھنجي انھيءَ چوڻ تي
ڏٺم تھ نيلم جي منھن جو پنو ئي لھي ويو، ھن جا ھٿ
۽ پير ڏڪي رھيا ھئا، ھوءَ گھٻرائجي منھنجي شڪل ڏسي
رھي ھئي.
نيٺ ڏڪندي چيائين، يونس ضد ڪرڻ چڱو نھ آھي ا سان
گڏ بدگماني بھ ٺيڪ نھ آھي، ھيءَ تنھنجي ڏسڻ لاءِ
نھ آھي، ھيءَ ڪنھن جي نشاني آھي، جنھن کي ائون
ذاتي طرح نٿي سڃاڻان.
مون اسرار ڪيو تھ آئون ضرور ڏسندس، ضد ۽ شڪ جو
سوال نھ آھي، جيڪڏھن تنھنجو من صاف آھي تھ ڇو نٿي
ڏيکارين؟
نيلم طبيعت کي قابوءَ ۾ آڻي نھايت سنجديگيءَ سان
چيو، ”نھ نھ: يونس! تون انھيءَ کي ڏسي ڇا ڪندين!
مون کي ڪاوڙ اچي وئي، ۽ چيم، ”انھيءَ ڪري نٿي
ڏيکارين تھ تنھنجي ڪنھن آشنا جي تصوير آھي، واه
تنھنجو چرتر! ڪيترو نھ مون کي فريب ۾ رکيو اٿئي،
ھاڻ منھنجيون اکيون کلڻ لڳيون آھن.“ ڏٺم نيلم جي
اکين مان لڙڪ ٽپ ٽپ ڪري رھي رھيا ھئا، ڏک ڀريل
آواز ۾ ھن چيو. ”مون اوھان کي ڪٿي فريب ڏنو ھو،
مون لکيو ھو تھ ھتي نھ اچو بلڪھ ڪنھن خاندان جي
سٺي ڇوڪريءَ سان شادي ڪري مون کي وساري ڇڏيو،
ھينئر بھ وقت ھٿن مان نھ ويو آھي، جيترو جلد ٿي
سگھي، شادي ڪري وٺو، اوھان جي سڀ ڏک درد مٽجي
ويندا، اوھان جي بي چيني، بي آرامي بدگماني سڀ دور
ٿي وينديون. اوھين پوءِ سمجھندا تھ ڪيئن نھ نيلم
پنھنجي لاءِ نھ بلڪھ ٻين سڀني جي ڀلائيءَ لاءِ
سھڻي صلاح ڏني ھئي.“
منھنجي ڪاوڙ جو پارو گھٽ نھ ٿيو بلڪھ شڪ جي حرارت
کان اٽلندو ويو وڌيڪ چڙھندو.
مان: نيلم! اھي حيلا بھانا ڇڏي ڏي، ڇو نٿي تصوير
کڻي مون کي ڏيکارين، جيڪڏھن تنھنجي نيت صاف آھي
تنھنجو ڪنھن سان واسطو ڪونھي تھ پوءِ خوف ڇا جو؟
نيلم: سچي ڳالھھ تھ ھيءَ آھي تھ ھن تصوير جو ڪنھن
ٻئي سان واسطو آھي، اوھين ناحق بدگمان پيا ٿيو،
ايترو چئي ھن تصوير مون کي ھٿ ۾ ڏني، آئون تصوير
کي ڏسي حيرت ۾ بت بڻجي ويس اوچتو منھنجي وات مان
رڙ نڪتي. ”اڙي ھي تھ بابا جي تصوير آھي.“ اھو
ٻڌندي ئي نيلم تي ڄڻ بجلي ڪري پئي، رڙ مون کان وري
پڇيائين.
نيلم: ڪنھن جي تصوير آھي؟
مان: چيم ڪونھ منھنجي پيءُ جي! اڙي توکي ڇا ٿيو
آھي؟
ڏٺم تھ نيلم جو چھرو ڪاوڙ کان سرخ ٿي ويو ھو، ھوءَ
ڊوڙندي ٻاھر نڪري وئي جتي ھال ۾ ڪيترا ماڻھو ويٺا
ھئا ۽ سندس ماءُ ويٺي پاڻ ٺاھيا ۽ اتي پنھنجي ماءُ
تي حملو ڪري زخمي ڪري وڌائينس. مون کي اچي ڊپ کنيو
۽ پٺين دروازي کان ھيٺ لھي ويس، وڌيڪ اوھان کي سڀ
ڪجھھ خبر آھي، مون کي ھاڻ ڳالھين جي اڻ تڻ آھي،
ھڪڙو تھ نيلم کي جيترو جلد ٿئي ھوش ۾ آڻڻ گھرجي،
ٻيو تھ منھجي پيءُ جي تصوير نيلم وٽ ڪيئن آئي،
آئون پاڻ يونس جو بيان ٻڌي اچرج ۾ ھوس، ڏٺم تھ
نيلم جو معاملو وڌيڪ دلچسپ ۽ پيچيده ٿيند پئي ويو.
نيلم جي علاج ۾ جيتري ڪوشش پئي ڪيم، اوتري دير پئي
ٿي. مھينو کن گذري ويو، نيٺ مئجسٽريٽ کي لکي
موڪليو تھ نيلم پاگل آھي. ھن کي اتي ئي علاج جي
لاءِ رھڻ ڏجي، چڱي ڀلي ٿيڻ کان پوءِ اطلاع ڏنو
ويندو.
ھڪڙي پاسي نيلم جي ماءُ جي آزي نيازي تھ ٻئي پاسي
يونس جو دٻاءُ ھو، پر فرض سنوت ئي نھ پيو ڏئي،
لاچار ھڪ ڏينھن نيلم جي ماءُ سان چالاڪي ڪرڻ پئي،
ھوءَ جڏھن مون کي گڏجڻ آئي تھ مون کي ھن چيو،
”جيڪڏھن تون گھرين ٿي تھ نيلم چڱي ڀلي ٿئي تھ ھن
جو علاج نفسياتي طريقي سان ڪرڻو پوندو، ڇاڪاڻ تھ
دوائون آئون آزمائي چڪو آھيان.“
نيلم جي ماءُ: پوءِ اھو علاج ڇو نٿا آزمايو!
مان: خرچ جو سوال نھ آھي، نفسياتي علاج لاءِ
واقعات جو سھارو وٺڻو پوندو آھي.
نيم جي ماءُ: ڊاڪٽر صاحب آئون اوھان جي ڳالھھ
سمجھي نھ سگھي آھيان.
مان: منھنجو مطلب آھي تھ اھي ڪھڙا سبب آھن جن جي
ڪري نيلم پاگل ٿي آھي؟ جيستائين اھي معلوم نھ
ٿيندا، بيماريءَ جي تدارڪ ۾ رنڊڪ پوندي.
نيلم جي ماءُ! (حيرت ۾) مون کي ڪھڙي خبر! آئون پاڻ
حيران آھيان تھ نيلم ڇو پنھنجو دماغي توازن وڃائي
ويٺي آھي.
مان: ممڪن آھي تھ توکي ڪجھھ خبر نھ ھجي پر ايترو
ضرور چوندس تھ دال ۾ مڙيئي ڪجھھ ڪارو آھي، نھ تھ
ڇو نيلم توتي چاقوءَ سان وار ڪري ھا. ھاڻي انھن
ڳالھين کي لڪائڻ مان سڀني جو نقصان پيو ٿئي.
منھنجو وقت اجايو پيو وڃي، پر جي ٿوري کڙڪ پوي تھ
نفسياتي طريقي سان ڪجھھ ڪري سگھڻ جھڙو ٿيان، خبر
نھ ھجڻ جي حالت ۾ تاخير جي ڪري بيماري وڌندي ويندي
۽ نيلم جو ڇٽڻ مشڪل ٿي پوندو. وقت گھڻو ٿيڻ جي ڪري
نھ رڳو منھنجو خرچ وڌندو پر ذھني پريشاني ۾ بھ
ڏينھون ڏينھن اضافو ٿيندو ويندو.
ڏٺم تھ منھنجي انھيءَ چوڻ نيلم جي ماءُ کي فڪر ۾
وجھي ڇڏيو. موقعي کي ھٿان نھ وڃائيندي سوال پڇيم.
مان: مون ڏٺو آھي تھ نيلم ڪيترا ڀيرا وڦلڻ جي حالت
۾ ڪي لفظ وري وري دھرائيندي آھي. مون اھو اندازو
ڪيو آھي تھ انھن لفظن جو سندس زندگيءَ سان ضرور ڪو
لاڳاپو آھي. پر جنھن حالت ۾ مون کي سندس ڪا خبر
ڪانھي، آئون ڪو مطلب ڪڍي نٿو سگھان ۽ مجبور ٿيو
پوان.
نيلم جي ماءُ: (اظھار ۾) اھي ڪھڙا لفظ آھن.
مون انھيءَ چالاڪيءَ جو فائدو وٺندي چيو:
مان: تصوير..... يونس.... منھنجي وس جي ڳالھھ
ڪانھي، ممڪن آھي بلڪل ٺيڪ ٿي وڃي، ممڪن آھي نھ بھ
ٿئي، پر معاملات حاصل ڪرڻ مان ھڪڙو فائدو آھي جو
ڊاڪٽر سنئين واٽ تي ھلي سگھي ٿو نھ تھ ٿڙي ويندو
جيئن ھينئر منھنجي حالت آھي.
ڏٺم تھ مائي ٽٻيءَ ۾ پئجي وئي، ڪيتري وقت تائين
پئي من ھنيائين: نيٺ ڪنھن فيصلي تي پھچڻ چوڻ لڳي!
نيلم جي ماءُ: ڊاڪٽر صاحب، نيلم جي چريائپ جي آئون
جوابدار آھيان، اصل ڳالھھ ھينئن آھي تھ آئون سري
نگر جي رھندڙ آھيان، منھنجو پيءُ ھڪ غريب ماڻھو
ھو، اسان ڍنڍ تي ٻيڙي ھلائيندا ھئاسين، ارڙھن سالن
جي ڳالھھ آھي تھ ھن شھر جو ھڪ واپاري سيٺ قاسم علي
ڪشمير اچي نڪتو، مون سان ان جي محبت ٿي وئي. اسان
جي ٻيڙي ٽن مھينن لاءِ مسواڙ تي ورتي ھيائين. سيٺ
نھايت خوبصورت جوان ھو. مھينو کن رھي اوچتو ھڪ
ڏينھن ھليو ويو. مون تي ڄڻ مصيبت جا ڪڪر ڦاٽي پيا.
آئون پاگلن وانگر ٿي پيس، راتين جون راتيون روئندي
ھيس، نيٺ مھيني کان پوءِ وري اچي نڪتو تھ منھنجي
دنيا روشن ٿي وئي، چيائين تھ ڪنھن واپار جي ڪم سان
اوچتو ھليو ويو ھوس.
آئون ننڍي ھيس ڪجھھ نھ ڄاڻندي ھيس، ھو وري ھليو
ويو انھيءَ وچ ۾ نيلم ڄائي، منھنجو پيءُ انھيءَ غم
۾ شرم کان مري ويو. اھو سيٺ وري آيو ۽ مون کي
چيائين تھ ھو مون سان نڪاح ڪندو. مون کي شھر وٺي
ھلندو، جيستائين وڃي بندوبست ڪري، ھو مون کي خرچ
پکو پيو موڪليندو. وڃڻ کان پوءِ ڪيترن مھينن تائين
پئسا ۽ نيلم منھنجي لاءِ ڪپڙا پيو موڪليندو ھو.
نيٺ ھڪ ڏينھن خط موڪليائين تھ ھو مجبور آھي، مون
سان شادي نھ ڪري سگھندو. پوءِ ھن بدمعاش پئسا
موڪلڻ بن بند ڪري ڇڏيا ھن مون کي ۽ منھنجي ٻچڙي
نيلم کي برباد ڪري ڇڏيو. ڳوٺ ۾ آئون بدنام ٿي ويس،
ھر ڪو مون تي آڱريون کڻڻ لڳو. ڳوٺ رھڻ ھاڻي منھنجي
لاءِ ڏکيو ٿي پيو. نيٺ مون پنھنجي دل ۾ فيصلو ڪيو
تھ ان کان ۽ دنيا جي مردي کان بدلو وٺندس. گھر ٻار
وڪڻي لاھور پھتس ۽ ڳائڻ جو پيشو اختيار ڪيم. نيلم
جيئن جيئن وڏي ٿيندي وئي ھن کي بھ موسيقي ۽ رقص جي
پوري تعليم ڏياريم. ان کان پوءِ ھن کي انگريزي
تعليم بھ ڏياريم ۽ ھميشھ ھن کي ھن جي پيءُ ۽ عام
ماڻھن جي برخلاف ايترو تھ ڪري ڇڏيم، جو نيٺ ھڪ
ڏينھن ھن کان وعدو ورتم تھ ھو موقعو ملڻ تي مون
سان ھن جي پيءُ جيڪا بي انصافي ۽ ظلم ڪيو آھي
تنھنجو بدلو وٺندي، جو ھوءَ ھن جو خون ڪندي.
انھيءَ ڳالھھ تي ھوءَ ايترو آماده ٿي جو مون کي
زوريءَ لاھور مان حيدرآباد وٺي آئي. حيدرآباد پھچي
من ڳجھي طرح سيٺ قاسم علي جي تلاش ڪرڻ شروع ڪئي،
انھيءَ وچ ۾ مون نيلم کي جيڪو سبق پڙھايو ھو سو
اھو ھو تھ ھر ھڪ ماڻھوءَ کان انتقام وٺجي، ڇوتھ ھي
سڀ ھڪڙي ئي جسم جا آھن ۽ نيلم اھو ڪم ڏاڍي خوبيءَ
سان سرانجام پئي ڏنو. انھيءَ وچ ۾ حيدرآباد جو
جواھري يونس بھ اچڻ لڳو، مون کي ڪھڙي خبر تھ نيلم
پنھنجي دل يونس جي ھٿن ۾ وڃائي ويٺي آھي. مون نيلم
تي زور آندو تھ چڱو شڪار ڦاٿو آھي، خوب لٽينس ۽
پڇاڙيءَ ۾ کيس تباه ڪري ڇڏي. منھنجي انھيءَ نصيحت
مڃڻ بدران ھوءَ اٽلو ان کي اچڻ لاءِ منع ڪرڻ لڳي.
نيٺ انھيءَ رات جڏھن يونس آيو ۽ مون سان جيڪو
حادثو ٿيو مون نيلم کي سندس وعدي جي يادگيري پئي
ڏياري تھ ھن يونس کي نقصان پھچائڻ کان انڪار ڪيو،
پر اھو قبول ڪيائين تھ سيٺ قاسم عليءَ کان ضرور
وير وٺندي. پر ھوءَ قاسم علي کي سڃاڻندي ڪين ھئي،
تنھنڪري مون کيس قاسم عليءَ جو جوانيءَ جو فوٽو
ڏنو. يونس جي معاملي تي اسان ٻنھي ۾ جھيڙو ٿي پيو
۽ جيئن ڪاوڙ ۾ آئون ڪمري کان ٻاھر نڪري رھي ھيس تھ
يونس کي ڏٺم، آئون خوش ٿيس تھ يونس آيو ھو. ڇاڪاڻ
تھ مون گھريو ٿي تھ ھو ڀلي ايندو رھي تھ ڪجھھ
ڪمائي ٿيندي رھندي، ان کان پوءِ انھيءَ ٻنھي ۾ ڇا
ٿيو، مون کي ڪجھھ بھ خبر نھ آھي، تان جو ڏٺم تھ
نيلم مون تي چاقوءَ سان الر ڪندي آئي.
مون نيلم جي ماءُ جو سچو داستان ڌيان ۽ ويچار سان
پئي ٻڌو. منھنجون اکيون سڄو وقت ان جي چھري تي کتل
ھيون ۽ جيڪو تغير ان جي چھري تي آيو پئي، سو مون
سڀ پئي جاچيو. نيٺ آئون انھيءَ نتيجي تي پھتس تھ
جيڪو بيان نيلم جي ماءُ ڏنو ھو، سو سڀ سچو ھو. ھن
کي اھا خبر ئي ڪانھ ھئي تھ يونس اصل ۾ مرحوم سيٺ
قاسم عليءَ جو پٽ آھي، جا ڳالھھ عجيب اتفاق سان
نيلم کي معلوم ٿي وئي تھ يونس سندس ڀاءُ آھي.
انھيءَ ڳالھھ ھن کي ايترو صدمو پھچايو جو ھوءَ
پنھنجو دماغي توازن سنڀالي نھ سگھي ۽ انھيءَ جي
دٻاءَ ھيٺ ھن جي طبيعت ۾ ايترو جوش ۽ ولولو پيدا
ٿيو، جو ھوءَ انھيءَ کي ضابطي ۾ نھ رکي سگھي.
تنھنڪري چاقوءَ سان پنھنجي ماءُ تي وار ڪري ويٺي.
نيلم جي ماءُ جي سڄي داستان ٻڌڻ کان پوءِ مٿيان
خيال ھڪ ٻئي پٺيان منھنجي ڌيان ۾ اچڻ لڳا، آئون
دل ئي دل ڪيئي اھي خيال ڊوڙائي رھيو ھوس تھ مون
کي ايترو سوچ ۽ ويچار ۾ ٻڏل ڏسي مايوسيءَ سان نيلم
جي ماءُ پڇيو.
”ڊاڪٽر صاحب ڇا ڳالھھ آھي؟ ڇا پيا ويچار ڪريو؟ ڇا
ھاڻي ڪا اميد رھي آھي جو منھنجي نيلم چڱي ڀلي ٿي
پوندي.“
مون مشڪندي کيس چيو، ”ڇو نھ! توکي خبر آھي تھ يونس
ڪير آھي؟ ڪنھن جو پٽ آھي؟ جواب ڏنائين تھ مون کي
رڳو ايتري خبر آھي تھ ھو ھن شھر جو وڏو اجواھري
آھي.“
مون وري کيس مشڪندي چيو، ”يونس سيٺ قاسم علي جو پٽ
آھي! ۽ اھا خبر نيلم کي پئجي چڪي ھئي.“
ڏٺم تھ مائيءَ جو وات ڦاٽل رھجي ويو ۽ ھن جي اکين
مان ڳوڙھا زارو قطار وھڻ لڳا. شام جو مون پنھنجي
دوست وڪيل کي چتاءُ ڪيو يونس کي اھڙي رمز سان اھو
راز ٻڌائڻ گھرجي. جو ھن کي صدمو نھ پھچي، نھ تھ ھن
جو بھ اھوئي حال ٿيندو، جھڙو نيلم جو ٿيو آھي، ھن
مون کي خاطري ڏياري تھ ھو تمام احتياط سان ڳالھھ
يونس کي ٻڌائيندو.
|