سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: عبرت ڪده

باب: --

صفحو :17

 

پورنما

 

فلم ائڪٽرس جي شل ڳالھھ نھ ھجي ڪرڪيٽ جو ميدان ھجي ڪھ حشر جو ميدان، پر ماڻھن جا انبوھ اچي ڪٺا ٿيندا، اھائي حالت اچي اسان جي اسپتال جي ٿي. جنھن کي ڏسو ان جو  منھن چرين جي اسپتال ڏانھن. پيرين پنڌ، ٽانگن ۾، بسن تي ڌوڪيندا اچن اسپتال ۾. اھڙي حالت اڪثر ھندن جي چيٽي چنڊ جي ميلي تي، يا مسلمانن جي عيدن تي ڏسڻ ۾ ايندي ھئي، پر آئون حيران ھوس تھ ماڻھن اوچتو ڇو اچي چرين جي اسپتال ڏانھن رخ رکيو ھو، تان جو پتو پيو تھ انھن کي خبر پئي آھي تھ پورنما نالي فلم ائڪٽرس پاگل ٿي ھتي اسپتال ۾ داخل ٿي آھي.

جيڪڏھن انھن کي اھا خبر ھجي ھا تھ زالن واري ڀاڱي يا خاص وارڊن ۾ عام ماڻھن کي وڃڻ جي اجازت نھ آھي، تھ جيڪر ھيترو پنڌ ھلي يا پئسا خرچ ڪري نھ پھچن ھا. آفيسن وارن لاءِ وري جدا مصيبت پيدا ٿي پئي، ھر ڪو پيو ٽيلفون تي پڇا ڪري، منھنجي اسسٽنٽ صلاح ڏني تھ اسپتال ۾ ڪنھن کي بھ اچڻ نھ ڏجي، پر مون خيال ڪيو تھ ائين ڪرڻ سان انھن کي وڌيڪ پڪ ٿيندي تھ برابر ڪا فلم ائڪٽرس پاگل ٿي آئي آھي. خواه مخواھ دروازي تي پيھھ ٿيندي تنھنڪري جيڪڏھن اندر اچي بھ ڏسي نھ سگھندا تھ ھڪ ٻن ڏينھن اندر معاملو پاڻيھي صاف ٿي پوندو، گوڙ گھٽ ٿي ويندو، ۽ ٿيو بھ ائين. پر ھڪ ڏينھن منھنجو ھڪ دوست جو جرمنيءَ ۾ بھ مون سان گڏ ھو علم نفس جو ماھر ھو، سو مون وٽ آيو ۽ چيائين تھ  ھو ”غير معمولي علم نفس“ تي ھڪ ڪتاب لکي رھيو آھي تنھنڪري مختلف قسم جا پاگل ڏسڻ ٿو گھري، تاڪھ ھن کي ڪتاب لکڻ ۾ سھولت ٿئي ھو مري ڪاليج ٽي مھينا بند ھئڻ جي حالت ۾ حيدرآباد ۾ ٻن مھينن لاءِ اچي رھيو ھو، تاڪھ مختلف بيمارن جو اڀياس ڪري، مون ھن کي ڪيترا بيمار ڏيکاريا، جن بابت منھنجي زباني ۽ فائلن تان ھن ڪيترا نوٽ ورتا. انھن مان پورنما ائڪٽرس بھ ھڪ ھئي، پورنما جو ڪيس عجيب وغريب ھو جنھن منھنجي پروفيسر دوست جو گھڻو ڌيان ڇڪايو ۽ ھو منھنجي تحقيقات لاءِ گھڻو بيتاب ھو تھ کيس پورنما جي اڳين حالت جي خبر پوي.

مون کيس مشڪندي ٻڌايو:

پورنما جو اصل نالو شيلا آھي، اھو فلمي نالو ھو جو اڪثر ائڪٽرس پاڻ تي رکنديون آھن، ھوءَ ھڪ تمام غريب ماڻھوءَ جي اڇوت ڇوڪري ھئي، اھو شخص ايترو غريب ھو جو زبان سان يا قلم سان ھن جي غريبيءَ جي دردناڪ حالت بيان ڪري نٿي سگھجي. دنيا ۾ جيتوڻيڪ غريبن جو تعداد تمام گھڻو آھي، پر غريبن ۾ فرق ٿيندو آھي، ھڪڙا اھڙا غريب ٿيندا آھن جن جي محنت ۽ مزوريءَ سان ڏکيو سکيو وقت گذاري وٺندا آھن، جن کي ڪنھن قسم جو کاڌو خوراڪ ملي ويندو آھي، ٻيا اھڙا جن کي ماني بھ نصيب نھ ٿيندي آھي، صبح جو ملي تھ شام جو نھ. جي شام جو ھجي تھ صبح جو لنگھڻ.

شيلا جي پيءُ جو وجود بھ دنيا ۾ اھڙو ئي ھو، ھو پنھنجي پيٽ ڀرڻ لاءِ سڪي مٽي بھ حاصل ڪري نٿي سگھيو، ھو ڏسندو ھو تھ جيڪي دنيا وارا خوشحال آھن، جيڪڏھن انھن جي دسترخوان جا ٽڪرا بھ ھن کي ملن ھا تھ ھن غريب جو پيٽ ڀرجي پوي ھا، پر اھي بھ کيس نٿي ڏنائون، پيءُ ۽ ڌيءَ ٻئي ھنن جي قريب رھندا ھئا، ھنن جون سموريون ميزون صاف ڪندا ھئا، تنھنڪري لپ ان جا حقدار ھئا، پر اھا بھ انھن کي نصيب نھ ٿيندي ھئي. شيلا کي دنيا جي اھري ھلت کان نفرت ٿي پئي ھئي. اھڙي دنيا ۾ رھڻ جو فائدو. جتي انسان کي ايتريون تڪليفون سھڻيون پون؟ قدرت دنيا ۾ ايترا انسان ڇو نٿي پيدا ڪري، جيترا امن ۽ صبر سان رھي سگھن؟ ڪھڙي ضرورت آھي جو ھيترا انسان پيدا ٿين ۽ بکون ڪڍي مري وڃن؟ جيڪڏھن غريب دنيا تي بار آھن تھ پيدا ئي ڇوٿا ٿين يا پيدا ٿيندي ئي ڇو نٿا مري وڃن؟ پنھنجن اھڙن خيالن تي شيلا کلي ڏيندي ھئي، ڇاڪاڻ تھ ھن جيڪي سوچيو ھو سو ڪيئن ٿي سگھيو ٿي. پر ھن جي دل ۾ ايتري نفرت ھئي جو بيان کان ٻاھر، عورتن جي حياتيءَ جو ھڪ دور اھڙو ٿئي ٿو جڏھن انھن جي دل ۾ امنگ، انھن جي خون ۾ چمڪ ۽ انھن جي  چھري تي سونھن ٿيندي آھي. اھا قدرت جي طرفان ھڪ عنايت ھوندي آھي ۽ ان جو مطلب اھو ھوندو آھي تھ، گل جھڙي طرح ٽڙڻ کان پوءِ پنھنجي خوشبوءِ سان پنھنجي  وجود جو پتو ڏيندو آھي، اھڙي طرح عورت سونھن جي پھرين منزل تي پنھنجي وجود جو پتو ڏيندي آھي.

حيدرآباد  جو شھر اصل ۾ ٽڪرين تي ٻڌل آھي اھوئي سبب آھي جو منجھس گھڻيون لاھيون چاڙھيون آھن، شھر جون گھٽيون تمام سوڙھيون، جن جي پاسي کان ڪسيون آھن، جن ۾ گندو پاڻي وھندو آھي، آسپاس گھرن مان ڪچرو ٻاھر اچلايو ويندو آھي، جو يا تھ ڪسين ۾ وڃي پوي يا ٻاھر گھٽين ۾ پيو ھندو آھي. چندي راماڻي گھٽي جي منھن تي پھچڻ کان اڳي پٿر جون ڪي دڪيون اچن ٿيون، جن تان چڙھي انھيءَ گھٽيءَ ۾ پھچبو آھي، پري کان اھي دڪيون پل وانگر نظر اينديون بلڪھ  پل ئي سڏبيون آھن، مٿان سڀني گھٽين جو غلط پاڻي اتي پل وٽ اچي گڏ ٿيندو آھي. شيلا جو پيءُ انھيءَ پل تي مقرر ھو جتان گند ڪچرو گڏ ڪري صبح جو سوير پل کان پري، ھيٺ گھٽين ۾ ميونسپل لاري ايندي ھئي تھ ان ۾ وڃي وجھندو ھو. پل کان وٺي سڄي چندي راماڻي گھٽيءَ کي صاف رکڻ ۽ ڪسين جي جاچ رکڻ تھ بند نھ ٿين، شيلا جي پيءُ جي ذمي ھو. سالن کان وٺي ھن جو پيءُ اھو ڪم ڪندو ھو ۽ اتي ئي ڪم ڪندي پوڙھو ٿي ويو. شيلا جڏھن وڏي ٿي تھ پنھنجي پيءُ سان ٻانھن ٻيلي ٿي بيٺي، تان جو وڏي عمر جي ٿي وئي ۽ ايندڙ ويندڙ ھن جي سونھن ۽ وڌندڙ جواني ڏسي ھن کي حرص جي نظرن سان ڏسڻ لڳا. پل جي ھڪ پاسي ڪنڊ کان ٻن ٿنڀن جي وچ ۾ جيڪا زمين ھئي، ان تي شيلا جي پيءُ ھڪ جھوپڙي ٺاھي ورتي ھئي، اھوئي انھن جي رھڻ جو ھنڌ ھو. جھوپڙي جي مٿان پل کان چنديراماڻي گھٽيءَ جي ھڪ ننڍ تي گھٽي ۾ ھڪ اوچو گھر ھو، جنھن جي ھڪ ڪمري جي دريءَ جو منھن پل جي طرف ھو، جتان ھڪ نوجوان ڪڏھن ڪڏھن شيلا ۽ ھن جي پيءُ کي ڪم ڪندو ڏسندو ھو ۽ اتان کاڌي جون شيون ۽ لٽو ڪپڙو ھنن کي اڇلائي ڏيندو ھو. شيلا جو پيءُ جيتوڻيڪ غريب ھو پر تڏھن بھ ڪا شيءِ گھري ڪين وٺندو ھو، پر ھو پاڻيھي ڏيندو ھو.

ھن جي پيءُ جو چوڻ ھو تھ جيڪڏھن ھو گھري وٺندو تھ گھر جي ماڻھن کي خبر پوندي ۽ ھو ھن نوجوان کي روڪيندا تھ اسان کي نھ ڏئي تھ اسين محروم رھجي وينداسين.

ڪجھھ عرصي تائين اھو سلسلو جاري رھيو، ھڪ ڏينھن ڪم ڪري شيلا جو پيءُ تمام پريشان حالت ۾ گھر موٽيو، ان وقت شيلا جي عمر پندرھن سالن جي ھوندي، ھن شيلا کي ڏسندي چيو:

پيءُ؛ شيلا! مون پنھنجو قرض پورو ڏئي ڇڏيو آھي.

شيلا: ڇا جو قرض بابا!

پيءُ انسانن جو ڏيڻو ھو اڳين جنم جو جيڪو انھن جي ھٿان ڏک ڀوڳي ھن جنم ۾ پورو ڪيم.

شيلا: بابا! اڄ توھين ڪھڙيون ڳالھيون ڪري رھيا آھيو.

پيءُ: ھا شيلا! بلڪل پوريون ڳالھيون.

شيلا: سمھي پئو، توھان جو شرير تھ اگني وانگر تپي رھيو آھي.

پيءُ: اڃا آگ ڪجھھ گھٽ آھي، ٿورو وڌيڪ تکي ٿئي تھ پوءِ ڍري ٿي پوندي.

شيلا: اھو ڪيئن؟

پيءُ: منھجي ٻچڙي جڏھن ڪاٺي ٻري وڃي ٿي تھ ڦلھيار رھجيو وڃي.

شيلا: بابا!

پيءُ: ٻچي!

ھو ڌم سان ڪسيءَ ۾ ڪري پيو، شيلا ڏاڍي مشڪل سان ھن کي ڪسيءَ مان ڇڪي ٻاھر ڪڍيو ھن جو بدن سچ پڇ باھھ وانگر تپي رھيو ھو، ۽ مصيبت تي ٻي مصيبت ھيءَ ھئي جو ھن جا ڦاٽل ڪپڙا گپ ۾ پسي پيا ھئا. شيلا ھٿن سان گپ پري ڪري ھڪ پراڻي تڏي تي ھن کي ليٽائي مٿان ڳوڻ جو ٽات وجھي ڇڏيو، ھو ماٺ ڪري پيو رھيو، شيلا خيال ڪيو تھ پل جي مٿان گھر مان جيڪو نوجوان ھنن کي ماني ٽڪر يا ڪپڙو لٽو دريءَ مان اڇلي ڏيندو ھو، تنھن کي ھلي ڏسجي ۽ بابا جي طبيعت بابت ڪجھھ چئجي، تھ ممڪن آھي تھ ھو ڪجھھ مدد ڪري، ڇاڪاڻ تھ ھو چڱو ماڻھو معلوم ٿو ٿئي، اھو خيال ڪري شيلا مٿي ڏاڪڻ تي چڙھي آئي ۽ وڏي گھٽيءَ ڏانھن وڃڻ لڳي، ھڪ دريءَ مان ڪجھھ روشني نظر آيس ۽ ھن خيال ڪيو تھ سڏ ڪريان پر پوءِ کيس پنھنجي پيءُ جو خيال آيو تھ ھو چوندو ھو تھ متان گھرڻ تي ڪو منع ڪري، تنھنڪري دروازي تائين لنگھي وڃڻ جو ارادو ڪيائين.

ڏاڪا لنگھي چنديراماڻي گھٽي جي ڪنڊ وٽ پھتي، ڏٺائين تھ اتان گھڻيون ننڍيون گھٽيون ھيڏانھن ھوڏانھن پئي ويون، پھريائين اوندھ ۾ ٿورو منجھي پئي تھ ڪھڙي گھٽيءَ ۾ وڃان، پر پوءِ دريءَ جي ڏس جو خيال ڪري ۽ ڏائي ھٿ واري گھٽيءَ ۾ گھڻي روشني ڏسي سمجھيائين تھ اھائي گھٽي ھوندي، ھلڻ لڳي ھن جي دماغ ۾ عجيب عجيب خيال اٿڻ لڳا تھ ھن وقت بھ جڏھن اسان جي دنيا ۾ اوندھھ پکڙيل آھي، تھ انھن وڏين جاين ۾ رھندڙ ماڻھن جي گھرن ۾ بجليءَ جي بتين سان رات بھ ڏينھن بڻي پئي آھي. شيلا اھي پھھ دل ۾ پچائيندي اڳتي وڃي رھي ھئي تھ ھڪ ھنڌ گپ ۾ پير ترڪي پيس ۽ ڦھھ ھيٺ اچي ڪري، ڌڏڪي جي آواز تي سامھون دروازو کليو ۽ ٻھ ماڻھو نڪري آيا جن شيلا کي ڏسي رڙ ڪري چيو، ”اڙي ڪا ڇوڪري ڪري پئي آھي، ڏاڍو ڌڪ لڳو اٿس، ڪسيءَ جي پاڻيءَ کان سڀ ڪپڙا بھ پسي پيا اٿس، اچو تھ اندر کڻي ھلون.“

ائين چوندي ٻنھي ھن کي کڻي اندر ڪيو، ڌڪ کان شيلا جو مٿو پئي ڦريو ۽ ھن جو ھوش پورو بجا نھ ھو، اندر جيڪو ماڻھو ويٺو ھو تنھن شيلا کي ڏسندي چيو، ”اڙي ھي ڇا تون ۽ گپ سان ڀريل.“ ٻاھران ورانڊي مان ھن کي اندر ھڪ ڪمري ۾ رکيائون.

شيلا سيٺ مولچند کي سڃاتو ۽ ھاڻي ھن جا ھوش بھ ڪجھھ بجا ٿيا ھئا، تنھنڪري چوڻ لڳي، ”سيٺ صاحب! منھنجو پيءٌ سخت بيمار آھي، ڪجھھ ديا ڪريو.“

سيٺ صاحب شيلا تي ھوس جي نظر وجھندي جواب ڏنو، ”اڙي سڀ ڪجھھ ٿو ٿئي، پھرين تھ تنھنجو خيال ڪرڻو آھي.“

پوءِ پنھنجي ماڻھن ڏانھن ڏسندي چوڻ لڳو، ”اڙي ھن جي بدن تي تھ ڪپڙا بھ پورا نھ آھن.“

پوءِ وري شيلا تي نظر وجھندي چيائين، ”اڙي! تون تھ پورنما آھين، پورنما! چوڏھين جو چنڊ! ۽ اھڙي حالت ۾.....“

شيلا ڊڄندي ۽ سيٺ جي ڏسڻ جي نموني کي پسند نھ ڪندي پڇڻ لڳي، ”ھو گھر ڪٿي آھي؟ ھو گھر.“

سيٺ اچرج ۾ پڇيس تھ ڪھڙو گھر؟

شيلا: جنھن جي دريءَ ھيٺ پل ڏانھن آھي، جنھن ۾ ھڪ نوجوان رھندو آھي.

سيٺ اڙي پورنما اھو گھر تھ ھي ئي آھي.

پوءِ نوڪرن کي اشارو ڪندي چيائين، ”ڏسو ڇا ٿا! ھن جا ڪپڙا بدلائي ڇڏيو.... سڀ سٺا  ڪپڙا ڏيوس.... پر پھرين گرم پاڻيءَ سان اسنان ڪرايوس. ويچاري گپ ۾ پسي پئي آھي ۽ سڄو بدن خراب ٿي پيو آھيس.“

جيڪي سيٺ صاحب ڏنو سو سڀ ذري پرزي ڪيو ويو. اڌ ڪلاڪن کن ۾ شيلا کي سنان پاڻي ڪرائي سندس ڪپڙا مٽائي کيس خوشبودار تيل وغيره لڳايا ويا، ڪٿي  گپ جي بانس ۽ ڪٿي عطر جي خوشبوءِ!

شيلا کي تيار ڪرائي ھڪ ٻئي ڪمري ۾ آندو ويو، جتي سيٺ صاحب ويٺو ھو جنھن جي سامھون ھڪ ٽپائيءَ تي ٻھ گلاس پيا ھئا، ھڪ ٻاٽلي ۽ ڪجھھ سوڍا جون ٻاٽليون. شيلا کي ڏسندي چوڻ لڳو، ”ھاڻ تھ تون پوري پورنما آھين، پر ڊپ اٿم تھ متان توکي ٿڌ نھ لڳي وڃي تنھنڪري توکي ھي شربت پياري تنھنجي ٿڌ دور ٿا ڪريون.“

”اٻوجھھ شيلا ڪجھھ بھ سمجھي نھ سگھي ۽ چوڻ لڳي، پر منھنجو پيءُ.

سيٺ: اڙي ھن کي ڏسڻ لاءِ ماڻھو موڪليو اٿم ھو ھن جي لاءِ شيون کڻي ويو آھي.

شيلا چيو ”مان بھ ان سان گڏجي ٿي وڃان.“

سيٺ چيو، ”تون پوءِ ھلي وڃجانءِ.“

سيٺ جي شڪل ۽ ھن جو ھر وقت شيلا کي ھوس جي نظرن سان ڏسڻ، ڪمري جو نمونو ۽ ھن جي اندر ٽنگيل تصويرون وغيره شيلا کي بلڪل پسند نھ آيو، بلڪھ ھن کي خوف ٿيڻ لڳو سيٺ صاحب ھن کي ٻاٽلي مان ٻھ ڀيرا سوڍا وجھي ڏني، جنھن کي ھو شربت سڏي رھيو ھو، ھن شيلا کي اھو پياريو، جو مٺي ھئڻ جي بدران ڪڙو پئي لڳس، پر ڇاڪاڻ تھ ھن کي چيو ويو ھو تھ ٿڌ دور ڪندو تنھنڪري اٻوجھھ شيلا اھو پي وئي. ٿوري دير کان پوءِ ھن جو مٿو ڦرڻ لڳو. سيٺ ھن کي جھلي ھڪ کٽ تي ليٽائي ڇڏيو ۽ اوچتو بتي وسامي وئي. ٻاھريان در زور سان بند ٿي ويا ۽ ٿوري دير ۾ شيلا، سيٺ جي بازوئن ۾ قابو ٿي پئي. ھن گھڻو پاڻ کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي پر سڀ بيڪار ھو. نيٺ ھڪ سماجي درندي جي ھٿان ھڪ غريب اٻوجھھ ڇوڪري جي عصمت جو شيشو چور چور ٿي ويو.

ھڪ غريب ۽ نادار پيءُ جي معصوم نينگري، انساني درندي کي پنھنجن ڦاٽل ڪپڙن ۽ مٽي ۽ گپ سان ڍڪيل عصمت سپرد ڪري ويٺي، شيلا جي بدن تي سٺا ريشمي ڪپڙا ھئا، ھن جي ڳلي ۾ ھڪ زيور بھ وڌو ويو ھو پر ھن جي عصمت ھاڻي برباد ٿي چڪي ھئي جا ھن غريب جي وڏي ۾ وڏي دولت ھئي.

صبح جو جڏھن گھڙيال چئن جا ٺڪاءَ ھنيا، تھ شيلا اٿي ويٺي ۽ ڏٺائين تھ سيٺ صاحب کونگھرا ھڻي رھيو ھو تھ خاموشيءَ سان در کولي ٻاھر نڪتي ۽ گھر جو گھٽيءَ وارو دروازو آھستي سان پٽي، ٻاھر گھٽيءَ ۾ نڪري آئي، ٻاھر ماٺ لڳي پئي ھئي، گھٽيءَ ۾ ماڻھوءَ جو نالو نشان بھ نھ ھو، اتان سڌو پل ڏانھن رواني ٿي، جتي سندس جھوپڙي ھئي اڃان جھوپڙيءَ وٽ مس پھتي ھئي تھ ھيٺ گھٽيءَ ۾ ميونسپالٽي جي لاريءَ جو ھارن وڳو. لاري ھميشھ صبح جو چئن ۽ پنجين بچي ايندي ھئي ۽ شيلا جو پيءُ لاري مان ٽوڪريون ۽ ڪوڏر کڻي ايندو ھو ۽ گھٽيءَ مان گند ڪچرو ڀري وڃي لاريءَ ۾ وجھندو ھو. ڪيترا ڀيرا ھارن وڄائڻ کان پوءِ جڏھن شيلا جو پيءُ نھ ويو تڏھن لاري مان لالٽين کڻي ھڪ ڀنگي آيو، ڀنگيءَ کي ڏسندي ئي شيلا ھڪ ڪنڊ پاسي لڪي بيٺي، ڀنگي اندر جھوپڙي ۾ وڃي ترت موٽي آيو ۽ تڪڙو تڪڙو لاري وٽ ويو ۽ ڊرائيور کي ڪجھھ چئي ٻيا ڀنگي پاڻ سان وٺي آيو. سڀني گڏجي تڏي سوڌو پڻس کي کڻي لاريءَ ۾ وڌو. ڀنگي جي شيلا اونده ۾ لڪيو بيٺي ھئي اتان چوندا ويا، ”ويچارو پرلوڪ سڌاري ويو.... ڇوڪري شايد ڊپ کان ڪٿي ھلي وئي ھجي..... سڀاڻي کان ناٿي کي ھتي ڪم لاءِ مقرر ڪرڻ گھرجي.

انھن جي وڃڻ کان پوءِ شيلا ٻاھر نڪتي ۽ اندر جھوپڙيءَ ۾ جتي پيءُ کي ڇڏي وئي ھئي اکين ۾ پاڻي آڻي چوڻ لڳي، ”بابا! آئون پورنما آھيان! اونچي طبقي وارن ماڻھن ھاڻي مون کي پنھنجي برادري ۾ شامل ڪيو آھي، بابا آئون انھن کان تنھنجو ۽ منھنجي بي عزتيءَ جو سخت بدلو وٺندس.“

ايترو چئي شيلا ڪيتري دير تائين روئندي رھي، نيٺ ڏٺائين تھ سج اڀري ويندو، تنھنڪري اتان ھلي وئي.

۽ پوءِ شيلا چڪلي ۾ داخل ٿي وئي ۽ ھڪ قابل استاد جي ھٿ ھيٺ موسيقي ۾ ماھر ٿي ۽ بھترين ڳائڻي بڻجي پئي، ھاڻي ھوءَ پورنما جي نالي سان مشھور ٿي وئي ۽ لاھور پھتي، سڄي لاھور ۾ ھن جي ڳائڻ جي ڌوم مچي وئي. شادين ۽ پارٽين ۾ پورنما جي راڳ کان سواءِ ماڻھن کي مزو ايندو ئي ڪين ھو، نيٺ فلم ڪمپنيءَ ۾ فلم ائڪٽرس ٿي وئي، ھاڻي ھوءَ ٿڌي سڙڪ تي عاليشان بنگو وٺي رھڻ لڳي، جتي آس پاس وڏن وڏن ماڻھن ۽ پئسي وارن جا بنگلا ھئا، ائڪٽرس بڻي ھن کي چار سال ٿيا ھئا ۽ پورنما انھن چئن سالن ۾ زماني جو چڱو تجربو پرايو. موسيقيءَ کان سواءِ لکڻ پڙھڻ بھ سکي وئي ھئي ۽ انگريزي تعليم بھ حاصل ڪئي ھيائين، چڱا ڪپڙا پائيندي ھئي، مھذب ھئي ۽ سڀ ڪنھن سان اخلاق سان پيش ايندي ھئي، جيڪو وٽس ايندو ھو تنھن جو چڱو آڌر ڀاءُ ڪندي ھئي. فلم ائڪٽرس ھجڻ جي حيثيت ۾ سندس نامعلوم چاھڻ وارن جا ھزارين خط کيس ايندا ھئا، جن جو جواب سندس منشي ڏيندو ھو، ھر ھڪ خط ۾ مانحن کي پنھنجو فوٽو بھ روانو ڪندي ھئي.

ھڪڙي ڏينھن جي ڳالھھ آھي تھ ھڪ نوجوان جو خط حيدرآباد کان پورنما وٽ آيو، جنھن ۾ چنديراماڻي گھٽيءَ جو پتو لکيل ھو، خط پڙھي ھوءَ ڏاڍي حيران ٿي، پر ان خط جو جواب ڏاڍي چالاڪيءَ سان ڏنائين ۽ ھن نوجوان کان سندس فوٽو بھ گھرايائين، فوٽو آيو تھ پورنما سڃاڻي ورتو تھ ھي فوٽو انھيءَ نوجوان جو آھي پنھنجي گھر جي دريءَ مان گپ ۾ رھڻ واري شيلا ۽ ان جي پيءُ تي مھرباني ڪندو ھو.

خط ۾ جيڪو ڏس پتو ڏنل ھو تنھن کان پورنما چڱي طرح واقف ھئي، ڇاڪاڻ تھ انھيءَ گھر ۾......

پورنما جي جواب ملڻ تي ھن نوجوان ۾ ايتري ھمت ٿي جو ھفتي کن اندر ھو سنڀري اچي پورنما  وٽ پھتو.

جڏھن ھن سان ملاقات ٿيس تھ ھن کي ڏسي حيران رھجي ويو، پورنما تھ تمام گھڻي  لاپرواھيءَ سان انگريزيءَ ۾ ڳالھائيندي پڇيو ”ڇو؟ اوھان مون کي ڏسي وائڙا ڇو ٿيا آھيو؟“

ھن وري پورنما کي پيرن کان وٺي چوٽيءَ تائين ڏٺو..... ڪيترا ڀيرا ائين ڏٺائين پر خبر نھ آھي تھ ڇو ھو پورنما جي سوال جو جواب ڏيئي نھ سگھيو. رڳو ايترو چيائين تھ ڪجھھ نھ آھي.

پورنما ھن کي پنھنجي بنگلي تي ئي ترسايو، چئن مھينن کان پوءِ ھن کي معلوم ٿيو تھ ھو پنج ھزار روپيا جيڪي گھران نڪتو ھو ۽ انھن مان گھڻو حصو جنھن پورنما کي تحفن پيش ڪرڻ ۾ خرچ ٿي چڪو ھو.

ھڪ رات چانڊوڪيءَ ۾ جھانگير جي مقبري جي طرف گھمڻ لاءِ ويا ۽ پوئين باغ ۾ ھٿ ۾ ھٿ ڏيئي گھمي رھيا ھئا تھ نوجوان پڇيو، پورنما! تون ھتي ڪيترن ڏينھن کان آھين؟

پورنما: گھڻي عرصي کان وٺي.

جوان: انھيءَ حالت ۾؟

پورنما: ھا!

نوجوان: اچڻ وڃڻ وارن جي انھيءَ طرح پيھھ لڳي پئي ھوندي آھي؟

پورنما: ھا!

نوجوان: پوءِ اھڙي حالت ۾ پوترتا ڪيئن رھي سگھي ٿي.

پورنما ٿوري سخت لھجي ۾ جواب ڏنو ”رھي سگھي ٿي  پر جيڪڏھن تو جھڙا يا توھان جا بزرگ رھڻ ڏين، اسين ڪنھن جي در تي نٿا وڃون، اوھين ٿا ھتي اچو.“

پورنما ڏٺو تھ ھو شرم ۾ ٻڏي ويو، پورنما ھن کي پھرين ٻي نظر سان ڏسندي ھئي، پر واقعن ھن کي ٻيو طريقو اختيار ڪرڻ تي مجبور ڪيو. جيتوڻيڪ ھن ٻالي ڀولي نوجوان جي لاءِ ھن جي دل ۾ جڳھھ ھئي پر ھو معصوم پروانو ھڪ اھڙي شمع وٽ ڇو آيو ھو، جا ڪيترن طوفانن لڳڻ جي ڪري بھ وسامجي ڪين وئي ھئي، پر جنھن جي لاٽ ۾ ايتري تيزي ۽ ڪشش ٿي وئي ھئي جو پروانن کي پاڻ ڏانھن ڇڪيو، انھن جا کنڀ ساڙيو ٿي ڇڏيائين.

پورنما کي اھو ڏينھن ياد ھو جڏھن ھن پنھنجو قيمتي خزانو، پنھنجي پيءُ جي موت واريءَ رات وڃائي بدلي وٺڻ جو قسم کاڌو ھو.

نوجوان انھيءَ شخص جو اولاد ھو جنھن سندس غربت، مجبوري ۽ پوڙائيءَ جو ناجائز فائدو وٺي سندس قيمتي خزانو لٽيو ھو، جو پوءِ وري موٽي ملڻ ممڪن ئي نھ ھو.

نوجوان: پورنما آئون موٽي حيدرآباد وڃڻ ٿو گھران.

پورنما: ڇو؟

نوجوان: منھنجي پيءُ جي طبيعت خراب آھي.

پورنما: ڇا جي ڪري.

نوجوان: پورنما! ماتا جي گذاري وڃڻ کان پوءِ، پنھنجو غم مٽائڻ لاءِ پتا کي شراب پيئڻ جي عادت ٿي پئي ۽ گھڻو شراب واپرائڻ جي ڪري جيرو خراب ٿي پيو اٿس.

پورنما: توھان جي ماتا جي مرتئي کان پوءِ ھو شراب سان پنھنجو غم مٽائيندو ھو؟

نوجوان: ھا!

پورنما: اڇا خوب!

نوجوان: آئون ھن جي ڏاڍي عزت ڪندو آھيان.

پورنما: ضرور ڪرڻ گھرجي.

نوجوان: آئون جلدي موٽي ايندس.

پورنما ڏٺو تھ موقعو ڏاڍو سٺو آھي تنھنڪري ان کي ھٿ مان وڃائڻ نھ گھرجي، متان ھڪ ڀيرو پڃري ۾ ڦاٿل پکي اڏامي وڃڻ کان پوءِ شايد وري ساڳئي پڃري ۾ موٽي نھ اچي، تنھنڪري چيائين، ”توھان چيو ھو تھ مون کان ڌار نھ ٿيندوئ، جدائي برداشت نھ ڪري سگھندوئ، مون اوھان جي دلبي تي ڀروسو ڪيو ھو ۽ دل ۾ ان جو احساس بھ پيدا ٿي پيو ھو پر اھڙي مجبوريءَ  جي حالت ۾ اوھان کي روڪڻ منھنجي وڏيل ڀل ٿيندي.“

نوجوان ھمت کان ڪم وٺندي چيو، ”پوءِ ڇو نھ تون بھ مون سان گڏي ھلين.“

پورنما: آئون تيار آھيان، پر اھڙي طرح نھ ھلي سگھندس جو ماڻھو مون کي اوھان جي سريت سمجھن.

نوجوان اھو ٻڌندي ڏاڍو کليو ۽ چوڻ لڳو ”پورنما! ڇا جيڪي تون چئي رھي آھين سو سچ آھي؟“

پورنما ھا! بلڪل سچ  آھي.

نوجوان: ڇا آئون اھڙو ڀاڳ وارو آھيان.

پورنما جوان ڏانھن محبت جي نظرن سان ڏسڻ لڳي ھن جو مطلب ئي جوان کي پاڻ ڏانھن ڇڪڻ جو ھو ۽ ھوءَ ڪامياب ٿي وئي، ٻئي ڏينھن ٻئي ڄڻا سول شادي مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ ڪرائي، قانوني طرح ھڪ ٻئي جا ٿي ويا. پورنما جي دل ۾ جيڪي بدلي جي باھھ عرصي کان لڪل ھئي، سو پوري ٿي ۽ ھن کي ايتري خوشي ٿي جنھن جو بيان ٿي نٿو سگھي.

ٻئي ڏينھن نوجوان ۽ پورنما حيدرآباد روانا ٿي ويا، حيدرآباد پھچڻ شرط پورنما کي پراڻيون ڳالھيون  ياد اچڻ لڳيون، پر ھن ھمت کان ڪم وٺندي انھن خيال کي دٻائڻ  جي ڪوشش ڪئي ۽ پنھنجي طبيعت تي ضابطو رکيو.

چنديراماڻي گھٽيءَ ۾ پھچي سيٺ مولچند جي جاءِ تي آيا، پورنما کي اھو ڪمرو مليو ھو، جتي ھن سيٺ صاحب سان گڏ شراب پيتو ھو نوجوان پنھنجي زال پورنما کي ڇڏي، پنھنجي پيءُ سيٺ مولچند کي ڏسڻ لاءِ ويو. ايتري ۾ پورنما مالڪياڻي جي حيثيت ۾ نوڪرن چاڪرن کي حڪم ڏيڻ شروع ڪيو.

ھن سنان پاڻي کان فارغ ٿي نيرن ڪئي ۽ سٺو وڳ ۽ زيور پائي، پاڻ کي خوبصورت بنائي تيار ٿي ويٺي نوجوان بھ پنھنجي پيءُ کان واندو ٿي موٽي آيو ۽ چوڻ لڳو، پورنما! توکي ھن زنان خاني ۾ تڪليف تھ ضرور محسوس ٿيندي ھوندي، ڇاڪاڻ تھ تون کليل بنگلن ۾ رھڻ تي ھريل آھين.“

پورنما: جي نھ!  زنان خاني جو جيون بھ بخت وارن کي نصيب ٿو ٿئي، آئون اھڙي حياتي جو قدر ڄاڻان ٿي.

نوجوان: خوشيءَ جي ڳالھھ آھي.

پورنما: ھاڻ سيٺ صاحب جو ڇا حال آھي.

نوجوان: ڊاڪٽر چون ٿا تھ جيري ۽ ڦڦڙن تي سوڄ ٿي پئي آھي، ھاڻي تون ڪجھھ آرام ڪر، مسافري ڪري ٿڪ ھوندئي.

پورنما: پر مان سيٺ صاحب جو درشن ڪي سندن چرن ڇھڻ گھران ٿي.

اھي اکر ڪڍڻ لاءِ وڏي ھمت جي ضرورت ھئي، پر ھاڻي پورنما ۾ اڳي کان وڌيڪ ھمت اچي وئي ھئي، پھرين ھوءَ ڊڄڻي ھئي، ڇاڪاڻ تھ ھن جي من ۾ ڊپ ھو. ھاڻي ھن ۾ ھمت اچي وئي ھئي ڇاڪاڻ تھ دنيا جي لچاين ۽ سياه ڪارين کي خوب سمجھي وئي ھئي، جنھن شيءِ جو راز معلوم ٿي ويندو آھي تھ ان جو خوف بھ نڪري ويندو آھي.

ٿوري دير کان پوءِ پورنما سيٺ صاحب جي ڪمري ۾ داخل ٿي، جو مڪان جي مرداني ڀاڱي ۾ ھو، نوجوان لاھور مان ئي پنھنجي پيءُ کي شادي ڪرڻ جو اطلاع موڪليو ھو. سيٺ صاحب جھڙو رنگيلو ماڻھو پٽ جي اھڙي روش تي اعتراض ڪين ٿي وٺي سگھيو، وري گھر پھچندي بھ نوجوان پتا کي اڳواٽ چتاءُ ڪيو ڪين تھ زال کي وٺي آيو آھي ۽ کيس ٻڌايو ھيائين تھ ھو ھڪ مشھور فلم ائڪٽرس کان شادي ڪري وٺي آيو آھي.

پورنما سيٺ وٽ پھچڻ کان اڳي ساڙھيءَ جي پلاند سان منھن ڍڪي وئي ھئي، ڇاڪاڻ تھ سيٺ جو خاص نوڪر ھن کي سڃاڻندو ھو.

ڪمري گھڙندي شرط پورنما جي نوجوان مڙس پنھنجي پيءُ کي چيو، ”پتاجي! ھيءَ منھنجي پتني آھي، جنھن بابت مون اوھان کي لاھور کان لکيو ھو، ھي اوھان کي نمسڪار ڪرڻ لاءِ آئي آھي.“

پورنما ٿوري وقت لاءِ ڍونگ رچائيندي چيو، ”پائي لاڳون پتاجي!“

سيٺ صاحب پاسو ورائيندي ۽ سور کان ڪنجھندي جواب ڏنو، ”سکي رھو پتري.“

”سيٺ جي نظر اڃان پنھنجي ننھن تي نھ پئي ھئي، ايتري ۾ پورنما بھ سيٽجي بيٺي ۽ ساڙھيءَ جو پلاند پنھنجي منھن تان ھٽائيندي نفرت جي نظر سان سيٺ جي طرف ڏسڻ لڳي، ھاڻي سيٺ  جي نظر بھ پورنما تي پئي، ڏسندي ئي ھن جي چھري جي عجيب حالت ٿي پئي، نراڙ تي پگھر جا ڦڙا نڪري آيس، شرم ۾ ٻڏي ويو، سڄو ڏيل ڏڪڻ لڳس ۽ حيراني کان وات پٽيل رھجي ويس، پورنما نھايت نرم آواز ۾ ۽ چھري جو رنگ بدلائيندي وري ھٿ جوڙي پرنام ڪيو ۽ چوڻ لڳي ”پتاجي! اوھان جي طبيعت ڪيئن آھي.“

سيٺ صاحب جواب نھ ڏنو پر پورنما وري چيو ”اوھين ڳالھائڻ جي تڪليف نھ ڪريو ممڪن آھي تھ ان جو خراب اثر اوھان جي تندرستي تي پوي، اوھين آرام ڪريو تھ جلد ٺيڪ ٿي ويندا، ڀڳوان ڪري اوھان جي ڇانو اسان تي قائم ھجي.“

سيٺ صاحب سڀني کي ڪمري مان وڃڻ جو اشارو ڪيو.

پورنما زنان خاني ۾ موٽي آئي، الائجي ھن جي دل ۾ ايتري خوشي ڇو ھئي ھن افسوس ظاھر ڪرڻ ٿي گھريو پر ھن جي دل گھريو ٿي تھ کلان، ھن روئڻ ٿي گھريو، پر ھن جي دل مرضي ھئي تھ ڳائڻ گھرجي.

ڪجھھ دير کان پوءِ ھن جو مڙس ڪمري ۾آيو ۽ چوڻ لڳو: ”پتاجيءَ جي حالت ڪجھھ خراب معلوم پئي ٿئي، ھو پٿر وانگر بت بڻيو بستري تي پيو آھي.“

پورنما: اھا حالت ڪڏھن کان ٿي اٿس؟

مڙس: جڏھن کان تون اتان ٿي آئي آھين.

پورنما: سمجھيم مون کي ڏسي شايد ھن کي پنھنجي استري ياد آئي ھوندي، ڪنھن ڪنھن مھل ائين ٿيندو آھي.

مڙس: (تعجب ۾) شايد!

پورنما: شايد نھ پر ضرور، ڇاڪاڻ تھ جنھن ڪمري ۾ ھاڻ آئون رھان ٿي تنھن ۾ تنھنجي ماءُ يعني ھن جي استري رھندي ھئي، سچ آھي انسان پنھنجو زمانو وساريندو ڪين آھي.

پورنما جون عجيب ڳالھيون شايد ھن جي مڙس کي نھ وڻيون يا دلچسپ نھ ھيون، تنھنڪري ھو اتان اٿي ٻاھر ھليو ويو، ڏينھن اھڙي طرح گذري ويو، سانجھيءَ جو پورنما پنھنجي مڙس کي چيو ”اڄ سڄو ڏينھن اوھان پتا جي بيماريءَ کان گھڻي اچ وڃ ڪئي آھي، ٻھ گھڙيون کن آرام ڪيو تھ آئون ٿي سيٺ صاحب وٽ ويھان، نيٺ تھ آئون ھن جي ننھن آھيان، منھنجو بھ تھ فرض آھي تھ ھن جي ٽھل ڪريان.“

پورنما جي چوڻ تي ھن جو مڙس پلنگ تي ليٽي پيو ۽ ھوءَ شال ڪلھن تي وجھي پنھنجي ٿيلھيءَ مان ڪا شيءِ ڪڍي سيٺ جي ڪمري ۾ اندر لنگھي وئي سيٺ جي ھن ڏانھن پٺ ھئي، تنھنڪري پورنما آھستي سان ڪمري جو دروازو بند ڪيو، دروازي بند ڪرڻ تي اونده ٿي، تنھنڪري بجلي بتي ٻاري ھڪ ڪرسيءَ تي ويھي رھي، بتي ٻرڻ شرط سيٺ محسوس ڪيو تھ ڪمري ۾ ڪو آھي، تنھنڪري پاسو ڦيرائي چيائينس، ”ڪير آھي؟ پٽ تون آھين ڇا؟“

پورنما: جي نھ! مان آھيان، توھان جي پتر جي استري پورنما.

سيٺ: تون ڇو آئي آھين..... تون وڃ.... آئون مري رھيو آھيان..... منھنجي پٽ کي سڏي اچ.....

پورنما: سيٺ صاحب! شايد اھي ساڳيا اکر منھنجي ٻڍڙي ۽ غريب پتا بھ سخت سرديءَ جي تڪليف کان ھڪ اونداھي رات جو چيا ھئا.... پر ان کي ٻڌو اڻٻڌو ڪري ڇڏيو ويو ھو، بلڪھ ھن نرٻل مرڻينگ منش جي اٻلا پتري جو ستيل ۽ ست ڌوڪي سان ۽ نھايت بيدرديءَ سان لٽيو ويو. اھو تھ اوھان کي برابر ياد ھوندو. شايد مرڻ ڪنڌيءَ تي انسان جي منھن مان پويان اکر اھي ئي نڪرندا آھن، جي ھاڻي اڳواڻو اوھان ڪڍيا، يا منھنجي سرڳواسي پتا ڪڍيا ھوندا. نيٺ ٻئي ھٿ جوڙي پورنما جي طرف وينتيءَ سان ڏسڻ لڳو. شايد ھو اشاري سان ھي چئي رھيو ھو، ”بس بس پورنما! مون کي معاف ڪر! ھاڻي انھن ڳالھين تي پردو ڍڪيل ھجي تھ چڱو.“

پر پورنما  کي پنھنجو پورو وير وٺڻو ھو، تنھن ھڪ ريشم جي ساڙھي ڪڍي ڏيکاري، سيٺ کي چيائين، ”سڃاڻو ٿا ھيءَ ساڙھي ڪنھن جي آھي؟ ھيءَ اھا ساڙھي آھي جا توھان مون کي سنان ڪرائڻ کان پوءِ ڏني ھئي، جنھن ۾ مون ڏکويل جي ست جي خون جا ٽڪا اڃا لڳل آھن ۽ اھي داغ ڏينھن قيامت تائين نھ مٽبا. ڏسو ڪھڙي نھ سھڻي ساڙھي آھي، شايد اوھان جي پھرين استريءَ جي اھي، نھ تھ ايترو جلد انھيءَ ڏينھن ڪٿان ھٿ اچي سگھي ھا.“

پورنما  کي معلوم ٿيو تھ گناھ ھن سرزمين تي اگھاڙو ٿي، نھ رڳو نچندو آھي بلڪھ ھن جو بي حس اڻ چرندڙ ڪٺل بھ ھڪ ڳٺڙي ٿي ڏينھن جي روشني ۾ دنيا جي نگاھن جي سامھون اچي وڃي ٿو.

سيٺ صاحب کي ڏاڍي بيچيني پيدا ٿي ۽ ھو پاسا بدلائڻ لڳو، ھن جو ساھھ تڪڙو تڪڙو اچڻ وڃڻ لڳو، پورنما جلدي سان ڪمري جون بتيون وسائي ڇڏيون ۽ ساڙھي تڪڙي تڪڙي ويڙھي ڪمري کان ٻاھر نڪري آئي، سيٺ جو اھو نوڪر جنھن پورنما کي کڻائي اندر آندو ھو، سو منھن ۾ گڏيس ۽ ھن کي سڃاڻي وائڙو ٿي ويو ۽ گھٻرائڻ لڳو، تنھن تي پورنما مشڪندي چيس، ”ايترو گھٻرائين ڇو ٿو؟ پنھنجي ننڍي سيٺ کي منھنجي طرفان نياپو ڏجانءِ تھ آئون اھائي ڇوڪري آھيان جنھن کي ھن گھر جي دريءَ مان ھو مانيون اڇلائي ڏيندو ھو، ھن کي اھو بھ چئجانءِ تھ پورنما ھن جي استري بھ ھئي تھ ھن جي  ماءُ بھ، ايترو چئجائينس تھ آئون ھن سان پريم ڪندي ھيس، پر جيڪي ڪي ٿي گذريو آھي، ان سارو اسان ٻنھي لاءِ اھوئي بھتر ٿيندو تھ ھاڻ نھ گڏجون.

پورنما ايترو چئي وڃڻ تي ھئي تھ سندس مڙس، جو دروازي وٽ بيٺو ھو ۽ پورنما جي نوڪر سان سڄي گفتگو ٻڌي رھيو ھو، تنھن آواز ڏيئي پورنما کي چيو تھ ھوءَ نھ وڃي، پورنما ٿورو ترسي پئي تھ ايتري ۾ سيٺ جي ڪمري مان ھڪ آواز آيو، نوڪر ۽ پورنما جو مڙس ڊوڙندا اندر ويا، پورنما دريءَ مان ڏٺو تھ سيٺ پنھنجي پٽ کي روئي چئي رھيو ھو، ”پتر مون وڏو پاپ ڪيو آھي، پورنما جي سيل ست ٻوڙڻ جو گناھھ مون کان ٿيو آھي.“

پورنما ايترو ٻڌندي ئي وڌيڪ ترست مناسب نھ سمجھيو، جيئن ھوءَ گھٽين مان لنگھي دڪين ڏانھن وڃڻ لڳي تھ ھن پنھنجي مڙس جو روڄ ۽ راڙو ٻڌو ۽ سمجھيائين تھ سيٺ پرلوڪ سڌاري ويو. پورنما اتان نڪري پنھنجي پراڻي جھوپڙي ڏسندي، جتي ننڍي کان وڏي ٿي ھئي، ھيٺ لھي وئي ۽ سڌو پنھنجي موسيقيءَ جي استاد جي گھر پھتي، پورنما خيال ڪيو تھ جڏھن ھو سيٺ صاحب جي ھوس جو شڪار ٿي بلڪل ڪري چڪي ھئي تھ ٻي واھھ نھ ڏسي چڪلي ۾ داخل ٿي ھئي تھ ھن شخص مٿس ھٿ رکيو ھو، جو موسيقي جي ماھر ٿي لاھور پھتي ھئي. ھاڻي جڏھن ھتي آئي تھ ھن جي خيال ڪشش ڪيس، رات استاد جي گھر ٽڪي. صبح جو جيئن پاڻ ۽ سندس استاد جي کڏ تي بيٺا ھئا، تھ ٻھ ڪائيون رستي تي وڃي  رھيون ھيون، نوڪر جي اچڻ تي معلوم ٿيو تھ چنديراماڻي گھٽي جو سيٺ مولچند آفريڪا وارو رات گذاري ويو. تنھنجي ڪائي وڃي رھي آھي، تنھن تان استاد پڇيس، تھ ٻي ڪائي ڪنھن جي آھي تھ چيائين غضب ٿي ويو جو سيٺ جي مرڻ کان يڪدم پوءِ سندس ھڪڙو پٽ بھ ان وقت اوچتو مري ويو. ڊاڪٽر ٻڌايو تھ دل جي حرڪت بيھي وئي ھيس، اھو ٻڌندي ئي پورنما جي وات مان رڙ نڪتي ۽ مورڇا ٿي ڪري پئي، ھوش ۾ اچڻ کان پوءِ ھو پاگل ٿي پئي، ۽ پوءِ ھت گدوءَ جي اسپتال ۾ داخل ڪئي وئي.

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com