شڪ جو نتيجو
مجرم پاگلن جي رپورٽ خاص ساليانھ ميٽنگ ۾ پيش ٿيڻ
کان پوءِ، ميٽنگ خير خوبي سان ٿي گذري ۽ آئون بھ
ٿانيڪو ٿي ويٺس. انھيءَ ميٽنگ کان پوءِ مڙيئي سڀني
کي پنھنجي ڪمن ڪارين کي منھن ڏيڻ لاءِ فرصت ملي
ويندي ھئي، آئون بھ ھڪ ٻھ ڏينھن عارضي موڪل وٺي
ڪراچي وڃڻ جو ارادو ڪري رھيو ھوس، ۽ درخواس جو متن
لکڻ تي ھوس تھ ٽيليفون جي گھنٽي وڳي. ٽيليفون تي
وڏي ڊاڪٽر سان ڳالھائڻ جي ڪنھن استدعا پئي ڪئي.
مون جواب ڏنو تھ آئون ساڻس ڳالھائي رھيو آھيان،
اھو ٽيليفون ڀائي واڌومل جو ھو جنھن خبر ڏني تھ
سندس ڀاءُ سيٺ ھرڪنشداس جو مالٽا جو سنڌ ورڪي
واپاري ھو، سو چريو ٿي پيو آھي، تنھن کي ڏسي وڇان،
مون ساڻس پنجين ۽ ڇھين بجي جي وچ ۾ ملڻ جو وعدو
ڪيو. ڀائي واڌومل زميندا ۽ ڪپھھ جو وڏو واپاري ھو،
سندس ڪوٺي گاھ مارڪيٽ وٽ ھئي ۽ حيدآباد ڪلب جو
ميمبر ھو ۽ منھنجو سٺو دوست ھو. آئون پوڻين ڇھين
بجي سندس جاءِ تي پھتس جا قلعي وٽ ھئي، ھونئن بھ
سيٺ صاحبن سان منھنجو اٿڻ ويھڻ جو رستو ھو، ڀائي
بند جن جو اڪثر ڏيسارو سان واپر ھوندو آھي. سي
ڏاڍا سٺا دوست ۽ يارباش ھوندا آھن، سنڌ ورڪين جو
ھميشھ اھو دستور ھوندو ھو جو چار پنج سال ڌنڌي
ڌاري لاءِ پرديس ۾ نڪري ويندا ھئا ۽ ڪمائي ڪري
موٽي پنھنجي ڳوٺ اچي ڪجھھ وقت رھي عيش ۽ آرام ڪري
وري موٽي ويندا ھئا، ساڳي طرح سيٺ ھرڪشنداس بھ
موٽي آيو ھو ۽ ڪجھھ مھينن کان پوءِ سندس دماغ خراب
ٿي پيو ھو جو مون کي سڏڻو پين.
آئون جڏھن اندر ويس تھ مون کي ھڪ شاندار ڊرائنگ
روم ۾ وھاريائون ويھندي شرط مون ٻڌو تھ اندران
ڪمري مان ڪنھن جي گوڙ شور ۽ گاگند جو آواز پئي
آيو، ايتري ۾ ڀائي واڌامل نڪري آيو ۽ اچي مون سان
مليو، مون کيس کيڪاريو ۽ پڇيو تھ خير تھ آھي! ڀائي
ھرڪشنداس کي ڇا ٿيو آھي؟ جواب ڏنائين تھ ”يار مغز
خراب ٿيو پيو اٿس، سڄو ڏينھن گھپي ۽ گارگند لڳي
پئي آھي.
آئون اندر ويس تھ ڏٺم کيس رسين سان ٻڌي رکيو
ھيائون، مون کي ڏسي يڪدم سڃاتائين ۽ چيائين ”ڊاڪٽر
ڏسين ٿو انھن بدمعاشن جا افعال ڇا تون بھ انھن سان
ملي ويو آھين؟ يار تو ۾ تھ اھا اميد ڪانھ ھئي.“
مون کي ھن تي رحم اچي ويو ۽ ٻيو پنھنجو رعب وھارڻ
لاءِ تھ آئنده مون تي ڀروسو رکي، مون يڪدم ھڪ ٻئي
پٺيان سندس بند کوليا. ڏاڍو خوش ٿيو ۽ مون کي ڀاڪر
پائي گڏيو ۽ ڏاڍي پيار سان ھٿ ملايائين، ڀڀو نوڪر
جيڪو پٺيان بيٺو ھو تنھن کي ڏسي يڪدم چيائين ”اڙي
رام پرساد! انڌا بيٺو ڏسين! ڊاڪٽر آيو آھي، مٺائي،
پاپڙ، بسڪٽ ۽ چانھھ وغيره وٺي اچ.“
مون ڏٺو تھ ھڪ بزرگ ڪرسيءَ تي پالٿي ماري ويٺو ھو
۽ تڪڙو تڪڙو جاپ ويٺو ڪري، پھرين مون سمجھيو تھ ھي
ڪٽنب جو بزرگ ڀاتي آھي جو ويٺو جپي. سيٺ واڌومل
مون کي ھن ڏانھن نھاريندو ڏسي آھستھ سان ڪن ۾ چيو
تھ ٻائو آھي، منتر پڙھي منڊ لاھڻ ٿو گھري، زالن جو
چوڻ آھي تھ ڀوت جو ڀائيءَ تي سايو پيو آھي، ٻائي
جو چوڻ آھي تھ ڪنھن جادو ڪيو اٿس ۽ ڦليلي جي پل
وٽان پتليون بھ ڪڍي ڏيکاريون اٿس، آئون حيران ٿي
ويس تھ ھي واپاري ٿي بھ اھڙين ڳالھين ۾ ويساه ٿا
رکن. منھنجو خيال ھو تھ مسلمان بيوقوف ٿي اڻ
ڄاڻائي کان ائين ڪندا ھئا. پر اڄ پتو پيو تھ ھندو
بھ انھيءَ بدعت جو شڪار ھئا. مون کلي سيٺ واڌو مل
کي چيو تھ ”ٻيلي آئون انھيءَ ڪيس ۾ ھٿ ڪونھ
وجھندس، ڇاڪاڻ تھ جي بيمار چڱو ٿو ٿئي تھ ٻائو
چوندو منھنجي منتر چڱو ڪيو آھي، تنھنڪري ڀلي ٻائو
پنھنجو زور آزمائي بس ڪري تھ پوءِ آئون علاج شروع
ڪندس، نھ تھ اوھين ڄاڻو اوھان جو ڪم.“
سيٺ واڌومل چيو تھ ”بابا اسان بس ڪئي اجھو ٿا ٻائي
کي چلتي ڪريون، پر ڇا ڪريان جو زالن جي ڪري مجبور
ٿي پيو ھوس.“
مون سيٺ ھرڪشنداس کي چڱي طرح تپاسي ڏٺو معلوم ٿيو
تھ سندس بلڊ پريشر يعني رت جو دٻاءُ گھڻو وڌيل
ھو. ايتري ۾ چانھھ وغيره ائي، جا اسان اتي ئي گڏجي
پيتي. پوءِ مون سيٺ ھرڪشنداس کي چيو تھ، ”جي ھو
گوڙ ڪندو ۽ گارگند ڪندو تھ منھنجي وڃڻ کان پوءِ ھو
ھن کي وري ٻڌي ڇڏيندا. نھ تھ ماٺ ڪري وڃي کٽ تي
ليٽي پئو تھ ڪير بھ تنھنجو نالو نھ وٺندو.“ مون
کيس سمجھايو تھ ھينئر کيس سوئي ھڻي ٿو وڃان ۽
پوءِ دوا موڪلي ٿو ڏيان، جا ھر برابر پيئندو
رھندو. ھن مون سان ماٺ ۾ رھڻ جو وعدو ڪيو ۽ دوا
پيئڻ بھ قبول ڪيائين مون کيس سوئي ھنئين تھ ننڊ
اچي ويس، اسين پوءِ ڊرائنگ روم ۾ اچي ويٺاسين تھ
جيئن سيٺ ھرڪشنداس جي بيماريءَ بابت پوري معلومات
حاصل ڪريان.
مان: اھا حالت ڪڏھن کان ٿي اٿس؟
واڌومل: ٽي ھفتا ٿي ويا اٿس.
مان: ڀلا ڪو علاج اڃا ڪونھ ڪيو ويو آھي؟
واڌومل: ٻن ٽن ڊاڪٽرن جو علاج ڪيو ائون پر فائدو
نھ ڪونھ ٿيو اٿس، نيٺ لاچار ٿي زالن جي چوڻ تي
منتر جنتر بھ شروع ڪيو ويو، جنھن جي تھ آئون سخت
برخلاف آھيان. ھاڻي اھو صفا بند ٿو ڪرايان اوھان
مھرباني ڪري اھو ڪيس ھٿ ۾ کڻو ڀلي ھتي روز اچي
ڏسوس، پر چرين جي اسپتال ۾ رکڻ لاءِ اسين تيار نھ
آھيون، خانگي طرح جيڪو خرچ ٿيندو سو ڪنداسين.
مان: چريائي کان اڳي ڪجھھ تپ تاءُ ٿيو ھوس ڇا؟
واڌومل: بلڪل نھ، نھايت چڱو ڀلو ھو، ڀلا ڊاڪٽر!
اوھين ڇا ٿا سمجھو؟ ڇا اٿس؟
مان: بلڊ پريشر اٿس، جنھن جو اثر دماغ ٿي ٿيو اٿس،
پاسي واري ڪوٺيءَ کان ھڪ زال جو آواز آيو تھ ،
”ڊاڪٽر صاحب! سيٺ صاحب ٿورو پاسي ٿئي تھ آئون ڪجھھ
اوھان کي ٻڌائيندس.“
واڌومل: ھرڪشن جي استري آھي، آئون پاسي ٿو ٿيان،
ڀلي اوھين حال احوال وٺوس.
استري: ڊاڪٽر صاحب نمستي.
ھرڪشن جي زال منھنجي سامھون ڪرسي تي اچي ويٺي ۽ ھن
اوڍڻي جي پلئھ سان گھونگھٽ ڪڍندي چيو:
استري: ڊاڪٽر صاحب! اوھين پتا سمان آھيو، اوھان
کان ڇا لڪائڻو آھي.
مان: بيشڪ! مون کي سڀ ڪجھھ ٻڌايو تھ علاج ڪرڻ مدد
ملندي.
استري: (گھگھي آواز ۾) ڊاڪٽر صاحب اسان جا ڀاڳ ڦٽا
آھن ھي سڀ ڪرتوت اسان جي پتر موھن جا آھن، ٽن ھفتن
کان ٿورو اڳ آئون پيڪي ويل ھيس جيئن موٽي آيس تھ
ڏسان نوڪر، نفر ۽ گھر جا ماڻھو سڀ ويل ھئا. ھر ڪو
ڪڇي جھڙي ڀت. مجال آھي جو آواز جو ڀڻڪو بھ نڪري،
ھلن تھ پيرن جي آڱرين تي تھ متان پير جو کڙڪو ٻڌڻ
۾ اچي. مون حيران ٿي رام پرساد کان پڇيو ”ڇا آھي؟“
ايتري ماٺ ڇو آھي، ڄڻ ڪو راڪاس گھمي ويو آھي.
رام پرساد چيو ”مائي سيٺ ڪاوڙيو آھي.“
مون پڇيومانس تھ ”ڪنھن تي؟ ڇا جي لا.“
رام پرساد چيو تھ ”موھن بابوءَ تي، ڇا جي لاءِ؟
تنھنجي خبر ڪانھ اٿم.“
مون پڇيو مانسم موھن ڪٿي آھي؟
ھن چيو: ”ٻن ڏينھن کان ھليو ويو آھي تھ اڃا موٽيو
نھ آھي.“
”مون پڇيومانس ڇا ٿيو ھو؟ ڪڏھن موٽندو؟“
تنھن تي رام پرساد چيو، ”ڇا ٿيو! تنھنجي مون کي
خبر ڪانھي، باقي آئون سمجھان ٿو تھ موھن ھاڻي
موٽي نھ ايندو.“
پڇيومانس تھ ”سيٺ ڪٿي آھي.“
رام پرساد وراڻيو، ”پنھنجي ڪمري ۾ ٻن ڏيھن کان بند
آھي ٻاھر ئي نٿو نڪري آئون رڳو رسوئي ڏيئي ٿو
اچا.“
ٻئي ڪنھن جي شڪتي نھ ھئي جو اندر وڃي يا کڻي در
کڙڪائي ھر ڪو پيو ڊڄي.
استري: ڊاڪٽر صاحب! مون ھمت کان ڪم ورتو ۽ وڃي دڙ
کڙڪايو. تھ شينھن وانگر گجي پڇڻ لڳو تھ ”ڪير آھي.“
مون ڏاڍي نرم آواز ۾ چيو ”سوامي آئون پرڀا.“
سيٺ دروازو کوليو ۽ آئون اندر لنگھي ويس، پر سندس
صورت ڏسي وائڙي ٿي ويس، ڪاوڙ جي بدران ھن جي شڪل
ڏاڍي دکي نظر پئي آئي، ھو غم ۽ رنج سان ڀريل ھو،
مون کي ڏسندي چيائين ”تون اچي وئينءَ، ڏاڍو چڱو
ڪيئي جو اچي وئينءَ. سوامي جو چھرو ڏاڍو اداس ۽
غمگين ھو، مون کان سٺو نھ ٿيو ۽ آئون اوڇنگارون
ڏيئي روئڻ لڳس، نيٺ پڇيومانس تھ ”ڇا اوھان کي ڏاڍو
صدمو پھتو آھي.“
مون کي چيائين تھ ”ڏاڍو گھڻو.“
استري: ڇا ھن توھان جي ڳالھھ نھ مڃي؟
سيٺ: نھ!
استري: ھن ڇا چيو؟ توھان ھن سان ڳالھايو بھ؟
سيٺ: ھا! مون ھن سان ڳالھايو پھرين ڪاوڙ ۾ ڪروڌ
سان نھ پر ڏاڍي نرمائيءَ سان، مون خوشامد پئي ڪئي
تھ ھن نابري ٿي واري، بس پرڀا! حد ٿي چڪي، ڇا
ڪنھن پتا پنھنجي پتر جي اڳيان ھٿ جوڙيا ھوندا؟
افسوس! مون اھو بھ ڪيو پتر تي ڪو اثر نھ ٿيو، مون
چيومانس تھ ”پٽ! تون ھن سان شادي ڪرڻ جو ارادو ڇڏي
ڏي، مان تنھنجي ۽ منھنجي رڳو نھ پر سڄي جاتي جي
بدنامي ٿيندي. ھر ڪو آڱر کڻندو تھ فلاڻي جو پٽ،
فلاڻي جو پوٽو ھڪ موچڻ سان وواه ٿو ڪري. مان اھو
مڃان ٿو تھ توکي ھن سان پريم آھي، پر تون جوان
جماڻ آھين ۽ پريم ۾ اڌو ٿي ويو آھين ۽ توکي ھن جي
اڪت جي ڪجھھ پرواه نھ آھي آئون سمجھي نٿو سگھان تھ
ھن ۾ اھڙي ڪھڙي ڳالھھ آھي جنھن جي ڪري تون ھن کي
اوشا کان وڌيڪ پسند ٿو ڪرين؟ ڇا اوشا سوڀاوان نھ
آھي؟ ڇا ان ۾ ڪو عيب آھي؟ ڇا ھو چڱي آڪھھ جي آھي؟
مان چوان ٿو تھ ھر طرح سان اوشا ھزار ڀيرا نھ بلڪھ
لک ڀيرا ھن موچيءَ جي ڌيءَ کان سٺي آھي، ڪوبھ
ماڻھو انھيءَ ڳالھھ ۾ توسان انگيڪار نھ ڪندو، تون
ھن موچڻ سان چڱا پير ڀرڻ گھرين ٿو تھ ڀلي، آئون
انھيءَ کان توکي روڪيان نٿو، پر پنھنجي ڪٽنب ۾ ھن
کي نھ آڻ، من! مون ڏاڍي دور انديشي کان ڪم ورتو تھ
منھنجو لھجو سخت نھ ٿئي ۽ ھن جي طبيعت ڀڙڪي نھ
اٿي.“
انھيءَ تي مون پنھنجي سواميءَ کان پڇيو تھ ”پوءِ
ھن ڪھڙو جواب ڏنو.“
سوامي: ھاءِ! ڪھڙو جواب ڏنائين تھ پڇين ھا تھ چڱو!
ھن اھو جواب ڏنو جو اڄ سوڌو دنيا جي ڪنھن بھ پٽ نھ
ڏنو ھوندو. آئون حيران ٿيس تھ ڀڳوان! منھنجا ڪن ڇا
ٻڌي رھيا آھن ۽ منھنجيون اکيون ڇا ڏسي رھيون آھن!
ڇا مون کي اڳي ڪنھن انسان جي ڪنن اھڙا لفظ ٻڌا
ھوندا! ھن جي اکين اھڙو نظارو ڏٺو ھوندو! مون ھن
جي واتان چڱي وائي نھ ٻڌي، بس حد ٿي چڪي ھن ڏاڍيون
گستاخيون ڪيون، باقي ھڪ ڪسر رھجي وئي ھئي جو ھن
مون کي ماريو ڪين.“
پنھنجي پتيءَ کان اھڙيون ڳالھيون ٻڌي آئون نھ رڳو
وائڙي ٿي ويس پر منھنجي اکين مان زارو زار ڳوڙھا
وھڻ لڳا ۽ منھنجي پتيءَ بھ روئي ڏنو، پر وري ھمت
کان ڪم وٺي چوڻ لڳو.
پتي: (غم ناڪ آواز م) مون کي سمجھھ ۾ ئي نٿو
اچي..... مون کي سمجھھ ۾ ئي نٿو اچي..... منھنجو
پٽ.... منھنجو رت..... اھو ٻڌندي ئي منھنجو روئڻ
بن ٿي ويو، آئون حيرت ۾ پئجي پتيءَ جو منھن تڪڻ
لڳس ھن وري چوڻ شروع ڪيو:
”مون کي ھن سان ڪيترو پريم ھو ۽ ٿورن ڏينھن ۾
پنھنجي ملڪيت ۽ ڌنڌو ھن جي نالي تي ڪرڻ وارو ھوس،
ھاڻي مون کي سوچڻو پوندو، ھن سان ھميشھ سٺي روشن
ڪندو آيس، جيڪي بھ ٿي گھريائين سو ڏيندو آيس ۽ کيس
ولايت وٺي وڃڻ وارو ھوس. ھن جو مھربان پيءُ ٿي
رھيس منھنجو جيون ڄڻ ھن جي لاءِ ھو. پر ھاڻي مون
کي افسوس سان چوڻو ٿو پوي تھ ڀڳوان مون کي پٽ ئي
نھ ڏئي ھا، اھڙي نالائق ۽ اڀماني پٽ کان بي اولاد
ھجان تھ چڱو ھو.“
ٻڌندي شرط آئون اٿي بيٺس ۽ منھن ڦيرائي ورتم.
منھنجي پتيءَ چيو: سچ تھ منھنجو پٽ ئي نھ ھجي ھا.“
آئون مٿي کان پيرن تائين ڏڪي ويس. منھن ڦيرائي
ورتم جو مون ۾ شرم وچان ايتري سگھھ ئي ڪانھن ھئي
جو پنھنجي پتيءَ جي تيز ڇپيندڙ نظرن سان پنھنجيون
نظرون ملائي سگھان ھا ۽ ڪمري کان ٻاھر ھلي آيس،
جيتوڻيڪ سيٺ صاحب مون کان پڇيو تھ ڪڏانھن ٿي وڃين،
تھ مون کيس جواب ڏنو تھ اجھو ٿي اچان.
ٿوري دير کان پوءِ جڏھن آئون موٽي آيس تھ سندس
حالت ئي ٻي ھئي رکي رکي ڪاوڙ ۾ ڀرجي ٿي چيائين،
”مون کي پٽ نھ ھجي ھا تھ چڱو ھو..... شال پيدا ئي
نھ ٿئي ھا تھ چڱو.....“
بس سڄي رات اھائي بڪ ھئي، نھ پاڻ سمھيو نھ مون کي
سمھڻ ڏنائين، ٻئي ڏينھن ڊاڪٽر ھڪ ٻئي پٺيان گھڻا
ئي گھراياسين پر ڪو فائدو ڪونھ ٿيو، ٽوڻا ڦيڻا
گھڻا ئي ڪياسين پر ڏينھون ڏينھن حالت سڌرڻ جي
بدران وئي خراب ٿيندي. راتين جون راتيون ننڊ ئي نھ
پيو ڪري. ھر وقت گارگند، ۽ جھيڙو جھٽو لايو بيٺو
ھو، نيٺ کيس کٽ سان ٻڌي ڇڏيندا ھئاسين، پر رڙيون
ڪري سڄي گھر جو سک ڦٽائي ڇڏيندو آھي، اڄ توھان کي
گھرايو اٿئون الائي ڇا ھو جو توھان سان ايترو سڌو
۽ فضيلت سان ڳالھايو اٿس ۽ ھيترن ڏينھن کان پوءِ
اڄ ستو آھي، نھ تھ ٻين ڊاڪٽرن بھ سيون ھنيو ھيس،
پر ڪو فائدو نھ ٿيو ھو. آئون سمجھان ٿي تھ ڀڳوان
اوھان جي ھٿ کي جس ڏيندو.
مان: دادي ھاڻ ڀلي تون اندر وڃ، تون جيڪي چيو آھي
ان تي ويچار ڪري سڀاڻي پوري طرح ھن جو علاج شروع
ڪندس، اڄ سئي لڳڻ ڪري مون کي پڪ آھي تھ سڄي رات
ننڊ ڪندو ۽ اوھان سڀني کي بھ آرام جو موقعو ملندو،
پر ڪو ماڻھو سنڀال لاءِ رکي ڇڏجو تھ سندس سماءُ
رکي، جيڪڏھن اٿي تھ کيس گرم گمرم کير پيئڻ لاءِ
ڏجو.
ھرڪشن جي زالي اندر وئي تھ ڀائي واڌو مل لنگھي آيو
۽ پڇيائين تھ ھرڪشن بابت ڪيئن ٿا ڀانيو؟
مان: خدا ڪندو تھ سڀ چڱي ٿيندي، سيٺ جي زال کان
گھڻو ئي احوال مليو آھي ان تي رات جو ويچار ڪري
ٻيو سڀ ڪجھھ سڀاڻي ڪنداسين.
آئون پوءِ موڪلائي ھليو آيس ۽ رات جو ڪيترن ڳالھين
تي جي مون ھرڪشن جي زال کان ٻڌيون ھيون دليل
ڊوڙائڻ لڳس، ھن ۾ شڪ نھ آھي تھ ھرڪشن جو دماغ
سندس پٽ موھن جي اڍنگي ھلت کان خراب ٿيو ھو. ڪنھن
بھ شريف ماڻھوءَ جي لاءِ ٻڏڻ جھڙي ڳالھھ ھئي، جو
ھڪ شريف خاندان جو فرزند ھڪ موچيءَ جي ڌيءَ ان دل
اڙائي ويھي ۽ ھن تي ضد ڪري تھ پيءُ کيس سمجھائڻ جي
ڪوشش ڪري تھ نالائق پٽ پاڻ کي وساري ھن سان بي حيا
ٿي گھٽ وڌ ڳالھائي. ھرڪشن جو اھو چوڻ تھ پٽس حد جو
ليڪو لنگھي چڪو ھو. سراسر سچو ھو پر سندس زال جي
روش مان بھ مون کي انومان گذريا، ڇاڪاڻ تھ ھرڪشن
جي زال جيڪي ڪجھھ مون کي ٻڌايو ھو ۽ جيڪڏھن اھو سڀ
سچ ھ تھ سندس ھلت نفسياتي طرح نھايت شڪي ھئي،
ڇاڪاڻ تھ اڪثر مائرون باوجود ان جي تھ سندن پٽ
نالائق ھوندا آھن تھ بھ پاسو پٽ جو کڻنديون آھن.
پر ھرڪشن جي استري ائين نھ ڪيو، يا جيڪڏھن ڪي
مائرون پٽن کي غلط ھلندي ڏسنديون آھن تھ سندن پاسو
نھ وٺنديون آھن، بلڪھ پنھنجن مڙسن جي طرف داري
ڪنديون آھن، ھرڪشن جي زال ائين بھ نھ ڪيو بلڪھ
ھرڪشن جي اکين سان اکيون چار بھ ڪري ڪين سگھي.
معاملو مون کي گھڻو شڪي نظر پئي آيو، ھجي نھ ھجي
ڀيد انھيءَ ڳالھھ ۾ لڪل نظر ٿي آيو ۽ ھن کي ھٿ
ڪرڻ لاءِ آئون آتوس ھوس، پر ھن سان گڏ اھڙي ڪٽنب
جي بيمار کي تندرست ڪرڻ ۾ منھنجي پنھنجي نالي عزت
۽ پرئڪٽس جو بھ سوال ھو، ھر حالت ۾ سيٺ ھرڪشنداس
جو بھ ڪيس منھنجي لاءِ دلچسپي جو وڏو سامان پيدا
ڪري ورتو ھو.
ٻئي ڏينھن جڏھن آئون ھرڪشنداس کي ڏسڻ لاءِ آيس تھ
ڏٺم ان ۾ گھڻو ٺاپر اچي چڪي ھئي بلڊ پريشر بھ گھٽ
ھو مون رت جي دٻاءَ گھٽ رکڻ جون دوائون ڏنيون ۽
ڀائي واڌومل کي تاڪيد ڪيم تھ گھر ۾ اھڙي قسم جي
ڪابھ ڳالھھ نھ ڪئي وڃي جنھن جي ٻڌڻ سان ھرڪشن جي
طبيعت تي اثر پوي، ڇاڪاڻ تھ انھيءَ قسم جا بيمار
ڏاڍا حساس ٿيندا آھن. مون اھو بھ تاڪيد ڪيو تھ
موھن جي ڳالھھ ڪنھن بھ طرح گھر ۾ نھ ڪرڻ ۾ اچي،
وڌيڪ چڱو تھ ائين ٿيندو تھ موھن کي سيٺ ھرڪشن جي
اڳيان صفا اچڻ نھ ڏجي.
آئون ھفتو کن سيٺ ھرڪشن کي ڏسڻ لاءِ ويندو رھيس،
ڏٺم تھ جيڪا اڳين تيزي سندس طبيعت ۾ ھئي سا گھڻو
گھٽ ٿي وئي ھيس، پر سندس طبيعت ۾ وڌيڪ مونجھارو ۽
موڳائي پيدا ٿي پئي ھئي، انھيءَ ڦيري مون کي وڌيڪ
پريشان ڪري وڌو. آقي باقي ڀائي واڌومل جا ڳالھھ
مون کي ٻڌائي، تنھن منھنجا تاڪ ئي ڍرا ڪري ڇڏيا.
ڀائيءَ ٻڌايو تھ ھرڪشن کي پنھنجي استري ۾ شڪ ٿي
پيا آھن ۽ ھو ڪجھھ اھڙيون ابتيون سبتيون ڳالھيون
پنھنجي استريءَ سان ڪرڻ کان پوءِ نھ رڳو ھو پاڻ
موڳو ٿيو آھي پر ڏسان ٿو تھ متان ڀاڄائي پاڻ
پنھنجو دماغ وڃائي نھ ويھي، مھرباني ڪري ھن کي بھ
تپاسيو.“
ھرڪشن کي چڱي طرح تپاسڻ کان پوءِ مون ھن جي زال کي
ڏٺو ھن کي ڏسندي ئي اچي روئڻ ڇٽڪي. مون بنا
ڳالھائڻ جي کيس چڱي طرح روئڻ ڏنو تاڪھ ڀلي سندس
طبيعت روئي ھلڪي ٿئي. جڏھن ھن روئي بس ڪيو تھ مون
ڀائي واڌومل کي چيو تھ ٿورو پاسيرو ٿئي تھ ھرڪشن
جي استريءَ کان حال احوال وٺان.
جڏھن ڀائي پاسي ٿيو تھ مون مائيءَ کان پڇيو تھ ڇا
ڳالھھ آھي؟ تھ ھن پنھنجو بيان ھيئن ڏنو:
استري: آئون جڏھن کان پيڪي گھران سواميءَ جي
بيماريءَ تي آئي آھيان تھ سندس ٽھل ڪرڻ ۾ لڳي
پئي ھيس تھ موھن جي ھلت کان کيس جيڪا تڪليف پھتي
آھي سا ڪنھن طرح ھو وساري ڇڏي ۽ اھا تڪليف دور ٿي
پويس، پر ڏٺم تھ ھو مون سان ھميشھ اھائي ڳالھھ
ڪندو رھندو آھي ۽ دھرائيندو رھندو آھي. ھڪڙي ڏينھن
مون کي چوڻ لڳو، تھ ”پرڀا ڇا موھن منھنجو پٽ ٿي
سگھي ٿو؟ مون کي ھاڻي پڪ ٿيندي پئي وڃي تھ موھن
منھنجو پٽ ئي نھ آھي.“ تنھن تي مون ڊڄندي چيس تھ
”سوامي ڇا چئي رھيا آھيو.“
سوامي: پرڀا! پٽ ماءُ پيءُ تي ويندا آھن تون ڏسين
ٿي تھ موھن جي شڪل نھ مون جھڙي آھي نھ تو جھڙي.“
اھو ٻڌندي ئي ڌرتي پيرن ھيٺان نڪري ويم ڊپ ۽ حراص
کان سڄي شڪل پيلي ٿي ويم آئون کيس جواب ئي نھ ڏيئي
سگھيس.
سوامي: اڀاڳڻ تنھنجا اھڙا ڪرتوت!
اھو ٻڌندي شرط آئون سندس پيرن تي ڪري روئڻ لڳس، بس
منھنجي وات مان فقط ايترو سو نڪري سگھيو تھ
”سوامي! ھي ڇا چئي رھيا آھيو! پنھنجي داسي تي ڇميا
ڪريو.
آئون حيرت ۾ پئجي ويس ۽ تعجب سان سندس شڪل ڏسڻ
لڳس ۽ کائنس پڇيم ”دادي! تو اھي اکر واتان ڪڍيا؟“
پرڀا: آئون ان وقت اھڙي تھ منجھي پئي ھيس جو ٻيو
ڇا ٿي ڪري سگھيس؟ ٻي واه ئي ڪانھ ھيم!
مان: جڏھن پھرين پھرين تو مون کي سيٺ ھرڪشن جو حال
احوال ٻڌايو ھو تھ مون کي دل ۾ ڪجھھ انوما پيدا
ٿيا ھئا، پر ان وقت ڪجھھ ڳالھيون آئون توکان پڇي
ڪين سگھيس، تنھنڪري في الحال کڻي ماٺ ڪيم ھاڻي
ڪجھھ وڌيڪ ڀڇڻ جي ڪوشش ڪندس، مھرباني ڪري سچ سچ
ٻڌائج.
پرڀا: ڀلي پڇو، ڊاڪٽر صاحب! آئون تيار آھيان.
مان: ڇا موھن سيٺ ھرڪشن جو پٽ نھ آھي؟
پرڀا: نھ!
ھن ڳالھھ مون کي ذرو بھ اچرج ۾ نھ وڌو پر تنھن
ھوندي بھ آئون ڏاڍو فڪر ۾ پئجي ويس ڇاڪاڻ تھ نھ
رڳو ھڪ شريف خاندان جو سوال ھو جنھن سان منھنجا
دوستانھ تعلقات ھئ، پر ھتي ٻن حياتين جو سوال پڻ
ھو. ھڪڙو اڳي دماغ وڃائي ويٺو ھو ۽ ٻيو ذري گھٽ
وڃاڻ تي ھو، تنھن ھوندي بھ پوري معلومات حاصل ڪرڻ
لاءِ مون کانئس پڇيو:
مان: جيڪڏھن موھن ھرڪشنداس جو پٽ نھ آھي تھ تنھنجو
پٽ تھ آھي؟
مون اھو سوال تھ ڪيو پر پرڀا ترت ۽ کھري آواز ۾
جواب ڏنو.
پرڀا: ڊاڪٽر صاحب ڇا ٿا چئو! توھان ۾ اھا اميد نھ
ھئي.
مون ڏٺو تھ سندس چھري ۾ ھڪ قسم جو تيج ھو، اھو
چھرو معصوميت جي روشني سان ٻھڪي رھيو ھو منھنجي دل
گواھي ڏني تھ پرڀا گنھگار ٿي نٿي سگھي.
مان: دادي مون کي معاف ڪج. آئون ڪھن ٻي نيت سان
ڪونھ ٿو پڇان، آئون اھو ڄاڻڻ تو گھران تھ اصل ۾
موھن ڪنھن جو پٽ آھي، ڇاڪاڻ تھ انھيءَ ڳالھ اصل
معاملي کي ايترو ڦٽائي وڌو آھي جو تون پاڻ ڏسين
ويٺينءَ تھ سيٺ ھرڪشنداس پاگل ٿي چڪو آھي ۽ ذري
گھٽ تون بھ پنھنجو دماغ وڃائي نھ وھين. تو پاڻ
اھڙو نمونو اختيار ڪيو آھي جو پنھنجن پيرن تي پاڻ
ڪھاڙو ھڻي ويٺي آھي. تنھنڪري سموري حقيقت مون کي
نھ ٻڌائيندينءَ تھ دوائن سان سيٺ جو علاج ڪري نھ
سگھندس. اصل ڳالھھ معلوم ٿيڻ کان پوءِ نفسياتي
طريقي سان ئي علاج ٿي سگھندو، نھ تھ چارو ئي
ڪونھي، اسان جي گفتگوءَ ۾ ٿوري ڊيگھھ ٿي وئي ھئي
تنھنڪري ڀائي واڌومل گھٻرائجي ڪمري ۾ ليئو پائي
ڏسڻ لڳو تھ مون کي چيو، ”ڀائي واڌو مل ھتي اچي
منھنجي ڀرسان ويھو، ھاڻي جيڪي ڳالھيون ٿينديون تن
جو ٻڌڻ اوھان جي لاءِ تمام ضروري آھي.“
مون پوءِ پرڀا کي انھيءَ ڀيد ٻڌائڻ لاءِ چيو:
پرڀا: موھن اسان جو پٽ آھي ئي ڪونھ. منھنجو مطلب
آھي تھ موھن نھ منھنجو پٽ آھي نھ سوامي جو. سوامي
۽ منھنجي وواه کي ارڙھن سال ٿيا، پر ٽن سالن تائين
اسان کي ٻار ٿيو ئي ڪونھ. انھيءَ تي سوامي ڪجھھ
ناراض ٿيڻ لڳو پھريائين ڪيترن ڊاڪٽرن کي
ڏيکاريوسين، پر ڪجھھ ڪين ٿيو مون کي اچي ڊپ کنيو
تھ متان اولاد نھ ٿيڻ ڪري سوامي پرديس ۾ ڦٽي نھ
پوي، تنھنڪري جڏھن اڃا سوامي ھتي ئي ھو تھ مون ڪوڙ
ڪري کيس چيو تھ مان سمجھان ٿي تھ مون کي گرڀ ٿيو
آھي، پوءِ مڪر ڪري اوڪارا ۽ الٽيون ڪندي ھيس،
سوامي مون کي ڊاڪٽرن وٽ وٺي ھليو، تن چيو تھ اھي
علامتون برابر پيٽ سان ٿيڻ جون آھن، نيٺ سوامي
ولايت ويو ۽ مون کي خط پٽ لکڻ لڳو. آئون کيس خط ۾
ھميشھ ڪونھ ڪو ڪوڙ لکي دم دلاسا ڏيندي رھيس، اسان
وٽ ھڪڙي آيا ھوندي ھئي جنھن سان مون لڪ ڇپ ۾
بندوسبت ڪيو. آيا ڇا ڪيو جو ھڪ غريب مينگھواڙ کان
ھڪڙو تازو ڄاول ٻار پئسا ڏيئي کڻي آئي. ھو غريب
ماڻھو ھئا تن پئسن جي لالچ ۾ اچي پنھنجو ٻار وڪني
ڇڏيو تھ وڏي گھراڻي ۾ وڃي سکي رھندو. جنھن ڏينھن
اھو ٻار آندو ويو ھو انھيءَ رات اسان بھ مڪر
ھلايو تھ تھ مون کي ويم پيو ٿئي. ھڪڙي دائي
گھرائي وئي جنھن کي بھ پاڻ سان ملايو ويو. ٻئي
ڏينھن سڀني کي خبر پئي تھ سيٺ جي گھر ۾ پٽ ٿيو
آھي. اھو ڍونگ برابر پندرھن سال آئون ڏاڍي ڪاميابي
سان لڪائيندي آيس، ڪنھن کي بھ انھيءَ جي خبر ڪانھ
پئي ڇوتھ دائي جنھن ٻار ڄڻايو ھو سا ھڪ سال کان
پوءِ گذر ڪري وئي ۽ آيا بھ ٽن سالن کان پوءِ مري
وئي. انھيءَ ڀيد جي سواءِ منھنجي ڪنھن کي بھ خبر
پئجي نھ سگھي. جنھن مينگھواڙ کان ٻار آندو ويو ھو
تنھن کي ڪا خبر ڪانھ ڏني وئي ھئي تھ ٻار ڪنھن کي
ڏنو ويو آھي، سواءِ ھن جي تھ ٻار ھاڻي ھڪ وڏي
گھراڻي ۾ پليو. سوامي ٽئين چوٿين سال پيو ايندو
ھو ۽ موھن کي ڏسي خوش ٿيندو ھو، مون کي تھ ائين
ٻار نھ ٿيڻو ھو سو نھ ٿيو، تنھنڪري مون ٻيھر اھڙو
جوکم جو ڪم وري نھ ڪيو. موھن اڄ ننڍو سڀاڻ وڏو
ٿيندو ويو، مون کي ڪھڙي خبر تھ موھن اھڙا پير
ڀريندو، پر وڏن سچ چيو آھي تھ ھر ڪا شيءِ پنھنجي
اصليت ڏانھن ويندي آھي. جيتوڻيڪ اسان وٽ رھي سٺي
سکيا ۽ سٺا لڇڻ ۽ سٺي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ بھ
ھو پنھنجي اصليت تي ويو. پر مون کي ڪھڙي خبر تھ
سوامي کي اندران ئي اندران کڙڪ پئجي ويندي ۽
انھيءَ چريائيءَ ۾ بھ ھاڻي ھو مون تي شڪ ڪرڻ لڳو
آھي. جڏھن تھ آئون سدائين ستياوان رھي آھيان. پٽ
جي ھلت تھ سندس دماغ خراب ڪيو ھو، پر ھن نئين شڪ
جي ڪري تھ دماغ تي وڌيڪ خراب اثر ٿيندس، تئي تان
ڪري چلھھ ۾ پئجي ويا آھيون. ڊاڪٽر صاحب ھاڻي ڇا
ٿيندو.“
سڄي ڳالھھ ٻڌي ڀائي واڌومل تھ وائڙو ٿي ويو ۽ آئون
ٽٻي ۾ پئجي ويس، نيٺ ڪجھھ سوچي پرڀا کان پڇيو تھ،
”مينگھواڙ کي اوھان جي خبر نھ آھي، پر توکي
مينگھوڙ جي خبر آھي تھ ھو ڪير ھو.“
پرڀا: ھا آئون اجھو تي سندس پتو پنھنجي ٽپڙن مان
ڳولي اچان.
پرڀا موٽي اچي ٻڌايو تھ مينگھواڙ جو نالو رسيو آھي
جو سيٺ ھوتچند جي ڪپھھ جي ڪارخاني ۾ جيڪو ساماري ۾
آھي، اتي مزدوري تي ڪم ڪندو آھي. اھو ٻڌندي ئي
ڀائي واڌو مل چيو تھ ”سيٺ ھوتچند سان تھ منھنجي
ڏيتي ليتي آھي.“
اتي مون ڀائي واڌو مل کي چيو تھ، ”ھاڻي ھڪ ناٽڪ
ضرور ڪرڻو پوندو پھريائين سيٺ ھوتچند کي لکي خبر
ڏيو تھ اھو رسيو اڃا جيئرو آھي يا نھ، جي جيئرو
آھي تھ ھن کي ھتي گھرائي پاڻ وٽ قابو رکو وڌيڪ
اڳتي آئون ٻڌائيندس تھ ڇا ڪرڻو پوندو.“
قسمت سان رسيو ۽ سندس زال ٻئي جيئرا ھئا، جن کي
حيدرآباد گھرايو ويو ھنن وري سيٺ ھوتچند سان
ڳالھھ ڪئي ھئي تھ ننڍي ھوندي اسان ھڪڙو ٻار غريب
ھجڻ جي ڪري پئسن جي لالچ ۾ ھڪڙي آيا کي وڪڻي ڇڏيو
ھو، اسان کي ٻھ ٻيا ٻار ڄاوا ھئا، پر ماتا جي
بيماريءَ ۾ ٻئي گذاري ويا.
موھن کي بھ ڪنھن نموني سان ھٿ ڪري ھڪ ڪمري ۾ لڪائي
رکيو ويو. اھو سڄو ڪم پورو ڪري مون جيڪو منصوبو
سٽيو ھو تنھن جو ھڪ ڏينھن کيل رچايو ويو، مون کي
ھرو ڀرو انھيءَ ناٽڪ رچائڻ ۾ پوري پڪ ڪانھ ھئي تھ
ڪا ڪاميابي حاصل ٿيندي، پر اھو ھڪ ننڍو نفسياتي
طريقو ھو جنھن مان ممڪن ھو تھ ڪاميابي حاصل ٿي
سگھي. سڀني کي مون سمجھائي ڇڏيو ھو تھ ڇا ڇا چوڻو
ھو ۽ ڪيئن چوڻ ھو. ھڪ ڏينھن سيٺ ھرڪشنداس کي سندس
وڏي ڊرائنگ روم ۾ وھاريو ويو منھنجي تپاسڻ وقت سيٺ
ھوتچند ڀائي ھرڪشنداس کان پڇڻ لاءِ آيو ھو.
ھرڪشنداس کي ھڪ آرام سان ڪرسيءَ تي وھاريو ويو،
اھڙي طرح جو ھو اسان جون ڳالھيون پوري طرح ٻڌي
سگھي.
چانھھ گھرائي وئي ۽ چانھھ پيئندي سيٺ ھوتچند چيو:
ڀائي واڌومل! آئون ساماري مان ڀائي ھرڪشنداس کي
ڏسڻ لاءِ آيو ھوس، ھن کي ڏسي مون کي خوشي ٿي آھي
تھ ھاڻي سيٺ جي طبيعت ٺاپر ۾ آھي، ڀڳوان ڪندو تھ
جلد تندرست ٿي پوندو.
مان: ھا سيٺ صاحب! باقي ٿورن ڏينھن جي دير آھي،
مون کي اميد آھي تھ جنھن خفي کان سيٺ کي تڪليف
پھتي آھي، تنھن جي دور ٿي وڃڻ کان پوءِ ھو بلڪل
تندرست ٿي ويندو.
ڀائي واڌومل: سيٺ ھوتچند اوھان جي وڏي مھرباني جو
ھيتري پنڌ کان سيٺ ھرڪشن کي پڇڻ لاءِ آيا آھيو.
سيٺ ھوتچند: آئون ھڪ ٻي ڳالھھ جي لاءِ بھ آيو
آھيان سا ڊاڪٽر صاحب کان پڇا ڪرڻ کان پوءِ سڀني
کي ٻڌائيندس، مون کي رڳو اھو خيال آھي تھ متان
انھيءَ جو سيٺ ھرڪشن جي طبيعت تي برو اثر نھ ٿئي.
مان: سيٺ ھرڪشن جي طبيعت تي برو اثر ٿيندو! آئون
ٽيڏي اک سان ھرڪشن جي طرف ڏسڻ لڳس، ڏٺم تھ انھيءَ
گفتگوءَ سيٺ تي اثر ڪيو ۽ ھو ڪن کڙا ڪري ڌيان
اسان جي گفتگو ٻڌڻ لڳو، پوءِ سيٺ ھوتچند ۽ آئون ھڪ
ٻئي سان ٿوري دير تائين ڪن ۾ سس پس ڪرڻ لڳاسون،
مون ڏٺو تھ سيٺ ھرڪشنداس اسان کي تاڙي رھيو ھو.
مان: (ڏاڍيان) سيٺ ھوتچند اوھان ڀلي اھا ڳالھھ
ڀائي واڌومل سان کولي بيان ڪريو، ڪو فڪر ڪونھي.
سيٺ ھوتچند: مون وٽ ھڪ مزدور ذات جو ميگھواڙ نالي
رسيو ويٺل احمد آباد جو آھي، جو منھنجي ڪپھھ جي
ڪارخاني ۾ ڪم ڪندو آھي، منھنجي خيال ۾ جيڪڏھن ڀائي
واڌومل اوھين ناراض نھ ٿيو تھ ڀاڄائي پرڀا ديوي کي
بھ ھتي سڏي اچو ۽ آئون رسيو ۽ سندس زال کي جي ٻاھر
ويٺا آھن سڏي ٿو وٺان.
جڏھن پرڀا ديوي، رسيو ۽ سندس زال ٽئي اچي ويا تھ
سيٺ پنھنجو بيان جاري ڪيو:
ھي مينگھواڙ رسيو ۽ سندس زال ارڙھن سالن کان مون
وٽ ڪارخاني ۾ ڪم ڪندا آھن ھنن کي ھڪ ٻار ڄائو ھو
جو ھنن غريبي جي ڪري ھڪ آيا کي وڪڻي ڇڏيو، مون کي
ٻڌڻ ۾ آيو آھي تھ اھا آيا سيٺ ھرڪشنداس جي گھر ۾
ڪم ڪندي ھئي، ھن ويچاريءَ کي ٻھ ٻيا پيٽ بھ ٿيا
ھئا پر مري ويا. ھاڻي پيريءَ ۾ ھنن جو ڪو سار
سنڀال لھڻ وارو ڪونھي، مون کي خبر ھئي تھ اوھان جي
گھر ۾ ھڪ آيا ھوندي ھئي، تنھنڪري انھيءَ گمان ۾
مان ھتي آيو ھوس تھ پڇا ڪريان.
پرڀا: سيٺ ھوتچند! اوھان جو چوڻ سچ آھي، انھيءَ
آيا جا ھاڻي لاڏاڻو ڪري چڪي آھي، منھنجي چوڻ تي ئي
اھو ٻار ھڪ مينگھواڙ جنھن جو نالو ھن رسيو ٻڌايو
ھو خريد ڪيو ھو، اھو ٻار اسان وٽ پلجي وڏو ٿيو،
جنھن کي اسين ھاڻي موھن ٿا سڏيون.
رسيو: اي ٻائي! خدا تنھنجو ڀلو ڪري، اھو ٻار مون
ٻن ھزارن روپين ۾ آيا کي وڪيو ھو پرماتما جو سوگند
آھي، اسان جي حال تي رحم ڪريو. اوھين وڏا ماڻھو
آھيو، مون پنھنجي جيون ۾ محنت مزوري ڪري پنج ھزار
روپيا گڏ ڪيا آھن جي سيٺ ھوتچند وٽ ڌراوٽ رکيل
آھن، آئون اھي سڀئي پئسا ٿو ڏيان! ھٿ ٿو جوڙيا تھ
منھنجو اھو پٽ مون کي موٽائي ڏيو منھنجو ھاڻي
پيريءَ ۾ انڌي جي لٺ اھوئي آھي.
ائين چئي رسيو مائي پرڀا جي پيرن تي ڪري پيو ۽
پوءِ ڀائي واڌومل جا پير جھلي اکين مان ڳوڙھا
وھائيندي چوڻ لڳو، ”سيٺ جي! مون کي منھنجو پٽ
موٽائي ڏيو.“
ايتري ۾ موھن ڪمري ۾ گھڙي آيو ۽ پنھنجي ماءُ کي
چوڻ لڳو:
موھن: ماتا! مون کي ڪجھھ پئسا ڏيو آئون اوھان جي
گھر ۾ ھاڻي نھ رھندس، ڪڏانھن منھن ڏيئي ھليو
ويندس. بس ڪجھھ پئسا ڏيو.
پرڀا: نالائق تون اڃا اھي ئي ڳالھيون ڪري رھيو
آھين، ھاڻي تون منھنجو پٽ ئي نھ آھين، اجھو تنھنجا
ماءُ پيءُ اھي مينگھواڙ آھن. ڀلي انھن سان وڃ. ھو
توکي سڀ ڪجھھ ٻڌائيندا. رسيا! مون کي تنھنجي پئسا
نھ گھرجن وڃ! پنھنجي اڀاڳي پٽ کي کڻي وڃ، جنھن
پنھنجي ڪرتوتن سان منھنجي پتيءَ جو دماغ خراب ڪري
ڇڏيو آھي مون کي خبر ھجي ھا تھ مئو اھڙو نڪرندو تھ
آئون کيس خريد ئي نھ ڪريان ھا.
ايترو چئي پرڀا سيٺ ھرڪشنداس جي چرنن ۾ ڪري چوڻ
لڳي: ”سوامي! ڇميا ڪريو. مون کان ڀل ٿي آئون ڇا
ڪرڻ ويس ۽ ڇا ٿي ويو.“
اسان ڏٺو تھ سيٺ ھرڪشنداس جي اکين مان ڳوڙھا وھي
رھيا ھئا ھن يڪدم پرڀا کي پنھنجي پيرن تان کڻي
ورتو ۽ ڀاڪر ۾ ڀريو.
مون ڏٺو تھ اسان جو اتي وڌيڪ ترسڻ چڱو نھ ھو، مون
ڀائي واڌومل ۽ سيٺ ھوتچند کي چيو، تھ ”اسان جو ھتي
وڌيڪ ترسڻ واجبي نھ ٿيندو.“
اسان سڀئي ٻاھر نڪري ٻنھي کي اڪيلو ڇڏي ھليا
آياسون.
رفتھ رفتھ سيٺ ھرڪشنداس چڱو ڀلو ٿيندو ويو.
|