بدنصيب راڌا
پنجين سنڌي ادبي ڪانفرنس مان سال
1944ع
۾ جڏھن لاڙڪاڻي وڃڻو ٿيو تھ اتي ويرومل وڪيل سان
ملاقات ڪرڻ جو شرف حاصل ٿيو، وڪيل صاحب ڏاڍو يار
ويس ۽ ادب دوست انسان ھو، شام جو چانھھ وڪيل صاحب
وٽ پيتي سين.
نھايت
پرتڪلف دعوت ھئي، چانھھ کان پوءِ وڪيل صاحب
پنھنجي ڀاڻيجي گورڌن جي بيماريءَ جو ذڪر ڪيو تھ
ٿورا مھينا ٿيا آھن، جو ھن جو دماغ خراب ٿي پيو
آھي، گورڌن ھن جي وڌوا ڀيڻ جو ھڪڙو ئي پٽ ھو، مون
وڪيل صاحب سان ڪانفرنس پوري ٿيڻ کان پوءِ، ٻئي
ڏينھن صبح جو گورڌن کي تپاسڻ جو وعدو ڪيو، صبح جو
کيس تپاس ڪندي معلوم ٿيو تھ ھو ھميشھ ماٺ ۾ رھي
ٿو، نھ ڪنھن سان ڳالھائي ٿو تھ ٻولائي ٿو. ماني
کيس ڏجي ٿي تھ کائي ٿو نھ تھ گھر ڪري اصل ڪين ٿو
وٺي. ماني کائڻ کان اڳي ۽ ماني کائڻ کان پوءِ ھٿ
ڌوئڻ تي تمام گھڻو وقت لڳائي. ٿو، اتي مون کي شڪ
پيو تھ سندس حياتي ۾ ڪو اھڙو واقعو ٿي گذريو آھي،
جنھن کي ھن لاشعور ۾ اڇلائي وڌو آھي ۽ ھاڻي ظاھر
انھيءَ گناھ کي صفا ڪرڻ لاءِ ھٿ ڌوئڻ ۾ ايترو وقت
لڳائي ٿو. مون وڪيل صاحب کان بيمار جو سمورو
احوال پڇي پوءِ کيس صلاح ڏني تھ اسپتال ۾ داخل
ڪرائي تھ اميد آھي تھ ترت علاج ٿيڻ جي ڪري کيس
فائدو ٿي پوي. وڪيل صاحب منھنجي صلاح وٺي، کيس ترت
اسپتال ۾ داخل ڪرايو. ٻن ھفتن جي مسلسل علاج مان
کيس گھڻو فائدو ٿيو ۽ ٿوري نفسياتي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ تي
جيڪو واقعو ظاھر ٿيو سو گورڌن جي پنھنجي زبان ۾
پيش ڪريان ٿو، گورڌن تعليم يافتھ ھو ۽ ادبيات سان
نھايت گھري دلچسپي رکندو ھو.
ڊاڪٽر صاحب ٽن ورھين جي ڳالھھ آھي، پر ائين پيو
ڀانيان ڄڻ تھ ڪو ڪالھھ اھو واقعو پيش آيو آھي،
حياءَ ۽ شرم کان ٻڏيو ٿو وڃان ۽ پگھر ۾ ٿيو پوان.
جيون جي ڪنھن منحوس گھڙيءَ ۾ پرش کان ڪا اھڙي ڀل
ٿيو پوي، جو جيءُ گھرندو آھي تھ انھيءَ جي پڇتاءَ
۾سڄار روئندي رھي. آئون جو چريو ٿي پيس تھ منھنجي
اھا سزا ھئي، ان جي اھائي پراسچت ٿي سگھي ٿي.
آئون جنھن آڪھھ جو سپوت آھيان، اوھان کان ڳجھو
ڪونھي، جيتوڻيڪ پتا ننڍپڻ ۾ وفات ڪري ويو، پر مامي
اسان تي ديا جي نظر رکي، مون کي پالي وڏو ڪيو ۽
پوءِ وڍيا ڏياري انھيءَدرجي تي پھچايو، ايم، اي
ڪيم ۽ ھڪ ڪاليج جو پروفيسر ھوس.
گرميءَ جي مند ۾ مامي جو دستور ھوندو ھو تھ ڪوئٽيا
ھليو ويندو ھو. پر مون کي ڪڏھن بھ نھ وساريندو ھو،
ھميشھ لکي موڪليندو ھو تھ ڪاليج بند ٿيڻ شرط
ڪوئٽيا پھچي وچان، گرميءَ جي موڪلن ۾ ڪاليج بھ ٻھ
مھينا کن بند رھندو ھو. تنھنڪري آئون بھ ھتي پھچي
ويندو ھوس، مامي جو پنھنجو بنگلو ھو، شنڊيمن روڊ
تي رستي جي ٻنھي پاسن کان بنگلن جي ھڪ ٻئي پٺيان
قطار لڳل ھوندي ھئي، بنگلن ۽ سڙڪ جي وچ ۾ وري وڻ
ئي وڻ لڳا پيا ھوندا ھئا، پري کان جبل بيٺا ھئا.
جن تي ساوڪ عجيب نظارو لڳايو بيٺي ھئي، قدرت جو ڇا
بيان ڪجي، ڏاڍي فراخ دلي ٿي وئي ھئي، جڏانھن کڻي
نھار تھ نظارا نظر پيا ايندا ھئا، جبلن تان وھندڙ
پاڻي، عجيب ۾ رم جھم لڳايو بيٺو ھوندو ھو. اھي
نظارا منھنجي طبيعت ۾ ڏاڍي فرحت پيدا ڪندڙ ھئا.
بنگلي جي اندر باغ ۾ قسمين قسمين گل، ديسي توڙي
ولائتي، عجب بھاري لڳايو بيٺا ھوندا ھئا. آئون
نظاري کان ڏاڍو لطف اندوز ٿيندو ھوس ۽ گھڻو ڪري
صبح جو پوڄا پاٽ ڪري، واندو ٿي سويري اچي باغ ۾
گھمندو ھوس ۽ گلن جو واس وٺي طبيعت کي خوش ڪندو
ھوس، مامي جي بنگلي جي سامھون سڙڪ جي ٻئي پاسي ھڪ
سيٺ جو عاليشان بنگلو ھو. گھوڙا گاڏيون، ٽانگو،
موٽر نوڪر چاڪر سڀ ڪجھھ ھئا. ھي ھڪ مارواڙيءَ سيٺ
جو بنگلو ھو. سيٺ ايترو پڙھيل نھ ھو، پر انگريزي
فيشن جو پوڄاري معلوم ٿي ٿيو، ڇاڪاڻ تھ ھن جا نوڪر
چاڪر سڀ وردي پھريل ھوندا ھئا، ۽ سندس کائڻ وغيره
جو نمونو سڀ انگريزي رنگ ڍنگ جو ھو. ھر وقت بنگلي
مان ھارمونيم، پيانو ۽ گاني جا آواز پيا ٻڌبا ھئا،
مطلب تھ ھن بنگلي جو سڄو وايو منڊل مون کي پراسرار
معلوم ٿي ٿيو. جڏھن بھ ھن بنگلي جي دروازي وٽان
لگھندو ھوس تھ مون کي ائين پيو محسوس ٿيندو ھو تھ
ڪو منھنجي چرپر کي جاچي رھيو آھي. نوڪر وغيره پاڻ
۾ سس پس ڪندا نظر ايندا ھئا، ائين پيو معلوم ٿيندو
ھو تھ ڪو غيرمعمولي واقعو ٿي گذريو آھي. ھڪ ڏينھن
صبح جو آئون ۾ ويٺي گلن جو واس وٺي رھيو ھوس ۽
رنگارنگي پوپٽن کي گلن جي ٻوٽڻ ۾ اڏامندو ڏسي جاچي
رھيو ھوس تھ منھنجي نظر اوچتو سامھون سيٺ واري
بنگلي جي باغ تي پئي.
ڏٺم تھ ھڪ خوبصورت عورت مون ڏانھن نھاري مشڪي رھي
آھي. پھريائين مون ڪو ڌيان ن ڏنو، پر پوءِ ڏٺم تھ
ھر ھر ھوءَ منھنجي طرف ئي ڏسي مشڪي رھي آھي، آئون
ڊڄي ۽ يڪدم پنھنجي بنگلي ۾ اندر ھليو ويس. ٻھ ٽي
ڏينھن سانده اھو تماشو ٿيندو رھيو، رات جو انھيءَ
ڳالھھ تي ويچار ڪندو رھيس، اھا خوبصورت زال مون
کان اوستا ۾ گھڻو وڏي نظر ٿي آئي. مون خيال ڪيو تھ
مبادا اھا مارواڙي سيٺ جي زال نھ ھجي، پر وڌيڪ
سوچڻ تي دل ۾ اتپن ٿيو تھ مائي مارواڙي جاتيءَ جي
نظر نٿي آئي. نيٺ دل ۾ پڪو ارادو ڪيم تھ پنھنجي ڪل
کي ٽڪو نھ لڳائيندس. منھنجي سکيا کي ڦٽڪار، جو
ايتري وديا پراپت ڪرڻ کان پوءِ بھ دل ۾ اھڙا ڪڌا
خيال ڌاريان. صبح جو سويري اٿي ٻاھر نڪرڻ جي عادت
ٿي پئي ھئي، تنھنڪري اندر ويھڻ نٿي وڻيو، لاچار
بنگلي کان ٻاھر سڙڪ تي پري پري کان گھمي ڦري نيرن
ڪرڻ لاءِ موٽي ايندو ھوس تھ ڏسڻ ۾ ايندو ھو زال
بيٺي آھي، پر آئون ڪا پرواه نھ ڪندي اندر ھليو
ويندو ھوس، چئن پنجن ڏينھن کان پوءِ ڏٺم تھ مائي
ٻاھر اچڻ از خود بند ڪري ڇڏيو. ھڪڙي ڏينھن اوچتو
نيرن ڪرڻ کان پوءِ مامي مون کي جدا ڊرائنگ روم ۾
سڏي چيو تھ گورڌن توسان ڪجھھ ڳالھائڻ گھران ٿو.
مون کي عجب لڳو ويچار ڪرڻ لڳس تھ ڪھڙي ڳالھھ
ھوندي،جو ماما پڇڻ ٿو گھري، ڇاڪاڻ تھ ويجھڙائي ۾
ڪي شڪي ڳالھيون ٿي گذريون ھيون، جن سان منھنجو ڪو
واسطو نھ ھو، نھ ڪو منھنجو ڏوھ ھو. وري خيال آيم
تھ ماما چوندو تھ گوڌرن تون سانجھيءَ جو ڪلب ڇو
نٿو ھلين؟ ھڪ ٻھ دفعو ڪلب ويو ھوس، پر مون کي ھتي
مزو ڪونھ آيو، تنھنڪري وڃڻ بند ڪري ڇڏيم. ماما روز
ڪلب ويندو ھو. ٽينس راند ڪري رات جو موٽي ايندو
ھو. آئون نويڪلائي زياده پسند ڪندڙ ھوس، منھنجو
سڀاءُ تي اھڙو آھي، تنھن کي ڪو ڇا ڪندو؟ ڊپ ھوم تھ
متان ماما زور ڀري تھ منھنجي لاءِ ڏکيو ٿي پوندو،
ڇاڪاڻ تھ آئون ماما جي ڳالھھ موٽائي نھ سگھندو
ھوس.
اھي دليل ڊوڙائيندو آئون ماما جي ڪوچ جي سامھون ھڪ
ڪرسيءَ تي ويھي رھيس، تھ ماما چيو، ”گورڌن! توکي
ايترو نويڪلائي پسند نھ ٿيڻ گھرجي تو جھڙي وديارٿي
۽ ودوان کي تھ سماج ۾ پنھنجي لاءِ جڳھھ ٺاھڻ جي
ڪوشش ڪرڻ گھرجي.“
مون وراڻيو تھ، ھائو ماما! اڃا پروفيسري جي شروعات
آھي، پگھار بھ گھٽ آھي، تنھنڪري ڪمائي جي چنتا
ٿوري گھٽجي تھ سماجي ڪمن کي بھ منھن ڏيون، اھو
ٻڌندي ئي ماما ٿورو ويچار ۾ پئجي ويو، ڪجھھ وقت
سوچڻ کان پوءِ مرڪندي چيائين، ”ٽيوشن جو ڪم ڇو نٿو
کڻين؟ ان ۾ ڪجھھ نھ ڪجھھ ھڙ ۾ پئجي ويندئي. وراڻيم
تھ ھائون منھنجو بھ ارادو آھي، اڳتي ھلي ائيندس
ڪندس.“
انھيءَ سوال تي آئون وائڙو ٿي ويس، بلڪھ گھٻرائجي
ويس، وات مان اکر ئي نھ پئي اڪليو، جيئن تيئن ڍري
آواز سان وات مان رڳو ”جي“ جو لفظ نڪتو. رھجي آئي
جو ماما منھنجي بدحواسي ۽ پريشاني پروڙي نھ سگھيو،
ھو رڳو پنھنجي ڳالھھ ڪرڻ ۾ مگن ھو، چوڻ لڳو،
”ويچارو ڏاڍو سٺو ماڻھو آھي. ڪالھھ مون کي ڪلب ۾
گڏيو ھو، چيائين ٿي تھ سندس زال سان گڏ ھن جي سالي
بھ ڳوٺان آئي آھي. انگريزي سيکارڻ لاءِ ھن کي
ڪنھن سٺي ٽيوٽر جي ضرورت آھي، تنھنڪري مون کان
صلاح ٿي گھريائين تھ ڇا ڪجي، مون ترت تنھنجي لاءِ
ھن سان ڳالھھ ٻولھھ ڪري ڇڏي آھي.
مان ماما کي ڪجھھ چئي ڪين ٿي سگھيس وري بھ منھنجي
وات مان ”جي“ جو لفط نڪتو.
ماما چوندو ويو: ”ڪلاڪ ڏيڍ رڳو پڙھائڻو پوندئي.
سيٺ تمام گھڻو شاھوڪار آھي، تنھنڪري پئسن جي ڳالھھ
نھ چوريم جو پاڻيھي چڱي رقم ڏيندو. منھنجي اڇا ھئي
تھ سيٺ سان تنھنجي ڏيٺ ٿئي تھ تنھنجو اتي اچڻ وڃڻ
ٿئي، سماج ۾پير رکڻ لاءِ پنھنجو مقام قائم ڪرڻ
لاءِ اھڙي سٻنڌ جي ڏاڍي گھرج آھي.
منھنجي واتا مان وري بھ ”جي“ جو لفظ نڪتو.
ماما وري چيو ”چڱو! اڄ شام جو سيٺ توکي ستين بجي
سڏيو آھي، سو تون پوري وقت تي وڃجانءِ.“
مان ماٺ ڪري ڪمري مان نڪري آيس، ھاڪار يا ناڪار جو
مون لاءِ سوائي ڪونھ ھو، جو ماما جو حڪم ڪنھن بھ
حالت ۾ ٽارڻ مون لاءِ ممڪن ئي نھ ھو.
شام جا ست لڳا ھئا، سيٺ جي سنگاريل ڊرائنگ روم ۾
نوڪر مون کي آڻي ويھاريو، ھن کي شايد منھنجي اچڻ
جو اڳي ئي چتاءُ ڪيو ويو ھو. آئون ڪجھھ وقت گھر جي
ڀاتين جي اچڻ جي انتظار ۾ ڊرائنگ روم ۾ ھر ھڪ پيل
شيءِ کي پنھنجي نظرن مان ڪڍي رھيو ھوس، تھ ايتري ۾
پاسي واري ڪمري کان ڳائڻ جو سريلو آواز ٻڌڻ ۾ آيو،
آواز نھايت مٺو ۽ دل ڇڪندڙ ھو. راڳ مون کي ڀانت جي
خيالن ۾ وجھي ڇڏيو، آئون ڪيتري وقت تائين خيالن جي
وھڪري ۾ وھي رھيو ھوس ۽ ايترو مگن ھوس جو ڪنھن جي
پيھي اچڻ جي پيرن جي آھٽ بھ مون کي سجاو نھ ڪيو،
تان جو ھڪ نھايت نرم ۽ سريلو آواز ٻڌڻ ۾ آيو:
آواز تي يڪدم ڇرم ڀري نھاريم تھ ڏسان تھ ھڪ قدآور
عورت منھنجي اڳيان بيٺي آھي.
آئون تڪڙو اٿي بيٺس، زال ٽھڪ ڏيئي کلي رھي ھي،
سڃاتم تھ ھيءَ اھائي عورت ھئي جا ڪيترن ڏينھن کان
صبح جو سيٺ جي بنگلي واري باغ مان مون ڏانھن نھاري
مشڪندي ھئي، سندس چھري کي غور سان ڏسڻ تي پتو پيو
تھ جيتوڻيڪ ڏيڻ جي سھڻي ھئي، مگر اوستا ۾ اڌڙ
معلوم پئي ٿي، رڳو پري کان پتو ڪونھ ٿي پيو. سندس
پٺ تي ھڪ نوجوان ڇوڪري بيٺي ھئي، ڇا بيان ڪريان،
ڄڻ ڪا سرڳ مان اپڇرا ڌرتيءَ تي لھي آئي ھئي، بس
ڏسڻ سان اسان جون اکيون چار ٿيون دل ھٿن مان
ڇڏائجي وئي. مون يڪدم تاڙي ورت تھ سيٺ صاحب جي
سالي اھائي ھوندي ۽ قدآور عورت ھن جي زال. پر آئون
ڏاڍي اچرج ۾ ھوس تھ ٻنھي جي شڪلين ۾ ڪيڏو نھ تفاوت
ھو. ھو ٻئي ڀينرون معلوم ئي ڪين ٿي ٿيون. آئون
انھيءَ سوچ ۾ ويچار ۾ ھوس تھ سيٺ جي زال ھڪ ڪوچ
تي ويھي رھي ۽ ھوءَ نوجوان ڇوڪري بھ شرمائيندي
سندس پاسي ۾ ڪوچ جي ڪنڊ وٺي ويھي رھي، سيٺ جي زال
منھجي پريشاني محسوس ڪندي کلندي، مون کي بھ ويھڻ
لاءِ چيو مان شڪريو بجا آڻيندي، ڀر واري صوفي تي
ويھي رھيس، سيٺياڻيءَ پڇيو؛ ”اوھان ئي گورڌن
آھيون....!“
منھنجون اکيون ڇوڪريءَ ۾ ھيون، ھيمشھ جي عادت
وانگر مون ”جي“ چيو.
ھن وري پڇيو ”ويرمل وڪيل جا ڀاڻيجا.“
رسمي تعارف جھڳڙي کي ختم ڪرڻ جي نيت سان مون
تڪڙو تڪڙو جواب ڏنو: ”جي ھا!“
سيٺياڻي وري ڇوڪريءَ طرف ھٿ جو اشارو ڪندي چيو،
”ھيءَ منھنجي ننڍي ڀيڻ آھي.“
اوچتو ڏٺم تھ ڇوڪري وڌيڪ پٺتي ڪوچ جي ڪنڊ ۾ سرڪندي
وئي، منھنجي نظر سيٺياڻي جي چھري تي پئي، ڏٺم تھ
سھڻي تھ ھوءَ اڳي ئي ھئي، پر سندس سڄو چھرو ڳاڙھو
ٿي ويو ۽ پوءِ آھستي آھستي جھڪو ٿيندو ويو، تان جو
سندس چھرو صفا ڦڪو ٿي ويو، پر ھن جلد پاڻ کي
سنڀالي ورتو ۽ نھايت سنجيدگي سان چوڻ لڳي، ”ھن کي
انگريزي سيکارڻ لاءِ اوھان کي تڪليف ڏني وئي آھي.“
ايتري ۾ ڏٺم تھ ھڪ پوڙھو شخص سھڻو وڳو پھريل، صحت
مند ۽ کل مک ٿي ڏٺو، اندر گھڙي آيو، سمجھيمن تھ ھي
سيٺ صاحب ھو جو انھيءَ بنگلي جو مالڪ ھو. يڪدم اٿي
بيٺس، ھن تڪڙو تڪڙو مون سان ھٿ ملائيندي ٻئي ھٿ
سان مون ڪلھي کان جھلي ڪوچ تي وھاريندي چيو، ”ڪيئن
گورڌن خوش آھيو؟ مون اوھان کي ڪلب ۾ڏٺو آھي پر
اوھين اتي گھٽ ٿا اچو.“
مون پنھنجي ھميشھ جي عادت موافق تمام سنھي آواز ۾
چيو ”جي آئون اڪيلو گذارڻ وڌيڪ پسند ڪندو آھيان.“
سيٺ صاحب مرڪندي چيو، ”سٺي عادت آھي ڏاڍي سٺي
عادت! مون کي اھا عادت وڻندي آھي، اھڙو ماڻھو مون
کي پسند آھي ڇاڪاڻ تھ ھو ڪڏھن بھ خطرناڪ نھ ھوندو
آھي، بلڪھ چئي وان.“
اھو ٻڌندي ئي جا ڇوڪري ڪوچ جي ڪنڊ ۾ موڙيو سوڙيو
ويٺي ھئي، سا ٽھڪ ڏيئي کلڻ لڳي.
سيٺ ڏمرجي سيٺياڻيءَ طرف اھڙي طرح ڏسڻ لڳو ڄڻ تھ
اکين ئي اکين ۾ ھن کي چئي رھيو ھو تھ ڇوڪريءَ کي
ائين نھ ڪرڻ کپندو ھو، پوءِ مشڪندو ڇوڪريءَ ڏانھن
مخاطب ٿي چوڻ لڳو، ”راڌا! تون تھ ڪا مورک آھين،
انھيءَ ۾ کلڻ جي ڪھڙي ڳالھھ ھئي.“
پوءِ مون کي مخاطب ٿي چوڻ لڳو، ”راڌا ڏاڍي چنچل
آھي! مون کي اميد آھي تھ انگريزي سيکارڻ سان گڏ ھن
کي ڪجھھ مريادا ۽ ادب بھ سيکاريندوئ.“
آئون اچرج ۾ ھوس ۽ منھنجي دل ۾ ڏاڍي چورا کورا ھئي
تھ ڇا ٿي رھيو آھي، عجيب قسم جو لشڪر اچي گڏ ٿيو
آھي، ھڪ پاسي اڻپڙھيل پر با تھذيب مارواڙي ڪراڙو،
تھ وري ھن کان عمر ۾ گھٽ اڌوڙت سھڻي زال، جا ھن جي
جاتيءَ جي ڪنھن بھ حالت ۾ نٿي لڳي، تھ وري چنچل پر
لڄاري خوبصورت ڇوڪري جا ھن جي ڀيڻ اصل ڪين ٿي لڳي.
منھنجو دماغ بھ چڪر ۾ ھو، مان سيٺ صاحب ۽ ھن جي
زال جي چھري جون ڦيريون گھيريون ڏسي رھيو ھوس، سيٺ
صاحب منھنجي پريشانيءَ کي تاڙيندي گفتگوءَ جو رخ
بدلائيندي چيو، ”پروفيسر صاحب، راڌا لاءِ ڪھڙي قسم
جي ڪتابن جي ضرورت پوندي؟ لسٽ لکائي ڇڏيو تھ سڀاڻي
تائين بازار مان گھرائي وٺجن ۽ اوھان پنھنجو ڪم
سڀاڻي کان شروع ڪري ڇڏيو.“
منھنجي وات مان وري بھ ”جي“ جو لفظ نڪتو، سيٺ صاحب
مشڪندي تاڙي وڄائي، نوڪر کي سڏ ڪيو، ڏٺم تھ ھڪ
خانسامان وردي پھريل، ھڪ ٽري ۾ ڪجھھ گلاس کڻي آيو
۽ ھن جي پٺيان ٻيو نوڪر بھ وردي پھريل ٻي ٽري ۾
وسڪي، اسڪواش ۽ کليل سوڍا جون ٻاٽليون آنديون ۽
ٽيون بھ ھڪ پاسي ٽري ۾ خالي پليٽون ۽ ٻئي پاسي
سئڊوچ، سمبوسا ۽ قسمين قسمين کاڌي جو سامان ۽ سڪل
ميوا آندا، خانسامان بنا چرڻ جي پھريائين مون وٽ
آيو، مون ھڪ گلاس ھٿ ۾ کڻي ليمن اسڪواش ورتي ۽
سوڍا وجھي پنھنجو گلاس ڀريو، تنھن سان سيٺ چيو،
”ڇو وسڪي نٿا وٺو؟“
مون وراڻيو ”نھ! مون کي پيئڻ جي عادت نھ آھي.“
ڏٺم تھ سيٺ ڏاڍو خوش نظر آيو، سيٺ ۽ ھن جي زال
وسڪي ورتي ۽ راڌا مون وانگر اسڪواش، آئون حيران
ھوس تھ راڌا مون کي ڏسي ائين ڪيو نھ تھ شايد يا
ھوءَ بھ پيئندي ھئي، ڇاڪاڻ تھ سيٺ جي گھر جو وايو
منڊل اھڙو ھو جو بچڻ مشڪل ٿي نظر آيو.
راڌا کي پاڙھڻ منھنجي لاءِ ڪو سولو ڪم نھ ھو، ھن
جا گھڻائي سبب ھئا، ھوءَ ڪا ٻار نھ ھئي، اٽڪل
سترھن ارڙھن سالن جي ٿي چڪي ھئي، ھن کي وڌيڪ ڪجھھ
چئي نٿي سگھيس، وري ھڪ شاھوڪار جي ڌيءَ، سختي جو
الائي ڇا نتيجو نڪري. تنھن کان سواءِ طبيعت جي
چنچل، ڳالھھ ڳالھھ تي کي مسخري، شاھوڪار ۽ وڏي
خاندان جي ھجڻ سبب نھايت بي پرواه ۽ بي فڪر
نينگري، اڄ سوڌي مون اھڙي نھ ڏٺي، سبق ياد ڪرڻ
لاءِ ڏيندو ھوس تھ ٻئي ڏينھن صفا ڪوري، ڊيل وانگر
لڏندي ايندي ۽ چوندي. ”ماستر صاحب! معاف ڪجو
منھنجي ھڪ ساھيڙي آئي ھئي ۽ ڪالھھ شام جو اسان ٻئي
سئنيما ڏسڻ ھليا وياسين، سبق يا نھ ٿي سگھيو.“
ماستر صاحب! ڏاڍو سٺو کيل ھو، چارلي چئپلن جو مون
کي چرچي جا کيل ڏاڍا وڻندا آھن، ماستر صاحب اوھين
بھ اھو کيل ضرور ڏسجو، پوءِ اتي چارليءَ جي ھلڻ جو
نقل ڪري ڏيکاريندي ھئي. آئون ھن جي اھڙين حرڪتن
کان بنھھ ڪڪ ٿي ويندو ھوس، پر ڇا ڪري ٿي سگھيس، جو
مون کي بھ پئسن جي گھرج ھئي ۽ ھيءَ ٽيوشن، وڪيشن ۾
منھنجي لاءِ غنيمت ھئي، مون کيس تاڪيد ڪيو تھ
سڀاڻي ھڪ ٽڪرو ترجمو ڪري رکي، ڇاڪاڻ تھ ھوءَ ڪجھھ
ڪجھھ انگريزي مڙيو ئي سکيل ھئي.
شروع شروع ۾ ھوءَ منھنجي لاءِ مٿي جو سور ھئي جو
جيڪي پاڙھيندو ھيومانس تنھن تي بحث ڪندي ھئي، ان
جو سبب ھي ھو تھ ھوءَ نھايت ذھين طبيعت جي ھئي.
جڏھن کيس
THROUGH
جو اچار (دو) ٻڌايم تھ چوڻ لڳي
سمجھي ويس.
THROUGH
جو اچار بھ ”ٽو“ ٿيندو تھ نھ
اھو ”ٿف“ ٿيندو تھ پڇڻ لڳي تھ اھو ڀلا ڇو؟
تھ چيم، ”انگريزي ۾ ائين ٿيندو آھي.“
وري جڏھن کيس ٻڌايم تھ
AGUE
ايگيو آھي تھ چوڻ لڳي، ”ٺيڪ
آھي تڏھن
PLAGUE
ٿيو پليگيو.
تنھن تان مون چيو ”نھ! اھو ٿيو پليگ.“
تھ ڪتاب ميز تي رکي چوڻ لڳي، ”ماستر صاحب! ھاڻي تھ
اوھان چيو ايگيو تنھن ۾ جيڪڏھن
PL
گڏبو تھ لفظ ٿيڻ گھرجي پليگيو.
ھي انگريز تھ وڏا احمق آھن، ڪا ھڪ واٽ کڻي ھلن،
جڏھن سندن زبان ۾ ئي ايتري ڦڙتي گھڙتي آھي تڏھن تھ
پاڻ بھ اھڙا آھن.“
سندس اھڙا دليل ٻڌي آئون حيران ٿي ويندو ھوس ۽ مون
وٽ جواب ئي ڪونھ ھوندو ھو تھ کيس ڪيئ سمجھايان،
سواءِ ان جي تھ انگريزي زبان ۾ ائين ٿيندو آھي،
منھنجي پريشانيءَ کي ڏسي ھن کي مزو ايندو ھو ۽
پوءِ ڪتاب ڦٽو ڪري وٺي ٽھڪ ڏيندي ھئي، مون کان بھ
رھيو ڪين ٿيندو ھو، لاچار ھن کي کلندو ڏسي مون کان
بھ کل نڪري ويندي ھئي، ھڪ ٻھ ڀيرا جڏھن ائين ٿيو
تھ مون ڏٺو تھ دروازي جي پردي پويان ڄڻ ڪو اچي
بيٺو آھي. آئون گنڀرائي سان چو ڪري ويندو ھوس ۽
سخت لھجي ۾ کيس سبق شروع ڪرڻ لاءِ چوندو ھوس.
ٻھ ٽي ھفتا راڌا کي پاڙھيندي گذري ويا، مگر ھن جي
چنچلتا گھٽي ڪانھ، چريا ڪيئن؟ ويرون وير وڌ. آئون
رات جو بستري تي سوچڻ لڳس تھ ھن ڪٽنب ۾ مڙيوئي دال
۾ ڪجھھ ڪالا آھي. سوچن لڳس تھ آئون ھڪ غريب شخص
آھيان، پئسن جي گھرج بھ اٿم، اھڙي سولي ڪمائي ڪٿان
ٿي ملي، اڄڪلھھ ڪٽورو ڏيئي، ٿو ڀت ڪٽورو وٺجي.
ڪيئن ھن ڇوڪريءَ کي قابو ڪجي، وڏي ماڻھوءَ جي ڌيءَ
ھئڻ ڪري کريل بھ ھئي، تنھنڪري کيس پريم ۽ ڀاونا
سان قابو ڪجي، جو ڪجھھ وقت پڙھي تھ منھنجي ڪمائي
جو چاڙھو ٿئي. ھونءَ تھ اجايو ويٺي ويٺي مفت ۾
مامي جي ماني پئي کاڌم، بيڪار کاڌي کان اھڙي پاڙھڻ
جي بيگار ڀلي، نيٺ ھڪ خيال آيو جنھن کي آزمائڻ جو
پھھ پچائيندي سمھي پيس، ٻئي ڏينھن جڏھن راڌا کي
پاڙھڻ لاءِ ويٺس تھ ترجمو ڪري رکڻ جي بدران ھڪ
نئين شرارت سجھي آيس.
چوڻ لڳي ”ماستر صاحب!
P.W.D
جي معنيٰ ڇا آھي.
مون چيو تھ ”پبلڪ ورڪس ڊپارٽمنٽ.“
اکيون ڦڙڪائيندي چوڻ لڳي، تھ ماستر صاحب! اوھان
کي ايترو بھ نٿو اچي، پبلڪ جو ڪم ٿيندو آھي ڪھ
پبلڪ ويسٽ ڊپارٽمنٽ آھي.
پوءِ اٿي کلڻ لڳي، ايترو کليائين جو کلي کلي کيري
ٿي پئي ۽ اوچتو اچي منھنجي ڀاڪر ۾ ڪري. رات جيڪا
ڳالھھ سوچي ھيم تنھن جو موقعو ملي ويو، يڪدم کڻي
ڀاڪر ۾ ڀڪوڙيومانس ۽ پوءِ اکيون اکين ۾ ملائي چيم،
خبر اٿئي تھ انھيءَ گھڻي کلڻ جي ڪھڙي سزا آھي.
مٿو لڏوي چيائين تھ، ”نھ.“
ڏٺم تھ ھوءَ پاڻ کي منھنجي ڀاڪر مان ڇڏائڻ جي ڪوشش
ئي نھ پئي ڪري، مون پنھنجو ڳل ھن جي ڳل تي رکي
ڇڏيو، ڏٺم تھ ھن جي بدن ۾ ڄڻ ڪا بجلي ڊوڙي وئي،
اوچتو مون کي خوف اچي ورتو تھ متان ڪو انھيءَ حالت
۾ اسان کي اچي ڏسي نھ وٺي، لڄان تان لک قربان.
زخم جو ٽڪو لھيو وڃي، پر گلا جو ٽڪو نٿو لھي، اھو
خيال ايندي ئي مون ھن کي ڇڏي ڏنو، ھوءَ ھڪ پاسي
ڪوچ تي ويھي رھي، ڏٺم تھ ڪروڌ جي بدران گد گد نظر
پئي آئي، پر ھن جي کل بند ٿي چڪي ھئي، ٿوري دير
کان پوءِ اٿي تڪڙي تڪڙي ٻئي ڪمري ھلي وئي، مون کي
اچي ڊپ کنيو، ڀانيم تھ اجھو ڪو ممڻ ٿو مچي. جھڙو
تڪڙو وئي ھئي، تھڙو تڪڙو موٽي آئي. پر ھٿن ۾
ھارمونيم ھوس، ميز تي رکي وڄائڻ ويٺي ۽ ھڪ پر سوز
غزل ڳائڻ لڳي. جنھن ڳالھھ جو ڊپ ھو، سا ٿي. ھڪ
نوڪر مون کي اچي چيو تھ، اوھان کي سيٺ صاحب ياد ٿو
ڪري، آئون ڊڄندو ڊڄندو سيٺ صاحب جي ڪمري ۾ پھتس،
جنھن خطري کي ڪيترن ڏانھن کان محسوس ڪري رھيو ھوس
سو آڏيو آيو. سيٺ صاحب ويھڻ لاءِ چيو، گورڌن تون
منھنجي ننڍي ڀاءُ جي برابر آھين، جوان آھين، چوندا
آھن تھ جواني ديواني آھي، تون ٻڌدان آھين، جيڪي
مان چئي رھيو آھيان سو سڀ ڪجھھ سمجھين پيو.
راڌا نادان آھي، پر توکي تھ ان سان گڏ بي سمجھھ نھ
ٿيڻ گھرجي تون اڌياپڪ آھين، ھڪ استاد آھين، توکي
تھ ويچار ڪرڻ کپي تھ ماڻھو ٻڌندا تھ ڇا چوندا.
سيٺ جو چوڻ صحيح ھو، ھن جي ڳالھھ معقول ھئي، آئون
شرم ۾ ٻڏي ويس مون کي سمجھھ ۾ آيو ئي ڪين ٿي تھ
مون جھڙو سمجھو بھ راڌا جي اڳيان ايندي اھڙو
بيوقوف ڇو بڻجي ٿي ويو. ماما ٻڌندو تھ ڇا چوندو.
ڪھڙي منھن سان ھن جي سامھون ٿيندس، نيٺ ھمت ڪري
سيٺ صاحب کي چيم، ”راڌا منھنجي سنڀالڻ کان ٻاھر
آھي، آئون ھن جي حرڪتن تي قابو پائي نٿو سگھان،
منھنجي خيال ۾ ھن جي پاڙھڻ جو اوھين ڪو ٻيو
بندوبست ڪريو تھ چڱو.“
منھنجي ڳالھ ٻڌندي ئي سيٺ صاحب چيو، ”نھ نھ! گورڌن
تو منھنجو مطلب ئي نھ سمجھيو آھي، تو جھڙو شيل ۽
ڀلو ماڻھو ٻيو مون کي ڪٿان لڀندو، آئون رڳو اھو
گھران ٿو تھ ٿورو وڌيڪ سچيت رھھ.“
آئون سيٺ صاحب جي بنگلي مان نڪري پنھنجي بنگلي ۾
وڃڻ جي بدران، گھمڻ جي ارادي سان پري نڪري ويس ۽
سڄي واٽ سوچيندو ۽ ويچار ڪندو رھيس.
سيٺ کي ٻئي ماڻھوءَ جي بندوبست لاءِ تھ چيم، پر
سچ پڇو تھ اندران دل نٿي گھريو، آئون سمجھي ويس تھ
ھي سڀ ڇا ٿي رھيو ھو، ھن جو اڳي آزمودو تھ ڪونھ
ھو، پر ڪتابن ۾ پڙھيو ھوم تھ عشق جي آپدا انسان تي
بنا ٻڌائڻ جي ائين نازل ٿيندي آھي، سچ چيو اٿن تھ
عشق انڌو آھي. پريم جي انڌ ۾ مون راڌا کي ڀاڪر
پاتو. پنھنجي ھنج ۾ ڳراٺڙي پائي چيڀاٽيم ۽ پنھنجو
ڳٽو ھن جي ڳل سان لاتم.
مون کي ڇا ٿيو ھو لوڪ لڄا جو بھ خيال نھ ڪيم، گھٽ
۾ گھٽ مون کي ائين نھ ڪرڻ کپندو ھو، پنھنجي دل ۾
پرن ڪيم تھ گذشتھ راصلوات آئنده لاءِ احتياط. اڳتي
راڌا سان خيال ڪري ھلبو. اھڙو ڪو وجھھ ئي نھ ڏبس،
جو بي راھھ رويءَ کان ڪم وٺي، واتا مان اھڙو شبد
ئي نھ ڪڍبو، جو ھن جي ھمت وڌي. ٻھ چار ڏينھن خير
سان گذريا، ڏٺم تھ راڌا ڏاڍي گنبڀيرتائيءَ سان ھلي
پئي، سمجھيم تھ ھن جي بھ لاک لاٿي وئي ھوندي. آئون
ڏاڍو آنند ۾ ھوس تھ رھجي آئي، باقي راڌا کان دور
گذران ڏکيو پئي لڳم، منھنجي ھيءَ حالت ٻيا سمجھي
نھ سگھندا جتي باھھ ٻري اتي سيڪ ٿو اچي ٻيا ڇا
ڄاڻن.
آئون ھميشھ سانجھي ٿيڻ جي انتظار ۾سڄو ڏينھن جيئن
تيئن ڪاٽيندو ھوس، تھ وڃي راڌا جو سندو مکڙو
پنھنجي نيڻ سان پسان ۽ ھن جي ديدار جي شربت سان
پنھنجي سڄي ڏينھن ترشنا اجھايان، مون جاچيو تھ
راڌا بھ اندر ئي اندر پيئي کامي. مون کي ڊپ ھو تھ
راڌا جي چلولي طبيعت، ڪنھن وقت اٿل نھ کائي ۽
اوچتو ٻرندڙ جبل وانگر ڦاٽي نھ پوي، ھڪڙي ڏينھن
اھو نڀاڳو وقت اچي پھتو، مون کي اڳواٽ سمجھڻ کپندو
ھو تھ درياءَ ڀر تي ڇوڪر ڪڏي، اڄ نھ ٻڏي سڀان
ٻڏي. عشق کٿوري لڪائي بھ لڪندي آھي ڇا؟
ھڪ ڏينھن راڌا پنھنجي ڀيڻ سان وري سئنيما ڏسڻ وئي،
ٻئي ڏينھن جڏھن آئون ھميشھ وانگر ھن کي پاڙھڻ لاءِ
آيس تھ مون کي چارلي چئپلن جي کيل جي تعريف ڪري
ٻڌائڻ لڳي ۽ اٿي ان وانگر ائڪٽنگ ڪرڻ لڳي ۽ کلندي
وري اچي منھنجي ھنج ۾ ڪري، ھن ڀيري منھنجي بدران
ھوءَ مون کي ڀاڪر پائي چنبڙي پئي. آئون ڊپ کان پاڻ
ڇڏائڻ ۾، ھوءَ وڌيڪ مون کي چنبڙڻ ۾. انھيءَ ڇڪتاڻ
۾ سيٺ اچي نڪتو منھنجون تھ وايون بتالي ٿي ويون ٻھ
بھ وييون تھ ڇھھ بھ. سيٺ مون کي ھن کان ڇڪي پري
ڪيو تھ خوني شينھڻ وانگيان ڳچي چوڻ لڳي ”نرٻل
ڪانئر، ڪمينا ڇڏ مون کي.“
انھن ۾ اڃا ڇڪتاڻ ھلي رھي ھئي تھ آئون ماٺ ميٺ ڪري
پنھنجي بنگلي ڏانھن ھليو آيس.
رات ڏاڍي ڏکي ڪاٽيم، ننڊ ئي نھ اچي، طرح طرح جا
وسوسا ۽ خيال دل ۾ پئي آيم تھ ھي ڇا ٿيو، مون ڇا
ڪيو، الائي ڪھڙي جاتيءَ جي نينگري ھئي، دل چيم تھ
عشق نھ ڏسي ذات نھ ڏسي ڪذات. ماما سان حال اوريان،
ھو منھنجي ممد ڪندو! پر ڇا ھو ھڪ ڌارئي قوم جي
ڇوڪريءَ سان وواه ڪرڻ ڏيندو؟ کيس چوندس تھ تھ
انسان خطا جو گھر آھي. عيبن کان آجو تھ ھڪ الله
آھي، مون ڪو ڏوھ نھ ڪيو آھي، رڳ پريم ڪيو اٿم.
ڇا ڪنھن سان پريم ڪرڻ گناھ آھي؟ اھي پھھ پچائيندي
ننڊ کڻي وئي صبح جو ڏاڍي دي سان اٿيس، ماما مون کي
پنھنجي ڪمري ۾ سڏيو، ڊڄندي ڊڄندي ھڪ اپراديءَ
وانگر ھن جي ڪمري ۾ ويس ھن ماٺ ڪري بنا ڳالھائڻ جي
ھڪ کليل خط منھنجي ھٿ ۾ ڏنو خط کولي ڏٺم تھ سيٺ
صاحب جو ھو ۽ ان سان گڏ ھڪ سئو روپين جو چيڪ بھ
ھو، جو منھنجي پورھئي جو ڦل ھو، خط بلڪل مختصر ھو.
تھ، ”اوھان جو ڪو ڏوھ ڪونھي، راڌا کي وڌيڪ پاڙھڻ
جي لاءِ اچڻ جي تڪليف نھ ڪندا.“
مامو مون ڏانھن شڪي نگاھن سان ڏسڻ لڳو، آئون تاب
نھ آڻي سگھيس، منھنجي لاءِ اتي بھيڻ ناممڪن ٿي
پيو. ماما سان ڳالھائي نٿي سگھيس. ھن جي مھربانين
چپن کي تالو ڏيئي ڇڏيو ھو، آئون ماٺ ڪري پنھنجي
ڪمري ۾ موٽي آيس، پنھنجي ڀاڳ تي ويچار ڪرڻ لڳس تھ
لکيو ڀلا ڪيئن ٽري، رڌي پڪي بھ يا نصيب! نيٺ ماتا
جي ياد ستائڻ لڳي. ويچار ڪيم تھ ھلي ھن جي چرنن ۾
پوان، من ھن جي آسيس سان آٿت ملي ۽ وياڪل دل کي
وسرام اچي.
شام جو ماما کي ٻڌائڻ کان سواءِ ڪراچي روانو ٿي
ويو، ڪراچي ۾ ڏينھن ڪيئن گذريا سو منھنجي دل ٿي
ڄاڻي، چوندا آھن تھ پنھنجي ڪئي جو نڪو ويڄ نڪو
طبيب، مون جيڪي ڪيو ھو سو پئي ڀوڳيم، نھ دل اڙايان
ھا، نھ ائين ڀوڳيان ھا.
سيلھن ۾ جي ھٿ وجھندا، سي سور وڏا ئي سھندا. ايسٽر
جي موڪلن تي مامو ھميشھ ٻارن ٻچن سوڌو سنڌ کان
ٻاھر ھليو ويندو ھو ۽ سندس اھا جھوني عادت ھوندي
ھئي، جو مون کي بھ ھميشھ ياد ڪندو ھو تھ ساڻس
ھلان، ڇاڪاڻ تھ مامو جنھن مون کي پالي وڏو ڪيو ھو
مون کي پنھنجي گھر جو ھڪ ڀاتي سمجھندو ھو. ھميشھ
جي دستور موجب خط آيو تھ سڄو گھر ھيل مري جبلن،
روالپنڊي کان ٿيندو ڏھن ڏينھن لاءِ ويندو. ايسٽر
جي موڪل ٿوري ٿيندي آھي، تنھنڪري آئون ھميشھ ھفتو
کن وڌيڪ عارضي موڪل وٺندو ھوس. ڪوئٽيا واري حادثي
کان پوءِ طبيعت تمام ادس رھندي ھئي، ڪم ڪار سجھندو
ئي ڪين ھو، دماغ منجھيل ۽ ھميشھ ککو وکو ٿي ويندو
ھو.
دوستن بھ ھلاک ڪرڻ شروع ڪيو ھو تھ مان ڪھڙي ويڌن
آھي، آئون اھڙي حالت ۾ انھن کي ڇا ٿي ٻڌائي سگھيس،
سواءِ ان جي تھ طبيعت چاق نٿي رھي. ڪن دوستن صلاح
ڏني تھ ھن مند ۾ مري وڃڻ تمام سٺو ٿيندو، ھيل جو
ھو پاڻ بھ وڃي رھيا ھئا، مون خيال ڪيو تھ مامو
ائين وڃي رھيو آھي، سنگت بھ ھتي ملندي تھ دل
وندرائڻ سولي ٿي پوندي. ممڪن آھي تھ راڌا جي ياد
بھ اتي مٽجي وڃي، پر مري پھچندي ئي سانت ملڻ جي
بران اٽلو بيچني وڌي وئي ۽ ھر وقت طبيعت اداس رھڻ
لڳي. شام جو ۽ رات سنسان انڌيري ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ
سڙڪن تي گھمندو ھوس، ۽ پوءِ ماني کائي ٿڪ کان جلدي
ننڊ اچي ويندي ھئي.
ھڪ ڏينھن شام جو ستين بجي نڪتس جھڙ ھو، برسات ڦڙ
ڦڙ پوڻ لڳي، گھڻي ڪانھ ھئي، پر تنھن ھوندي بھ
موٽڻ جو خيال ڪيم تھ وچان رستو ڪپي، جلدي وڃي
پھچان، جيئن ھڪ ننڍو پيچرو لنگھي اڳتي وڌيس تھ
منجھي پيس، ڌڪي تي اڳتي وڌندو ويس ڇاڪاڻ تھ انھيءَ
پاسي ئي وڃڻو ھو، ٻھ چار بنگلا لنگھي تڪڙو تڪڙو
وڃي رھيو ھوس تھ ھڪ بنگلو پري کان نظر آيو، خبر نھ
آھي تھ ھن بنگلي ڏانھن ڇو ڇڪجي وڃي رھيو ھوس. مون
کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ ھن بنگلي سان منھنجو ڪو
روحاني واسطو ھجي، آئون اڳتي وڌندو ويس، سڙڪ جي
ڪناري تي ھڪ بينچ تي ڏٺم تھ راڌا ويٺي آھي، جيئن
ويجھو ٿيندو ويس تيئن اڻ تڻ وڌندي ھئي. بلڪل ويجھو
پھتس ھوءَ ڪنڌ ھيٺ ڪيو ويٺي ھئي. ڪنھن ڳوڙھي خيال
۾. منھنجي وات مان اوچتو سندس نالو راڌو نڪتو.
آواز تي ھن مٿو مٿي ڪيو، ھاڻي پڪ ٿيم تھ راڌا ھئي،
پر سندس شڪل ڏسي مون کي ڏاڍو ڏک ۽ ارمان ٿيو. ھيءَ
اھا راڌا نھ رھي ھئي، ڪاڏي وئي سندس سندرتا ۽ ڪاڏي
چنچلتا. نھ ھو اھو رنگ رعب، نھ ھئي اھا شوخي نھ
اھا رعنائي. ائين پئي معلوم ٿيو ڄڻ ورھين جي بيمار
آھي. مون کي ڏسندي ئي اچرج ۾ پئجي وئي، تھ مون کي
آس ئي ڪانھ ھئي ھئي تھ ڪو اوھان سان ائين ۽ ھتي
گڏجاڻي ٿيندي. اوھان کان وڇڙي پوءِ منھنجي جيڪا
حالت ٿي آھي سا اوھين ڏسي رھيا آھيو. ڪيتري دير
تائين خاموشيءَ سان اسين ھڪ ٻئي سان ڳالھائيندا ۽
حال اوريندا رھياسين. مون سندس سموري آتم ڪھاڻي ۽
وارتا ٻڌي، تھ ڏندن ۾ آڱريون ڏيئي حيرت ۾ پئجي ويس
تھ ھي دنيا عجيب دنيا آھي. سنسار مھاڄار آھي،
ڪوئٽيا وارو سيٺ مون کي اڄ خبر پئي تھ ٻڳھھ ڀڳت
آھي. ڏسڻ جو ٽوھي يعني ٻاھران سھڻو اندر جو بد
اخلاق. ڪمينو، ۽ دنيا ۾ ڪنھن کي سمجھڻ ڏاڍو ڏکيو
آھي. مون کي ڪوئٽيا ۾ ئي شڪ پيو ھو تھ ڪجھھ دال ۾
ڪالا آھي. ڪھڙي خبر ھئي، تھ ماءُ موري، پي بصر،
ڌيءَ گل زعفران ھوندو. راڌا جي واتان خبر پيم تھ
ھوءَ زال، سيٺ جي گھرواري نھ ھئي، پر ھڪ ڪٽڻي ھئي
جا اٻوجھھ راڌا کي برغلائي سيٺ وٽ وٺي آئي، تاڪھ
ھو سيٺ جي حوس جو شڪار ٿيندي رھي. راڌا ھڪ ڇوري
ڇني ھئي، جا پنھنجي ماسيءَ وٽ رھندي ھئي، ھن کي
پڙھڻ جو شوق ھو پر گھر جي سموري ھاج ڪندي بھ ھن کي
ڏاڍي مارڪٽ ڪندا ھئا، تنھنڪري گھران ڪڪ ٿي وئي ھئي
۽ ھڪ ڌوتيءَ جي چڙھي وئي، جنھن کيس سبزباغ ڏيکاريو
تھ توکي ڪراچي ۾ نرس جو ڪم سيکاربو، جتي توکي کاڌو
خوراڪ بھ مفت جي ملندي ۽ ڏوڪڙ بھ ملندا. ڇوڪري اڳي
ئي گھر جي مارڪٽ ڪا ڪڪ، سو اٿي ڀڳي.
ٿورا ڏينھن ھن ڌوتيءَ پنھنجي ڀيڻ سڏائي ھڪ
ڊاڪٽرياڻي وٽ نوڪر رکايس، پوءِ ھن مارواڙي سيٺ سان
سٽ سٽي ھن کي ڪوئٽيا وٺي آيا. ڌڻ لوڀڻ ڌوتيءَ اھڙي
طرح غريب اٻوجھھ راڌا کي چند سڪن عيوض، شاھوڪار
مارواڙي جي عيش پرستي ۽ ناڪام حوس جي آڳ ۾ سڙڻ جي
لاءِ ڦاسائي ڇڏيو، پر اوچتو منھنجو ڪوئٽيا ۾ ھجڻ
راڌا ڏسي ورتو ۽ ھن سيٺ تي انگريزي سکڻ لاءِ زور
رکيو. سيٺ مجبور ٿي راڌا کي خوش رکڻ لاءِ ماما سان
ڳالھھ ڪري ويٺو ۽ ڏٺائين تھ آئون ھڪ شريف ماڻھو
ھوس، تنھنڪري مون کي ماستر مقرر ڪري ورتائين. ھن
کي ڪھڙي خبر تھ ڪام ويو جو لام، اسان ٻنھي کي ڦٽي
وجھندو، وارتا گھڻي ڊگھي آھي، پنھنجي من ڪلپنا جو
ڪھڙو اظھار ڪريان، راڌا پنھنجون جيون نرڳ ۾ گذاري
رھي ھئي، ڪٿي راڌا جي اوستا ۽ ڪٿي سيٺ، جو ھن جي
پيءُ جي برابر ھو.
ھن جي درد ڀريل آتم ڪھاڻي ٻڌي مون کي ڏڪڻي وٺي تھ
ھاءِ ڀڳوان! سنسار ۾ اھڙا ڪلور بھ ٿين ۽ سيٺ جھڙا
ڪٺور دل بھ رھن ٿا.
راڌا روئي مون کي وينتي ڪئي تھ ڀڳوان جي واسطي مون
کي ھن نرڳ جي جيون مان ڪڍي ڪنھن آشرم ۾ وٺي وڃو،
تاڪھ آئون سک سانت سان پنھنجو جيون اتي پورو
ڪريان. آئون سمجھان ٿي تھ آئون ھاڻي اوھان جي لائق
نھ آھيان. مون پنھنجي ڪروڌ ۽ ڏک ڪي روڪي ھن جي دک
دائڪ وارتا، پڇاڙي تائين ٻڌي، پر نيٺ آئون بھ تھ
انسان ھوس پنھنجي ڪاوڙ روڪي نھ سگھيس ۽ راڌا کي
چوڻ لڳس، ”ٻي ڳالھھ اڃا پوءِ پر پھريائين پوليس ۾
وڃي چتاءُ ٿو ڪريان ۽ ڪميني سيٺ کي ھن جي ذليل
حرڪتن جو مزو ٿو چکايان.“
راڌا ھٿ جوڙي وينتي ڪري چوڻ لڳي، ”گورڌن ٿورو
ويچاريو تھ سھي تھ ڇا ڪري رھيا آھيو؟ سمجھو تھ
پوليس سيٺ ۽ ڌوتيءَ کي قابو ڪري، پر مون کي وري بھ
ماسيءَ ڏانھن اماڻيندا ۽ اتي مون سان ڪھڙي ويڌن
ٿيندي، سو ڀڳوان ٿو ڄاڻي، سيٺ پئسي وارو آھي.
پوليس کي روشت ڏيئي پاڻ ڇڏائي وٺندو پوءِ الائي
مون سان ڇا ڪري، آئون وري ساڳي اوڙاھھ ۾ نھ ھجان،
تنھنڪري آئون نھ ڪنھن کي مصيبت ۾ وجھڻ ٿي گھران،
نھ پاڻ ئي ڪنھن آپدا ۾ پوڻ ٿي گھران. مون کي ھتان
ماٺ ميٺ ڪري ڪنھن آشرم ۾ ھليو وڃڻ ٿو جڳائي. اھو
مون اڪيلي کان نھ ٿيندو تنھنڪري تنھنجي مدد ٿي
گھران.“
مون ڏٺو تھ راڌا سچ چئي رھي ھئي، سيٺ سان وير پارڻ
عقلمندي نھ ھئي، مون راڌا کي چيو تھ ٻن ڏينھن جي
اندر سمورو بندوبست ڪري ھن کي خبر ڏيندس، ھو
منھنجي ھتي ئي واٽ ڏسي.
موٽندي رستو ڀلجي ويو ھوس، وري پٺتي موٽڻو پيو.
راه راست برو اگرچھ دور است
سڄي واٽ پھھ پچائيندو رھيس، تھ ھي معاملو ڏاڍو
ڏنگو آھي، آئون ھڪ غريب ماڻھو، مون کي سيٺ جھڙي
شاھوڪار سان ٽڪر وٺڻ نٿو جڳائي. ماما وڪيل آھي، ھن
سان سموري ڳالھھ ڪريان، ھو ضرور نياءُ کان ڪم
وٺندو. ۽ منھنجي ھمراھي ڪندو، وري سوچڻ لڳس تھ
جيڪڏھن راڌا کي ھتان ڀڄائي ھلان ۽ واٽ تي سنگتي،
جي ھتي آيل آھن، گڏجي ويا تھ پوءِ ڇا ٿيندو. ڏاڍي
خواري ٿيندي، سمجھو تھ ھن کي ھتان ڪڍان تھ ڪٿي وٺي
وڃان؟
آريھ سماج ۾! جيڪڏھن ھو وٺڻ کان انڪار ڪن تھ پوءِ
ڪٿي وٺي وڃان؟
ڇا گھر وارا ھن کي پناھھ ڏيڻ لاءِ تيار رھندا؟
آئون نٿو ڀانيان تھ مام گھڙڻ ئي ڏيندو. جيڪڏھن سيٺ
ويندو ڏسي وٺي ۽ خود پوليس ۾ رپورٽ ڪري، تھ ڇوڪري
ڀڄائڻ جي جرم ۾ ڦاسي پوندس. جيتوڻيڪ راڌا سامايل
آھي، پر تنھن ھوندي بھ بدنامي ٿيندي.
آئون تعليم يافتھ چڱي آڪھھ جو فرد، ڪاليج ۾ خبر
پئي تھ بدچال ھجڻ جي تھمت ۾ نوڪري کان ئي جواب ملي
ويندو، پوءِ تھ آئندو مٽي ۾ ملي ويندو، منھنجي
زندگي ئي برباد ٿي ويندي.
اوچتو منھنجي وويڪ مون کي ملامت ڪئي تھ ڪانئر
گيدي، ڪنھن اٻوجھھ نينگريءَ جي دل وٺي اھي پار
پريمي ٿي اھڙي منورتي، حيف آھي توتي. ھڪ ڀلي ڪم
ڪرڻ تي دنيا جي مھڻن ڀر ڊڄين ٿو، اھا دنيا جا مھا
ڄار آھي، جتي سيٺ جھڙا بگھڙ راڌا جھڙي رڍ کي ھڙپ
ڪرڻ گھرن ۽ تون پريمي ٿي آڱر بھ نھ چوري سگھين.
ھتي آئون اگھور غفلت کان سجاڳ ٿيس ۽ من ئي من ۾
پرن ڪيم، تھ ٻن ڏينھن کان پوءِ موٽر وٺي راڌا کي
راولپنڊي وٺي ويندس، جتان ريل جي رستي لاھو پھچي
آريھ سماج آشرم ويندس، ڇا بھ ٿي پوي.
ائين چئي مٿو جو مٿي ڪيم تھ ڏٺم جتي لٿل ھوس اھا
جڳھھ اچي وئي آھي، اندر وڃڻ تي ڏٺم تھ ماما ٽپڙ
ٻڌائي رھيو آھي مون کي ايندو ڏسي چوڻ لڳو، ”گورڌن
ڪٿي ھليو ويو ھئين؟ ڏاڍي دير لڳائي اٿئي.“
ائين چوندي منھنجي ھٿ ۾ تار ڏنائين، جنھن ۾ لکيل
ھو تھ، گورڌن جي ماءُ جي حالت دل جي بيماري ڪري
تمام نازڪ آھي موٽر اچي وئي ۽ اسين سڀئي راولپنڊي
ڏانھن روانا ٿي وياسين، منھنجي اکين مان ٻھ لڙڪ
وھي منھنجن ڳلن تي پيا ۽ منھنجي دل مان دردناڪ
آواز نڪتو: ”بدنصيب راڌا.“
جنھن ڏينھن صبح جو ڪراچي پھتاسين انھيءَ ڏينھن ٻھ
ڪلاڪ اڳي ماتا جو مرتيو ٿي چڪو ھو، ويچار سرڳ
ڏانھن رواني ٿي چڪي ھئي.
ڏينھن ڳالھين ڪندي ويا لنگھندي پر بدنصيب راڌا جي
ياد دل مان نھ وڃڻي ھئي سا نھ وئي، ماما ڪيترا
ڀيرا شاديءَ لاءِ چيو، پر مون ڪنھن نھ ڪنھن بھاني
سان ٽاري ڇڏيو. مون کي خبر ئي نٿي پئي تھ ڇا
ٿيندو، تان جو ٽي سال انھيءَ واقعي کي گذري ويا،
ھيل ايسٽر جي موڪلن ۾ مون ماما کي لکيو تھ لاھور
ھلنداسون جو انھن ڏينھن ۾ ھڪ پروفيسر دوست جي شادي
اتي ٿيڻي ھئي ۽ ھن سڀني کي دعوت ڏني ھئي. شادي
ڏاڍي سٺي ھئي، مانيءَ کان پوءِ گاني جو پروگرام ھو
جو مايا ديوي لاھور واريءَ جو راڳ ڏاڍو مشھور ھو،
ھڪ ھال ۾ بفي ڊنر ھو ۽ ٻئي ھال ۾ راڳ رکيل ھو.
شاديءَ جي رسم پوري ٿيڻ کان پوءِ آئون ۽ ماما گڏ
ٿڌي سڙڪ گھمڻ ھليا ويا ھئاسون، جتان ٿورو دير سان
موٽياسون، تنھنڪري ماني کائڻ ۾ ٿوري دير ٿي وئي،
اسان اڃا ماني کائي رھيا ھئاسين تھ راڳ شروع ٿي
ويو ھو ماني کائيندي مون ويٺي راڳ ٻڌو جو ٻئي ھال
۾ ٿي رھيو ھو، نھايت سريلو گلو ھو ۽ گلي ۾ لوچ ھئي
۽ آواز ۾ ڪشش ھئي مون کي ائين معلوم ٿيو ڄڻ ھي
آواز مون ڪٿي ٻڌو آھي.
ماني کائي راڳ واري ھال ڏانھن وياسين ۽ پري ويھڻ
جي ڪوشش پئي ڪئي سين تھ سڏ ٿيو تھ اڳيان اچي ويھو.
ماڻھن سان رامست خير سلامت ڪندا وڃي ھڪ ڪوچ تي
ويٺاسين، منھنجو ڌيان اڃا راڳيندڙ ڏانھن نھ ويو ھو
تھ اوچتو ھڪ غزل جو پڙلاءُ منھنجي ڪنن تي پيو، غزل
اھو ساڳيو ھو جو مون مارواڙي سيٺ جي بنگلي ۾ ٻڌو
ھو، نظر کڻي ڳائڻ واريءَ ڏانھن نھاريم تھ بدنصيب
راڌا ڳائي رھي ھئي، منھنجي وات مان اوچتو......
راڌا..... نڪتو، ڏٺم تھ ٻھ لڙڪ اکين مان وھي
بدنصيب راڌا جي ڳلن تي اچي ڪريا.... منھنجو مٿو
ڦرڻ لڳو. مون کي ياد آھي تھ منھنجي وات مان زور
سان وري راڌا جو لفظ نڪتو ۽ آئون بيھوش ٿي ڪري
پيس. مون کي ياد آھي تھ جڏھن مون اکيون پٽيون تھ
منھنجو مٿو راڌا جي سٿر تي ھو ۽ ھوءَ روئي رھي
ھئي. منھنجو مٿو ڦرڻ لڳو. مون اکيون بند ڪري ڇڏيو،
پوءِ مون کي خبر نھ آھي تھ ڇا ٿيو. جڏھن ھوش آيو
تھ پاڻ کي ھڪ اسپتال ۾ ڏٺم. ڊاڪٽر صاحب اوھين
پريالو آھيو، ڇڏيو تھ انھيءَ حالت ۾ ھجان جتي نھ
پنھنجي خبر نھ پرائي سڌ ھجي...
|